سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :5

  

ڦُل وَڌُوئو ۽ ڀوري

 

[هن قصي بابت هلندڙ روايتن ۾ ڀوريءَ جي متلاشي عاشق جو نالو، اُچار جي ٿوريءَ ڦير گهير سان ”ڦل وَڌُوئو“، ”ڦل وڌوو“ ۽ ”ڦل وَڌو“ ڄاڻايل آهي. سرِدست هن قصي جون ٽي روايتون مليون آهن، جي هت شامل ڪيون ويون آهن: (1) پهرين روايت سڀني کان زياده مشهور ۽ سنڌ ۾ عام رائج آهي. الله رکيي مَري (بلوچ) انهيءَ عام مشهور روايت موجب بيت چيا آهن، جنهن ۾ ڦل وڌويٖ جي ڄمڻ کان وٺي ڀوريءَ سان سندس شادي ڪرڻ جو بيان آهي. (2) ٻي روايت، محمد خان ٽالپور جو بيتن ۾ چيل قصو آهي. جنهن جا ڪي واقعا قدري پهرينءَ روايت سان ملن ٿا؛ جهڙوڪ ڦل وڌوي جو آتڻ ۾ وَنيءَ جي چونڊڻ لاءِ اچڻ، ڀوريءَ سان پرڻجڻ جو طعنو ملڻ، سنگتين سميت اونچل ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيڻ ۽ ٻانهيءَ جي وسيلي ڀوريءَ سان ملڻ. (3) ٽئين روايت نثر جي صورت ۾ ملي آهي، جا قصي جي لحاظ کان پهرين ٻن روايتن کان بلڪل مختلف آهي.]


 

 

 

روايت [1]*

 

هڪڙو هو بادشاهه، دنيا ۽ دولت جي وٽس ڪمي ڪانه هئي، مگر اولاد ڪونه هئس. انهيءَ ارمان ۾ ويچارو ڳرندو ويندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينهن اونڌي منجي ڪري گَس تي سمهي پيو. قدرت سان اُتان سامي فقيرن جو سَنگُ اچي لنگهيو، جن مان چار فقير بادشاهه کي اورانگهي ويا، پر پنجون اُتي روڪجي بيهي رهيو، ۽ بادشاهه کي چيائين ته: اي آدم جا ٻچڙا! رستو ڏي ته لنگهي وڃان. بادشاهه چيس ته: جيئن ٻيا فقير لنگهي ويا آهن، تيئن تون به لنگهي وڃ. فقير جواب ڏنو ته: مون پنهنجيءَ ڄمار ۾ ڪِئُلي به ڪانه لتاڙي آهي، سو تو آدمزاد کي ڪيئن لتاڙيندس! بادشاهه چيو ته: فقير! انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ، ۽ ماٺڙي ڪري پنهنجو رستو وٺ. هڪڙيءَ تي فقير ته ٻيءَ تي بادشاهه، نيٺ فقير چيس ته: ڀلا ٻڌاءِ ته توکي ڇا کپي، جو هتي اونڌي منجي ڪيو ستو پيو آهين؟ تنهن تي بادشاهه چيس ته: فقير! دنيا ۽ دولت جي مون وٽ ڪمي ڪانهي، پر اولاد جو بکيو آهيان. تڏهن فقير چيس ته: اي بادشاهه! توکي اولاد لکيل آهي، پر جنهن ڏينهن توکي پٽ ڄمندو، ان ڏينهن تنهنجي بادشاهي ۾ جيڪي به ٻار ڄمن، سي تنهنجي پٽ سان گڏ نپجن؛ اهڙيءَ طرح جيئن شهزادي ۽ هنن جي وچ ۾ فرق نه رهي. ٻيو ته شهزادي جو نالو ”ڦل وڌوئو“ رکج. جڏهن ٻارڙا وڏا ٿين، تڏهن ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا جدا جدا محلات ۾ رهائج، ۽ تنهنجو پٽ پڻ اُنهن ۾ شامل هجي. پر اهو بندوبست اهريءَ طرح ڪج، جيئن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هڪٻئي جي خبر نه پوي. جڏهن ڇوڪريون بالغ ٿين، تڏهن شهزادي کي انهن وٽ موڪلج، ته پنهنجي ڪنوار چونڊي. اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ فقير کي لنگهڻ لاءِ رستو ڏيئي، پاڻ محلات ۾ موٽي آيو.

خدا جي قدرت سان فقير جو چوڻ پورو ٿيو. جنهن ڏينهن شهزادو ڄائو، تنهن ڏينهن سڄي ملڪ ۾ خوشيون ٿي ويون ۽ خزاني جا در کُلي ويا. شهزادي جو نالو ”ڦل وڌوئو“ رکيائون. ان ڏينهن سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ نوانوي ٻار ڄاوا، ۽ بادشاهه جا چاري اُنهن کي کڻي اچي بادشاهه وٽ حاضر ٿيا. جڏهن ٻارڙا وڏيرڙا ٿيا ته بادشاهه ڇوڪرين کي جدا ۽ ڇوڪرن کي جدا محلاتن ۾ رهايو. شهزادو به ڇوڪرن واري محلات ۾ ٻين ڇوڪرن سان گڏ نپجڻ لڳو.

جڏهن شهزادو وڏو ٿيو، تڏهن بادشاهه هڪ ڏينهن کيس فقير جي چوڻ موجب، ڇوڪرين واري محلات ۾ موڪليو؛ ته وڃي پنهنجي لاءِ وَنِي چونڊي. شهزادو ڦل وڌوئو به ٺهي ٺڪي ڏاڍي شوق سان ڇوڪرين جي محلات ڏانهن روانو ٿيو. اُن مهل ڇوڪرين آتڻ ويٺي ڪتيو. شهزادي واري واري سان سڀني ڇوڪرين کي ڏٺو، پر اُنهن مان ڪابه پسند نه آيس، ۽ کين چيائين ته: بلاشڪ اوهين سهڻيون آهيو، پر مونکي اوهان مان ڪابه نٿي اَئڙيٖ. تڏهن هڪڙيءَ ڇوڪريءَ چيس ته: اي شهزادا! توکي پنهنجي بادشاهيءَ تي بانور آهي؛ جيڪڏهن پاڻ کي اهڙو سهڻو ٿو سمجهين ته وڃي اونچل ڪوٽ جي شهزادي ”ڀوري“ سان شادي ڪر، جا ”اُتم راءِ“ جي ڌيءَ آهي.

شهزادو ڦل وڌوئو اهو طعنو سهي ڪين سگهيو، سو اُٻاڻڪو ٿي پنهنجي محل ڏانهن موٽيو، ۽ پڪو پَههُ ڪيائين ته جيستائين ڀوري نه پسندس، تيستائين آرام نه ڪندس. بس پوءِ ته شهزادي کي اچي ڀوريءَ جي ورهه وڪوڙيو. دوستن سال حال اوريائين ته انهن به چيس ته: شهزادا! ڪيئن به ڪري ان ڀوريءَ کي هٿ ڪر، جيئن آتڻ واريءَ جي طعني کان بچي وڃين! انهيءَ تي ڦل وڌوئو پيءُ وٽ آيو ۽ کانئس ڀوريءَ ڏانهن وڃڻ جي موڪل گهريائين. بادشاهه جڏهن ڏٺو ته شهزادي جو سک ڦٽي پيو آهي، ۽ رات ڏينهن ڳرندو وڃي، تڏهن سندس سنگتي ساڻ ڏيئي، کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري، کيس ڀوريءَ ڏانهن وڃڻ جي اجزت ڏنائين.

شهزادو ڪيترن سنگتين کي ساڻ ڪري، اونچل ڪوٽ جو پنڌ پڇائي، ان طرف روانو ٿيو. هلندي هلندي گس تي ”گورک ناٿ“ نالي هڪڙو جادوگر گڏين، جنهن هنن کان خبرون چارون پڇي چيو ته: جيسين جادو نه سکندئو، تيسين ڀوريءَ جي محل ۾ پهچي ڪونه سگهندئو. اهو ٻُڌي ڦل وڌوئو گورک ناٿ جو ٻالڪو ٿيو ۽ جادو سکڻ لاءِ اتي رهي پيو. جڏهن جادو سکي پختو ٿيو، تڏهن کانئس اجازت وٺي اونچل ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو.

هاڻي ڦل وڌوئو ۽ سندس ساٿي، جوڳين وارو ويس ڪري، سڳا ڌاڳا ۽ گودڙيون کڻي روانا ٿيا، ۽ ڪهندي ڪهندي آخر اچي اونچل ڪوٽ تي پهتا، ۽ رات جو ٻاهران ديرو دمائي ويهي رهيا. ڪوٽ جي چوڌاري ڪئين پهريدار بيٺل هئا، ۽ ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي مجال ڪانه هئي، پر ڦل وڌوئو به گورک ناٿ جو ڪٖيڙايل هو، سو جادو جي زور تي پنهنجن ساٿين سميت ڪوٽ جي اندر محلات واري باغ ۾ وڃي پهتو، ۽ شاهي کوهه وٽ ويهي ڀوريءَ کي ڏسڻ لاءِ سِٽون سِٽڻ لڳو.

دستور موجب پرهه ڦٽيءَ جو ڀوريءَ جي خاص سوڀياوان ٻانهي، شهزاديءَ جا دلا کڻي کوهه تان پاڻي ڀرڻ آئي. هن ٻانهيءَ جڏهن هنن جوڳين فقيرن کي کوهه وٽ ويٺل ڏٺو، تڏهن اچرج ۾ پئجي وئي ته هيترن پهرن هوندي به هي هتي ڪيئن آيا! سو کانئن پڇيائين ته: ”اي فقيرو! هتي ته نر پکيءَ کي به اندر اچڻ جي واهه ڪانهي، اوهين ڪيئن اندر گهڙي آيا آهيو؟ ڀڄي وڃي پنهنجي ڪريو، نه ته اجهو ٿا ڦاهيءَ تي چڙهو.“ ڦل وڌوئي چيس ته: ”اسين جوڳي فقير آهيون. پر اي سونهن ڀري! ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين جو اهڙو ويس ڪري، خوشبوءِ مَلي، سهڻا گهڙا سر تي رکي، پاڻيءَ جي بهاني اچي هتي پهتي آهين؟ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته: سهڻي سوڀياوان ته اُتم راءِ جي ڌيءَ شهزادي ڀوري آهي، جنهن تي ڪنهن نر پکيءَ جي به نگاهه نه پئي آهي. آءٌ ته سنديس در جي دائي آهيان.“ ڀوريءَ جي ايڏي واکاڻ ٻڌي ڦل وڌوئي کي ويتر ورهه ٻيڻو ٿيو، سو چيائين ته: ’اسين فقير هتي آسڻ ڪري ويٺا آهيون، جي خير کِٽين ته اسان درويشن کي هڪ ڀيرو ڀوريءَ جو ديدار ڪراءِ!‘ تنهن تي ٻانهيءَ ٻولايو ته: ’ڀوريءَ جو اوهان وٽ اچڻ محال آهي. پر اي فقير! جي حياتيءَ جو خير گهرين ته اهڙي وائي نه وار ۽ هتان هليو وڃ.‘ تڏهن ڦل وڌوئي چيو ته: ’مرڻو اڳي پوءِ به آهي. پر اي ٻانهي! اسين به ڪنهن جوُءِ جا جوڳي آهيون ... آءٌ گورک ناٿ جو چيلو آهيان، جيسين ڀوريءَ جو ديدار نه ڪندس تيسين موٽي ماڳ نه ويندس. تون ڀلي وڃي اسان کي ڪاٺ ۾ وجهاءِ.‘ ائين چئي ڦل وڌوئي منتر پڙهي منڊ هنيس، جنهن تي دائي شوخي ڇڏي کلي ڳالهائڻ لڳي، ۽ کيس ڳالهين ۾ محو ڪري، ڦل وڌوئي پنهنجيءَ آڱر مان منڊي لاهي کڻي ڀوريءَ واري خاص دِلي ۾ وڌي ۽ دل ۾ چيائين ته ’ڀوري جڏهن هي پاڻي پيئندي، تڏهن پاڻهي عشق جي لئون لڳنديس‘. ٻانهيءَ کي ته اهڙو منڊ لڳو جو اتي ئي محو ٿي بيهي رهي. جڏهن دِلي کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين ته دلي ۾ ايڏو بار هو جو کڻي نه پئي سگهي. اتي منٿ ڪيائين ته: ’مونکي دلو کڻايو، جو مون کي پوئتي سائڻ وٽ پهچڻو آهي‘. فقير چيس ته: هڪ شرط آهي. تون ڀوريءَ کي منهنجو حال ڏيندينءَ جيئن ڪنهن سبب سانگي سندس ملاقات نصيب ٿئي. ٻانهيءَ اها ڳالهه قبول ڪئي، جنهن تي ڦل وڌوئي مٿانئس مَنڊ لاٿو ۽ هو دلو کڻي محلات ڏانهن رواني ٿي.

ٻانهيءَ کي ويڳاڻو ڏسي، ڀوريءَ کيس چيو ته: ادي ٻانهي! اڳي ته تون جلدي پاڻي ڀري ايندي هئينءَ، اڄ ڪهڙي جهوري لڳئي جو ايتري اوير ڪيئي؟ تنهن تي ٻانهيءَ ٻڌايس ته: ”اي شهزادي! اڄ کوهه تي پاڻي ڀرڻ ويس ته اتي جوڳين فقيرن جو هڪڙو ٽولو ويٺل ڏٺم. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته جوڳين جو سردار، تنهنجي سونهن جي ساراهه ٻڌي اچي هتي سهڙيو آهي. هن پنهنجي ڏَيا ۽ ڏيکاءَ سان منهنجا نيڻ ڪڪوري ڇڏيا. تنهن تي ڀوريءَ کيس چيو ته: اي ٻانهي! انهن جوڳين جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ بيوقوفي آهي، جن جو نه مڙهه نه مقام، تن سان ڪهڙو قرب ۽ ڪلام! انهن سان پلئه اٽڪائي پنهنجو جيءُ جنجال ۾ وڌو اٿئي. ٻانهيءَ چيو ته؛ سائنڻ! جي تون انهن جوڳين جو جنسار ڏسين ته هوند حيران ٿي وڃين. اُنهن کي رڳو تنهنجي پچار آهي. اتي ڀوري ٻانهيءَ کان پاڻي گهريو ۽ جيئن ئي ڍُڪ پيتائين ته وِرهه وڪوڙي ويس، ۽ جوڳين کي ڏسڻ جو شوق دامنگير ٿيس.

پريان ڦل وڌوئي به ساٿين کان موڪلائي، اچي محلات جي دروازي تي سَين هنئين. سندس صدا ٻُڌي، ڀوريءَ جي دل کيس ڏسڻ لاءِ ڀرجي آئي، ۽ صبر ڪري، ٻانهيءَ کي چيائين ته: فقير کي پنجڪڻي ڏيئي وڃي موٽاءِ. ٻانهي داڻا کڻي اچي فقير کي خيرات ڏني، پر فقير چيس ته: تنهنجي هٿان خيرات ڪونه وٺندس، تون در جي ٻانهي آهين، تنهنجي سائڻ پاڻ اچي هٿن سان خيرات ڏئي ته پوءِ پنجڪڻي به قبول آهي. ٻانهيءَ موٽي اچي سڄي حقيقت ڀوريءَ کي ٻڌائي. ڀوريءَ محلات جي دريءَ مان سڄو رنگ ويٺي ڏٺو، سا هاڻي پاڻ خيرات کڻي دروازي تي آئي، ۽ جيئن ئي ڦل وڌوئي جي ڪستي ۾ داڻا وڌائين تيئن ڪستو ڀَڄي ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. اتي ڀوريءَ ڏانهس نهاريو ۽ ڦل وڌوئي ڏانهس ڏٺو، ديدن سان ديدون اڙجي ويون، عشق جو تير ڇٽو، ۽ ٻئي زخمي ٿي پيا. پر ڀوري اڃان به صبر ڪري کيس چيو ته: ”اي فقير! مون کان تنهنجو ڪستو ڀڄي پيو آهي، چئين ته سونو ٺهرائي ڏيئين؟“ ڦل وڌوئي جواب ڏنس ته: ’اي شهزادي! ڪنهن ڪامڻ ڪري ڄاڻي واڻي اسان ويراڳين جو ڪستو ڀڳو آهي، سون سان اسان جو ڪهڙو ڪم! اسان کي پنهنجو هي ساڳيو ڪستو سڄو ڪري ڏي!‘ ڀوريءَ وراڻيس ته: ’اي فقير! ڀڳل شيء وري سڄي ڪيئن ٿيندي...تون پاڻ آهين ڪير، ڪيڏانهن ٿو وڃين، ۽ هت ڪيئن آيو آهين؟‘ ڦل وڌوئي جواب ڏنس ته: ’شهزادي! اسان فقيرن جو حال پڇي ڇا ڪندينءَ؟ منهنجو نالو ڦل وڌوئو آهي، تنهنجيءَ تلاش ۾ مون فقيراڻا حال ڪيا آهن، پر اڃان تائين من جون مُرادون نه پنيون اٿم. هاڻي ڀلو ڪرين ته فقير کي ڪستو سڄو ڪري ڏي.‘ ڀوريءَ چيس ته: ”فقير! اهو جيڪو ڪستو ڀڳو آهي، سو وري ڪڏهن به سڄو ڪونه ٿيندو، چاهي سوين ڪاريگر سڏائين...پر مون کي به تنهنجي نينهن نهوڙي وڌو آهي، سو هاڻي ڪستي کي وسار، ۽ مون سان گڏجي هل ته هلي ڪي روح رچنديون رهاڻيون ڪريون.“

ڦل وڌوئو پنهنجي من جون مرادون پوريون ٿينديون ڏسي ڀوريءَ سان گڏجي محلات ۾ آيو. ڀوريءَ کيس ڪنهن ڪنڊ پاسي رهايو ۽ ساڻس ورونهه ونڊڻ لڳي. ٻانهين وٽ آخرڪار ڳالهه ڪانه ٽڪي، سو وڃي ڀوريءَ جي ماءُ کي ٻڌايائون ته ’شهزاديءَ جو هڪ جوڳي فقير سان نينهن لڳي ويو آهي.‘ ڀوريءَ کي جڏهن اهو معلوم ٿيو، تڏهن ڦل وڌوئي سان سڄو حال ڪيائين. اتي ڦل وڌوئي کيس ٻڌايو ته: آءٌ ڪو جوڳي ڪونه آهيان، منهنجو پيءُ بادشاهه آهي، ۽ آءٌ سندس ولي عهد آهيان. مون تنهنجي تلاش ۾ ئي هي فقيراڻا ويس ڪيا آهن. انهيءَ تي ڀوريءَ چيس ته: هاڻي اهو فقيراڻو ويس لاهه ۽ شاهاڻي پوشاڪ پاءِ، جا آءٌ تنهنجي لاءِ هن گهڙيءَ ٿي گهرايان. انهيءَ تي ڦل وڌوئي چيس ته: شهزادي! هي فقيراڻا ويس آءٌ تڏهن لاهيندس، جڏهن تون مون سان شاديءَ جو انجام ڪندينءَ. ڀوريءَ کيس انجام ڏنو، ۽ ٻانهيءَ کي حڪم ڏنائين ته: ’هن لاءِ شاهي ويس وڳا آڻ.‘ حڪم جي تعميل ٿي.

پوءِ ڀوريءَ، ڦل وڌوئي کي ويهاري پنهنجي ماءُ وٽ ويئي ۽ چيائينس ته: اما! منهنجي قسمت ۾ هڪ جوڳي لکيل هو، سو اچي ويو آهي....هاڻي جلدي ڪر مونکي ان سان پرڻاءِ، ۽ پڻ بابي اُتم راءِ کي به ٻڌاءِ. جيڪڏهن مون کي پنهنجن هٿن سان پرڻائي نٿا ڏيو ته پوءِ سڄي عمر منهنجي منهن لاءِ سڪندئو؟ ڀوريءَ جي اها ڳالهه ٻڌي ۽ سندس حال ڏسي، ماڻس کي به پڪ ٿي ته هيءَ ٻيو ور ڪانه ڪندي. سو چيائينس ته: ’تون ترس ته آءٌ تنهنجي پيءُ سان صلاح ڪري ٿي اچان.‘

ڀوريءَ جي ماءُ منهن مٿو پٽيندي اُتم راءِ وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: ’مون توکي چيو هو ته ڇوڪريءَ جو سڱ ڪنهن کي ڏئي ڇڏ، جو ڪئين بادشاهه ۽ شهزادا توکان گهري رهيا آهن. پر تو منهنجي هڪ به ڪانه ٻڌي. تنهنجي لاغرضائي جو نتيجو اهو نڪتو، جو ڀوريءَ جو پيچ هڪڙي فقير سان پئجي ويو آهي، ۽ هاڻي اُن سان شادي ڪرڻ لاءِ ضد ڪيو بيٺي آهي.‘ پڻس اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو، چئي: اسان جو ڀاڳ ڦٽو، جو ڀوري، جوڳي وَرُ ڪيو. هاڻي زهر آڻي ڏي ته کائي مران، هن جيئڻ کان مئو ڀلو آهيان. جڏهن ڀوريءَ کي پنهنجي پيءُ جي ناراضگيءَ جي خبر پئي، تڏهن پاند ڳچيءَ ۾ پائي، کيس پرچائڻ لاءِ آئي، ۽ کيس ٻڌايائين ته: ’بابا سائين! ڦل ڪو جوڳي ڪونهي، پر هن کي منهنجي عشق فقير ڪيو آهي، تون پڇا ڳاڇا ڪري ڏس ته خبر پوندءِ ته هو به هڪ رياست جو شهزادو آهي، نهايت نيڪ بخت ۽ بهادر آهي. هاڻي ڀلو ڪرين ته مون کي پنهنجن هٿن سان پرڻائي ڏي. انهيءَ تي اُتم راءِ پڇا ڳاڇا ڪئي. جڏهن خبر پيس ته برابر ڦل وڌوئو بادشاهه جو پٽ آهي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، پر چيائين ته: مون کي ٻيو ڪو اولاد ڪونهي، فقط هڪ ڌيءَ ڀوري اٿم، جا اکين کان پري ڪري نٿو سگهان. توکي آءٌ پنهنجو ولي عهد ٿو ڪريان ۽ تون واعدو ڪر ته هت رهندين. ڦل وڌوئي اها ڳالهه قبول ڪئي، جنهن بعد وڏي ڌام ڌوم سان ڀوريءَ سان سندس شادي ٿي. ڦل وڌوئي پنهنجي مڙني ساٿين کي اميراڻا ويس پهرايا ۽ پنهنجي پيءُ ڏانهن پيغام موڪلي سڄي احوال کان کيس واقف ڪيو. هڪ خاص ساٿيءَ کي چيائين ته: ’وڃي ان آتڻ واريءَ کي چئو ته مون اونچل ڪوٽ واري بادشاهه اُتم راءِ جي ڌيءُ ڀوريءَ کي ڳولي هٿ ڪيو آهي ۽ ان سان شادي ڪئي اٿم. هاڻي اوهين پنهنجو ور ڳولي لهو.‘ جڏهن ڦل وڌوئي جو پيغام پڻس کي پهتو، تڏهن کيس ٻيو شهزادو به ڄائو هو، انهيءَ ڪري خوشيءَ سان ڦل وڌوئي کي اونچل ڪوٽ ۾ رهڻ جي اجازت جو پيغام موڪليائين. اُتم راءِ جي وفات بعد ڦل وڌوئو اونچل ڪوٽ جو بادشاهه ٿيو ۽ ڀوري سندس پٽ راڻي ٿي، ۽ ٻنهي عمر جا ڏينهن پاڻ ۾ نهايت محبت ۽ خوشيءَ ۾ گذاريا.

چون ٿا ته ’اونچل ڪوٽ‘ ساڳي انهيءَ جاءِ تي هو، جتي هينئر ’ڪوٽ ڏجي‘ آهي. ڪوٽ جي اڀرندي طرف ۽ ڏجي جي شهر جي ڏکڻ طرف اتاهين ٽڪر تي هڪ قديم مقام آهي، جتي اڃان تائين ٻه قبرون موجود آهن، جن مان مقامي طور هڪ ڦل وڌوئي جي، ۽ ٻي ’بيبي ڀوري‘ جي سڏجي ٿي.

 

ڦل وڌئو ۽ ڀوري

*

چيل الله رکيو مري

 

                                1-      آيو آتڻ وچ ۾، ڦل وڌئو في الحال،
                                        شهزادي شوق منجهان، خان ڪيڙو خيال،
                                        سڀئي صورت سهڻيون، سڀني حسن ڪمال،
                                        هيئن ڪيائين حال، ته ’مونکي اوهان مؤن آوڙي ڪانڪا.‘

 

2-     اَتڻ وارين آکيو، ڦُلَ! مَ ڦِڪيون ڪر،
  بانوٌر اٿئي بادشاهي جو، توڙي هجين تونگر،
 ٿيءُ روانو، ”رکيل“ چئي، پير پرانهان ڌر،
وڃ تنهين جي در، جيڪا نار هڪلائي ٿي نر پکي.

 

 3-     نار هڪلائي ٿي نر پکي، آهي سا اظهار،
 ڦري آيا ڦُل وٽ، دوست دلبر يار،
 ڪيڏو هنيو ڪامڻي، اهو طعنو تار،
 ٿي ڀوريءَ جو ڀتار، ويهه نه تيسين وڌئا!

 

  4-     ويٺو ڪين وڌئو، گهوٽ به پنهنجي گهر،
 سؤ ڄڻن سنڀري، بابُن مَٽيو بر،
پڇئون پورب پنڌ جو، سٽاڻو سفر،
 ديکيائون ٿي در، گڏجي گورک ناٿ کي.

 

  5-      گڏيا گورک ناٿ کي، نالا اٿن نيشان،
 وڌئو پٽ والي رياست جو، سو سالڪ سرت سجان،
  لايو ڇار ڇتن کي، ٿينِ دونهن تي ديوان،
 پڙهي سي پڪا ٿيا، جادو کيل جوان،
موٽي ٿيا مزمانَ، اچي اونچل ڪوٽ تي.

 

   6-     اچي اونچل ڪوٽ تي، راول رهيا رات،
  ٻانهي ٻيڙو کڻي آئي، پرهه ڦٽي پرڀات،
  ڪست منجهان تنهن ڪامڻي، ڪئي وائي اها وات:
 ’جوڳين سندي ذات، اوهين ڀَڄي پنهنجي جاءِ ٿيو‘.

 

 7-     وڌي پڇيس وڌئي، پانَهه ڀري پير:
 ’تون جا پوشيدي پاڻي ڀرين، ڇتن ساڻ ڇڳير،
گهڙا تنهنجا گهڻي وارا، سَرها ڪيئي سُرهٖير،

 
اکيون آهوئون آڳَريون، ڀرُون ڀمنگ ڀير،
 ڪامڻ آهين ڪير، ڪا ڏي حقيقت حال جي؟‘

 

8-     چئي:  ’ڌيءَ اُتم راءِ جي، ڀوري ٻال ڪنوار،
ڪونه ڇڏي ٿي ڪوٽ ۾، نر پکي سا نار،
تنهن دانہَ جي درٻار، آءٌ ته ٻانهي آهيان.‘

 

9-     ڪري وڪيلت وچ ۾، ٻانهي! جي ٻارينٌ،
گولي! گلمن تي ويهاريئنٖ، جي جوڳي جيارينٌ،
دعا ڪريونءِ دل ۾، سامي جي سارينٌ،
ڀوري ڏيکارين، دائي! درويشن کي.

 

10-    دائيءَ تنهن درويش کي، ويڻ ڪيا واري:
’ڪڏهن ڪين ايندي، اوهان جي اظهاري،
سٽائيٖ سيلَهنِ سان، توکي ڇڏي ماري،
پوءِ سامي! سينگاري، کڻندئي مڙهه مقام ڏي.‘

 

11-    چئي: ’منهنجو مڙهه مقام ڏي، آخر اڳيئي،
تنهنجي هن جوڳين سان، پاهت ڪين پيئي،
منهنجو گُر ٿئي گورک ناٿ، سان تون سمجهي ڪر سَهي،
هي سامي سڀيئي، کڻي ڪاٺ وجهائج ڪاپڙي.‘

 

12-    ڪاپڙي ڪوڪا پِنڊ جا، ٿو اکر اُٿلائي،
هاڻي مائي مهيسيءَ سان، پئي کلي ڳالهائي،
منڊي لاهي هٿ مان، ٿو پاڻيءَ ۾ پائي،
حال حقيقت دل جي، ٿو سڀئي سڻائي،
هاڻي جادو جلائي، پاڻهي آڻيندس پير تي.

 

13-    پاڻهي آڻيندس پير تي، هاڻي ڪيئن ڪري،
داڻا تنهن دائيءَ کي، هنيا ٻهڳڻ ٻاڻ ڀري،
دليٖ کؤن دل دور ٿيس، ٿي پوچا پيرٖ ڌري،
ڏسيو جنسار جوڳين جا، پلڪ نه ٿئي پري،
پوءِ دِلا سِر ڌري، وئي ٻانهي ٻائيءَ اڳيان.

 

14-    ’اڳي ويندٖي ورندي هُئينءَ، اڄ وڃي ڪيئي اَويلَ؟
توکي نينهن نهوڙيو، عاشق ڪنهن اڻگهيل،
نڪري منڌ ماڙيءَ مان، ڪيئي محبتي منهن ميل،
ٻانهي! ٻَڌيئي ٻيلٖ، ڳجهيون ڪيون اٿئي ڳالهڙيون.‘

 

15-    چئي: ’نڪا ڳالهه ڳجهي اٿم، نڪو نينهن لايو،
اڄ پڻ پورب پار جو، ڪو آڌوتي آيو،
تنهن نانگي نيڻ ڪڪوريا، منهنجو وس ويو،
هن جوڳيءَ جادو ڪيو، منهنجو جيءُ جلانٌ ڪيئين.‘

 

16-    ’جلان وٺ مَ جوڳين جي، نيڻ نڀاڳي نار،
پينو پَٽ کنيو وتن، نانگن ڏي نه نهار،
وِڌئي پنهنجو جيءُ جنجار، پر منهنجي دل به دليم ڪيئي.‘

 

17-    ’سائڻ! اڃا دل دليکم ٿيئي، جي ڏسين جوڳين جا جنسار،
رَتا مَتا مولهيا، اٿن هٿين ڪنگڻ هار،
انهن سامين وٽ سنڀار، اڃان آهي اونچل ڪوٽ جي.‘

 

18-    ’وڃ تون ويراڳين ڏي، ٻانهي! ٻيو ڀيرو،
پِنو پنج-ڪڻي، هلي ڪريو ڀوريءَ در ڀيرو،
ساجهر سويرو، اوهان کي اکا وٺي آءٌ ڏيان.‘

 

19-    دائي تنهن درويش وٽ، اُمالڪ آئي،
اُٿي ڦل فقير! تنهنجي گهورن آهي گهائي،
اچي تنهن اڱڻ تي، ورنهه ڪر وائي،
ڀوري تنهنجي ڀاڳ ۾، ڪا اڄ آهي آئي،
ٿي اٿئي ساعت سوائي، اچي اونچل ڪوٽ تي.

 

20-    اچي تنهن اڱڻ تي، هن هنئي سينَ سچي،
داڻا وٺي نه دائيءَ کان، سامي سو سَرچي،
ڏي حاڪمزادي هٿن سين، ته وڃي پوربي پرچي،
پوءِ ڀوري پاڻ اچي، وڌا هئا ڪڻا ڪچڪول ۾.

 

21-    وڌئين ڪڻا ڪچڪول ۾، ته برتن پيو ڀَڄي،
اکيون اکين سامهيون، اتي ڀوري ٿي لڄي،
’سامي! توکي سڄي، وير وَٽِي ڏيان سون جي.‘

 

22-    ’سونُ نه گهرجي سناسين، تنهنجي وٽن ڪريون ڪوهه؟
ڏي جَڙائي جَڙُن سان، لوهر وٽئون لوهه،
ڪونهي اسان جو ڏوهه، تو برتن ڀڳو بيراڳين جو.‘

 

23-    ’ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، هت ڪيئن رهئين راتيون؟‘
’آهيان ورنهه ڦل وڌوئو، تون ڪوهه پڇين ذاتيون،
جُڳتَ ڪمائي، ڪڻٺا پائي، سُرخن سَنٌباتيون،
قند قنديلون، ناز نفيلون، وڄايم واتئون،
ڪَڙ ڪچ ڪوڏيون، ڌڙ ڪيون ڌاڳا،
ڪنگڻ، ڪولابا، ڪَن-وٽڻا، مون مُنهن مُرليون چاتيون،
چستؤن چوتا، لُنگ لنگوٽا، برتن بُگريون،
تلڪ، تُنبا، ڳل ڪفنيون سي جوڳين جڙاتيون،
کڻي خاڪون خوشيءَ مان، اٿم لڱن کي لاتيون،
هي گيڙوءَ رتيون گودڙيون، مون پورب مان پاتيون،
هي اکيون اوتاتيون، توريءَ ترسن ڪين ٿيون.‘

 

24-    ’اهو ڀڳو سڄو ڪين ٿئي، توڙي سؤ صرافن سڏاءِ،
لاتئي آڳ اندر کي، سا توکي مير ! مناسب ناهه،
وڌوئي ڇار ڇَتن ۾، اهو ڪم عليلن آهه،
لاهي لُنگ لانگوٽا، ويس وڳا تون پاءِ،
پَٽ پهر پوشاڪون، عطر عنبير لاءِ،
جي آهين بادشاهه، ته ويهه کلي چڙهه کٽ تي.‘

 

25-    خان ويهاريئي کٽ تي، هلي منڌ به ماڙيءَ ڏانهه،
’سُڻجان تون سوچ ڪري، آيل منهنجي آهه،
منهنجو لهه لاهوتيءَ سين، ٿي چوئين سچ صفاء،
مون نماڻيءَ جي نصيب ۾، اِهي انگ لکيا،
آڻائي اُتم راءِ سان، ڳهلي تون ڳالهاءِ،
پرڻائي ڏي هٿن سان، جوڪس جيجل ماءُ!
نه ته سڪندينءَ سال سڄاءِ، مادر! منهنجي مُنهن لاءِ.‘

 

26-    آڻايو اُتم راءِ کي، تنهين وير تهتاءِ،
روئي راڻي تنهن جي، ڳوڙها ڳلن تاءِ،
’بلند آيا ٿي بادشاهه، تو وٽ سهجؤن سڱ لاءِ،
ڪنهن جي مڃئي ڪينڪي، ته مٽ ثاني ڪو ناهه،
توکي مَئيٖ مارائيو، موڳا مت نه آيئي ڪا،
هاڻي ته هيءَ وئي ڪميڻي ڪڙم مان، مُٺيس آءٌ ماءُ،

ڀوريءَ ڀاڳ وياءِ، هاڻي پئي اَٿئي پاناريٖ پينوءَ جي.‘

 

27-    عورت اورانڀا ڏنس، سا اَڳ نه اُجهاڻي،
’ڪيئن بادشاهي برباد ڪيئي، اونڀاڳي نياڻي!
ڳڻي انهيءَ ڳالهه کي، ويا سالڪ سڃاڻي،
ڪماليت کي زواليت، اچيو سگهي ٿئي ساڻي،
جيڪي جيئندا جڳ ۾، سي پيا ڪبدا ڪهاڻي،
ٻيٽي اُتم راءِ جي، جا سَتي ۽ سياڻي،
سامين جي سنگ ۾، ٿي جوڪس جوڳياڻي،
ڪيئن کڻندس ڪنڌ مٿي، هڪجيڏن ۾ هاڻي،
زَن! مرين ها زهر پِي، اجائي نپايئي نياڻي،
ڏي ڀري وٽيون وِهه جون، آءٌ پيئندس جيئن پاڻي،
ڄاڻ اهو ڄاڻي، ته هاڻي جوڪس جيئندس ڪينڪي.‘

 

28- ڀِري ڀوري آئي، پاند ڳچيءَ پائيٖ،
هيءَ نيگر ناز نوازي، ٿي پيءُ کي پرچائي،
سڪ ۾ سناسي ٿيو، آيو سامين سَنگ لائي،
محبت مهيسي ڪيو، پيءُ! هو پينو ناهي،
شهزادو شاني تنهنجو، جوڙ جوڪس آهي،
ڳجهه نه رهندي ڳالهڙي، تون ڏس پرتئون پڇائي،
وڌئو والي رياست جو، جنهن جو ڏيهه ڏاني آهي،
جنهن ڪيا رعب رجواڙن تي، ڇڏيئين ڪونڌ ڪنبائي،
حاڪم پنهنجي هٿن سان، ڏي پرٽ به پرڻائي،
ڏس دانهه! دل لائي، ته اُتي ستُرهو منهنجو سنڱ ٿيو.


 


*  هن روايت جو مدار الله رکيي مري بلوچ جي بيتن ۽ مختلف سگهڙن جي زباني روايتن تي آهي.

*  هيءَ روايت سگهڙ جاڙي خان مري بلوچ جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org