مهاڳ
سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955 ع ۾،
’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي
آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽
تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.
ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو
ويو، انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا
ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري
موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ’سنڌي لغت آفيس‘ سان
گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن
مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران
آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف
ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.
پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف
ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان
گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل
ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو، ۽ بنده ڪوشش
ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان
ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هرپهلوءَ کي
سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري
ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار
تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ
ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو
ٽئين سال 1959ع کان شروع ٿيو ۽ جاري آهي.
هت ٻه ڳالهيون واضع ڪرڻ ضروري آهن:
پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي عام ادب جون اهي جملي
جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾
مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم
ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري
جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً : مداحون، مولود، ٽيهه
اکريون، ڪافيون وغيره، مگر جيئن ته اهي هن وقت
تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ
ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو
آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ
ادب“ کي بعينہ ”فوڪ لور“ (Folklore)
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت
اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدّن
جو، يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ
جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري
سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي، جو عوام جي
زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي
سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾
حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.
ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو
آهي، ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي
ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ،
ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ
جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ
ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي
مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل
ڪتاب، اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽
نيڪ فال ثابت ٿيندا.
’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي
عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون
ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي
ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾
منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ،
ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مُسوّدا توڙي پريس ڪاپيون تيار
ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن
ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾
تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ
جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي،
جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين
ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.
لوڪ ادب تجويز هيٺ، مشهور سنڌي قصن ۽ عشقيه داستانن بابت ست
ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرڻا آهن، جن مان هي ٻيو نمبر
ڪتاب آهي، جو خاص سنڌ جي عشقيه داستانن سان تعلق
رکي ٿو.
مجموعي طور سان ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو هي اوڻٽيهون ڪتاب آهي. ان جو
بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد
کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي،
جولاءِ 1962ع ۾ ڪتاب جو مَسُوده تيار ڪيو ويو، ۽
سيپٽمبر 1962ع ۾ مَسُوده جي آخرين تصحيح ڪري، پريس
ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.
مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم ممتاز مرزا هن
ڪتاب جي مواد کي اتاري، يڪجاءِ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره
صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ
محمد اسمٰعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي، ۽ مَسُوده
تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽
تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.
سنڌ يونيورسٽي،
خادم العلم
حيدرآباد سنڌ
نبي بخش
26- اپريل 1963ع
ام للا نسان ما تمنيٰ○فللّٰہ
الا خرة والاوليٰ
مقدمہ
هن ڪتاب ۾ عشق ۽ محبت جا اهي داستان شامل آهن، جي خاص سنڌ جي سر
زمين جي پيداوار آهن. انهيءَ ڪري موضوع توڙي ماحول
جي لحاظ سان هن ڪتاب ۾ شامل مواد نهايت اهم آهي.
سنڌ جي انهن داستانن جا سَلا، ملڪ جي نيم تاريخي
توڙي تاريخي ماحول ۾ انگوريا، ۽ عوام جي ذوق ۽ سنڌ
جي ماهر قصه خوانن جي شوق سببان جلد اُسريا ۽ وڌي
وڻ ٿيا. ويندي موجوده وقت تائين سنڌ جي سگهڙن وٽ،
انهن عشقيه داستانن مان ڪن جون سربستيون روايتون ۽
ڪن جا ٽاڻا ۽ اَهڃاڻ محفوظ آهن، ۽ سندن ڪچهرين ۽
رهاڻين جا دلچسپ موضوع آهن. اسان جي ٻهراڙي جي ڪن
عام شاعرن پڻ گذريل پنجاهه سٺ سالن واري دور ۾ ڪن
داستانن کي بيتن ۾ ڳايو آهي. البته علمي دنيا مان
ڪي ٿورا سڄڻ، هنن داستانن جي نالن يا سربسته
روايتن کان واقف آهن، ۽ انهيءَ لحاظ سان هي دلچسپ
داستان پهريون ڀيرو پڙهيل طبقي جي آڏو پيش ٿي رهيا
آهن.
جغرافيائي لحاظ سان هن ڪتاب ۾ شامل اٺن عشقيه داستانن مان ست
سنڌ جي لاڙ ۽ ڏاکڻي ڪوهستان وارن ڀاڱن سان تعلق
رکن ٿا، ۽ هڪ (’ڦل وڌوئو ۽ ڀوري‘) اتر سنڌ جي
موجوده ضلعي خيرپور جي ڪوٽ ڏجي واري اراضي سان
وابسته آهي. مقصد ۽ ماحول جي لحاظ سان هي مڙيئي
داستان اندازاً چوٿين صدي کان وٺي ارڙهين صدي
عيسوي واري عرصي جي تخيلن ۽ نيم تاريخي توڙي
تاريخي واقعن جا يادگار آهن. پهريان ٽي
داستان-موکي ۽ متارا، مري ۽ مڱ ٿر، ڦل وڌوئو ۽
ڀوري-غالباً سڀ کان آڳاٽا قرار ڏيئي سگهجن ٿا.
لاکو ڦلاڻي، اڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري، بوبنا ۽ جراڙ،
دولهه درياخان ۽ همون راٺور، سنڌ جي سمن جي قبائلي
دور ۽ ٺٽي جي سمن ڄامن جي تاريخي عهد سان تعلق رکن
ٿا. آخري داستان ’مير باگو ۽ سنڌ راڻي‘ ٽالپور
اميرن جي حڪومت واري دور جو يادگار آهي.
داستانن جو پس منظر:
هيٺ اسان هر هڪ داستان جي ماحول ۽ سٽاء، مکيه ٽاڻن ۽ اهڃاڻن تي
قدري روشني وجهون ٿا، انهيءَ لاءِ ته انهن دلپذير
داستانن جي معنوي اهميت، جغرافيائي وقعت ۽ تاريخي
قدامت وارا پهلو پوريءَ طرح نروار ٿي وڃن.
1. موکي ۽ متارا. سنڌ جي تمدني تاريخ جي لحاظ سان، هيءُ هڪ
نهايت انوکي ۽ عجب قسم جو داستان آهي، جنهن ۾
ميخاني ۽ ميخوارن جو منظر نمايان آهي. ساڳئي وقت
معنوي لحاظ سان، ساقي (موکي) ۽ ميخوارن (متارن) جي
ڪردار جي گهري نفسياتي پهلو کي جنهن نزاڪت سان
نروار ڪيو ويو آهي، سو پڻ سٽاء جي لحاظ سان هن
داستان جي بلند ذهني معيار جي ساک ڀري ٿو. مرڪزي
نُڪتو هي آهي ته، ’مستي ۽ مدهوشيءَ ۾ جڏهن ماڻهو
تي طلب ۽ شوق جو جذبو غالب آهي، تڏهن نقصان جو
خيال ته درڪنار پر نقصان جو عمل ۽ اثر پڻ زائل ٿي
وڃي ٿو، مگر هوش ۽ خبر واري حالت ۾ محض زيان جو
احساس پڻ موت جو ڪارڻ بنجي ٿو.‘ انهيءَ نفسياتي
ڪيفيت جي عملي تصوير هن داستان جي جان آهي، ۽
انهيءَ لحاظ سان سنڌ جو هيءُ افسانو، دنيا جي
بهترين افسانن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو.
هن داستان جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن بابت جيڪي روايتون اسان کي ملي
سگهيون، سي متن ۾ ڏنيون ويون آهن. متارن ميخوارن
بابت عام مشهور روايت هيءَ آهي ته:
ايندا هئا اٺ ڄڻا، موکيءَ گهر مهـماڻ
ٻه ســما، ٻه ســـومرا، ٻه چـــنا، ٻه چـــهـــواڻ
ٻيءَ هڪ روايت موجب[1]
اهي متارا ميخوار ٻارهن ڄڻا هئا:
ٽي ســما، ٽي ســـــــومرا، ٽي ذات مَڙَم
ٽي رونجها راڄ-ڌڻي، باري ساڻ ڀرم
جغرافيائي لحاظ سان هيءَ افسانو، نئن ملير جي ڪنڌي ۽ خصوصاً
’ڪؤنڪر‘ ۽ ان سان متصل ڪوهستاني اراضي جو آهي.
تاريخي طور، شايد هيءُ داستان انهيءَ دور جو آهي،
جڏهن سنڌ ۾ سمن، سومرن، چنن، ۽ چهواڻن قبيلن جو
زور ۽ اثر هو. هن داستان جي پهرئين روايت ۾ مومل
جي ٻانهي ’ناتر‘ جو ذڪر آهي، جنهن جي معنيٰ ته
سومرن جي دور ۾ ”مومل راڻي“ واري داستان بعد هيءُ
افسانو اُسريو. البت ميخاني ۽ ميخوارن واري منظر
جو تصوّر آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو، ۽ غالباً اهو تصوّر
سنڌ ۾ ايراني تمدن جي اثر جو يادگار آهي. زردشتي
متن جا مهندار ’مغان‘ هئا، مئي جو دور سندن رسومات
جو جز هو، ۽ ’مُغ‘ (=مُک) سندن وڏو ساقي ۽ ميخواري
جي رسم جو مهندار هو. سنڌي ترڪيب جي لحاظ سان ساقي
عورت کي ’مُغي‘ چئي سگهجي ٿو، ۽ لفظ ’موکي‘ غالباً
’مغي‘ جي ئي بدليل صورت آهي.
ميخاني جي ماحول ۽ اندر جي شڪ جي گهري نفسياتي ڪيفيت واري
پيچيده خيال سببان، هي افسانو عوام ۾ ايترو رائج
نه ٿيو، مگر سنڌ جي بلند پايي سالڪ شاعرن، پنهنجن
بيتن ۾ هن داستان جي اهم پهلوئن کي بيان ڪيو آهي،
۽ اهڙا بيت ميين شاهه عنات جي ڪلام ۽ شاهه
عبداللطيف جي رسالي ۾ شامل آهن. پڻ جهوڪ شريف جي
درگاهه جي ”راڳ نامي“ ۾ ’موکي ۽ متارن‘ جي سر بابت
ڪافي بيت ڏنل آهن. موکيءَ جي ڪردار بابت اسان جي
سالڪ ۽ سگهڙ شاعرن جا مختلف رايا آهن: هڪڙن مٿس
ميار رکي آهي، پر ٻين جي خيال ۾ موکيءَ متارا ڪين
مايا، پر ساڻن دل جو دليل وڙهيو.
2. مري ۽ مڱ ٿر. هيءُ داستان پڻ سنڌ جي ڏکڻ اُلهندين ڪوهستاني
اراضيءَ جو آهي، جتي ان جا اهڃاڻ مقامي طور مشهور
آهن. ’کَڏاپ‘ کان ٻارهن ميل کن پري ٻه ديهون
’سورينگ‘ ۽ ’کار‘ آهن. ديهه سورينگ، ۾ ڏکڻ طرفان
’مري‘ وارو جبل ۽ ديهه ’کار‘ ۾ اتر طرفان ’مڱ ٿر‘
وارو پهاڙ، ٻئي آمهون سامهون نَڪا ڏيو بيٺا آهن، ۽
وچان صرف نئن آهي.
مرد جي محبت ۽ عورت جي بي وفائي هن داستان جو مرڪزي مضمون آهي.
’مري‘، مڙس جي محبت تي پنهنجي هوس کي ترجيح ڏئي
ٿي، ۽ سيرت جي بدران ظاهري صورت (وارن جي سونهن)
تي مفتون ٿئي ٿي، جنهن جو پاڇاندو پڇتاءُ آهي. ’مڱ
ٿر‘ جو جبل جي جهُڏي ۾ رهڻ ۽ مريءَ جو ’کوراٺ‘
ٻڪرار جي وارن تي عاشق ٿيڻ وارا اهڃاڻ، ڏيکارين ٿا
ته هيءُ داستان سنڌ جي آڳاٽي بدوي تمدن جو يادگار
آهي.
هيءُ قصو مقامي طور ڪراچي جي اُتر اولهه طرف واري ڪوهستاني
اراضي ۽ ساڪري جي سگهڙن وٽ عام مروج آهي. سنڌ جي
ٻين ڀاڱن جي ڪن سگهڙن کي مري ۽ مڱ ٿر جا نالا
معلوم آهن، پر هن داستان جي وڌيڪ تفصيلي ٽاڻن ۽
اهڃاڻن کان هو ناواقف آهن. هڪ سگهڙ جي چيل ’ست
سري‘ بيت جي هيءَ سٽ البت سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي
ته:
’مري مڱ ٿر مارايو، واڌڙ ڏسي وار.‘
3. اڍوڪيهر ۽ هوٿل پري. هيءُ داستان موجوده ٺٽي ضلعي جي سامونڊي
ساحل يا ”کاري“ جي تاريخي پرڳڻي ’ڪڪرالٖي‘ سان
تعلق رکي ٿو، ۽ ڪڪرالي جي ڪِهَر ڄامن جي ابتدائي
اوج جو يادگار آهي. موجوده ڪيٽي بندر محال ۾
’اوچتي درياء‘ کان اوڀر طرف وارو ڀاڱو، موجوده
شاهبندر تعلقو ۽ موجوده ’جاتي‘ تعلقي جو ڏاکڻيون
ڀاڱو ’ڪڪرالي‘ يا ’ڪڪراڙي‘ ۾ شامل هئا، جتي آڳاٽي
وقت کان وٺي سمن جي هڪ طاقتور قبيلي ’ڪِهرن‘ جي
سرداري هئي. ’ڪڪرالي جي ڪهر ڄامن‘ بابت ٺٽي ضلعي
جي عام خاص ۾ اڃان تائين ڳالهيون ۽ حڪايتون هلندڙ
آهن. يارهين ۽ ٻارهين صدي هجري (سترهين ۽ ارڙهين
صدي عيسوي) واري دور ۾، ڪڪرالي جي ڄامن بابت سنڌ
جي تاريخن ۾ پڻ حوالا موجود آهن. ڏهين صدي هجريءَ
جي آخر ڌاري ڪڪرالي جو والي ڄام جراڙ هو[2].
ان بعد ڄام ڏيسر ٿيو، جو غالباً ڪافي طاقت ۽ همت
وارو هو، ۽ ٺٽي ۾ ترخانن جي گادي جو دعويٰ دار
مرزا جان بابا وٽس مدد وٺڻ لاءِ ويو[3].
ڄام ڏيسر کان پوءِ سندس پٽ ڄام هالو والي ٿيو[4].
ان کان پوءِ وري ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ڪڪرالي جي
ڄامن جو ذڪر تاريخ ۾ ملي ٿو. ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪڪرالي جو والي ڄام ڏيسر هو.
7-صفر سنہ 1174هه ۾ ميان غلام شاهه، ڄام جي قلعي
”آباد“ تي چڙهائي ڪئي، ۽ کيس شڪست ڏيئي، ڪڇ ڏانهن
ڀڄائي ڪڍيو، ۽ اهڙيءَ طرح ڪڪرالي جي ڄامن جي رياست
جو خاتمو ٿيو.
تاريخ طاهري ۾ ڪڪرالي جي ڄامن جي نسب بابت اوائلي حوالو موجود
آهي، ۽ ڄام ڏيسر وڏي کي ڄام ڏيسر ’کهورسمہ‘ يا
”ڄام ڏيسر گهور“ سڏيو ويو آهي[5].
ان مان ظاهر آهي ته هي ڄام پڻ سما هئا. سندن قبيلي
جو نالو ’ڪهور‘ ڄاڻايل آهي، جو ’ڪِهر‘ جو ڊگهو
اُچار آهي، ۽ ’ڪهر‘ توڙي ’ڪيهر‘ نالو اڃان تائين
عام مروج آهي. بهرحال ڪڪرالي جي ’ڪهر ڄامن‘ جي
سلسلي جي نه فقط تاريخ مان تصديق ٿئي ٿي، پر سنڌ
جي سمن جي نسب-نامن ۾ پڻ ’ڪهرقوم‘ يا ’ڪهورسمن‘ جو
ذڪر ملي ٿو، جن جي رياست ٺٽي پرڳڻي ۽ ڪڇ ملڪ جي وچ
واري اراضي ۾ هئي. سمن جي نسب-نامي جي هڪ بياض
موجب، انهن ڪهر ڄامن مان ”ڄام ڏيسر، ڄام هالو، ڄام
ستو، ڪانيا، تڳرو خان ۽ جکرو ولد همون مشهور ٿي
گذريا.“
مير محمد معصوم بکري ’ڪڪرالي‘ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، ’ڪڪرالو
ڄام مُهڙ جو ملڪ آهي[6]،
جنهن مان غالباً مير معصوم جي مراد وڏو ڄام مهڙ
آهي، جو ڪڪرالي جي ڄامن جي پيڙهيءَ جو وڏو ڏاڏو
هو. اهو ساڳيو ’ڄام مُهڙ‘ آهي، جنهن جو نالو هن
(زير نظر) داستان ذريعي پڻ مشهور ٿي ويو آهي.
هن قصي جي پهرين روايت موجب ”ڄام مهڙ ۽ ڄام اڍو ڪيهر ذات جا سما
هئا ۽ ٻئي ڄام مَنهي جا پٽ هئا. وڏو مهڙ ۽ ننڍو
اڍو هو، ۽ اهي ڪڇ ڪڪراڙي ۾ راڄ ڪندا هئا“ (ص 31).
ڪڪرالو يا ڪڪراڙو، سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ تي آهي، ۽
غالباً اصل روايت ۾ صحيح طور ”ڪڇ جي لڳ ڪڪراڙي ۾“
يا ”ڪڇ جي اوريان ڪڪراڙي ۾“ جا الفاظ هجن. پر نسب
نامي جي لحاظ سان هيءَ روايت، جنهن سان قصي جي
چوٿين روايت (ص 69) پڻ ملي ٿي، قدري وڌيڪ صحيح آهي[7].
سمن جي نسب نامي جي شجرن مان هن ڳالهه جي تصديق
ٿئي ٿي ته ڪڪرالي جا ڪهر سما ’ڄام مناهين‘ جي
اولاد مان آهن. هن داستان جي سلسلي ۾ سمن جي نسب
نامي جون هيٺيون ٻه روايتون غور طلب آهن:
هيءَ سنڌ جي ڀٽن ۽ چارڻن جي عام روايت آهي، جنهن موجب ’لاکي‘ کي
ٻن زالن ’چاوڙي‘ ۽ ’ڀُوتي‘ يا ’ڦوتي‘ مان اهي اٺ
پٽ ٿيا_چار پٽ هڪ مان ۽ چار پٽ ٻيءَ مان، البته
چئن سڳن ڀائرن جي نالن ۾ اختلاف آهي. اهو متفقه
طور ڄاڻايل آهي ته ’مناهي‘’ڀوتي‘ مان هو، جنهن جو
لقب (؟)’ڪهر راڻي‘ هو. هن سلسلي جي ٽن روايتن مان
اها پڻ تصديق ٿئي ٿي ته ’مناهي‘ جو اولاد ڪهور يا
ڪيهر سما ٿيا (جنهن تي غالباً ماءُ جي لقب جي لحاظ
سان اهو نالو پيو)، جن جي رياست ٺٽي ۽ ڪڇ جي وچ تي
سمنڊ جي ڪناري لڳ هئي. البت ’مناهي‘ جي اولاد جو
شجرو ڏنل ڪونه آهي، ۽ ٻئي طرف هن داستان جي روايتن
جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هن ’مناهي بن لاکي‘ جا
ٻه پٽ مهڙ ۽ اڍو، يا ٽي پٽ هوٿي، مهڙ ۽ اڍو ٿيا.
شجري جي هيءَ روايت لاڙ جي ڀانن جي آهي، ۽ سنڌ جي ٻين روايتن
کان مختلف آهي. هن روايت موجب ڄام اڍو ۽ ٻانڀڻيو
ٻئي ڀاءَ هئا، ۽ وڏي ’مناهي‘ جا پٽ هئا. ڄام اُڍي
کي ’هوٿل‘ مان ٻه پٽ ٿيا، هڪ جکرو، ٻيو ڄام مناهي.
هن روايت موجب ڄام اڍي جي پٽن جو هيءُ اهڃاڻ، جکري
بابت سنڌ جي عام روايتن سان ملي ٿو، جن ۾ هيءُ
مقولو مشهور آهي ته ”اهڙن اهڃاڻن، هوٿل ڄائو
جکرو“. هن داستان جي مختلف روايتن مطابق پڻ ڄام
اڍي کي هوٿل مان جي ٻه پٽ ٿيا، تن مان هڪ جو نالو
متفق طور ’جکرو‘ آهي، البت ٻئي ڀاءُ جو نالو
’جادم‘ يا ’جئيسنگ‘ يا ’جيسل‘ ڄاڻايل آهي[1].
سنڌ جي اڪثر سگهڙ راوين وٽ ائين تسليم ٿيل آهي ته هوٿل ذات جي
نڱامري هئي. هن داستان جي پهرين روايت موجب پڻ
ائين ئي ڄاڻايل آهي ته هوٿل نڱامري هئي[2].
چوٿين روايت موجب هوءَ سردار ’سانگڻ نڱامري‘ جي
ڌيءَ هئي[3].
سمن جي نسب نامي موجب نڱامرو سمو هو، ۽ انهيءَ لحاظ سان سندس
اولاد نڱامرا سڏجڻ لڳا. سنه 613هه ۾ علي ڪوفي سنڌ
جو ”فتح نامو“ عربيءَ مان فارسي ۾ ترجمو ڪيو، ۽ هن
پنهنجي ترجمي ۾ ڄاڻايو آهي ته نڱامرن عربن جا ٻيڙا
ڦريا هئا، جنهن ڪري بالاخر محمد بن قاسم سنڌ تي
چڙهائي ڪئي. انهيءَ جي معنيٰ ته ڪم از ڪم ستين صدي
هجريءَ جي شروع ۾ جڏهن علي ڪوفي، بکر ۾ هي ڪتاب
ترجمو پئي ڪيو، تڏهن سنڌ جي سامونڊي ڪناري لڳ
’نڱامرا‘ قوم طاقتور هئي، جنهن ڪري هن اهو نتيجو
ڪڍيو[4].
ان بعد سمن جي دور ۾ (8 ۽ 9 صدي) ۽ غالباً سؤ سال
کن پوءِ ڏهين صدي هجريءَ جي آخر ۾ پڻ هن قبيلي
پنهنجي سرداري قائم ڪئي. موجوده ميرپور ساڪري
تعلقي (ضلعو ٺٽو) جي سامونڊي ڪناري تي نڱامرن
سردارن جي رياست بابت تاريخي حوالا ملن ٿا. تحفة
الڪرام ۾ ڄاڻايل آهي ته ”آڳاٽو بندر ڌاراجا،
نڱامرا قوم جو تختگاهه آهي[5]“.
ڌاراجا بندرگاهه جا نشان اڃا تائين موجود آهن.
ميرپور ساڪري طرف سگهڙن وٽ هڪ آڳاٽو بيت هلندڙ آهي
ته:
اول هئا ’ڪُٽٖي ڪوٽ‘ تي، پوءِ ويا کُڏيءَ پاس
کڻي
الا!
اِجٌــــــــمـــــــــالـــــــــيــــــــــــن
جــــــــــــي، اُچــــــــــــي ڪـــــــــــــج
اَڻـــــــــــــي
ڌاراجــــــــــــــــا ڌڻــــــــــــــي،
ڏســــــــــــــي مــــــــــــــچ
نــــــــــــه مــــــــــوٽـيـــــــــــا.
ان بيت مان گمان نڪري ٿو ته پهريائين ’ڪٽو ڪوٽ‘ نڱامرن جي طاقت
جو مرڪز بنيو[6]
۽ ان بعد ’کُڏي جي نار‘ طرف (جا ڪراچي طرف وڃي ٿي)
پنهنجي طاقت ڄمايائون. ٻيو ته نڱامرن جو اهو سردار
گهراڻو ’اجمالي‘ سڏبو هو، جنهن جي معنيٰ ته اجمال
نڱامرو پهريون سردار هو، جنهن اها رياست قائم ڪئي،
جنهن جون حدون سامونڊي ڪناري لڳ ڪراچي کان وٺي
ڪيٽي بندر تائين هيون، ۽ ڌاراجا بندر ان جو مرڪزي
شهر ۽ گاديءَ جو هنڌ هو. هن داستان جي روايتن مان
معلوم ٿئي ٿو ته ’سانگڻ نڱامرو‘ پڻ هڪ سردار هو،
جنهن جي ڌيءَ هوٿل هئي. جيئن ته هيءُ جهونو داستان
آهي، انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي ته سانگڻ يا اجمال
اڳ ٿي گذريو. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڌاراجا جا
نڱامرا سردار ’راڻا‘ سڏبا هئا. سنه 1000 هجريءَ ۾
ڌاراجا جو والي ’راڻو عبيد‘ هو[7].
سنه 1037هه ۾ جڏهن امير ابوالبقا، مغلن طرفان ٺٽي
جو گورنر هو، تڏهن ڌاراجا جي ’نڱامري راڻيٖ‘ ۽ حمل
جَت سندس ساٿ ڏنو ۽ سرفراز ٿيا[8].
ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سنه 1151هه ۾
ڌاراجا جو راڻو اجمال هو[9].
غالباً کانئس پوءِ راڻو ارجن ٿيو، جنهن کي ميان
غلام شاهه، ڄام بجار جوکيي هٿان مارايو، ۽ اهڙيءَ
طرح ٻارهين صدي هجري جي پوئين نصف ۾ ڌاراجا جي
نڱامرن راڻن جي رياست جو خاتمو ٿيو. ڌاراجا بندر
جي جهوني بستيءَ لڳ ’راڻي جو ڪوٽ‘ جون ديواريون
اڃا تائين موجود آهن، ۽ ڪوٽ جي الهندي طرف ’راڻي
علي بن ارجن‘ جي قبر پڻ موجود آهي، جنهن تي سنه
1203هه سال وفات طور لڳل آهي.
نڱامري سردار سانگڻ جي ڌيءَ هوٿل ۽ ڪهر ڄام مناهي جي پٽ اُڍي جي
شادي، هن داستان جي سٽاء جو بنيادي باب آهي.
تاريخي اُهڃاڻن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته اها
شادي محض هڪ افسانو نه آهي، بلڪ هڪ تاريخي واقعو
آهي، جو وقت گذرڻ سان هڪ افسانو بنجي ويو. نڱامرا
راڻا ۽ ڪهر ڄام پاڙيسري پرڳڻن جا سردار هئا.
الهندين طرف سامونڊي اراضي ڪراچي کان وٺي ڪيٽي
بندر تائين نڱامرن راڻن جي سرداري هيٺ هئي، ۽
اڀرندي طرف اوچتي درياء کان وٺي ڪڇ جي سرحد تائين
ڪڪرالي وارو ملڪ ڪهر ڄامن جي قبضي ۾ هو. ٻئي
سامونڊي ساحل وارن علائقن جا سردار هئا، ۽ ٻنهي جي
رياستن جون سرحدون هڪٻئي سان دنگئي هيون. تاريخ
مان اهو پڻ ثابت آهي ته ٻنهي پرڳڻن جي سردارن جي
وچ ۾ دوستيءَ جو ناتو هو. تحفة الڪرام ۾ ڄاڻايل
آهي ته سنه 1000هجري ۾ ڌاراجا جو والي راڻو عبيد
نڱامرو ۽ ڪڪرالي جو والي ڄام جراڙ هڪٻئي جا همعصر
هئا ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي هئي. ڄام جراڙ کي اک جي
سور جو عارضو ٿيو ته راڻو عبيد کيس پڇڻ ويو[10].
سنه هڪ هزار هجري ۾ انهن سردارن جو پاڻ ۾ اهو گهرو
دوستيءَ جو تاريخي ناتو، غالباً سندن آڳاٽي رشته
داري جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، جا هوٿل جي سڱ سان
شروع ٿي.
قصي جي مڙني روايتن موجب ڄام اڍو ۽ هوٿل ’چڪاسر‘ جي تلاءَ تي هڪ
ٻئي سان مليا. اهو تلاء، ڪڇ ۾ واڳڙ کان اوڀر
’آڏيسر‘ جي ڀرسان آهي. ڪڇ جي روايتن موجب سندن
شادي ’سوئي‘ ڳوٺ (تعلقو ساپور ضلعي ڪڇ ڀڄ) ۾ ٿي،
جتي جبل جي وٽ ۾ هڪ جهُن آهي، جا اڄ ڏينهن تائين
”هوٿل پري جي ٻوُنٌئري“ جي نالي مشهور آهي.
اها شادي ڪڏهن ٿي؟ هن داستان جي مختلف روايتن مان جي اهڃاڻ ملن
ٿا، تن مان هڪ نهايت اهم آهي. قصي جي چئن روايتن
مان ٽن ۾ متفق طور ڄاڻايل آهي ته ان وقت سردار
ٻانڀڻيي، ڪڇ جي ويسل راءِ، سردار ’سانگڻ‘ نڱامري
توڙي ڪڪرالي جي ڪهر ڄامن جي ملڪن تي چڙهايون ڪري
اچي لوڙهيون هنيون هيون، ۽ انهيءَ ڪري انهن ٽنهي
جو ساڻس وير هو[11].
چوٿين روايت ۾ ٻانڀڻيي کي ’دلوراءِ بادشاهه جو
سردار‘ سڏيو ويو آهي، پر دلوراءِ جو نالو محض
روايت جو اضافو آهي. پهرئين توڙي ٽئين روايت ۾
ٻانڀڻيي کي ’بادشاهه‘ سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ
ته هو پاڻ پنهنجي سر هڪ طاقتور حڪمران هو. ٽينءَ
روايت ۾ کيس واضح طور ’ساموئي ننگر‘ جو بادشاهه
ڪري سڏيو ويو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ٻانڀڻيو،
ساموئي جو سمو سردار هو. تاريخ مان پڻ ان حقيقت جي
تصديق ٿئي ٿي. ڄام اُنڙ پهريون سمو سردار هو، جنهن
سنڌ ۾ سمن جي خود مختيار طاقت جو بنياد وڌو. هن
غالباً ساموئي (موجوده ٺٽي شهر کان ٻه ميل کن اُتر
طرف) ۾ سنه 753هه ڌاري وفات ڪئي. کانئس پوءِ سندس
پٽ ڄام ٻانڀڻيو سرڪش سردار ساماڻو، جنهن هڪ طرف
مغلن سان شامل ٿي ملتان ۽ پنجاب وارن پرڳڻن تي
حملا ڪيا، ته ٻئي طرف ڪڇ ٽپي وڃي گجرات تي حملا
ڪيا[12].
ڄام ٻانڀڻيي جا هي حملا سنه 1365ع تائين جاري
رهيا، ۽ انهيءَ سال سلطان فيروزشاهه اچي ٺٽي کي
گهيرو ڪيو ۽ بالآخر صلح ٿيو ۽ سلطان فيروز شاهه
ڄام ٻانڀڻيي کي دهلي وٺي ويو. ڄام ٻانڀڻيي
پهريائين ساموئي جي آسپاس وارن سردارن کي آڻ مڃائي
هوندي، جنهن ڪري نڱامرن سردارن توڙي ڪڪرالي جي ڪهر
ڄامن تي چڙهايون ڪيون هوندائين. گجرات طرف حملن
وقت ڪڇ جي راءِ تي پڻ چڙهايون ڪيون هوندائين.
انهيءَ ڪري هن داستان جي روايتن ۾ ’ساموئي نگر جو
سردار ٻانڀڻيو‘ جنهن جي نڱامرن، ڪڪرالي جي ڄامن ۽
ڪڇ جي راءِ سان دشمني هئي، سو يقيناً ڄام اُنڙ جو
پٽ ڄام ٻانڀڻيو هو.
انهن اهڃاڻن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هن داستان جا بنيادي
واقعا غالباً سنه 1352ع (753هه) کان 1365ع واري
عرصي ۾ نمودار ٿيا. البته 613ع ۾ پڻ فتح نامي جي
مترجم علي ڪوفي نڱارن جو نالو کنيو آهي، ۽ پڻ هن
پوئين ڄام ٻانڀڻيي جي ڏاڏي جو نالو ڄام ٻانڀڻيو
هو، جنهن ڏانهن شايد هن داستان جي روايتن ۾ اشارا
هجن. انهيءَ لحاظ سان ستين صدي هجري (تيرهين صدي
عيسوي) ۾ پڻ انهن واقعن جي نمودار ٿيڻ جو گمان
نڪري ٿو. مجموعي طور سان ائين چئي سگهجي ٿو ته
ستين يا اٺين صدي هجري (تيرهين يا چوڏهين صدي
عيسوي) ڌاري هن داستان جي واقعن جو بنياد پيو.
مگر هن داستان جي شهرت انهيءَ ڪري ٿي، جو ڄام اڍي جو پٽ ڄام
جکرو نهايت ئي سخي ساماڻو، ۽ سندس ڪرم ۽ سخا
انهيءَ حد کي پهتي هئي جو بقول شاهه عنات، ”سمون
سنڌ سمن ۾، جکري جهونه ڪو“ ۽ بقول ڀٽائي صاحب:
جـــکــرو، جـــس کــــرو، ٻئـــا مڙيئي ميرَ
جئان گهڙئو جکرو، تئان نه پَڙئا پِيرَ
مــــٽي ان خـــــمير، اصـــــل هـئي ايتري
اهڙي سخي مرد جڏهن وفات ڪئي هوندي، تڏهن عوام ۾ سندس نسب ۽
ناموس بابت عجب قسم جون ڳالهيون هُليون هونديون.
انسان جي ٻچي کي ڪهڙي مجال آهي جو اهڙي سخا ڪري!
انهيءَ ڪري چيائون ته سندس پيءُ ڄام اُڍو هڪ وڏو
پاڪباز ۽ پهلوان هو، ۽ سندس ماءُ هوٿل، عورت ڪانه
هئي پر هڪ پري هئي. اهڙيءَ طرح ”ڄام اڍي ڪيهر ۽
هوٿل پري“ جو داستان سخي ڄام جکري خاطر اُسريو ۽
عام مشهور ٿيو.
4. ڦل وڌوئو ۽ ڀوري. هي داستان غالباً سنڌ جي قديم تمدن جو
يادگار آهي، جنهن جا آثار ’ڪوٽ ڏجي‘ جي کنڊرات ۾
مدفون آهن. ’اونچل ڪوٽ‘ مان مراد ’ڏجي‘ جي ٽڪر
وارو ڪو آڳاٽو قلعو آهي، جتي ڪنهن سمي ’اُتم راءِ‘
(سڀني کان وڏو راءِ) راڄ ڪندو هو. ’ڀوري‘ سندس
سهڻي شهزادي هئي، جنهن جو نالو هنڌين ماڳين مشهور
هو. سنڌ جي ڪنهن ٻيءَ ڀيڻيءَ جو شهزادو ’ڦل وڌوئو‘
مٿس عاشق ٿيو ۽ ڪشالا ڪري اچي کيس ماڻيائين. لاڙ
جي شاعر محمد خان ٽالپور جي روايت موجب ’ڦل
وڌوئو‘’ڪاڇي‘ جي بادشاهه جو شهزادو هو. ”ڦل ۽
ڀوري“ جي آثارن جي ڳولا ڪندي، اسان کي سنه 1956ع ۾
’ٺريءَ‘ (ضلعو خيرپور) جي سگهڙ قادر بخش راڄپر
ٻڌايو ته ٻنهي جي قبر ڪوٽ ڏجي ۾ آهي. اتي پهچڻ بعد
شهر جي ماڻهن ان جي تصديق ڪئي ۽ چيائون ته اهي
قبرون هت آڳاٽي وقت کان وٺي معلوم ۽ مشهور آهن.
شهر کان اوڀر طرف ٽڪر ڏانهن رستو وڃي ٿو ۽ هيٺ
ٽڪرائين اراضيءَ ۾ ڦل وڌوئي جي قبر آهي ۽ ان کان
ڪجهه مفاصلي تي هڪ مٿاهين ٽڪري آهي، جنهن کي ”بيبي
ڀوري جي ٽڪري“ ڪري ٿا سڏين، جتي چون ٿا ته هوءَ
دفن ٿيل آهي. شايد سندس محلات پڻ اتي هو. انهن
ظاهري اهڃاڻن جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته هيءُ
داستان خيرپور جي ’ڪوٽ ڏجي‘ واري ڪﱡهني بستيءَ جو
داستان آهي.
هيءُ قصو سنڌ جي سگهڙن وٽ عام مروج ۽ مقبول آهي؛ ۽ ويندي هن
پوئين دور تائين عوامي شاعرن ان کي ڳايو آهي. الله
رکيو مري ۽ محمّد خان ٽالپر، جن هن قصي کي ڳايو
آهي سي گذريل پنجاه سٺ سالن واري عرصي ۾ ٿي گذريا
آهن. عوامي شاعر مير ٻگهيي پڻ هن قصي کي پنجاهه سٺ
سال اڳ ڳايو آهي، ۽ ان ۾ ڀوريءَ کي ”دکن ديس“ جي
ڪري ڄاڻايو اٿس. تازو اسان کي ساڪري جي سگهڙ حاجي
محمّد سوڍي بگهياڙ (ڪرمتي بلوچ) مير ٻگهيي جا ڪي
بيت ٻڌايا، جي سٽاء جي لحاظ سان برک آهن. هن روايت
موجب، شاديءَ بعد ’ڦل وڌوئو“ ڪنهن سببان ’ڀوريءَ‘
سان ڪاوڙيو ۽ جيئن فقير بنجي وٽس آيو هو، اهڙي
ساڳئي ويس ۾ وري واپس ورڻ جا سانباها ڪيائين.
ڪاريگر گهرايائين ته کيس ڏنڊ، مرليون وغيره
فقيراڻا وسلا تيار ڪري ڏين، جنهن تي ڀوريءَ چيس
ته:
جــــڏهـــن دکـــن ديـــــــس ۾، ڀــــــورل ٿـي ٻڌياءِ
آييـــن ڦـــل فقيــــر ٿي، جـــــڏهـــــن حــــب
هـــــياءِ
بــکون ڏکـــون ڏاکــــڙا، سامــــهين ولِهـــه
ســـٺاءِ
منجهه ڪشالي، مير چئي، سڄڻ نه وسرياءِ
هاڻي ٿو ههڙيون ڪـربن، جـڪــس لؤ لٽياءَ
ڪـــــچــا لـــــوڪ ڪــــنــــــداءِ، اچــــــي
وَرُمَ وڌوئا!
جڏهن ڏٺائين ته سندس منٿن تي به نٿو مڙي، تڏهن ڪاريگرن کي
چيائين ته: هاڻي مڙيئي ٽول چوکا ڪري گهڙجو، جو آءٌ
به ساڻس وينديس:
واڍا ويــــــراڳــــيــــــــــــــن جـــــــــا،
چــــــــــڱــــــــــا ڏنـــــــــڊ
چـــٽـــــيــــــج
ميخون جي محبت جون، تن کي ريهه رُپي جو ڏيج
ڪِـــــــــرج ڪــــــــم نــــــــه
اچـــــڻــــو، چـــــــنـــــــدن تــــون چيريج
مـــــــون ڏيــــکــــاريـــنـدي ڏيـــــجٖ، آءٌ
پـــــــــڻ ويــــــنـــــدي ان ســــــان.
ڳجهارتن جي ڪچهرين ۾ پڻ هن داستان جي ڪن ٽاڻن ۽ اهڃاڻن بابت
سهڻيءَ سٽاء واريون ڳجهارتون هلن ٿيون. مثلاً،
جڏهن ڦل وڌوئي، فقير جي ويس ۾ اچي دروازي تي خيرات
گهري، ٻانهي داڻا کڻي آئي ۽ کيس ڏيڻ لڳي، تڏهن
”ڦل“ جي نظر وڃي ”ڀوري“ تي پئي، جنهن محلات جي
دريءَ ۾ سڄو لقاء ويٺي ڏٺو. ان موقعي تي ٻانهيءَ
کي ڦل چيو ته:
اي ذات! انّ جا جهل ته اسين ڪنهن ڪوڙ جي سان پکي ڏسون
(دائي)(داڻا) (بهانو)
(ڀوري)
يعني ته:
’اي دائي! داڻا جهل ته اسين ڪنهن بهاني ڀوري ڏسون‘.
پوءِ ڦل، دائيءَ کي چيو ته: اها داڻن جي خيرات به تنهنجي سائڻ
پنهنجي هٿن سان اچي ڏئي، جنهن تي ٻانهيءَ وڃي
ڀوريءَ کي چيو ته:
اي فقيريــاڻــــــي! هو ڪـــــــاٺ ســـــان
بيٺو آهي
(درسياڻي) (در)
مون کان ٿو ٻوليءَ جو وٺي، تون وڃي ڪپڙي جا چائينس.
(نٿو) (سر)
يعني ته: اي درسياڻي (وڏگهراڻي)! هو در سان بيٺو آهي،
مون کان نٿو وٺي، تون وڃي سرچائينس.
ان تي ڀوري داڻن جي بدران دائيءَ کي هڪ املهه ماڻڪ ڏنو ۽
چيائينس ته: هي وڃي ڏينس ته من سَرچي. ٻانهي ماڻڪ
کڻي آئي پر ڦل چيس ته: اهو به ڀوري پاڻ پنهنجي هٿن
سان آڻي ڏي، چئي:
نرنانءَ سو به نارنانءِ ڏئي
(ماڻڪ) (ڀوري)
يعني ته: ماڻڪ سو به ڀوري ڏئي.
ڦل وڌوئي ۽ ڀوري کي ڪن شاعرن ڪافين ۾ پڻ ڳايو
آهي. مثلاً، الله ڏني فقير ماڇي هڪ ڪلام چيو آهي
ته:
ٿلهه: نينهن هڻي جت نارو _ آيو شاهي شوق سوڀارو
1.
ڦل فقير بيراڳي بنيو، عشق اَجهل کي عاشق منيو
بابو ٿِي ٿيٖ بکيا پنيو، ڀوريءَ جو ته ڀتارو.
هن قصي جي اندروني سٽاء مان ان جي تاريخي دور بابت هڪ دليل ملي
ٿو. سنڌ جي سگهڙن وٽ عام مشهور روايت ائين آهي ته
جڏهن ڦل وڌوئو ’ڀوري‘ ماڻڻ لاءِ نڪتو ته پنهنجن
ساٿين سميت جوڳين وارو ويس ڪري آيو. متن ۾ ڏنل
پهرئين روايت موجب (ص 75) ڦل وڌوئو ’گورکناٿ‘ وٽان
منڊ منتر سکيو، ۽ اتان ئي جوڳين جو ويس ڪري روانو
ٿيو. ’گروگورکناٿ‘’جوڳي پنٿ‘ جو مها جوڳي هڪ
تاريخي شخصيت آهي، ۽ انهيءَ اهڃاڻ موجب هن قصي جي
ابتداء تيرهين صدي عيسوي قرار ڏئي سگهجي ٿي،
جڏهانڪر ’جوڳي پنٿ‘ ۽ ’جوڳين‘ جو سلسلو شروع ٿئي
ٿو. انهيءَ لحاظ سان هيءُ قصو پڻ سومرن واري
روماني دور سان تعلق رکي ٿو.
محمد خان ٽالپور هن داستان بابت جيڪي بيت چيا آهن سي في الحال
سربستا هٿ نه اچي سگهيا آهن ۽ غالباً بيت نمبر 24
کان پوءِ اٽڪل 20 بيت کٽل آهن. بيت نمبر 25 حقيقت
۾ هن سلسلي جو چوئيتاليهون بيت آهي.
5. لاکو ڦلاڻي. لاکي ڦلاڻيءَ بابت عام طور چئن قسمن جون ڳالهيون
مشهور آهن: لاکي جي سورهيائي، لاکي جي سخا، لاکي
جي مهرراڻيءَ سان شادي، ۽ لاکي جو اوڏن سان ناتو.
انهن چئني ڳالهين بابت مڙني عام روايتن توڙي شاهه
عبداللطيف ۽ ٻين شاعرن جي ڏنل اُهڃاڻن کي مدنظر
رکندي، اسان سنه 1958ع ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي سوانح
بابت هڪ مقالو لکيو هو، جنهن ۾ لاکي جي تاريخي
دور، سندس نصب نامي ۽ سورهيائيءَ جي ڪارنامن توڙي
محبت جي داستانن تي ڪافي تفصيل سان روشني وڌي آهي.
هن ڪتاب ۾ اهو ساڳيو مقالو ”لاکي ڦلاڻي“ بابت مليل
مڙني روايتن جي منڍ ۾ رکيو ويو آهي (ص ص 146-162)؛
انهيءَ لاءِ ته هڪ تحقيقي مهاڳ جو ڪم ڏئي.
ڪن جي خيال ۾ لاکو سردار، جنهن ’لکي‘ (گهوڙي) تي چڙهي لوڙهيون
هنيون؛ ڄام لاکو، جنهن مهرراڻيءَ سان شادي ڪئي؛ ۽
ڄام لاکو جو اوڏڻ تي عاشق ٿيو؛ سي ٽيئي جدا جدا
ڪردار آهن: يعني ته ٽي جدا ’لاکا‘ ٿي گذريا. مگر
لاکي بابت مڙني روايتن تي گهري نظر ڪرڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته غالباً اهو گمان صحيح نه آهي: اهو
ساڳيوئي هڪ ڄام لاکو آهي جنهن جي سورهيائي، سخا ۽
عشق بابت مختلف قصا مشهور آهن.
’لاکي ۽ مهر راڻي‘ جو داستان، سنڌ جي ’مُهراڻي‘ واري ڀاڱي سان
تعلق رکي ٿو. ان بابت مڙني روايتن کي ڀيٽڻ سان
معلوم ٿئي ٿو ته ’مهر راڻي‘ جو ماڳ ’نُهٽو‘ هو،
جنهن جا تاريخي آثار نبي سر اسٽيشن کان پنج ميل کن
اوڀر طرف، قديم هاڪڙي درياء جي اُڀرندين ڪپ تي
واقع آهن؛ جتي ’لاکي جي وانء‘ (کوهه) اڄ ڏينهن
تائين مشهور ۽ موجود آهي. انهيءَ لحاظ سان روايت
[2]، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته مهرراڻي ’ٻالائي جي
ڪوٽ‘ ۾ رهندي هئي، جو موجوده شهر ’جهڏي‘ جي ڏکڻ
طرف هو، سا ايترو وزندار نه آهي. چون ٿا ته جڏهن
لاکي، ’مهر راڻي‘ کي عَدُوليٖ ڇڏيو، تڏهن هوءَ اچي
پنهنجي اباڻي ماڳ نهٽي کان اوڀر طرف جهنگ ۾ هڪ
جهوپڙيءَ ۾ حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻ لڳي. پوءِ
هڪ ڀيري ڄام لاکو انهيءَ جوءِ ۾ شڪار تي آيو ۽ کيس
اُڃ لڳي، جنهن تي سندس ماڻهن ’مهر راڻي‘ جي جهوپڙي
۾ وڃي پاڻي گهريو. مهرراڻي ٿانٌوَ صاف ڪري، پاڻيءَ
مٿان ڪي ساوا ڪک وجهي ڏنا. جڏهن پاڻي کڻي آيا ته
لاکي ان بابت پڇا ڪئي، جنهن تي کيس سڄي حقيقت
ٻڌايائون ۽ چيائون ته: مائي نهايت سوڀياوان ۽ ڪا
وڏ_ گهراڻي شهزادي ٿي ڏسجي. لاکي کي گمان آيو ته
شايد ’مهر‘ آهي، تڏهن پنهنجن ماڻهن کي چيائين ته
وڃي چئوس ته ’ڄام لاکي چيو آهي ته، مهر! اڃا پئي
جئين!‘ ماڻهن موٽي اچي ’مهر راڻي‘ کي لاکي جا اهي
الفاظ چيا، جي ٻڌندي ئي مهر راڻي بيهوش ٿي ڪري پئي
۽ اتي ئي دم ڏنائين. نهٽي کان ٻه اڍائي ميل ڏکڻ
طرف انهيءَ ساڳي ڀيڻيءَ تي، ڀِٽن جي وچ ۾ هڪ قبر
آهي، جا اڄ تائين ’مهر راڻي جي قبر‘ سڏجي ٿي، ۽
اهو ماڳ پڻ ”مِهر جي ڏَهر“ جي نالي سان مشهور آهي.
6. بوبنا ۽ جراڙ: هن داستان جي مختلف روايتن کي مدنظر رکندي،
اسان اندر متن ۾ مهاڳ طور ان جي ڪن خاص پهلوئن کي
روشن ڪيو آهي (ص ص 186-188). هيءُ داستان سنڌ جي
سگهڙن وٽ لاڙ توڙي اُتر ۾ ”بوبنا جراڙ“ جي نالي
سان مشهور آهي، ۽ ان جي ڪن ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي ڪن
سگهڙن ڳجهارتن توڙي ’ست سرن‘ بيتن ۾ استعمال ڪيو
آهي.
تاريخي لحاظ سان هن قصي جي قدامت بابت هيٺيان اُهڃاڻ ملن ٿا: ٽن
روايتن موجب ڄام ۽ نظام (يا ندام) ڀائر هئا، ۽ ترڪ
بادشاهه جا پٽ هئا (ص ص 189، 214). جراڙ، نظام جو
پٽ هو، ۽ بوبنا، مارک ڏاهري جي ڌيءَ هئي. ’ڏاهري‘
سمن جي اُنڙ قبيلي جي هڪ شاخ آهي. اُنهن اُهڃاڻن
مان ترڪن ۽ سمن جي رشتيداري جو گمان نڪري ٿو.
مقامي سمن قبيلن سان ترڪن يا مغلن جا رشتا ڏهين
صدي هجريءَ ۾ ارغونن ۽ ترخانن واري دور ۾ ٿيا، ۽
هي داستان غالباً انهن واقعن جو يادگار آهي. ٻئي
لحاظ سان ’ترڪ‘ پڻ سمن جو هڪ قبيلو آهي، ۽ انهيءَ
لحاظ سان هيءُ داستان سمن جي ٻن قبيلن سان تعلق
رکي ٿو، ۽ ٿي سگهي ٿو ته هيءُ داستان سمن جي آڳاٽي
قبائلي دور (7 ۽ 8 صدي هجري) ۾ اُسريو هجي. تاريخ
۾ پڻ ’ڄام جراڙ‘ جو حوالو ملي ٿو، جو ڪڪرالي جي
ڪهر ڄامن مان هو، ۽ 1000هه ڌاري ٿي گذريو، ۽
انهيءَ لحاظ سان هي داستان نسبتاً پوئين دور جو ٿي
سگهي ٿو، ۽ موجوده ٺٽي ضلعي واري اراضي سان تعلق
رکي ٿو. مڪليءَ تي شاهه مراد واري مقام ۾ ’بوبنا ۽
جراڙ‘ جون قبرون موجود آهن، جي هن داستان جي
انهيءَ جغرافيائي پس منظر جي تصديق ڪن ٿيون.
هن قصي جي ڪردارن جي نالن (ڄام ۽ نظام شهزادا، صالح يا سالم
وزير) مان اهو گمان نڪري ٿو ته هيءُ قصو پوئين دور
جو آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڪُّهني نيم تاريخي
قصي جي بدران خود سنڌ جي سگهڙ قصي - خوانن (ڀٽن،
ڀانن ۽ چارڻن) جو ٺاهيل هجي. هن قصي جي اڪثر
روايتن ۾ تڪلّف ۽ تصنّع جو پهلو نمايان آهي، ۽ پڻ
ان ۾ استعمال ٿيل ڳاهون، ٻولي توڙي تخيّل جي لحاظ
سان نسبتاً پوئين ويجهي دور جون لڳن ٿيون. البت
پنجين روايت (ص ص 223-227) ۾ آيل ڳاهون، قدري
آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جي ساک ڀرين ٿيون. مثلاً:
مــــــــــــارک ۽ جــــــــلال کــــــــڏون
ڪـــــــيـــــــن کـــــــوٽـــيـــــون
يا واڳون ٽيڪ لڳيون، يا ڳوريءَ ڳل ٻانهون
7. همون ۽ دولهه دريا خان: ڪنهن حقيقي واقعي مان ڏند ڪٿا ڪيئن
اُسري ٿي، ان جو بهترين مثال ”همون ۽ دولهه دريا
خان“ جو داستان آهي. هن قصي جي ٽنهي روايتن مان
ظاهر آهي ته سورهيه ”دولهه دريا خان“ ساڳيو سمي
سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو ڪامياب وزير
۽ سپہ سالار ’دريا خان‘ آهي، جنهن جي شخصيت تاريخي
آهي. سنڌ جي تاريخن (تاريخ معصومي، بيگلارنامي،
تاريخ طاهري ۽ تحفة الڪرام) ۾ هن مدبر وزير ۽
سورهيه سپہ سالار جو ذڪر موجود آهي. تاريخ معصومي
موجب دريا خان، ڄام نندي جو اعتبار وارو غلام هو.
تاريخ طاهري موجب، ’سندس اصل نالو’قبولہ‘ (قبوليو)
هو ۽ هو پهريائين ڄام نندي جي وزير لکڌير جو غلام
هو. ڪنهن چڙهائي وقت ڄام کي سخت اُڃ لڳي ۽ پاڻي
گهريائين. ان وقت ٻيو ڪو خاص ماڻهو موجود ڪونه هو،
انهيءَ ڪري لکڌير پنهنجي هن غلام کي پاڻي آڻڻ لاءِ
چيو. هيءُ ڇوڪرو پيالو ڀري مٿان ڪي ڪک ذرا وجهي
کڻي آيو. ڄام پڇيو ته، ’پاڻيءَ ۾ هي ڪک ذرا ڇو
آهن؟‘ ڇوڪري جواب ڏنو ته: ’سائيجن کي سخت اُڃ لڳي
آهي ۽ هي ڪک ذرا مون پاڻ وڌا آهن، انهيءَ لاءِ ته
ڌيري ڌيري پاڻي پيو، متان ڪا تڪليف نه ٿئي‘. هيءَ
ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ڪانه هئي، پر ڇوڪري جو بخت
جاڳيو ۽ ڄام اهڙو ته خوش ٿيو، جو وزير کان ڇوڪري
جي ٻانهن وٺي، کيس پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيائين ۽ کيس
خاص تربيت ڏياريائين. ڇوڪرو اهڙو ته لائق ساماڻو
جو ڄام نندي کيس پنهنجو خاص وزير مقرر ڪيو، ’مبارڪ
خان‘ جو خطاب ڏنائين ۽ پنهنجي پٽن ۽ عزيزن کان
وڌيڪ سندس عزت ۽ مان رکيائين. جيتوڻيڪ ڄام نندي جي
دربار ۾ دلشاد وزير جهڙا لائق ۽ فائق امير موجود
هئا، مگر دريا خان سڀني کان گوءِ کڻي ويو. باوجود
پنهنجي ولي عهد صاحبزادي ڄام فيروز جي، ڄام نندي
حڪومت جون واڳون دريا خان جي حوالي ڪيون، جنهن سڄو
ملڪ، ملتان کان وٺي قنڌار تائين ۽ مڪران کان وٺي
ڪڇ تائين، اهڙو ته مطيع ڪيو، جو جيڪڏهن آڌيءَ جو
به ڄام جو ڪو ماڻهو، ڪنهن زميندار يا غريب وٽ ٿي
پهتو ته ان دل و جان سان جو حڪم ٿي ٿيو ان جي
بجاوري ٿي ڪئي. صوبي سيوهڻ جي پرڳڻي باغبان ۾ دريا
خان جو ايڏو ته رعب هو، جو سندس دٻدٻي سان اچڻ جو
ٻڌندي پيٽ وارين زالن جا ٻار ٿي ڪريا. سندس چڙهاين
جي هيبت اهڙي ته مشهور ٿي وئي جو روئندڙ ٻارڙن کي
مائرون چونديون هيون ته ’اجهو دريا خان آيو‘ ته
ٻڌندي ئي چپ ٿي ويندا هئا‘[13].
هڪ گمام غلام جو انهيءَ منزل ۽ مرتبي کي رسڻ، عوام لاءِ هڪ
معجزو هو، جنهنڪري غالباً دريا خان بابت سندس
حياتيءَ ۾ ئي ماڻهن ۾ عجب قسم جون ڳالهيون هُليون
هونديون. ڀلا هڪ غلام ڇوڪرو ڪيئن ٿو ايڏي بخت کي
پهچي! ڪنهن سالڪ وڃي پرولي ڀڳي ته دريا خان هڪ
درويش سيّد جو پٽ آهي. اِها ڳالهه عوام ۾ زياده
مشهور ٿي، تان جو هڪ سؤ سال کن پوءِ مير طاهر
محمّد پنهنجي تاريخ طاهري لکڻ وقت اِهو پڻ ڄاڻايو
ته دريا خان هڪ سيّد جو ٻار هو. جڏهن دريا خان جي
راٺوڙن مان ’همون‘ نالي حسين ڇوڪريءَ سان ڌام ڌوم
سان شادي ٿي ته ماڻهن ۾ اها هڪ عشقيہ داستان ۽
افسانو بڻجي مشهور ٿي، پر دريا خان جو سڀ کان وڏو
تاريخي ڪارنامو شاهه بيگ ارغون جي حملن کي هٽائڻ ۽
سندس فوجن کي سبيءَ وٽ شڪست ڏيئي ماري مات ڪرڻ هو.
تاريخي طور پڻ اِها هڪ عظيم الشان فتح هئي، پر
عوام لاءِ ته هڪ معجزو هو، جو دريا خان ڪري
ڏيکاريو.
ڄام نندي جي حڪومت (866-914 هه) جي پوئين دور ۾ شاهه بيگ ارغون،
قنڌار مان حملو ڪيو ۽ شالڪوٽ (ڪوئٽيا) فتح ڪري،
بولان دَري مان لنگهي، اچي سنڌ جي قلعي سبي تي
حملو ڪيو. اتي ڄام نندي پاران بهادرخان نالي حاڪم
هو، جنهن کي شاهه بيگ شڪست ڏني ۽ پنهنجي ڀاءُ
سلطان ابو محمّد مرزا کي اُتي مقرر ڪري، پاڻ واپس
قنڌار موٽي ويو. ڄام نندي، هتان دريا خان ۽ سارنگ
خان کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيو. دريا خان اهڙي ته همت
۽ بهادريءَ سان وڃي مغلن جي لشڪر جو مقابلو ڪيو،
جو جنگ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ مارجي ويو ۽ مغلن جي
لشڪر ڀڄي وڃي قنڌار ۾ ساهه کنيو، ۽ ڄام نندي جي
عهد ۾ وري سنڌ جو رخ نه ڪيائون. دريا خان جڏهن هن
شاندار فتح بعد سڄيءَ سنڌ مان سفر ڪندو ٺٽي پهتو
هوندو، تڏهن جي خوشيون ٿيون هونديون ۽ ملڪ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ ماڻهن ويهي جيڪي مقالون ڪيون هونديون، سي
قصن ۽ داستانن کان گهٽ نه هونديون. طبقات اڪبري جي
مصنف، شاهه بيگ جو سبيءَ تي قبضو 899 هه ۾ ڄاڻايو
آهي؛ پر غالباً اهو واقعو سنه 895هه يا ڪي مهينا
اڳ جو آهي، ڇاڪاڻ ته سنه 895هه ۾ درياخان، مڪليءَ
تي پنهنجي آخري آرامگاهه جوڙائي، جنهن جي اندر
سندس قبر آهي. ان جي اُڀرندين دروازي تي، بناء جي
تاريخ ”مهينو جمادي الاول سنه 895هه“ لکيل آهي، ۽
ڏاکڻي دروازي تي مغلن جي لشڪر تي سندس عظيم الشان
فتح جو هيٺيون ڪتبو يادگار طور ڏنل آهي:
”بامرالخان الاعظم مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه بن
صدرالدين شاهه بن صلاح الدين شاه بن سلطان رکن
الدين شاه-وهوالمظفر علي المغلان الهروي
والکقندهار-کتبہ قطب الدين بن محمود“.
[خان اعظم مبارڪ خان پٽ سلطان نظام الدين شاهه پٽ صدرالدين شاهه
پٽ صلاح الدين شاهه پٽ سلطان رڪن الدين شاهه جي
حڪم سان (هي دروازو ٺاهيو ويو يا هي ڪتبو هنيو
ويو) جيڪو هرات ۽ قنڌار جي مغلن تي فتحيات ٿيو.
قطب الدين پٽ محمود جي (هيءُ ڪتبو) لکيو.]
ڄام نندي سنہ 914هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ ڄام فيروز گاديءَ تي
ويٺو، پر منجهس حڪومت هلائڻ واريون صلاحيتون ڪين
هيون. هن کي هوس ٿيو ته دريا خان کان انتظام جون
واڳون کسي پنهنجي حوالي ڪري. هن اهڙا قدم کنيا، جو
ملڪي نظام ۾ خلل پيدا ٿيو. درياخان هيءَ حالت ڏسي
وڃي سيوهڻ طرف پنهنجي ڳاهن واري جاگير تي گوشه
نشين ٿي ويٺو. ڄام فيروز جي ڪرتوتن سببان ملڪ ۾
وڳوڙ پيدا ٿيو ۽ ڄام صلاح الدين ڪڇ مان ڪاهي آيو ۽
اچي ٺٽي تي قبضو ڪيائين. انهيءَ تي ڄام فيروز جي
ماءُ، دريا خان وٽ ميڙ ٿي آئي، جنهن تي هن وفادار
وزير، لشڪر گڏ ڪري پنهنجي حڪمت عملي سان ڄام صلاح
الدين کي بي دخل ڪري ڀڄائي ڪڍيو. ۽ ملڪ جي نظام کي
پنهنجي هٿ ۾ رکيائين. انهيءَ واقعي کان پوءِ به
ڄام فيروز سئين راهه تي نه هليو، ۽ درياخان جي
بدران ڪن مغلن اميرن تي اعتماد رکيائين، جن شاهه
بيگ ارغون کي اندوني حالتن کان واقف ڪري، سنڌ فتح
ڪرڻ جو پيغام موڪليو. ان بعد ڄام فيروز جي ماءُ پڻ
شاهه بيگ ڏانهن اهڙو پيغام موڪليو، جو ڀانيائين ته
ملڪ جو سڄو نظام درياخان جي حوالي آهي، ۽ سندس پٽ
جي ڪابه حيثيت ڪانهي. سنه 926هه ۾ شاهه بيگ وڏو
لشڪر وٺي اچي ٺٽي کي گهيرو ڪيو. درياخان سنڌ جي
لشڪر سان سندس سامهون ٿيو ۽ وڏا مقابلا ٿيا، جن ۾
شاهه بيگ جي لشڪر کي ڪاميابي نصيب ٿي. گجرات جي هڪ
همعصر مؤرخ عبدالله مڪي پنهنجي تاريخ ”ظفرالوالہ
بمظفروآلہ“ ۾ هيءُ راز کوليو آهي ته جڏهن ارغونن
جو لشڪر جنگ ۾ پڄي نه سگهيو، تڏهن منصوبو سٽي
”ڊوهه سان دريا خان کي قتل ڪيائون.“ ٿي سگهي ٿو ته
صلح جون ڳالهيون هلايائون ۽ انهيءَ موقعي تي حملو
ڪيائون ۽ درياخان پهلوانيءَ سان آخري دم تائين
وڙهندي شهيد ٿيو. هن داناء وزير ۽ سورهيه سپہ
سالار جي قبر، ڄام نندي جي سامهون اولهه طرف هڪ
شاهي چار ديواري اندر آهي، جا هن پنهنجي حياتيءَ ۾
(سنه 895هه) ٺهرائي.
درياخان جا ڪارناما ۽ ڪاميابيون عوام لاءِ افسانن کان گهٽ ڪين
هئا. درياخان گذاري ويو ته سندس ڪارناما ڪهاڻيون
بنجي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ رائج ٿيا. ڄام نندي وٽ سندس وزير
بنجڻ ۽ قنڌار جي فوج تي سندس فتح حاصل ڪرڻ، تاريخي
حقيقتون هيون، جيڪي عام افسانن جو پڻ جز بنيون.
همونءَ سان درياخان جي شادي ڌام ڌوم سان ٿي هوندي،
پر جيئن ته اِها شخصي زندگيءَ جو جز هئي، انهيءَ
ڪري تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه آيو، پر عوام لاءِ اهو
هڪ اڻ وسرندڙ واقعو هو، ۽ انهيءَ ڪري درياخان بابت
هلندڙ مڙني حڪايتن جو جز بنيو. درياخان جي سوانح
جي سلسلي ۾ مؤرخ پڻ انهيءَ شاديءَ لاءِ عام راوين
جا رهينِ منت رهندا، جن نه فقط ’همون‘ جو نالو ياد
رکيو آهي، پر ٻڌايو آهي ته همون راٺوڙ هئي، سندس
پيءُ جو نالو ’ٻالو‘ هو ۽ سندس چاچن جا نالا
’ڪؤڙو‘ ۽ ’پيروز‘ هئا. ”همون جو تلاء“ جهڏي گدام
کان اٽڪل ٽي ميل کن ڏکڻ اولهه طرف موجود آهي، جنهن
مان گمان نڪري ٿو ته اهي راٺوڙ انهيءَ علائقي جا
سردار هئا. ٽئين روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته درياخان
اصل ’جوڻ‘ شهر جو هو، جنهن جا نشان ماتلي کان ڇهه
ميل کن ڏکڻ طرف آهن. انهيءَ ڪري درياخان جو راٺوڙن
۾ نوڪري ڪرڻ پڻ قدري قرين قياس آهي، ڇاڪان ته جوڻ
۽ جهڏو ساڳيءَ ڏس تي آهن. همون مڱڻو ’ڪاهو ڏونر‘
يا ’ڪاهو ڏيري‘ جي پٽ سان ٿيڻو هو ۽ ڪاهو، ڄام
نندي جو سالو ۽ سندس راڻي ”مُرکَئيِن“ جو ڀاءُ هو.
ميرپور لڳ ”ڪاهوءَ جو دڙو“ مشهور آهي، ۽ غالباً
ڪاهُو اتي جو سردار هو. جهڏي ۽ ميرپور جي سردارن ۾
رشتو پڻ قرين قياس آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو هڪٻئي
سان دنگئي هئا. ٽئين روايت ۾ دريا خان جي قنڌار
طرف چڙهائي جا جيڪي اُهڃاڻ ڏنل آهن، سي تاريخي
لحاظ سان پڻ قرين قياس آهن. هن روايت موجب چانڊيا
۽ مگسي، درياخان جي لشڪر ۾ شامل هئا. اهو اُهڃاڻ
”بلوچي دفتر“ (بلوچن جو تاريخي شهر) جي ”رند ۽
لاشار واري لڙائي“ بابت روايتن سان ملي ٿو. انهيءَ
لڙائي ۾ رندن جي سردار مير چاڪر، قنڌار جي مغلن
کان مدد ورتي ۽ لاشارين جي سردار مير گهرام سنڌ جي
لشڪر جي مدد ورتي، ۽ مگسي پڻ مير گهرام جي طرف
هئا. سبيءَ تي ارغونن جو قبضو ۽ سنڌ طرفان درياخان
جي چڙهائي، انهيءَ بلوچي قبائلي ڪشمڪش جو نتيجو
هو.
8. مير باگو ۽ سنڌ راڻي. هيءَ هڪ سچي تاريخي ڳالهه آهي، جا
انهيءَ ڪري مشهور ٿي، جو مير باگي خان ”سنڌ راڻي“
خاطر حڪومت ۽ ملڪيت جي حصي تان هٿ کنيو. مير
باگوخان (پٽ مرزو خان پٽ جادوخان پٽ الهيار خان پٽ
ماڻڪ خان) ماڻڪاڻي خاندان مان الهيار خان جي اولاد
مان هو. ساڳئي ماڻڪاڻي خاندان مان مير ٺاري خان جي
گهراڻي کي ميرپور وارو ڀاڱو مليو. عام روايتن
موجب، هيءُ واقعو ان وقت جو آهي، جڏهن ميرن سنڌ
فتح ڪئي ۽ ان بعد يڪمشت ٿي ملڪ کي ٽالپرن جي مختلف
خاندانن جي وڏن اميرن سردارن ۾ ورهائڻ جو فيصلو
ڪيائون. مير فتح علي خان سنه 1196هه/1782ع ۾
ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي؛ ان فتح بعد ملڪ جي ورهاڱي
جو فيصلو ٿيو، جنهن موجب مير باگي ”سنڌ راڻي“
قبولي.
”سنڌ راڻي“ جو لقب پهريائين پهريائين ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
پنهنجي هڪ ديري کي ڏنو. سنه 1184 هجري/1770ع ۾ ڪڇ
جي راءِ، ميان غلام شاهه سان هميشه لاءِ دوستي جي
ناتي ڳنڍڻ خاطر، پنهنجي پيءُ جي سوٽ جي پٽ
”وِسنُوجي“ جي ڌيءَ جو سڱ ميان صاحب کي ڏنو. اها
شادي ٻنهي طرفن کان نهايت ڌام ڌوم سان ٿي[14]؛
جنهن جو ذڪر ميان سرفراز پڻ پنهنجي هڪ فارسي نظم ۾
ڪيو آهي.
ان بعد ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبي، اُڍيجن جي قوم مان هڪ سدا
ملوڪ سهڻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو خيال ڪيو، ۽
مڱـڻي بعد هن مائيءَ تي به ”سنڌ راڻي“ جو نالو
پيو. پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ميان سرفراز توڙي ميان
عبدالنبي کي سنڌ راڻي نصيب نه ٿي. ميان سرفراز کي
عبدالنبي مارائي ڇڏيو، ۽ عبدالنبي کي مير فتح علي
خان سنه 1196هه ۾ ملڪ مان تڙي ڪڍيو. ”سنڌ راڻي“
سنڌ جي حاڪمن جي مڱ ٿي چڪي هئي، ۽ مٿس شاهي نالو
پئجي چڪو هو، انهيءَ ڪري ٽالپورن اميرن پڻ کيس
پنهنجي ڪوٽ ۾ رکڻ ٿي چاهيو. هن سونهن ڀري ڇوڪريءَ
تان وري ميرن ۾ ممڻ مچڻ وارو هو، انهيءَ ڪري چون
ٿا ته مير فتح علي خان دورانديشي ڪري، ”سنڌ راڻي“
کي ملڪ ۽ ملڪيت جي حصي برابر ڪيو، انهيءَ لاءِ ته
جو ساڻس شادي ڪري، سو ملڪ ۽ ملڪيت تان هٿ کڻي. مير
باگي خان ”سنڌ راڻي“ کي ڪنهن موقعي تي ڏٺو هو، ۽
مٿس اڳي ئي فدا هو، انهيءَ ڪري هن ملڪ ۽ ملڪيت کي
ڦٽو ڪري ”سنڌ راڻي“ کي چونڊيو.
اسان کي پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته سنڌ راڻيءَ جو اصل مائٽاڻو
نالو ”سونيتي“ هو، ۽ سندس مائٽ اُڍيجا موجوده
تعلقي ماتلي (ضلعو حيدرآباد) ۾ ”ٺَرِي“ جي ڳوٺ کان
ست ميل کن اولهه طرف رهندڙ هئا؛ جتي ”ديهه
اُڍيجاڻي“ ۾ انهن ’اڍيجن جي پڊ‘ جا نشان اڃان
تائين موجود آهن. ”سنڌ راڻي“ اتي سنه 1180هه ۾ يا
سال ٻه اڳ ڄائي. سنڌ راڻي جي ڀاءُ جو نالو
”سائينڏنو“ هو. مير باگي کي ملڪ ڪونه مليو پر سکيي
گذران لاءِ جاگير ملي ۽ ’سنڌ راڻي‘ سان شاديءَ جي
خوشيءَ ۾ هن جاگير جي آباديءَ لاءِ ”باگو واه“
کڻايو ۽ هڪ شهر ٻڌايو، جو ”ٽنڊي باگي“ جي نالي سان
مشهور ٿيو. جاگير آباد ٿي ۽ مير باگي خان ”سنڌ
راڻي“ جي مائٽن کي پوريءَ طرح نوازيو. ”سنڌ راڻي“
جي ڀاءُ سائينڏني کي پاڻ وٽ رهايائين. مير صاحب وٽ
هميشہ ڪچهريون لڳون پيون هونديون هيون ۽ سندس وقت
نهايت خوش پئي گذريو، پر قدرت کي ائين منظور هو،
جو ”سنڌ راڻي“ گهڻو وقت زنده ڪانه رهي، ۽ شاديءَ
کي ست اٺ سال کن مس گذريا هئا، جو تاريخ 5- رمضان
سنه 1204هه تي وفات ڪيائين. غالباً سندس وصيت
موجب، مير صاحب ’سنڌ راڻي‘ جو جنازو کڻائي، آڻي
’ديواني شاهه‘ جي شاهي قبرستان اندر اُڍيجن جي
مقام ۾ دفنايو[15]؛
۽ مٿس پٿرن جي پڃري ۽ سٺي سنگمرمر سان سهڻي قبر
ٺهرايائين، جا اڄ ڏينهن تائين سلامت آهي.
|