دولهه درياخان ۽ همون راٺوڙ
[هيءُ قصو سنڌ جي لاڙ ۽ ٿرپارڪر وارن حصن ۾ وڌيڪ رائج آهي. هن
قصي جون جملي ٽي روايتون مليون، جن جي سٽاء مان
معلوم ٿو ٿئي ته بنيادي قصو غالباً ساڳيو هو، جنهن
۾ رفته رفته مڪاني طور تبديليون آيون. پهرين روايت
زياده تفصيلي ۽ گهڻين ’ڳاهن‘ ۽ ’بندن‘ سان آهي،
مگر اڻپوري آهي، ۽ دولهه دريا خان جي قنڌار ڏانهن
روانگي واري ٽاڻيٖ تي ختم ٿئي ٿي. اسان جي راوي کي
وڌيڪ ڳالهه ياد ڪانه هئي ۽ فقط ايستائين لکائي
سگهيو. ٻي روايت به قدري تفصيلي آهي، ۽ ان جون ڪي
ڳاهون ساڳيون پهرين روايت واريون آهن. واقعن ۾ پڻ
جزوي اختلاف آهن. ٽئين روايت ڳاهن بنان آهي، پر
ٽاڻن، اهڃاڻن ۽ ڪن واقعن جي لحاظ کان، ڄام نندي جي
پُٽيلي دريا خان جي تاريخي سوانح عمريءَ سان ڪافي
ٺهڪي اچي ٿي. هيٺ اهي ٽيئي روايتون شامل ڪجن
ٿيون-مرتب.]
--��--
روايت [1]*
ننگر شهر ۾ ’ڄام نندو‘ نالي بادشاهه هو. سندس راڻيءَ جو نالو
’مُرکي‘ هو. هن کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. پيرن
فقيرن کي گهڻائي سوال ڪيائين. آخرڪار هڪڙي فقير
چيس ته: بادشاهه! ڪنهن برپٽ ۾ هڪڙو کوهه کڻائي،
اُن جي ڀرسان حوض ٺهرائي، تنهن ۾ کير ۽ مصريءَ جو
پاڻي وجهي ڇڏ ته پکي پکڻ پييٖ، ته پوءِ من الله
سائين توکي اولاد ڏئي. بادشاهه هن فقير جي چوڻ
موجب ڪيو. هڪڙي ڏينهن ڄام نندو پنهنجي وزير ’سائل‘
سومري سميت شڪار تي چڙهيو. هلندي هلندي وڃي انهيءَ
رڻ ۾ پهتا، جتي ڄام نندي کوهه کڻايو هو. سائل چيو
ته: بادشاهه سلامت! کوهه کي اچي ويجها ٿيا آهيون،
هلو ته هلي کوهه جو پاڻي ڏسون ته پکين پيتو آهي يا
نه. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي انهيءَ طرف هليا. ڏٺائون ته
حوض جو پاڻي پکي پين ئي ڪين ٿا. بادشاهه کي ڳڻتي
وٺي وئي. وزير دلداري ڏنيس. اتي ٻپهر به اچي ٿيا،
سو آرام ڪرڻ لاءِ هڪڙي وڻ هيٺ سمهي رهيا.
چڙهيو شوق شڪار تي ڄام نندو بادشاهه،
وڃي لٿو رڻ منهن ۾، جتي انّ نڪو ٻيو گاهه،
اتي مانجها ندي جي ماڳ ستو، مٿان پکين ڪيو
ڳالهاءُ،
جهرڪ چئي ٿو جهرڪيءَ کي، ته پيون پاڻي ان تلاءَ،
جهرڪيءَ چيو جهرڪ کي، ڪيئن پاڻي پيون اِن تلاءَ،
نڪو مُرکيءَ پيٽان لکيو، نڪو ڄام وياءُ،
تن کي الله ڏيندو ٻالڪو، گهمندي جهنگ منجهاءُ.
وڻ تي ان وقت جهرڪ ۽ جهرڪي ويٺا هئا. جهرڪ، جهرڪيءَ کي چيو ته:
انهيءَ تلاءَ مان پاڻي پيون، جھرڪيءَ چيس ته: ڪيئن
انهي تلاءَ مان پاڻي پيئون، جو ڄام نندي کي اولاد
لکيل ئي ڪونهي. باقي کيس پٽ جهنگ مان گهمندي هٿ
ايندو.
سسئي ڳالهه پکين جي، وري آيا وٿاڻ،
شل خاوند کالي نه ڪري، ڀاڳن سندس ڀاڻ.
بادشاهه ۽ وزير جي ڳالهه ٻڌي موٽي آيا. انهيءَ ڳالهه کي
گهڻا ڏينهن گذري ويا. هڪڙي ڏينهن وري به بادشاهه ۽
وزير سائل سومرو شڪار تي چڙهيا. هلندي هلندي جهنگ
۾ هڪڙي هنڌ ڪو گابار ڇوڪرو ڏٺائون، جو وڻ هيٺ ستو
پيو هو. مٿان اچي ٽپهري ٿي هئي. پاڇا لڙي ويا.
تڏهن بادشاهه هڪل ڪيس ته، ڇوڪرا! دير ٿي ٿيئي،
اُٿي کڙو ٿيءُ.
چڙهيو شوق شڪار تي، ڪري سپاهي ساڻ،
اچي ڏـٺائين اوچتو، هڪڙو گابر گابن سان،
چيائين: اٿي ڇوڪر ڇوهه مان، توکي ٽپهري لڙي.
بادشاهه ڏٺو ته سج لڙي وڃڻ ڪري، ٻين وڻن جي ڇانٌو لڙي ويئي آهي؛
مگر جنهن وڻ هيٺ ڇوڪرو ستو پيو آهي ۽ گابا ويٺا
آهن، تنهن وڻ جي ڇانٌو ڇوڪري ۽ گابن جي مٿان بيٺي
آهي. بادشاهه حيران ٿي ويو ته اهو اسرار ڪهڙو!
ڪرامت گابن ۾ آهي يا ڇوڪري ۾؟ سو نوڪر کي چيائين
ته: هڪڙو هڪڙو گابو ڪري اُٿار. ڇو ته جنهن ۾ ڪَلا
هوندي، ڇانٌو ان جي پٺيان لڳندي. نوڪر هڪڙو هڪڙو
گابو ڪري اٿاريو ته ڇانو اتي ئي بيٺي رهي. آخر
ڇوڪري کي اٿاريائون، ته جنهن طرف هو هليو، ڇانو به
ان طرف هلڻ لڳي. اتي بادشاهه دانهن ڪئي ته ڪَلا
ڇوڪري ۾ آهي. اهو پڙلاءُ ڇوڪري جي به ڪن تي پيو،
تنهن بادشاهه کي جواب ڏنو ته:
جهجهي ڪَلا گابن ۾، جهجهي گاب ڌڻين،
ستا جاڳائين ننڊ مان، تنهنجو ڪهڙو ڪاڄ سِڌو؟
اتي بادشاهه ڏٺو ته ان جُوءِ ۾ گاهه گهڻو آهي، پر گابا ڏٻرا
آهن، سو حيرانيءَ وچان ڇوڪري کي چيائين ته:
گابر! گابا ڏٻرا، تنهنجا هيڏي سائي گاهه،
ڪي چوڙيلن چوئيا، ڪي مري وئي اٿن ماءُ؟
ڇوڪري جواب ڏنو ته:
نڪي چوڙيلن چوئيا، نڪي مئي اٿن ماءُ،
سي ڪيئن مچندا مچ کي، جن کي ڄام نندي جو ڊاءُ!
بادشاهه ڇوڪري جي هوشياري ڏسي، کانئس پڇيو ته: تون ڪير آهين ۽
ڪٿي رهين ٿو؟ ڇوڪري جواب ڏنو ته:
پُٽ شاهه ڪبير جو، پوٽو شاهه جلالي،
ماءُ پيءُ مونکي ڇڏيو، دانہ درگاهي،
ماءُ پيءُ مري ويا، مون سان وڙهي رضا رحماني،
گابا چاريان ’ٻالي راٺوڙ‘ جا، ملي محنت ۽ ماني.
بادشاهه وري پڇيس ته:
سچ ڳالهاءِ سچلا، ڇا ڏينئي ماهيڙ مير؟
ڇوڪري جواب ڏنو:
کٿا اوڍائي خوشيءَ مان، ٻيو پُوڄ پياري کير.
بادشاهه کي ڇوڪرو ڏاڍو وڻي ويو. خيال ڪيائين ته ڇو نه هن کي پاڻ
سان گڏ وٺي هلان! هڪڙو ته ڪَلا وارو، ٻيو سلڇڻو؛ ۽
وري سٺي خاندان مان، سو ضرور وفادار رهندو. تڏهن
چيائينس ته:
کٿا مٿاهين گهوريان، کٿا اوڍين ڄٽ،
توکي جورا ڏيان جامن سان، کڙيءَ هنڍائين پٽ،
ويٺو حڪم هلائجان، چڙهي ڳاڙهيءَ کٽ.
ڇوڪري جواب ڏنس ته: آءٌ ڌڻين جي موڪل کان سواءِ ڪونه هلندس، ڇو
ته پوءِ ماڻهو مونکي نمڪحرام چئي، مهڻا ڏيندا:
آءٌ جني جو آهيان، تون وڃ تني تائين،
سڀاڻي ماڻهو ڏيندا مهڻا، ته ڪو ڪميڻو آهين!
ائين چئي هو گابا ڪاهي هليو ويو.
بادشاهه يڪدم شڪار بند ڪرائي، نوڪرن ۽ وزيرن سميت راٺوڙن ۾ آيو،
۽ ٻالي راٺوڙ کي چيائين ته: مونکي ڇوڪري جي ٻانهن
ڏيو. تنهن تي ٻالي راٺوڙ جواب ڏنو ته:
اُٺيون ميهون مال گهڻو، توکي کوڙ خزانا ڏيون،
باقي گابر آهي گابن سان، سو مور نه ڏينداسون.
تڏهن بادشاهه چيو ته:
اُٺيون مينهون مال گهڻو، تهڙا گهوڙا منهنجي در،
پهرين ٻانهن ڏيو ڇوڪر جي، پوءِ ويندس پنهنجي گهر.
ٻالي راٺوڙ، بادشاهه جو ڇوڪري تي راض ڏسي، خيال ڪيو ته بادشاهه
هن جي ٻانهن وٺڻ کان سواءِ ڪونه موٽندو. هونئن به
بادشاهه آهي، سو زوريءَ ڇوڪرو وٺي سگهي ٿو، سو ڇو
نه مٿس ٿورو ڪريان، تڏهن:
ٻانهن وٺي ٻالي ڏني، ڇوڪر جي ڇوهه منجهاءُ،
چئي: ڇوڪر ڇٽيهه لکڻو، تنهن جي ڪارون ڪي ڪجاءُ.
ٻالي راٺوڙ، ڇوڪري جي ٻانهن بادشاهه کي ڏيئي، کيس تمام گهڻي
پارت ڪئي. پوءِ بادشاهه ڇوڪري کي وٺي گهر آيو، ۽
جيئن مائٽ پنهنجي ٻار جو عقيقو ڪندا آهن، اهڙيءَ
طرح هن جو پڻ ڪيائين.
سؤ ڪُٺائين ڦنڊرون، انّ اسي خراران،
نانءُ رکيائين پُٽ جو، دولهه دريا خان،
ڪئين سما، ڪئين سومرا، سوين گڏ ٿيا ڀان،
پئي پنڌرهن هزار پڳ، مليو مڙني مان.
ڄام نندي جو ڇوڪري سان ايترو قرب ٿي ويو، جو هر وقت ساڻس گڏ
هوندو هو. دولهه درياخان به سلڇڻائي جي ڪري سڀني
کي پيو وڻندو هو. پر راڻي مُرکي، درياخان تي خار
پئي کائيندي هئي، ڇاڪاڻ ته درياخان، ٻالي راٺوڙ جي
ڌيءَ همون کي پيو ساريندو هو، جنهن جي سڱ جي گُهر
مرکيءَ جي ڀاءُ ڪاهُو ڏنٌوَر پنهنجي پٽ سلطان لاءِ
پئي ڪئي. راڻي مُرکيءَ جڏهن ڏٺو ته بادشاهه، دولهه
درياخان جي اچڻ کان پوءِ کيس وساري ڇڏيو آهي، تنهن
تي ويتر وڏا خار لڳس. آخر هڪڙي ڏينهن وزير سائل
سومري کي سڏائي چيائين ته: جنهن ڏينهن کان
بادشاهه، پُٽ پيڙهيءَ چاڙهيو آهي، تڏهن کان محلات
مان منهن مَٽي ويو آهي. تنهنڪري اهڙي ڪا اٽڪل ڪر،
جيئن دولهه درياخان هتان ٽري. سائل وزير يڪدم
هائوڪار ڪري دولهه درياخان وٽ آيو، ۽ کيس چيائين
ته: بادشاهه شڪار ڪندا آهن، تون ڇو نٿو شڪار تي
هلين؟ اهو ٻڌي هو شڪار تي روانو ٿيو. سائل وزير
پاڻ سان گڏ نوڪر چاڪر کنيا ۽ کين سيکاري ڇڏيائين،
جنهن تي دولهه درياخان کي ڏٻرو گهوڙو ڏنائون، ۽
پاڻ ڀلن گهوڙن تي چڙهي روانا ٿيا.
جهنگ ۾ هڪڙي هنڌ نر مادي روجهه ويٺا هئا. ماديءَ خواب لڌو، جو
پنهنجي مڙس کي ٻڌايائين:
ٻاهر نڪريو ٻه-ٿڻي، بيٺي ٻَٺر ڌارائي،
چئي: موت ڏٺو اٿم ننڊ ۾، مون کي وَر وِهڃائيٖ ڏي.
مڙس چيس ته: اڄ خير ڪونهي. لاشڪ موت مٿي تي اچي ويو. سو ٻچن
سميت هڪڙي گهاٽي جهڳٽي ۾ لڪي ويهي رهيا، جيئن ڪنهن
شڪاريءَ جي نظر نه پوي. دولهه درياخان جا نوڪر به
جهنگ مان جانور تڙيندا آيا، تان جو اچي انهن روجهن
مٿان بيٺا. قضا سر تي بيٺل ڏسي، روجهه ۽ ٻچا هڪڙي
پاسي ڀڳا، ۽ روجهڻ ٻئي پاسي رخ رکيو. اتي سائل
وزير هڪل ڪئي ته روجهڻ کي دولهه درياخان ماري.
چڙهيو شوق شڪار تي، دولهه درياخان،
ٺوڙهن ٺوڙهي ڪڍڙي، اچي ڪڇئون ڏيئي ڪانَ،
ڀڳي وڃي روجهڙي، ڪاهج دولهه درياخان.
دولهه درياخان به گهوڙو کڻي روجهه جي پٺيان ڇڏيو. هو ٿيو روانو
روجهه پٺيان، ۽ لشڪر موٽيو پوئتي. ڀڄندي ڀڄندي
ڪجهه وقت کان پوءِ روجهه خيال ڪيو ته پوئتي ڏسان
ته منهنجي پٺيان ڪيترا ماڻهو آهن. جان کڻي نهاري
ته پٺيان فقط هڪڙو ڇوڪرو ڪاهيندو اچي. تڏهن
چيائينس ته:
گهوڙي وارا گهوٽيا، پير پرانهون ڦير،
آهين اُڃ جو ڪاهلو، آءٌ وينديس جيسر مير.
تڏهن درياخان جواب ڏنس ته:
چڙهيو هوس ننگر مان، آءٌ اها نيت ڪري،
تو توکي مور نه ڇڏيان، جي وڃين جيسرميرانٌ پري.
اتي روجهه چوڻ لڳي:
جاڏي روجهه ڪاهيو، اوڏي اُڃ ٻي ڀَئِي،
دولهه درياخان تي، وسي مينهن رئِي.
روجهه تمام تکي پئي وئي، تنهنڪري دولهه درياخان هن کي پهچي نٿي
سگهيو. گهوڙي کي ڏاڍو هڪليائين، پر هو پنهنجيءَ
ٽور کان هڪ وک به وڌيڪ نٿي هليو. تڏهن گهوڙي کي
چيائين: گهوڙا! وڌندو هل جو هتي رڻ آهي، مونکي رڻ
۾ ته ڪين رلائيندين؟
ٻولاها، پُٽ ٻولاهيءَ جا، تون گهوڙو ناهين ٻيو،
ڀڳي وڃي روجهڙي، ڪهڙو پَٽ ڏيو؟
تڏهن گهوڙي جواب ڏنس ته: منهنجي ڪڏهن خبر لڌئي ته مون کي ڇا ٿا
کارائين! جن گهوڙن کي مصرين جا پاڻي پياريوَ، اهي
ئي روجهه کي رسندا، باقي مون کي سڪو گاهه به نصيب
ڪونه ٿئي، سو ڪيئن روجهه کي رسي سگهندس؟ تنهن
هوندي به حال سارو گهڻئي وس ڪيو اٿم.
ٻولاهو پٽ ٻولاهي جو، گهوڙو ناهيان ٻيو،
نڪو مون جالڻ جاسڪو، نه مون کير پيتو،
سُڪا ڪتر کِههَ جا، مون تنهن تي قوت ڪيو،
تنهن مقابل بادشاهه، مون آهي وس ڪيو.
تڏهن دولهه درياخان چيس ته: اي گهوڙا، هتي پاڻ ٻئي رڻ واهي
آهيون. جي همت ڪندين ته هن جهنگ مان نڪري هلي ڪنهن
وَسئن ڀيڙا ٿينداسين، نه ته اتي ئي اُڃ بک ۾ مري
وينداسين. هاڻي آءٌ توسان انجام ٿو ڪريان ته توکي
به اُتي هلي مصرين جا پاڻي ۽ کير پياريندس. هاڻي
تکو هل ته روجهه کي رسون.
کنڌئين ٻڌو هلي کير پيئج، گهوڙا ڌاڃ مَ ڌاءِ،
ڀڳي وڃي روجهڙي، ڏس ڪهڙي پٽ منجهاءِ؟
گهوڙو اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ دولهه درياخان کي چيائين ته:
هاڻي واڳون قابو جهلي پنهنجو پاڻ سنڀالج:
واڳون ڇوڙي ڇڏ ڇوڪرا، پاڻ پنهنجو سنڀار،
ڪن ڪويو پوئتي ڪري، ۽ ڌڙ سِسيءَ کان ڌار.
پوءِ گهوڙو اهڙو ته تيز ڀڳو جو دولهه درياخان کي خبرئي ڪانه پئي
ته ڪهڙي طرف ٿو هلي. گهوڙي جي تکي هلڻ ڪري مٿو ڦرڻ
لڳس، تڏهن گهوڙي کي روڪي، هڪ وڻ سان ٻڌي، مٿي تي
هٿ ڏيئي ويچار ۾ ويهي رهيو ته الائجي ڪٿي اچي پهتو
آهيان. اڃ ۽ بک به ڏاڍو هلاڪ ڪيو هئس. آخر خدا
تعاليٰ کي سوال ڪيائين ته: ياربّ! ڪو ماڻهو ملاءِ
جو مون کي دڳ لائي، ڇاڪاڻ جو مون کي طرف جي خبرئي
نٿي پوي. ٿوري وقت کان پوءِ ڇا ڏسي ته هڪڙو گهوڙي
سوار پيو اچي. ان کي هڪل ڪيائين ته:
گهوڙي وارا گهوٽيا، ڏي پاڻيءَ جو ڏس،
ڪاڏي ڪعبو قبلو، ڪاڏي ننگر چڙهندو گس؟
گهوڙي واري هن کي ڪابه ورندي نه ڏني، ڀانيائين ته شايد ٻوڙو
آهي. سو وري وڏي واڪي چيائين:
گهوڙي وارا گهوٽيا، ڏي پاڻيءَ جا پار،
ڪاڏي ڪعبو قبلو، آنءُ اُڃ مران ٿو يار.
تڏهن گهوڙي سوار وٽس آيو، ۽ چيائينس ته تو مون کي يار ڪري سڏيو
آهي، تڏهن ڏس ٿو ڏيانءِ ته:
هو اٿئي وڻ تلاءَ جا، جتي راٺوڙيون وهنجن،
جن کي راوَ رسوڙا پَٽ جا، سي ڌائيءَ راند رهن،
هل ڏيکاريانءِ بادشاهه! مون کي ماريو آهي جن.
دولهه درياخان هن جو هيڻو حال ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. ويتر جڏهن
ٻڌائين ته هن کي راٺوڙين ماريو آهي، سو عجب مان
چيائين ته:
ڪڏهن سُئي لسين ڪانڪا، ته جويون هٿيار هڻن،
سچ ڳالهاءِ سچلا، توکي ماريو آهي ڪن؟
تڏهن گهوڙي سوار ٿڌو ساهه کڻي جواب ڏنو ته: يار ! مون کي ڌڪ ڪين
هنيا اٿن، پر راٺوڙيون اهڙيون سهڻيون آهن، جو جنهن
ڏانهن اک کڻي نهارين، تنهن کي گهورن سان گهايو
ڇڏين. انهن جي عشق جو ماريل آهيان.
اکيون پسي آئيو، دوستاڻو ديرو،
ڦڦڙ ماڳ ڦلاريا، جيئن پئي ڦلن ۾ ڦيرو،
بُڪين بادل لائيا، جيئن جاءِ ٽلي جيرو.
تنهن تي دولهه درياخان چيس ته: ادا ! توکي موڪل آهي، هاڻي تون
ڀلي وڃ؛ ۽ پاڻ ان تلاءَ ڏانهن گهوڙو هڪليائين.
اهو تلاءُ ٻالي راٺوڙ جي ڌيءُ همون راٺوڙ جو هو، جنهن ۾ هوءَ
پنهنجي سٺ سهيلين سان گڏ اچي وهنجندي هئي. انهن ۾
هڪڙي وڏي هئي، تنهن دولهه درياخان کي ايندو ڏسي
همونءَ کي چيو ته: جيڪو تنهنجي صورت تي عاشق آهي،
۽ روزانو هڪ دفعو ايندو آهي، سو اڄ ٻه دفعا پيو
اچي. اتي همونءَ نهاري چيو: هيءُ اهو ناهي، مگر هي
بابي وٽ گابن ۾ هو، پر هيءُ جو اچي ٿو، سو خالي نه
ويندو ۽ خبر نه آهي ته ڪهڙي نيندو! تڏهن سهيلي چيس
ته: آءٌ کيس اهڙي ڳالهه ٿي چوان جو هيڏانهن
ايندوئي ڪين، ۽ پوئتي موٽي ويندو. سو پريان ئي
دولهه درياخان کي هڪل ڪيائين ته:
گهوڙي وارا گهوٽيا، تنهنجو اُڀرندي گهيڙاءُ،
جت ٿڌو پاڻي تلاءَ جو، ٻيو گوڏي جيڏو گاهه.
دولهه درياخان جڏهن ٻالي راٺوڙ وٽ گابا چاريندو هو،
تڏهن ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن همونءَ کي ڏسي وٺندو هو.
همونءَ تي هو ان وقت کان وٺي عاشق هو؛ سو هينئر
جڏهن گهوڙي سوار جي واتان همونءَ جي سونهن جي
ساراهه ٻڌائين، تڏهن ان کي ڏسڻ لاءِ تلاءَ ڏي رخ
رکيائين ۽ پوڙهيءَ کي جواب ڏنائين:
آهي اُڃ اکين کي، پاڻيءَ ناهي پچار،
رهي اٿم روح ۾، ساري سڀ ڄمار.
ائين چئي گهوڙو گاهه ۾ ڇڏي، پاڻ هري هري ٿي تلاءَ جي ڪپ تي همون
۽ سندس ساهيڙين جي پيل ڪپڙن تي چڙهي ويهي رهيو.
اتي وري به ساڳيءَ سهيلي چيس ته:
گهوڙي وارا گهوٽيا! تون ترس نه مٿي تڙ،
اسان جا پٽ پٽيهر بافتا، لتاڙين ٿو ڀڙ.
پر دولهه درياخان ورندي ڪانه ڏني. انهيءَ تي وري هن چيس ته:
گهوڙي وارا گهوٽيا! ڊاءَ ڪنهن جي ڊڄ،
آهين پانڌي پنڌ جو، مٿان لهي ئي ٿو سج.
تڏهن دولهه درياخان جواب ڏنو ته: مون کي وارثن جو ڊپ نه ڏيو،
آءٌ به ننگر مان چڙهيو آهيان. ڀلي ته اوهان جا
وارث اچن ته کين قيد ڪري ننگر وٺي وڃان.
چڙهيو هوس ننگر مان، آنٌ جو وارث شال ڏسان،
ڪڏائي ڪانن سان، وڃي ننگر قيد ڪريان.
تڏهن سهيلي چيو ته: هي ائين ڪين ويندو. اوهان ڏي نهاري ته اوهين
پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻو. پاڻهي ڪڪ ٿي هليو ويندو. تنهن
تي هنن پئي ٽٻيون هنيون، پر هر گهڙيءَ ساهه پئي
موڙهن ۽ پاڻيءَ کان منهن ٿي ٻاهر ڪڍيائون ته
درياخان پئي کين ڏٺو؛ انهي تي سهيلي وري صلاح ڏني
ته: هاڻي وڏي پاڻيءَ کي ڇڏي ننڍي پاڻيءَ ۾ هلو، ۽
پنهنجا وار کولي سڄي بدن کي ويڙهي ويهي رهو. گهڻي
وقت گذرڻ کان پوءِ هيءُ پاڻهي موٽي ويندو. پوءِ هو
وڏي پاڻيءَ مان سري ننڍي پاڻيءَ ۾ اچي، پنهنجي وار
کولي بدن کي ويڙهي، ڪارا بنڊ بنجي ويهي رهيون.
دولهه درياخان اهو لقاءُ ڏسي چيو ته: واهه واهه!
ڍنڍ ۾ ڪهڙا نه سهڻا بنڊ بيٺا آهن. هاڻي ڪو وڍڻ
وارو اچي ته هي بنڊ وڍارائي ننگر کڻي وڃان، ۽
پنهنجي اوطاق ۾ ٻاريان.
پاڻي کائي ڪارا ڪيا، جي بيٺا ڪارا ٺُٺ،
ويندس ننگر سامهان، ڀري آمن اُٺ[1].
اتي همونءَ ڏٺو ته اها اٽڪل به ڪانه هلي، تڏهن سهيليءَ کي
چيائين ته: ادي! هيءُ ويو ته نه، مرڳو اسان کي
وڍائي کڻي ٿو وڃي. سو دولهه درياخان کي چيائين ته:
جڏهن اسان جا گابا چاريندو هئين، تڏهن ته ڪونه ٿي
ڪڇئين، هينئر هي ڪهڙيون اٽڪلون ٿو ڪرين؟
جڏهن هئين گابن ۾، تڏهن ڪڇئين ڪين مُنها،
هاڻي بيٺو ڇو ڪرين هي اٽڪلون آرا.
تنهن تي دولهه درياخان چيس ته: ان وقت آءٌ اوهان جي در جو ٻيلي
هئس، انهيءَ ڪري ڪڇڻ واجب نه هو. پر هينئر آءٌ خود
امير آهيان، تنهن ڪري حجت به هاڻي جڳائي ٿي.
جڏهن هئس گابن ۾، تڏهن آءٌ ٻڪر تون شينهن،
شينهن ٻڪر جو پاڻ ۾، ڪيئن جڳائي نينهن!
دولهه درياخان ننڍي هوندي جڏهن راٺوڙن جا گابا چاريندو
هو، تڏهن هڪڙي لڱا همون ڪاوڙجي کيس لڪڻ هنيا هئا.
ان وقت دولهه درياخان چيو هئس ته: ڪنهن ڏينهن اچي
پرڻبوسئين. درياخان اهو قول ياد ڏياريس. تنهن تي
همونءَ چيو ته: دولهه درياخان! منهنجون سٺ
ساهيڙيون هتي موجود آهن. سڀئي حسن ۾ هڪ ٻئي کان
وڌيڪ آهن. هروڀرو مون هڪڙيءَ تي ڪانه ٻري آئي آهي.
هاڻي هينئن ڪر، جو اتي سٺ وڳا پيا اٿئي، انهن مان
هڪڙو کڻ. پوءِ اهو جنهن جو هوندو، سا تنهنجي
ٿيندي. دولهه درياخان اهو قبول ڪري، ڏٺو ته سڀ وڳا
هڪجهڙا پيا هئا. هن اکيون پوري هڪڙو وڳو کنيو، ته
قدرت سان اهو همونءَ جو ٿي پيو. پر هن برغلائڻ
لاءِ کيس چيو ته: دولهه درياخان! تو وڳو کڻي نه
ڄاتو، ڇو ته منهنجو سونن ٻيڙن سان وڳو به اتي ئي
پيو آهي، جيڪو مونکي پنهنجي مڱيندي سلطان موڪليو
هو، اُهو ڳولي کڻ!
سونن ٻيڙن ڪنجرو، تو کڻي نه ڄاتو خان،
جو مون ڏي آهي موڪليو ساهريجاڻو سلطان[2].
سلطان، راڻي مرکيءَ جي ڀاءُ ڪاهُو ڏَنٌوَر جو پٽ هو،
جنهن کي راٺوڙن، همونءَ جو سڱ ڏيڻو ڪيو هو؛ پر
درياخان چيو ته: مون هڪڙو وڳو کنيو، هاڻي جنهن جو
به آهي، سا منهنجي قسمت ۾ آئي. اتي همون لاجواب ٿي
ويئي. هنن کي تلاءَ ۾ وهنجندي گهڻو وقت گذري ويو
هو، پر دولهه درياخان جي ڪري تلاءَ مان نٿي
نڪتيون. تڏهن همون هن کي چيو ته: درياخان! جيسين
منهنجون ساهيڙيون ڪپڙا اوڍي روانيون ٿين، تيسين هن
پاسي منهن ڪري ويهه!
جيسين اوڍيون ڪپڙا، تيسين پرين پاسي ٿيءُ،
پوءِ سر توتان گهوريان، جاني پنهنجو جيءُ.
دولهه درياخان منهن ٻئي پاسي ڪري ويهي رهيو. همون ۽ سندس
ساهيڙيون ڪپڙا اوڍي اتي ويهي رهيون.
هوڏانهن ڄام نندي، سائل سومري کي موچڙن جا ڦهڪا ۽ لٺين
جا سٽڪا لاتا، ته ’ڀڄ، منهنجي پٽ کي جلدي ڳولي
اچ‘. سائل سومري ته هٿن سان درياخان کي جهنگ ۾
ڇڏيو هو، سو به ڪاهيندو اچي همونءَ جي تلاءَ تي
پهتو. ڇا ڏسي ته هڪ پريءَ جهڙي سهڻي پاسي ۾
ويهاريو ويٺو آهي. همون جڏهن هن نئين ماڻهو کي
ڏٺو، تڏهن پنهنجي سرتين کي چيائين ته: اديون! هاڻي
توهين ڀلي هلو، آءٌ اِتي ئي ويٺي آهيان. جي
ڇڏيائين ته موٽي اينديس، نه ته پرتيون ربّ کي. اتي
سهيليون اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيون. چيائون ته: اڳتي اسان
کان تو بابت پڇا ٿيندي ته ڪهڙو جواب ڏينديون سين!
آخرڪار همون کي اتي ڇڏي روئنديون روانيون ٿيون.
سائل سومري جڏهن دولهه درياخان کي همونءَ سان
ڳالهائيندي ڏٺو، تڏهن اندر ۾ سڙي ويو. سو ويجهو
اچي هن کي چيائين:
خان خانن جا خانيا، سڻ دولهه دريا خان!
تو پڻ اهڙيائي ڪئي، جهڙي ڪن نه وريام.
تڏهن دولهه درياخان وراڻيو ته:
ويڻ اڍنگو سومرا! ڪهڙيءَ ڀت ڪيوءِ؟
آءٌ لعل رسول جو، اڳ ڏي ڪين ڏٺوءِ،
هاڻي هل ته ننگر شهر ۾، تنهنجي بهه ڀرايان کَل.
سائل سومرو ويڻ ڏيڻ کي ته ڏيئي ويٺو، پر پوءِ اچي سر
سان لڳيس. دل ۾ چيائين ته ٻيلي، هن ته ماري ڇڏيو؛
پر هاڻي اهڙي ڪا ڳالهه ڪريان، جو راضي ٿي هلي، نه
ته ڄام نندو مون کي مارائي ڇڏيندم. سو چيائين:
اڳ ته ڪئي هئي ڪانه ڪا نبيءَ اهڙيائي،
هتان وٺي هلندين پاڻ سان، هيءَ ڄائي پرائي،
ماڻهو ڏيندئي مهڻا، تو هيءَ دانهه دٻائي.
او ٻڌي همون ڪجهه هٻڪي ويئي. تنهن تي دولهه دريا خان چيس ته:
همون، ڊڄين ٿي ڇا؟ همونءَ وراڻيو ته: سائل سومرو
سچ ٿو چوي. آءٌ توسان گڏ هلنديس ته سڀڪو چوندو ته
پرائي ڄائي وٺي آيو آهي؛ ۽ مون کي به سڀڪو لوئيندو
ته ڀاڄوڪڙ پنهنجا پکا ڇڏي هلي آئي آهي. هاڻي چڱو
آهي ته تون پنهنجي پيءُ کي وڃي چئو ته منهنجو سڱ
اچي مائٽن کان گهري، پوءِ مون کي لاڏين ڪوڏين
پرڻجي وٺي وڃ. تڏهن دولهه درياخان چيس ته:
وڃان ته وڃڻ نه ٿئي، هاڻي ڪيئن ڪريان،
ڪو پهه آڇ سپرين! جنهن پر آءٌ جيان.
همونءَ جواب ڏنس ته:
وٽو ڏيانءِ ٿي سون جو، نج سانول تون ساڻ،
ڪندو ميلائو مصطفيٰ، پوءِ پري نه ڪنديس پاڻ.
---
نئون جو نينهن پرينءَ سان، ننگ برابر ننگ،
ڦڻ ڪڍي ڦوڪون ڏئي، ڏاڍو هڻي ڏنگ،
منهنجو من ٿئي موهيو، جيئن ڍڳيءَ وجهجي ڍنگ،
اسان ڏانهن اچڻ جو، دوست نه وجهج دنگ.
اهو ٻڌي دولهه درياخان وراڻيو ته: هاڻي توکي موڪل آهي، ڀلي وڃ!
همونءَ جي وڃڻ کان پوءِ سائل سومرو، دولهه درياخان کي وٺي اڳتي
روانو ٿيو. جڏهن ننگر کي ويجهو آيا، تڏهن دولهه
دريا خان چيو ته: آءٌ اڳتي نه ٿو هلان. سائل سومري
پڇيس ته، ڇو؟ هن چيو ته: ابي کي وڃي ٻڌاءِ ته اهو
هتان وٺي وڃيم. سائل سومرو ڊپ ۾ ڏڪندو پنڌ پيو، ۽
وڃي ڄام نندي کي هن جو پيغام ڏنائين. ڄام نندو
سنڀري اٿي هليو، اتي راڻي مرکيءَ کي به دولهه
درياخان جي اچڻ جي خبر پئي، تنهن ڄام نندي کي چيو
ته: اهو پٽ جو توکي پيارو آهي ته نپايو مون به
آهي؛ تنهنڪري آءٌ به هلنديس. ڄام چيس ته: چڱو، ڀلي
تون وڃي وٺي اچينس. مُرکي ٻه ٽي ڌوتيون ساڻ ڪري
دولهه درياخان وٽ ويئي، ۽ چيائينس ته: تون ڪهڙي
سبب شهر کان ٻاهر ويهي رهيو آهين؟ جيڪا دل جي
ڳالهه هجئي، سا چئو:
دولهه درياخان، کان مرکيءَ پڇيو مهاءُ،
پٽ پرڻايان گهوٽيا! توکي ناناڻن منجهاءُ؟
دولهه درياخان وراڻيو ته: مون توکي ماءُ ڪري سڏيو آهي، نه ته
چڱو جواب ڏيئين ها. هاڻي موٽي وڃ، آءٌ توسان ڪونه
هلندس.
ماءُ مرکي ٿو چوئين، مون سان ڪڇج ڪين مهاءُ،
مونکي سورن ساکون کوڙيون، ڪونهي سور سماءَ.
مرکيءَ يڪدم ڌوتين کي چيو ته: پراوا پٽ ڪڏهن به پنهنجا نه
ٿيندا. هن ته مون کي بي محابو ڪري ڇڏيو، هاڻي هلو
ته هلون. مُرکي موٽي ويئي، ۽ پنهنجي مڙس ڄام نندي
کي چيائين ته: واهه جو پٽ نياپو اٿئي، جو مون کي
بيعزتو ڪري ڪڍيو اٿس. ڄام وراڻيو: مرکي! بس، ڳالهه
به ايتري... پراوا پٽ ضرور آر ڪندا، سي پاڻ ئي
سهنداسين. پر هن کي پِٽ پاراتو نه ڏجانءِ ! اتي
مرکيءَ چيو: جي تنهنجي مرضي اها آهي ته پوءِ، ڀلي
انگل آرا ڪري. پوءِ بادشاهه پاڻ ٻه ٽي ڄڻا ساڻ
ڪري، پُٽ ڏي ويو.
ان مهل ڪو مينهن وٺو هو، ۽ دولهه درياخان اُن مينهن ۾ پُسي ڀت
ٿي ويو هو، پر کيس همونءَ جي فراق ۾ خبرئي ڪانه
پئي. ڄام نندي اهو حال ڏسي، افسوس مان چيس ته: پٽ!
هتان ته شڪار تي شوق سان روانو ٿئين، پر اُتي
الاجي ڇا ٿيئي، جو ويڳاڻو ٿي اچي ويٺو آهين؟
دولهه درياخان کان اچي نندي پڇيو مهاءُ،
چڙهئين شوق شڪار جي، تان ڏٺئي ڪو اُهاءُ!
درياخان وراڻيو ته: بابا! منهنجي سورن جي خبرئي نه پڇ. انهن
سورن اهڙو بيحال ڪيو اٿم، جو خبرئي ڪانه پيم ته
ڪالهه ڪيڏي مهل مينهن وٺو!
مون ويٺي ويڄ وِهايا، جيئن ڏوڏيءَ تي ڏارون،
هينئڙو هيرڻ پن جان ڦٽي ٿيو ڦارون،
ڪهڙيءَ ويل وسي ويو، مون تي ڪڪر ڪالهوڻو.
ڄام جواب ڏنس ته: ابا! ڪالهوڪي وٺل ڪڪر جا اهڃاڻ ئي ٻيا، هيءُ
ته تازو وٺل ٿو ڀانئجي. اتي دولهه درياخان دل ۾
چيو ته ڇو نه بادشاهه کي سچي ڳالهه کڻي ٻڌايان.
تڏهن چيائين:
چڙهيس شوق شڪار جي، ڪري جهُلون ساڻ جهاٻن،
آءٌ پڻ ويس اوچتو، مٿان مَن مُهڻن،
ڏٺم موچاريءَ نار کي، هيون آڱريون هٿن،
ڀنڀو ڏاڻ نڪ نراڙ ۾، هو مڙهيو سان مانگن،
چوٽو جنهن جو چؤسرو، سونهين وچ اَلِيَن،
اُرهه لڳس نه ٻال ڪو، نڪا ٿوٿر ٿڻن،
جيئن انڊلٺ سونهين اُڀ ۾، تهڙا ڀير ڀرن،
ڏند ڏاڙهون گل جان، ٿا ٻيڙن جان ٻهڪن،
تنهن جي اُهاءَ تي پئي گاهه چِنو روجهن،
سا ڌيءَ ٻالي راٺوڙ جي، جنهن جو همون نانءُ چون،
اهڙا سانولا سپرين، من لوچي لال لهن.
ڄام نندي اها ڳالهه ٻڌي چيو ته: پٽ! چڙهه مهريءَ تي ته ڪريون ٿا
تياري. دولهه درياخان ان دلداريءَ تي اٿي کڙو ٿيو،
۽ ٻئي گڏجي اچي محلات ۾ لٿا.
ڄام نندي ٻه ٽي ڏينهن رکي، امير وزير گهرائي صلاح ڪئي ته:
منهنجي پٽ کي شاديءَ جو شوق ٿيو آهي. هاڻي هلو ته
راٺوڙن جي ڳوٺ ۾ گڏجي هلون، ۽ انهن کان سڱ جي گهر
ڪريون. اتي امير وزير، ڄام سان گڏجي راٺوڙن ڏانهن
ميڙ ٿي هليا:
نندي ميڙ سنباهي، راٺوڙن رهه-پار،
دولهه درياخان جو، اَپر ٿيو آر.
جڏهن ڄام نندي، راٺوڙن ۾ پهچي سڱ گهريو ته هنن وراڻيو:
نڪو مُرکيءَ پيٽان پٽ ٿيو، نڪو ڄام وياءَ،
اسين ٻيٽي ڪيئن پرڻايون، جو ڪالهه نپايوسون ڀاءُ.
بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي چيو ته: ابا! درويش جو ٻار آهي، اوهان جو
الله محشر موچارو ڪندو. اتي راٺوڙن پنهنجي هڪ وڏڙي
ڪؤڙي نالي راٺوڙ کي ويهاري صلاح ڪئي:
پهه ڪيائون پاڻ ۾، ڪؤڙي کي ڪوٺي،
ته ميڙ نندي ڄام جي، ويهي ڪِ موٽي؟
ڪؤڙي راٺوڙ چين ته: حاڪم اوهان وٽ ميڙ وٺي هلي آيو آهي. ان جي
ڳالهه قبول ڪرڻ ۾ اوهان جو مان آهي. نه ته اوهان
کان زوريءَ به سڱ وٺي سگهي ٿو. کيس موٽائيندا ته
هينئر کڻي موٽي ويندو، پر متان ٿوري گهڻي ڏينهن
حملو ڪريوَ، تنهنڪري منهنجي صلاح اٿو ته سڱ ڏيڻ
قبوليو.
ڏاڍي سندي مٺڙي، آهي ڳاٽي سندي لت،
گهڻي ٿوري ڏينهڙي، متان حاڪيماڻا لڳن هٿ[3].
آخر وڏڙي جي صلاح موجب، ڄام نندي سان سڱ جي هائوڪار ڪيائون. ڄام
پڪ ڪري موٽي آيو، ۽ يڪدم شاديءَ جي تياري ڪيائين.
ڏاڍا شادمانا ٿي ويا. غريب غُربو بادشاهي ماني
کائي، ڄام نندي کي دعائون ڪرڻ لڳو. لنگر تي هڪڙو
پرديسي فقير به اچي نڪتو، جو ڪجهه ماني کائي، ٻي
ڳنڍ ٻڌي اٿي پنڌ پيو. هلندو هلندو اچي هڪڙي کوهه
تي پهتو، ۽ اتي ڀت پاسي کان رکي سمهي رهيو.
هوڏانهن ’سلطان‘ به شڪار جي خيال کان اچي انهيءَ هنڌ سهڙيو.
ماڻهن کي موڪليائين ته کوهه جي ڀر ۾ وڃي صفائي
وغيره ڪريو ته منزل ڪجي. ماڻهو اچي ڏسن ته کوهه جي
ڀر ۾ هڪڙو مسافر ستو پيو آهي. ان کي اُٿاري خبرون
پڇيائون، جنهن سربستي خبر ٻڌاين ته ’دولهه درياخان
۽ همونءَ راٺوڙ جي شاديءَ جو ڀت کائي اچي ستو
آهيان.‘ سپاهين اها ڳالهه ٻڌي هن کي کڻي ٻڌو، ڇو
ته همون راٺوڙ، سلطان جي مڱيندي هئي. اتي سلطان به
اچي پهتو، جنهن سموري حقيقت ٻڌي، فقير کي ڇڏي ڏنو،
۽ ماڻهن کي چيائين ته: هيءَ منهنجي ننگ جي ڳالهه
آهي، جيڪي وڃن سي وڃن؛ ۽ جيڪي بيهن سي مون سان گڏ
لڙائي تي هلن. انهيءَ اعلان تي عام خلق هلي وئي،
پر سندس نوڪر چاڪر ۽ سپاهي ويهي رهيا. دولهه
درياخان جي ڄڃ اتان لنگهڻي هئي. ٿورو وقت گذريو ته
ڄڃ جي دهلن دمامن جو واڄو ٿيو. سلطان پنهنجو هڪڙو
ماڻهو دولهه درياخان ڏي موڪليو. چئي: تون منهنجي
مڱيندي پرڻجڻ پيو وڃين، اول مون سان لڙائي ڏي،
پوءِ اڳتي وڃ. دولهه درياخان چيو ته: آءٌ ڄاڃي
وٺيو پيو وڃان. جنگ لاءِ ماڻهو ڪونه اٿم، تنهنڪري
گهوڙي تي سوار ٿي اچ ته پاڻ ٻئي وڙهون، پوءِ جيڪو
کٽي سو همونءَ سان شادي ڪري. سلطان اها ڳالهه قبول
ڪري، گهوڙي تي چڙهي، هٿيار پهري تيار ٿي بيٺو.
دولهه درياخان به ٺهي سنڀري آيو. سلطان چيو ته:
پهرين تون ڌڪ هڻ. درياخان چيو ته پهريائين تون ڌڪ
هڻ، جو تنهنجي حق تي چڙهت ڪئي اٿم.
تو جي پينگها لوڏيا، توکي وارو هسوار.
سلطان پهرين وار ڪيو، پر درياخان کي ڪجهه به نه
ٿيو.
اولاد درويش جي جو، ڌڪ نه وڍيو ٿَئي وار.
ان بعد سلطان چيس ته: هاڻي تنهنجو وارو آهي، تون
ڌڪ هڻ.
تو جي گابا چاريا، توکي وارو ٿَئي هسوار.
دولهه درياخان وار ڪيو ته تلوار سلطان، گهوڙي ۽
زرهه کي وڍي ويئي.
سٽ ڪيائين سلطان تي، ڪست منجهارا ڪاهه،
پهرئين ڌڪ سان ٽي وڍيا، سوار گهوڙو، زراهه،
سنگينيون سلطان کي، هن هنيون هٿ ڀري.
سلطان جي مرڻ کان پوءِ، ڄڃ وري دهل دماما وڄائيندي، راٺوڙن جي
ڳوٺ ڏانهن رواني ٿي.
دهل دماما نقرا، واڄٽ پيا وڄن،
ٻارهن سؤ مَنهَن ٿوڻين، ٻارهن سؤ بتيون ٻرن،
چنن اَڏئيٖ تي جو لڳو، سو سوا لک چون.
---
ٽارو کوڙيائون گهوٽ جو، ٻالي در اڳيا،
شادي ٿئي خان جي، راٺوڙن منجها.
---
پهرين لانءَ همونءَ کي ڏني جا سؤٽَن،
چاچن ڏيج ڳڻائيو، ٻارهن سؤ ٻانِهين،
ٻي لانءَ همونءَ کي ڏني ماساتَن،
ماسين ڏيج ڳڻائيو، ٻارهن سؤ ٻانَهن،
ٽئين لانءَ همونءَ کي ڏني ماروٽَن،
مامين ڏيج ڳڻائيو، ٻارهن سؤ گهوڙن.
مُرکي ساڙ وچان دولهه درياخان جي شاديءَ ۾ شريڪ نه ٿي هئي، ۽
بهانو ڪري پنهنجي محلات ۾ ويٺي رهي. شاديءَ واري
ڏينهن مرکي ڇا ڪيو، جو ڄام نندي کي خط لکيو ته:
تون اتي پٽ جي شادي پيو ڪرين، ۽ هتي غنيم چڙهي آيو
آهي. اچڻو اٿئي ته يڪدم اچ. خط قاصد هٿان روانو
ڪري، هڪڙي لوهار کي چيائين ته: تلوار تي همون ۽
دولهه درياخان جو طلاق نامو ائين لک، جو انسان جو
لکيل نه ڀانئجي. هوڏانهن ڄام نندي پٽ کي چيو:
پنهنجي ملڪ تي ٻئي بادشاهه چڙهائي ڪئي آهي،
تنهنڪري آءٌ پنهنجا پهلوان وٺي ٿو هلان، تون
پنهنجي ساهرن مان ڪي پهلوان وٺي اچ. ڄام نندو جڏهن
پنهنجي ملڪ ۾ پهتو، تڏهن خبر پيس ته مُرکيءَ ڪوڙ
لکي مون کي گهرايو آهي، سو محلات جي در تي بيهي
چيائين: اي مُرکي! خانو خراب ٿينئي، تو اسان کي
ڪهڙو ڇرڪ وڌو؟ نڪا جنگ نڪا ٻي ڳالهه. مُرکي ڇتي ٿي
ويٺي هئي، تنهن مڙس کي چيو ته:
شل نه پوي ڪنهن جي راٺوڙن ۾ رات،
جِت جويون پيڻٖ چَٽڻيون، مڙس اوڇي ذات.
(راٺوڙن جون زالون لچيون ۽ بدشڪل آهن. ڌارين مڙسن کي جادو ڪري
ڦاسائينديون آهن. ڊپ ٿيم ته متان توکي به ڪو ٽوڻو
ڦيڻو ڪن، تڏهن چيم ته اتي نه رهه. آءٌ ڪهڙي نه
گلاب جهڙي آهيان، مون وٽ ڇو نٿو اچين؟)
تڏهن توکي گهرايو اٿم. باقي ڇاجي جنگ ڇاجي ڳالهه!
ڄام نندي چيس ته:
چَرن چانڊوڪين ۾، روجهون پائي هارَ،
هنن جو سُڳڻ هڪڙو، تنهنجي ڪل ڄمار.
اتي مُرکي سڙي وئي. چئي: انصاف ته ڪونه مليو، ويتر گلا ٿيم.
تڏهن ڇا ڪيائين جو هڪڙي قاصد هٿان دولهه درياخان
کي نياپو موڪليائين ته: تون اتي ويٺو آهين، هتي
تنهنجو طلاق نامون لکجي ويو آهي. قاصد پهتو ته
دولهه درياخان، همونءَ کي چيو ته: تون مون سان
هلندينءَ يا هتي رهندينءَ؟ همونءَ چيو ته: منهنجو
هتي ڇا؟ آءٌ توسان هلنديس. پوءِ پنهنجي ساهرن کان
موڪلائي، همون ۽ ڄاڃي ساڻ ڪري، اچي ننگر ۾ پهتو.
ڇا ڏسي ته تلوار تي لکيو پيو آهي ته: دولهه
درياخان قنڌار فتح ڪري، نه ته همونءَ کي طلاق ڏئي.
تلوار تي هيءُ لکيو ڏسي حيران ٿي ويو. پوءِ همونءَ
کي ٻانهن کان جهلي چيائين ته: توکي تيستائين طلاق
آهي، جيستائين آءٌ قنڌار جو بادشاهه ماري اچان.
ائين چئي پاڻ گهر ئي ڪونه ويو، ۽ همون کي گهر
موڪلي ڇڏيائين.
بادشاهه ڪچهريءَ ۾ آيو. تڏهن چيائينس ته: ابا! تڪڙو موٽي آئين؟
تڏهن دولهه درياخان سڄي حقيقت ڪري ٻڌايس. ڄام نندي
چيو ته: ابا! تو منجهان اڃان سڪ به نه لاٿي اٿئون.
اڃان مبارڪن ڏيڻ وارا ئي ويٺا آهن ته تون ٿو جنگ
تي وڃين! ڀانيان ٿو ته مون تي الله جي ڪُمهري ٿي
آهي. جي منهنجي بادشاهيءَ جو انّ پاڻي نه کائين ته
آءٌ ٻي بادشاهيءَ مان انّ ۽ پاڻي آڻايان ٿو، اهو
کاءُ پيءُ. باقي حق پنهنجو ته ڪنهن به ڪونه ڇڏيو
آهي. بادشاهه گهڻئي سمجهايس، پر هو پنهنجيءَ تان
نه لٿو.
آخر ڄام نندي لشڪر گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. تيستائين دولهه درياخان،
همونءَ جي محلات جي ڀرواري محلات ۾ ترسيو. ڄام
نندي وٽ هڪڙي پورهيت هئي. هڪڙي ڏينهن اُها همون جي
محلات ۾ آئي، ۽ هن کي ويڳاڻو ڏسي چيائين ته: دولهه
درياخان ڪهڙي قرب ۾ توکي پرڻيو، پر اڄ پنجون ڏينهن
ٿيو آهي، جو تون اڪيلي ويٺي آهين، ڇو؟ همونءَ چيو
ته: مڙس مون کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي. چئي: سائڻ ! اچڻ
سان ڪو ڏوهه ڪيئي ڇا؟ جواب ڏنائين: ماسي! ڏوهه نڪو
ثواب، چيائين ته توکي طلاق آهي. تڏهن پورهيت چيس:
سائڻ! تو ته ڪانه طلاق ڏني آهي، هن ڏني آهي. جي تو
طلاق نه ڏني آهي، ته هو پاسي واري محلات ۾ ويٺو
اٿئي. تون هار سينگار ڪري وٽس وڃ.
همونءَ کي پورهيت جي صلاح دل سان لڳي آئي، سو هار سينگار ڪري
دولهه درياخان جي محلات جي پرئين پاسي کان اچي
بيٺي. اتي هڪڙي وڻ تي ٻه پکي ويٺا هئا. پکين جو
همونءَ کي ڏٺو، سي دانهن ڪري وڻ تان ڪري پيا، ۽
ساهه نڪري وين. پکين جو ڦَهڪو ٻڌي، دولهه درياخان
ٻاهر نڪتو. مئل پکي، ۽ همونءَ کي ٻاهر بيٺل ڏسي
سمجهي ويو، ۽ چيائين:
همون هيرن ريءَ سهڻي، هيرو ڇو پاتئي،
غازين جيان گز هڻي، اهي پکيئڙا ماريئي.
همون جواب ڏنس ته:
نڪو مون گز گهڙائيو، نڪي مون هٿ ڪمان،
جيڪي نيڻن کنئين مري ويا، تن سان وڙهي رضا رحمان.
ائين چئي همونءَ روئي ڏنو. وري خيال ڪيائين ته مون جي ڳهه ڳٺا
ڪيا آهن ته متان مڙس چئي ته آءٌ ٿو وڃان جنگ تي، ۽
هن زال ڪهڙي خوشي ڪئي آهي، جو هار سينگار ڪيا اٿس.
تڏهن چيائين:
همون هيري ريءَ سهڻي، همون هيرو ڀلي پائي،
تو بنان ٻيا ماڻهو، ڪُل ڀائر ڪيو ڀانئي.
ائين چئي وري روئڻ ۾ پئي. تڏهن دولهه درياخان چيس:
ڀريئي جي ڪچڪول مؤن، ٻئي نيڻ پنهنجا جهل،
آهيان سفر سنبهيو، مونکي مهرانٌ ڏي موڪل.
همونءَ وراڻي ڏنيس ته:
مون ڀريا ڪچڪول مون، سي جهليا ڏين نه جهل،
جي سگهو موٽين سڄڻا! آن کي دليان ڏيان موڪل.
اهي ڳالهيون پئي ڪيائون ته مٿان ڄام نندو آيو. دولهه دريا خان،
پيءُ کي زال جي پارت ڪئي ته:
نندل پنهنجي ننهن سان، پرت ڀڃيج نه پوءِ،
اسين سفر سنبهيا، الائي موٽڻ هوءِ نه هوءِ!
ڄام نندي اکين ۾ پاڻي آڻي، پٽ کي جواب ڏنو:
نندل پنهنجي ننهن سان، ڪيئن پرت ڀڃندو پوءِ،
توکي سگهو هن ماڳن تي، الله آڻيندوءِ.
ان وقت لشڪر تيار هو. دولهه درياخان گهوڙي تي سوار ٿي، قنڌار
ڏانهن روانو ٿيو.
پيئي هئي پڙ ۾ تيرهن ڏينهن ترار،
کلي خان ڪلهي کنئين، چڙهيو ڪُهنگ قنڌار.
دولهه درياخان جي رواني ٿيڻ وقت، همون زار زار روئڻ لڳي ۽
سهيلين کي چيائين ته:
پائي پير رڪيب ۾، ڏيئي منهن سمهون رومال،
اچي پسو جيڏيون، ٿيو ڪهڙو همونءَ جو حال.
پوءِ همونءَ ڊوڙي اچي منٿون ڪيس ته قنڌار نه وڃ، پر هو نه رهيو.
تڏهن وري مرکيءَ اڳ اچي ورتس. چئي: پٽ! آءٌ توکي
مدد ڏيان؟ هن چيو ته ڀلي مدد ڏي. پوءِ مرکيءَ
پنهنجي ڀاءُ ڪاهو ڏَنٌوَر ڏانهن خط لکيو ته: ادا !
دولهه درياخان مون کي گهر کان تڙايو آهي، منهنجي
ڀائٽي سلطان کي به هن ماريو آهي، تنهنڪري کيس ڪيئن
به ڪري ماري ڇڏج. هو خط کڻي سڀني کان موڪلائي
روانو ٿيو. هلڻ وقت همونءَ پنهنجو هڪ ڳهه ڏنس:
همونءَ ڏنو خان کي، ڳهه ڳچيءَ مان لاهي،
چئي: جتي اوکي ڀانئيو، اُتي ڳهه به ڳالهائي.
دولهه درياخان، لشڪر سميت پنهنجي مامي ڪاهوءَ ڏانهن روانو ٿيو.
واٽ تي هڪڙي هنڌ خيال ڪيائين ته ڳهه جو آزمودو
وٺان. سو ڳهه کان پڇيائين ته: اڳيان ڪا مشڪل آهي
ڇا؟ ڳهه جواب ڏنس ته: موت جو خط کنيو ٿو وڃين.
ڪاهو خط پڙهڻ شرط توکي ماري ڇڏيندو، جو مُرکي هن
کي لکيو ئي ائين آهي. دولهه درياخان حيران ٿي ويو.
يڪدم خط کولي پڙهيائين. حقيقت معلوم ڪري، يڪدم
هڪڙي قاصد هٿان پيءُ کي اهو خط موڪلي ڏنائين:
تڏهن خان خطڙو لکيو، ڪچهريءَ ۾ ويهي،
ته مائٽ جي مُرکيءَ جا، ٿيا ويري سي ئي.
ڄام نندو خط پڙهي ارمان ۾ پئجي ويو. يڪدم پٽ کي خط لکيائين ته
مرکيءَ جو جيڪو مائٽ جتي ڏسين، اتي پورو ڪج. اهو
نه ڇڏج جو مرکيءَ لاءِ عيد کڻي اچي.
نندل لکيو خطڙو، ماڙيءَ ۾ ويهي،
مائٽ جي مُرکي جا، تون مارج مڙيئي.
دولهه دريا خان پيءُ جو پيغام پڙهي، ڪاهو ڏَنٌور جي شهر تي حملو
ڪيو:
نميو ناناڻن ۾، جيئن وڏڦڙو وائي،
هڻيو ڇٽ ڇيهون ڪري، ڪنڍل ڪيرائي،
گهوڙي، هاٿي، اُٺ مان، بيٺو بڙڇا ڀيرائي،
وڌئين سڀ وارا ڪري، ڏَنور ڪل ڏاري.
جڏهن ڏنوَر جو سڀ لشڪر مارجي ويو ۽ باقي ڪاهو وڃي بچيو، تڏهن
ٻئي ڄڻا آمهون سامهون ٿيا.
هوڏانهن ڪاهو ڪاهيو، هيڏانهن ڪاهيو خان،
اچي نر ٻکين پيا، جيئن ٽڪريا ماهيا سانَ،
ڏني سوڀ ستار، کي دولهه درياخان.
|