سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :9

 

ڀاڱو ٻيو

 

هير – رانجهو


 

روايت [1]

فقير مولابخش ميراثي جي زباني قلمبند ڪيل ڳالهه

 

`الف‘ الله دا، ’ميم‘ محمد، ’عين‘ علي ڪَر ڄاڻان
عرشئون لٿان چار ڪتابان، پڙهيان مسلمانان
”صُمۡ بکُمۡ عُميۡ“ ڄاڻان، مَين رورو حرف سڃاڻان
چارئي يار رسول خدا دي رتبي نال سڃاڻان
جيڪو قلم رباني ميتي مين مرضي اُهين دي ڄاڻان
*

 

تخت هزاري جو بادشاه، جنهن جو اول نالو ”ڄام ڌيرو“ هو، پاڻ ۾ ست ڀائر هئا. ڄام ڌيرو سڀني کان ننڍو هو. مينهُن سان محبت هوندي هيس. بينسري وڄائيندو هو، جنهن کي وَنۡجهلي به چوندا آهن. گهڻو ڪري مال جي محبت ۾ مينهن سان گڏ رهندو هو. سندس مينهن جو وٿاڻ درياه جي ڪناري ٻيلي جي ڪَس سان هو. انهي واري چار يار هئا: هڪ شيخ فريد شڪر گنج، درد نه رهي رنج. ٻيو غوث بهاءالحق، لُٽائي لک، نه آڻي شڪ. ٽيون شير شاهه جلال، قطب ڪمال، اُچ شريف جو بادشاه. چوٿون قلندر ڪبريا، لُنگ ثابوت، سنڌ جو مالڪ. قلندر ڪبريا وٽ سندس ڪشتي، جنهن ۾ فقر ڪندو هو، پنج پاءَ انّ جا پون، اُها ڪِشتي درياه ۾ رکندو هئو ته ٻيڙو ٿي پوندي هئي. هر هڪ ٻيڙي کان وڏي ۽ اُچي. انهي ڪشتي ۾ عاشق سير ڪندا آيا.

جڏهن ڄام ڌيرو جي وٿاڻ کي نزديڪ آيا. ڄام ڌيرو کي ڏٺائون، جيڪو سهڻو هو ۽ کيس حسن جي ڏات مليل هئي. يارن ڏسي پاڻ ۾ چيو: انهي ميهار سان ڪچهري به ڪريون، حسن جو ديدار به ڪريون. ٻيڙي مان لهي اچي سلام ورايئون. ڄام ڌيرو اُٿي محبت سان ساڻن مليو. پنهنجو کٿو فقيرن کي وڇائي ڏنائين. فقيرن گفتار ڪئي ته فقط حسن جي ونڊ مليل اٿس، مگر ٻي حقيقت معلوم کيس ناهي. يارن منجهان هڪڙي چيو ته: ميهار! نالو ڇا اٿئي؟ هن چيو ته ڄام ڌيرو. يارن چيس ته: ميهار آهين، کير پيار! ڄام چيو ته: سائين! سانجهي ٽڪو مون وٽ، ڏاڍا کير کارائيندس. هن چيو ته: ترسڻ وارا اسين نه آهيون. اسان کي هينئر کير پيار، سو به مينهن جو کير پيار، جنهن کي سانَهه نه سنگهيو هجي. ڄام ڌيرو کلي چوڻ لڳو: اها ڪرامت اوهان فقيرن ۾ آهي، مونکي اها هستي نه اٿو، باقي هي وَڇُون ويـٺيون آهن. سائينجن کي جا پسند اچي، اها ڏني. تڏهن يار پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته: هاڻي پنهنجي راز کان واقف ڪريونس. غوث بهاءالحق هڪڙي وَڇ کي چوڻ لڳو ته: مائي! جڏهن تون وڏي ٿيندئين تڏهين کير ڪندئين. اسان کي هينئر کير پيار. اها ڳالهه ڪري عاشق سندس مٿان کٿي رکي، وڇ کي اٿاريئين وڇ ڀڙڪو کائي اٿي. مينهن جيڏي مينهن ٿي، کير سان اوهه کڻي ڍڪڻ لڳي. ميهار کي چيئون ته: ڏهي ڏي. ميهار چيو ته: حاضر سائين. سو اٿي ساڙهو کڻي مانجڻ لڳو. يارن چيس ته: انهي ساڙهي ۾ مينهن نه ڏهجانءِ. ڄام ڌيرو چيو ته: سائين! ڇا ۾ ڏهان؟ قلندر چيو ته: اهو جيڪو ٻيڙو درياه ۾ بيٺو آهي، انهي ٻيڙي ۾ ڏهي ڏي. ڄام ڌيرو سمجهي ويو ته جن وڇ مينهن بنائي آهي، اُهي ٻيڙي کي ساڙهو بنائي سگهن ٿا. ڄام ڌيرو ويو ٻيڙي ڏي. قلندر ڪبريا، غوث کي چوڻ لڳو ته: مينهن ڀِلڙ آهي پر سڱ هيٺ ڀلا اٿس. هاڻي مينهن جا سڱ وري آءٌ ٿو ٺاهيان. قلندر بادشاه مينهن جي سڱن ۾ هٿ وجهي ورائي چُوڙ- ڪنڍي ڪئي. قلندر جي دعا جي ڪري، سنڌ ۾ چُوڙ- ڪنڍيون مينهون رهنديون آهن. ٻين ملڪن ۾ عام ڪري، وڏيون ۽ ڀيليون.

ڄام ڌيرو وڃي ٻيڙي جي ڀرسان عبرت وٺڻ لڳو. هزارين ملاح ڪـٺا ٿين، ته به ٻيڙو نه نڪري. پر فقيرن کي سڃاڻي بسم الله ڪري هٿ وڌائينس ته ڪستي بڻجي هٿ ۾ آيو. کڻي اچي مينهن کي ڏهڻ لڳو. مينهن ڏڌائين ته نڪي کير کٽي نڪي ڪستي ڀرجي. ڄام 

اهي مينهن ته تساڏيان، ڀونئين تساڏيان، ونڊ ونڊ گهنو ڀائي
ڏوٿيان نون ڏٿ گهڻيري، ڀَليان نون ڪتي جائين
اسان نون ٿر ٿولي نهين، ول جيڏي وڃن تيڏاهين.

اهي ملڪيتون پنهنجون پاڻ وٽ رکو، مونکي نه گهرجن. ڏونگر ڏوري هير لهندس. اها ڳالهه ڪري ونجهلي کڻي هلڻ لڳو. هو هير جي عشق ۾ ونجهلي اهڙي وڄائيندو هو، جو جهنگ جا پکي ۽ جانور ۽ ڏرڙن مان جيت نڪري سندس بين ٻڌندا هئا. اهو سندس روح رهاڻ جو ساز هو.

تخت هزاري ڪنون، شہ رانجهن ڄليا پهلي رات مسيتي
اڳون ملا ٻهڻ نه ڏيندا، منهن نه ٻولي لذيتي
ٽڪر پن پن فقيران تي، شہ رانجهن دي طلب لذيتي

شہ رانجهن پهرين رات مسيت ۾ اچي ٽڪيو. چوڌاري ڳوٺ وڏو هجي، پر ٻئي هنڌ نه رهيو. مسيت ۾ اچي رهيو. مسيت جو ملو اکين کان نابين هو، لولا ۽ ٽڪيون کيس ملنديون هيون. ملي بڇا ڪئي شہ رانجهن کان: تون ڪير آهين؟ شہ رانجهن چيو: آءٌ پرديسي مسافر آهيان. ملي چيس ته: اوطاقن تي وڃي ٽڪ. شہ رانجهن هائو ڪري، وري به مسيت ۾ ويهي رهيو. سندس هٿ ۾ ونجهلي هئي، اها فرش تي رکئن ته کڙڪو ٿيو. ملي پڇا ڪئي ته: اهو کڙڪو ڪهڙو آهي؟ رانجهن چيو: ونجهلي آهي. ملي پڇا ڪئي: ونجهلي ڇا کي چوندا آهيو؟ رانجهن چيو: ساز آهي وڄائڻ جو. ملي چيو ته: اها بدعت آهي، ڪڍ مسيت کان ٻاهر! پر شہ رانجهن منٿون ڪرڻ لڳو ۽ ملي کي خيال هو ته ماني جهجهي کائيندو. پر شہ رانجهن اڳئي چيس ته: آءٌ رات جي ماني کائيندو ئي ڪو نه آهيان. ملي کي پڪ ٿي ته ماني نٿو کائي، ۽ وڃي به نٿو ته ڀلي نُک تي پيو هجي. شہ رانجهن هڪڙو الله ڪري ويهي رهيو.

چار چور به ڪي چوريءَ تي ويا هئا، تن کي چوري ڪا نه لڳي. تن سنجهي مان اچي مسيت جي دروازي تي سوال ڪيو ته: مسافر آهيون، خدا ڪارڻ ڪو ماني کارائي. شاه رانجهن کي قياس پيو. سندس ٻانهن ۾ سونو بازو بند ٻڌل هو، سو ٻانهن مان لاهي واٽ الله ۾ انهن چورن کي ڏنائين. تن وڃي دڪان تي ڏيئي، سيڌي جو سامان ورتو. دڪاندار کان پڇا ڪيائون ته: آهي ڪو اهڙو ماڻهو، جو اسان کي هي سيڌو پچائي ڏئي؟ دڪاندار چين ته: هتي چار بٺاريون آهن جي ماني پچائي ڏينديون آهن. چورن پڇا ڪئي ته: انهن جا نالا ڇا آهن؟ دڪاندار چيو ته: هڪڙيءَ جو نالو آهي ”ڪلڪل“، ٻيءَ جو نالو آهي ”جکڙ“، ٽيءَ جو نالو آهي ”کسکس“، ۽ چوٿين جو نالو آهي ”ٻُڪي“. چار ئي چور سوڻ ٻولائيندا هئا. تن دڪاندار کي چيو: چڱا ڏنئي پر نالا اسان کي نه وڻيا. دڪاندار چيو: ڇو؟ مسافرن چيو ته: ڪلڪل جنهن جو نالو آهي، سو پاراتي وارو نالو آهي. جکڙ، مائي ٺيڪ ناهي، ڪُتي واري جک هڻندي. کسکس جو مطلب، جيڪو ٽپڙ سامان هجي، سڀئي کسي وڃي. آهي ته بُڪي به ڏکي، ٻکين ڌڪين پئبو، ڪم ڪڍي وڃبو.

ٻڪيءَ جو بٺ پڇائي اتي آيا. سڏ اچي ڪين ته بيگاهه وقت ٿي ويو هو. هنن کي جواب مليو ته: بٺ ٺري ويا، دا لهي ويون، هينئر ماني پچي ڪا نه ملندي. اهو جواب ٻڌي شہ رانجهن وٽ مسيت ۾ آيا. شہ رانجهن کي چيئون: جهڙي مدد ڪئي اٿئي، اسان کي مانيون به پچرائي ڏي. شہ رانجهن گڏجي ٻڪي بٺاريءَ جي دروازي تي ۽ اتي بيهي بيت چوڻ لڳو:

چار فقير تي پنجوان مخاديم، ٻڪي! نئن گهر آئي
اُٿي وي ٻڪي بٺاري، تيڏا چڙهه چڙهه ديدا سايا.

ٻڪي بٺاري ٻانهيءَ کي ڏياري موڪليو. اها دروازي تي آئي ته شہ رانجهن تي نظر پيس. حسن ڏٺائين، حيرت ۾ پئجي ۽ اچي بٺاريءَ کي ٻڌايائين ته: اڄ هڪڙو مسافر آيو آهي، جهڙو حسن يوسف ماه ثاني. ٻڪي بٺاري چيو: وٺي اچينس. ٻانهي آئي ۽ پاڻ سان هن کي وٺـي اندر وئي. شہ رانجهن کي پنهنجي سيج پلنگ تي ويهاري ۽ پڇا ڪيائينس ته: مسافر! ڪير آهين؟ چوڻ لڳو: تخت هزاري آهيان. حج تي سنڀريو آهيان. ٻڪي چوڻ لڳي ته: آءٌ به پرکا سنڀريل آهيان، پر اوهان جهڙو ڪو راه رفيق پئي ڳوليان. الله ملايا آهيو. سڀاڻي اسان جي به تياري حج تي آهي. شہ رانجهن چيو ته: آءٌ مسڪين مسافر آهيان، راه جو خرچ ناهي. ٻڪي چوڻ لڳي: اوهان جي حياتيءَ جو خير هجي، آءٌ اوهان جي غلام، اوهان جو خرچ پاڻ سان کنيو هلنديس. شہ رانجهن چيو ته: مسافريءَ جون منزلون، اُڃون ۽ بکون، تون عورت ماڻهو، تڪلف توکان ڪانه پڄندي. ٻڪي چوڻ لڳي: اعتراض ۽ عذر نه ڏي. ٻڪي جي ڳالهائڻ منجهان شہ رانجهن معلوم ڪيو ته هيءَ ڪا مڇڏ ٿي ڏسجي. تڏهن شہ رانجهن چوڻ لڳو ته: آءٌ هاڻي هلي ٿو مسيت منجهه رهان. توهان کي جو ڪجهه ڪرڻو هجي، هن مهل ڪريو. فجر واري نماز پڙهي، سفر جو رستو وٺبو. شہ رانجهن اها ڳالهه ڪري ٻهر نڪتو. جيڏانهن جو هو تيڏانهن هليو ويو. سمجهيائين ته اها مونکي مسيت ۾ هوندس ته نه ڇڏيندي.

ٻڪي بٺاري، رات جي پيٽ ۾ اٿي پئي. لاڳاپي وارا ماڻهو، وڏا سيٺيون ۽ واپاري، انهن کي چيائين ته: فجر جو حج وينديس، مدد ڪرايوم. جن کان پئسا وٺڻ ۾ آيا تن کان پئسا ورتئين. جن وٽ پئسا نه هئا، تن کان زيور کنيئين، شاهوڪارن کان وٺي غريبن سوڌو اوڌر ورتئين. سون چاندي جي ڀري ٻڌي، کڻي آئي. اتي فجر ٿي ويس. ٻانهيءَ کي اماڻيائين ته ڏسي آءُ، مسيت ۾ مسافر آهي؟ ٻانهي ڏسي وري آئي، چوڻ لڳي ته: مسافر ناهي. ٻڪي بـٺاريءَ جي مڙس جو نالو هو ”چڍو“ ذات جو هو ”دايو“؛ اکين ۾ سور هئس. اکيون ٻڌو ستو پيو هو. ٻڪي انهي کي به اچي اٿاريو ته پنهنجو پرايو پئسو، ڳڻو، زيور رکيل هو، چور کڻي ويا پڇا ڪيائين: چور ڪيڏانهن ويا؟ ٻڪي چوڻ لڳي: مسيت ڏي ويا. هن کي ڪاوڙ لڳي. پنهنجو هٿيار کنيائين، جنهن هٿيار سان بٺ منجهان ٽانڊا ٻاهر ڪڍندو هو. اهو لوهه جو هٿيار، جنهن جو نالو هو ”ڪُنڍڻ“. شاعر چوي ٿو:

اُٿيا دايا چڍو، چا ڪي ڪنڍڻ آيا
ڪنهن غريب دا ڀڳس گوڏا، ڪنهن دا مار ٻٿاڙ وڃايا.

اهو ڪُنڍڻ کڻي آيو مسجد ۾. فجر واري نماز جو وقت هو، ڪي جماعتي نماز پڙهڻ آيا هئا. نماز بيٺي پڙهيائون ۽ سجدا پئي ڪيائون. چڍوءَ کي پڪ ٿي ته چور اهي آهن. مونکي ڏٺو اٿن، هاڻي پيا لڪن ۽ پيا اٿن ۽ ويهن. تنهن هڪڙي پاسي کان بيهي جماعت جي صف تي اهو ڪنڍڻ ٺڪاءَ ڪرايو، جو سمجهيائين ته چور به انهي صف ۾ هوندو. جماعت وٺي دانهون ڪيون. ماڻهو ڀڄي آيا ۽ فيصلو ڪري انهن مسافرن وارا پير کنيائون. پير ٻئي پاسي آيا ويا ۽ مار به آئي وئي. چوراڻو مال ٻڪي پاڻ کائي وئي، ۽ اُفواه هلايائين ته چور ڦري ويا.

شہ رانجهن سج وڃي اڀاريو درياء تي. ڏٺائين ته ٻيڙي درياه مان اچي پئي. ٻيڙي واري کي سڏ نه ڪيائين جو پاڻ کي بي سَمرو پئي سمجهيائين. توڪل تي لٽا لاهي، درياءَ ۾ پيو گهڙي. ٻيڙيءَ واري ميربحر جو نالو هو ”لُڏڻ جَهٻر“. نالو لُڏڻ، ذات جهَٻر. ان جون ٻه زالون هيون: هڪڙيءَ جو نالو هو ”موري“، ۽ ٻيءَ جو نالو هو ”موراکي“. موري ۽ مورا کي شہ رانجهن کي درياءَ ۾ گهڙندي ڏسي، لُڏڻ کي چيو ته: هيءُ ڪو مسافر چريو آهي، جو مولهاٽو ٻڌي درياءَ ۾ ٿو لهي. هڪل ڪري چوينس، بيهه ته ٻيڙي ڪاهي اچان، درياءَ ۾ ٻڏي ويندين. رات جو مير بحرڻين خواب ڏٺو هو ته چنڊ جهڙي صورت، درياءَ مان لڌي اٿئون. چوڻ لڳيون ته: خواب جي تعبير وارو اهو ماڻهو، سو هن کي سڏي ٻيڙيءَ تي وهاريائون. ٻيڙيءَ تي اڳئي سيج پلنگ تيار رکيا هئا. شہ رانجهن سمجهيو ته ڪا بادشاهي کٽ آهي، ۽ پڪ ٿيس ته ٻيڙيءَ وارو سُکيو ماڻهو آهي. شہ رانجهن کي چيئون ته: چڙهي پلنگ تي ويهه. رانجهن چوڻ لڳو: کٽ اوهان جي آهي، اوهين ويهو. مير بحر چوڻ لڳو: سائين! اسين انهي کٽ وارن جا غلام آهيون، کٽ اسان جي ناهي. شاه رانجهن چيو: تڏهن ڪنهن جي کٽ آهي؟ کلي چوڻ لڳيون ته: کٽ، هير شهزاديءَ جي آهي. شاه رانجهن دل ۾ خيال ڪيو ته درويشن جو ٻول سَٻول آهي. جئن کٽ ملي آهي، اميد آهي ته پاڻ ايئن ملي ويندي. بسم الله ڪري کٽ تي چڙهي ويٺو. پڇا ڪيئونس ته: ڪيڏانهن ويندين؟ رانجهن چيو: جهنگ سيال ويندس. پڇئونس: اتي ڪهڙو ڪم اٿئي؟ رانجهڻ چوڻ لڳو: هير جي ديدار جو خيال اٿم.

ميربحرن هن جون ڏاڍيون چاڪريون ڪيون. صدا ڪيئونس ته: ڪجهه الله جي ڏني مان اها ونجهلي وڄائي، اسان کي ٻڌاءِ هير جي کٽ ملڻ جي خوشيءَ ۾ اهڙي ونجهلي وڄايائين جو پاڻيءَ جا جانور نڪري کيس نهارڻ لڳا.

اتي ميربحر به مبارڪون ڏيڻ لڳس ته: هير جي ماڳ جا نشان ڏسجڻ ۾ پيا اچن. شاه رانجهن پڇيو ته: اهي ڪهڙا نشان آهن؟ چيئون ته: اِهو پپل پيو ڏسجي. شاه رانجهن پڇيو ته: سندس گهر اِهو پپل جي ڀرسان آهي ڇا؟ مير بحر چوڻ لڳا ته: اهو پپل سڏبو آهي ”ملڪاڻا“، جنهن ۾ پَٽ جون پينگهون ٻڌي، سٺ ساهيڙين سان پاڻ لڏي ٿي. ٻيڙو به پهچي ويو ته پاڻ روٻرا ڏٺئين ته چئن درويشن مان سبب سٺو ٿيو. جهنگو جهنگ ملاقات ٿي. هير به ڏسي حيرت ۾ پئجي وئي. ڪي سندس ساهيڙيون خوش طبيعت اهڙيون ئي هيون، جي چوڻ لڳيون ته: انهي سان محبت جي ملاقات رکجي ته ڏاڍو چڱو. هير خوش ٿي چوڻ لڳي ته: جنهن جي کٽ تي ويٺل آهي، اول حقدار اُها سمجهبي يا ٻيون سمجهجن؟ ته ٻيون ساهيڙيون کلي چوڻ لڳيون ته: جيڪا مرضي کٽ جي مالڪن جي. شہ رانجهن کي ڏسي گهڻي حيرت ۾ آيون ۽ ميربحرن کان پڇا ڪيائين : ته هي ڪير انسان آهي؟ ميربحر چوڻ لڳا: مائي هير! تنهنجي محبت کڻي، تخت هزارو ڇڏي، اوهان جي ملڻ ۽ ملاقات نصيب ڪرڻ آيو آهي. بنا ڪنهن سنج، ترهي، ٻيڙي جي پنهنجو پاڻ کي درياءَ ۾ اڇلايائين. پر اسان سندس صورت ڏسڻ جي لحاظ ڪري، ٻيڙي تي کنيو ۽ بادشاه سمجهي کٽ تي وهاريو اٿئونس. وڌيڪ اوهان پاڻ پڇي ڏسوس ته ڪير آهي.

هير پڇا ڪئي: اي مسافر! ڪير آهين، ڪٿي ويٺو آهين؟ چوڻ لڳو: شہ رانجهن نالو اٿم. تخت هزارو ڇڏي ونجهلي وڄائي، گدائي ڪري، تنهنجي زيارت نصيب ڪرڻ آيو آهيان. هاڻي ماريو توڙي جياريو. هير کلي چوڻ لڳي! سائينجن جي اچڻ جي احساني، ڳُڻن سان ڳايان ٿورو نه لاهيان. پر هاڻي جي منهنجي صلاح وٺين ته

 

مڃيندي نه هئي. آخر نتيجو هير ڏيکاريو ته: جي مال ڏنو اٿئي ڏج ۾ ته چاڪ به مونکي ڏي. مينهن به ايترو ضد ورتو جو شہ رانجهن کي ڦري بيهي رهيون.

جڏهن ڌڻين کي پڪ ٿي ته مينهون چاڪ کي ڇڏي وينديون ئي ڪين، تڏهن کيڙي خان چيو ته:  اهو چاڪ ئي اسان کي نه گهرجي. ڀلا جي مينهون نٿيون هلن ته اُهي ڪُهي، اُٺن جي ڪجاون ۾ گوشت کڻي هلون. هير چوڻ لڳي ته: ڏاج ۾ مُيُون ۽ وَيُون نه ڳڻائبيون آهن. اتي دنيا کي پڪ رهجي وئي ته هير جي چاڪ سان محبت پڪي آهي. هاڻي اهڙو ڪو طريقو ٺاهيو جو چاڪ پاڻ ئي ازخود ڪاوڙ جي هليو وڃي.

چاڪ کي اجازت ملي ته: تون ڀلي ڄڃ سان گڏجي وڃ، پر هير چوي ٿي ته چاڪ کي چئو ته منهنجي شادي وارو دهل پاڻ مٿي تي کڻي هلي، ۽ مڱڻهار ٿي وڄائيندو هلي. هو هير جي نالي اها جٺ منظور ڪري دهل کڻي هليو. هير کڻي ڏسي ته شاهه رانجهن دهل کنيو اچي، سندس جان مان پگهر نڪري آيو آهي. تڏهن گهونگهٽ کولي باآواز چوڻ لڳي ته: ڪنهن دهل کڻايو اٿئي؟ شاهه رانجهن چيو ته: تنهنجي نالي چيو اٿن، تڏهن کنيو اٿم. هير چوڻ لڳي: ڀڃ دهل. شہ رانجهن جي پاسي سان هڪڙو وڏو لاهه بيٺو هو، مٿي تي کنيل دهل، پاسيرو ڪري ڦٽو ڪيائين بنڊ تي. دهل ڀڳو ته هير چيس: تون وڃ هليو، تنهنجي بيعزتي ڪندا. هير جي چوڻ مطابق شہ رانجهن پنهنجي تخت هزاري روانو ٿي ويو، جو همدم هير جي محبت ۾ روئي روئي ونجهلي وڄائيندو، حالئون بيحال رهندو هو. هوڏانهن هير کي به بادشاهي سيج پلنگ، کاڄ طعام زهر هوندا هئا. کيڙي خان کي کَر کٻث کان سواءِ نالو نه وٺندي هئي ۽ پنهنجي محلات تي اچڻ نه ڏيندي هئس ته ڪا گهڙي ويهي آساس ڪري.

هير جي حقيقت اها هوندي هئي ۽ هوڏانهن شہ رانجهن کي به ڪئين فراق هوندا هئا. هڪڙي ڏهاڙي جوڳي ڏٺئين. جوڳي پنهنجو سپاهه، فقراءِ ۽ طالبن سان گڏ هو، جن مرليون پئي وڄايون. شہ رانجهن سمجهيو ته مون وانگي هي به درد جا ستايل آهن، جو هڙئي ٻيا مرليون وڄائين. سو روئي کانئن پڇا ڪرڻ لڳو ته: ڪٿان اوهان کي درد لڳو؟ انهن چيو ته: اسان کي پيٽ جو درد آهي، جو مرلي وڄائي، نانگ نپائي، پيٽ جي پورت ڪندا آهيون. تون خبر ٻڌاءِ ته ڇو ٿو روئين؟ شہ رانجهن چوڻ لڳو ته: مون کي هير جو عشق رئاڙيندو آهي. وري پڇيائونس ته: ڀلا هي هٿ ۾ ڇا کنيو اٿئي؟ شہ رانجهن چيو ته: هيءَ ونجهلي آهي. جوڳي چوڻ لڳا: يار! ڪجهه ته ٻڌاءِ! شہ رانجهن ونجهلي وڄائي، جوڳي سڀ خوش ٿيا. جيڪو سندن مک جوڳي هو، تنهن چيس ته: عاشق! ڪي چار ڏينهن مون وٽ رهه ته ڪي محبت جا منڊ سيکاريئين. اميد سان چوان ٿو ته هير توکي ملندي.

شہ رانجهن اڳئي رتل فقيرن مان هو، تنهن فقير جي شيوا ڪئي. ڪي محبت جا منڊ سکي پڪو ٿيو. اها ونجهلي ڦٽي ڪرائي مرلي سيکاريائونس، پوءِ پنهنجي جوڳي استاد ڏس ڏنس ته رنگ مٽاءِ ۽ ڪنن ۾ ڪُنڍل پاءِ. اهو لباس لاهي پنهنجي ڳل ۾ الفي پاءِ؛ ۽ مُک ۾ مرلي ڪر. پوءِ هليو وڃ هير ڏي! شہ رانجهن ڪَن ڦڙائي ڦيٿا وڌا، ۽ جوڳي جي رنگ ۾ ٿي رنگپور ۾ آيو.

شہ رانجهن ڪو به ڪم ڪندو هو ته عشق ۽ محبت سان ڪندو هو. جي صرف مينهون چاريندو هو ته به محبت سان چاريندو هو، جنهنڪري مينهون ساڻس ايترو ته ٻڌل هونديون هيون، جو سڀڪو چوندو هو ته شہ رانجهن، مينهن جو مرشد آهي. وري مرلي به ائين وڄايائين، جو بنان ڪنهن منڊ حساب جي نانگ ۽ بلائون سُر ۾ ئي ريجهي، شہ رانجهن وٽ ويهي رهنديون هيون. انهن مان هڪ بلا هٿ ڪيائين، جنهن کي ”چُوڙ سگ“ ڪري چوندا هئا، اهو کاري ۾ نانگ کڻي، هير جي دروازي تي ويهي مرلي وڄائڻ لڳو. ٻن پهرن جو وقت هو. هير جي ڪنن تي آواز پيو، تنهن جي عشق جا نار وهڻ لڳا ۽ ٻانهي کي چوڻ لڳي: وڃي ٻاهر ڏس ته ڪير ٿو مرلي وڄائي؟ ڀلا جي گداگر هجي ته خيرات ڏينس، چوينس ته هتي مرلي نه وڄائي، جو منهنجا سُتل سور جاڳايا اٿس ۽ بي آرامي اچي وئي آهي. ٻانهي ٻاهر نڪري آئي. خيرات کڻي فقير کي ڏيڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته: فقير! مرلي نه وڄاءِ. جوڳي چوڻ لڳو ته: جيسين خيرات نه ملندي، تيسين مرلي بند نه ڪندس. ٻانهي چوڻ لڳي: خيرات آءٌ کڻي آئي آهيان. وٺ وڃ هليو. جوڳي چوڻ لڳو: تو کان بکيا نه وٺندس. محل جي مالڪياڻي پاڻ بکيا ڏي. اها حقيقت ٻانهي هير سان اچي ڪئي، ته:

مايوڙي! هڪ جوڳي آيا هي لال مرلي والا

بکيا ڏينديان، نهين گهندا، تئين هير سندس هي وڻجارا

اها حقيقت ٻڌي، هير ڀڙڪو کائي اُٿي، دروازي تي آئي ۽ شہ رانجهن کي ڏسي صحيح سڃاتئين، پڇا ڪيائينس: جوڳي! ڪنهن ولات مان آيو آهين؟ ڏسي چوڻ لڳو: تخت هزاري جو آهيان. پڇيس ته: ڇو آيو آهين؟“ چئي: هير ڏسڻ آيو آهيان. اها ڳالهه ٻڌي هير کلڻ لڳي ۽ شہ رانجهن کي چوڻ لڳي ته: هينئر مون کان پري ٿي نه ته منهنجو هنيون ڦاٽي پوندو، جو منهنجي محبت ۾ تو اهڙا حال ڪيا آهن. شہ رانجهن چوڻ لڳس ته: اهي سڀ تنهنجي ڪري، هاڻي اٿئي تنهنجي مرضي. هير چوڻ لڳي ته: منهنجون مرضيون الله پوريون ڪندو، مگر جيئن تون چوين، تيئن ڪريان! شہ رانجهن پنهنجي گودڙي مان کاري ٻاهر ڪڍي، جنهن ۾ نانگ ويٺل هو، هن کي چيائين: خوف نه ڪجئين. کائيندو ڪونه. سمجهه ته ڄڻ رسي کنيو وڃان. پنهنجي محلات ۾ وڃي رک. آءٌ وڃي ٿو هيڏانهن وهان، پوءِ کيڙو خان اچي ته ان سان کلي ڳالهائجانءِ. هير چوڻ لڳي ته کيڙي سان دل کلي ته منهن به کلي، پوءِ آءٌ ڇا ڪريان، کلڻ ڪونه اچي. شہ رانجهن چيس ته: نتيجو اهو ٺاهه، پوءِ جڏهن کيڙو خان نڪري وڃي ته پنهنجي جان کي هيڊ مکجانءِ، ۽ پنهنجي هٿ ۽ چيچ کي پٽ جا سڳا ٻڌي، ٻه ٽي سيون پنهنجي چيچ ۾ هڻجانءِ جيئن ثابت رت سمي پوي. پوءِ نانگ ظاهر کولي ڇڏجئين ۽ کيڙي خان کي گهرائي چئجان ته نانگ کائي ويو. کيڙو خان ايندو، روبرا ڏسندو، کيس پڪ ٿيندي ته هن کي برابر نانگ کائي ويو جو منهن به ڦري ويو اٿس. پوءِ تون چئجانس ته اهڙو ڪو جوڳي آهي جو منڊ رکي، زهر کڻي. نه ته مري وينديس. اها صلاح ڪري شہ رانجهن وڃي ڳوٺ کان ٻاهران، ڪنهن وڻ جي وسندي ۾ دونهين دکائي ويٺو. هير نانگ کڻي پنهنجي محلات ۾ لڪائي رکيو. کيڙو خان به گهر آيو. هير جيڪا کيڙي کي مُنهن نه ڏيکاريندي هئي، سا اٿي ۽ رواجي طور کلي، چنبو چنبي ۾ ڏيئي کٽ تي ويهاريائينس. کيڙو خان، هير جي اها روش ڏسي ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي، اٿي نچڻ ۽ پنبڻ لڳو، ۽ خوشيءَ مان گهر جا ٺڪر ڀڃڻ لڳو. هير به ساڻس انگل ڪرڻ لڳي ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ لڳي. آخرڪار کيڙي خان کي هير ڪنهن بهاني سان گهر مان ڪڍي روانو ڪيو.

هيڏانهن رانجهن به هير سان صلاح مشورو ڪري پنهنجي جاءِ تي آيو. پنهنجا ويس وڳا، حال ڌاڳا، گودڙي ۾ لڪائي ڇڏيئين، ۽ لڱ اگهاڙا ڪري ويهي رهيو. پر جيڪي هير جي عشق ۾ ڪنن ۾ ڪنڊل پاتا هئائين، اهي ڪين لاٿائين، باقي لنگ هڻي ڇيڻا چونڊڻ شروع ڪيائين. وڏو هڪڙو کرڙ ڪري، ان کي باهه ڏنائين ۽ دونهين واري پاسي پٺا ڪري، هير جي محبت ۾ مچ ٻاري ويهي رهيو.

ٻئي ڏينهن هير به پنهنجي عاشق جي ڏنل صلاح جو بندوبست ڪيو. ٻانهي جيڪا ساڻس اڳئي صلاحڪار هئي، تنهن کي چئين ته: نانگ ڪنهن تس لوٽي ۾ وجهي، بند ڪري رک، متان ڪيڏانهن ڀڄي نه وڃي، پوءِ وڃي رنگ پور جي شهر مان زردو رنگ وٺي آءُ. پوءِ پنهنجي ساڄي ٻانهن جي ڏونري ۾ ڇڪي پَٽ جا ڌاڳا ٻڌائين، جنهن جي تاب کان ٻانهن سڄي رت ۾ ڀرجي ويس. تيسين ٻانهي رنگ پور جي بازار مان هيڊ، زردو رنگ وٺي، هير جي جان کي مکڻ لڳي. هير، رانجهن جي محبت ۾ پنهنجي سڄي هٿ جي آڱرين ۾ سُيون هڻڻ شروع ڪيون. تيسين نه هٿ جهليائين، جيسين سڄي ٻانهن جو رت خلاص ڪيئين. گهر جا ڪنڊون پاسا، اڱڻ سڀئي وسائي نشان بنايائين ۽ پنهنجي بستري تي به رت لڳايائين. پوءِ ٻانهي کي چيائين ته: هاڻي وڃي کيڙي خان کي ڄاڻ ڏي ته هير شهزادي کي ڪا بلا کائي وئي، جنهن ۾ جيئڻ جو ڪو امڪان ڪونهي، ۽ ”کيڙو خان، کيڙو خان“ پئي پويس.

اها خبر ٻڌي کيڙي خان جي جان مان پگهر نڪري آيو ته ”يا الله سائين! تون بچائجئينس، ڪالهه کلي ڳالهايئين ۽ اڄ جنهن کي بلا کائي وئي“، اهي اُلڪا اوسيڙا ڪندو، پنهنجي جاءِ تي آيو. هير کي چيائين ته: ڪجهه ڳالهاءِ، اکيون کولي مون کي ڏس، ڇا ٿي ويو؟ هير فرياد ڪئي: تنهنجي اک چڙهي وئي آهيان، نظرو اٿئي. هاڻي ڪر ڪو بلو. باقي ڪنهن آفت جي کاڌل آهيان، ڪنهن جهوني جوڳي کان سواءِ ڪو مشڪل چاڙهو ٿيندو.

اهو حال ڏسي کيڙي خان پڇا ڪئي ته: ڪهڙي ضرورت تو کي پئي جو بلا تي وڃي پئين؟ اها بلا ڪيڏانهن وئي؟ هير وڏي ادب ۽ دلداري سان چوڻ لڳس ته: سائين! پنهنجي گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ جي ارادي ۾ اٿي، پنهنجي گهر جي ٿانون ۽ ٽپڙن جي سنڀال پئي ڪيم. ٿانۡوَ کڻڻ مهل ڌڪ لڳو ۽ واڪو به ٿيو، انهي واڪي ۽ ڦوڪي ۾ آءٌ بيتاب ٿي ڪري پيس. اها بلا ڏٺيم جيڪا انهن ٿانون ۾ ئي لڪي گم ٿي وئي. پوءِ بيتابي ۾ آءٌ سڄي گهر ۾ ليٽي آهيان. جڏهن ڪجهه هوش آيو اٿم، تڏهن ٻانهي کي چيم ته کيڙي خان کي وٺي آءُ ته اها آفت ڳولي، سڃاڻي ۽ ماري. اها ڳالهه ٻڌي کيڙي خان پنهنجا همراه گهرائي، لٺ کڻي اندر محلات ۾ ڳولا ڪئي. نانگ هٿ جو ڦٽو ڪيل هو، اهو ته ويچارو منڊ ۾ ئي مجبور ٿيو هڪڙي جاءِ تي ويٺو هو. تنهن کي ڏسي، هڻي ڏنڊو، ماري ڪنهن کاري ۾ لڪائي رکيئون ۽ ڪنهن جهاڙ واري مانڊي جي ڳولا ۾ جاچ ڪرڻ لڳا. پري کان ڏسڻ ۾ آين ته ڪو درويش دونهون دکايو ويٺو آهي. مرلي ويٺو وڄائي، ۽ ڪَنن ۾ ڪُنڍل پيا ڏسجڻ ۾ اچنس. سندس مٿان اچي سلام ورائيون ۽ ڏٺئون ته جوڳي ڪو ڏکارو ۽ درد جو گهايل آهي، جو اکين مان آب ويٺو هاري. جوڳي کان پڇئون ته: درويش! نالو ڇا اٿئي، ۽ ڇو پيو روئين؟ ڪو ڏک اٿئي يا دونهون آيو اٿئي؟ شہ رانجهن کين چوڻ لڳو: ادا! فقير جي جوڳ ئي انهي رمز جي آهي. سمجهيئون ته درويش ڪو وڏو آڌوتي ٿو ڏسجڻ ۾ اچي. شاهه رانجهن کي چوڻ لڳا ته: ڪنهن جهاڙ، سڳي ڦيڻي مان ڄاڻين؟ ته شاه رانجهن چوڻ لڳو: ته جهاڙ واري جاءِ تي فقير جا دعا سلام ڪم ڪندا آهن. ٻيو ڪو ڪم ڪار ٻڌايو. جوڳي کي چوڻ لڳا ته: شهزادي هير ڪکجي پئي آهي، تنهن جي لاءِ ڪا مهرباني ڪريو، سڳو ڦيڻو ڏيو ۽ ڪا جهاڙ هلي پڙهو. بچي ٿي پوي ته توکي سڀڪجهه ملندو. جوڳي پڇا ڪئي ته: اها هير ڪير آهي؟ ته چيائونس: رنگ پور جي کيڙي خان جي راڻي آهي. اها ڳالهه ٻڌي شاه رانجهن پنهنجي ڪَنن جي ڪُنڍلن تي هٿ رکي چوڻ لڳو ته: سائين! توبهه توبهه. اسان درويش اهڙو ڪم نه ڪندا آهيون. مون کي اُلڪو ٿيو ته ڪو مسڪين آهي. بادشاهن جي ڪمن ۾ اسان فقيرن جو نڪي اچي نڪي وڃي. ڇو ته هو لاغرض بيپرواه ۽ شڪ شُبهي وارا ماڻهو آهن، ان ڪري ڪم نه ٿي سگهندو. شہ رانجهن جواب ڏنو. انهن ماڻهن اچي کيڙي خان کي چيو ته: جوڳي ڏسي آيا آهيون، درويش آهي، ڪنهن پير استاد وارو، جنهن جو سڳو ڦيڻو سلامن تي ڪم ڪري، پر اوهان جي ڪم لاءِ انڪار ٿو ڪري. وري ڪنهن ٻئي مانڊي جي ڳولا ڪريو.

ڳولا ۾ ڪئين مانڊا هٿ ڪيئون. پر ڪنهن جي جهاڙ مان اثر پيدا ٿيو ئي ڪونه. هير کيڙي خان کي چيو ته: آءٌ وڏي ڪنهن آفت جي کاڌل آهيان. هي مانڊا ويچارا، وڇون جي جهاڙ مان به ڪو نه ڄاڻن، اهي وٺي آيو آهين، ڪنهن جوڳي کان سواءِ هي جهاڙ اثر نه ڪندي، متان تون منهنجي مرڻ مان راضي آهين. ڪيئن به ڪري ڪو جوڳي آڻ. کيڙي خان هير کي چيو: جوڳي هٿ ڪيو اٿئون، پر اهڙو بي مراد آهي جو ڪنهن وڏي ماڻهو، آبرو ۽ عزت واري جو ڪم ئي نٿو ڪري. ته هير چيس: تون پاڻ ويو هئين؟ کيڙي خان چيو ته: نه، منهنجا نوڪر ويا آهن. ته هير چيس: جيسين وڃي نه پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي. ڪم تنهنجو آهي، نوڪرن جو ناهي، پنهنجي گتي لاءِ کر کي باپ ڪبو آهي. پيرين پئي ان مان ڪم ڪڍبو آهي. ڪيئن به ڪري هٿين پيرين پئي وٺي اچينس، جيئن جوڳي چوي، انهي ڳالهه جي پابندي ڪر. جي توکي اها ڳالهه پسند نه آهي ته آءٌ پاڻ جوڳي وٽ وڃان! اها ڳالهه ٻڌي کيڙو خان شہ رانجهن وٽ آيو. جوڳي کي چيائين ته: فقير! آءٌ توهان وٽ هلي آيو آهيان، رنگپور جي شهر جو والي. مهرباني ڪري منهنجو ڪم ڪر. شهزادي کي ڪا بلا کائي وئي آهي، جنهن کي ڪو مانڊو اثر نٿو آڻي جو فرحت اچي. اسان اول توکي گهرايو، پر تو غور نه آندو، هاڻي آءٌ پاڻ هلي آيو آهيان. مهرباني ڪري اوستائين هل. شاه رانجهن چوڻ لڳس ته: ڪم هوندو آهي ڪنهن مسڪين جو، غريب کي جيئن چئبو، تيئن ڪندو. پوءِ ته انهن ۾ ايڏي پرهيزگاري، رک ۽ شڪ شبهو ڪونهي. پوءِ ائين فقيرن مان اهي ڪم وٺيو وڃن. وڏا ماڻهو لاغرض هوندا آهن، جيڪو ڪم وٺي نه ڄاڻن، انهي ڪري پنهنجو نيڪ نه وڃائبو. کيڙو خان ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو ته: الله سائين اوهان جي علم ۾ برڪت وجهندو. اسان جا سائين آهيو. جيئن چوندا تيئن ڪنداسون. رڳو قرب جا ٻه پير ڀري هلي ڏسو. شہ رانجهن چوڻ لڳس: ايتري جي تڪليف ڪئي اٿئي، ڏسڻ ۾ لهي آءٌ به ڪو نه ويندس. پوءِ کيڙو خان جوڳي کي ساڻ وٺي پنهنجي محلات ڏي روانو ٿيو.

جنهن مهل لکي دروازي تي آيا ته جوڳي، کيڙي خان کي هڪل ڪئي ته بيهه سائين بيهه! آءٌ ڪا خبر وٺان. کيڙو خان چوڻ لڳو: درويش! هتي ڪهڙي خبر پوندي؟ اندر هليو. جوڳي چوڻ لڳو ته: کيڙا خان! جيئن توکي پنهنجي رنگپور جي خبر آهي، تيئن اسان درويشن کي به پنهنجي رنگ جي خبر آهي. اوهان ماڻهو پرهيزگار آهيو منهنجي هلڻ مان متان اوهان کي ڪو غصو گمان پيدا ٿئي. سندس حقيقت اوهان کي آءٌ هن دروازي تي ٻڌايان ٿو. اها ڳالهه ڪري جوڳي دروازي جي چائنٺ تي سڄو هٿ رکي، ورائي پنهنجي هٿ تي سنگهڻ لڳو، ۽ کيڙي خان کي چوڻ لڳو ته: چُوڙسگ نانگ جي کاڌل آهي، جنهن جو چاليهه ڏينهن مُدو رهندو آهي. هي ڪم مون کان زور آهي، مون کي معافي ڏيو. باقي هير جو بچڻ محال آهي. کيڙو خان، جوڳي کي چوڻ لڳو ته: پنهنجي پير اُڇل کي مڃ ۽ اندر هل. روبرا حال هلي ڏس. جوڳي چيو ته: مون کي هتي ئي معلوم آهي. منهن سڄو ڦِڪو ۽ زردو ٿي ويو آهي. جي ائين نه هجي ته آءٌ ڪوڙو جوڳي آهيان. کيڙي خان چيس ته: سائين! اوهان جو ڏسيل ڳالهيون، سڀ بلي لڳيون. مهرباني ڪري روبرا اندر هلو. جوڳي چيو ته: مون کي روبرا وٺي مَاين جو ميڙ ڪري مون کي ڦاسائيندين. هي چاليهن ڏينهن جو ڇلو آهي، سائين کي تڪليف ڏسڻ ۾ ايندي، تنهنڪري ڪو ٻيو بندوبست ڪريو. کيڙي خان کي پڪ ٿي ته فقير کي الله چڱي مز ۾ وجهي. فقير سچو ڏسڻ ۾ ٿو اچي. فقير کي کيڙي خان چيو: جيئن تون چوندين، تيئن ٿيندو. تنهن ۾ تون ڪو دليل نه آڻج. کيڙي خان، جوڳي کي مجبور ڪري هير جي روبرا آندو. هير ويچاري ٻانهون ٻڌي، جوڳي جو وڏو استقبال ڪري، اکين مان آب آڻي، سِر نمائي، چوڻ لڳي ته: فقير! هن بادشاهي جو تون پاڻ کي مالڪ سمجهه ۽ مون بي نصيب جو نصيب کول. دعا ڪر ته فيض اچي. رانجهي جوڳي کلي چيو ته: سانئڻ! هي چاليهن ڏينهن جو ڇلو آهي، وڏي محنت آهي، وڏي ڪمائي آهي، وڏي تڪليف آهي، جا اوهان کان شايد برداشت نه ٿي سگهندي. ڪو مسڪين غريب هجي، جيئن هن کي چئجي، تيئن ڪري. فقير جو ڦيڻو دعا اثر ڪري. هِت جيڪو چئبو، سو ڪلر ۾ ٻج هاربو. چوڙسنگ جي چَڪيل آهين، آءٌ فقير بيوس آهيان. کيڙو خان ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو ته: پنهنجي الله ڏي ڏس، ۽ گُر پير ڏي ڏس. جيئن فرمائيندين تئين تائبا ڪبا. جوڳي چوڻ لڳو: کيڙا خان! ايترو يقين ٿا ڀانيو ته پوءِ پنهنجي ڳوٺ کان پري، هڪ بند جاءِ جنهن کي اسين ڪبوتر خانو چوندا آهيون، اها جاءِ تيار ٿيندي، جنهن ۾ جوڳي ۽ مريض رهندو ۽ ٻيو انسان انهي ڪبوتر خاني کان سڏ پنڌ جو پري بيهندو. چاليهه ڏينهن چاليهه راتيون ڪڙو چاڙهي جهاڙ رکبي. تنهن ۾ مريض کي ۽ جوڳي کي ضروري شيءِ آڻي ڏيڻ وارو سڏ پنڌ تي رکي پاڻ هليو ويندو. انهي سڌ پنڌ تان جوڳي پاڻ کڻي انهي ڪبوتر خاني ۾ مريض کي ڏيندو؛ ۽ جي مريض کي انهن ڏينهن ۾ ٻيو ڪو ماڻهو رڳو ڏسندو ته منڊ نه لڳندو، ڪيل ڪمائي برباد ٿي ويندي، مريض کي تڪليف رهندي.

جوڳي جي اها خبر ٻڌي، کيڙي خان يقين ڪيو ته جيڪا رنگپور جي بادشاهي ڇڏيو ويٺي آهي، سا جوڳي سان ڪيئن نينهن لائيندي. کيڙي خان، جوڳي کي چيو ته: جيئن فرمايو ٿا، تيئن شڪر الحمد ٿا ڪريون. جوڳي چوڻ لڳو ته: چڱو، منهنجي چوڻ ۾ رهندين ته هير کي ڪائي تڪليف الله نه ڏيندو. هاڻي دير نه ٿئي، ڪبوتر خاني جي تياري ۾ ماڻهو لڳاءِ. اڄ ڪم تيار ٿي وڃي، سڀاڻڪو ڏينهن نه گهرجي. کيڙي خان پنهنجا ڪامي حڪم ڏيئي گهرايا. انهن کي چيائين ته: هاڻي جيئن جوڳي اوهان کي چوي انهي فرمان تي پورا رهجو. جوڳي چوڻ لڳو ته: کيڙا خان، هتي ڪو اهڙو درياءَ جو ٻيٽ، ڪا ڍنڍ، ڪا ڪنڌي آهي يا نه؟ چيائونس: هائو سائين! هتي درياءِ جو ڪنارو آهي. چيائين: هتي لئي جي لاڪڙ گهرجي، جو ان مان وڏو پلويڙو تيار ڪبو. ان جي اندر هير جي رهڻ موافق جاءِ تيار ڪرايو. منجهس ڇٽڪارون ڪرايو، اهو ڪم تيار ڪرائي اچو، ۽ اچي احوال ڏيو. تيستائين استاد پير جي ڏنل دعا برڪت سان پاڻي پڙهي ٿو ڏيان، استاد کي سنڀاري، ۽ وڏي پير جي يقين جو هڪ سڳو ٿا ٻڌون؛ جي دل سڌير ٿي وئي، آرام اچي ويو ته فيض ڏسڻ ۾ آيو. پاڻي پڙهي ڏنائين. ڪامي پنهنجي ڪم تي وڃي شروع ٿيا. ڪم ڏينهڪ تيار ٿي ويو. هير اهي ڳالهيون ٻڌي دل کي آرام ڪرايو. کيڙو خان به خوش ٿيو ته فقير وڏو ڪو ويرناٿ ڏسجي ٿو.

ٻئي ڏهاڙي تي پاڻ پنهنجي سر رانجهن جوڳي سان گڏجي، ٺهيل سرزمين تي آيو، جا رنگپور جي شهر کان جوڳي جي ڏنل ڏس موجب ميل پنڌ جو پري هئي. جڏهن سرزمين تي آيا، رانجهن جوڳي ڏسي چوڻ لڳو ته: ڪم سڄو سچو آهي. پوءِ هڪڙو هنڌ ڏسيائين ته هتي هڪڙو ٽِٻو ٺاهي ڇڏيو. بس اهو نشان پڪو آهي، ماڻهو جيڪو ماني کڻي اچي، مرد نه گهرجي، عورت هجي. شادي شده به نه هجي، ۽ مٿس ڪو نالو رکيل به نه هجي، اهو ماڻهو ماني رکي ٽِٻي وٽ ٽي سڏ ڪري، پوءِ هليو وڃي. آءٌ پاڻهي ماني کڻي، پاڻ به کائيندس ۽ مريض کي به کارائيندس، وري ٻيءَ مهل تي اهو ساڳيو ماڻهو کاڌو کڻي ايندو ۽ اڳ جا ڏنل ٿانء واپس کڻي ويندو. هاڻي شهزادي هير کي باپرهيز کڻائي هن جاءِ ۾ داخل ڪريو.

کيڙي خان چيو ته: سائين! هينئر ئي حاضر آهيون. جوڳي چيو ته: رات ماءُ جو پيٽ آهي. ڪنهن غير جي نظر کان ماڻهو محفوظ رهندو. ڪا تڪليف نه ايندي. پوءِ استاد جي حڪمت سان هڪڙو منڊ لهندو ٻيو چڙهندو، ڏينهان ڏينهن شفا ڏسڻ ۾ ايندي. آخر سج لٿو، رات پئي. شهزادي هير کي وڏي ڪوشش سان ۽ پرهيزگاري سان، آڻي انهي ڪبوتر خاني ۾ داخل ڪيائون. رانجهو جوڳي اڳئي اتي پنهنجو مچ مچايو ويٺو هو. جوڳي پڇا ڪئي ته: شهزادي هير! ڪجهه فيض ڏسڻ ۾ اچي ٿو يا نه؟ هير چوڻ لڳي ته: سائين! پاڻي پڙهي ڏنو اٿو، ان کان پوءِ سمجهان ٿي ته زهر جو ته خيال ڪونهي، پر ننڍي ٻار جيتري دل سڌير اٿم. کيڙو خان چوڻ لڳو ته: ننڍڙي ٻار جي دل جو نمونو ڇا آهي؟ هير وراڻي ڏني ته: ڳهلا! توکي خبر آهي ته ننڍو ٻار، بي ميار، نه اُلڪو نه اوسيڙو. تڏهن رانجهن جوڳي ورندي ڏيڻ لڳو: اهو استاد جي ڏنل علم جي هڪ ڪنهن سُرڪي جو فيض ٿيو آهي. اڃا سڳي جو ته ڦيڻو ڪو نه پڙهيو اٿئون، نه ڪنهن جهاڙ جو شوڪارو لڳو آهي، ۽ اوهان کي مبارڪون هجن، جو انهي بلا جو زهر سڄو فقير جي قبضي ۾ قيد آهي.

بس؛ کيڙي خان کي موڪل ملي ته هاڻي هتي اوهان جو رهڻ يا بيهڻ ناجائز آهي، ۽ ٻاهران ڏنل رک ۽ ڪَڙي جي اوهان کي پارت آهي. هن طرف ڏي ڪو ماڻهو ۽ مال پر ڪو ننڍو ٻار، سواءِ هڪڙي انهي ماڻهو جي، جيڪو ماني ٿو آڻي، سڀڪو جا بجاءِ ٿي ويو. شاهه رانجهن ته تخت هزاري جو صاحبزادو، استاد جو ڏنل ذڪر هو. جوڳي ڪو نه هو، هير جي عشق ۾ پنهنجي بره جا باب گذارش ڪرڻ لڳو. خوش ۽ سکيو وقت ويٺي گذاريئين. انهي محبت جي مجلس ۾ عاشق ۽ معشوق صلاحڪار ٿي، پهه پچائي، وڃڻ جي لاءِ ڪي ڏينهن ۽ تاريخون ٻڌڻ لڳا. توڪل جو ترهو اندرواندر تيار ڪرڻ لڳا. اتي جيڪي لئيءَ جا لاڪڙ رکيل هئا، ٻيا انهن سان ڪک ۽ ڪانۡهن گڏ ڪري، نوڙ وٽي، وڏو هڪڙو ترهو تيار ڪيائون. ٻانهي کي امر هوندو هو ته هن ٽِٻي کان اڳتي نه وڃجانءِ. امر بجا ڪري، سڏ ڪري، ماني رکي، اڳ وارا ٿانو واپس کڻي ويندي هئي. کيڙو خان هر وقت پڇا ڪندو هو ته: جوڳي ملندو اٿئي؟ هير خوش آهي؟ ته اها ٻانهي چوندي هئي ته: سائين! آءٌ ويندي آهيان ته اتي صرف ڏسندي آهيان ته ماني جا ٿانو ٺلها پيا آهن ۽ هڪ انسان جا پير ايندڙ ويندڙ جا واريءَ جي ٻيٽ تي نيشان آهن، ٻئي حيوان ۽ پکي جو پير ناهي.

اهي ڳالهيون ٻڌي، کيڙو خان نهايت خوش ٿيندو هو ۽ سمجهيائين ته جوڳي پنهنجي ڪم جو پورو پورو حفاظتي آهي. هنن توڪل جو ترهو تيار ڪيو ۽ پاڻ ۾ صلاحڪار ٿي، بسم الله ڪري، سج لٿي جو ماني کائي، ”ٻاٻل ٻيڙي، ڌڻي امان“ ڪري اچي ترهو پاڻيءَ ۾ وڌائون. عاشق ۽ معشوق ٻئي چڙهي ويٺا. سي جيڏانهن جا تيڏانهن روانا ٿي ويا. درياه جو بحر الائي ڪيڏانهن کڻي وين. ٻانهي روز ماني آڻيندي هئي. ٽي سڏ ڪندي هئي، سڏ ملندو هو، يا نه ملندو هو ڳالهه جو ڪو اعتراض ڪو نه هو. ٺلها ٿانو واپس کڻي ايندي هئي. انهي مهل به عاشق معشوق ٺلها ٿانو ڦٽا ڪري ويا هئا، جي کڻي آئي. ورائي جڏهن ٻئي وقت تي آئي ته انهي ٽٻي وٽ ٺلها ٿانو رکيل ئي ڪين هئا. تنهن ۾ ڪجهه عرصو به گذري ويو. هي ٻئي ته درياه جي بحر تي چڙهي ڪيڏانهن هليا ويا. ورندي خبر ٻانهي وڃي کيڙي خان کي ٻڌائي ته: ماني ڏيئي آئي آهيان، اڳي خالي ٿانو کڻي ايندي هيس، هن وقت ٺلها ٿانو مون کي ڏسڻ ۾ ڪين آيا ٻيهر وقت تي وينديس، پوءِ وري وقت ٿانو کنيو اينديس.

ٻئي وقت تي به ٻانهي وئي، مگر ٺلهي موٽي آئي. کيڙي پڇا ڪئي ته: ٻانهي! ٿانو کڻي آئين؟ ٻانهي چيو ته: سائين! اڳ ۾ ٿانو ملندا هئا، هاڻي ڪين ٿا ملن. جيڪا ڪالهه ماني رکي آئي آهيان اها به واپس ورائي کڻي آئي آهيان. اتي کيڙي خان کي دل جو ڌڪ لڳي ويو، پڪ سمجهيائين ته رانجهو جوڳي نه هو، پر تخت هزاري جو رانجهن هو، جيڪو هير کي کڻي ويو. تنهن به پنهنجا ماڻهو چئني طرفن ڊوڙايا، ته رند راهون ڏسو، چارئي طرف نهاريو، هي جوڳي ڪيڏانهن ويو ۽ هير کي به پاڻ سان وٺي ويو. ڪنهن چيس ته: سائين! سالڪ چوندا آهن ته ”هڏئون ڏيئي هڻاءِ ته ڏيئي مجرا“ توکي خبر آهي ته زر ۽ زال جنهن وٽ رهي، ان جي هاڻي جيترو لڇندين پُڇندين، بدنام ٿيندين. اسان توکي چوري سگهياسين. اسان ماڻهن وٽ ڪي پينو فقير ڍاري وارا ايندا آهن، جن وٽ وڃو ٻار ٻچا ميڙا ڪن، ڍارا پيا پڇندا ته به اسان ماڻهو انهن مان نفرت ڪندا آهيون، ته متان ڪو اسان جي ٻارن جو هٿ پير ڏسي! تو ته خاص هن کي جاءِ بند ڪري، آزادي سان درياءَ جي ڪنار تي وهاري، ڏاڍيون مهمانيون کارائي، ڏاج، خرچ پکا ڏيئي، روانو ڪري، وري اسان تي ٿو تڪليفون رکين! اڃا به جهنگ سيال ڏي تاڪيد ڪريو، اوڏانهن پڇا ڪريو ته ان جي مائٽن کي خبر پوي، اهي ڳولا ڪن ته ڀلي ڪن.

اها صلاح ٻڌي کيڙو خان پاڻ تيار ٿي، جهنگ سيال هير جي پيءُ مهر چوچڪ وٽ آيو ۽ سڄي حقيقت پيش ڪيائين ته: هن طريقي سان بلا کائي وڌي، رانجهي نالي جوڳي چيو ته آءٌ جهاڙ رکندو آهيان، تنهن درياه جي ڪنار سان هڪڙو ڪبوتر خانو ٺهرايو، اُتي جهاڙ جو ڪم شروع ڪيائين. اچڻ ڪنهن کي به ڪو نه ڏيندو هو. هڪ هفتو کن رهيل هو؛ پوءِ خبر پئي ته جوڳي ۽ هير الائي ڪيڏانهن ويا هليا. دليل آيم ته متان مائٽن ملڻ وئي. تڏهن مهر چوچڪ چوڻ لڳس: توکي خبر آهي ته اهو رانجهو تخت هزاري جو صاحبزادو آهي، جنهن هير جي محبت ۾ منهنجون مينهون چاري، هير سان نينهن لاتو. چاڪ سڏائي، منجهيون چاري، وقت گذاريائين. سو جوڳي جو ويس پائڻ ته هن کي سولو هو. هير ان سان وئي، يا تو گم ڪئي، هاڻي وري اسان کي برگ ڀرڻ آيو آهين. آءٌ پڇا ڪري، توکي هينئر پڪ وٺي ٿو ڏيان.

مهر چوچڪ جھنگ سيال جي کٿاب جا ڇوڪرا گهرايا ته اوهان کي مهر چوچڪ گهرايو آهي. ڇوڪرا جماعت ڪري گڏجي آيا ته اڄ ڪا خيرات هوندي. ڏاڍا ڀت ۽ مٺايون کائينداسون. ڏٺائون ته مهر چوچڪ بيـٺو آهي. ڇوڪرن پڇا ڪئي ته: سائين! ڪٿي آهي ڀت ۽ مٺائي؟ مهر چوچڪ چيو: هر روز نڪي آهن ڀت، نڪي آهن مٺايون. اندر هڪڙو کر کٻيث شيطان نموني ويٺو آهي، ان کي ٺڪر ڀتر هڻي ڊوڙائي ڪڍو. الله ڏئي ۽ بندو سهي. اچي ڇوڪرن وارا ٻڌس ۽ بوهيارا ڪيائونس. ڪو چويس تون کر آهين. ڪو چويس هي کٻيث آهي ۽ ڪي چونس: هي شيطان آهي. ڇوڪرن کڻي ڏنو. ڇتي ماکي وانگي اچي پويان لڳا. کيڙو ڀڄندو ڊوڙندو ڊڪندو رنگ پور ڏي روانو ٿيو.

هيڏانهن رانجهن بادشاه، جيڪي سندس حال ڌاڳا هئا، اُهي درياه حوالي ڪري، بادشاهي تاج پائي، هير کي وٺي، تخت هزاري ۾ پنهنجي ڀاءُ جان محمد خان سان مليو. جن اڳي روئندي راتيون گذاريون هيون، شاه رانجهن جي ڏسڻ لاءِ مَنتائون باسيل هيون، سي وڻ واڌايون اچي ويون. محلي ۾ اندر خبر پئي ته شاه رانجهن شهزادي هير کي پاڻ سان وٺي آيو آهي. سندس ڀاڄائي، جنهن جو نالو هو ڇَتي، جنهن وڏي هيج سان پاليو هو، تنهن سُرهي سيج وڇائي، ۽ شاه رانجهن جا ڳيچ ڳايا هئا، پنهنجي وطن ۾ خوش پئي گذاريائين. چڱا چوندا آهن ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

سو شاه رانجهن کي هير چيو ته: مون کي پنهنجي وطن وٺي هل. حياتي هوندي ته خير سان وري به هِت اينداسون. مون کي مائٽن جي حُب ۾ هاڻ رات جو به بي آرامي آهي. شاه رانجهن چيو: هائو! مون کي پاڻ سس ۽ سهري جي سڪ آهي وڏي، پر ڪي چار ڏينهن بيهه ته ڪو هلڻ جو وار هٿ ڪريون. اها هير سان ڳالهه ڪري، هير جي مائٽن ڏي بي آرامي جو خط روانو ڪيائين ۽ ملڻ جي موڪل گهريائن. خط مليو. هير جي حيراني ۾ هو به هميشہ هوندا هئا ۽ چوندا هئا ته رانجهن وٽ الله ڪري ته هير هجي ته ڀلو آهي، متان کيڙي ماري گم نه ڪري ڇڏي هجي. انهن کي جو خط مليو، سي بار بار خوش ٿيا. اجازت نامو لکي ڏياري موڪليائون ته: جي رات جو ملين ته ڏينهن نه ڪجانءِ! اسان مئي سهسائي ڇڏي هئي، پر چڱن ويچارن چيو آهي رٺائي رهن پر هجن حياتي. اهو خط شہ رانجهن کي مليو. ڏاڍو خوش ٿيو. شهزادي هير کي چيائين: اڄ پنهنجي هلڻ جو وارو آيو آهي. عاشق معشوق تيار ٿي، منزل بمنزل هير جي پپل ملڪاڻي وٽ آيا، جتي پينگهن ۾ لڏندي هئي، اتي رهي، پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ ڏي ماڻهو روانو ڪيائين. خبر ٻڌي اچي مليا، شڪ شبها لهي ويا، محبت پيدا ٿي. اُتي چار ڏينهن رهي، سِڪ حُب پوري ڪري وري پنهنجي وطن آيا.

پوءِ ائين زماني جي دستور مطابق وقت پئي گذاريائون. جِي جِي آخر مرڻو آهي.

هير شهزادي پنهنجي مائٽن جي سِڪ ۾ اُداس ۽ بيمار ٿي پئي، ۽ پنهنجي عاشق رانجهن کي چيائين: سمجهان ٿي ته آخري وقت آهي. مون کي پنهنجي وطن ۾ هڪ دفعو وٺي هل. منهنجو بچڻ مشڪل ٿي سگهندو. شاه رانجهن به ڏٺو ته هن وفادار کي رنج ڪرڻ جائز نه آهي، سو سندس وطن ۾ وٺي آيو. پنهنجي مائٽن سان ملي، ڪجهه وقت زنده هئي، ان کان پوءِ وفات ڪيائين. شاه رانجهن پنهنجي هٿ سان نهراج ڪرائي، مزار ٺهرائي، ڏاڍا پٿر افسوس ڪري، پنهنجي وطن واروُ ٿي آيو.

ڀُڄ ڀُڄ چار ڏهاڙي اي ديدار چمن
ٻاهر ٻاڦ نه نڪري اندر مچ ٻرن
سچ جنهان دي دوستي، ڪلمي قول ملن.

���


* مولا بخش پٽ فضل محمد ميراثي، ويٺل لڳ مسوڀرڳڙي، تعلقو حيدرآباد، ضلعو حيدرآباد جي زباني حيدرآباد ۾ مختلف وقتن جي ڪچهرين ۾ تاريخ 7- سيپٽمبر 1965ع تي مڪمل ڪئي وئي. هر هڪ بيت جي آخر ۾ وراڻي طور هيءَ سٽ چوندا آهن: ”سمجهه قاضي نادانا، هير صدقي رانجهن تون“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org