سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :10

 

 

لاکو ڦُلاڻي

 

[لاکي ڦلاڻي بابت سنڌ، ڪڇ توري ڪاٺياواڙ ۾ ڪيترائي قصا ۽ ڏندڪٿائون رائج آهن. شاهه عبداللطيف توڙي سنڌ جي ٻين مشهور شاعرن لاکي کي ڳايو آهي، ۽ سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن وٽ پڻ لاکي بابت ڳالهيون ۽ بيت محفوظ آهن. انهن ماخذن کي مدنظر رکندي، اسان سنه 1958ع ۾ لاکي ڦلاڻي جي دور، نسب ۽ سوانح تي هڪ تفصيلي مقالو لکيو، جنهن کي هيٺ شروع ۾ اصولي ڳالهه طور رکيو ويو آهي. ان بعد ٻيون چار عام روايتون، جي لاڙ ۽ ٿرپارڪر مان مليون، سي ڏنيون ويون آهن. (1) پهرين روايت ۾ ڄام لاکي جي ڪڇ مان نڪرڻ، پاٽڻ ۾ رهڻ ۽ شادي ڪرڻ، ۽ موٽي ڪڇ ۾ اچڻ جو بيان آهي. (2) ۽ (3) روايتن ۾ لاکي جي مهر راڻيءَ سان شادي واري حڪايت آهي. ۽ (4) چوٿين روايت ۾ لاکي ۽ جسمان اوڏڻ جي حڪايت آهي. ن-ب]

 

 

--��--

 

 

لاکو ڦلاڻي *

سنڌ ۾ سوين سورهيه ۽ سخي سردار ساماڻا، جن مان ڪن کي، اسان جي سگهڙن ڳايو؛ ۽ انهيءَ ڪري انهن جا نالا اسان تائين پهتا؛ پر اڄ ڏينهن تائين اسان کي سندن سربستي خبر نه ملي سگهي. اهڙن سورهيه، سرڪش ۽ سخي سردارن مان هڪ ”لاکو ڦلاڻي“ هو، جنهن جي باري ۾ ڀٽائي صاحب چيو آهي ته:

لاکا لک سڄن، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،

۽

لاکا لک هئـــا، تــــون اڳــــوڻي کوءِ نه.

بيشڪ لاکا لک هئا، ڇاڪاڻ ته لاکا قوم لکن جي تعداد ۾، ذري گهٽ تيرهن سوء ورهيه اڳ محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ موجود هئي. نسب جي لحاظ سان لاکا سڀئي سما هئا، خود سمن سردارن مان پڻ ڪيترائي ”لاکي“ نالي هئا.

سڀ کان اول ”لاکي“ نالي سردار ”ڄام لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار“ هو. هن وڏي ڄام لاکي جي تڙ پوٽي ”رائڌڻ“ جي پٽ جو نالو ”لاکو“ هو، جو سردار هو ۽ ڏنڀرلو جاگير سندس قبضي ۾ هئي.

وري هن وڏي ڄام لاکي جي اولاد مان ”هوٿي“ ٿيو. ڄام هوٿي جي پٽ ڄام راهو جي اولاد مان ٻه ڄام لاکا ٿيا، جن تي پڳ هئي: ”ڄام لاکو پٽ گڙ راهو“ ۽ بيو سندس پوٽو ”ڄام ڳاهي“ جو پٽ ڄام لاکو جنهن جو پٽ ”ڄام جوڻو“ ٺٽي جو سمون بادشاهه هو. هن ڄام لاکي جو پٽ لاکو به سردار هو ۽ سندس پٽن مان ”جها سما“ ٿيا.

وري ڄام هوٿي جي ٻئي پٽ ڄام جکري جو پٽ لاکو ٿيو. جنهن جي وري پوٽي جو نالو به لاکو هو. اڃان به ٻيو هڪ سمون سردار لاکو پٽ لهر جو هو، جو چيو اٿن ته:

لاکو پٽ لهر جو، سورج ڀري ساک.

لهر مان لوهاڻا ٿيا. مطلب ته:

لاکا لک سڄن، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو.

نسب نامو: سمن جي نسب نامي مان معلوم ٿئي ٿو ته لاکو، ڦل جو پٽ هو، پر خود ”ڦل“ نالي به هڪ کان وڌيڪ سردار ٿي گذريا آهن، ۽ انهن سڀني کي اولاد هو ۽ سڀني جي پيڙهي پڌري ٿي. پهريون وڏو ڦل يعني ”ڦل پٽ لاکو پٽ لاکيار“ جو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ ”لاکو“، ٻيو ”لنجار“. لاکي مان ”لاکر“ ٿيا، ۽ لنجار مان ”لنجار“. ٻيءَ روايت موجب انهيءَ وڏي ڦل مان ”ڦل سما“ ٿيا. پر ”لاکو ڦلاڻي“ انهيءَ وڏي ڦل مان ڪونه هو، پر ننڍي ”ڦل“ مان هو، جو پوءِ ساماڻو. انهيءَ ننڍي ڦل بابت متفقه طور ايترو معلوم آهي ته ”ڦل پٽ ساهڙ جو هو، ۽ ساهڙ پٽ مُهڙ جو هو.“ البت مهڙ کان مٿين پيڙهيءَ ۾ اختلاف آهي. ڪي چون ٿا ته، مهڙ پٽ لاکي (وڏي) جو ۽ لاکو پٽ لاکيار. پر شايد صحيح هن طرح ٿيندو ته ”مهڙ پٽ لاکي جو، ۽ لاکو پٽ ويري جو“، ڇاڪاڻ ته ڦل جاڙيجو هو، ۽ جاڙيجن سمن جي نسب نامي جي روايت هن طرح آهي ته، ويرو پٽ ساند[1] جو، جنهن کي ڪڇ ڀڄ جي اراضي وراثت ۾ ملي. انهيءَ ويري کي جاڙا پٽ ڄاوا، هڪ لاکو ٻيو لکدير. لاکو وڏو هو ۽ وڏي جاڙي پٽ جو اولاد ”جاڙيجا“ سڏجڻ لڳا.[2]

لاکو ۽ لکدير، ٻئي جاڙا جنميا،
ويري گهر لاکو وڏو، جنهن جا جاڙيجا.

جيڪڏهن هيءَ روايت صحيح آهي ته پوءِ ”مهڙ، هن ”لاکي پٽ ويري“ جو پٽ هو. انهيءَ اندازي موجب ”لاکي ڦلاڻي“ جو شجرو هن طرح چئبو ته: لاکو پٽ ڦل پٽ ساهڙ پٽ مهڙ پٽ لاکو پٽ ويرو پٽ ساند (سائود) پٽ پلي پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمون پٽ اُنڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار پٽ نوتيار پٽ نيٽ[3].

ڪڇ ۾ سڪونت جو زمانو: چئي نه ٿو سگهجي ته ”لاکو ڦلاڻي“ ڪهڙي سنه ۾ ٿي گذريو. سنڌ جي نسب نامي جي هڪ روايت موجب سندس پڙڏاڏي ”ويري پٽ ساند“ کي ڪڇ ڀڄ جي ڪا اراضي ورثي ۽ ورهاست ۾ آئي ۽ ڪڇ جا جاڙيجا سما سندس پٽ لاکي جي پٺيءَ مان ٿيا، جو ”لاکي ڦلاڻي“ جو ڏاڏو هو.

ڪڇ ۾ جاڙيجن سمن جي عروج جو زمانو 1300ع آهي، ڇاڪاڻ ته اٽڪل سنه 1320ع ڌاري جاڙيجن سمن ڪڇ جي حڪومت چاوڙن راجپوتن کان کسي، ۽ سنه 1320ع کان وٺي 1540ع تائين يعني ته اٽڪل سوا ٻه سؤ سال کن جاڙيجن سمن جي ٽن خاندانن ڪڇ تي حڪومت ڪئي[4]. انهن ٽن خاندانن مان هڪڙو خاندان غالباً ڦل جي اولاد جو هو، جنهن جي طاقت جو بنياد ڦل جي پٽ ”لاکي ڦلاڻي“ رکيو. ڪڇ ۾ اهو جاڙيجن جي حڪومت جي عروج وارو زمانو هو، ۽ انهيءَ انداز موجب چئي سگهجي ٿو ته لاشڪ لاکو ڦلاڻي چوڏهين صدي عيسوي جي پهرئين نصف ۾ خاص طرح سنه 1320ع ڌاري ٿي گذريو.

سنڌ جي ٻي روايت موجب، سندس وقت ۾ ٻئي جاڙيجي حڪمران خاندان مان راءِ کنگهار هو جنهن جي حڪمرانيءَ جي عرصي جي تحقيق ڪڇ جي تاريخ مان ٿي سگهي ٿي. ڪتاب ”نسب نامہ جاڙيجہ“ ۾ ڄاڻايل آهي ته لاکو ڦلاڻي سنه 866ع ۾ ڄائو، ۽ سنه 955ع ۾ مئو[5]. پر اهو ڪتاب غالباً پوئين زماني جو لکيل (فيبروري 1822ع) آهي، انهي ڪري انهن تاريخن تي پورو پورو ڀروسو ڪري نٿو سگهجي. ڀٽائي صاحب ”لاکي ڦلاڻي“ کان سواءِ ٻين سمن سردارن، مثلاً ”جکري“ ۽ ”ابڙي سمي“ کي به ڳايو آهي، جي سنڌ ۾ سمن جي حڪومت، يعني ته اٽڪل چوڏهين صدي عيسوي جي نصف کان اڳ جا هئا. جيڪڏهن اڳ وارو عرصو اٽڪل ڏيڍسؤ ورهيه تسليم ڪجي، ته به ٿلهي ليکي ”لاکي ڦلاڻي“ وارو عرصو تخميناً 1200ع کان 1350ع تائين ٿي سگهي ٿو.

لاکي ڦلاڻيءَ جو خاندان: سمن جي نسب نامي جي هڪ روايت موجب ”ڦل“ کي ٻه پٽ هئا، لاکو ۽ ڳاهو. لاکو وڏو هو، ۽ کيس اولاد ڪونه هو؛ پر سندس ڀاءُ ڳاهي کي هڪ پٽ ”پونئرو“ نالي ٿيو، جو لاکي کان پوءِ هن خاندان جو سرڪردو بنيو. سنڌ جي سمن جيئن ئي آڳاٽو اسلام قبول ڪيو ته اهو اثر ڪڇ تي به پيو، ۽ اهي جاڙيجا خاندان، جن جو واسطو سنڌ جي سرحد سان هو، تن اسلام قبوليو، پر جيڪي هيٺ ڏکڻ طرف هئا سي هندو ئي رهيا. سنڌ جي شاعرن ۽ سگهڙن جي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڦل ۽ سندس خاندان جو واسطو سنڌ جي سرحد لاڳو ٻني، لوڻي وغيره اراضين سان هو، ۽ انهيءَ ڪري هي ڪٽنب به اسلام قبول ڪري چڪو هو. لاکو جيئن ئي وڏو ٿيو ته منجهس سنڌ جي مشهور مسلمان سمن سردارن واريون شهسواري (Chivalry) جون خوبيون پيدا ٿيون، ۽ سواري، سرڪشي، سورهيائي ۽ سخا سندس طبيعت ۽ اخلاق جا جز بنجي ويا.

ان وقت سرداري به سرڪشي، سورهيائي ۽ سخا تي هئي. جيئن ئي لاکو جوان ٿيو ته هن پنهنجي اڳواڻي هيٺ ٻيا سورهيه ۽ ساٿي گڏ ڪيا، ۽ هو ڪڇ جي سنڌ واري سرحد تان، خاص ڪري اوٺي مال جون لوڙهيون يعني ڌاڙا هڻڻ لڳا. ”ٻني“ ۽ ”لوڻي“ واري اراضي مان[6] خاص طرح جتن سان جنگ جوٽي، اُٺن جا وڳ هنيائون. ايترو جو اوٺار نيٺ ملڪ ڇڏي ويا، ۽ اُٺن جي جهوڪن جا رڳا نشان وڃي رهيا.

جاڙيجاڻي جنگ، آهي اوٺارن سين.
لڳو لوڙائن جو، منجهان ٻنيءَ ٻَنگ،
گؤرا، توڏ، گڙنگ، هڻي هيڪاندا ڪري.
                                        [خليفو صاحب]
                                ---
ٻني ٻهڻ نه ڏئي، جهري ويئي جهوڪ،
لوڻي مٿان لوڪ، لاکي لک لڏائيا.
                                ---
لاکو لوڻي آئيو، هئي هئي پيئي هاڪ،
پائر ڪان پڇڙي، ڏونگر پيئي ڏاڪ،
اُٺيون ۽ عراق، گڏيان تان گهڻيئي ٿيا.
                                                [شاهه]

 

مطلب ته لاکي جي لوڙهين جو سلسلو پائر تائين اچي پهتو. پر لاکي ۽ سندس لوڙائُو ساٿين، چؤڏس چڙهي پنهنجي هيبت ۽ هاڪ قائم ڪئي:

لاکو لوڙائن سين، چؤڏس ٿو چڙهي،
وڙهيو وريامن جا، ڌُڻيو ڌڻ هڻي،
پييس جو پڙي، سو واهر ڪنهن نه واريو.

 

لاکو هڪ اڙٻنگ ۽ اڻموٽ جوان هو. سندس ساٿين مان ”جسو“ ۽ جسراڄ“ به نالي وارا هئا؛ پر سورهيائي ۽ شهسواري ۾ لاکو پنهنجو مٽ پاڻ هو:

وڙهي ويل سڀڪنهن، لاکو لوءِ به لوءِ.

 

ڳوٺ ڳوٺ ۾ مقابلا ڪري، پنهنجي هيبت ۽ هاڪ ويهاري ڇڏيائين. وڳن جا وڳ هڻي، ساٿين کي اڳتي ڪري، پاڻ پويان اڪيلي سر واهر پليندو هو:

لاکي لال ڪمان، هردم آهي هٿ ۾،
سَليو تيرن ساڻ، واگهه پلي ٿو واهرون.
                                         [خليفو صاحب]

 

لاکو پنهنجي ٻهروٽين جي ٻاريءَ سان هميشہ ٻاهر، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي پيو لوڙهيون هڻندو هو. هڪ دفعي ڪنهن چيو ته ”پوئتي جو سماءُ لهجي، ائين نه ٿئي جو هڪ ڏينهن اچي ڪو خبر سڻائي ته ڦل مري ويو.“ لاکو، جو پنهنجي جوانيءَ جي جوش ۽ طاقت جي نشي ۾ مست هو، تنهن کي اها ڪمزوري واري صلاح ئي ڪانه وڻي، ۽ قسم کنيائين ته، جنهن منحوس مون کي منهنجي پيءُ ڦل جي مرڻ جي خبر اچي ٻڌائي، ته ان جي زبان وڍائيندس. ائين چئي لاکو وري به پنهنجي ساٿين سا گڏ چؤڏس چڙهايون ڪرڻ لڳو، ڳچ عرصو ٿيو جو پنهنجي ماڳ تي ڪونه موٽيو.

لاکا لڳئي ڏينهن، کاري ريءَ ڪيئن گهارئين،
مٿان وسي مينهن، واٽون وَلين ڇانئيون.

 

ڪجهه عرصي بعد واقعي ڦل پويان گذاري ويو. ڪير هجي جو لاکي کي خبر سڻائي! هڪ ڀٽ فقير چيو ته: آءُ ٿو وڃي خبر ٻڌايانس. سو ڪهي اچي ڪيمپ ۾ پهتو ۽ پري کان بيت ڏنائين ته:

هڪڙا ڦل پسجن واڙئين، ٻيا جي بَٺين ڌاڃ،
لاکا آءُ مهراڻ، تو ريءَ سڃو ڪاڇڙو.

 

(يعني ته ڦل هڪڙا واڙين اندر ولين ۾ آهن، ٻيا بَٺين ۾ ڀُڄندڙ اَنّ ۾ آهن. باقي ٻيو ڦل ڪونه رهيو آهي).

لاکي بيت ٻڌندي چيو ته: تڏهن منهنجو پيءُ مري ويو! ڀٽ جواب ڏنو ته: سائين! اهو ته تو چيو، مون نه چيو. پوءِ لاکي ميڻ جي زبان ٺهرائي، پنهنجي زبان مٿان رکي. وڍارائي پنهنجو قسم پورو ڪيو. ڦل جي پڳ هاڻي لاکي کي ملي ۽ لاکو ”راءِ“ بنيو. هاڻي لاکي پنهجي پيءُ ڏاڏي واري ماڳ تي لکن جا لک خرچ ڪري ”ڪيراگڍ“ نالي هڪ ڪوٽ ٺهرايو، ۽ ان کي پنهنجي طاقت جو بنيادي مرڪز بنايائين. اهو ڪيراگڍ جنهن کي سنڌ جي روايتن ۾ ”ڪيرو ڪوٽ“ يا ”ڪانهيرو ڪوٽ“ سڏيو ويو آهي، ڀُڄ تعلقي ۾ مشهور آهي ته اهو ڪوٽ ”لاکي ڦلاڻي“ ٻڌايو هو.

هاڻي لاکي جي سرڪشي واري زندگيءَ ۾ ذرا تبديلي آئي، ۽ راڄ ڌڻي ٿيڻ سان هن سخاوت جا درياء وهايا. ڦل خاندان ۾ لاکو ئي ڏاتار ٿيو، ۽ انهيءَ ڪري سندس نالو ڏاتارن ۾ ڳڻيائون ته:

ڪاشب گهر سورج هو، واسنگ گهر تاکو،
اوڍي گهر جکرو، ڦول گهر لاکو.

 

سندس سرڪشي ۽ سورهيائي جي ته اڳ ۾ ئي هنڌين ماڳين هاڪ نڪري چڪي هئي، هاڻي وري سخاوت ڪري به رعيت ۽ راڄن ۾ مقبول پيو، ۽ سڀني پئي کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون.

لاکو ۽ مهر راڻي: لاکي کي هاڻي شاديءَ جو خيال ٿيو، پر هن اڙٻنگ جوان چيو ته، آءٌ گهر ويٺي ڪا ڇوڪري ڪانه پرڻبس، پر ڪشالا ڪري ڪا مومل ماڻيندس. سنڌ ۾ ”مُهراڻي“ جو ملڪ ان وقت به سرسبز ۽ آباد هو. هڪ طرف کان هاڪڙو ته ٻئي طرف کان پراڻ پئي ملڪ کي سيراب ڪيو. اتي سماٽ قومون رهندڙ هيون، جن جي سونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي. هيءُ ملڪ ننڍن ننڍن سمن رائن ۾ ورهايل هو، جن جي ڪوٽن ۽ قلعن جا نشان اڄ به انهيءَ تر ۾ موجود آهن. نُهٽي جي ڪوٽ ۾، ۽ ڪن جي چوڻ موجب جهڏي لڳ ”ٻالائي“ يا ”ٻرڙائي“ جي ڪوٽ ۾ ان وقت ”مهر راڻي“ سمي شهزادي هئي، جنهن جي دل هڪ چوڙيگر سوداگر سان ٿي ويئي؛ انهيءَ ڪري پڻس جڏهن سندس شاديءَ جو ذڪر چوريو ته مومل وانگر ”مهر راڻي“ به اڙانگا شرط وڌا، ۽ چيائين ته، جيڪو اهي شرط پورا ڪندو تنهن سان شادي ڪنديس. لاکو اتان سنڀري نڪتو ۽ هڪ ٻڍڙيءَ ڏاهيءَ جي ٻڌايل تجويزن ۽ پنهنجي وزير ”کِل ڦُل“ جي حڪمت عملي ۽ پنهنجي ذاتي جرات ۽ مردانگيءَ سان سڀئي شرط پورا ڪري ”مهر راڻي“ سان شادي ڪيائين؛ ۽ انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي به لکن جا لک بخشيائين، جو چيو اٿن ته: لاکي لک بخشيا، ڪرن بخشي ڪروڙ. جڏهن پريان ڄڃ ڪري موٽيو ته پهرين منزل پُراڻ جي ڪناري تي ڪيائين. مٿان مينهن پئجي ويو، انهيءَ ڪري شادي جا سڀ ويس وڳا، سيج ۽ هنڌ، اُٺن گهوڙن جا سنج ۽ سامان، سڀيئي کڻي پراڻ جي ڪنڌيءَ تي وڻن ٻوٽن تي سُڪڻا وڌائون، ۽ سڀ وڻ سينگارجي بيهي رهيا. سڪڻ بعد جڏهن اهي سندس ماڻهو لاهڻ لڳا ته لاکي منع ڪئي، ۽ چيائين ته: ڪنڌيءَ جا اهي وڻ ٽڻ به اسان جا ڄاڃي آهن، جيڪي ڪجهه انهن کي اوڍايو اٿئون، سا ڄڻ اسان جي شاديءَ جي ڏات آهي، اها وري واپس ڪانه وٺبي. انهيءَ موقعي کان پوءِ ڳايائون ته:

جهوني تون پراڻ، جڳ ڇَٽيهه سنڀرين،
توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.

 

انهيءَ منزل واريءَ جاءِ تي آمريءَ جو وڻ بيٺل هو، جنهن جي ٽارين ۾ ڳهه ڳٺا ۽ لعلون موتي ٻڌا ويا، پر لاکي اهي ڪين لهرايا. انهيءَ واقعي جي ياد ۾ پراڻ تي بيٺل هڪ آمريءَ جي وڻ ۽ ڪنهن سگهڙ جي وچ ۾ سوال جواب جو هيءُ بيت مشهور ٿيو ته:

سگهڙ: ڪ تون ”آبل“ سندي آمري، ڪ تون ”لاکي“

سندي لال؟

آمري: مـــون ۾ لاکـــي لـــعـــلـــون ٻــڌيـون، آءٌ ”لاکي“

سندي لال؟

”آبــــل“ اچـــي ڪـالــهـه، لِک سين مانجهاندو ڪيو.

چون ٿا ته پراڻ جا پکي به پوءِ ولر ڪري لاکي جي ڄڃ سان اُڏاڻا، ۽ انهن تي نالو پئجي ويو “لاکٖي ڄاڃي”.

اڄ ڏينهن تائين پاڻيءَ جا ”لاکي ڄاڃي“ پکي، انهيءَ نالي سان مشهور آهن[7]. خير، منزلون ڪري لاکو اچي ڪڇ ۾ پنهنجي ”ڪيرا ڪوٽ“ ۾ پهتو. اتي ڪنهن موقعي تي پنهنجي وزير کل ڦل کان تصديق مليس ته مهر راڻيءَ جي دل ڪنهن ٻئي سان هئي. انهيءَ تي لاکي جي دل مهر راڻيءَ تان کڄي ويئي. مائٽن طرفان جيڪو مڱڻهار، مهر راڻيءَ سان گڏجي آيو هو، سو جڏهن موڪلائڻ لڳو ته لاکي پنهنجي سخاوت جي اصول موجب چيس ته: گُهر، جيڪي گهرڻو هجئي. مهر راڻي، مڱڻهار کي پنهنجي هار طرف اشارو ڏنو، پر مڱڻهار سمجهيو ته شايد پاڻ ڏانهن ٿي اشارو ڪري، سو سنديس ٻانهن گهريائين. لاکي کي اڳي ئي ڪٽر بيٺل هو ۽ ڀانيائين ته شايد ”سميءَ روح سري ويو، موهي مڱڻهار“؛ سو بنان وڌيڪ سوچڻ جي، مهر راڻي کڻي ان مڱڻهار جي حوالي ڪيائين. مهر گهڻيون ئي منٿون ڪيون پر لاکي ڪين مڃيو. پوءِ سياڻن لاکي تي ميار رکي ته هن اهو ڪچو ڪم ڪيو، جو ائين تڪڙ ڪري، پنهنجو ننگ کڻي مڱڻهار جي حوالي ڪيو. چيائين ته:

لاکو ڦلاڻي[8]، ڪَچو ڪَچاڻي، جنهن ڇڏي مهر راڻي.

بهرحال لاکي جي غيرت گوارا نه ڪيو ته هو مهر کي پنهنجي گهر ۾ رکي.

لاکو ۽ اوڏڻ: لاکو هاڻي شادي ۽ گهرٻار جا سڀ خيال ڦٽا ڪري، پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويو. پر قدرت کي اڃان ڪي ٻيو منظور هو. اڳ به لاکي پاڻ هلي وڃي حُسن سان حيلا ڪيا هئا، پر هاڻي عشق اچي مٿس حملو ڪيو. ڪيرا ڪوٽ جي وڌيڪ مضبوطي ۽ اڏاوت لاءِ لاکي، اوڏن جا راڄ گهرايا. لاکو اڳئي غريب پرور ڄام ۽ غريبن جو اجهو ۽ آڌار هو. پاڻ پنهنجي سر اوڏن جي پکن جي ڇانو ۾ ويهي، دل کولي اوڏن کي پورهئي جا پئسا ڏياريندو هو ته متان ڪاسبين جي هٿان کين ليکي ۾ ڪس لڳي:

اَڏيو جو اوڏن، سو ڍنگهر ڍلو مَ ٿئي،
جنهن ڀر ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.

 

ڪوٽ جي اڏاوت جو ڪم پئي هليو ۽ لاکي پنهنجي سر پئي ان جي نگهباني ڪئي، جو اوچتو هڪ ناز ڀري اوڏڻ ڇوڪريءَ جي نگاهن جو نشانو بنجي ويو. هيءَ ڇوڪري ”بيلي“ اوڏ جي ڌيءَ هئي ۽ صورت توڙي سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ڄام لاکي جڏهن بيلي کان سندس ڌيءَ جو سڱ گهريو ته هو حيران ٿيو ته اسين اگلا اوڏ، لاکي جهڙي ڄام کي ڪيئن وڻياسون! وڏي خوشيءَ سان سڱ ڏنائين ۽ ڄام لاکي اوڏڻ کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو:

تماچي آندي مهاڻي، لاکي آندي اوڏ،
سما پيا ڪوڏ، ذات نه پڇيائون جوءِ جي.

 

راڻي ٿيڻ کان پوءِ هن ناز ڀري نينگر، ويتر نئڙت ۽ نياز ۾ پاڻ موکيو ۽ ڄڻ چيائين:

لاکي لڄ کنئي، اسان اوڏڻين جي،
ڪندو ڪانه ٻي، اڳ وسوڙي آهيان.
                                                 [شاهه]
                                ---
لاکا لڄ سندياءِ، آءٌ اگلي آهيان،
پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.
                                                [شاهه]

لاکي جي به هن غريب اوڏڻ سان اهڙي اچي دل لڳي جو کيس:

لاکو ڏسي نه لِک سين، تاسين ٿئي نه ٿهر،
ڦلاڻي پهر، کڻي اوڏن جي اُجارئي.
                                       [غوث محمد شاهه]

هاڻي لاکي به اوڏن جي ذات کي اڏي ڇڏيو:

لاکي لُٽائي لک، اڄ پڻ اوڏن کي ڏنا.
                                       [غوث محمد شاهه]

۽

اوڏن مٿان ڏاڻ، موراهين معاف ٿيو.
                                                [خانزئي]

 

چون ٿا ته لاکي ڄام، ٻنيءَ ۾ مينهن جي مٺي پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ٻه وڏا تلاءَ کڻايا. هڪڙو تلاءُ سندس نالي ”لاکاراء“ ڪري سڏيائون ته ٻئي تي وري پنهنجي سهري بيلي اوڏ جو نالو ”بيلي راءِ“ رکيائين. ٻڌجي ٿو ته اهي ”لاکاراءِ، بيلاراء“ تلاءَ، اڄ ڏينهن تائين ٻنيءَ واري علائقي ۾ موجود آهن. مطلب ته اوڏن سان سڱ ڪرڻ، ۽ پنهنجي غريب پروري جي مثال قائم ڪرڻ ۾ به لاکو پنهنجو مٽ پاڻ ٿيو. ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته:

لاکا لک هئا، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،
آجا اوڏ ٿيا، پلئه لڳي جنهن جي[9].

 

لاکو ۽ ريٻاري: ريٻارين جي وڏي قوم ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي آباد هئي، ۽ اڃان تائين سنڌ ۾ بدين ۽ ڏيپلي تعلقن جي ڏکڻ ۾ آباد آهي. ريٻاري اصل کان مالوند ماڻهو ۽ وس چرندڙ جهانگي، وانڍن ۾ رهندڙ هئا، پر پنهنجي مال متاع وارا سکيا ستابا هئا. سمن کان سندن قومي حيثيت جدا هئي، پر جنگ جهيڙي ۾ سمن جا ساٿي هئا. جڏهن ڄام گڙراهو جي پٽ سومري کي ڪؤنٌريجن ماريو، تڏهن سمن سان گڏ ريٻارين به سُوءَ ڪئي ۽ زالن نٿون بولا لاهي ڇڏيا. وقت گذري ويو، پر سمن مان ڪنهن به ريٻارين جي سُوءِ ڪانه لهرائي ۽ اڄ تائين انهيءَ سوءَ سببان سندن زالون سهاڳ وارا ڳهه ۽ ڪپڙا ڪين ڪن. ڀانئجي ٿو ته ريٻارين کي انهيءَ ڳالهه جو رنج رهجي ويو ۽ هنن به ڪڇ واري طرف، سمن سردارن جي ڪاڻ ڪڍڻ ڇڏي ڏني. ريٻارين مان ڪن وڃي ڄام لاکي جي ساٿين، جسي ۽ جسراڄ جا ماڻهو ماريا، جن جو وير ريٻارين تي رهجي ويو؛ پر لاکو هاڻي راڄ ڌڻي هو، تنهن جنگ جي بدلي صلح جون سٽائون ڪيون. ان وقت ڪڇ جو وڏو راءِ کنگهار هو، جو پڻ جاڙيجن سمن جي ٻئي خاندان مان ۽ راءِ لاکي جو مامو هو. راءِ کنگهار انصاف جي بدران ريٻارين جو طرف وٺڻ لڳو. حقيقت هيءَ هئي ته راءِ کنگهار جو هڪ ريٻارڻ سان رستو هو، جنهن جي شروع ۾ ته ڪنهن کي ئي ڪل ڪانه هئي. لاکي کي جڏهن خبر پئي تڏهن راءِ کنگهار جي اها روش کيس نه وڻي:

کيڙي هيٺ ڪٽڪ جي، کوٽي ڪي کنگهار،
جو وانڍن ۾ واپار، سو لاکي لِک نه ليکيو.
                                                [خانزئي]

 

راڻي راءِ کنگهار هاڻي کلم کلايو ريٻارڻ سان رستو رکيو ۽ ريٻارڻ به پنهنجي قوم جي حمايت خاطر راءِ کنگهار کي لاکي ۽ سندس ساٿين، جسي ۽ جسراڄ خلاف چورڻ شروع ڪيو. لاکي راءِ کنگهار کي چتاءُ ڏنو ته، هن وقت ريٻاري سمن جا سڄڻ ڪين آهن، هو رڳو منهنجي هڪل ۽ هيبت کان ڊنا ويٺا آهن. تون جي انهن جي پاران اسان جي ماڻهن ۽ راڄن کي هيسيندين ته ريٻاري زور وٺندا ۽ منهنجي مئي پڄاڻا توکي به تخت ڇڏائيندا. انهيءَ چتاءَ هوندي به راءِ کنگهار، ريٻارين جي پٺ ڀرائي ڪئي. اتي لاکو به اچي ڪاوڙيو، ۽ ڄڻ ستل شينهن جاڳي اٿيو. پنهنجي سورهيه ساٿين کي گڏ ڪيائين ۽ پنهنجي گهوڙي ”لَکِي“ تي وري لوڙهين خاطر لانگ ورايائين. قصد ڪيائين ته هاڻي پنهنجي ساٿين جسي ۽ جسراڄ جو پوريءَ طرح وير وٺندس. هن تياريءَ تي سڄي ڪڇ ۾ ڪوڪٽ پئجي ويو، ته لاکو وري لوڙائُو ٿيو آهي. هيڏانهن هيءُ مرد مٿير به سنگت سنباهي چڙهيو:

ڀُڄان ڀلي نڱيو، ڏيئي پاکوڙي پير،
جسي ۽ جسراڄ جو، مٿي وانڍين وير،
ڪڇ رهندو ڪير، جيئن لاکو لوڙائو ٿيو.
                                                [شاهه]

اول ئي سندس ساٿي جسراڄ کي وير وٺڻ واري جا رٿ ڀرجي آئي، انهيءَ کي پورو ڪيائين.

وانڍيون ويون ويهي، ڪاڇن ڪاڇو ڇانئيو،
جڙي جا جسراڄ کي، تڪيائون تيهي،
پراڙان پيهي، لاکو لَکِي آئيا.
                                                [خانزئي]

بس، لاکي جيئن لَکيءَ تي لانگ ورائي ته وري لٿو ڪونه، ۽ جيڪڏهين لٿو ٿي ته به هني مان هٿ نٿي ڪڍيائين:

هني مان هٿڙا، لاکو نه لاهي،
گهڻيريان گهير ڪري، اُڀوئي آهي،
وڃيو سي ڪاهي، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.

 

پوءِ اول ئي انهن جاڙيجن سان جنگ جوٽيائين، جن لاکي راءِ کان منهن موڙي، راءِ کنگهار جي بيجا طرفداري ڪئي هئي:

راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪي،
ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪڇڙو.
                                                [شاهه]

جاڙيجن کي سندن ماڻهن سجاڳ ڪيو ته:

جاڳو جاڙيجا، سما سک مَ سمهو،
پسو اَن پارا، لاکو ٿو لوڙهيون هڻي.
                                                [شاهه]

هوڏانهن:

“وائوران” وري، لاکو لوڙائو ٿيو،
اها ڳالهه ڳري، لڳي لهاڻن کي.
                                                [خانزئي]

”ڏاڏوران“ ٿي ڏور، ڪر ڳل ”ڪيري“ رسيو،
”ٻٻرئان“ ٻاٻُور، هلي هاڃورن جي.

 

جيڪي به کنگهار جي زور تي ڪڏيا، تن جا هاڻي ڇيهه ڇڄي پيا ۽ سڀڪوئي پيو چوي:

وٽان تن لڏيج، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.
                                 ___          [خانزئي]
لوڻي مٿان لوڪ، لما سڀ لڏي ويا.
                                ___            [خانزئي]
گرڙي مٿان گس، لاکي لوڙائن جو.

 

ڄڻ هرڪو پيو ٻئي کي چئي ته:

وٽان تن لڏيج، جي کيڙي هيٺ کنگهار جي.
                                                [خانزئي]
                                ۽
لڏين تان لڏ، صحيءَ سنگهارن لڏيو،
متان ويهين ويسرو، ”گرڙيءَ“ لاڳو گڏ،
مانجهل مٿان ”مڏ“، ڦلوءَ پوٽو آئيو.
                                                [خانزئي]

بس، راءِ کنگهار جي صلاحڪارن ساٿين ۽ ريٻارين جي طرفدارن کي سٽي، پوءِ لاکو واڳڙ جي ٽڪرين وٽان وري اچي ريٻارين مٿان ڪڙڪيو:

”واڳڙ“ مٿان واڳ، واري راءَ ريون ڪري،
ريٻاري رڃن ۾، سانجهي صبح سجاڳ،
ڀٽارن جو ڀاڳ، لاکي لک لڏائيو.
                                ___            [خانزئي]
ريٻارين جا رڇ، رائي پاس رهي ويا.
                                                [خانزئي]

۽ پوءِ هنن ڀٽون ڇڏي، ڀڄي وڃي رڃ واري رڻ ۾ پاڻ کي لڪايو. هاڻي راءِ کنگهار جي سينڌي ريٻارڻ به پڇتايو ۽ لاکي کي منٿون ڪرڻ شروع ڪيائين ته هاڻ مڙي وڃ:

ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لولاٽن سين.
                                                [شاهه]

پر:

ريٻارڻ سين رس، ڪڏهن تان ڪونه ٿيو.
                                                [خانزئي]

سڄي هيءَ باهه دکايل ئي هن ريٻارڻ جي هئي، سو لاکو هاڻي اچي خود سندس مائٽن مٿان ڪڙڪيو:

رڙي ريٻارڻ روءِ، اڀي ڍنگهر ڍار،
وڃن اڄ وڳ هنيو، سئم جي سوار،
ڪاڇي ٻنهي پار، ڌاڪو هن جو دسئين.
                                ­­­___

ريٻارڻ روئي، واڙي وڌا وڇڙا،
سمورا سوئي، هڻي ساٿ هيڪلي.
                                                [شاهه]

اتي ريٻارڻ هاڻي مٿو اگهاڙو ڪري اچي راءِ کنگهار کي طعنا ۽ مهڻا ڏيڻ لڳي ته، لاکو توکان ڪونه جهليو ٿيو، تون نڪمو ۽ ڪمزور آهين:

ريٻارڻ ٿي روءِ، مٿي ڌريو هٿڙا،
کارا ويڻ کنگهار کي، چئنچل اُڀي چوءِ،
واڙي وڇ نه ڪو، جو لاکو لوڙائن سين.

 

چون ٿا ته ريٻارڻ، راءِ کنگهار کي چيو ته، جي زور ۽ طاقت سان تون لاکي کي نٿو جهلي سگهين ته تون هيٺاهين وٺي، محبت وچان پيغام موڪلينس، هو تنهنجو ڀاڻيجو آهي، ۽ چئينس ته: تو سڀ بدلا ورتا، مون توکي بخش ڪيو ۽ هاڻي تون مون وٽ اچ؛ پوءِ جڏهن اچي ته مارائينس، جو هن منهنجي قوم ۽ ڪٽنب کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ راءِ کنگهار، لاکي ڏانهن اهڙو پيغام موڪليو. قرب ۾ لاکو سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو. تنهن اعلان ڪيو ته مون لوڙيون هڻڻ ڇڏيون:

لاکي لوڙيون ڇڏيون، سرها ٿيا سنگهار،
چٽائي چوڌار، وانڍيون وک چرنديون.
                                                [شاهه]

پنهنجي مامي جو محبت ڀريو پيغام ٻڌي، پنهنجون ٻانهون ٻڌائي اچي پيش پيو. جيئن لاکو اندر آيو ته ٻاهران سندس گهوڙي لکيءَ کي ماري وڌائون، ۽ جيئن لاکو پاڻ اچي راءِ کنگهار جي آڏو بيٺو ته هن ڪمزور ۽ ڪم عقل راءِ، ترار هڻي کيس ماري وڌو[10]. لاکي جي مرڻ تي حالي ڪڇ تان ڪرڳل لهي پيو ۽ امن ٿي ويو؛ ريٻاري به اچي پنهنجي اصولڪن ماڳن تي ويٺا:

لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهه ٿي،
قادي لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،
وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.

 

لاکي جي مرڻ کان پوءِ چون ٿا ته ريٻارين گڏجي خود راءِ کنگهار کان انهيءَ ڳالهه جو بدلو ورتو، جو هن سندن ذات واري ريٻارڻ کي پنهنجي سريت بنايو هو؛ ۽ کيس گاديءَ تان ٿڏي ڇڏيائون. ٻئي طرف لاکي جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀائٽيو ”پُونئرو“ سردار ٿيو. چيائونس ته:

لاکي خرچي لَک، ”ڪيرو ڪوٽ“ اڏائيو،
تون پڻ ڪري خرچ، پٿر نه اڏائين پونئرا!

 

پر پونئري ۾ لاکي واري طاقت ڪانه هئي، خود پنهنجون ڪي جايون به جوڙائي نه سگهيو. بس، ڦُل جي اولاد مان لاکو ٿي گذريو:

لاکا لک سڄن، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو،
جنهن ڀر راڻا راڄيا، ڪوٽن ڌڻي ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، سُتي سونٌچو نه لهي.

 

 

--��--

 

روايت [1]

لاکو ڦلاڻي

 

ڄام ڦول کي پنج زالون هيون: هڪڙي راجا دلوراءِ جي ڌي، ٻي ڌاڻ واگهيلي، ٽئين ’چاوڙي‘، چوٿين سوڍي ۽ پنجين سونل پري. ڄام لاکو سونل پريءَ مان هو. ڄام ڦول، لاکي ۽ سونل کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڇاڪاڻ ته لاکو ٻين ڀائرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سورهيه هو، ۽ سونل پري وري ٻين راڻين کان وڌيڪ سهڻي ۽ بهادر هئي. انهيءَ ڪري ٻيون راڻيون، سونل توڙي لاکي سان حسد ڪنديون هيون. سوڍي راڻي هميشہ وجهه پيئي ڳوليندي هئي ته ڪنهن به طرح لاکي کي ڏيهه نيڪالي ڏيارجي.

هڪ ڀيري خوشيءَ جي ڪنهن موقعي تي راڻي سوڍي، لاکي کي چيو ته: تنهنجون ڀاڄايون توتي رنگ وجهن، ته تون به انهن تي رنگ وجهج. پوءِ راڻي سوڍي به ويس بدلائي، منهن ڍڪي لاکي جي ڀاڄاين سان گڏ بيهي رهي، ۽ لاکي کي گهرائي رنگ هنيائون. تڏهن لاکي به کين رنگ ۾ وهنجاري ڇڏيو. هن کي ته گهربو ئي اهو هو، سو يڪدم ظاهر ٿي ڪاوڙ مان لاکي کي جٺ ڦٽ ڪيائين. لاکو اها حالت ڏسي ارمان ۾ پئجي ويو. راڻي سوڍيءَ کان معافي ورتائين، پر هن يڪدم ڄام ڦول کي ڪچهري مان گهرائي، لاکي جي شڪايت ڪئي. ڄام ڦول به راڻيءَ سوڍيءَ جا ڪپڙا رنگ هاڻا ڏسي، بنا سوچ ويچار جي لاکي کي ڏيهه نيڪالي ڏني. لاکو، پيءُ جو حڪم اکين تي رکي، ڪارو ويس ڪري، ڪاريءَ گهوڙيءَ تي چڙهي ڪڇ مان نڪتو. وڃڻ وقت چيائين: جيڪو ماڻهو مونکي ڄام ڦول ۽ ڌاڻ واگهيلي جي مرڻ، ۽ شهنائي تلاءَ جي ڦٽڻ جي خبر ٻڌائيندو، تنهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪندس. پوءِ سنگتين سميت ’پاٽڻ‘ ۾ اچي پهتو.

پاٽڻ ۾ ان وقت ”سامت سنهه“ نالي چاوڙو راجا راڄ ڪندو هو، جنهن جي ڪمزوري سبب ملڪ ۾ بدامني هئي. چورن چڪارن ظلم ٻاري ڏنو هو. لاکي اهو حال ڏسي سامت سنهه جي مدد ڪئي، جنهنڪري چورن جي پاڙ پٽجي ويئي، ۽ رعيت سکيو ساهه کڻي لاکي کي دعائون ڪرڻ لڳي. ان بعد سامت سنهه، لاکي کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي، پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو.

لاکي جي وڃڻ کان پوءِ ٿوري ئي وقت ۾ ڪڇ ۾ سخت ڏڪار پيو، ڪيترا ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي سنڌ ڏانهن روانا ٿيا، باقي جيڪي رهيا، سي چورن ۽ ڦورن جو شڪار ٿيڻ لڳا. اهو حال ڏسي ڌاڻ واگهيلي ڪُک ۾ ڪٽار هڻي آپ گهات ڪيو. ان بعد ڄام ڦول مري ويو، ۽ شهنائي تلاء پڻ زبون حالت کي وڃي پهتو. مطلب ته سارو ملڪ اُجڙ ٿي ويو. اهڙي اوکي وقت ۾ رعيت لاکي کي پڳ ٻڌائڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو ته ڄام ڦول جي ٻين پٽن ۾ اهو حال ڪونه هو، جو ملڪ سنڀالي سگهن. ساڳئي وقت ويچار ۾ پيا ته ڪير وڃي لاکي کي سندس پيءُ جي مرڻ، ۽ شهنائي تلاءَ جي ڦٽڻ جي خبر ٻڌائي! ڇاڪاڻ ته لاکو انجام ڪري نڪتو هو ته جيڪو ماڻهو کيس اها خبر ٻڌائيندو، ان کي مارائي ڇڏيندو. آخرڪار ”ڏاهي ڏومڻي“ لاکي کي اطلاع ڏيڻ لاءِ تيار ٿي، جا سونل جي سهيلي ’رامسري ڏومڻي‘ جي ڌيءَ هئي.

ڏاهي ڏومڻي، جوڳين وارو ويس ڪري، بين کڻي، لاکي ڏانهن رواني ٿي، ۽ ڪن ڏينهن جي مسافري بعد، سج لٿي مهل اچي پاٽڻ ۾ پهتي. ڏاهي ڏومڻي بين وڄائڻ ۾ تمام ماهر هئي، سندس بين جي آواز تي پکي پکڻ به ڇڪجي ايندا هئا. اڌ رات مهل بين وڄائيندي، لاکي جي محلات وٽ پهتي. سندس بين جي ڏکاري آواز، شهر جي ماڻهن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي. لاکو ان وقت گهريءَ ننڊ ۾ ستل هو، سو بين جي آواز تي ڇرڪ ڀري اٿيو. ڏاهي ڏومڻي ان وقت بين مان پئي چيو:

ور لاکا مهراڻ، تو بن ڪڇڙو ڪُماڻو،
سرت گڻ سجاڻ، ماڻهن پيو مامرو.

 

(اي لاکا، موٽي هل، توکان سواءِ ڪڇ برباد ٿي ويو، ۽ ماڻهو ويچارا ڏاڍي مصيبت ۾ آهن).

لاکو پنهجي ملڪ لاءِ اهي لفظ ٻڌي، ڏاڍي ڏک مان محلات مان نڪري آيو. سمجهيائين ته ڪو مڱڻهار بين ٿو وڄائي، سو پڇيائين ته:

منهنجا مڱڻهار، ڀنيءَ رات ڀُڻڪيا،
ڪِ ڪنهن ڏکوئيو، ڪِ ڏيهه منجهه ڏڪار؟

 

(منهنجي ملڪ جا مڱڻهار! اڌ رات جو ڏکاري آواز سان مون کي سڏين ٿو، ڇا ڪنهن دل ڏکوئي اٿئي، يا ملڪ ۾ ڏڪار پيو آهي.)

لاکي جو آواز سڃاڻي ڏاهي ڏومڻي ورجايو ته:

بـٺي مٿي ڌاڻ، ڦول نه ڏسان واڙئين،
ٻي جا تاڻ تاڻ، سڃڻ سيڻائي ٻنڌ جي.

 

(ڌاڻ فقط بٺيءَ تي وڃي رهي آهي، ۽ نه وري ڦل واڙين ۾ ٿا ڏسجن، يعني ڌاڻ واگهيلي ۽ ڄام ڦول گذاري ويا. شهنائي تلاءَ جو بند پڻ ڀڄي پيو آهي.)

لاکي يڪدم ڏاهي ڏومڻيءَ کي محلات ۾ گهرائي، کانئس ڪڇ جو احوال ورتو. جيئن ته زبان سان کيس ڏاهي ڏومڻي اطلاع نه ڏنو هو، تنهنڪري ڄام لاکي جي سزا کان بچي ويئي.

صبح جو لاکو، پنهنجي سهري کان موڪل وٺي وڏي ڪٽڪ سان وطن وريو. رعيت ۾ خوشيون ٿي ويون. لاکي اتي اچڻ شرط آسپاس مان اناج گهرائي، رعيت ۾ ورهايو. ٿوري ئي وقت ۾ ڏڪار جي حالت دفع ٿي، ۽ رعيت آسودي ٿي.


 


*  هيءُ مقالو پهريائين ڪتابي صورت ۾، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي مجلس طرفان سنه 1958ع ۾ شايع ٿيو. (ن.ب)

[1]  ڪن نسب- نامن ۾ ”ويرو پٽ سائود“ ڄاڻايل آهي.

[2]  هڪ روايت موجب ڪڇ ڀڄ جا جاڙيجا سما ”جاڙي پٽ لاکي“ جي اولاد مان آهن.

[3]  ڪن روايتن ۾ ”اوڍار پٽ نيٽ پٽ نوتيار“ ڄاڻايل آهي. ان کان مٿي جو شجرو هڪڙن راوين پنهنجي ذهن ۽ گمان موجب رام ۽ دسرت سان ملايو آهي ته ٻين ”ابولهب“ سان.

[4]  ڏسو ”امپيريل گزيٽيئر آف انڊيا“ جلد 11، ص 48 (Cutch)، سنه 1540ع ۾ ڄام راءِ کنگهار احمدآباد جي سلطانن جي مدد سان سڄي ڪڇ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.

[5]  قلمي نسخو ”متحف برطانيه“ (No.Add 19366)، ڏسو ”ريو“ جي فهرست جلد 1، ص 290

[6]  ”ٻني“ جنهن کي ڏاڏي آدم جي ٻني به ڪري چون، سو ”پڇم“ کان ڏکڻ اولهه طرف هڪ وڏو شاهي چراگاهه، اٽڪل پنج ڇهه ميل ڊگهو آهي، جتي ڀاڳيا وَسَ چرن. ”لوڻو“ سنڌ مان ڪڇ ڏانهن ويندي، رڻ جي پرئين ڪناري تي گس واري ليڪ تي آهي.

[7]  هڪ ٻيءَ روايت ۾ ”پراڻ“ جي وڻن کي ڍڪائڻ واري سخا، وڏي ”ڄام لاکي جي پٽ لاکيار“ طرف منسوب ٿيل آهي.

[8]  ٻيءَ روايت ۾ ”لاکو لاکاڻي“ آهي، ۽ اها نسبت وڏي ”ڄام لاکي پٽ لاکيار“ سان لاڳو آهي.

[9]  سنڌ جي ٻيءَ هڪ روايت موجب ”لاکي ۽ اوڏڻ“ جو قصو هن طرح به مشهور آهي ته: رتن پال راٺوڙ جي راڻي ”جسمان“ تي راجا جئسنگ عاشق ٿيو ۽ زبردستي کيس کڻڻ تي هو، جو رتن پال اوڏڪو ويس ڪري لڏي نڪتو، ۽ ڀڄي اچي سنڌ ۾ پهتو. اتي ”ڪانهيري ڪوٽ“ (ٽنڊو غلام علي طرف) اڏڻ وقت ڄام تماچي جو ڀائٽيو سندس زال ”جسمان“ تي عاشق ٿيو.

[10]  ٻيءَ هڪ روايت موجب چون ٿا ته لاکي کي بڊاماڻي پنري مارايو. اسان جي خيال ۾ اهو ٻيو سنڌ جو لاکو سردار هو ۽ نه لاکو ڦلاڻي.

[1] هيءَ روايت ٿر پارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگھارام کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org