سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :4

مَري ۽ مُڱَ ٿَر

*

 

ڪنهن زماني ۾، ”مُڱ ٿَر“ نالي هڪڙو جوان مرد پهلوان ڪوهستان ۾ رهندو هو. هو شڪل جو البت ڪوجهو هو. سندس شادي ”مَري“ سان ڪرايائون، جا سندس مامي جي ڌيءَ هئي. شاديءَ جي وقت مَري تمام ننڍڙي هئي، پر سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. مڱ ٿر کي پنهنجي ننڍڙي زال مريءَ سان بيحد قرب هو، جنهنڪري ٻاهر وڃڻ وقت پڻ کيس ڪلهي تي کنيو جهنگ جبل پيو گهمندو هو. سندس سڀئي انگل آرا سَٺائين. پاڻ به اڪيلو لوٺ هو، ۽ جبل جي جُهڏي ۾ رهندو هو. ٻنهي جو گذران شڪار تي هو. شڪار ڪري، گوشت تَري ٺاهي آڻي مري کي کارائيندو هو. هڪڙي ڀيري شڪار ڪونه لڳس. هٿين ٺلهو وڃڻ هن مناسب نه ڄاتو، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجيءَ ران مان گوشت ڪپي، تري ٺاهي آڻي مريءَ کي کارايائين. پوءِ جڏهن به شڪار نه لڳندو هوس، تڏهن ائين ران مان گوشت ڪپي اچي مري کي کارائيندو هو.

مري اڄ ننڍي سڀان وڏي، اچي جوان ٿي. مڱ ٿر جو دستور هو ته روز پرهه ڦٽيءَ مهل مريءَ کي جُهڏي ۾ هٿيڪو ويهاري، پاڻ شڪار تي ويندو هو، ۽ شام جو شڪار ڪري موٽي ايندو هو. هڪڙي ڏينهن مري هڪڙو ٻڪرار ڏٺو: ٻڪرار جا وار تمام وڏا ۽ ڪارا هئا، جنهنڪري مري مٿس عاشق ٿي پئي. وڌي وڃي ٻڪرار جو پاسو ورتائين، جنهن جو نالو ”کوراٺ“ هو، ۽ چيائينس ته: آءٌ تنهنجي آهيان. ٻڪرار ويچارو ڏاڍو حيران ٿيو. کانئس خبر پڇيائين ته: تون آهين ڪير؟ جنهن تي هن ٻڌايس ته: منهنجو نالو مري آهي، ۽ مڱ ٿر جي زال آهيان. مڱ ٿر جو نالو ٻڌي ٻڪرار کي اچي سر سان لڳي، چئي: مڱ ٿر جهڙي پهلوان هوندي به تون مون سان ٿي ناتو رکين ...  مڱ ٿر جي موجودگيءَ ۾ توکي ڏسڻ ئي پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ برابر آهي. تنهنڪري منهنجي پچر ڇڏ. پر مريءَ سندس پٺ ڪانه ڇڏي، چئي: هاڻي منهنجو مرڻ جيئڻ توسان آهي. اتي کوراٺ ٻڪرار دل ۾ ويچاريو ته هيءَ ڪنهن به حيلي جند ڪانه ڇڏيندي ... تنهنڪري چيائينس ته: چڱو، جي ائين آهي ته تون مڱ ٿر کي پورو ڪر ته پوءِ آءٌ توسان آهيان، باقي مڱ ٿر جي هوندي آءٌ توسان ملڻ پسند ڪونه ڪندس. اِها ڳالهه ٻڌي مريءَ چيس ته: اِهو ڪم منهنجو.

اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي مري، مڱ ٿر کي مارڻ جا پهه پچائڻ لڳي. ڪيتريون ئي اٽڪلون هلايائين، پر کيس ڪا ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي. نيٺ مڱ ٿر کان پڇيائين ته: تون اهڙو ته پهلوان آهين جو هٿيار به ڀڃيو ڇڏين، پر ڪا اهڙي به شيء آهي جا توکي جهلي سگهي؟ مڱ ٿر ويچاري کي ته سنديس حرفت جي سُڌ ئي ڪانه هئي. سو يڪدم ٻڌايائنس ته: مونکي ته ڪاشيء ڪانه ٿي سُجهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته شايد ننڍي اَئِٺَ جي ڏاسَ جو وٽيل رَسو مونکي ٻَڌي وجهي. اِهو انهيءَ ڪري ٿو چوان، جو هڪڙي ڀيري مون ٻڪرين جي واڙي مان تنهنجي لاءِ اَئيءَ جو ڦر کنيو هو؛ جهڙو ٻاهر ٿي نڪتس ته ڦرن جو تندو پير ۾ ڦاسي پيو. مون واڙي مان ٻاهر ٽپو ڏنو ته سمورا ڦر، تندٖي سميت اُڇلجي ٻاهر نڪري آيا، ۽ تندو ڪونه ڇِنو. اهو ٻُڌي مري ڏاڍي خوش ٿي.

ٻئي ڏينهن، مڱ ٿر جي وڃڻ کان پوءِ، هو سڌو کوراٺ وٽ ويئي، ۽ کيس سڄي حقيقت ٻڌائي، چيائين ته: هاڻي تون مون کي ننڍيءَ ائٺ جي ڏاسَ جو مضبوط ۽ ٿلهو رسو ڀڃارائي ڏي، ته آءٌ پاڻيهي مڱ ٿر کي پورو ڪنديس. کوراٺ ساڻس انهيءَ مدد ڪرڻ جو انجام ڪيو. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ کوراٺ، مريءَ کي اهڙو مضبوط رسو ڀڃرائي ڏنو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، مريءَ وجهه وٺي مڱ ٿر کي چيو ته: تو ڳالهه ڪئي هئي ته ننڍيءَ ائٺ جي ڏاس مان وٽيل رسو شايد توکي قابو ڪري وجهي، سو انهيءَ آزمودي وٺڻ لاءِ مون هي رسو ٺاهيو آهي. هاڻي هيءُ رسو تون پنهنجي بت سان ٻڌ ته آءٌ ڏسان ته توکي سوگهو جهلي ٿو يا نه. ويچاري مڱ ٿر جي ته خيال ۾ به اِها ڳالهه ڪانه هئي؛ ته مري ساڻس ڪهڙو فريب پيئي ڪري - وري ساڻس قرب به گهڻو هوس، تنهنڪري ٻيو ڪوبه خيال دل ۾ ڪونه آندائين، ۽ مريءَ کي موڪل ڏنائين ته: جيئن وڻيئي تيئن ٻڌيم . هن به چڱي طرح قابو ٻڌي کيس چيو ته: هاڻي ٽوڙ ته خبر پوي. مڱ ٿر ڏاڍا زور لاتا پر رَسي جي تند به ٽوڙي نه سگهيو. نيٺ ڪاوڙجي ڏاڍو زور ڏنائين ته رسو ماس مان لنگهي، وڃي هَڏ تي بيٺو. اتي مريءَ کي پڪ ٿي ته هاڻي هي بنهه قابو ٿي چڪو آهي. اُن وقت ٻيئي ڄڻا، هڪ ٽڪر جي چوٽيءَ تي هئا. مري کيس بيحال ڏسي ٽڪر تان کڻي هيٺ ڌڪو ڏنو، ۽ هيٺ ڪرڻ سان ئي مڱ ٿر جا پساهه پورا ٿي ويا.

مري اتان واندي ٿي، يڪدم کوراٺ ٻڪرار کي وڃي ڄاڻ ڪيو ته: آءٌ مڱ ٿر کي پورو ڪري آئي آهيان، هلي ڏس. کوراٺ ٻڪرار مري جو اِهو ڪم ڏسي حيران ٿي ويو. جڏهن مڱ ٿر جي بت تي ڪي نشان ڏٺائين، تڏهن کانئس پڇيائين ته: هي نشان ڇا جا آهن؟ مريءَ ٻڌايس ته: جنهن ڏينهن مڱ ٿر کي ڪو شڪار هٿ ڪونه ايندو هو، تنهن ڏينهن ران مان گوشت جو ٽڪر وڍي، پچائي ٺاهي، مونکي آڻي کارائيندو هو، اهي نشان ۽ وڍَ انهي ڪپيل گوشت جا اٿس. اهو ٻڌي، کوراٺ دل ۾ خيال ڪيو ته هيءَ رن ههڙي بهادر ۽ جوان مڙس سان به سچي ڪانه ٿي، سا مون سان ڪيئن سچي ٿيندي! ڪنهن ڏينهن مون سان به اهڙيءَ جُٺ ڪندي دير نه ڪندي. اِهو خيال ڪري، کانئس پڇيائين ته: مري! تون منهنجي ڪهڙي خوبي تي عاشق ٿي آهين؟ مريءَ ورندي ڏني ته: آءٌ تنهنجن ڪارن ڊگهن وارن تي عاشق ٿي آهيان.

مريءَ مڱ ٿر ماريو، واڌو ڏسي وارَ

اهو ٻڌي، کوراٺ چيس ته: جي تون منهنجن وارن تي عاشق ٿي آهين ته پوءِ وٺ هي وار. کوراٺ يڪدم پنهنجا وار وڍي کڻي سندس حوالي ڪيا، ۽ مري کي اُتي ئي روئندو رڙندو ڇڏي، پنهنجي واٽ وٺي رمندو رهيو، ۽ مري به اتي ئي چُڙي چُڙي مري وئي.

اڄ به اهو جبل ”مري ۽ مڱ ٿر“ جي نالي سان سڏجي ٿو. گڏاپ جي پريان ”کار نئن“ آهي جا ”ڪرمتين وارين بُٺين“ کان پرتي، حب طرف پاڻي کڻي وڃي ٿي، ۽ جبل جي ”ٻنٌڀ“ (لَڪ) مان گذري ٿي، جنهن کي ”کارٻنٌڀ“ چون ٿا. انهيءَ کارٻنڀ جي اُتر واري بُٺي ”مري ۽ مڱ ٿر“ جي بُٺي آهي*.

 

--��--

روايت [1]*

 

ڳالهه ٿا ڪن ته ”مڱ ٿر“ نالي هڪ ڪَرڙو ۽ زوردار پهلوان، ڪوهستان پاسي رهندو هو. سندس پهلواني ۽ جوانمردي ملڪان ملڪ مشهور هئي. هڪڙي ڏينهن ”مري“ نالي هڪ خوبصورت عورت کي ڏسي ورتائين، سو اُن تي عاشق ٿي پيو. پوءِ ڪنهن حيلي سان مريءَ کي باز وانگر جهٽي، پاڻ وٽ آڻي جبل تي ويهاريائين، ۽ وڏين ڇپن سان هڪڙو ٻنو ٻڌي ڇڏيائين، جو اڄ تائين سلامت بيٺو آهي. پيئڻ لاءِ پاڻي هيٺ لهي ”لنڍڙيءَ“ جي تڙ تان آڻيندو هو، ۽ گهڻو ڪري شڪار جي گوشت تي گذران ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن ڪو ڌراڙ جبل جي اڌوڪ ۾، وٽ تي ويهي، وار ڇوڙي نڙ وڄائڻ لڳو. چوٽو چڱو ڊگهو هوس. هن نڙانڊيءَ کي اهڙي ته سوز فراق مان پئي وڄايو جو جهرجهنگ جبل گونججي ويو. اهو مٺو آواز وڃي مريءَ جي ڪن پيو. مڱ ٿر ته پرهه ڦٽيءَ کان اڳ ئي شڪار جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪري ويو هو، تنهنڪري مري ويڳاڻي ڪونج وانگر ڌراڙ جي نڙ ٻڌڻ لڳي. ڌراڙ ته پنهنجي ئي ڌُن ۾ ڪنڌ ڌُوڻ لڳايو ويٺو هو، تنهن کي مريءَ جي ڪابه ڪل ڪانه هئي. مري، جا جانورن جهڙي زندگي گذاري ڪڪ ٿي پئي هئي، تنهن هڪلي وڃي ڌراڙ جو پاسو ورتو ۽ کيس خدا جا واسطا وجهي، چوڻ لڳي ته: اي ننگي! الله جي نالي مون بي گناهه کي هن بند مان ڇڏاءِ. ڌراڙ اهو آواز ٻڌي ڏڪي ويو ۽ اچي ڦڦڙي لڳيس، چئي: اهو ڪم پاڻ ٻنهي جي وت کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن مڱ ٿر کي اها خبر پئي ته پوءِ ٻنهي جو خير ڪونهي. مري! اهڙو پُٽ اڃا ڪنهن ماءُ ڄڻيوئي ڪونهي، جو مڱ ٿر جهڙي ڏهيسر کي ماري يا ساڻس مقابلو ڪري. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، کيس ٺڳيءَ سان مارڻ جا گهاٽ گهڙڻ لڳا. آخر سوچ ويچار ڪري، اهائي سٽ سٽيائون ته مري ڪو بهانو ڪري، مڱ ٿر کان سندس مرڻ مارجڻ جو پتو پڇي ڏئي، ته اُن پٽاندر ڪم پورو ڪري ڇڏجي.

ڌراڙ ته مال ڪاهي وانڍ تي هليو ويو ۽ مڱ ٿر به مُنهن-مير گوشت کڻي اچي ڀُنگي ڀيڙو ٿيو ۽ ماني ٽِڪي کائي سمهي رهيو. صبح جو مريءَ اهڙو ته کڻي مکر ڪيو جو اڀاري اڀاري کڻي کيس آسمان تي چاڙهيائين. تنهن تي مڱ ٿر جون خوشيءَ سان ڪُکيون اچي ڦاٽڻ لڳيون. مري نازنخرا ڪري پڇڻ لڳيس ته: اي مانجهي مڙس! ڪو پهلوان توسان پڄي به سگهي ٿو يا نه؟ مڱ ٿر بنا سوچ ويچار جي جواب ڏنس ته: اَوِيائي اُٺِ جي ڏاس مان ورت وٽي، جيڪڏهن ڪو جوان مونکي ٻڌي سگهي ته پوءِ هوند مونکي ماري سگهي ٿو. پر ڪنهن جي به مجال نه هئي جو مڱ ٿر کي ورت سان ٻڌي سگهي.

مري ڪن ڏينهن پڄاڻا وَجهه وٺي ساري خبر آڻي ڌراڙ کي ٻڌائي. اها ڳالهه ٻڌي، هن ويچاري جو ڏيل ئي ڏڪي ويو ۽ جواب ڏنائينس ته: مري، پاڻ ٻنهي کان اهو پنڌ گهڻو پري آهي! اٽڪل کان سواءِ مڱ ٿر کي مارڻ پنهنجيءَ حياتيءَ تان هٿ کڻڻو آهي. هاڻي اهڙو ڪو مکر منڊ جو مڱ ٿر پاڻيهي پاڻ کي ٻڌي ڏيکاري ته پوءِ مٿس وارُ ڪري، سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجيس. مري اُتان موٽي پنهنجي جهوپڙيءَ تي آئي ۽ سوچ ويچار ڪري، ڪن ڏينهن کان پوءِ ڦڙهن جي مُڃ ڪُٽي، ٿلهو رَسو وٽي، مڱ ٿر کي زور آزمائڻ لاءِ ڏنو ۽ چوڻ لڳيس ته: هاڻي پاڻ کي ٻَڌي پنهنجي طاقت ڏيکار. نوڙ ڏي نهاري، مڱ ٿر جي مڇ ئي ڪانه مُڙيِ ۽ ڪڙڪو ڪري مريءَ کي چيائين ته: جيئن وڻيئي تيئن رسي سان منهنجي بدن کي ٻڌي سوگهو ڪر. مري جا اڳيئي جلي ويٺي هئي، تنهن رسو کڻي اهڙيون ڳنڍيون ۽ ڳوپون ڏنيون جو ڪٿان به ڳٿو ڳارو ڪونه ڇڏيائينس. پوءِ مڱ ٿر کي چيائين ته: ميان! هاڻي موڪل اٿئي. تنهن تي مڱ ٿر هڪڙي ئي ڪاڍ ڪڍڻ سان رسو ٽوڙي ڇڏيو. اها حالت ڏسي، مريءَ جا ڏند چپن سان لڳي ويا ۽ حيران ٿي ويئي.

ٻئي ڏينهن سموري ڳالهه وڃي دل گُهرئي ڌراڙ سان ڪيائين. ڳالهه ٻڌڻ سان هو به نااُميد ٿي پيو. مري ڌراڙ جي اکين تي نا اُميديءَ جو اولڙو ڏسي، جهٽ سهي ڪري ورتو، تنهن ڏڍ ڏيئي چيس ته: دل نه لاهه، جيئن مڱ ٿر چيو آهي، تيئن ڏاس جي رسي کان سواءِ، ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. ويچارو ڌراڙ يڪدم واڙ تي ويو، کڙهه کولي، ڄاتي کڻي، آوِيائي اُوٺين ۾ لاب ڏاس ڪجهه ڪانبي ۾ ڪجهه ڪرائيءَ تي ويڙهي، جلڪ ڍيري تي ڪتڻ کي لڳي ويو. نيٺ ڊڙي، ڪتي ۽ اوبي پڪو رسو وٽي راس ڪيائين. جنهن کي ڏسي جيڪر جنّ ڀوت به ڇرڪ کائي ڇوهه مان ڀڄي وڃن، سو آڻي مريءَ جي حوالي ڪيائين. پرک پرکڻ لاءِ مري، مڱ ٿر کي هنڌ هڻي ڪارو رسو کڻي، سندس اڳيان اُڇليو ته: هان! وٺ، زور نه زور جو پاڻيهي پتو پوندو! مڱ ٿر جهڙي مورک پهلوان کي پنهنجن ٻانهن جي ٻل تي گهڻو ئي بانور هو، سو وري به جوان ڪاري دُشمن سان ڪانڀ ڪڍي ٽڳ ٿي ويٺو، ۽ باقي واري وڄائڻ لاءِ ڀوائتيون اکيون ڪڍي مريءَ کي للڪارڻ لڳو. مريءَ به شينهن کي پيند سان پيندي، جڙي جوپي جت هڻي، اهڙو ته جُتي ڇڏيس جو لڱ لڱ سان لڳي ويس. پوءِ ته ويچاري مڱ ٿر گهڻيون ئي ڪاڍون ڪڍيون، گهڻوئي پاڻ پتوڙيو، گهڻيئي حيلا هلايا، ۽ ڏند ڪرٽي، ججڪون جولان کائي زور ڏنا، پر وريو ڪي به ڪين. آخر زور ڏيئي ڏيئي اَڌ مُئو ٿي پيو. اتي هاڄ هاڃيليءَ مريءَ کي پڪ ٿي ته مڱ ٿر جي پڄاڻي اچي وئي آهي، سو يڪدم ڌراڙ کي سڏيائين، جيڪو مٿي من تي چڙهي آيو، ۽ مڱ ٿر کي ڪهاڙيءَ سان چِٿي، ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيائين.

مري مارايو مڱ ٿر، واڌو ڏسي ڏيئي وارَ

اهو ڪڌو ڪم ڏسي مريءَ کي ته مرڙوئي ڪونه مڙيو، پر ڌراڙ پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿيو. ڳالهه جو اڳ پوءِ جاچي، اهڙي ته غيرت اچي ويس جو ڪيراڳ کي ڳٽڪاري، اولهه ڏي حب ندي جو رخ کڻي رکيائين. اتي مريءَ جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. پوءِ ته روئي ٻاڏائي کيس ترسائڻ جا حيلا هلائڻ لڳي. پر ڌراڙ کي مٿس ڪو ڪهڪاءُ ڪونه پيو. اُٽلندو ڪاوڙجي چيائينس ته: نڀاڳي! مون کان ڀڄي پري ٿيءُ، تو مڱ ٿر جهڙي مڙس جو ڪو قدر نه ڪري سندس هيءُ حال ڪرايو آهي، سو آءٌ ان جي اڳيان ڪهڙي ڳالهه آهيان، جو مون سان لانئون لهي نينهن نڀائيندينءَ. سڀاڻي تون مون کي به ائين مارائي ڇڏينديئن. مري! آخر تو مون ۾ ڇا ڏٺو آهي، جو منهنجي جند نٿي ڇڏين؟ تڏهن مريءَ چيس ته: ڌراڙ! هڪ ته آءٌ تنهنجي ڀنڀي چوٽي تي عاشق ٿي آهيان، ٻيو تنهنجي نڙ جي ويراڳي وصال مونکي گهائي ڇڏيو آهي. اهو ٻڌي هن يڪدم پنهنجو چوٽو ڪوڙي کڻي مريءَ کي ڏنو ۽ نڙانڊي به نهوڙي کيس ڏئي، مال ڪاهي روانو ٿيو.

پوءِ مري، جا نه رهي دين جي نه دنيا جي، ڪرمن کي ڪٽيندي، اوساريندي، پار ڪڍندي، هڪ جبل ڏانهن کڻي منهن ڪيائين. اهو جبل اڄ ڏينهن تائين ”مريءَ وارو جبل“ پيو ڪوٺجي. مري اُن جبل جا ڪڇا ڪڇيندي، ڏکڻ ڏي رواني ٿي ويئي، ۽ ڪن ڏينهن کان پوءِ، منگهي پير آستاني تي اچي پهتي. چون ٿا ته اُن وقت منگهو پير جيئرو هو جنهن خذمتگار ڪري رکيس ۽ سندس نالو ڦيرائي ”بودلي“ يعني ”پاليل ٻانهي“ ڪري رکيائين. ڪجهه سالن کان پوءِ ڏيج پوت ڏئي، پهڄون پهرائي، پنهنجي هڪڙي خذمتگار سان پرڻائي، سُرهي سهاڳڻ ڪري ڇڏيائينس.

 

 

--��--

 

اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري نِڱامري

 

[هيءُ قصو خصوصاً سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ رائج آهي. ٺٽي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن مان هن قصي جون جملي ست روايتون مليون، جن کي ڀيٽڻ سان چار مستقل روايتون قائم ڪيون ويون آهن، ۽ جزوي اختلاف هيٺ حاشين ۾ ڏنا ويا آهن. پهرين روايت تفصيلي آهي، جنهن جو مدار ضلعي ٿرپارڪر مان (1) مٺو فقير مڱڻهار، (2) رائچند هريجن ۽ (3) ٺٽي ۽ ٿرپاڪر ضلعن جي مختلف سگهڙن کان ڪچهرين ۾ ٻڌل زباني روايتن تي آهي. ٻي روايت ڪڇ جي سگهڙ مٺو فقير نهڙيي جي زباني قلمبند ڪيل آهي. ٽئين روايت منگهارام ”اوجها“ (تعلقو ننگرپارڪر) کان مليل آهي، ۽ چوٿين روايت ”ڪڇ ني لوڪ وارتا“ گجراتي ڪتابڙي تان ترجمو ڏني ويئي آهي-مرتب.]

 

 

--��--

 

روايت[1]*

 

”ڄام مهڙ“ ۽ ”ڄام اُڍو ڪيهر“ ذات جا سما، ٻئي ”ڄام مَنَهي“ جا پٽ هئا[1]. وڏو مهڙ ۽ ننڍو اُڍو، ڪڇ جي ڪڪراڙي ۾ راڄ ڪندا هئا[2]. مهڙ پرڻيل هو، ۽ اُڍو ڪنوارو هو[3]. خدا جي قدرت سان اهڙو ته سهڻو هو، جو اونداهيءَ رات ۾ ٻاهر نڪرندو هو ته سندس حسن جي شماع سان چانڊوڪي ٿي ويندي هئي. انهيءَ ڪري رات جو محلات کان ٻاهر نه نڪرندو هو. ۽ صبح جو به پهرئين پهر تائين ڪنهن عورت جو منهن نه ڏسندو هو. اُڍي جو محلات جدا هوندو هو. مهڙ جي زال کي اها سا خبر هئي ته سندس ڏير تمام سهڻو آهي، پر ڏٺو ڪونه هئائين. ڪيترا ڀيرا رڳو اُڍي کي ڏسڻ لاءِ محلات ۾ گهرايائين، پر هو نه آيو. راڻيءَ، محلات جي انهيءَ پاسي کان دريون رکائي ڇڏيون هيون، جنهن پاسي کان اُڍي جو لنگهه هو. تان جو چار ورهيه گذري ويا، پر ڪو کڙ تيل ڪونه نڪتو.

هڪ دفعي آڌيءَ رات جو اُڍي جا گهورا ڇڙي پيا. اُنداهي رات هئي، هو گهوڙن کي ورائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ته شعاع ٿي ويو. مهڙ جي زال ان وقت مٿي ماڙيءَ تي بيٺي هئي، تنهن جو اوندهه ۾ شعاع ڏٺو، سا حيران ٿي ويئي. يڪدم دائيءَ کي سڏي اهو لقاءُ ڏيکاريائين، ۽ پڇيائينس ته اهو سهائو ڇا جو آهي؟ دائيءَ جواب ڏنس ته اهو اُڍو ڪيهر آهي. اهو ٻڌي هوءَ اُڍي تي عاشق ٿي پئي، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته هاڻي ڪنهن به نموني اُڍي سان رهاڻ ڪجي. سو دائيءَ کي چيائين ته نڀاڳي، تو اڳ ۾ مون سان اها ڳالهه ڇونه ڪئي؟ هاڻي ڪيئن به ڪري اُڍي کي هتي وٺي اچ ته ساڻس رهاڻ ڪريان. دائيءَ دلاسو ڏنس ته سڀاڻي ڪنهن به حيلي اُڍي کي تو وٽ وٺي اينديس[4].

مهڙ جي زال سڄي رات ننڊ نه ڪئي، ۽ پاسا ورائيندي صبح ڪيائين. صبح جو اٿندي ئي دائيءَ کي هڪ خط لکي ڏنائين ته، وڃي اُڍي کي ڏي. دائيءَ چيس ته اُڍو مونکي سڃاڻي ٿو، ۽ شايد ماري ڇڏيم. تنهن تي مهڙ جي زال چيس ته توکي ڪنهن به حالت ۾ وڃڻو آهي. دائي ويچاري پرزو کڻي ڏڪندي ڪنبندي اچي اُڍي ڪيهر جي محلات ۾ پهتي. صبح ساڻ ڪنهن زال جو منهن ڏسي اُڍو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو. نه ڪيائين هم نه تم نيٽ کڻي دائيءَ کي ڪٽڻ لڳو. چي دائي! خبر اٿئي ته جيستائين سوا پهر سج نه چڙهي تيستائين آءٌ ڪنهن عورت جو منهن نه ڏسندو آهيان، سو تون ڪيئن منهنجي محلات ۾ آئي آهين؟ دائي جواب ڏنو ته آءٌ حڪم جي ٻانهي آهيان. خط ڏئي دائي ويندي رهي[5] اڍو جان کڻي ڏسي ته خط ۾ لکيل آهي:

چوندي ورهيه چار، اسان اوڍا تو ٿيا،
ڪيهر من ويچار، منهنجا نيڻ جهليا نه رهن.

 

خط پڙهي اُڍو ڏاڍو حيران ٿيو، ۽ دل ۾ ويچار ڪيائين ته ڀاءُ جي زال منهنجي ماءُ جي برابر آهي، آءٌ ڪيئن منجهس بري نظر وجهندس. سو ماٺڙي ڪري خط ڦاڙي ويهي رهيو. ٻئي ڏينهن مهڙ جي زال دائيءَ کي جواب وٺي اچڻ لاءِ موڪليو. اُڍي ڪيهر دائيءَ کي چيو ته دائي! مهڙ جي زال منهنجي لاءِ ماءُ برابر آهي، انهيءَ کي منهنجي پاران وڃي چؤ ته

هجي سا ٿئي، ٻي ڪچي ٿئي نه ڳال،
اهڙو ميڙي مال، ڪيئن ڪُر کي ٽڪو لائيان؟

 

دائيءَ جڏهن اُڍي جو اهو جواب مهڙ جي زال کي وڃي ڏنو، تڏهن هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين ته هاڻي منهنجي دل جو سور تڏهن لهندو، جڏهن اُڍو انهيءَ محلات مان نڪرندو. سو پنهنجا ڪپڙا لاهي دائيءَ کي ڏنائين ۽ چيائينس ته دائي! اُڍي منهنجو چوڻ ڪونه ڪيو. هاڻي هيئن ڪر جو ڪپڙا ڦاڙي، ليڙون ليڙون ڪري وڃي مهڙ جي ڪچهريءَ ۾ اڇلاءِ، پوءِ ڏس ته ڇا ٿو ٿئي. دائيءَ حڪم موجب راڻيءَ جا ڪپڙا ڦاڙي، ليڙون ليڙون ڪري، مهڙ جي ڪچهريءَ ۾ وئي. مهڙ انهيءَ مهل يارن دوستن سان ويٺي چوپڙ راند کيڏي ۽ شراب پيتو. دائي سندس اڳيان، راڻي جا ڦاٽل ڪپڙا اڇلائي چيو ته

دائي ڪري ڳالهه، تنهنجي راڻي روئي رت ڦڙا،
دارون پئين ڄام ته رات اُڍو محلين آئيو.

 

(ڄام! راڻي چئي ٿي ته اهڙا ڀائر ٻه-ٽي ٻيا به هجن، جو توهين هتي ويٺا موجون ماڻيو ۽ شراب پيئو هوڏانهن تنهنجو ڀاءُ اُڍو اچي مون سان هٿين پيو. پاڻ بچائڻ ۾ راڻيءَ جي ڪپڙن جا هي حال ٿيا آهن.)

دائيءَ جي واتان اها ڳالهه ٻڌي ۽ پنهنجي راڻيءَ جا ڦاٽل ڪپڙا ڏسي مهڙ ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو، ۽ يڪدم تلوار کڻي اُڍي کي مارڻ لاءِ اُٿيو. ڪچهريءَ ۾ ويٺل دوستن مهڙ کي چيو ته: ڄام! تڪڙ ڪم شيطان جو، اُڍي جو اهو وڙ نه آهي ... ۽ نه ئي ڪو اهڙو عيب اُڍي ۾ آهي. توهين ڪجهه وقت ترسو ته اسين سڄي خبر چار وٺي، ڳالهه جو انت لهي ٿا اچون. پوءِ جيڪي ڪرڻو هوندو سو ڪنداسين. باقي اوهان کي اٻهرائي ڪرڻ واجب نه آهي. مهڙ کي اها ڳالهه دل سان لڳي، سو ڪاوڙ روڪي ويهي رهيو. پوءِ چار چڱا گڏجي اُڍي وٽ ويا؛ ڏسن ته هو پنهنجي محلات ۾ کٽ اونڍي ڪيو ستو پيو آهي! چڱن مڙسن اُڍي کان پڇيو ته: اڄ تون ههڙيءَ حالت ۾ ڇو آهين؟ اُڍي جواب ڏنو ته: ادا! ڀانيان ٿو ته اڄ هتي جو داڻو پاڻي مون لاءِ کُٽي چڪو آهي، تنهنڪري جيڪو منهنجو دوست ۽ ڀاءٌ ٿئي، سو مون سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿئي؛ جيڪو مهڙ جو دوست ۽ ڀاءُ ٿئي سو مهڙ وٽ وڃي رهي. پاڻ اڄ ڪڇ ڪڪراڙ کي ڇڏي روانا ٿينداسون[6]. ائين چئي اُڍي يڪدم پنهنجا وهٽ تيار ڪرايا. انهن چڱن مڙسن سڄي حقيقت وڃي مهڙ سان ڪئي، ۽ کيس سمجهايائون ته: اُڍو ائين ڪونه ڪندو. راڻيءَ جي ڪوڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توکي ويساهه نٿو اچي ته پوءِ اسين به تو وٽ ڪونه ترسنداسين. پر مهڙ پنهنجي ڳالهه کان نه لٿو. چئي: جيڪو دل ۾ دليل پيدا پيو اٿم سو ڏکيو لهندو. توهين پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهيو. وڻيوَ ته مون وٽ رهو، وڻيو ته اُڍي سان وڃو. آءٌ نڪي چوندس ويهه، نڪي چوندوسانس ته وڃ.

تنهن تي اُهي سڀ وڃي اُڍي سان مليا ۽ ساڻس گڏجي ڪڇ ڪراڙاري کي ڇڏيائون. اُڍي جي وڃڻ جو ٻڌي راڻيءَ کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ منهن مٿو پٽي چوڻ لڳي:

اتر سيگهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
هينئڙو ڦٿڪي مَڇ جيئن، ساجن سنبريا[7].

 

جڏهن اُڍو شهر ڇڏڻ لڳو، تڏهن وري راڻيءَ چيو ته:

اوڍي اوچارا کنيا، مَيَن وڌو مال،
نه ڄاڻان ڪهڙي ڳال، ڇڏيائين ڪوٽ ڪڪرالو[8].

 

اُڍو جڏهن شهر ڇڏي ويو، تڏهن راڻيءَ کي سڄو شهر سڃو ڏسڻ ۾ آيو ۽ روئي ورلاپ ڪرڻ لڳي ته:

جنين ڪارڻ مون ڪيا، ڀتين ۾ ٻارا،
سي سڄڻ سنبري هليا، ڪري خالي اوتارا.

 

آخر راڻي پنهنجي ٻانهيءَ کي نياپو ڏيئي موڪليو ته: اڃا اُڍو پري نه ويو هوندو وڃي چئينس ته:

اُڍا! وارئين ويڻ، ته تنهنجون وينديون لڏون واريان،
ٿئين اسان جو سيڻ، ته رهيو مر راڄ ڪرين.

 

اُڌي دائيءَ کي جواب ۾ چيو ته، راڻيءَ کي وڃي چئو ته:

هيڪر جي کنيون، سي هتي ڪيئن لاهيان؟
اسان جون رهاڻيون، ٿينديون ويسيل راءِ سان[9].

 

ٻانهي موٽي اچي راڻيءَ کي نياپو ڏنو. راڻيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. جڏهن خبر پيس ته سچ پچ اُڍو هتان هليو ويو، تڏهن کيس پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو. آخرڪار خيال ڪيائين ته: رٺل هو، ته به ويجهو ته هو، روز ڏسي پئي دل خوش ڪندي هيس. هاڻي سندس جدائيءَ ۾ دل کي آرام ڪيئن ايندو! تنهنڪري ڪنهن به حيلي اُڍي کي موٽائي هتي آڻجي. آخرڪار پنهنجي مڙس مهڙ کي چيائين ته: ننڊ ۽ نشو ٻئي خراب آهن. مون نشي جي حالت ۾ پنهنجا ڪپڙا لٽا ڦاڙي دائيءَ کي ڏنا، پر دائي به نشي ۾ اُلوٽ هئي، سا وري اُهي تو وٽ ڪچهريءَ ۾ کڻي آئي، تنهنڪري تون دل مان دليل ڪڍي اُڍي کي پرچائي وٺي اچ. ڇو ته اُڍي جو اهو شان نه آهي. مهڙ پنهنجي زال جي ڳالهه ٻڌي چيو ته: ڪوڙ يا سچ، پر منهنجي دل تي ڪٽر ويهي رهيو آهي. سو آءٌ هاڻي اُڍي کي مور وٺڻ نه ويندس. تنهن تي راڻيءَ چيس ته: پوءِ مون کي موڪل ڏي ته آءٌ وڃي اُڍي کي وٺي اچان. مهڙ چيس ته: هو تنهنجي پٽ برابر آهي. جي وٺي اچينس ته مون کي ڪوبه اعتراض ڪونهي. اهو ٻڌي راڻي اُڍي کي موٽائي وٺي اچڻ لاءِ ڏوليءَ ۾ چڙهي رواني ٿي. هوڏانهن اُڍو ڪيهر پنهنجي ساٿ سميت وڃي ڪيري جبل تي پهتو. هڪ رات جو اوجاڳو ٻي بک، سو اتي ڊاٻو ڪري ويهي رهيا. ماني رڌي کاڌائون پيتائون مس ته مهڙ جي زال به اچي اتي پهتي ۽ اُڍي کي موٽي هلڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳي. اُڍو هيڪر ته ڀاڄائيءَ کي اتي ڏسي حيران ٿي ويو، پر پوءِ سندس ڳالهين مان هوسَ جي ڇڪ معلوم ڪري چيائين ته: ڀاءُ ڪري ڪوٺين ته هلان، پُٽ ڪري ڪوٺين ته هلان، پر بُري نيت سان مور نه هلندس. راڻيءَ چيس ته: ڀاءُ جيڪو منهنجو هوندو سو ٿيندو، توسان منهنجو نينهن ڳنڍجي ويو آهي. انهيءَ ڪري ئي توکي وٺڻ آئي آهيان، جي هلين ته هل نه ته آءُ به موٽي پوئتي ڪانه وينديس. تنهن تي اُڍي چيس ته: جي ائين آهي ته پوءِ تون هتي ويهه، اسين هليا ٿا وڃون. ائين چئي اُڍو پنهنجن دوستن سا گڏ اڳتي هليو ويو[10]. اُڍي جي وڃڻ کان پوءِ مهڙ جي زال درد مان دانهون ڪري جبل کي پٽڻ لڳي ته:

ڪِيرا ٿئين نيرو، تنهنجي ٻني ڇڏيو ٻَهُڪ،
سڄڻ سيڙي هليا، ڏيئي منهنجي هنين چهڪ.

 

وري جبل تي اُڍي جا پير ڏسي چوڻ لڳي ته:

ڪِيرا تو جُهار، ٻيا ڀي ساڻي سنڌ جا[11]،
جي ٿئين نولکو هار، ته ڳچيءَ پائي لوڏيان.

 

پوءِ مهڙ جي زال پنهنجو ڪرم ڪٽيندي موٽي آئي.

اُڍو اتان هلندو هلندو اچي ويسر راءِ واگهيلو وٽ پهتو. ويسر راءِ ذات جو سمو ۽ اُڍي جو چاچو هو[12]. هن جڏهن ٻڌو اُڍو پيو اچي، سو تمام خوش ٿيو، پاڻ اُڍي وٽ هلي آيو، ۽ پڇيائينس ته: ڪيئن آيو آهين؟ اُڍي جواب ڏنس ته: توهان جي سڪ هئي، تنهنڪري ملڻ آيو آهيان. پوءِ کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. جنهن تي ويسر راءِ کيس دلداري ڏني. پوءِ کيس شادي ڪرائي راڄ ڀاڳ مان اڌ ورهائي کيس ڏنائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ اُڍي خيال ڪيو ته ابي جي ملڪيت ۾ منهنجو به اڌ آهي، اهو به وٺان. پر، جيئن ته چاچس جو مٿس ٿورو ڪيل هو، تنهنڪري خيال ڪيائين ته چاچي کان ٻول وٺي ڇڏجي، متان جنهن مهل آءٌ پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ تيار ٿيان، تڏهن ڪا روڪ ڪري. سو هڪڙي ڏينهن ويسر راءِ کي چيائين ته: چاچا! مونکي هڪڙي ڏَس ڇوٽ ڪجئين. ويسر راءِ کي خبر هئي ته اُڍو ڀاءُ سان وڙهي آيو آهي، تنهنڪري جنهن ڏس جي ڇوٽ ٿو گهري، سا لاشڪ ته مهڙ جي ملڪ واري آهي، متان اتي وڃي جنگ جهيڙو ڪري، تنهنڪري چڱائي انهيءَ ۾ آهي ته کيس روڪ ڪجي. سو چيائينس ته: جنهن ڏِس جي ڇوٽ ٿو گهرين، اها تنهنجي لاءِ بند آهي. باقي ٻيون ٽيئي ڏسيون تنهنجي لاءِ ڇوٽ آهن[13].

ٻن چئن سالن کان پوءِ اُڍي خيال ڪيو ته منهنجو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي متان ائين سمجهن ته اُڍو گيدي ٿي وڃي ويهي رهيو آهي، سو ڪَڇ ڪڪراڙي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ ويسر راءِ کي چيائين ته: جيڪا ماڻهن جي مدد ڏيڻي هجئي سا ڏي. ويسر راءِ خيال ڪيو ته، مون کي ٻئي اکيون هڪجهڙيون آهن، جي اُڍي کي پهلوان ڏنم ته لاشڪ مهڙ کي نقصان پهچائيندو، ٻئي طرف اُڍي سان سچو به ٿيڻو آهي، تنهنڪري ڇونه اهڙو ڪم ڪريان جو جنهن مان لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي. سو ڇا ڪيائين جو ٽيهه چاليهه واپاري ماڻهو اُڍي کي گڏي ڏنائين. واپاري ماڻهو ڀلا لڙائي مان ڇا ڄاڻن، پر اُڍي انهن کي به کڻي قبول ڪيو ۽ کين وٺي اچي ’چڪاسر‘ تي پهتو. اتي همراهن کي چيائين ته: ماني تيار ڪريو تيسين آءٌ آرام ڪري وٺان. همراهه اُٿي ڏسن ته ٻڪريون مٿان بيٺيون آهن، جي رڇيو پهنوار پيو چاري. هنن ٻڪري جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر رڇئي پنهوار انهن کي ماري ڪٽي روانو ڪري ڇڏيو. نوڪرن اچي اُڍي کي اٿاريو ۽ ٻڪريءَ جي هٿ نه اچڻ ۽ پهنوار هٿان مار کائڻ، جو سمورو احوال کيس ٻڌايو. اُڍي چين ته توهين هتي ئي پيا مار کائو، سو اڳتي هلي ڪهڙا ڦاڙها ماريندئو. آخر اُڍي اُٿي رڇئي پهنوار کي مار ڪڍي ۽ هڪڙي ڀلي ٻڪري ڳولي، ڪُهائي، ماني تيار ڪرائي[14].

اها ٻڪري رڇئي پهنوار جي پيءُ جي پاليل هئي. تنهن جڏهن ڏٺو ته ڌڻ ۾ ڀلي ٻڪري آهيئي ڪانه، تڏهن پٽ کان پڇيائين، جنهن ٻڌايس ته ههڙن پارينٖ هڪڙو جوان آيو مون کي مار ڏئي، ٻڪري ڪاهي هليو ويو. هو پيرو کڻي سڌو اُڍي وٽ آيو، ۽ اُڍي کي سڃاڻي ڏکاري آواز ۾ چيائين ته:

چُسي، ٻُسي، چاڳلي، ونڊڪ ويچاري،
ڪونه ڏسان ٿو ولر ۾، ڪاري ڪنٺاري.

 

رڇئي جي پيءُ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ اُڍي کي چيائين ته: اي اُڍا! ولر سڄو وٺي وڃين ها ته مون کي ارمان ڪونه ٿئي ها، پر اها ٻڪري نه ڪاهين ها. هاڻي ٺهيو، ٻڪري تنهنجي نالي تان قربان ٿي، ائين چئي هليو ويو[15].

نڱامري جي ڌيءُ ”هوٿل پري“ اُڍي ڪيهر جي حسن جي ساراهه ٻڌي ان تي پرپٺ عاشق ٿي پيئي هئي، ۽ قول ڪيو هئائين ته ’اُڍي کان سواءِ ٻيو وَرُ نه ڪنديس‘. هوٿل کي اها خبر هئي ته اُڍو ڪير آهي ۽ ڪٿي ٿو رهي. سو ويس بدلائي، مردانا ڪپڙا پهري، هٿيار پنوهار کڻي، اُڍي جي ڳولا ۾ نڪتي. پنهنجو نالو هوٿل پري مان بدلائي ”هوٿي“ رکيائين[16]. هوٿل پري به اُڍي کي ڳوليندي ڳوليندي ”چڪاسر“ جي اُتر پاسي اچي ساهي کنئي. اُڍي جي سنگتين مان هڪڙو ڄڻو اوڏيءَ مهل ڪنهن خيال سان اُنهيءَ پاسي ويو ته هڪڙو هاٿي سڄو سون سان ڀريل ڏٺائين، جنهن تي هڪڙو خوبصورت نوجوان سوار هو. اهو ڏسي ڏاڍو عجب لڳس ته جي جهنگ ۾ ايترو سون ملي وڃي ته پوءِ اُڍي سان اڳتي هلي ڇا ڪريون. سو پنهنجن سنگتين سان صلاح ڪيائين ته ملڪيت جي ڪري اُڍي سان گڏ هلي پنهنجا سِرَ ڪونه وڃائينداسين. مون جيڪو همراهه ڏٺو آهي، ان وٽ ملڪيت جام آهي، هلو ته هلي ان کي ڦريون. ائين چئي اُڍي کي ڇڏي هوٿيءَ کي وڃي گهيرو ڪيائون. هوٿيءَ کانئن پڇيو ته توهين ڪير آهيو ۽ ڇا جي ڪري هي گهيرو ڪيو اٿوَ؟ جواب ڏنائون ته: انهيءَ ڳالهه سان تنهنجو واسطو ناهي، هاڻي تون فقط هاٿيءَ تان لهي هيٺ ٿيءُ ته پوءِ خبرون آهن. تڏهن هوٿيءَ چين ته: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهين ڪنهن جا ماڻهو آهيو؟ هنن جواب ڏنو ته: اسين اُڍي ڪيهر جا ماڻهو آهيون، ۽ هو پاڻ اسان سان گڏ آهي. اتي هوٿيءَ چين ته: جي اوهان ۾ ڦُرڻ جي همت هجي ته ڀلي مون کان هاٿي ڦُريو، پر پهرين آءٌ تير چڪاسر جي وڻن ۾ هڻان ٿو، اُهو ڏسي ڳڻي اچي ٻڌايو ته گهڻن وڻن مان آرپار نڪري ٿو وڃي. هنن اها ڳالهه قبول ڪئي.

هوٿيءَ تير اڇليو ۽ هڪڙو ڄڻو وڃي ڳڻي آيو ته تير پنجاهه وڻن مان آرپار نڪري ويو هو. موٽي اچي سنگتين کي ٻڌايائين. تڏهن هوٿيءَ چين ته:

وَڻين جهليو نه رهي، هوٿيءَ سندو گهاءُ،
ڪونه پرايندا ڀاءُ، تنهن سان وجهي معاملو.

 

۽ چيائين ته: آءٌ اوهان کان ڪونه ڦُربيس، وڃي اُڍي ڪيهر کي وٺي اچو. تڏهن اُهي همراهه اُڍي ڪيهر وٽ ويا ۽ وڃي چيائونس ته:

اتر پاسي آدمي، ايڪو ايڪ سوار،
اُڍا اُٿي نهار، ته ساوين ڀالين سپرين.

 

اهو ٻڌڻ شرط اُڍو ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ وڃي هاٿيءَ جي سونڍ ۾ هٿ وڌائين. جنهن تي هوٿل پريءَ کيس چيو ته:

اول ڪجن ڳالهڙيون، پوءِ به نيڻين نينهن،
اڻ پچاريل آدمي، متان آهين ڪيهر شينهن؟

 

انهيءَ تي هن جواب ڏنس ته: آءٌ برابر اُڍو ڪيهر آهيان. پر اُڍي کي اها خبر ڪانه هئي ته هوءَ ڪا هوٿل پري آهي ۽ سندس ڳولا ۾ نڪتي آهي. اُڍو هن جي بهادريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو. سو کيس پنهنجي پاٿاري چڪاسر تي وٺي آيو. ڪجهه دير اتي ترسڻ کان پوءِ هوٿي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. تنهن تي اُڍي چيس ته: ادا! وڃي ڇو ٿو؟ هوٿيءَ جواب ڏنس ته ٻيلي! اوهان جي ملڪ جي ٻولي ڪچي آهي. تنهنڪري مون کي نٿي وڻي. اُڍي پڇيو ته: سو وري ڪيئن؟ هوٿيءَ جواب ڏنس ته: تون مونکي ادا ۽ ڀاءُ ٿو چئين، پر جي يار ۽ دوست ڪري سڏين ته آءٌ ترسي پوان. تنهن تي اُڍي چيس ته يار! انهيءَ ڳالهه ۾ ڪجهه به نه آهي، اسين کڻي توکي يار ڪوٺينداسين. تڏهن هوٿي ترسي پيو. اتي اُڍي جي سنگتين کيس چيو ته: هوٿي تمام پهلوان آهي، تنهنڪري ان کي به وٺي هلو. اُڍي هنن کي جواب ڏنو ته: آءٌ نه هوٿيءَ جي مڙسيءَ تي هليو آهيان، ۽ نه اوهان جي مڙسيءَ تي، آءٌ پنهنجي همت تي هليو آهيان. پر جڏهن زور ٿا ڀريو ته پوءِ هوٿيءَ کي ساڻ وٺي ٿو هالان. پوءِ هوٿيءَ کي ساڻ هلڻ لاءِ چيائين. جنهن چيس ته: جيڪا ملڪيت هٿ ايندي ان مان اڌ آءٌ کڻندس ۽ باقي اڌ اوهين پاڻ ۾ ورهائي کڻجو. جيڪڏهن اها ڳالهه قبول هجيوَ ته آءٌ هلان، نه ته توهان جي مرضي. سندس اها ڳالهه قبول ڪري چڪاسر روانا ٿيا ۽ منزلون ڪندا اچي ڪڇ ڪڪراڙي ۾ پهتا.

اتي پهچڻ سان اُڍي پنهنجي اُٺن جون جهوڪون ۽ ڍڳين جا وٿاڻ جاچي، پنهنجو مال ڪاهڻ شروع ڪيو. ڌنارن ڊوڙي وڃي مُهڙ کي ٻڌايو ته اُڍو ڪيهر مال ڪَهرائي ٿو وڃي. مهڙ اهو ٻڌي، يڪدم نغاري تي ڏؤنڪو هڻايو، جنهن تي ڪئين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. اُڍي جي پويان لڙائي ڪرڻ لاءِ سنبري ويا. مهڙ جي مٿي تي تاج پيل هو. هيڏانهن هوٿي ۽ اُڍي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ’مال روانو ٿي ويو آهي، پاڻ پٺ ڏئي نه هلنداسون، بلڪ لڙائي ڪري پوءِ هلنداسون.‘ تنهن تي اُڍي چيو ته:

سما ۽ سومرا، ٻه ڳالهيون پارين،
نه ناڪارو ڏين، نه ڀڳي کي سارين.

 

هوٿي پنهنجي دل ۾ چيو ته ’آءٌ پَري آهيان ۽ اُڍو انسان آهي، مون اهي پنڌ ۽ ڪشالا سندس ئي سر لاءِ ڪيا آهن؛ جي لڙائيءَ ۾ هن کي ڌڪ لڳو ۽ مري پيو ته مون ڏکيءَ جا ڏکڙا ڪنهن به ڪم جا ڪونه ٿيندا. تنهنڪري اُڍي کي هن ڳالهه تان ڪيئن به ڪري لاهيان؟ هن اڃا تائين اُڍي کي پنهنجي سڃاڻپ به ڪانه ڏني هئي. سو هن کي چيائين ته: اڳ ۾ آءٌ ٿو بيهان ۽ پوئتي تون بيهه. اُڍي چيس ته: هوٿي! پاڻ ٻئي گڏ بيهنداسون. آءٌ سمو آهيان، پوئتي ڪونه بيهندس. پر نيٺ هوٿي ڪنهن نه ڪنهن نموني اُڍي کي پوئتي بيهاريو ۽ پاڻ اڳيان ٿي بيٺو. اتي اُڍي هوٿيءَ کي چيو ته: لڙائي جو معاملو آهي، جنهن جي مٿي تي تاج آهي ۽ هاٿيءَ تي چڙهيل آهي، سو منهنجو ڀاءُ آهي، انهيءَ جو سر سلامت رکج. باقي ٻين کي جيڪا مرضي پويئي سا ڪج. ايتري ۾ مهڙ جوبه لشڪر اچي پهتو. هوٿي انهن کان پڇيو ته: اوهين ڪيڏانهن ٿا وڃو. جواب مليو ته: اُڍو اسان جو مال ڪاهي ويو آهي، ان سان لڙڻ ٿا وڃون. هوٿيءَ چيو ته: اهو اُڍو آءٌ آهيان، پهرين مون سان صفائي ڪريو، پوءِ اڳتي وڌو. انهيءَ تي مهڙ چيو ته: تو اڪيلي سان، اسان ڪهڙي جنگ ڪريون! هوٿيءَ کي ان تان ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، سو ڇا ڪيائين جو، جيئن گهوڙا پئي آيا، تيئن هڪڙي گهوڙي کي سنب ۾ تير هنيائين، ته گهوڙو اَٿڙيو. وري ٻئي گهوڙي کي سنب ۾ تير هنيائين ته اُهو به اَٿڙيو[17]. اتي واهر وارن ڏٺو ته هيءُ جو ائين تير ٿو هڻي، سو اڳتي وڌڻ نه ڏيندو. پوءِ ته وٺي پويان پير ڪيائون.

هوٿي ۽ اُڍو ٻئي گڏجي چڪاسر تي ويا، جتي اڳي ئي سندن ماڻهو مال سميت پهچي ويا هئا، پر هنن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي مال ورهائي ڇڏيو هئائون. متارو مال اُڍي ۽ پنهنجي لاءِ رکيائون. باقي اڀرو مال هوٿيءَ لاءِ رکيائون، جنهن کي اڌ مال ڏيڻ جو واعدو هو. اهو حال ڏسي هوٿيءَ کين چيو ته: اها ورهاست مون کي قبول نه آهي، مال سڀ آڻيو ته ورهاست آءٌ ٿو ڪريان. تنهن تي سمورو مال آڻي هڪڙي هنڌ گڏ ڪيائون. پوءِ هوٿي پنهنجي گهوڙي تي چڙهي، مال جي وچ مان ڊوڙايو. اَڀرو سڀرو مال گڏجي اڌواڌ ٿي پيو. پوءِ چيائين ته: هاڻي جيڪو پاسو اُوهان کي وڻي سو کڻو ۽ ٻيو پاسو مون کي ڏيو. اُڍي چيو ته: پهريائين تون کڻ، هوٿيءَ چيو: نه پهرين تون پنهنجو حصو کڻ. آخر اُڍي هڪڙو پاسو کنيو ۽ ٻيو پاسو هوٿل کي مليو. اُڍي کي چيائين ته: تنهنجي زال کي آءٌ ڀيڻ ڪري، پنهنجي حصي جو مال ان کي چُني ڪري ٿو ڏيان. هاڻي پنهنجي موڪلاڻي آهي. اُڍي گهڻوئي انڪار ڪيو، پر پوءِ هوٿيءَ جي زور ڀرڻ تي لاچار قبول ڪيائين. پوءِ هوٿي اُڍي سان ڀاڪر پائي موڪلايو[18]. حقيقت ۾ هوٿل جي اُڍي سان پريت ٿي ويئي هئي، تنهنڪري موڪلائڻ وقت چيائين:

اُڍا! توسين آر، جيڪر نه وسرين،
ته ڪر سڀ ڄمار، ٿر ٻاٻيڙي ٿي مران.

 

اتي اوچتو خيال آيس ته مون پاڻ کي مرد ظاهر ڪيو آهي. پر ڳاهه مان پاڻ کي عورت ظاهر ڪيو اٿم. تڏهن ورائي ڳاهه ڏنائين، جنهن ۾ لفظ ”ٿر ٻاٻيهڙي“ مٽائي ”ٿر ٻاٻيهڙو“ چيائين. اُڍي کي شڪ پئجي ويو ته هيءَ زال آهي تڏهن ان جي وڃڻ تي ڏاڍو ارمان ٿيس. سندس سنگتين کيس سمجهايو ته: ٻيلي! ارمان نه ڪر. هو الاجي ڪير مسافر هو. پاڻ کي مال سان ڪم، سو ملي ويو، هاڻي هل ته ڳوٺ هلون. اُڍي کين جواب ڏنو ته: يار! جي الله توهان کي توفيق ڏئي ته هي مال منهنجي گهر وڃي ڏجو، ۽ جي نه رسيو ته ڦٻيو اوهان کي، آءٌ هوٿيءَ جي پويان ويندس[19]:

وڃي چئجو ويسر راءِ کي، جهجها ڏجو جُهار،
اُڍو اُت ماراڻو، جت گڏي وچ وَهار.

 

ائين چئي اُڍو گهوڙي تي چڙهي، هوٿل جي پٺيان روانو ٿيو.

هوٿل اُڍي کان موڪلائي اچي هڪڙي تلاءَ تي پهتي[20]. خيال ڪيائين ته هتي لهي ٿورو وقت گهوڙي کي ڇڏيان ته گاهه کائي ڍؤ ڪري، ۽ آءٌ به وهنجي وٺان. سو گهوڙي کي چرڻ لاءِ ڇڏيائين ۽ پاڻ ڪپڙا لاهي، تلاءَ جي ڪپ تي رکي، تلاءَ ۾ گهڙي پئي. اُڍو به هلندو هلندو اچي انهي تلاءَ تي پهتو. پري کان ڏٺائين ته هوٿل جو گهوڙو بيٺو چري. دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو. ويجهو آيو ڏسي ته پاڻيءَ ۾ ڪو ماڻهو پيو وهنجي، پر پاڻيءَ تي سندس ڪارا وار پکڙيا پيا آهن. پڪ ٿيس هوٿي اصل ۾ عورت آهي ۽ نه مرد. ويجهو اچي وڻ جي اوٽ جهلي بيهي رهيو. هوڏانهن هوٿل به اُڍي کان جيتوڻيڪ موڪلائي آئي هئي، پر هن جي يادگيري دل تان نه لٿي هيس. سوچيائين ته:

پٻڻ سندو پن، جيئن تڪون ڏئي تار ۾،
تيئن اسان جو من، اڄ اُڍي لوڙهيو لڙهه ۾[21].
                          ---
سڪي ڪاٺي جر ۾، جيئن تري ۽ ٻُڏي،
تيئن اسان کي اُڍي اڄ، لوڙهي ڇڏيو لڙهه ۾[22].
                          ---
ڪاٺيءَ کاءِ ڪينئون، جيئن سُرو سانگهيڙون ڪري،
منهنجو تيئن هنيون، اڄ اُڍي کاڌئو[23].

 

اُڍو اهو سڀڪجهه ٻڌندو رهيو، جڏهن پڇاڙيءَ واري ڳاهه ٻڌائين، تڏهن دانهن ڪري گهوڙو ڇڏي يڪدم ڊوڙي وڃي هوٿل جي ڪپڙن تي اونڌو ٿي ڪِري پيو. هوءَ جان کڻي ڏسي ته اُڍو سندس ڪپڙن تي ڪِريو پيو آهي. اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيس ته اُڍي جي به مون سان پريت آهي جو پنهنجا يار دوست ڇڏي منهنجي پٺيان هليو آيو آهي. پر وري به ٻاهريون ٻنو رکڻ لاءِ اُڍي کي دڙڪو ڏنائين ته منهنجي پٺ ڇڏي، جتان آيو آهين اوڏانهن هليو وڃ، نه ته سر جو خير نه هوندءِ. پر هن جواب ڏنس ته: ’مارين توڙي جيارين، پر توکي نه ڇڏيندس‘. آخر هوٿل جڏهن ڏٺو ته ڪنهن به حالت ۾ اُڍو مون کان جدا نه ٿيندو، تڏهن چيائين ته: اُڍا مونکي ڪپڙا اُڇلي ڏي ته ٻاهر نڪري اچان. هن جواب ڏنس ته تنهنجا ڪپڙا توکي ڏيندس ته تون اهي پائي هلي وينديئن، تنهنڪري منهنجا ڪپڙا پائي ٻاهر اچ. هوٿل گهڻا حيلا هلايا، پر اُڍي ڪپڙن ڏيڻ کان صفا انڪار ڪيو. وري هوٿل پري، پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي جيئن ڊگهي ڳچي ٻاهر ٿي ڪڍي، تيئن سندس وار پاڻيءَ تي ڇٽ هڻي ٿي بيٺا. انهن وارن کي ڏسي ڳاهه ڏنائين ته:

پاڻيءَ مٿي پدمڻيءَ، وڇايو ويٺي آهي وار،
هاڻي اُڍي جهڙا يار، ڪٿي موليٰ محب ملائي[24].

 

آخر هوٿل پري پڇيس ته ڪهڙي قولين ڪپڙا ڏيندين؟ جواب ڏنائين ته هائو هڪڙي شرط سان، اُهو هيءُ ته مون سان شادي ڪنديئن. هوٿل هائوڪار ڪري اُڍي کان ڪپڙا وٺي پاتا ۽ تلاءُ مان ٻاهر نڪتي[25]. پوءِ اُڍي کي چيائين: منهنجو به هڪڙو وچن آهي، اهو قبول هجئي ته مون سان شادي ڪر، نه ته مرضي وارو آهين. اهو وچن تمام ڏکيو آهي، سوچ ويچار ڪري جواب ڏج. پوءِ پڇتائڻ مان ڪجهه به نه ورندو. اهو ٻڌي اُڍي جواب ڏنو ته: جيڪي به وچن گهرين، سي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هوٿل چيو ته: آءٌ نڱامري جي ڌيءِ هوٿل پري آهيان. منهنجو لکيو توسان هو، سو ٿي ويو. هاڻي شرط اهو آهي ته ٻارهن مهينن تائين مون سان گڏ جهنگ ۾ رهندين؛ ٻيو ته منهنجي موڪل کان سواءِ ڪيڏانهن به نه ويندين. اُڍي چيو ته مونکي اهي ڳالهيون قبول آهن. پوءِ هوٿل هن کي ساڻ وٺي هڪڙي جبل[26] تي آئي، ان جبل ۾ هڪڙي غار هئي ان ۾ رهڻ لڳا. هنن کي اتي رهندي ٻارهن مهينا گذري ويا. هڪڙي ڏينهن اُڍي، هوٿل کي چيو ته: هاڻي دنيا جي رسم موجب شادي ڪرڻ گهرجي. هوٿل چيو ته مون کي به اهو ويچار آهي، آءٌ ٿي اهو بندوبست ڪريان. اڄ شام جو اهو ڪم پورو ڪبو. اُڍي چيو ته: هتي ته سڃ لڳي پيئي آهي، ڪو ماڻهو به ڪونهي سو اهو بندوبست ڪيئن ٿي سگهندو؟ هوٿل چيو ته انهيءَ ڳالهه جو تون خيال نه ڪر، ۽ تون ويهي تماشو ڏس.

شام ٿي ته هوٿل تاڙي وڄائي ته اک ڇنڀ ۾ ڪيترا ديوَ ۽ پريون اچي گڏ ٿيا. جن کي هن ڪم ورهائي ڏنو. يڪدم ديڳيون چڙهي ويون، ڪئين قسمن جا طعام تيار ٿي ويا. دهلاري دهل وڄائڻ لڳا ۽ پريون ڳيچ ڳائڻ لڳيون. مطلب جهنگل ۾ منگل لڳي ويو. نڪاح پوڻ جي دير هئي. پوءِ، هوٿل، هڪڙيءَ پريءَ کي حڪم ڪيو ته:

اٿي ماسي دادلي، وڃي مُلو ڪوٺي آءُ،
پڙهي نڪاح اُڍي جو، ته لهي جهڙ مٿاءُ.[27]

 

پريءَ يڪدم هڪڙو مُلو آڻي حاضر ڪيو. جنهن هنن ٻنهي جو نڪاح پڙهيو. پوءِ هوٿل، مُلي کي مهرن جي مٺ ڀري ڏني ۽ هڪڙي ديو کي حڪم ڪيائين جو هن کي ڪلهي تي چاڙهي اُڏاڻو ۽ اک ڇنڀ ۾ اچي کيس گهر پهچايائين.

قصو ڪوتاهه، اُڍي ۽ هوٿل جي شادي ٿي. ان کان پوءِ به انهيءَ غار ۾ ئي رهڻ لڳا. اُڍو ويٺو هوندو هو ته هوٿل ٻاهر وڃڻ وقت غار جي منهن تي تمام ڳرو پٿر ڏيئي، پاڻ هلي ويندي هئي. اُڍو هوٿل جي محبت ۾ اهڙو قابو ٿي ويو هو، جو هن لاءِ هوٿل کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به نه هو. اهڙيءَ طرح اتي غار ۾ رهندي ٽي سال گذري وين. اتي کين ٻه پٽ ڄاوا، هڪڙي جو نالو ”جئسنگ“ ۽ ٻئي جو ”جکرو“ رکيائون. هوٿل ۽ اُڍو هاڻي انهن ٻارڙن سان راند روند ڪري دل وندرائيندا هئا، ۽ ڇوڪرا به جيئن وڏا ٿيندا ويا، تيئن سندن سونهه ويئي وڌندي. جڏهن ٻئي سمجهه ڀريا ٿيا، تڏهن ماءُ کان پڇيائون ته: اما! تون غار کان ٻاهر وڃڻ وقت غار جي منهن تي پٿر ڏيئي ڇو ٿي وڃي؟ هاڻي اسان کي موڪل ڏي ته ٻاهر وڃي راند روند ڪريون. پر هوٿل کين ٻاهر نڪرڻ جي موڪل نه ڏني.

هڪڙي ڏينهن هوٿل ٻاهر ويئي، ڇوڪرن جي مرضي ٿي ته ٻاهر وڃي راند ڪريون، تڏهن اُڍي کي چيائون ته: اسان کي اهو پٿر پري ڪري ڏي. اُڍي چيو ته پٿر ڳرو آهي، پري ڪونه ٿيندو. ڇوڪرا ويچارا ماٺ ڪري اندر راند رهڻ لڳا. راند ڪندي ڪندي غار جي منهن وٽ آيا، ۽ جهڙو پٿر کي زور ڏنئون، تهڙو پٿر وڃي پري پيو، ۽ غار جو منهن کُلي پيو. ڇوڪرا ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ ٻاهر اچي راند ڪرڻ لڳا. اتي هوٿل به موٽي آئي. ڇوڪرن کان پڇيائين ته: پٿر ڪنهن پري ڪيو آهي؟ ڇوڪرن چيو ته: اسان هٽايو آهي. هوٿل ڏٺو ته ڇوڪرا پٿر هٽايو وڃن، تنهنڪري هاڻي غار جي منهن بند ڪرڻ مان فائدو ڪونهي. انهيءَ ڪري ان ڏينهن کان پوءِ، هن ٻارن توڙي اُڍي کي بند ڪرڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. ڇوڪرا پوءِ غار مان ٻاهر نڪري راند ڪرڻ ويندا هئا. هڪڙي ڏينهن تمام گهڻو وقت ٿي ويو پر هي موٽي نه آيا. اُڍي کي ڏاڍو خيال ٿيو؛ سو هنن کي نهارڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. اُها وسڪاري جي موسم هئي، آسمان ۾ ڪڪرن جو مانڊاڻ متل هو، ايتري ۾ برسات وسڻ لڳي. اتي کيس پنهنجو ملڪ ياد آيو. دل ۾ چيائين ته آءٌ ڪيتري وقت کان پنهنجا ٻار ٻچا، ۽ يار دوست سڀ وساري هتي ويهي رهيو آهيان. ارمان ۾ جبل کي ڏسي چيائين:

ڇپر! توتي چِٽَ، وُٺي مينهن نه اُجرن،
ور جويِن جا مِٽ، نيڻ چتاريا نه چلن[28].
                        ---
تِيٌن وساريان نه وسرن، سچن ڀڳي هڏ،
تِيٌن ڏنهان ڏينهن ڏکن ................ [29].

 

اُڍو ڏاڍي ارمان ۾ موٽي اچي غار ۾ ويهي رهيو. هوٿل کي موٽي اچڻ تي جڏهن اها خبر پئي، ته اُڍي کي اڄ پنهنجي ملڪ جي ياد گيري ٿي آهي، پر هاڻي جيڪڏهن مون کي دل سان کڻي چوي ته آءٌ به کڻي اجازت ڏيانس ته ڀل وڃي پنهنجو ملڪ گهمي اچي. تڏهن رات جو هوٿل اُڍي کان پڇيو ته: اُڍا! سچي ڪر، جيڪڏهن توکي پنهنجي وطن جي يادگيري ٿي آهي ته تون بلاشڪ وڃ، پر هڪڙي شرط سان ته تون پنهنجي ڳوٺ انهيءَ لباس ۾ نه پر گيڙو ڪپڙا ڪري، فقير بنجي وڃ، جيئن توکي ڪوبه سڃاڻي نه سگهي. اُڍي اهو شرط قبول ڪيو، ۽ لباس مٽائي پنهنجي وطن ڏانهن روانو ٿيو. هوٿل به ويس بدلائي پَري بنجي هن جي مٿان اُڏامندي هلي، پر اُڍي کي انهي ڳالهه جي خبر ڪانه هئي. آُڍو هلندي هلندي آخرڪار اچي ويسر راءِ جي ڳوٺ پهتو، پوءِ گهمندي گهمندي هڪڙي تلاءَ تي اچي بيٺو. تلاءَ تي ڪي زالون پاڻي ڀرڻ آيون هيون. اتي جي ماڻهن کي پڪ هئي ته اُڍو ڪٿي مارجي ويو آهي، نه ته هو ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجي ملڪ ضرور موٽي اچي ها. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن اُڍي جي اڳين زال کي پرڻايئون ٿي. سو انهيءَ ڏينهن جتي ڪٿي اُڍي جي پچار هئي. اوچتو هڪڙي ڄڻيءَ جي اک وڃي اُڍي تي پيئي، جنهن هن کي چيو ته: ڏسو ته سهي، جو هي فقير جهڙو اُڍو! تنهن تي ٻيءَ ڄڻيءَ چيو ته: ماڻهو ماڻهن جهڙا گهڻا. جيڪڏهن اڄ اُڍو جيئرو هجي ها ته ڪنهن جي طاقت هئي، جو سندس زال کي ٻيو مڙس ڏئي ها! اهو ٻڌي اُڍي خيال ڪيو ته اڃا هتي منهنجي يادگيري آهي[30].

تلاءَ تي ٿوري دير آرام ڪري، اُڍو پنهنجي اڳوڻي اوطاق ۾ آيو، ۽ اتي ويهي رهيو. اُڍي جي زال دستور موجب پنهنجي ٻانهيءَ کي چيو ته: وڃي اوطاق ۾ ڏسي اچ ته من ڪو فقير فقرو هجي ته الله جي واٽ ماني کائي وڃي. ٻانهي اوطاق ۾ وڃي ڏسي ته هڪڙو فقير اُڍي جي شڪل جهڙو ويٺو آهي، سو اچي راڻيءَ سان اها ڳالهه ڪيائين. راڻيءَ هن کي چيو ته: چري ٿي آهين ڇا ... اُڍو ڪٿان آيو! جي هجي ها ته اڄ مون کي ٻيو مڙس نه ڏين ها. ائين چئي ٻانهيءَ کي ماني ڏنائين ته وڃي فقير کي کارائي اچ. هوءَ ماني کڻي فقير وٽ آئي. اُڍي ماني کولي ڏسي چيو ته: راڻيءَ کي وڃي چؤ ته ٻانهيءَ جي هٿان مليل ماني آءٌ ڪونه کائيندس، مون کي پنهنجي هٿن سان ماني آڻي ڏيندينءَ ته کائيندس، نه ته موٽي ٿو وڃان[31]. دائيءَ اهو احوال وڃي راڻيءَ سان ڪيو، جنهن فقير جو در تان ائين موٽي وڃڻ خراب سوڻ سمجهي، هن کي چيو ته: فقير کي وڃي چؤ ته اسين وڏ گهراڻيون زالون، ڌارئي مرد اڳيان نه وينديون آهيون. تنهنڪري انهي ضد تان لهي وڃ، ۽ جيڪي کپيئي سو چؤ. دائيءَ اچي فقير کي ٻڌايو. اُڍي چيو ته: راڻيءَ کي وڃي چؤ ته اسان فقيرن کي سڀڪجهه معلوم آهي، تنهنڪري اسان کان لڪڻ اجايو آهي. جي اعتبار نه اچيو ته پوءِ ڏسو وڃي ته راڻيءَ جي ڏائي پاسي لسڻ ۽ سٿر تي تر جو نشان آهي. دائيءَ اها نشاني ڏائي پاسي لسڻ ۽ ٻيو تر سٿر تي راڻيءَ کي وڃي ٻڌايو. هوءَ عجب ۾ پئجي ويئي. خيال ڪيائين ته اهي نشان ته فقط ڄام اُڍي ڏٺا هئا، ٻئي ڪنهن انسان کي خبر ڪانهي. راڻيءَ کي جيتوڻيڪ ٻڌايو ويو هو ته ڄام اُڍو مارجي ويو آهي، پر هن کي پڪ نه هئي. اتي خيال ڪيائين ته هيءُ فقير يا ته الله لوڪ درويش آهي، يا خود ڄام اُڍو آهي. سو يڪدم اٿي ماني کڻي، دائيءَ سان گڏ محلات مان نڪتي. فقير تي نظر پوڻ شرط سڃاڻي ويئي ته هي اُڍو آهي. سو ڊوڙي اچي هن کي ڀاڪر پاتائين، ۽ اتي ئي ساهه نڪري ويس. دائيءَ وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي. يڪدم ماڻهو اچي مڙيا. سمجهائون ته هي ڪو جادوگر آهي، جنهن فريب ڪري راڻيءَ کي ماريو آهي. اُڍو اهو حال ڏسي اٿي ڀڳو، ۽ ماڻهو کيس مارڻ لاءِ پويان لڳا. هوٿل پري جا انهيءَ مهل اُڍي جي مٿان پئي اڏاڻي، تنهن جڏهن ڏٺو ته اُڍو ٿو مارجي، سا يڪدم اُڍي کي کڻي وٺي اُڏاڻي ۽ سلامتيءَ سان اچي پنهنجي گهر ڇڏيائينس.

هوٿل پري ۽ اُڍي اَٺ سال کن انهيءَ جبل تي گذاريا. نيٺ هڪڙي ڏينهن اُڍي، هوٿل پريءَ کي چيو ته: جيڪڏهن تون ڀانئين ته آءٌ خوش گذاريان ته، پوءِ مون سان گڏجي منهنجي ملڪ هلي رهه. تنهن تي هوٿل کيس جواب ڏنو ته: آءٌ انهيءَ لاءِ تيار آهيان، پر هڪڙي شرط سان. اُڍي پڇيس ته: اهو ڪهڙو شرط آهي؟ هوٿل پريءَ ٻڌايس ته: منهنجي ذات ۽ نالو ڪنهن کي به نه ٻڌائيندين. اُڍي ساڻس انجام ڪيو ته آءٌ ڪنهن کي به ڪين ڏسيندس. پاڻ ۾ پهي انجام اڪرام ڪري، ويسر راءِ واگهيلي جي ڳوٺ ۾ اچي پهتا[32]. ويسر راءِ، اُڍي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: اسان سمجهيو ته تون ڪٿي مارجي ويو آهين، پر شڪر جو اڃان جيئرو ويٺو آهين.

اُڍي جا ٻئي پٽ سدائين شڪار وغيره ۾ مشغول رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي اچي تلاءَ تي پهتا. ڳوٺ جون زالون تلاءَ تي پاڻي ڀرڻ آيون هيون، سو ڇوڪرن ڇاڪيو جو تير ڪمان سان سڀني جا دِلا ڀڃي ڇڏيا. زالن اها دانهن وڃي پنهنجن مڙسن کي ڏني. اهي وري ويسر راءِ وٽ آيا ۽ اچي چيائون ته: اسين توهان جو ملڪ ڇڏي ٿا وڃون. ويسر راءِ کانئن انهيءَ جو سبب پڇيو. جنهن جي جواب ۾ هنن سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. تنهن تي ويسر راءِ هنن کي چيو ته: اُڍو قسمت سان آيل آهي، جي کيس لڏڻ لاءِ چوندس ته ناراض ٿيندو. اوهان کي خبر آهي ته هن شهر ۾ هڪ شينهن رهندو آهي. هاڻي ڪنهن اٽڪل سان ڇوڪرن کي شينهن سان مقابلو ڪرائجي. انهيءَ نموني اسين ڏٺا به ڪين ٿينداسين ۽ ڇوڪرن کان جند به ڇٽي پوندي.

ٻئي ڏينهن صبح جو اُڍو، ويسر راءِ جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو ته سندس ٻئي پٽ، شينهن کي جهلي اچي ڪچهريءَ ۾ نڪتا. ماڻهو حيران ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته انهي شينهن ڪيترو ئي نقصان ڪيو هو. ڪيترا حيلا ڪيا هئائون، پر شينهن نه مئو هو سو ڇوڪرن جي هر طرف ساراهه ٿيڻ لڳي[33]. ماڻهن خيال ڪيو ته اهي ٻئي ڇوڪرا اُڍي جا نه آهن. اُڍي کان گهڻوئي پڇيائون، پر هو نٽائي ويو. هڪڙي ڏينهن ڪي بادشاهي گهوڙا ڇُڙي پيا، سي تمام تيز رفتار سان رستي تان پئي آيا. سڀني گهوڙا گهوڙا ڪئي، هوٿل جا ٻئي پٽ ٻاهر پئي کيڏيا. گهوڙا گهوڙا جو ٻڌي هوٿل يڪدم جوش ۾ ٻاهر ويئي ۽ اُڏامي ٻارڙا کڻي آئي؛ پر سمورن ماڻهن کيس ڏسي ورتو، سي اُڍي کي ڦري آيا، ۽ چيائون ته: اُڍا! تنهنجي زال ڏيڻِ آهي. اتي اُڍي کي به جوش اچي ويو، سو چيائين ته:

هوٿل پَري نڱامري، تنهن کي ڏيڻ چئي ڪير[34]!

پوءِ اُڍو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. گهر اچي ڏسي ته هوٿل پري آهي ئي ڪانه. هن جي نالي وٺڻ سان هوٿل کي خبر پئجي وئي هئي، سا ’پڙ لقا‘ ڏانهن اُڏامي وئي. پريون چئن ولايتن: سبز ڪنٺار سمنڊ جو ڪنارو)، ايرم شهر، ڪوهه قاف ۽ ’پڙ لقا‘ (پرين جو ملڪ) ۾ رهن. وڃڻ وقت چٺي لکي پٽن کي ڏنائين، ۽ چيائين ته: جڏهن اوهان جي شادي ٿيندي، تڏهن تِرَ ڀرائڻ اينديس:

چٺيون لکي چار، ڏنائين جادم ۽ جکري،
ته اُڍا! من ويچار، پنهنجو هو ميلاپو ايترو[35].

 

هوٿل ته ويئي، پر اُڍو ڄڻ ٻڏي ويو. کائڻ پيئڻ وهه ٿي آيس. هو روزانو جبل تي چڙهي هوٿل جي واٽ ڏسندو هو، ۽ ان جي موٽي نه اچڻ تي افسوس ڪندو هو:

چڙهي پهڻ چڪاس، اُڌي ڪِي ٿي اُتهين،
ڦُلين جهڙي نار، ويئي نڱامري نڪري[36].

 

آخرڪار هوٿل جي غم ۾ روئي روئي اُڍو اکين کان انڌو ٿي پيو. هن جو اهو حال ڏسي، ويسر راءِ، جادم ۽ جکري جي پرڻائڻ جي تياري ڪئي، ته من انهيءَ بهاني سان هوٿل اچي نڪري، جيئن وعدو ڪيو اٿس. نيٺ شادي جو ڏينهن مقرر ٿيو[37]. لانئن کان اڳ اُڍي، پنهنجي ننهن کي سيکاري ڇڏيو. گهوٽ جڏهن لانئن تي آيا، تڏهن هوٿل پري ستن سهيلين سميت لانئن تي اچي پهتي. ٻنهي پٽن کي لانئون ڏيئي، وڃڻ وقت جادم جي ڪنوار وٽ ويئي ۽ ان کي چيائين ته: گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي. هن هڪ هار گهريو جو کيس ڏنائين. پوءِ جکري جي ڪنوار وٽ آئي، جنهن کانئس حضرت سليمان جو قسم وٺي، پوءِ چيس ته: اسان وٽ خدا جو ڏنو سڀڪجهه آهي، پر هڪڙي شيء گهران ٿي ”نُنهن رڌي ۽ سَس وَڌٖي“. هوٿل چيو ته: بي بُڻي! آءٌ ويهان ٿي پر هي عقل تنهنجو نه، اُڍي جو آهي. ائين چئي ويهي رهي. پوءِ اُڍي جي اکين تي هٿ گهمايائين ته ان جي اکين ۾ به روشنائي اچي وئي.

ان کان پوءِ اُڍو ۽ هوٿل پري، پنهنجي پٽن ۽ ننهن سان گڏجي وڃي پنهنجي ڀاءُ مهڙ ۽ پيءُ ڄام مَنهي وٽ ڪوٽ ڪڪراڙي ۾ مليو، جتي سڀئي پاڻ ۾ ملي خوش ٿيا. چون ٿا ته، انهيءَ پاراتي سبب جکري کي اولاد ڪونه ٿيو.

 

--��--

 

 

 

روايت [2]*

 

ڄام ”انڙ“ کي ٻه پٽ هئا: وڏو ”ٻڍو“ ۽ ننڍو ”اُڍو“. ٻڍي شادي ڪئي هئي، ۽ اُڍو اڃان ڪونه پرڻيو هو. اُڍو تمام سهڻو هو. هڪڙي ڏينهن ٻڍي جي زال جي مٿس نظر پئجي ويئي، سا مٿس عاشق ٿي پيئي. رات جو کيس سڏائي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳي. پر اُڍي رکو جواب ڏنس ته: منهنجي تون ماءُ برابر آهين. انهيءَ ڪري سندس ڀاڄائي ڪاوڙجي ڪپڙا ڦاڙي پنهنجي مڙس ٻڍي کي سڏائي چيو ته: اُڍي مون ۾ هٿ وڌا آهن، اهو ٻڌي ٻڍي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. سو يڪدم ڀاءُ کي ڏيس وٽو ڏنائين. ٻڍي جي زال وري به وڃي اُڍي سان ملي ۽ کيس چيائين ته:

اُڍا اچاڙ اڀريا، مئي مٿي مئل،
اُڍا وارين اُوءَ ڳالهه، ته تنهنجا ويا لڏا واريان.

 

(اي اُڍا! تنهنجي سونهن مونکي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي منهنجي ڳالهه مڃين ته هينئر ئي تنهنجا لڏا واريان.)

پر اُڍي ساڳيو جواب ڏنو ته:

ڀاڀي! آهين بڇڙي، وَلها ڪڍمَ ويڻ،
ڪچو لايان ڪُر کي، ٻيا لڄايان سيڻ.

 

(ڀاڄائي! تون ڏاڍي بڇڙي آهين. اهڙا گندا ٻول نه ٻول. [ائين ڪري] آءٌ پنهنجي ڪڙم کي ٽڪو ڪونه لائيندس.) اتان پوءِ اُڍو ٿر ۾ پنهنجي مامي ”ڪلوجيءَ“ وٽ ويو. جنهن وقت هو مامي وٽ پهتو، ته هو سڪرات ۾ پيو هو. ساهه ئي نٿي نڪتس. تنهن تي اُڍي مامي کان پڇيو ته: ماما! ڪا ڳڻتي هجيئي ته مون سان سَل. مامس ڪلوجيءَ چيس: اُڍا! منهنجو ساهه تيسين نه نڪرندو، جيسين ويسرو واگهيلو (جهالا واڙ ڪڇ) کان وگهه واري نه ايندين ۽ اُٺيون هڻي نه ايندين. اڍو، مامي کي دلداري ڏئي، ڏهه پندرهن ساٿي وٺي، ويسرو واگهيلو جي اُٺين کي لوڙهه هڻڻ ويو.

ٿرپارڪر جي دنگ تي هڪڙو تلاءُ هو، اتي هڪ سهڻو جوان ويٺو هو، جنهن کان اُڍي وارن يارن، گهوڙو ڦرڻ جو خيال ڪيو. هن اُڍي وارن کي چيو ته: اوهان گهوڙو ته ڀلي ڦريو، پر آءٌ هن بڙ ۾ ڪان ٿو هڻان، جيڪو گهوڙي چڙهئي پير سان ڪڍي ويو، سو ڀلي گهوڙو ڪاهي وڃي. سڀني تير ڪڍڻ تي زور ڏنا، پر بيڪار ويا. آخر اُڍو سنڀريو. اتي انهيءَ جوان اُڍي کي هڪل ڪري چيو ته: يار! تنهنجي بدران آءٌ ٿو تير ڪڍان. ائين چئي هن تير پير جي آڱرين سان جهلي بڙ مان ڪڍي ورتو. جوان جي طاقت ڏسي سڀ همراهه ڍرا ٿيا. پوءِ اُڍي کيس عزت ڏئي ويهاريو ۽ خبرون چارون وٺڻ لڳو. هن ٻڌايو ته: آءٌ به لوڙهيون هڻندو آهيان. نالو هوٿي اٿم. مون کي به ساڻ وٺي هلو. پوءِ ته سڀ گڏجي روانا ٿيا. مينهن واءُ ڪندا وڃي منزل تي رسيا ۽ مال هڻي موٽيا، ته پويان پهر اچي ٿين. هوٿي مال کي اڳتي ڪري، پاڻ واهر کي سامهون ٿيو. اُڍو پهرين ته اُٺيون ڪاهي اُٿي هليو، پر پوءِ ويچار آيس ته ههڙي جوان کي اڪيلو ڇڏي وڃڻ واجب نه آهي. اهو سوچي پاڻ وڻ کي منهن ڏئي بيٺو. ايتري ۾ واهرو به اچي هوٿي کي رسيا. مقابلي کان اڳ هوٿيءَ انهن کي چيو ته: بيهو، آءٌ تير ٿو هڻان، جي اوهان سڀني جا پٽڪا لهي ويا ته اوهان کي ماريندي مون کي ايتري دير ٿيندي. ائين چئي تير ڪشي هنيائين ته سڀني جا پٽڪا ڪِري پيا. اهو حال ڏسي واهر وارن چيو ته: هي زوراور ۽ جادوگر جوان آهي، هن سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي. پوءِ ته واهرو هليا ويا ۽ هوٿي ڏسي ته اُڍو به بيٺو آهي. اُڍي چيس ته: توکي اڪيلو ڇڏي وڃڻ منهنجو مرڪ ڪونه هو. توکان پوءِ ڪر آءٌ مران ها. آخر پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا، ساڳئي اڳوڻي تلاءُ ”چڪاسر“ تي آيا. اتي هوٿيءَ چيو ته: اُٺيون اڌو اڌ ڪبيون. هوٿيءَ اٺين جي وچان گهوڙو وجهي اڌو اڌ ڪيون، اڌ پاڻ کنيائين ۽ اڌ اُڍي کي ڏنائين. پر پوءِ پنهنجون اُٺيون اُڍي کي سنگت ۾ ڏيئي، موڪلائي روانو ٿيو. اُڍي کان موڪلائڻ وقت هوٿيءَ چيو:

وساريان نه وسرن، وسرين نه سيڻ،
جي نه ٽمن نيڻ، ته ٿر ٻاٻيهڙي ٿي مران.

 

اتي اُڍي کي ڪجهه مڙئي شڪ جاڳيو ته هي مرد نه آهي. انهيءَ خبر لهڻ لاءِ اُٺيون ’ڪلوجيءَ‘ ڏانهن روانيون ڪري، سنگتين ساٿين کان موڪلائي سندس پٺ ورتائين. هوٿي، حقيقت ۾ ”هوٿل پدمڻي“ هئي. هوءَ اُڍي کان موڪلائڻ کان پوءِ ٿڪ ڀڃڻ ۽ وهنجڻ سهنجڻ لاءِ ”چڪاسر“ تلاءُ نويڪلو ڏسي ڪپڙا لٽا لاهي تلاءَ ۾ وهنجڻ لڳي، ايتري ۾ اُڍو به اچي سهڙيو، ڏسي ته مار:

پاڻيءَ مٿي پدمڻي، وڇائي ويٺي وار،
جيئن گهٽي ۾ لار، تيئن چڻڪي چت ۾.

 

اُڍو هوٿل جو حسن ڏسي حيران ٿي ويو. پوءِ وڃي سندس ڪپڙن تي چڙهي ويٺو، ۽ چوڻ لڳو ته:

چڙهي چڪاسر پار، مون نيڻين گهڻو نهاريو،
لهرين ۾ لال، هوٿل جهلي هيڪلي.

 

هوٿل انهي آواز تي کيس ڏٺو، جا اڳئي مٿس موهت هئي، تنهن ورائي چيس ته:

لهرين ۾ لال، هوٿل جُهلي هيڪلي،
چڙهي چڪاسر پار، هلي هوٿل نهاريو.

 

پوءِ هن اُڍي کي چيو ته: آءٌ هوٿل پدمڻي آهيان، تون مون کي پنهنجا ڪپڙا ڏي، ۽ پري ٿي ته ٻاهر نڪران. جنهن تي اُڍي کيس ڪپڙا ڏنا ۽ پاڻ ٻئي پاسي مُنهن ڪري بيهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوٿل پدمڻي ڪپڙا پهري ٻاهر نڪتي. اُڍي کي سندس حُسن اڳيئي حيران ڪري ڇڏيو هو، سو مڙس ماٺ ۾ پئجي ويو هو. سندس اها حالت ڏسي هوٿل چيو ته: جي مون وٽ رهڻ گهرين ته مون سان گڏ هل، نه ته اسان جا رستا جدا جدا آهن. اُڍي چيس ته: توکي ڇڏي ڪيڏانهن ويندس. پوءِ هوٿل کيس پنهنجي ’بُونئري‘ ۾ وٺي ويئي ۽ اتي شادي ڪيائون:

رڻ وڳڻ ۾ ماڍوو، ڇانيو داڙم ڊراک،
اُڍو ۽ هوٿل پرڻيا، تنهن جي سورج ڀرج ساک.

 

هوٿل ۽ اُڍو انهيءَ بُونئري ۾ ساندهه پندرهن سال رهيا. انهيءَ وچ ۾ کين ٻه پٽ ڄاوا، هڪڙو ”جئسنگ“ ۽ ٻيو ”جکرو“.

هڪڙي ڏينهن مينهن وٺو. وسڪاري جي مند ڏسي اُڍي کي اباڻا پڊ اچي ياد پيا ۽ دل ڀرجي آيس، سو پنهنجي ملڪ ڪڪرالي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو ته:

ٻاٻيها ٻيهار، ڪڏهن ويندين ڪڇ تي،
چيها چئج جُهار، پاڙو پُڇي پرينءَ جو.

 

سندس اها ڳالهه هوٿل ٻڌي ورتي، سو اُڍي کي چيائين ته:

اُڪنڊيو هئين ته اُسهه، گهنگهر هڏ مَ گهار،
تنهنجا سون جهڙا سپرين، ٿيا پرئين پار.

 

۽ چيائينس ته: جيڪڏهن مائٽن جي اهڙي سڪ لڳي اٿئي ته وڃي کين ڏسي اچ. موڪل ملڻ شرط اُڍو ڪڪرالي ڏانهن روانو ٿيو، ۽ واءُ مينهن ڪندو اچي ڳوٺ پهتو. پهرين خيال ڪيائين ته يارن جو آزمودو وٺان ته مونکي اڃان به ياد ڪن ٿا يا نه، سو پهرين پيراڻي ڳوٺ ۾ ويو. اتي هن هڪڙي ماڻهوءَ کي مينهن ڏني هئي، جنهن مهل هو اتي پهتو، تنهن مهل انهيءَ شخص پئي سڏ ڪيا ته ”اوڍاڻ، اوڍاڻ“ اڍو ان وٽ لنگهي ويو. جو کيس ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو. پوءِ ته ٿوري دير ۾ سڄي ملڪ ۾ اُڍي جي اچڻ جي خبر پکڙجي ويئي. سو ماڻهو اچي مڙيا ۽ سڄي ملڪ ۾ خوشيون ٿي ويون. جڏهن اها خبر ٻڍي کي پيئي، تڏهن اُهو به ڀاءُ سان اچي مليو ۽ کيس وٺي آڻي محلات ۾ رهايائين. ماڻهن چيس ته: هاڻي متان وڃين. پر هيءُ انهيءَ رات ئي گهوڙي تي چڙهي هيئن چئي روانو ٿيو ته: اجهو ٿو اچان. پر هوٿل وٽ ويو ته ٽي چار سال ائين ئي گذري ويا. آخر هڪڙي ڏينهن اُڍي، هوٿل کي پنهنجي ملڪ هلڻ لاءِ چيو. هوٿل انهيءَ شرط سان اها ڳالهه قبول ڪئي ته اُڍو سندس ذات ۽ نالي نشان بابت ڪنهن کي به نه ٻڌائيندو. اُڍي اِهو اقرار ڪيو، ۽ پوءِ اڍو کين پنهنجي ملڪ ڪڪرالي وٺـي آيو.

هڪڙي ڏينهن ”جکرو“ ۽ ”جئسنگ“ راند ڪندي وڃي ٻن وڙهندڙ مينهن جي وچ ۾ پيا. جڏهن هوٿل کي انهن جي سڌ پيئي، تڏهن يڪدم اُڏامي پٽن کي مينهن جي وچ مان کڻي، بچائي ورتائين. اهو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا ته هوٿل ڏائڻ آهي. پر اُڍي کين انهيءَ بابت ڪجهه به نه چيو. تڏهن سندس دوستن صلاح ڪري، هن کي شراب پياري چيو ته: هوٿل ڏائڻ آهي. تنهن تي هن چيو ته: ”هوٿل پري آهي.“ هوٿل کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن هوءَ اُڏامڻ لاءِ تيار ٿي ويٺي. اُڍي جي اچڻ تي کيس چار چٺيون ڏيئي چوڻ لڳي ته: پٽن جي شاديءَ تي اينديس:

چٺيون لکي چار، ڏنيون هوٿل هٿ ۾،

اوڍا واچي نهار، اسان اچڻ ايترو.

ائين چئي هوءَ اُڏامي ويئي. اُڍي يڪدم کڻي جئيسنگ ۽ جکري جي شاديءَ جا سانباها ڪيا. نيکيٽيءَ رات ”ڏوکيندي“ ماءُ آهي. هرڪا سمي پئي سنبري ته آءٌ ڏوکيان، پر انهيءَ مهل هوٿي به اچي ويئي. ڏوکڻ کان پوءِ هڪ نُنهن کان پڇيائين ته توکي ڇا کپي؟ هن چيو ته: زر زيور گهرجن. ان کي اهي ڏنائين. ٻيءَ نُنهن کي اُڍي سمجهائي ڇڏيو هو. تنهن چيو ته: پهريان قول ڏي. تنهن تي هوٿل چيو ته: آءٌ پري آهيان قول نه ڏينديس. ننهن به چيو ته: پوءِ آءٌ به ڪجهه ڪونه گهرنديس. آخر لاچار ٿي هن نُنهن کي قول ڏنو. پوءِ انهيءَ نُنهن کيس چيو ته: جتي نُهرون، اتي سَسُ. آخر قول موجب هوٿل پدمڻي، اتي رهي پئي، ۽ پوءِ گڏجي ڪڪرالي ۾ باقي حياتي گذاريائون.

 

--��--

 

 

 

 

روايت [3]*

 

ڪنهن زماني ۾ ڪڪرالي تي ”ڄام هوٿي“ راڄ ڪندو هو. سندس ننڍو ڀاءُ ”ڄام اُڍو“ سونهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو سدائين سج چڙهئي کان پوءِ گهران نڪرندو هو. هڪڙي ڏينهن سندس ڀاڄائي ”ميلڻڏي“ جي اک پئجي ويئي. هڪ ئي نگاهه ۾ دل ڦرائي ويهي رهي. يڪدم پنهنجي خاص ٻانهيءَ کي چيائين ته: ڪنهن حيلي اُڍي کي هتي آڻ. ٻانهيءَ پهرين ڪيٻايو، پر پوءِ راڻيءَ جو حڪم مڃي، اُڍي کي اچي چيو ته: توکي راڻي ميلڻڏي سڏيو آهي. اُڍو ڀاڄائي جو حڪم موجب هڪدم رنگ محل ۾ سندس آڏو حاضر ٿيو، ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، پٽ تي ويهي رهيو. تڏهن ميلڻڏي چوڻ لڳي ته:

اُڍا نه ويهه اونٻري، هي پلنگ پيو،
        آڌي رات اُٺتان، اُڍو يار آيو.

 

اُڍي ڀاڄائي جي خراب نيت ڏسي، چيو ته:

هي پلنگ هوٿيءَ جو، هوٿي منهنجو ڀاءُ،
تنهن جي گهر واري، ٿئين اسان جي ماءُ.

پر ميلڻڏي جي من ۾ اُڍي جي عشق اهڙي باهه لڳائي ڇڏي هئي، جو ڪا ڳالهه نه پئي سجهيس، چئي:

چوڏس ورس نين چار، اُڍا اسان کي ٿيا،
 نظر کڻي نهار، هنيون نه رهي هيڪلو.

پر اُڍو سچو مڙس هو، تنهن تي ميلڻڏي جي ڳالهين ڪوبه اثر نه ڪيو. تڏهن راڻيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ۽ چيائينس ته: منهنجي ڳالهه نه مڃي پاڻ کي مصيبت ۾ ٿو وجهين....ياد رک، سڀاڻي وطن لاءِ سڪندين. اُڍي چيس ته: پرواهه نه آهي، انهيءَ ڳالهه تي جيڪڏهن مون کي سوء دفعا وطن ڇڏڻو پيو ته به ارمان نه ٿيندم. ائين چئي اُڍو يڪدم محلات مان نڪري ويو.

هاڻي راڻي ميلڻڏي پنهنجي بي عزتيءَ جي وير وٺڻ لاءِ رٿون رٿڻ لڳي. نيٺ اٽڪل سجهي آيس؛ سو ڇا ڪيائين جو ڪارا ڪپڙا پهري، وار کولي اونڌي منجي ڪري، محلات جي اونداهيءَ ڪنڊ ۾ ليٽي پئي. رات جو جڏهن ڄام هوٿي محلات ۾ داخل ٿيو، تڏهن محلات ۾ اوندهه ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو، وري جڏهن راڻيءَ جي حالت ڏٺائين، تڏهن پيرن هيٺان زمين نڪري ويس. آخر ان جو سبب پڇيائينس. راڻيءَ روئندي روئندي کيس ٻڌايو ته: اڄ اُڍي محلات ۾ اچي مون ۾ هٿ وڌا آهن. هوٿي ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو، ۽ يڪدم اُڍي کي حڪم ڪيائين ته: چوويهن ڪلاڪن اندر ڪڪرالو ڇڏي وڃ. اُڍو ڳالهه سمجهي، ڪڇ روانو ٿيو.

ميا! ڀري مال، اُڍي اچارا ڪيا،
ڪيرا تو جهار، ڪيهر هليو ڪڇ ڏي.

جڏهن ميلڻڏي کي انهيءَ ڳالهه جي سُڌ پيئي ته اُڍو شهر ڇڏي روانو ٿي ويو، تڏهن ڏاڍي دلگير ٿي چوڻ لڳي ته:  مون هيءُ ڪهڙو ناحق ڪيو، اُڍو شهر ۾ هجي ها ته ان جو منهن ڏسي به پئي جيان ها! سو هوٿيءَ کي چيائين ته: تو اُڍي کي ناحق ملڪ نيڪالي ڏني آهي، اُڍي کان سواءِ سموري رعيت اُداس آهي. سڀاڻي ڪو دشمن چڙهي اچي ته اُڍي کان سواءِ ٻي ڪابه پهر ڪانهي، جا ان جو مقابلو ڪري، تنهنڪري منهنجي صلاح آهي ته ماڻهو موڪلي اُڍي کي واپس گهرايو. هوٿيءَ کي اها ڳالهه دل سان لڳي، سو پنهنجي وزير کي اُڍي ڏانهن موڪليائين ته ڪيئن به ڪري اُڍو پرچائي وٺي اچ. وزير، اُڍي کي واپس ورڻ لاءِ گهڻوئي چيو، پر هن سندس ڪابه ڳالهه ڪانه مڃي. وزير نا اُميد ٿي هوٿيءَ وٽ موٽي آيو.

هوڏانهن اُڍو منزلون ڪندو اچي ”پاٽڻ“ پهتو، جتي ”ويسلڏي واگهيلو“ راڄ ڪندو هو. ويسلڏي واگهيلو اُڍي جو مامو هو. تنهن اُڍي جهڙي بهادر ڀاڻيجي کي ڏاڍي عزت ڏني، ۽ کانئس اچڻ جو سبب پڇيو، تڏهن اُڍي ٻڌايس ته:

جُوٺو ڏي اروپ، ڀائي ڏنو ڏيس وٽو،
مٿي سڀ لوپ، آيو ماما! تماري پاس.

 

(ماما! ڀاڄائي مون تي ڪوڙ هڻي، وطن ڇڏرايو آهي. هاڻي تو وٽ آيو آهيان).

اها ڳالهه ٻڌي ويسلڏي اُڍي کي دلاسو ڏنو، ۽ کيس چيو ته: تون ڳڻتي نه ڪر، هي گهر به تنهنجو آهي. انهيءَ کان پوءِ اُڍو اُتي ئي رهي پيو.

هوٿل پدمڻي راجا ”سنگال“ جي گهر ۾ جنم ورتو هو. هوءَ هڪ پريءَ جو اوتار هئي. ننڍي هوندي کان ئي هوٿل عقل ۾ اڪابر ۽ تمام بهادر هئي. انهيءَ ڪري راجا سنگال جو سڀني پٽن کان هوٿل تي گهڻو پيار هو. جڏهن سنگال جي مرڻ جو وقت آيو، تڏهن ڏاڍي ڏکيائي ٿيس. هوٿل سمجهيو ته پيءُ کي ڪا ڳڻتي آهي، سو کانئس پڇيائين ته: توهان جي دل ۾ ڪو ارمان آهي ته مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو. هن جواب ڏنس ته: هوٿل! منهنجو سنڌ جي ساموئي ننگر جي ٻانڀڻئي بادشاهه سان جهونو وير آهي، مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتو آهيان، مگر ان کان اڃا وير نه ورتو اٿم. منهنجن ٽنهي پٽن مان ڪوبه اهڙو ڪونهي، جو ان سان لڙائي ڪري. اها ڳالهه ٻڌي، هوٿل پيءُ جي هٿ ۾ پاڻي ڏيئي، ساڻس انجام ڪيو ته: آءٌ ضرور ان بادشاهه کان وير وٺنديس. اها ڳالهه ٻڌنديئي سنگال جي دل تان بار لٿو ۽ ٿوريءَ دير ۾ دم ڏنائين. هوٿل مردانو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي اڪيلي سر ساموئي ننگر فتح ڪرڻ لاءِ رواني ٿي.

هوڏانهن وري هڪڙي ڏينهن ويسلڏي واگهيلو ۽ اُڍو ڄام ماني کائڻ ويٺا ته ويسلڏي واگهيلي کي اوچتو هڪڙو جهونو ويري ياد آيو. سو ٿڌو ساهه ڀري اُڍي کي چيائين ته:

کاوان ويٺو کيڻ، ويسلڏي وساسو ويو،
وڏو مٿي ويڻ، ٽڪو ٻانڀڻياتڻو.

(اي اُڍا! ٻانڀڻيا بادشاهه ڏانهن منهنجو وير رهيل آهي. هاڻي جيستائين ساموئي ننگر جون ست ويهون سانڍيون هڻي نه اچان، تيستائين اَنّ حرام اٿم.)

اُڍي نهايت نرمائي سان واگهيلي کي چيو ته: مون پارڪر جا پوٺا پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيا آهن. مون کي ٿورا ماڻهو ڏي ته هڪڙي گهڙيءَ ۾ ٻانڀڻئي جون سانڍيون هڻي اچان. انهيءَ تي هن اُڍي کي ساٿ سنڀرائي ڏنو. پوءِ ته اُڍو سنگت سميت گهوڙن تي چڙهي ساموئي ننگر ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه پنڌ کان پوءِ هڪڙو حسين جوان پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائون. اُڍي ڄام هن کان پڇيو ته: اي جوان! تون ڪير آهين ۽ هن جهنگ ۾ ڪيڏانهن پيو وڃين؟ هن جواب ڏنو ته: منهنجو نالو ”ايڪلمل“ آهي، ۽ ساموئي ننگر جي بادشاهه کان پنهنجي پيءُ جو وير وٺڻ پيو وڃان ... ٻڌايو ته توهين ڪيڏانهن پيا وڃو؟ اُڍي پنهنجي حقيقت ٻڌايس پوءِ گڏجي سفر جو فيصلو ڪيائون.

ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ساموئي ننگر ۾ اچي پهتا. هو هڪڙو ڄڻو ست ويهون سانڍيون ڪاهي ساڳئي رستي سلامت موٽي آيو. اڌ واٽ تي اُڍي ۽ ايڪلمل هڪٻئي کان موڪلايو، پر جدا ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک ٿين. آخر اُڍي کان جدائي سٺي ڪانه ٿي، سو اڌ ۾ ئي پنهنجن ماڻهن کي چوڻ لڳو:

جهجها ڏيو جُهار، ويسلڏي واگهيلي کي،
جت انٻي وار، ات اُڍو ڇڏيو.

ائين چئي ايڪلمل جي پٺيان پيو. مڄاڻ اها لڪل ويس ۾ هوٿل پدمڻي هئي، سا به هلندي هلندي ”چڪاسر“ جي تلاءَ تي لهي وهنجڻ لڳي. ايتري ۾ اُڍو به اچي چڪاسر جي پار تي چڙهي ڏسي، ته هڪڙي سهڻي عورت تلاءَ ۾ پيئي وهنجي:

چڙهي چڪاسر پار، اُڍي هوٿل نهاريان،
وڇائي ويٺي وار، تري ۽ تِڪون ڏي.

هوٿل پدمڻيءَ جي نگاهه وڃي اُڍي تي پيئي. جنهن تي هوٿل يڪدم پنهنجو مُنهن وڏن وارن ۾ لڪايو ۽ اُڍي کي چوڻ لڳي ته:

اُڍا! اُت اوڀجي، ديکڙيارا ڄام،
نه ايڪلمل آءٌ، هوٿل منهنجو نام.

(اي اُڍا! جنهن کي تو ايڪلمل سمجهيو هو، سو آءٌ نه آهيان، آءٌ هوٿل پدمڻي آهيان، هاڻي تون تلاءَ جي پار کان پري ٿي ته آءٌ ٻاهر نڪران.)

اُڍو هٽي پري ٿيو ۽ هوٿل پدمڻي پاڻيءَ کان نڪري، ڪپڙا ڍڪي اچي اُڍي جي اڳيان بيٺي، ۽ چيائينس ته: اي اُڍا! جيڪڏهن تون مون سان رهڻ ٿو گهرين ته پوءِ منهنجي مرضيءَ تي هلڻو پوندءِ. اُڍي کي هوٿل جي حُسن حيران ڪري ڇڏيو هو، سو يڪدم انهي ڳالهه جي هام ڀريائين. پوءِ هوٿل  کيس وٺي، ڪن منزلن کان پوءِ ”ڪنري ڏونگر“ پهتي، جيڪو ڪاٺياواڙ ۾ آهي. اتي هن اُڍي کان انجام ورتو ته: اها ڳالهه ڪنهن کي به نه ٻڌائيندين ته ڪو تنهنجي گهر ۾

اچڻ تي ان کي ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌائي اڍي کي ديس نيڪالي ڏياريائين.

اُڍو پنهنجي وڏي ڀاءُ جي حڪم موجب شهر ڇڏي، ”ٻني“ لڳ ڪِيرا ٽڪَر تي اچي پهتو. آخر اتان به نڪري، ”ٻانڀڻاسر“ ۾ اچي ”دلوراءِ“ بادشاهه وٽ نوڪريءَ ۾ بيٺو. پر اُتان به ڇڏي پنهنجي سهري ويشل ديو وٽ واڳڙ ملڪ جي گيڙي ڳوٺ ۾ آيو. ان وقت ويشل جون ڏاچيون، دلوراءِ بادشاهه جا ماڻهو ڪاهي ويا هئا، تنهنڪري هو ڏاڍو غمگين هو. انهيءَ ڳالهه جي خبر جڏهن اُڍي کي پيئي، تڏهن دلوراءِ کان وير وٺڻ لاءِ روانو ٿيو.

جنهن وقت اُڍو، دلوراءِ ڏانهن روانو ٿيو، تنهن وقت ”سانگَڻ نِڱامَرا“ نالي سردار جي ڌيءُ ”هوٿل“ پڻ مرداني ويس ۾، پنهنجي پيءَ جو وير دلوراءِ کان وٺڻ لاءِ پئي ويئي. رستي ۾ ٻنهي جي هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي. خبرون چارون ڏيڻ بعد فيصلو ڪيائون ته جيڪي به هٿ لڳو تنهن جا ٻه هڪجيترا حصا ڪبا. پوءِ اڳتي روانا ٿيا. ٻانڀڻاسر جي ٻاهران کين دلوراءِ جون ڏاچيون نظر آيون. هو ڏاچيون ڪاهي روانا ٿيا. پنهنجي حد ۾ پهچي مال جي ورهاست ڪيائون. هوٿل پنهنجي حصي وارو مال به اُڍي کي دوستيءَ ۾ ڏيئي رواني ٿي.

هوٿل جي وڃڻ کان پوءِ اُڍي کي به هن کان سواءِ آرام نه آيو، سو هوٿل جي پويان روانو ٿيو. آخر چڪاسر تلاءَ تي اچي پهتو، ۽ اتي هوٿل جو گهوڙو ڏسڻ ۾ آيس. تلاءَ جي ڪپ تي چڙهي ڏٺائين ته ان ۾ هڪڙي نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري وهنجندي نظر آيس، جنهن جا ڊگها وار پاڻيءَ جي مٿان پکڙيا پيا هئا. اُتي اُڍي جي گهوڙي کي ڏسي، هوٿل جي گهوڙي وٺي هڻڪارون ڪيون، تنهن تي هوٿل جو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ اُڍي کي بيٺل ڏٺائين.

ان کان پوءِ ڄام اُڍو ۽ هوٿل اتان گڏجي روانا ٿيا، ۽ ’راپر‘ تعلقي جي ’سَئي ڳوٺ‘ کان هڪ ميل کن پري ”هوٿل پرا“ نالي ڏونگر ۾ ”هوٿل جي غفا“ ۾ آيا ۽ اتي ٻنهي ڄڻن شادي ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هنن کي ”جکرو“ ۽ ”جئسنگ“ نالي ٻه پٽ ٿيا. هڪڙي ڏينهن اُڍي کي پنهنجي وطن جي يادگيري پيئي. هوٿل ساڻس شرط رکيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي به مون بابت سچي خبر ٻڌايئي ته پوءِ هلي وينديس. اُڍي هن جو اهو شرط قبول ڪيو ۽ ٻئي ڄڻا ٻارن سميت ڪڇ ۾ آيا. ڄام اُڍي جي اچڻ تي گوهلا گڍ ۾ خوشيون ٿي ويون.

هڪڙي ڏينهن اُڍي جي دوستن ۽ مائٽن مِٽن کي سندس زال جي خبر چار وٺڻ جو خيال ٿيو، سو اُڍي کان پڇيائون، پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو. آخر دوستن کيس شراب پياري نشي ۾ اهڙو مست ڪيو، جو هن پنهنجي زال هوٿل جي سربستي ڳالهه کين ٻڌائي. اها خبر جڏهن هوٿل کي پيئي، تڏهن پنهنجي ٻانهيءَ کي چار خط ڏيئي اتان هلي ويئي. انهن خطن ۾ لکيل هو ته: جڏهن اولاد وڏو ٿيندو ۽ سندن شادي ٿيندي، تڏهن کين لانئون ڏيڻ لاءِ اينديس. اُڍي کي هوٿل جي وڃڻ تي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ سندس ڳولا ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪيائين. پر هوٿل هٿ نه آيس. نيٺ ٻنهي پٽن جي شاديءَ جو خيال ڪري، ڏينهن مقرر ڪيائين.

شاديءَ واري ڏينهن، هوٿل به واعدي موجب پنهنجي پٽن کي لانئن ڏيڻ لاءِ آئي. لانئون ڏياري پنهنجين نُنهن کي چيائين ته: گُهرو جيڪي گهرڻو اَٿوَ. ڄام اُڍي ٻنهي نُنهن کي سمجهائي ڇڏيو هو، ان موجب ننڍيءَ ڪنوار هوٿل کان وچن گهريو. هوٿل جي وچن ڏيڻ تي ڪنوار کيس چيو ته: هاڻي هميشه لاءِ اتي ئي رهي، پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪر. ان ڏينهن کان وٺي هوٿل اتي رهڻ لڳي. اهڙيءَ طرح ڄام اُڍي جو اُجڙيل گهر وري آباد ٿيو.

--��--


*  هن داستان جو بيان انهن روايتن مطابق مرتب ڪيو ويو آهي، جيڪي اسان ڪراچي، ملير ۽ ساڪري جي سگهڙن کان ٻڌيون. سنه 1956ع ۾ وَٽٖيجِي تي حاجي ڪرمي وٽ ڪچهري ٿي، جتي سگهڙ مرحوم سومار خان گبول، پنهنجيءَ روايت ۾ چيو ته، مڱ ٿر برفت، پاهڙ جي اولاد مان هو، ۽ مري به برفت هئي. مڱ ٿر جي ماءُ جو نالو ”شئين“ ۽ پيءُ جو نالو ”شتڪ بولاڻي“ هو. پر سندس اهو قول ضعيف آهي. پاهڙ، شئين توڙي شتڪ پوءِ جا آهن، ۽ هيءُ قصو آڳاٽو هلندڙ آهي. (ن.ب.)

*  گڏاپ کان ڏکڻ جيڪو رستو ڪؤنڪر ڏانهن وڃي ٿو، ان رستي جي الهندي طرف ڪؤنڪر ۾ ٻه بُٺيون آهن، جن مان هڪ تي قديم مقام پڻ آهي. اهي بُٺيون پڻ مقامي طور ”مري ۽ مڱ ٿر جون بُٺيون“ سڏجن، ۽ اتي جي رهندڙن جو اهو گمان آهي ته ’مري ۽ مڱ ٿر‘ اتي ئي گذريا. (ن.ب)

*  هيءَ روايت ’نئين زندگي‘ آگسٽ 1951ع تان ورتل آهي.

*  هن متن جو مدار ٽن روايتن تي آهي: هڪ مٺو فقير مڱڻهار، ويٺل ضلعو ٿرپارڪر، روايت م. ٻي رائچند، ويٺل چيلهار، ضلعو ٿرپارڪر، روايت ر ۽ ٽين ٺٽي ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي مختلف سگهڙن کان ڪچهرين ۾ ٻڌل زباني روايتون، روايت س.

[1]  روايت س موجب، هوٿي ڄام کي ٽي پٽ هئا: سوڍو ڄام، موڙ ڄام، ۽ اُڍو ڄام.

[2]  روايت ر موجب، ڪڇ جي ڪيراڪوٽ ۾ راڄ ڪندا هئا. روايت س موجب اُڍي جي ڏيرن (ڪوٽن ۽ ڀتين) جا نشان اڃا تائين نارائڻ سر کان اڍائي ڪوهه اولهه طرف، کاري جي درياء ”سبتا“ مان ”چتون وارو ڍورو“ نڪري ٿو، تنهن جي ڦنگ ۾ بيٺل آهن.

[3]  روايت ر موجب ٻئي پرڻيل هئا.

[4]  روايت ر موجب مهڙ جي زال اُڍي جي ڊگهن وارن تي عاشق هئي. هڪڙي ڏينهن اُڍو، گهوڙي تي چڙهيل، سندس محلات وٽان لنگهيو، پوءِ ٻانهيءَ جي چوڻ تي محلات ۾ دريون ٺهرايائين. روايت م موجب، اُڍو مال هڻي اَسر جو محلات ڏانهن پئي آيو ته سندس حسن جو اُهاءُ راڻيءَ ڏٺو.

[5]  روايت موجب دائي نياپو کڻي آئي. اُڍو نياپي تي راڻيءَ وٽ ويو، جنهن پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. اُڍي جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته آءٌ تنهنجي وارن تي عاشق آهيان، تڏهن وار وڍي ڀاڄائيءَ کي ڏيئي موٽي آيو.

[6]  ڄام مهڙ، دائيءَ جي واتان نياپو ٻڌي، ڪاوڙجي محلات ۾ آيو، سندس زال اونڌي کٽ ڪيو ستي پيئي هئي. مڪر ڪري مهڙ کي ڪوڙ سچ ٻڌايائين. مهڙ يڪدم اُڍي کي ملڪ نيڪالي جو حڪم ڏنو.

[7]  ،

[8]  ؟

[9]  ر روايت موجب.

[10] فقط م روايت ۾.

[11]  ر روايت موجب، ”ڪيراتون نيرو ٿئين ٻيا سندئي وار“.

[12]  ر روايت موجب ويسر راءِ، اُڍي جو مامو هو.

[13]  هيءُ واقعو فقط م روايت ۾ آهي.

[14]  روايت ر موجب رڇئي پهنوار جي پٽ ٻڪريون پئي چاريون، جنهن کي اُڍي جا همراهه ماري ٻڪريون ڪاهي آيا.

[15]  فقط م روايت ۾.

[16]  ر روايت موجب: ڪڇ جي ڪنهن ٽڪري جو راجا ”سانگل گومرا“ هو، جنهن کي ٽي پٽ ۽ هوٿل ڌيءَ هئي. مرڻ وقت راجا چيو ته ”براهيميڻا بادشاهه“ سان وير اٿم، ان کان بدلو وٺجو. هوٿل پيءُ سان انجام ڪيو ته هڪ مهيني اندر براهيميڻا کي سکيت ڏيندس. سو ڪجهه ماڻهو ساڻ ڪري رواني ٿي. برهيميڻا بادشاهه سان ”ويسيل ديو واگهيلي“ جو به وير هو. تنهن وري پنهنجي ڀاڻيجي اُڍي کي لشڪر سميت روانو ڪيو. واٽ تي هوٿل ۽ اُڍي جي ملاقات ٿي. پوءِ ٻئي لشڪر سميت براهيميڻا تي ڪاهي ويا ۽ ان جو مال هڻي آيا.

[17]  ر روايت موجب هوٿي تير هنيو ته سڀني جا پٽڪا ۽ ٽوپيون لهي پيو. روايت م موجب هوٿل پٿر ۾ تير هنيو، سڀني تير ڪڍڻ لاءِ زور لاتا پر نه نڪتو، هوٿل ٻن آڱرين سان تير ڪڍي کين پوئتي روانو ڪيو.

[18]  ر روايت موجب ڀاڪر پائڻ وقت اُڍي کي شڪ پيو ته هوٿي عورت آهي: تڏهن سنگتين کان موڪلائي ان جي پٺيان روانو ٿيو.

[19]  م روايت موجب، چڪاسر جي تلاءَ تي ئي سنگتي ساٿي اُڍي کان موڪلائي روانا ٿيا ۽ اُڍو اتي ويهي رهيو. هوٿل به انهيءَ تلاءَ ۾ وهنجڻ لڳي ته اُڍي ڏسي ورتس.

[20]  روايت ر موجب: هيءَ ڳالهه هن طرح آهي:

پــــٻــــڻ سنـــــــدو پـــــن ٽـــٻــــــي ڏئــــي تــــــــار ۾،

تيئن اسان جو من، اُڍو لوڙهي ويو لُڙهه ۾.

[21]  روايت ر موجب:

لُڙهجي ڪاٺي جر ۾، اجهي جيئن اپڙي،

تيئن اسان جو من، اُڍو لوڙهي ويو لُڙهه ۾.

[22]  فقط ر روايت ۾.

[23]  فقط م روايت موجب.

[24]  فقط م روايت ۾.

[25]  س روايت موجب اُڍي هڪڙو هڪڙو ڪپڙو ڪري ڏنس. هوٿل چيس ته تو منهنجا انگ ڏٺا آهن، هاڻي آءٌ تنهنجي زال آهيان، پر شرط انهيءَ سان ته ڪنهن کي به نه ٻڌائيندين.

[26]  م روايت موجب، هوٿل پري، اُڍي کي کڻي اُڏائي، ۽ اچي ’ڪِيري‘ جبل تي لٿي، ۽ اُڍي کي بونئري ۾ بند ڪري ڇڏيائين.

[27]  ڳاهه فقط م روايت ۾. ر روايت موجب هڪڙو ديو ٻانڀڻ کي وٺي آيو.

[28]  فقط م روايت ۾.

[29]  فقط م روايت ۾.

[30]  فقط م روايت ۾.

[31]  ر روايت موجب، اُڍو فقيراڻي ويس ۾ گهر گهر تي صدا هڻندو، پنهنجي گهر تي آيو. دائيءَ خيرات ڏنس، پر نه ورتائين. چيائين ته: خيرات راڻيءَ جي هٿان وٺندس.

[32]  م روايت موجب.

[33]  ر روايت موجب ٻئي ڇوڪرا شڪار ڪندي نرماد شينهن کي جهلي آيا.

[34]  س روايت موجب، ر روايت موجب اُڍي کي شراب پياري سچي ڪرائيون.

[35]  روايت م ۽ ر موجب:

چٺيون لکي چار، ڇڏيون هوٿل هٿ منجهان،

اُڍا! واچـــي نـــهـــار، تــــه اســـان جــــو اچــــڻ ايــتـرو.

[36]  فقط س روايت موجب.

[37]  ر روايت ۾ هن بعد پرين جي اچڻ ۽ ”جئسنگ“ ۽ ”جکري“ کي کڻي وڃڻ جو واقعو آهي.

*  هيءَ روايت لاڙ (تعلقي بدين) مان شيخ محمد سومار کان ملي، جنهن ڪڇ جي سگهڙ مٺو فقير نهڙيي (عمر اسي ورهيه) کان ٻڌي قلمبند ڪئي.

*  هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام ”اوجها“ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org