سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :7

(الف) منشي اُڌارام جي ترتيب ڏنل، ڳالهه*

راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جو قصو

 

گرنار ڪوٽ ۾ راءِ ڏياچ نالي هڪڙو بادشاه هو، تنهن جي ڀيڻ، فقير کي عرض ڪيو: سائين مون کي پٽ ڏي. فقير چيس ته پٽ ٿيندئي، پر راءِ ڏياچ جو سر وڍيندو. هن چيو ته: سائين، اُهو پٽ ئي ٻن پئي، جو ڀائم جو سر وڍي. پر فقير جو چوڻ، سو ٽريو ڪين. ٿوري گهڻي ڏينهن مائيءَ پٽ ڄڻيو. ماءُ پٽ کي تنجي جوڙي، صندوق ۾ وجهي، درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائينس ته ڀلي مانگر مڇ کائي وڃنس. پر صندوق مانگر مڇن کان بچي، وڃي انيراءِ نالي بادشاه جي بادشاهيءَ ۾ پئي. اتي چارڻن جي ملڪ ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ وڃي نڪتي. خدا جو ڪرڻو ائين ٿيو، جو اُن مهل ڪي زال مڙس چارڻ، پاڻي ڀرڻ آيا، تن جا صندوق ڪڍي کولي، ڏسنس جو کڻي ته ٻار پيو هو. ٻار کڻي آيا ۽ اچي سانڍيائونس.

ڇوڪرو اڄ ننڍو سڀان وڏو، ائين ئي وڏو ٿيو. مائٽن کيس گڏهه گهوڙا وٺي ڏنا، جن کي پيو چاريندو هو. چارڻن جو قوت هو هرڻ جي شڪار تي، جو هو ساز وڄائي ڪندا هئا. هو جو ننڍڙو نينگر هٿ آين، تنهن جو نانءُ رکيائون ”ٻيجل“، سو پيو گهوڙا چاريندو هو.

تنهن کان اڳاهون علي سائين، مديني جو مَلُ، تنهن هرڻ ماريو هو(1)، سو ڪُهي، انهيءَ جا عضوا سيخ ڪري، پچائي کائي، آنڊا تنهن جا وڻ تي اُڇلي ڇڏيا هئائين. ڏکڻ جو واءُ جو لڳو، سو اُهي تندون آواز اهڙو پيون ڪڍن، جو مرون، پکي، ڪُل ڪنڌ نائيو بيهي ٻڌن. جڏهن واءُ بند ٿيو، تڏهن تندن به بس ڪئي، ۽ پکي پکڻ به هليا ويا. ٻيجل اهو سمورو لقاء پئي ڏٺو، تنهن اهي آنڊا اچي کنيا، ۽ چنگ ٺاهي، تنهن تي کڻي چاڙهيائين. پوءِ تِيرچو، سهنت ڪندروءَ تي گَهِي جان کڻي وڄائي ته چوڻا هرڻ، مرون ۽ پکي اچي مڙيا. هيءُ ڇا ڪري جو جيترن جي ضرورت هجيس سي جهلي، باقي ڇڏيو ڏئي. چارڻ ڏاڍا خوش ٿيا ته چڱو کٽائوُ پُٽ مليوسين. اسين آڻيون هڪڙو ٻه، هن اسان جي بک ته لاٿي پر ٻيا به ڪيترائي اسان وٽان کايو وڃن. پوءِ ته کڻي شادي ڪرايائونس.

انيراءِ بادشاه کي اڳيئي سٺ ڌيئرون هيون، هڪڙي پوءِ ڄايس، جنهن کي سون رپو پارائي، درياءَ ۾ لوڙهائي ڇڏيائين. اها صندوق رتني نالي هڪ ڪنڀر کي هٿ آئي، تنهن جو کولي ته واهه واهه، سدا ملوڪ ٻارڙي پئي هونگڙيون ڏئي. تنهن ڇا ڪيو جو ”سورٺ“ نالو رکي اچي پاليئينس. رتني جي ياراڻي هئي انيراءِ پاتشاه سان، سو پنهنجي ڳوٺ وئي گهڻا ڏينهن گذري ويا هئس، سو ٻن مهينن جي انيراءِ کان موڪل وٺي گهر ويو، جتي گهڻو عرصو لڳي ويس. تڏهن انيراءِ ڪاوڙجي حڪم ڪيو ته: رتنو جنهن وقت به اچي کيس ماريو وڃي.

هوڏانهن رتني جوءِ کي چيو ته: ٻائي؛ ننڊ ۾ انيراءِ ڏٺو اٿم، سو هاڻي وڃان. زال چيس ته: تون بادشاه وٽ ويندين ته هو توکي مارائي ڇڏيندو. پر هن ڳالهه نه مڃي، ۽ گهوڙي تي چڙهي، اچي بادشاه جي ڪچهريءَ ڀيڙو ٿيو، پر بادشاه هن سان منهن ئي ڪو نه ڏنو. تنهن تي رتني هن کي چيو ته: ڇا ڳالهه آهي؟ بادشاه چيس ته: ڪنڀر جا پٽ، ٻن مهينن جي موڪل وٺي وڃي چار مهينا لڳائي ويهي رهين! تنهن تي هن وراڻيو: بادشاه سلامت! مون وٽ گهر ۾ ڌيءُ ويٺي هئي. سوچيم ته پرڻائي پوءِ اچان. سو ان جو وهانءُ ڪرائي پوءِ آيو آهيان. تنهن ۾ دير ٿي ويئي. بادشاه چيس ته: ڙي، مون سان ڇو نه ٿو پرڻائين! رتني هائوڪار ڪئي. سو بادشاه، گهوڙا، اُٺ، سيڌا پاڌا ڏيئي روانو ڪيو ته وڃي ڪنوار وٺي اچو، ۽ چيائين ته جي آءٌ هلندس ته راءِ ڏياچ جنگ ڪندو، تنهنڪري هيءُ منهنجو ڪانُ کڻي وڃي ان سان ڦيرا ڏيئي ڪنوار وٺي اچو. پوءِ رتنو پنهنجي ملڪ آيو، ۽ رات جو مشعلون ٻاري، ڪانَ سان ڦيرا ڏياري موٽيا ٿي ته راءِ ڏياچ اها ڄڃ ڏسي ورتي، تنهن يڪدم ماڻهو ڊوڙايا ته ڏسي اچو ته ڇا آهي. تن اچي ٻڌايو ته: انيراءِ، رتني ڪنڀر جي گهران پرڻيو آهي، تنهن جا مشعل ٿا ٻرن. هن چيس ته: رتني کي وٺي اچو. سپاهي وٺي آيس، تڏهن راءِ چيس ته: ڙي، مون کي نٿي پرڻايئي؟ رتني چيو ته: بادشاه سلامت، مونکي ڊپ هو ته مون غريب جي ڌيءَ قبول نه پوي، تنهنڪري نه چيم. راءِ چيس ته: هاڻي توکي به جواب ته انيراءِ کي به جواب، زال آهي منهنجي. ائين چئي سورٺ کي گهرائي ورتائين. انيراءِ جا ماڻهو ڀڳا؛ وڃي اها ڳالهه هن سان ڪئي. اهو ٻڌي انيراءِ لشڪر ساڻ ڪري، راءِ ڏياچ تي چڙهي ويو. ڀريا ٻارهن مهينا ڪوٽ کي گهيريو ويٺو هو. نيٺ اُتان شهه کائي اچي پنهنجي ملڪ ۾ اعلان ڪيائين ته: جيڪو راءِ ڏياچ جو سر آڻيندو، تنهن کي مالا مال ڪيو ويندو. ٻيجل جي زال، مهرن جو ٿالهه وٺي رکيو. ٻيجل کي زال تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر لاچار انجام کي پاڻي ڏيڻ لاءِ راءِ ڏياچ جي ملڪ ڏي روانو ٿيو.

 

 

چارڻ چنگ ڪُلهي ڪري، هليو هِنيائين
چارڻ وڌا چنگ کي جُهوڙا ۽ جهيائين
سٻاجها سائين، راءُ ريجهائين راڳ تي
(1).

 

جهڙو مرڪڻ منگتي، تهڙو ئي ڏاتار
سٻائي سورٺ ور کان نهۡن ڪيو نهڪار
(2)
تنهن کي اچي چارڻ چوريو، هيءَ اڳئي ڏيڻهار

 

پاٺ پهرين رات ۾ ڳڙه پاسي ڳايو
”گُلو“ چئي گرنار ۾ ڪو اَتاهي آيو
سالڪ ساز سَرۡوزَ کي، ڪِي ٿي ڪمايو
آيو سر سوالي منگتو، اچي ٻيجل ٻولايو
(3)

 

ٻيجل کي ٻيءَ رات جو سڏايو سلطان
ڪڏهن ڪو نه آئيو، ڀير تنهنجي ڀان
چوري چنگ چئج تون، ميان مهربان
(1)

 

راجا کي ٽيءَ رات جو، ٻڌايو ٻيجل
سهسين هئا سنسار ۾ ٻيا پڻ داتا دل
سنبهي آءُ سورٺ ور، تنهنجي هنڌون ماڳ هڪل
تيلاهين مون تو مڻيو، آيس منجهه اڇل
(2)

 

چارڻ چوٿينءَ رات کي آءُ نچ آئين جيءُ
پدم پدم ۾ پائُلا، جيڪر ڪرين جميع
پلنگ پٿرڻيون پالڪيون، وٺي راضي ٿيءُ
صبح سوايو ڏيانءِ، حال دان اٿيئي هيءُ
(3)

 

پنجين رات پلٽيو، رپو سون سبيل
داتا وٺان نه دان مان، نئي ڦيرائي فيل
آکيئي ٿي اصيل، سر ڏي ته سُر هو ٿيئن
(4).

 

ڇهين رات ڇڪايو، سالڪ سوري ساز
ڳايائين ڳڙهه گرنار ۾، تنهن جي آ وه ڪيو آواز
صلاح سان ”صادق“ چئي، راجا مڃ تون راض
صبوح سرفراز، سائين ٿيندئي منگتو
(1).

 

سڻ راضي تون راءُ ٿي، ستينءَ رات سوال
راجا روءِ زمين تي، ڪيئي ميڙيندا ويا مال
ڪن سان نيبهه ڪين ٿيو، جن جو ايڏو ئي اقبال
(2)
ڪر ڀلايون ڀال، سر ڏي ته سُرهو ٿئين.

 

پاٺ پرچي ڪينڪي، اٺين رات آئي
ٻيجل ٻولي تنهنجي ٿي معلوم مڙيائي
ويهي وار نه منگتا، وڍڻ جي وائي
(3)

 

چارڻ چوري چنگ ڪيو، نائين رات نڌان
تنهنجي ساز سَروز تان لک ڪوڙئين قربان
وٺ داتا کان دان، ڇا سالڪ ڪندين سر کي.

 

سڻ راضي ٿي راوَ تون، ڏهين رات ڏاتار
ڪر سخاوت سر جي، غازي تون گرنار
ڪپي ڏي ڪاپار، سر ڏي ته سُرهو ٿئين

 

ڏهيسر جان ڏهه سسيون، ڏهئي هوند ڏيان
ڌڙ تي سر هيڪڙو ڏيندي لڄ مران
هاٿي هنبارين سان، گهوڙا ڏيانءِ گهڻا
مور نه پني منگتو، تُنبي منجهه ڪڻا
سر لاءِ تند هڻان، سر ڏي ته سُرهو ٿئين.

 

مٿي ڪارڻ معاملو، رات يارهين ڇاڪاڻ
وٺ داتا کان دان مان، خزانن جي کاڻ
چڙهه سالڪ سُکپال تي، مڏيون ويٺو ماڻ
اڳيئون راوَ رهاڻ، ڪج مداسي منگتا

 

ٻارهين رات ٻهون ڏيان، هيرا موتي لعل
ڇا زيب زريون بافتا، ڇا سرپاهيون سکپال
ڪوڙين ڏيان منگتا، وٺ موتي جواهر جال
(1).

 

تيرهين رات تنبير سان، ڪيائين وڏا وس
عجب جهڙا منگتا، تنهنجي راڳ رهايو رس
جا جڪ اٿئي جس، سالڪ گهرين سر ٿو.

 

چو کو چوڏهين رات جو، سر ڪر سخاوت
تون به ويندين تن سان ڀونءِ اندر البت
ڪامل ڇڏ تون ڪٿ، سر ڏي ته سُرهو ٿئين.

 

پر چئي: تو پنڌ ڪيو، ڪين ٻڌين ٻيجل
مهندا آءٌ نه مڃائين، ٿئي خلق جي کل
(1).

 

اَجهو ساريم ڳڙهه ڌڻي، توڏانهن آيس تئي
هيڏو ڏان ڏياچ ري ٻيو نر ڪو نه ڏئي
سر ڏاتاري ڏي، مُهت لهي هيءُ منگتو.

 

تون گهرين آءٌ نه ڏيان، ڪريان جي نهڪار
رهي راءِ ڏياچ چوي، ڇا منهن ۾ مڱڻهار
پوءِ سڀئي ارها ٿيا، سِر باسيو ڏاتار
(2).

 

پائي آيو، پر گهارڙو ساز کڻي سرندو
وائي ناهيس وات ۾، گُهر اها گهرندو
مٿي ري ملوڪ جي چارڻ نه چُرندو
جهونا ڳڙهه جهرندو، رونجهي راءِ ڏياچ جو
(3).

 

چارڻ کڻي چنگ، اچي ويهي وڄايو
شهر سڀوئي سُر سان هن جي تندن تپايو
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو
ڪو مارِي آيو، توهي مٿي منگتو.

 

آءُ، مٿي ٿي منگتا، چڙهي ۾ چوڏول
تو کي راوَ گهرايو، راجا منجهان رتول
ٻيجل توسان ٻول، ڪيائين وهاڻيءَ وڍڻ جي.

 

سورٺ، مڱڻهار کي، زال ڀري جانا
اسين ٻئي ٻه ڄڻا، ٻيجل جا ٻانها
ڇڏ تندن جا طعنا، مڙي وڃ تون منگتا.

 

چل ته چارڻ تو ڏيان، پرهۡ پٽولو ايڪ
منٿ نه مڃين منگتا، آهين وڏو نيڪ
(1).

 

چل ته چارڻ تو ڏيان، پرهه پٽولو ڏيڍ
منٿ نه مڃين منگتا، آهين وڏو ڍيڍ
(2).

 

چل ته چارڻ تو ڏيان، پرهۡ پٽولا اڍائي
ڪڏهن ڪو نه پسه آئيو ڳڙهه مٿي ڳائي
سالڪ ستار ڪري مڙي وڃ ڀائي
(3).

 

چل ته چارڻ تو ڏيان، پره پٽولا ٿي
تازي طويلن مان وڻنئي سي ني
محب منهنجي کي، مٺو گهر ۾ منگتا!

 

چل ته چارڻ تو ڏيان پَرهۡ پٽولا چار
جهل ماڻِڪ، ٻنڌ موڙي، ڪَر اڳين جي پار
راڻِي ڪِيم رئا، منٿ مڃي وڃ منگتا!

 

چل ته چارڻ تو ڏيان، پره پٽولا پنج
تازي طويلن مان جن تي سونا سنج
اسان ڏنئي ايترو، ٻيو سائين ڏيندوءِ گنج
محب منهنجي هنجهه، کسي وڃ م منگتا!

 

چل ته چارڻ تو ڏيان، گوليون ۽ ڏوليون
ڪرم وائي وڍڻ جي ٻيجل اهي ٻوليون
ادا، ڏيانءِ اولُون، مڙي وڃ تون منگتا

 

مال مُلڪ تون منگتا، جهل ڪُلِيُن سان ڪوٽ
هاٿي هئور هڪيا، ماڻڪ جهلي موٽ
هي راڻيءَ جو گهوٽ، مَٺو ڪرم منگتا
(1).

 

اتي راءِ ڏياچ، ماءُ وٽ ويو ۽ چيائين: اما، هڪڙو چارڻ منهنجو سر ٿو گهري. مال راڄ ٻيو گهڻو ئي ٿو ڏيانس پر نٿو وٺي، تنهنجي ڇا مرضي آهي، سر ڏيانس؟ تڏهن ماءُ چيو.

مَ موٽائج منگتو، خاتون راڻيءَ چيو
آيو جو آس پئي، مر سَرهو وڃي سو
ڏجي نام ڪرتار جي، سو ٿئي سر سُرهو
خاتون چيو راو کي وير ڪرم ويچارو
جي جيئندين ڪيترو، ٿيندئي سر سونهارو
راوَ چيو راڻيءَ کي ڪڍي ڏينم ڪٽارو
ڏيان ٿو نام ڪرتار جي، سڻي عالم اٺارو
لاتائين لوهوءَ اُتان چم ڏيئي چٽڪارو
سئين هٿين سر کڻي ڏنائين ڏان موچارو
سورٺ اتي دلگير ٿي، رت وهي پٽ پارو
(1).

 

جڏهن ٻيجل سر وٺي انيراءِ وٽ آيو، تنهن چيس: لڏ منهنجي ملڪ مان، جو ههڙي ڏاتار راو کي ماريندي به ترس نه آيئي ته ڪڏهن مون کي مارڻ کان به ڪو نه هٻڪندين. پوءِ اتان لڏي آيو راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾، جتي راڻي سورٺ ۽ خاتون، ڏاگهه پئي چڙهيون. تڏهن ٻيجل به ان ۾ چڙهي ويٺو. پوءِ ٻيجل جي زال چيو ههڙو مڙس آءٌ وري ڪا نه لهنديس، سو اها به ٽپ ڏيئي ڏاگهه چڙهي. ٻيجل جي زال پيٽ سان هئي، باهه جي تو سان ٻار ٺڪاءُ ڏيئي وڃي پري پيو. ان کي ماڻهن کڻي وڃي نپايو. اهو جيئن ته مڱر مان پيدا ٿيو هو، سو نالو رکيائونس ”مڱريو.“

عشق راءِ ڏياچ کي جنهن سر ڏيئي ڏيکاريو
ٻيو عشق ماڻس کي، جنهن نه ڪيو ناڪارو
ٽيو عشق سورٺ کي، جنهن ستيءَ سٽ ساريو
چوٿون عشق ٻيجل کي، جنهن ٻول پنهنجو پاريو
پنجون عشق چارڻ کي، جنهن ڪانڌ تان جيءُ واريو
لعنت انيراءِ کي جنهن پير وڌو پاسارو
پنجئي پيا مچ ۾ ڳنهين ويچارو
سڀئي سرها ٿيا، ڪيائون ڪم سوڀارو
وٺو نالو رام جو، جو سڀ ٿئي موچارو
(1).

 

ËËË

 

 

(ب) ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل ڳالهه*

راءِ ڏياچ جو سنڌي قصو

 

ڪنهن زماني ۾ راءِ ڏياچ نالي هڪڙو راجا جهوناڳڙهه ڪندو هو. کيس هڪ ڀيڻ هئي، جا اولاد لاءِ ڏاڍي سڪايل هئي. هڪڙي ڏينهن ڪنهن فقير کي وڃي ستايائين ته ”سائين! توهين دعا گهرو ته مون کي ڪو خير جو ٻچڙو ملي.“ فقير دعا بعد چيس ته ”مائي! پٽڙو سو ملندءِ، مگر اهو راءِ ڏياچ جي سسي کان ڌار ڪندو.“ اهي لفظ ٻڌي، راجڪماريءَ کان رڙ نڪري وئي چيائين ته ”سائين! اهڙو پٽ ئي گهوريو، جو ڀاڻم جو سر وڍي. پر فقير جو ڪلام ڪيئن ٽري! پوري نوين مهيني راجڪمار کي هڪ پٽ ڄائو. فقير جا سخن ياد ڪري، ٻالڪ کي صندوق ۾ وجهي کڻي درياه ۾ ڦٽو ڪيائين. صندوق لڙهندي لڙهندي اچي راجا انيراءِ جي ملڪ مان نڪتي. هڪ چارڻ ۽ سندس زال، جي درياه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ آيا هئا، تن جي نظر وڃي ان تي پيئي. صندوق کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي، جان کڻي کولين ته منجهس هڪ ٻاروتن ۾ ٻار پيو آهي. پوءِ ته ان کي ڪڍي ڪري پنهنجي ڳل لاتائين گهر وٺي وڃي نپايائونس. مٿس نالو رکيائون ٻيجل. نينگر اڄ سڀان وڏو، تان جو اچي ساماڻو، هاڻ هو روز مائٽن جا گڏهه ۽ اُٺ وٺي جهنگ ۾ چارڻ ويندو هو.

انهيءَ جهنگ ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن رمتي فقير هرڻ جو شڪار ڪري، ان جو گوشت کائي، باقي آنڊا کڻي ڪرڙن ۾ ڦٽا ڪيا. جڏهن جڏهن ڏکڻ جو واءُ لڳندو هو، تڏهن تڏهن انهن آنڊن مان اهڙو ته من موهيندڙ آلاپ نڪرندو هو، جو پکي پکڻ ۽ ٻيا سڀئي جنتر ڪنڌ نمائي، اچي ٻڌڻ بيهندا هئا. هڪ ڏينهن اهو آواز وڃي ٻيجل جي ڪن تي پيو. دليل ڊوڙائي ڊوڙائي، نيٺ سهي ڪيو ويو ته اهو اچرج انهن آنڊن ۾ سمايل آهي. پوءِ ته آنڊا کڻي ڪري پنهنجي چنگ تي چاڙهيائين، ۽ گز ڪڍي ويٺو کين وڄائڻ. اڃان چنگ چوريائين ڪين ته مرن ۽ پکين جا ميڙ اچي متا. انهن مان ٻه چار هرڻ جهلي، مائٽن وٽ وٺي آيو. هاڻ هر روز اهڙي ريت شڪار ڪري پيو پنهنجو ۽ مائٽن جو پيٽ پاليندو هو. سندس سرندي جي هاڪ هر جاءِ تي پکڙجي ويئي.

جنهن وقت ٻيجل ڄائو هو، تنهن وقت راجا انيراءِ کي پڻ ڌيءَ ڄائي هئي. کيس سٺ ڌيئون اڳيئي هيون؛ سو دِق ٿي، هن ڌيءَ کي صندوق ۾ بند ڪري، کڻي درياهه ۾ داخل ڪرايائين. صندوق وڃي راءِ ڏياچ جي سرحد مان نڪتي، جتي رتني نالي هڪ ڪنڀر کي هٿ اچي ويئي. ڪنڀر جو اولاد لاءِ سڪايل هو، تنهن کي ههڙو ملوڪ ٻار ڏسي، ڏاڍي خوشي ٿي؛ سو گهر کڻي وڃي چوڄ سان پاليائينس ۽ نالو رکيائينس سورٺ.

جيتوڻيڪ رتنو راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رهندو هو، ته به راجا انيراءِ سان ڏاڍو رستو هوندو هوس. جڏهن سورٺ ساماڻي، تڏهن انيراءِ کي سندس حسن جي خبر پئجي ويئي، سو رتني کان ان جي سڱ جي گهر ڪيائين، جا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. جڏهن شاديءَ جو ڏينهن اچي ويجهو ٿيو، تڏهن رتنو هڪ وڏي ڄڃ سنڀرائي، ڌام ڌوم سان اٿي شهر مان نڪتو. راءِ ڏياچ جو ان وقت پنهنجي محلات جي دريءَ وٽ بيٺو هو، تنهن جي نظر وڃي ڄڃ تي پئي. پڇا تي معلوم ٿيس ته رتنو پنهنجي ڌيءَ وٺي انيراءِ سان پرڻائڻ ٿو وڃي. اها خبر ٻڌي، ڏاڍا خار لڳس؛ سو پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيائين ته ”رتني کي کنڀي ڌيءَ سميت وٺي اچو.“ جڏهن انهن کي آڻي حاضر ڪيائون، تڏهن راءِ ڏياچ رتني کي چيو ته ”ڪميڻا! مون کي ڇڏي پنهنجي ڌيءَ ٿو ڌارين کي پرڻائين! هاڻ توکي به جواب، انيراءِ کي به جواب.“ ائين چئي سورٺ کي وٺي وڃي حويلي ۾ وهاريائين.

جڏهن انيراءِ کي هن حادثي جي خبر پئي، تڏهن تپي باه ٿي ويو؛ ۽ وڏو لشڪر وٺي اچي جهونا ڳڙهه تي گهيرو ڪيائين. ٻارهن مهينا جنڊ پٽن سان هڻي بيٺو، دال نه ڳريس. آخر شهه کائي، موٽي وطن وريو. پوءِ رتن ٽڪن جو ٿالهه ڀري، ساري ملڪ ۾ ڦيرايائين ته ”جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو، تنهن کي نه فقط هي ٿالهه ملندو؛ پر ٻيو به جيڪي گهرندو سو ملندس.“ ٻيجل جي زال ٿالهه وٺي رکيو ۽ ٻول ڪيائين ته ”منهنجو مڙس پاڻهي راجا جي منشا پوري ڪندو.“ جڏهن ٻيجل گهر آيو ۽ ساري قصي جي سڌ پيس، تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ لڳس؛ سو زال کي جهڻڪي چيائين ته ”مصيبت پوئي هي تو ڇا ڪيو؟ هاڻ جي وچن ۾ ولها ٿا پئون ته راجا اسان جو جڻ ٻچو پيڙهائي ڇڏيندو.“ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ٻيجل پنهنجو سرندو سينگاري اٿي جهوناڳڙهه ڏي راهي ٿيو. ٻه ٽي منزلون هڻي، نيٺ هڪ ڏينهن نماشام جو اچي قلعي وٽ پهتو. پوءِ ته چنگ ڪڍي ويٺو وڄائڻ ۽ ساري رات تندون تنواريندو رهيو. سندس ساز جي آواز سڀني کي گهائي وڌو. راءِ ڏياچ جو پنهنجي رنگ محل ۾ ويٺو هو، تنهن جي روح به ريلو ڏنو؛ سو ڪوٽ جي دري کان ٻيجل کي پڪاري چيائين ته ”مڱڻهار! گُهر جيڪي گهرڻو هجيئي.“ ٻيجل وراڻيو ته ”راجا! مون کي توسان هڪ ڳجهه ڳرهڻو آهي. اجازت ملي ته مٿي اچي اوريان.“ تنهن تي راءِ ڏياچ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”چارڻ کي چوڏول ۾ چاڙهي مٿي وٺي اچو.“ هاڻ راءِ ڏياچ ۽ مڱڻي جي وچ ۾ ڪو به وسيلو ڪونه رهيو؛ ٻئي خلوت ۾ ٿي ويٺا. ٻيجل نڪي ڪڇيو، نڪي پڇيو؛ سرندو ڪڍي وري به ويهي وڄائڻ لڳو. راءِ ڏياچ جو من اهڙو ته موهي وڌائين، جو کيس طرحين طرحين جا انعام آڇڻ لڳو. پر ٻيجل هٿ جوڙي عرض ڪيو ته ”راجا! مون وٽ مال متاع جي ڪمي ڪانهي. تنهنجي سخاوت جي ساراهه ٻڌي، تو وٽ وڏي آس رکي آيو آهيان. اهو سر جو تنهنجي سرير جو سينگار آهي، تنهن جو ئي سيڪڙو ٿي آيو آهيان. اميد اٿم ته نانهن نه ڪندين.“ راءِ ڏياچ کي اهڙي اڍنگيءَ مڱ تي نهايت ئي اَچرج لڳو: سوچيائين ته ”اي چارڻ! منهنجي مٿي مان تو کي ڇا هٿ ايندو؟ انهي ڳالهه تان لهي وڃ. ڏس ته آءٌ توکي ڪهڙا نه دهرا دان ٿو ڏيان. ساري عمر پيو کائين، ته به کٽڻ جا نه آهن.“ ٻيجل سان جيڪي مٿا هڻڻا هئس، سي هنيائين؛ پر هو نه مڙيو. آخر ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي پنهنجي هٿ سان سر وڍي، چارڻ کي اڇلائي ڏنائين. چارڻ مٿو کڻي انيراءِ وٽ رمندو رهيو.

هن حادثي جي خبر هنڌين ماڳين هلي ويئي ۽ ٻيجل جي اچڻ کان اڳ انيراءِ جي ڪن تي به وڃي پيئي. جڏهن ٻيجل سر کڻي انيراءِ جي ڪچهري ۾ آيو، تڏهن انيراءِ پريان ئي ڏهڙ ڏيئي چيس ته ”ڪميڻا! جوفي وچان ههڙي سخا جي صاحب مان به نه گٿين، سو اسان ساڻ الائجي ڪهڙا ڪلور ڪندين. اڄ کان وٺي تون اسان جي ملڪ ۾ رهڻ جي لائق نه آهين، هڪدم هليو وڃ. خبردار! جي منهنجي ملڪ ۾ وري پير پاتو اٿئي.“ ٻيجل جا ڇهه ئي ڇڄي ويا، ۽ پڻ وويڪ جا وڍ پوڻ لڳس. پوءِ ته متوالن وانگر جهوناڳڙهه ڏي ڊوڙندو ويو. جڏهن شهر جي ويجهو اچي پهتو، تڏهن ڏسي ته باهه جا مچ پيا ٻرن؛ ۽ سورٺ ڏاگهه چڙهي، ستي ٿي رهي آهي. پاڻ به ڌوڪيندو مچ ۾ ڪاهي پيو ۽ جلي ڀسم ٿي ويو.

 

ËËË

 

(ج) سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي ڳالهه*

 

بادشاهن جو بادشاه الله، پر زماني جو بادشاه هو، نالو هئس ’انيراءِ‘. سٺ ڌيون ڄايس. جڏهن سَٺين ڌيءَ جي مبارڪ مليس، تڏهن چيائين ته درياءَ حوالي ڪريوس. پوءِ صندوق ۾ وجهي، هيرن جواهر رکي صندوق کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائون، سا لُڙهي لهواري ٿي هلي. قدرت سان صندوق درياءَ ۾ ڪيترا ڏينهن لڙهندي وڃي ڪنهن ولايت ۾ نڪتي. رتنو نالي ڪنڀار هو، درياءَ تي آيو ته پيتيءَ تي نظر پيس، جيڪا لڙهي ڪناري سان بيٺي هئي. هن بسم الله ڪري پيتي ڪڍي، ڪنجي ڪرف لڳو پيو هوس. دل ۾ خيال ڪيائين ته هن ۾ الائي ڇا آهي، ڇو نه وڃي گهر کوليانس. گهر وڃي کولي ته سينگاريل ٺهيل شهزادي صندوق ۾ ستل ڏٺائين، هيرا جواهر پاسن کان رکيا هئس. خدا جو شڪر ڪيائين. کيس به اولاد ڪونه هو. زال ڊوڙي ڇوڪريءَ کي کڻي ڀاڪر وڌو، هندوري ۾ لوڏيائونس.

ڇوڪري اڄ ننڍي سڀاڻي وڏي، گهر کان ٻاهرئي نه ڪڍنس ته متان بادشاه ڦري وڃي. ڇوڪريءَ جو نالو رکيائون سورٺ. چيائين ته هيءَ ڇوڪري ڇو نه پنهنجي يار انيراءِ بادشاهه کي سڱ ڏيان. سو انيراءِ کي خط لکيائين. تنهن هڪڙو ٻيڙو نوڪر ۽ ملاح تيار ڪري اماڻيا. ٻيڙو اچي ويو. سورٺ کي سينگاري ٻيڙي ۾ چاڙهيائون. رتنو پاڻ به زال سميت ٻيڙي ۾ چڙهيو. انيراءِ جي ملڪ ڏانهن هليا. واٽ تي راءِ ڏياچ جو ڪوٽ هو، جيڪو پنج ڪوه زمين کان مٿي جبل تي هو، آسمان سان پئي ڳالهيون ڪيائين. ماڻهن سج اُڀرئي مهل ٻيڙي کي ڏٺو. راءِ ڏياچ سان ڳالهه ڪيائون. راءِ ڏياچ ڏسي ته هوڏانهن سج جو شعاع، هوڏانهن سورٺ جو حسن، ٻئي برابر. تنهن پنهنجي فوج کي حڪم ڪيو ته پڪڙي کڻي اچوس. درياه بيپرواهه، عاشق بيپرواهه، معشوق بيپرواهه، باهه بيپرواهه. فوج وڃي سورٺ کي کنڀي کڻي آئي. رتنو ڀڳو انيراءِ وٽ ته اسان سان مارو ماري ٿي وئي. انيراءِ جي فوج تيار ٿي، جو ڪنوار واٽ تان کڄي وئي. پٽڪي ور جيڪو ماڻهو هو، سو فوج ۾ کنيائين. راءِ ڏياچ کي خط لکيائين ته خبردار ٿي، اچئين ٿو!

راءِ ڏياچ پنهنجا لشڪر، ۽ مال ملڪيت سڀ مٿي ڪوٽ تي چاڙهي ڇڏيا. هٿيار پنهوار به سڀ ڪوٽ تي. انيراءِ لشڪر ڪاهي آيو پر وڙهي ڪنهن سان. راءِ ڏياچ جو لشڪر مٿي ٿيو. سو بيهي رهيو. هيٺان فير ڪيائين. ڇهه مهينا لڙائي هلي، تڏهن راءِ ڏياچ مٿان خط ڪيرايو ته: جي دارون کُٽو هجنئي ته آءٌ توکي ڏيان، جو منهنجو ٽڪي هڪڙي جو به خرچ نه ٿيو آهي. انيراءِ اميد پلي پنهنجي بادشاهي ۾ موٽي ويو ۽ پڙهو ڦيرايائين ته”جيڪو ماڻهو راءِ ڏياچ جو سر آڻي ڏيندو، تنهن کي اڌ بادشاهي ملندي.“ ٻانهي سونين مهرن جو ٿالهه کڻي ڦيرائڻ لڳي.

راءِ ڏياچ پنهنجي بادشاهي ۾ ويٺو هو، نجومين کان پڇائين ته: منهنجي بادشاهي ڪيئن ويندي؟ نجومين چيس ته: تنهنجي ڀيڻ کي پُٽ ڄمندو، جيڪو ساز تي سِر ڪپي ويندئي. ڀيڻ اميد سان هيس. سو خيال ڪيائين ته مونکي جو ڀيڻ مان نقصان پهچندو، ڇو نه ڀيڻ کي ئي مارائي ڇڏيان. سو ڀيڻ کي سنبرائي تيار ڪيائين. مائي تيار ٿي ڏوليءَ ۾ چڙهي. ڪهارن ڏولي کنئي، انهن کي راءِ ڏياچ حڪم ڪيو ته هن کي ماري مون کي اکيون آڻي ڏيو. ڪهار ڏولي کڻي بر بيابان ۾ آيا. مائي پڇا ڪين ته: ڇاٿا ڪريو؟ چيئون ته: راءِ ڏياچ جو حڪم آهي تو کي مارڻ جو. اتي مائي وٺي دانهون ڪيون ۽ چيائين ته: منهنجي مارئي مان اوهان کي ڇا هٿ ايندو؟ اسم الله جي مون کي جيئدان ڏيو. ڪهارن چيو ته: مائي کي اسين ڇو ماريون. ڇو نه هرڻ جون اکيون هلي راءِ ڏياچ کي ڏيون. سو اها صلاح ڪري راءِ ڏياچ کي هرڻ جو اکيون آڻي ڏنائون ۽ مائيءَ کي ڇڏي ڏنائون.

مائي وٺي منهن ڪيو، سا هلندي هلندي اڌ رات جو وڃي ڪنهن رڻ پٽ ۾ پهتي.

بکيءَ کِل نه اُجهي، ڏکيءَ ڏمر ناهه

اُگهاڙيءَ وهانۡءِ، ويو ويچاريءَ وسري.

رات جو پنڌ ڪري، ڏينهن جو لڪي. بکن ڏکن ۾ شڪل ڦري ويس. پنندي کائيندي وڃي انيراءِ جي ملڪ ۾ پهتي ۽ وڃي چارڻن فقيرن ۾ نڪتي. فقيرن جو چڱو مڙس به هو، تنهن هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاڻ وٽ کڻي ٽڪايو. هن ڀونگي کڻي اَڏِي، پني منگي پيٽ گذر ڪندي هئي. ڏهين مهيني هٿ پير لڌائين. پُٽ ڄائس، نالو رکيائينس ٻيجل. پني سني اُن کي نپائڻ لڳي.

ٻيجل اڄ ننڍو سڀان وڏو. راند ڪرڻ جهڙو ٿيو ته چارڻن فقيرن سان گڏ ساز کڻي پنڻ ويندو هو. هڪڙي ڏينهن ماءُ چيس ته ڪاٺيون ڪري آءٌ. سو ويو جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ.

قدرت سان چار يار رسول جا اتان اچي لنگهيا. هڪڙي ميهار کي چيئون ته: کير پيار. ميهار هڪڙي وڇ آڻي حاضر ڪئي، يارن هٿ کڻي گهمايو ته ٿڻ سڱوئجي آيا. ميهار کير ڏڌو، چار ئي يار پي خوش ٿيا. ٿانۡو جو ڌوپ، ميهار کڻي هڪڙي ٻوڙي جي پاڙ ۾ هاريو. قدرت خدا جي ٿوري گهڻي ڏينهن اُهو ٻوڙو سائو ٿيو. اتي هڪڙو هرڻ آيو، تنهن ٻوڙي ۾ وات وڌو. ٻوڙو کاڌائين ته اچي اُڏاڻو. زمين کان مٿي اُڏامندو آيو. اُڏامندي اُڏامندي پيٽ اچي وڻ جي ڪنهن انگهه ۾ اٽڪيس. هرڻ ته الائي ڪٿي وڃي ڪريو، پر آنڊو اُتي اٽڪيو پيو هوس. هوا لڳي ته اُن مان آواز نڪري ”تونهين تون، تونهين تون.“

ٻيجل جو اچي جهنگ ۾ ته سبحان الله! جانور، هرڻ، نانگ، پکي پکڻ انهي آواز تي ڪنڌ نايو بيٺا آهن. ٻيجل کي ڏٺائون ته ڀڳا. ٻيجل اُهو آنڊو لاهي، پنهنجي دنبوريءَ تي کڻي چاڙهيو، ۽ گز هڻي ته هرڻ پٺيان لڳا اچن. هن به ڇا ڪيو جو هڪڙي هرڻ کي ڳچيءَ ۾ پٽو وجهي کڻي ڪاهيائين، ۽ ڪاٺيون ڪري اچي گهر پهتو. هرڻ ڪهي ڪجهه پاڙي وارن کي ڏنئين، ڪجهه وڪيئين. پئسا ڏٺائين ۽ خوشي ٿيس. پوءِ ته روزانو هرڻ ڦاسائي اچي. ڪجهه پئسا گڏ ٿيس ته سڀني جو بالادست ٿيو. تنهن تي ٻين ڇوڪرن چيس ته: تنهنجي پيءُ جي به خبر ڪانهي، ۽ وري ٻين تي ٿو حڪم هلائين! ٻيجل کي مهڻن گهائي وڌو. ماءُ کان اچي پنهنجي پيءَ جي خبر پڇيائين. مائي ماٺ ڪري وئي. ٻيجل ماءُ کي چيو: ته سچ ٻڌاءِ ته منهنجو پيءُ ڪهڙو؟ نه  ٻڌائيندئين ته ترار هڻي ماري ڇڏيندوسئين. ماءُ ٻڌايس ته: تون راءِ ڏياچ جو ڀاڻيجو آهين. ۽ پوءِ سموري حقيقت ڪري ٻڌايئينس.

راجا انيراءِ جو پڙهو پئي گهميو. ٻيجل ٿالهه مهرن جو وٺي رکيو، چيئين ته: جنهن ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي ٿي مارايو، تنهن جو سِر آءٌ وڍي ايندس. ڀلي ته منهنجي ماءُ خوش ٿئي.

راءِ ڏياچ بادشاه پنهنجي ڪوٽ کي چوطرف کاهي کڻائي، ڪوٽ ۾ چار دروازا رکايا هئا. دروازن تي ڪهار وهاري ڇڏيا هئائين. انهن کي حڪم ڏنو هئائين ته ڪو به ساز وارو فقير ڏسو ته ان کي ماري، سِسي ۽ ساز باهه ۾ ساڙي ڇڏجو. انهي حڪم کان پوءِ ڪو به فقير اوڏانهن منهن ئي ڪو نه ڪندو هو. ٻيجل وٺي ڪاهيو. ڇا ڪيئين جو گهوڙو ڪاهي، ان جي خرزين ۾ گاهه وجهي، ساز کڻي ان ۾ لڪايئين. ڪوٽ جي دروازي مان مٽي اندر ٿيو. پهريدارن ڪجهه به نه چيس. جڏهن راءِ ڏياچ جي محلات وٽ پهتو، تڏهن گاهه مان ساز ڪـڍي وڄايائين.

ڪڍيئين ڪيرت ڪينرو، واڄو ولاتي
هن هنئي تند حضور ۾ پارس پيرائتي
ڏسندي تنهن ڏاتار کي، ذڪر ٿيو ذاتي
ڪڍي سان ڪاتي، وڌئين ڪرٽ ڪاپار ۾.

 

ٻيجل چيس ته: آءٌ سِر وڍي وڃئين، تنهن کان سٺو آهي ته تون پنهنجي هٿ سان سِر وڍي ڏي. راءِ ڏياچ چيس ته سِر ڪيئن ڪپبو؟ چيئين ته: ترار رڪ جي ٺهرائي، ڪنڌ تي رکي، زور ڏي ته ڪٽجي پئي. راءِ ڏياچ جو سِر ڪپيو، ٻيجل تريءَ رکيو، پر رت جو ڌڌڪو ٿيو ته گهٻرايائين. سِر ڪٽيل چيس ته: راڻيون رئاڙيئي، بادشاهي برباد ڪيئي، هاڻي سِر ته کڻ.

 

مٿي منهنجي تي مڱڻا، جيئن ڪؤڙيون هجن ڪپار
ته واري واري وڍيان، سِرين کي سئو وار
ته پڻ تند تنوار، تنهنجي مٿاهون مڱڻا.

 

سِر کڻي انيراءِ وٽ پهتو، انيراءِ چيس ته ظلم ڪري ڇڏيئي

 

ههڙو ڏاتار سِر جو، ڪڏهن ڏٺوسون نه ڪو
ماريندي ملوڪ کي، ترس نه ڪيئي ڪو
مڱڻا منجهان تو، هاڻي آهي جوکو به اسان جي جيءَ کي.

 

انيراءِ لڏائي ڪڍيس ملڪ مان. سورٺ آڙاهه تيار ڪري، ان ۾ ٽپي. پيٽ سان هئي، ٻار اُڏاڻو، وڃي ٻاهر پيو. مڱريا انهن مان ٿيا.

 

ËËË


 


* منشي اُڌارام پٽ منشي ٿانورداس جو ترتيب ڏنل ”راءِ ڏياچ جو قصو“ پهريون ڇاپو لٿو پريس ۾ ڇپيو، جو پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي خريد ڪيو. هن قصي جو ٻيو ڇاپو سنڌ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي سنه 1870ع ۾ تعليم کاتي جي ڇاپخاني ڪراچي مان ڇاپايو جنهن ۾ ابوبڪر جو بيتن ۾ چيل ”قصور راءِ ڏياچ جو“ پڻ شامل آهي، جو آخوند عبدالرحيم گڏ ڪري ڪاميٽي جي حوالي ڪيو هو. متن جو مدار پهرئين ڇاپي تي آهي؛ ٻئي ڇاپي جو درستيون حاشيي ۾ ڏنيون ويون آهن.

(1) ٻيو ڇاپو: ڪنهن الله لوڪ هرڻ ماريو هو.

(1) ٻيو ڇاپو:-           الله جـــــــــي آس ڪـــــــــــــري هليــــو هيــــــــــــــــائــيـــــــــن
                        چــــارڻ ٻــــڌا چنــــگ کــــــي جــــهـوڙا ۽ جهــائيـــن
                        اڇـــــــــــــــــا اوڍي ڪپـــــڙا ميـــــــرا لاٿــــــــــــــائيــــــــــــــــــــــــن
                        ڏولـــــي راو ڏيــــــــــاچ جــــــي ڏوران ڏٺـــــائيـــــــــــــــــــــــن
                        والـــــــــــــيءَ ســــر وينتــــــي تنهـــــن دم ڪيــــائيــــــن
                        چئي: سٻاجها سائين، راوَ ريجهائين راڳ تي.

(2) ٻيو ڇاپو:-           سٻــاجهــو ســورٺ ور نَهَــنۡ نــه ڪنـــدو ناڪــــــار
                        هـي اڳيئــي ڏيڻهــار، تنهــن کي چارڻ چاريـــــو.

(3) ٻيو ڇاپو:-           پـــاٺ پهـــريـــنءَ رات جـــو ڳـــڙه پــــاســـي ڳـــايـــــو
                        ســالــڪ ســـاز ســروز ســـان ڪــي جــو ڪمــايــــو
                        پيـــو غلغلـــو گــرنـــار ۾ تــه ڪـــو آتــائــي آيـــــــو
                        اچي ٻيجل ٻولايو، آهيان سر سوالي منگتـــو.

(1) ٻيو ڇاپو:-           ڏهه ڏهه ڏيندو سانءِ منگتا روح رچندا دان
                        ٿيءُ ميان مهربان، چوري چنگ چئج تون

(2) ٻيو ڇاپو:-          آيــــــس منجــــهه اُڇــل، تيــلاهيــن مون تــو مڻيــــو
ٻئي ڇاپي ۾ هن بيت بعد هي بيت آيل آهي:

                        نــــــــــــر تـــــــــان تنــــــــد نيـــــــــــاز سيـــــن ٻُـــرائــــــــي ٻيجل
                        ســـــــــــــــــا راجــــــــــــــــا رتـــــــــــــولــــــــــن ۾ وَرنـــــائـــــــي اَمُــــــــــل
                        اُنهــــي هــــاءِ هنــــر ســـــــان سيـــــــن هنئيـــــن ســــائـــــــــــل
                        ڪنهين رهي نه ڪل، ته ڪو راجا راڳي هڪ ٿيا

(3) ٻيو ڇاپو:-           هاڻ دان اٿئي هيءُ، ٻيو صبح سوايو ڏيان.

(4) هن بيت بعد ٻئي ڇاپي ۾ هي بيت آيل آهن:

ڏات ڏئينم ڏاتار، آهيان سوالي سر جو

ويندس ڪين وري، هي مَرڪ نه مڱڻهار
جئن منجهئي ڏت ڏيڻ جي، تئن پُرس نه ٻي ڪنهن پار
سائين لڳ ستار، ڏي مٿو تون منگتي
چي: مٿو مور نه پاڙيان، تنهنجي تند تنوار
سر ۾ سهنج ناهه ڪو، تون موٽ نه مڱڻهار
ڪينڪي منجهه ڪاپار، لڄيندو ٿو لاهيان.

(1) ٻيو ڇاپو:            دائم رهين دمساز، داور کي درٻار ۾.

(2) ٻيو ڇاپو:            ڪنهن سان نيبہ ڪين ٿئي، عز وڏو اقبال.

(3) ٻيو ڇاپو:            وڍڻ جي وائي، تون ويهي وار مَ منگتا!

(1) ٻيو ڇاپو:            وٺ موتي جواهر جال، ڪوڙين ڏيانءِ منگتا

(1) ٻئي ڇاپي ۾ هن بعد هيءَ سٽ آيل آهي:
            ڪي عاقل رک عقل، سِر مان سرندئي ڪينڪي.

(2) ٻيو ڇاپو:            نيٺ سر باسيو سردار، ٻيا سڀ ارها ٿيا.

(3) ٻيو ڇاپو:            جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

(1) ٻيو ڇاپو: آهين وڏو نيڪ، منٿ مڃ تون منگتا.

(2) ٻيو ڇاپو: آهين وڏو ڍيڍ، منٿ نه مڃين منگتا.

(3) ٻيو ڇاپو: وڃ مڙي ڀائي، سالڪ ستاري ڪري.

(1) ٻئي ڇاپي ۾ هن بعد هي بيت آيل آهي: مرد وهاري منگتو، هليو راڻيءَ ڏي راءُ- اُڀو گهڻي ادب سان ڪري سڌ سماء – پڇي پنهنجي ماءُ، جئن چوين تئن ڪريان.

(1) هن بعد ٻئي ڇاپي ۾ نثر بدران هيٺيان بيت آيل آهن، جي منشي اُڌارام جا ٺاهيل آهن:
                        1-          ٻيجل سر ٻڌي ڪري، آني وٽ آيو
                                    ڏورئون ڏسي تنهنکي چوٽي چتايو
                                    ڪر لڏڻ سندو سعيو، مورک منهنجي ملڪ مان.
                        2-         لڏ لنگها منهنجي ملڪ مان، ڇڏ ڇنا منهنجو ڏيهه
                                    وڃي پراهين پٽ ۾ جت وڻئي تت ويهه
                                    پاپي هت م پيهه، نه ته جٺ ڪندو ساءِ جبري.
                        3-         ههڙو ڏاتر ڏيهه ۾، ڪو نه ٻڌوسون ڪو
                                    ماريندي تنهن ملوڪ کي ترس نه پيو تو
                                    جڏهن ڪڏهن تو منجهان مونکي جيءَ سندو جوکو
                                    هاڻي وڃ هتان وهلو، ڪر م وائي وهڻ جي.
                        4-         پوءِ وٺي پنهنجي جوءِ کي جوان هليو جوڌو
                                    سو وڃي راءِ ڏياچ جي ڏيهه منجھه پهتو
                                    آيو اُت منگتو، ٿو ڏسي عجب آگي سندا.
                        5-         ته سورٺ، خاتون، سس نهر، سي ٿيون ڏاهه چڙهن
                                    ڏسي طاقت تن جي لڳي حيرت هن
                                    ٽپي پيو آتش ۾ سالڪ ساڻ انهن
                                    ڏسي منڌ کي ماٺ ٿي، مصلحت آيس من
                                    ٻيو سڀ ڏيئي ٻن، ستي ٿي سهاڳ سان.
                        6-         هئي پِٺي سا پيٽ سان، تنهن کي تکو آيو تاءُ
                                    نڪري ٻالڪ ٻاهر ٿيو، ٺهه ڦهه ڪري ٺڪاءُ
                                    ڇڏي ڇورو ماءُ، وڃي ور چڙهيو ماڻهن جي.
                        7-         مڱر مؤن پيدا ٿيو، تنهن مڱريو چوايو
                                    تنهين منجهان راڄ ٿيا، تن مڱريا سڏايو
                                    پرور پڄايو، مطلب تن جي من جو.

(1) ٻيو ڇاپو: سڀ ٿئي موچارو، وٺو نالو رب جو.

* ”شاه جو رسالو“ مرتب ڊاڪٽر گربخشاڻي تان ورتل.

* اڪ پٽ مَٽر ذات ماڇي، ويٺل پير مدار شاه جي ڳوٺ جو، ديهه قبول پور جهرڪ، تعلقو گوني، ضلعو حيدرآباد. عمر 60 ورهيه هئس جو تاريخ 10- اپريل 1965ع تي حيدرآباد ۾ ساڻس ڪچهري ٿي. هيءَ روايت خود سندس زباني قلمبند ڪئي وئي. پنهنجا بيت به چيا اٿس، ۽ ٻين شاعرن جا به بيت ياد اٿس. ڳجهارت، ڏور، هنر وغيره جو ڄاڻو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org