سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :10

روايت [2]

سچل جي ڪلام مان هير رانجهي جي داستان بابت*

 

ڇڏي ملڪيت مال، رانجهو رڻ چڙهي هليو
قسمت ڪيس ڪنگال، نه ته حاڪم هو هزار جو.

 

حاڪم تخت هزار هو، قسمت ڪيو ڪنگال
مسڪينيءَ جو مرد کي، خطرو نڪو خيال
محبت مستانو ڪري، ههڙو ڪيڙس حال
پڇي جهنگ سيال، حب نه تخت هزار جي.

 

مالڪ انهيءَ ملڪ جو رانجهن مان راجو
الفت کان عطا ٿيو، ڏکن جو ڏاجو
عشق ڪيم آجو، دنيا جي ڪل درد کان.

 

مالڪ تخت هزار جو، رانجهو آءٌ راجا
ڪاني مون کي قلب ۾ قرب هئين ڪا جا
ڏکن جا ڏاجا، لکيا هئم لوح ۾.

 

شاهي هئم شان، دلبر پنهنجي ديس ۾
اتان آيس اوچتو، کڻي سورن جو سامان
ڇا منجهارون ڇا ٿي آيس، اهو اٿم ارمان
حيرت ۾ حيران، مون کي هِير هتي ڪيو.

 

رانجهو هس راءُ، مالڪ پنهنجي ملڪ جو
اديون! عشق انڌو ڪيو، پيڙم ڪين سماءِ
گهورن ڪيم گهاءُ، هتي اچِي هير جي.

 

اچڻ اوکو مون هيو، هاريون! آندم هِير
پنهنجي لکئي پاڻ کي، پاڙڻ پئي تقدير
ڪانه هلي تدبير، قسمت قيدالماءِ سان.

 

جوڳيا ويس ڍڪي، لاٿم سڀ لباس
پٽ پٽيهر بافتا، نپٽ ڪيم ناس
ڪيو نينهن نراس، دنيا جي دردن کان.

 

مون کي ماءُ ڪيو، چو چڪ ڌيءَ چريو
عقل هوش نيو، منهنجو محبت وارئين.

 

چو چڪ ڌيءَ چريو، مون کي ڪيو ماءُ
پيڙم ڪو نه سماءُ، آيل عشق انڌو ڪيو.

 

شاه هزاري هوت کي، محبت ڪيو ميهار
عاشقن کي عار، ڪهڙو آهه قريب کان.

 

مور نه محبت کان مُڙان، هتي اچي هاڻ
هاڻ ڪِنين جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٺ جون.

 

ڳئون چاريندس ڳوٺ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ
اها روح رهاڻ، مَن ڀي ميلي محب سان.

 

ڪاڻ ڪِنين جي ڪاڻ، ڳليين ٿيس ڳنوار
من مون ملي پار، لهن ڏولاوا ڏيل جا.

 

نورنگ ندورو، کيڙو وجهان کوهه
رانجهو منهنجي روح، سدا وسي ٿو سرتيون.

 

کيڙي نا ميڙي، موليٰ مونکي جيڏيون
جهنگ سڄو جهيڙي، ته به رانجهن منهنجي روح ۾.

 

کيڙو وجهان کوهه، نورنگ ندورو
دل اٿم ديرو، هزاري جي هوت جو.

 

واحد شال وجهين، چڱي چوچڪ چِت
پرور رکين پَت، سدا سِڪ وارئين.

 

ريجهي روح رانجهن سان، کيڙو کپڙتال
وِڌُونۡ وجهي وچ ۾، چوچڪ ڏس چنڊال
مادر مهڻا ڏئي جهجها، جھيڙي جھنگ سيال
مِٺو مون مِهوال، مون کان مُور نه وسري.

 

هَر هَر ويٺو هير جي، رانجهو ڏسي راهه
ويٺو وڄائي ونجهلي، چاهؤن تي چناهه
سانڍيو وتي ساهه، سچل سُور سڄڻ جا.

 

لوڌي ڪڍيائون لوءِ مان، رانجهن رمزدار
جاٽي هليو جان تي، جوڳين جو جنسار
مُرلي مڻيادار، چوريُونۡ وتي چاهه مان.

 

الستي آواز ڪو منهنجي ڪن پيو
هردي اندر هِير جي، آهي ڪو نه ٻيو
مُرليءَ مست ڪيو، جو ڳيڙن جي جيڏيون.

 

ڪاريهر قتيل، گودين وڌا گودڙئي
منڊيو وتي منڊ سان، نانگ نسورا نيل
رانجهن جي رسِل، مُرليءَ مستانا ڪيا.

 

مرليءَ تي تنهن مرد جي کنيا ڪاريهرن ڪَر
ٻِر ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نڪري نر
زهري منجهه زهر، جوڳڙي جَهٽي وتا.

 

جن کي اديون اوچتي، ڪاٽيو ڪاريهر
تن جي خاص خبر، جاچيو جوڳيڙن کان.

 

جاچيو جوڳيڙن کان، تن جي خبر خاص
نانگن ڪيا ناس، سنگهڻ سان سَوَن مٿي.

 

ٻر مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪر
ڏرُ انهيءَ جي ڏر، جَهِين ڏر نه ڏيهه ۾.

 

سَپُ سُڃاتئون ڪينڪي، جوڳين ماري جک
جِنينۡ سِنگهيو ڪک، سڀاڳا سيئي ٿيا.

 

ڪُنڍل ڪنن ۾ وجهي، خان ڇڏي خاني
جوڳيسرُ جاني، راويءَ طرف رَوِي هليو.

 

راويءَ طرف رَوِيو، جوڳيسر جوان
هيڪر هِير اُڪير ۾، مرد ٿيو مستان
سورن جو سامان، سچل ساڻ کڻي هليو.

 

ڇڏي چاهه چناب جو، راويءَ ڏانهن رَوِيو
مُرليون سُرليون ونجهليون، وڄائيندو ويو
ٿانيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پور ۾.

 

جوڳي آيو جوءِ ۾، مَر ڪڻو مَڻدار
مرليءَ مستانا ڪيا، جنهن جي لک هزار
ڪاريهر ڪردار، نِيلا ناٿ نوائيا.

 

مُندڙا مڙهي، جوڳي آيو جُوءِ ۾
پڙهيو سو پڙهي، مَنڊڙا محبوبن تي.

 

تنبڙيون تَن تَڻي، جوڳي آيو جُوءِ ۾
ڪنهن جي قرب ڪڻي، رانجهو روليو رڃ ۾.

 

نيٽيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ وهه ٿيو
ڏوراپا نه ڏيو، جنهن جو چاهه چناهه سان.

 

نيٽيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ ٿيو وهه
قسمت ڪاريا ڪمڙا، مانڊيءَ لڳو مِنۡههُ
ورهئون ڪڍي وِههُ، ورهه سندي واسينگ جو.

 

هاريءَ ٻڌي هير، مرلي ڪئي مَگن
”سچو“ وسري ڪينڪي، ويچاريءَ وچن
لانگوٽيءَ لڳن، لِکيو جنهن جو لوح ۾.

 

هُتي ڪير هُيس، هِتي آهيان ڪير
سالم اهو سيرُ، ”سچل“ سِڪ ڪرائيو.

 

ËËË

 

روايت [3]

سيد حيدر شاه جي بيتن ۾ چيل ڳالهه*

 

ڪنهن زماني ۾، ”هزارا“ شهر

 

حسن جي حقيقت ٻڌي، رانجهو بيتاب ٿي ويو. دل ۾ اچي آنڌ مانڌ ٿيس، ۽ مسافر کي چيائين ته: ادا، انهيءَ انهيءَ سهڻيءَ جون ڪي ٻيون خبرون به ٻڌاءِ ته ڪير آهي، ڪنهن جي ڌيءَ آهي ۽ سندس گهر گهاٽ ڪٿي آهي؟ مسافر رانجهو جو حال ڏسي سمجهي ويو ته هن جوان کي به عشق پنهنجي قيد ۾ قابو ڪيو آهي، سو چيائينس ته: رانجهو، تنهنجي بيتاب حالت ڏسي منهنجا ڦٽ اُٿلي پيا آهن. اها ڳالهه ته ڏاڍي ڏکي ڪيئي، پر خير هاڻي هير جون سربستيون خبرون ٻُڌ. هير جي پيءُ جو نالو چوچڪ آهي، جو ذات جو سيال آهي ۽ چناه (چناب) جي ڪپ تي جهنگ نالي ڳوٺ ۾ پنهنجي راڄ ڀاڳ سان گڏ رهندو آهي. اها ڳالهه ٻڌندي رانجهو کي عشق جو قهري تير لڳي ويو، چئي: ميان مسافر! ٻڌاءِ ته اها حور مونکي ڪهڙيءَ طرح نيبهه ٿيندي؟ تڏهن مسافر چيس ته: رانجهو تڪڙ نه ڪر، هروڀرو اتاولو نه ٿيءُ. ائين روئڻ پٽڻ ۽ ڦٿڪڻ مان ڪي به ڪين ورندو، تون پنهنجو ڪو قاصد پرين پار اماڻ، متان تنهنجي من جي مراد پوري ٿئي.

هن اڃان قاصد ئي ڪونه موڪليو ته انهيءَ وچ ۾ خدا جي قدرت سان سندس پيءُ وفات ڪئي. هاڻي هڪ ته هير جو عشق ٻيو پيءَ جي وفات، سو ڏکن ۾ وٺجي ويو. رانجهو جي اها حالت ڏسي سندس ڀائرن فيصلو ڪيو ته رانجهو پيءُ جي پيڙهي ڪو نه اجاريندو، تنهنڪري هن کي ماڳهين پاڻؤن ڌار ڪري ڇڏجي. سو ٽنهي ڀائرن مال ملڪيت ورهائي، رانجهو جو حصو سندس حوالي ڪيو؛ پر هن ڀائرن کي مال ملڪيت موٽائي ڏني، چئي: مونکي ملڪيت ڪانه گهرجي، آءٌ ماڳهين هي ملڪ ئي ڇڏي ٿو وڃان. ڀائرن گهڻو ئي روڪيس، پر هن سندن هڪ ڳالهه به ڪا نه ٻڌي ۽ ماٺڙي ڪري، فقيراڻو ويس پهري، جهنگ سيال جو پتو پڇي اٿي پنڌ پيو.

هلندي هلندي نيٺ اچي چناب نديءَ جي ڪناري تي پهتو. اتي هير جو محلات ڏسي سندس جسم ۾ ساه پيو. مسافر وارا ڏنل اهڃاڻ دل سان لڳس. هلندو اچي ڏسي ته درياء جي ڪنڌيءَ تي هڪڙي نهايت سهڻي ٻيڙي بيٺي آهي. رانجهو ميربحر کي سڏي چيو ته: ميان ميربحر! مونکي انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي ٻيءَ ڀر وٺي هل ته وڃي محبوبن سان ملان. ميربحر چيس ته: ميان مسافر! تون ڪو هتي نئون آيل ٿو ڏسجين، جو توکي خبر ڪانهي ته هي ٻيڙي هير جي آهي. اها ڳالهه  ٻڌندي ئي رانجهو پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلايو، ۽ غوطا کائڻ لڳو. اهو حال ڏسي ميربحر کي رانجهو تي رحم آيو، سو کيس پاڻيءَ مان ڪڍي آڻي ٻيڙيءَ تي ويهاريائين ۽ چيائين: تون خوشيءَ سان مٿي ٿي ويهه… ڪجهه کل ۽ ڳالهاءِ ته من تان مونجهارو لهيئي. رانجهو وراڻيس ته: ادا، مونکي معاف ڪج جو روح ۾ تر جيتري به خوشي ڪا نه اٿم… انهيءَ ڪري نه کلڻ ٿو وڻي نه کائڻ؛ باقي توکي هڪ نياپو ٿو ڏيان، جيڪڏهن هير تائين پهچائين ته تنهنجو احسان ٿيندو. وڃي چئينس ته تنهنجي محبت ۾ هڪ مسافر الائجي ڪيترا ڪشالا ڪري، هتي تنهنجي در تي آيو آهي. هاڻي الله ڪارڻ ان جي آس پڄاءِ. ميربحر چيس ته: ميان! آءٌ انجام نٿو ڪريان، پر ڪوشش ڪندس ته تنهنجي من جي مراد پوري ٿئي.

انهيءَ ڏينهن خدا جي قدرت اهڙي ٿي، جو هير پنهنجن سٺ سهيلين سميت باغ گهمڻ آئي. جڏهن اها خبر ميربحر کي پئي، تڏهن ڏاڍو ششدر ٿيو ته متان هير ٻيڙي گهمڻ اچي ۽ ان نوجوان کي ڏسي مون تي ڪاوڙجي، تنهنڪري اٽڪل اهڙي ڪريان جو آءٌ سزا کان بچي وڃان. سو زال کي چيائين ته: تون وڃي هير کي سڄي حقيقت ڪنهن اٽڪل سان ٻڌاءِ، جيئن پنهنجو ڏوهه ظاهر نه ٿئي. ميربحر جي زال يڪدم دانهون ڪوڪون ڪندي هير وٽ ويئي ۽ چيائينس ته: سائڻ! ههڙيءَ طرح هڪ شخص تنهنجي خاص ٻيڙيءَ ۾ اچي ويٺو آهي… چئي ٿو آءٌ هير جو عاشق آهيان… هاڻي تون پاڻ هلي کيس ٻيڙيءَ مان ڪڍ، باقي اسان کان ته زور آهي. اها ڳالهه ٻڌندي ئي هير ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي، چئي: آءٌ ان کي اجهو ٿي گهڙي کن ۾ پورو ڪريان. کيس اهڙي سزا ڏينديس جو سڄي دنيا جا ماڻهو عبرت ڪندا. اتي ڪا ڪراڙي دائي به بيٺي هئي، تنهن خيال ڪيو ته متان هير اجايو ان شخص کي مارائي وجهي، سو هير کي چيائين ته: سائڻ! ڪجهه ڌيرج ڌار، تڪڙ ڪم چڱو نه آهي، ڪا گهڙي ويهه، پالڪي گهراءِ ته ان ۾ چڙهي هلون. آخرڪار پالڪي آئي، هير ان ۾ چڙهي ويٺي، ۽ ٿوريءَ دير ۾ اچي ٻيڙيءَ وٽ لٿي.

هير ٻيڙيءَ تي چڙهي ته رانجهو کي پنهنجي خاص هنڌ تي ستل ڏٺائين. سندس حسن ۽ جواني ڏسي هير جا هوش خطا ٿي ويا، عشق پنهنجو ڪم ڪيو. گهڙيءَ ۾ سندس سموري ڪاوڙ لهي وئي. اکين ۾ لڙڪ تري آيس ۽ رانجهو جي ڀر ۾ بيهي نهايت پيار سان چيائين ته: منهنجا مٺا! اٿ، ننڊ مان سجاڳ ٿيءُ. رانجهو جي ڪن تي اهو پڙلاءُ پيو ته يڪدم اٿي کڙو ٿيو. پنهنجي آڏو محبوب بيٺل ڏسي حيران ٿي ويو. پوءِ ته ٻئي گڏجي ويٺا ۽ هڪ ٻئي کان خبرون چارون پڇڻ لڳا. ڪجهه دير کان پوءِ هير، رانجهو کي چيو ته: مٺا سائين، هل ته هلي باغ جو سير ڪريون. پوءِ ٻئي ڄڻا پالڪيءَ ۾ چڙهي باغ ۾ آيا، اتي هير چيو ته: رانجهو، مونکي هن ڳالهه ڏاڍو حيران ڪيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پيءُ کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته پاڻ ٻنهي کي مارائي ڇڏيندو. هاڻي اهڙي ڪا صلاح ڪريون جو ’لعل به لڀي ۽ پريت به رهجي اچي‘. رانجهو چيس ته: مونکي ته ڪا ڳالهه ڪانه ٿي سجهي، آءٌ ڪهڙي تدبير ڏسيان؟ آءٌ ته تنهنجي وس ۾ آهيان، جيئن چئين تيئن ڪريان. انهيءَ تي هير چيس ته: هاڻي پنهنجي ملڻ جي فقط هڪڙي واٽ آهي ته تون اسان جون مينهون چار. انهيءَ بهاني سان تون اسان وٽ رهيو پيو هوندين، ۽ آءٌ روزانو رات جو وجهه وٺي توسان پئي ملنديس. رانجهو جواب ڏنس ته: جيڪڏهن انهيءَ نموني آءٌ تو وٽ رهي سگهان ٿو ته پوءِ تنهنجون مينهون چارڻ لاءِ آءٌ تيار آهيان. اها صلاح ڪري هير گهر موٽي آئي. ماني ٽڪي کائي وڃي ماءُ جي ڀر ورتائين. سندس خوشيءَ ۾ ٻهڪندڙ منهن ڏسي، ماڻس پڇيس ته: ڙي هير، اڄ ڪهڙو پارس هٿ آيو اٿئي جو ائين خوشيءَ ۾ پئي ٽڙين؟ هير وراڻيس ته: امان، اڄ هزاري شهر مان هڪڙو ميهار آيو آهي، سندس نالو رانجهو آهي. منهنجي صلاح مڃين ته پنهنجون مينهون ان کي ڏي ته وڃي چاري. ماڻس سندس اها ڳالهه مڃي ۽ چيائين ته: وڃي ان کي هزار مينهن جو ڳڻي ڏي ته پيو چاري. پوءِ ته يڪدم ڊوڙي رانجهوءَ وٽ آئي، ۽ کيس چيائين ته: هاڻي مينهون ۽ سر سبز ويءُ آهن تنهنجي بلي، پيو چار.

چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪڻا نه آهن، سو هير جو روزانا رانجهوءَ ڏي پنڌ ڏسي، ماڻهن کي شڪ جاڳيو.

 

هير جواب ڏنن ته: برابر، آءٌ سمجهان ٿي ته اوهين منهنجي ڀلي خاطر ائين ٿا چئو، پر آءٌ ڇا ڪريان، جو منهنجو پاڻ تي وس نٿو هلي. انهيءَ تي پڻس ۽ ماڻس ڪاوڙجي اٿيا ۽ کيس ڏاڍي مار ڪڍي، ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائون. قيد ۾ هير روئڻ پِٽڻ لڳي. سندس آه زاري تي چوچڪ کي دل ۾ ڪهل پئي، پر وٽس در جي ڪنجي ڪانه هئي، سو ڀت ڀڃي، هير کي آزاد ڪيائين ۽ چيائينس ته: مون توکي اجايو بند ڏنو آهي… هاڻي هتي نه ويهه، تون آزاد آهين. پوءِ ته يڪدم اٿي، هار سينگار ڪري رانجهوءَ ڏانهن رواني ٿي.

هوڏانهن رانجهوءَ جو حال خراب هو. هير جي جدائيءَ ۾ روئي روئي ماندو ٿي پيو هو، چئي: اڳي ته هير سويل ايندي هئي، اڄ الائي ڇو اوير ڪئي اٿس… هاڻي هير کان سواءِ مون کان حياتي ڪانه ڪٽبي. اتي هير به اچي پهتي ۽ رانجهو کي روئندو ڏسي چيائين ته: مٺا! اٿ، سڌير ٿيءُ. ڪنڌ کڻي رانجهو نهاري ته هير بيٺي آهي. پوءِ ته پاڻ ۾ ملي ته ڏاڍا خوش ٿيا.

انهيءَ ڳالهه جي ڪا ڪيدو کي کڙڪ پئجي وئي. تنهن ڇا ڪيو جو ويس مٽائي، فقيراڻا لٽا پائي، رانجهوءَ جي وٿاڻ تي اچي سينَ هنيائين. رانجهو وٽ جيڪا ماني موجود هئي سا کڻي سندس جهولي ۾ وڌائين. ڪيدو اتي هير کي ڏسي ورتو هو، سو يڪدم سڄي راڄ ۾ هير ۽ رانجهو جي عشق جو پڙهو ڏيئي، چوچڪ وٽ آيو ۽ چيائينس ته: ادا، هاڻي ته زهر جو ڍڪ پي وڃي مر. هلندي هلندي اها خبر هير جي ڀائرن کي به ملي. پوءِ ته ڪاوڙجي ترارون کڻي اٿيا ته انهي رانجهو کي پورو ڪريون، جنهن اسان کي خلق ۾ خوار ڪيو آهي. وٿاڻ تي آيا، جيئن ئي رانجهو تي جلهه ڪيائون، تيئن اهو به لوڙهه کڻي بيهي رهيو. سندس ڏيا ڏسي هير جا چارئي ڀائر بيهي رهيا ۽ اڳتي وڌڻ جي طاقت نه ٿين. پوءِ موٽي اچي پيءُ کي ٻڌايائون ته: رانجهو انسان ڪونهي، ڪا آفت آهي. ان تي چوچڪ کلي چين ته: هو به اوهان جهڙو انسان آهي، پر بهادر ۽ وڏ گهراڻو آهي. سندس اهي حال هير جي نينهن ڪيا آهن، جو اچي ميهار ٿيو آهي. هاڻي منهنجي صلاح وٺو ته ان کي کڻي هير جو سڱ ڏيو.

اها ڳالهه ٻڌي هير جا ڀائر چپ ٿي ويا. نيٺ سوچي ويچاري اهو فيصلو ڪيائون ته هير کي مارجي ته سڄو معاملو ئي ختم ٿي وڃي. سو ترارون کڻي سڌو هير وٽ آيا. هير جو ڀائرن کي ترارون کڻي ايندي ڏٺو، سا سڌي وئي ماءُ ڏي ڊوڙي. تنهن وري چوچڪ کي هوشيار ڪيو ته: ميان، ڏس متان ڇوڪرا منهنجي هير کي نه ماري وجهن. تنهن وري پٽن کي سمجهايو ته: پٽ! ڪجهه خيال ڪريو، هن ويچاريءَ ڪُٺل کي هروڀرو ڇو ٿا ستايو؟ هيءَ ته پنهنجي وس ۾ ئي ڪانهي، ۽ پنهنجو حق ٿي گهري، ناحق نٿي گهري. پٽن جواب ڏنس ته: بابا، تون ڳالهيون ڪهڙيون ٿو ڪرين. هن کي مارڻ مناسب آهي. توکي ڪو ڪونه ٿو چوي، پر اسان کي ماڻهن جي طعنن ۽ تنڪن ئي ساڙي ڇڏيو آهي. تڏهن چوچڪ چين ته: ڀلا جي اوهان جي اها ئي مرضي آهي ته پوءِ اوهين پنهنجي خيال سان هير لاءِ ڪو ٻيو گهر جانچو ته اتي پرڻايونس. اها ڳالهه هنن به قبول ڪئي، ۽ پيءُ کان موڪل وٺي جهنگ سيال مان روانا ٿيا. خيال ڪيائون ته هير لاءِ ”نورنگ پور“ جو حاڪم ”کيڙو“ تمام لائق ور ٿيندو. سو چارئي ڀائر، نورنگ پور پهتا. کيڙو انهي مهل ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو. هي چارئي ڀائر سلام ڪري، هڪڙو پاسو وٺي ويهي رهيا. آخرڪار کيڙي کانئن حال احوال ورتا، تنهن تي هير جي هڪڙي ڀاءُ چيو ته: کيڙا، اسان پنهنجي ڀيڻ هير، جنهن جي سونهن ملڪان ملڪ مشهور آهي، تنهن جو سڱ سيالن ۾ ڏيڻ پنهنجي بيعزتي ٿا سمجهون، ڇو جو اسين سردار آهيون ۽ هو اسان جي رعيت. هتي سواءِ تنهنجي ٻيو ڪو به اسان جو ثاني شريڪ ناهي. اسين توکي اهو سڱ آڇڻ آيا آهيون. اها ڳالهه ٻڌڻ سان کيڙو خان خوش ٿيو. هير جي ڀائرن جا شڪرانا پيو مڃي. چئي: اهو ته توهين مون سان وڏو وڙ ٿا ڪريو. بس پوءِ اها ڳالهه سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويئي ته ’چوچڪ خان، کيڙي کي پنهنجو ناٺي ڪيو آهي‘. يڪدم شاديءَ جون تياريون ٿي ويون، ڏيج تيار ٿيو، ۽ هڪڙي ڏينهن کيڙو، ڄڃ وٺي جهنگ سيال آيو ۽ مڱڻو ڪري موٽي ويو.

هير کي اها ڳالهه قبول ئي ڪانه هئي، تنهن زرزيور ۽ ڪپڙا لٽا، ماءُ کي موٽائي ڏنا، چئي: مون پنهنجو ور رانجهو چونڊيو آهي، رانجهو ري ٻئي ڪنهن سان ڪين پرڻبيس. ماڻس گهڻو ئي سمجهايس پر هير ڪابه ڳالهه نه مڃيس. نيٺ جهڙي هئي تهڙي، رڳو دڙڪا ڏيندي وئي ته: جيئن اسان کي وڻندو تيئن ڪنداسين.

هڪڙي ڏينهن هير وجهه وٺي هڪڙي نجوميءَ وٽ وئي، ۽ چيائينس ته: ڍارو ڍاري ڏس ته آءٌ رانجهوءَ سان ملنديس يا نه؟ جوتشيءَ ڍارو ڍاريو، ڍارو سولو پيو، چيائين ته: مائي، تون الڪو نه ڪر، پس پيش تنهنجو ميلاپ رانجهو سان آهي. ٻه چار ڏينهن ڏکيا اٿئي؛ سي گذري ويندا. اها ڳالهه ٻڌي هير سرهي ٿي، ۽ گهر موٽي آئي.

جڏهن رانجهوءَ کي هير جي شاديءَ جي خبر پئي، تڏهن منهن مٿو پٽڻ ۽ روئڻ لڳو. اهي ٿاڪ، جتي محبوب سان ورهه ونڊيندو هو، سي کائڻ ٿي آيس، پوءِ ته روئندي پٽيندي رڻ منهن کڻي ڪيائين. نه ماني کائي نه پاڻي پيئي. رات ڏينهن هير جي فراق ۾ هنجون هاريندي پيو گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن رانجهو ائين هير لاءِ روئي الله سائين کي پئي ٻاڏايو ته: اي رب، مونکي پنهنجو محبوب ملاءِ! ته اوچتو هڪ الهامي آواز ڪنن تي پيس ته: اي رانجهو، دل نه لاهه، اٿي سڌير ٿيءُ. تون نيٺ پنهنجي محبوب سان ملاقي ٿيندين، ۽ تنهنجا سمورا گوندر لهندا. اهو آواز ٻڌي رانجهو سرهو ٿيو ۽ ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندائين. هوڏانهن کيڙو، نٿ تي ڄڃ وٺي اچي جهنگ سيال کان نڪتو. چوطرف رنگ لڳي ويا، ڪٿي دهل پيا وڄن ته ڪٿي ناچ ۽ گاني جي محفل لڳي پئي هجي. راڌارن طرحين طرحين جا طعام تيار ڪري مهمانن ۽ غريب غربي کي پئي کارايا.

خيرن سان رات ٿي ته سهاڳڻيون، کيڙي کي مينديءَ جو ساٺ ڪري، هير وٽ آيون؛ پر هير ته ڪاوڙ ۾ ٻري ويٺي هئي، تنهن مينديءَ جو پِڙو کڻي سهاڳڻين کي اڇلائي هنيو. اهو حال ڏسي هو سڙي ويون. تڏهن کيڙي جي مائٽياڻين چيو ته: چوچڪ جي ڌيءَ چري ٿي پئي آهي. تنهن تي هير جي ماءُ کي سڏايائون. ماڻس به ڪيترو ئي سمجهايس پر هير چوي ته آءٌ اصل ميندي ڪانه لائينديس.

 

ڇڏيائون. ماڻهن کي ڏيکارڻ خاطر رانجهو ڪوڙا سچا منڊ منتر پڙهڻ لڳو. جڏهن لوڪ لقاء ٽريو، تڏهن هير به اٿي ويٺي. پوءِ ته ويهي ڏک سور اوريئون. آخرڪار هير چيس ته: رانجهو، هاڻي هل ته هتان ڀڄي نڪرون. پوءِ آڌيءَ رات جو وجهه وٺـي ٻئي ڄڻا نورنگ پور مان نڪتا. پنج ست ڪوه ڪيائون ته هير ٿڪجي پئي. خدا جي قدرت ان ڏينهن نورنگ کيڙو شڪار تي ويل هو. سو جڏهن موٽيو ۽ هير جي حال بابت پڇا ڳاڇا ڪيائين، تڏهن چيائونس ته: اوهين هلي ڏسو. وڃي ڏسن ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن. نه آهي هير نه جوڳي. کڻي گهوڙن تي لانگيون ورايائون. مينهن واءُ ڪندا اچي هير ۽ رانجهو کي رسيا. پوءِ ته ٻنهي کي ڏاڍي مار ڏنائين. ماڻهو اچي مڙيا. تن کيس مارڻ کان روڪيو ۽ چيو ته: تو ظلم ڪيو آهي، هل قاضي وٽ. نورنگ کيڙي چيو ته: هير منهنجي نڪاح ٻڌي زال آهي ۽ هيءُ شخص کيس ڀڄائي وٺي آيو آهي. قاضي شاهد پڇا، جن پڻ اهڙي شاهدي ڏني. تنهن تي قاضي اهو فيصلو ڪيو ته: هير نورنگ کيڙي جي زال آهي. اهو ٻڌي رانجهو آهون ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو سڄي شهر تي ٽانڊا وسڻ لڳا. ماڻهو اچي رانجهو جي آسپاس گڏ ٿيا. ڪئين منٿون آزيون ڪيائون. پر رانجهوءَ چين ته: جيستائين هير نه ملنديم تيستائين ماٺ نه ڪندس. پوءِ کيڙي جي پـٺيان ماڻهو ڊوڙايئون، جن کيڙي کان هير وٺي اچي رانجهو جي حوالي ڪئي. پوءِ ته ٻئي عاشق معشوق ملي خوش ٿيا. هوڏانهن نورنگ کيڙي، جهنگ سيال ڏانهن ماڻهو موڪليو ته توهان جي هير سمورن سيالن ۽ کيڙن جا نڪ وڍي ڇڏيا آهن، سي به روئي پٽي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

رانجهو هير کي وٺي تخت هزاري پهتو، جتي ڀائرن ۽ يارن سان مليو. چوطرف خوشيون ٿي ويون. نيٺ هڪڙي ڏينهن هير ۽ رانجهي جي شادي ٿي، ۽ حياتي جا باقي ڏينهن خوشين ۽ شادمانن ۾ گذاريائون.

���


* رسالو سچل سرمست، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1985ع تان ورتل. ”سچل سرمست“ جو اصل نالو عبدالوهاب هو، پنهنجي ڪلام ۾ ”سچو“ ”سچل“ ”سچيڏنو“ ۽ ”آشڪار“ تخلص ڪم آندا اٿس. درازن جي ڳوٺ ۾ سنه 1152/1739ع ۾ ڄائو هو. نوي ورهين جي ڄمار ۾ 14- رمضان 1242هه/1829ع ۾ وفات ڪيائين، سندس درگاهه جي ڳوٺ ۾ آهي.

* سيد حيدرشاه ولد مٺن شاه حيدرآباد شهر جو رهاڪو هو. هي قصو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org