سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :4

بيت*

 

الله جل جلالہ، ساراهيان ستار
جنهن پيغمبر پيدا ڪيو، نبي نور نبار
اول اُپايائين اڳرو، عاصين جو آڌار
پوءِ اپايو عالم ۾، سڀني جو سردار
تنهين لڳ تڪرار، مولي ملڪ منڊائتا.

 

مولي ملڪ منڊائيا، ڏسيون ڏوران ڏور
ڪي ڀڻيو پنن بکيائون، ڪي مايا ۾ معمور
ڪي پيڙهين ويٺا پاتشاه، ڪي چوٽيرائي چور
سندو انيراءِ ئي اُور، مٿي آڳن اَڳرو.

 

انيراءِ اجمير ۾، ٿو ملهه مرڪي مانهين
جيڪا پويس ڪن تي، اوڏي ڪي پرانهين
ته رميو رسي ان کي، پيو تاڻي تيڏانهن
(1)
جي ڏئيس سگهه سائين، ته کٽيو اچي خوش ٿيو.

 

کٽي خان خوش ٿئي، ملهه مانهين ۾ مِهمت
وريو چئي وزيرن کي، ڀڙ ڀڙ ڪيو انهي ڀت
ته ڪنهن ڳڙهه آڇاريوم ڳت، آن سجهي جو اڳرو.

 

تڏهن اُتي انيراءِ کي، وريو چون وزير
ته پر ڀُنۡئِي پرن پنڌ ۾، بابو ساڻ بهير
ٿا ڏورين ڏيہ گهڻا، سي ڪا وڌ ڏينِي وير
سالڪ سرت سڌير، تن کان صحي پونديون ئي سڌيون.

 

صحي سڻڻ لئي سڌييٖن، رهي انيراءِ کي آر
چوائي تنهن مڪو، چئين ڏسين چوڌار
ته ساٿ سڻو ڪو سامين، پرندو ڪنهين پار
تن نانگن کي نروار، وٺي مون ڏي آڻيو.

 

ڪي جُنگ جُنبيا ٿي جوءِ ۾، سامي سرت سڄاڻ
وڃي ويرن واريا، وجهي انيراءِ جي آڻ
ته شاه سڏايو ساميو! جابر جبر جواڻ
سي بابو ڀريا ماڻ، آندائون اجمير ۾.

 

آيا سي اجمير ۾، ويا وٽ وزير
سامي گهڻو سٺانگرا، پر هئا دل دلگير
دانہ دلاسي دم ۾ چينچل بخشيا چِير
ته سندي ڳڙهه ڳهير، تهان کان بات پڇندو بادشاه.

 

بابو ڪارڻ باتيين، جڏهن ڪيائون پيش نذر
تڏهن پر ۾ ڪوٺي پڇيا، انيراءِ ان پر
ته مرد مٿانهون مونهين ڪو، سجهيو شير سڌر
ته ان وؤنڪي لاهي ور، ڪريان سلامي سيگهه مؤن.

 

چئي: ووُنڪا وير وڙهڻ جي، جي تن آٿِي تاري
ٽه اوچا ڳڙهه عظيم سي آهن بهت گهڻا باري
تو ڪي ڪڏهين ڪنين نه سئا، هوءِ گۡنيَر گرناري
اڻٽر اوپر ڪوٽ ۾، آهي عاقل اختياري
سو چار چوڏهن چونڪيون، ٿو جنگ رکي جاري
ڪڏهن آيو ڪو نه ڪو تنهن سر ملهه چڙهي ماري
تون ڀڙ ڀليين باري، متان تاڻين تنهين پار ڏي.

 

تان چئي: ڪيڏو اُوچ ان جو، قلعي ٺاه ڪيو
ڪهڙي ڀَوَنت ڀڙ جي، سا مون سڌ ڏيو
اهو ڏسڻ ڏيہ پيو، کنيري کنگهار جو.

 

تان چئي: کانڌيري کنگهار جي آهي منهن موچاري ماٽ
سو لک بخشي ٿو لاڏلو، پهچ پهرائي پاٽ
ٿو ڪري ڪامل قرب سان، جُنگ جَميل جاٽ
جي سڄ اڀري سنئون ٿئي، لُڏي ڪڍيائين لاٽ
هڪ لڳي لُڪ لڪن تان، ٻي لڳي اُڃ اُساٽ
اُت وڙهڻ ڪانهي واٽ، ڏاڍو گڍ گرنار جو.

 

ڏاڍو گڍ گرنار جو، ارڏو اوپر اَت
ڪوٽ نه ڏسجي ڪنگرو، پڻ منجهيو وڃي مت
تنهن ۾ جنگ جميل جوت ڀريو، آه پِير پوري پت
تنهن جي سيوا ۾ سلکڻو، وڃي ويلهه وقت
سو تون سعيو ڪري ستت، متان تاڻين تنهن پار ڏي.

 

تڏهن وري وزيرن کي، اُتو انيراءَ
ته فوجون فيل سنباهيو، توفون تکي تاءَ
چاڙهيو چينچل چاه سين، مڙيئي لشڪر لاءَ
تان تان سک نه ساءَ، جان جان ڀڙ نه ڀيٽيان.

 

تڏهن چيو انيراءِ کي، اتي وزيرن وري
ته سڌ سئيسون ساميان، ڳڙهه جي ڳالهه ڳري
ات وجهه وڙهڻ جو ناه ڪو، پڻ پوندا مڙس مري
ان جي ٽيلي کان به ٽري، پلي پروڙ تون پاڻ کي.

 

پاڻ پليو رهي نه پاتشاه، پہ پيو جنهن پور
سو ڏمريو ڏياچ تي، مرد نه مڙي مور
چڙهيو چينچل چاهه سين، اپر ڪريوئي اَور
چئي: ڏيہ سڄي جو ڏور، سو ڪو قلعي راوَ آڻيان.

 

تڏهن ڪري قصد قلعي تي، ڀليا سي ڀلڪار
لک لشڪر لاڏلي، ميڙيا مرد مڻيار
ڪي هندي، سنڌي، پارسي، دکي دعويدار
ڪُونۡهٽ ڪشميري ڪيترا، عجمي اُت اپار
گهڻا گهرايا گهوٽيي، ڪابوليان قنڌار
سي بيحد بنجي آئيا، باڪا برخوردار
هئا جاما جوانن کي، زرهون زينتدار
ڪمر ڪٽاريون ڪاتيون، ٻيون ڪلنگيون منجهه ڪپار
کڙيون خانن هٿ ۾، دهريون سان ديدار
تن چڱن مٿان چؤنرۡيون، ڍرن ڍليءَ ڍار
سي ٿا کونسن منجهان کار، ڏمر ساڻ ڏياچ تي.

 

سي ڏمريا ڏياچ تي، ڀليا ڀلڪاري
سي ڀڙ گهرايا بادشاه، اپر آڀاري
ته ڍڪيو ويس وڏاندرا، اوهين وڙهڻ جا واري
صبح سنڀري سڀڪو، چينچل چڙهڪاري
تن نرن ناريون ڪڍيون، سرتڻ سينگاري
رات وهائي ڏينهن ڪيو، غازين گذاري
هليا هڪل هل سان، ڪري نوبت نغاري
ڍريا اوءِ ڍاري، پهريون پاڻو پنڌ ۾.

 

پاڻو کڻي پُريا، جنبيا جلد جوان
توفون، تير، تڦاڪون، شتر ناريون، ٻان
اٺ خزانا استريون، نغارا نيشان
ڀڙن ڀالا بڙڇيون، قرابين ۽ ڪان
ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، جي هئا ساٿي سان سلطان
سي مانجهي ۾ ميدان، ٿا کونسن راوَ ڏياچ سان.

 

کانڌيري کنگهار سان، ٿا کونسن منجهان کار
ڪي پُرن پباد پيرڙيا، ڪي شترن سر سوار
ڪي مٿي گهوڙن گهوٽيا، چينچل چِيريدار
اُتاهان انبارين سان هاٿين جا به هزار
صحي پوندين سار، جڏهن ڏسندا ڏيہ ڏياچ جو.

 

سي آيا ڏيہ ڏياچ جي، ساهو سڌر سِينهن
پاڻان ڏيئي پهتا، جهاڳي راتيون ڏينهن
ڪٽڪن ڪاهو ڪاهه ڪي، جيئن مندائتا مينهن
هاڻي قضيو هوندو ڪيئن، ناهم سڌ، سگهڙ چئي.

 

ناهم سڌ، سگهڙ چئي، پنڌ نه ڄاڻان پير
سي تون قادر ڪوڙ مر هين، جي ڍڳ ڪيا مون ڍير
ڏٺم ڪين ڏياچ کي، نه ڪي اني مرد مٿير
پر کنيرو سان خير، ڪهي آيو ڪاف تي
(1).

 

ڪاهي آيو ڪاف تي، جڏهن سو انيراءِ
تنهن ٺُلهه منڊايا ٺاه سين، چات چلي سر چاه
تن چاڙهي توفون چاڙهيون، ويرن واري واه
ڇُهلن بيهي ڇوڙيون، سان تير تپائي تاءَ
تان گورا ڪن نه گهاءَ، پاڻ اوريائين ٿي اوليا.

 

اوريائين ٿي اوليا، پرن ڪين پري
گورو گڍ گرنار کي، لڳو ڪين ڪري
تڏهن چاڙهه نهاري چوٽيون، اُڀو ڳڙهه ڳري
پوءِ پانَوَ پير ڀري، آسُنبيءَ ڀر آئيا.

 

آسنبي ڀر آئيا، اجميري اڙٻنگ
سي باري ڀڙ، ”بڪر“ چئي، هو نالي دار نسنگ
تن ويرن وڏائي وس ڪيا، نڪتي ڪارڻ ننگ
تن رونۡڪن راماڻا ڪري، ٿي ڏوران چکايا ڏنگ
سي قلعي پاس ڪلنگ، ٿا وجهه نهارين وڙهڻ جا.

 

وونڪا وجهه وڙهڻ جا، ٿا واٽون ڏورين ور
پر ڪوٽ نه پسجي ڪنگرو، قلعي پوي نه  ڪر
تڏهن مانجهين منڊيا مورچا، ٽاڪي سر ٽڪر
نارين ڀيرين ڀَرُ ڪيو، ڌوم تَتِي سر ڌر
نان ڪو سُئو ان سڌر، پڙڏو انهين پار جو.

 

پڙڏو نيئي پهچائيو، پَـــــــوَنِ پُــرائـــــــي
تڏهن سڻي سورٺ – ور، ٿو پرو پڇائــــــي
ته هي سيٺ، ڪي سوداگر، ڪي ڪو قضيو آهي؟
ڪي ڪو پاٺ پنڻ کي آئيو، قوت ڪارڻ ڪاهي
هاڻي سڌ مون سڻائي، ڪو ويڌن هن ويچار جي.

 

ويڌن هن ويچار جي، آچاريائونس ايهي
ته نه هي سيٺ، نه سوداگر، نه سو پاٺ پرڏيهي
پر هي ’اَنُو‘ اچانڪ آئيو، پهس پُري پيهي
رميو چون راوَ کي، ته هي ڪندوءِ ڪيهي
سو ٿو وسائي ويهي، گورا گڍ گرنار تي.

 

تان گت پروڙي گڍ جي، مرد نه موڙيو من
چوي راءُ رهاڻ ۾، ٿو سڻائي سڀن
ته منجهيئي ڌڻ ڌڻيو، منجهئي عيش امن
منجهيئي باغ بهاريا ساز سڀيئي سرتن
نه جن کي هئي ڪمي ڪنهن ڳالهه جي، سي اهڙي چات چلن
هي عاقل اُمراهن سان، ويهي ساهو ڪي سمن
ته هي ويهي ۾ ورهن، پاڻهين پوندو مامري.

 

تان هن مردن من ۾ مامرو، ٿي ورٽ وير اوير
تن اُتو انيراءِ کي، جو کانڌيرو کنير
ته نه ڪا واه وڙهڻ جي، پنڌ نه ڪوئي پير
نه ڪو سهنج سرنگهه جو، هن ڀُنۡئِي اُبتو ڀير
ڳاٽ اُتاهون ڳڙهه جو، قلعي پهچي ڪير
نا ته اُپڙي مُڙ اجمير، نه ته ڪو آڇون اُهڃ عقل جو.

 

تڏهن عاقل انيراءِ چيو، تهسبان تڻي
ته خان کنيرا خوش ٿيو، کائو خرچ کڻي
ناڏ ڪرائي ناريين ڪا اُٿاريَوَ به اڻي
سائي ٿيندي سَڀَڪا، جيڪا واحد کي وڻي
ڏيندو سوڀ ڏڻي، متان مڙو اي مانجهيا!

 

سي مانجهي مڙن ڪينڪي، غازي گهرا گهوٽ
نارين ڀيرين ڀڀڪيا، چليا ڪارڻ چوٽ
تان گورا گجي آئيا، اُتان اوپر ڪوٽ
هنر ويا سڀ هاٿنگين، ٻي ڪانه رهين ڪا اوٽ
تڏهن مانجهي ڪري موٽ، هٽي موٽي هليا.

 

سي هٽي موٽي هليا، جنگي جوپ جوان
اچي انيراءِ اڳيان، ٿا باتيون ڪرن بيان
ته گورن گنوائي نيا، تنهنجا دادلا ديوان
ڪنهن جي چلي ڪان، هن ارڏي اڙٻنگ ڪوٽ سان.

 

ارڏي اڙٻنگ ڪوٽ سان، وڙهون ڪهڙي ونگ
جنهن ۾ ’جُنگ جميل‘ جوت ڀريو، آه نرتئون نينهن نسنگ
تت چاوت چلندي ڪينڪي، ٻهڳڻ تنهنجو ٻنگ
پوءِ وجهو دادلا دنگ، ٻئي گجن ٿا گرنار ۾.

 

تان گورو گڍ گرنار کي، لِکڙي نه لاهي
جو جِنين ديوِين جوڙيو، گهڙيءَ اڏيو آهي
مانجهي ويٺا منجهه ٿي، تکيون توفون چائي
قلعي کان جو ڪر کڻي، تنهن کي ڪڍيو هڻن ڪاهي
ته ڪر آنڊا ڦڦڙ ان جا، ويا چڙهي وائي
ڪي جي ڪوٽان نڪري، سامهان ٿيا ساهي
ته اسان پڻ کنو کنوائي، منهندان تو مجرا ڪيا.

 

مهندان تن مجرا ڪيو، ڌُڻي هنين ٿي ڌڪ
رڻ ۾ راو رمي ڪري، جُهڙ مچائي جهڪ
لاهي وڌا تن لِک ۾، سندا هاٿين لک
جيئن هت کِلي ٿي خلق، تيئن هوءِ مواڙيا منجهه ٿي.

 

جيئن هي مواڙيا منجهه ٿي، تيئن هو ٻهران هڻن ٻاڻ
ٻنهين پاران ٻريو، توفن لائي تاڻ
تڏهن ڪچهريا ڪرمش ڪيو، ٿا سٽون ڏين سڄاڻ
هئا جوڌا جوپ جواڻ، پر اوتڙ اچي اوليا.

 

اوتڙ اچي اوليا، ڏاڍي ڏيهه ڏني
تنهن لکي خط لنگهائيا، عاقل ’راو اُني‘
سي وڃي راجا رسيا، سُوائين ڳالهه ڪنين
تن ۾ اُهڃ اهي هئا، لکيا پرتا منجهه پنين
ته مڱيو ويهن منجهه ٿي، وناهيون وَنين
تيئن ڪاهل سهڙين ڪوٽ ۾، اها پڻ ريت رنين
آءُ مانجهي جيئن ميدان ۾، هاتڪ چڙهي هَنين
ته ڪري کيل کنين، هي لڙ وچائين لاهيون.

 

تڏهن پڙهي جان پروڙيا، تنهن پرزن سندا پار
پوءِ عاقل اُمراهن سان، ويهي ڪيا ويچار
ته هي پڙهي پروڙيو سڀئي، اهڃ اکر اظهار
ته سُڌ سندين سالار، ڪا تحقيق لکو تنهن ڏانہ.

 

تڏهن لکي خط لنگهائيا، کنيري کنگهار
سي وڃي راوت کي رسيا، ترت تنهين وار
لکيو تن انيراءِ کي، ته پڙهي پروڙج پار
هت کوٽ خزانن ناهه ڪا، منجهيئي انّ اپار
ٻيو سانباهو سرتڻ جو، سالڪ ڪيو سالار
ٻي ايندئي جي هڪل هيڪڙي، گجي کان گرنار
ته منجهائيندءِ متيون، سرت سڀيئي سار
ڏمرجِي ڏاڙهيار، چائي ايئن چلائيو.

 

چوڪس تنهن چلائيو، چٽيءَ ڀت چئي
جي تون انيراءِ آئيين، پاسي ڪوٽ ڪهي
ته مهندان ’مريم نار‘ جو، سؤنچو رک صحي
جي ڇهل ڇڙي سا ڇوه مان، ڪري تک تئي
ته ديميون مرنديئي دم ۾، ويندءِ لاڏ لهي
ڇڏي ڏنجهه ڏئي، صلح ڪر سلطان سان.

 

صلح ڪر سلطان سان، اچي انيراءِ
گج پتي گرنار سان، تون پير پروڙي پاءِ
سورٺ ور سالار سان، حجت نه هلندئي ڪاءِ
لڳي گليلي هيڪڙي، سُسي ويندءِ ساه
جتي جميل شاه، تتي ڪنگري پڄي ڪو نه ڪو.

 

تڏهن ڏمريو ڏاڙهيار تي، انيراءِ آتور
‘مڻڌڻ’ تنهن منڊائي، جا هئي زوراور زور
دٻائي دارون سيئن، گورن ڪاريائين گور
تان وڃي ڀڳائين ڀور، ڪو مُنهان مريم نار جو.

 

تڏهن منهان مريم نار چيو، ستيءَ کي به کنگهار
ته چڱا کهنبا ڪپڙا، مون جڙائي ساڻ جوهار
ڪر تون ڪين ڪوٽ تي، مئي گهڻو موچار
هڪڙي وجهينم ڇاٽ ڇريين، ته ڪريان گورن جي گجڪار
ته ماري مڙس متار، وڃي خيما کانئيان.

 

سي خيما ساڙي، مڙس ماري، وجهان ڏيہ ڏڪار
جيان هلي آئيا مَلهي، وري پُرن تنهن پار
پڻي ڪري پلڪ ۾، جهوريان سڀ جهونجهار
ڏياچ مون ڏيار، جيڪي گهران ٿي گهوٽيا.

 

جيڪي ڳُڻيءَ گهريو گهوٽ کان، پنهنجي ئي مهمَت
سو سڀوئي تيار ٿيو، تنهين ويلهه وقت
دٻائي دارونءَ سان، سُوٽي سهنج سنوت
سا گُلنداز بيهي گُڙائي، ڀيري چڱيءَ ڀت
وڃي مڻڌڻ جي منهن ۾، گوري ماري گت
ته ڦاٽي سا ڦاڪون ٿي، اهي عجب الله جا اَت
مٿا اُڏاڻا مانجهئين، ٻي مردن موڙهي مت
تنهن پُٺي پاڙي پت، وڃي خيما کانئيا.

 

تڏهن خيمنئان کِسيا، ڀڳا ڇڏي ڀڻڪار
پاڻو کڻي پوءِ پيا، ويرم نه ڪيائون وار
ڀيريون ڀَوَ کنگهار، ڏڪيو هڻن نه ڏس ڏِي.

 

ڏڪيو هڻن نه ڏس ڏي، تاڻيو توفن تير
ڀڙ گهرايا پاتشاه، وهلو واه وزير
ته ترت ڪريو تدبير، تان ڪو پاڻيـٺ رهي پانهنجو.

 

چئي: پاڻيٺ سندو پاتشاه، پڇين جان پرياڻ
ته گهراءِ ميراثي منگتو، ڪو سالڪ مت سڄاڻ
هيري ماڻڪ موتيين، تنهن کي ڀري ڏيوئي ڀاڻ
جو وڃي پني پاڻ، مٿو ملهه ملوڪ کان.

 

تان چئي: ڙي مٿر ڏيندو مڱڻي، ڪنهن پر وڍي ڪنڌ
ساه سان سڀڪنهن جو، آهه اپر آسا ٻنڌ
رکي هٿ هنيين تي، ڳالهه پروڙيو ڳنڌ
اِن پہ پير نه پنڌ، آهي سر ڏيڻ ڪو سوکڙو!

 

تان چئي: سر سائين تان صدقو، ان جو اڳئي آهي
سو ولهين وسوڙهين ويسلين، مور نه موٽائي
لک لُوٽي لاڏلو، ڪوڙين ڏئي ڪاهي
سو لحظي منجهه لاهي، مٿو ڏيندو منگتي.

 

تڏهن مڱڻي ماچ ملوڪ لئي، گهوٽ پڇايا گام
سي پاٺ پراهين پنڌ تي، ورنہ واهه وريام
ڪي ميراثي مدام، رهيا هئائين راڄ ڪيو.

 

رهيا ٿي راڄ ڪيو، مڙيئي ميراثي مل
پڇي پروڙي پر ۾، ڪاهي ڪڍيائون ڪل
ساهو کي سوال، سڀ سڻايائون سُڌيون.

 

سڌيون سئي سرها ٿيا، ٿيلهيائون ٿار
ماڻڪ موتي تنهن ۾، وڌائون مئنس اپار[1]
سونيون مهرون سهڻيون، ياقوتي جوهار
پُري تن پُڻائيو، ويرم نه ڪيائون وار
ته جهلي سو جهونجهار، جيڪو سوٺو کڻي سر جو.

 

سوٺو کڻي سر جو، ايءَ رٿي ڪيائون رٿ
تان ڪنهن گهوٽيءَ رکيو گهر ۾، ڪا نه ڪيائين ڪٿ
تنهن جنبي جاجڪ جهليون، سا لِک وچان سٿ
سي هڪيون ڏيئي منجهه هٿ، وهلو وري آئيا.

 

وهلو وري آئيا، ٿا ڳَهڙ ٻُنڌائن ڳالهه
مردن مور نه مڃيو، موهيا پسي نه مال
هيري لعل جوهار جو، تن ٿيلهي ڇڏيو ٿالهه
هئي جاجڪ جوت جمال، تنهن پَٺيءَ وٺتو پاتشاه.

 

سا پَٺي ڪوٺايو پاتشاه، ٿو پرمل پاڻ پڇاءِ:
ته وؤنۡڪي وٺئيءَ ور لئي، ڪي ڪو ڀليرو ڀاءِ!
ڪي ڪو سئوٽ ماسات تنهنجو، ڪي ڪو پُٽ پِياءِ
سا مون ڳالهه سڻاءِ، ڪيئن سوٺو سٺئي سر تي.

 

چئي! سوٺو سٺم تان نه ٻئي، مٿان ڀر ڀتار
اُوپر کنڊن ۾ پڌرو، آه ڏاتاريين ڏاتار
کنين خانين خبرون، تون وري ڪر ويچار
سو واري ڪنهين نه وار، مرڪڻ ميراثين کي.

 

تان چئي: ڙي ملهي مرڪي ميراثي کي، وڃي سنبهي سعيو ڪر
تنهن کي بيحد ڏيندو بادشاه، ٻيو انعامون اپر
سا موڪل وٺي موٽي آئي، گهوٽِي پنهنجي گهر
تان ٻهران ٻيجل آئيو، دانہ پنهنجي در
تان پريندي پاٺ جو، پيو ناڻي تي پِه نظر
تڏهن جاجڪ پڇيو جوءِ کان ته آڇارينم اکر
تان هيءَ سُڌ سراسر، ڪي منڌ اڳيان ماچ جي.

 

تڏهن ماچ سڻيندي مَٽيو، ٿو چارڻ ونِيءَ چوءِ:
ته ڪئين ڪي ڏاتار ڏِسين ۾ ڪيترا آهن لائق لوئان لوءِ
ٻيا پڻ ڪوڙين ڪُماچا کنيو، ٿا عقل پنن اوءِ
پر سُر ڪو ڪنهين جو سوءِ، ته مٿو مڱيو ئي مڱڻي؟

 

تان چئي: ميان! جو نه مڱيوئي مڱڻي، تون سوئي ڪج سوال
ههڙي هٿ نه اچڻي، ڳري ڀانءِ م ڳال
ٻيا پينائو پيٽ جا، ٿا ميڙين مايا مال
مون سوٺو کنيو سِرَ جو، تون ساري ڪج سوال
ته هو لاهي پنهنجو لعل، مٿو ڏيندءِ ماچ تو.

 

تان چئي: ڙي ماچُ ڪهڙي منهن سان، وڃي صدا سِر ڪري
تو مُٺي مچ مجاز جي، کنيئي کيپ کري
هاڻي نه ته مڱڻهار مري، نه ته ٿيندي سُڃ ساڻيهه ۾.

 

چئي: نه ٿيندي سڃ ساڻيهه ۾، نه مرندو مڱڻهار
نيٺ رکي آس الله تي، آندائين اختيار
پاسي پراڻو ڪينرو پيو ڏٺائين ڪنهن پار
سو هاتڪ کڻي هٿ ڪيو، واري ان وينجهار
تنهن ۾ ڪشي ڪٖيريون ڪيتريون ڪيائين ڪُماچيرۡن ڪار
وڍڻ جي وريام کي، ڪا تحقيق هئي تند تار
تنهن کي تندون وجهي تال جون، تاڻي ڪيائين تيار
سو ڏَڏ وڃي ڏاتار، صحي پنندو سَورَٺيو.

 

صحي پنندو سورٺيو، مڱڻهار مَلهي
تنهن جُنبي پاس جبل جي، جانۡ ڀيري تند ڀلي
تان مِرُن مانڊاڻا ڪيا، کڻي ڳاٽ ڳَلي
نار نمائي ڪنڌڙو، هرڻي آئي هلي
ان کي چارڻ چار چلي، گهنڊڻيون ٻڌيون گهوٽيي.

 

گهنڊڻيون ٻنڌي گهوٽيي، چت ۾ ڪي چڪاس
ته ماڳين مرون موهيا، جي ههڙا مَلههَ مواس
صحي ڏيندو سورٺيو، ڀلو ڀريئي باس
سو اپر رکي آس، آيو اوتاري پانهنجي.

 

هي آيو اوتاري پانهنجي، تيئن ان پڇيا مرد متار
ورنہ وزيرن کي، ٿي سعيو ڪيو سنگهار
ترت ڪڍيائين تڪڙو، ڏي ماڻهو مڱڻهار
ته ويرم نه ڪريو وار، ڪي ماچ يا مُنڌ اچي.

 

ڪي ماچ يا منڌ اچي، جنهن ڪامڻ قول ڪيو
سو ماڻهو مڱڻهار ڏانہ، وهلو تڏهن ويو
تنهن چارڻ کي چيو، ته تو کي پاڻ ڪوٺايو پاتشاه.

 

تڏهن چارڻ هليو چست مان، کڻي ساز سَرينِ
تانسين ٻيا پارا ڀي پنڌ ۾، ڪئين پُريا پير ڀرينِ
ڪاهي ڪچهريءَ رسيا، ٿا ڪُر مِش ڪوڏ ڪرينِ
ته پنڻ وڏيئي پنڌ ٿيو، هي ٿا ڏک ڏرين
سي شاه ٿا سڻائين، ته هي چارڻ آيو چاڳلو.

 

تڏهن چارڻ ڪوٺيو چاڳلو، ٿو چئي انيراءِ ايئن
ته جا ڳلان نڪتي ڳالهڙي، سا سُئي سڀني سيئن
ته تو ڏاڻ ڏوڻو ڏيئن، وڃي مٿو پِنين نه مڱڻا.

 

تڏهن منهن مقابل مڱڻو، ٿو ٻيجل ٻولائي
ته سر وٺڻ ڪو سؤکِڙو، اؤکو اَت آهي
پانهنجو ڏئينم پاتشاه، جي لائق تون لاهي
پوءِ آنۡ پڻ وڄائي، وڃي ڏاڻ پنان ڏاتار کان.

 

تان چي: پني اچين پاٺ تون، ڏاتر ڪنان ڏاڻ
ته ٻيجل تو سان ٻوليان، ٿو پڪي پہ پرياڻ
ته آن پڻ پانهنجو لاهي پاڻ، مٿو ڏيان تو مڱڻا!

 

تڏهن مٿي لئي ملوڪ جي، ٿي هن کي گهرج گهڻي
سو مَلهي هليو مڱڻو، چارڻ چنگ کڻي
ڪاهي رسيو ڪوٽ کي، تاڻي پنڌ پَڻي
تنهن در تي دعا گهڻي، اچي دانہ ڪي درواڻ کي.

 

دعا ڪي درواڻ کي، ورنہ وير وري
ته ڏيهين ڏسيين ڏوريين، هنَ ساهو سوڀ سري
سهسين ڪنا سوريٺيي، وڃن پنيو پاٺ پري
تون پڻ منجهان در دري، ڪا اَپٽ سَڱ الله جي.

 

تڏهن درواڻ در کوليو، تنهن کي تنهين وار
ماچُ لنگهيندي مجنو ٿيو، ڪري اِلٰهي توهار
ساڄو ساز سَر ڪري، تنهن ڪي ڪا تند تنوار
جن سُئي سي سُن ٿيا، سُڪي ويين سڀ سار
ته ڪڏهن آيو ڪو نه ڪو، جاجڪ هن جنسار
تنهن اچي اوتارو ڪيو، محلن هيٺ مڻيار
چارڻ چنگيلو چوريو، پاٺ پروڙي پار
مٿو مڱڻهار، گهرندي گهڻو گهور ٿيو.

 

تڏهن گهور آڻي گهٽ ۾، ڏڍ ڏيئي کي ڏيل
ڪري سڏ سبحان کي، جنهن جوڙي جوڙ جليل
رازق ريجهائين راڄيو، راحم سرس سبيل
وجهه تون مهر مڱڻهار، اندر ۾ اصيل
دلئون لاهي دليل، اچي چارڻ چوريو چنگ کي.

 

چارڻ چوريو چنگ کي، ڀيڄ ڀِنيءَ تنهن ڀان
مَڱَ مڱيائين مان سين، ڏاتر ڪنان ڏان
تڏهن عاقل اُتو اُتهين، تنهن درس پڇيو ديوان
ته هي ديو، جّن، ڪي شاه پري، ڪي آهي هي انسان
مون پروڙايو پڌري، سندس بات بيان
جنهن جيءُ مُنۡهيِن جو جان، هڻي ٻاڻ هٿ ڪيو.

 

هڻي ٻاڻ هٿ ڪيو، جنهن مُنۡهيَن جو جيءُ
اڳيان وڃي تنهن جي، ادب منجهه اڀِيءُ
مٺو ٻولج منهن سين، متان ٻولي ٻيءُ
پهس پروڙي ايءُ، دانہ آءُ ديوان تون.

 

تڏهن دانہ ديوان هليو، جو ٿو پاٺن پروڙي
سو سڻي سگهو ئي وريو، جا ٿو وير وائي وؤڙي
تنهن ڪيو عرض، ابوبڪر چئي، اَڻ ٽل کي اوري
ته هي آيو ميراثي مڱڻو، ڏيہ ڏَسيون ڏوري
سو ‘تون تون’ ڪيو تند هڻي، ٿو چنگ چڱو چوري
سو ترت ترهي تو ري، ٻي نا معلُم مڱَ ملوڪ مون.

 

سا معلم ٿي ملوڪ کي، جا مڱ مڱي تنهن ماچ
سوجهي ڪنهين نه سگهي، ٻي آواز جي آچ
هنئي هن هٿن سان، ڪا جا ڪَل ڪُماچ
جان ڏوريو ڏيلُ ڏياچ، ته هي تال مڙيئي تند جو.

 

جان تال پروڙي تند جو، تان هي نَمي ڪين نرم
مِلڪ نه مڱي مڱڻو، آهي ڪو جابر جهڙو جم
هي سائل ڪڏهين نه سکيو، ڌُريائين ڌرم
ته رهي ست شرم، جي پاٺ پتجي پر ڪنهين.

 

تڏهن پَتڻِ ڪارڻ پاٺ جي، هليا ايلچي اَن وار
موتي مايا مال خزانا، آڇيائنس اَت اپار
ڪئين ڪي ڏنائنس ڪيترا، هيرا لعل هزار
اک نه کڻي اُن ڏانهن، توڙي هستي هيون هار
تان ڀي ‘تون تون’ منجهه تنوار، ٿو صدا هڻي سر جي.

 

صدا سمجهي سِرَ جي، وريا تنهن وير
آيا، ابوبڪر چئي، وٽ کانڌيري کنير
مال متاعون مڱڻي، جان ڪي آڇيائونس ڍير
تان لالچ رکي نه لِکڙي، پتجي ڪنهين نه ڀير
سو ‘تون تون’ ڪيو تند هڻي، دم نه ڪري ٿو دير
وڍ وڍ چورَ وِناڻ ۾، ڪاجا تار تنبير
هي ٻيجل تنهين جو ٻوڌيو، جي آيا کان اجمير
سو مٿو ملهه مٿير، ٿو تو کان پني منگتو.

 

تان چئي: مون کان پِني ٿو منگتو، سِري سڱ ستار
جي ننو ڪريان تان نانهن وڃان، پوي پر ڀُنۡئي منجهه پچار
چوندا چئني ڏسيين، ڀڙ ڀلا مون ڀار
سا هيءَ ڪچائي ڪُوارَ، آنۡ نه رکندس پاڻ تي.

 

آنۡ نه رکندس پاڻ تي، اهڙا هَتَر هول
وڍيان تان واه ٿيان، ٻئي پَڙن ٻول
هاڻي ويٺي مون وهُ ٿيا، هي سڀ ٽڪاڻا ٽول
سا چاڙهي ۾ چؤڏول، چارڻ آيو چاڳلو.

 

تڏهن چارڻ ڪارڻ چليا، جابر جلد جوان
آيا ابوبڪر چئي، وٽ ميراثي مزمان
ته چل چارڻ چنگ چور تون، ڏاتر ڏيندءِ ڏان
ڇاڄين راءُ ڇڪن ڪيو، تنهنجي تند تماشي تان
مٿي ويو سو منگتو، گُني لاهي گمان
هاڻي ساراهي سبحان، ٿو ڳُڻ ڳائي ڳڙه راوَ جو.

 

ڳڻ ڳائي ڳڙه راڄيي، ٿو پر ۾ ڳنهي پار
جهڙو وقت وهاڳ جو، تهڙي تند تنوار
جهڙو شعاع شمعن لائيو، تهڙا چانڊوڻا چوڌار
راءُ ريڌو رنگ محل ۾، ورنہ تنهين وار
تنهن چيو مڱڻهار، ته جيڪي گهرين سو ڏيانءِ.

 

تڏهن گُني گهريو گهوٽ کان، تنبي مچائي تال
ته سُيم تنهنجي سُوَڙا، چرين ٿرين هيءَ ڳال
پرديسان پنڌ ڪري، هلي آيس حال
سخي سمجهين سڀڪي، هي اندر جو احوال
دان ڏيارينم دل جو، ٻيو مُلڪ نه مڱان مال
پورو ڪرينم پاتشاه، خاطر جو به خيال،
سو ئي ڏان ڏيار مون، ته نيئي ٿيان نهال
لاهي مٿو لعل، ڏئينم ته ڏيہ وڃي ڏيکاريان.

 

ڏيڻو هو ڏاتار کي، پر ٿو پرکي پاٺ سندائي پار
ته ڪلهو ڪاٽي ڪيئن ڏيانءِ، اي مرڪڻ مڱڻهار!
سونا مهرون رپيا، ٻيا درس نه نئين دينار
هن ڪِني مانۡہ ڪپار، تنهنجو اَٿڻ اڳي پوءِ ناه ڪو.

 

تان چي: ڪِين هن ڪپار سين، منهنجي چت لڳو آرو
ٻيو ملڪ رکان مال ڪي، ٻَنِي نا ٻارو
قوت ڪڻن جي پيٽ لئي، ڏئي سائين سوارو
هاڻي مٿو موچارو، ڏئينم سڱ ستار جي.

 

چي ڏيانءِ سڱ ستار جي، ڪُلهو ڪاٽي ڪنهن پر
مٿي اُٿي مڱڻا، هيڏو ڌُنڌُ م ڌر
سِر گهڙائي سون جو، ٻي جال وٺي ني نر
ڪئين ڪي هئا ڪيترا، هت سائل سراسر
تون چارڻ چيو ڪر، تنهنجو اَٿڻ اڳي پوءِ ناهِ ڪو.

 

تان چارڻ چيو نه ڪري، ٿو تنبي کي تنواري
وهاڻيءَ وڍڻ جون، ٿو وير وايون واري
سورٺ سُتي صندليءَ تي، هئي هنجون هاري
چي: مڱڻا هي مل ماري، ڪو نه سرندو ڪاڄ تو.

 

تان چئي: سورٺ انهين سِر سين، سهسين اَٿم ڪاڄ
ٻيا لکين سَڄن لوڪ ۾، راوَنَ سندا راڄ
پر ڪنان ڪنهين نه ٿئي، حاصل ههڙي هاج
هي لائق ڀريو لاج، ڏيندو سر سوال ۾.

 

تان چئه: رک مَ هوڏ هڏي تي، سر جي ڇڏ صدا
جَهل ماڻڪ، ٻنڌ مُوڙيون، غافل ٿيءُ م گدا!
پوءِ هڻندي هٿ حساب جا، ٿيندءِ جِيءُ جدا
تون ادو ٿيءُ ادا، مڃ مون منٿون مڱڻا!

 

مڃ مون منٿون مڱڻا! مَ ڪر راڙو رِيهه
پتيون پيروزن جون، توکي ڏيان ويهه
جهل ماڻڪ، ٻنڌ مُوڙيون، ادا! تون ايڪيهه
سهسين سروپاهيون تو ڏيان، ٻيرن پڻ ٻاويهه
آڻي اُڙدا بيگيون، ٽهلايائون ٽيويهه
جڻسون دل جَليبن ۾، هلچل ڪن چوويهه[2]
جڙيون جواهرن سان، ڏيانءِ پالڪيون پنجويهه
هاٿي هنبارين سان، ڇوڙي ڏيانءِ ڇويهه
تازي تُرڪي ٿوراني، ڏيانءِ سائل ستاويهه
ڀالا بڙڇيون بيرقون، ڏيانءِ عاقل اٺاويهه
لکين سپاهي لاڏلا، تو ڏيان ادا اوڻٽيهه
هاڻي ويهه تون وريام ٿي، مٿي ٽيلي ٽيهه
هاڻي جاجڪ جَروسينءَ، ڪا ساعت کمج ساه کي.

 

تان چئي: انهيءَ پَر اڃان، مور نه پنيا مڱڻي
تازي طويلن ۾، مونکي گهر گهڻا
هاٿين ڪاڻ حضور ۾، آءٌ ڪا تند هڻان
جنهن مُنهن مڻيا، آهيان سائل تنهنجي سِر جو.

 

تڏهن وري هئن وناڻ ۾، اُن وڍڻ جي وائِي
تان عاقل سڀ اُجهي ويا، سُڻي تند سائي
رنو راڻين راوَ لئي، ته هيءُ امر الاهِي
جا هن ويهي وڄائِي، تان هو سِر کان سُر مٿي ويو.

 

سِر کان سُر مٿي ويو، جاجڪ ڪي ڏس جهور
ٻنهي بنگلن وچ ۾، رات اٺينءَ ڪَنبيو اور
(1)
پيئي جهانءِ جهروڪ ۾، چنگ جي چورَ پچور
سِر پلنگين پڙلاءُ پيو، ٽيپ ٽُري تنهن ٽور
ڪِريا ڪَوَل ڪُماچ تي، ٻيا ماڙيءَ منجهان مور
ماڻهو ريڌا راڳ تي، ٻيا پڻ ڍڳا ڍور
ڪپي سِر ڪنگور، ڏانُ ڏئينم ته اٿيان!

 

ڏانءُ ڏِئينم ته اٿيان، هيءَ ٻيجل ڪئي ٻولي
وزيرن وڪيلن پاڻ ۾، ڳالهه اِها ڳولي
ته هيءُ ڪندو هولِي، جاجِڪُ جهوناڳڙه ۾.

 

جاجڪ جهوناڳڙه ۾، هيءُ وڌو هاگام
ته وڍڻ جي وريام جِي، اچي ٿو آجام
ڪري سائل کي سلام، ڏانُ ڏيڻ لئي آئيو.

 

جڏهن ڏان ڏيڻ لئي آئيو، تڏهن هن ٿيلهي رکيو ٿارُ
سخيءَ سَڱ سائينءَ جي، رکيو ڪنڌ ڪٽار
تڏهن ساٿي سڀ سلطان کان، ڀڄي ٿيا بيزار
راڻين پنهنجي راوَ لڳ، ٿي جَر هاريو جالار
ڀڃي تن ڀڪو ڪيو، سڀ سندرين سينگار
تڏهن ٿيو غلغلو گرنار، پَسي طور تُنبير جو.

 

پسي طور تُنبير جو، ڪي سائينءَ سَپاهتي
ڪَنجهي قابل مڱڻو، ٻيو واڄٽ ولاتي
تنهن هنئي تند حضور ۾، پارس پيراتي
ته ڪڍي هن ڪاتي، وڌو قَط ڪپار کي.

 

تڏهن سر لٿو، ڌڙ ڌٻيو، ٿو رت ڇُلڪا ڏي
سو دؤر جي دُور ٿيو، مڱڻهار پري
’لي ڙي چارڻ لي‘، وائي سِرَ جي وات ۾.

 

وائي سِر جي وات مان، پڌر پئي پڪار:
ته جنبي جاجڪ جهل تون، هي ڏانُ ڏنئي ڏاتار
تڏهن پسي پاٺ پُر ٿيو، سِر سندا سينگار
هئا مڙهيا ملوڪ مٿي ۾، هيرا لعل جوهار
پيئي پَر ڀُنۡئي منجهه پچار، ته سَتُ پيوئي سورٺئي.

 

سخيءَ سندي ست جي، ڏَسا پيئي ڏِسين
سي ڪهيو اچن ڪيترا، ماڻهو کان ملڪن
ڏسيو ڏانُ ڏياچ جو، ٿا عجب منجهه پون
ته مانجهي سڀ ملهائيا، اڳين کي پوين
ٿا چارڻ کي چون، ته پُنيئي مراد من جي.

 

ته هاڻ پوري ڪي پاتشاه، من جي تو مدعا
تن اگر چندن جي اور ڪري، اچي چيہ مچائي چاءِ
تان اوءِ سنبهي آيا ساٺ تي، هڪ راڻي ٻيو راءِ
پوءِ پسي همٿ هندوءَ جي، اُسهيو اَنيراءِ
تئن هو جاجڪ وڙهيو جوءِ سان، ٻائي! جاڙ ڪيئي جاءِ
آنُ پُڻ ثابت سر سخيءَ تان، ڪندس صدقي پنهنجو ساهه
هي سائل سڌ سماءُ، ٿي ٻوليو ٻول ٻِيَڙِ سان.

 

تنهن ٻوليو ٻولُ ٻِيّڙ سان، نرتئون هيئن نروار
ته چُرٽِي تنهنجي چور سين، مون هئي ڇنو هي هار
تڏهن ڪامڻ چيو ڪانڌ کي، مهندان مڱڻهار
ته ور ري وِلهي نه ٿئي، شل ڪڏهين ڪام ڪنوار
آنۡ پڻ سِر سخيءَ سان صدقو ڪريان، تحقيق ني تڪرار
پر تنهن پَٺيءَ سندي پيٽ ۾، ٻيو هو ٻَلَرُ ٻارُ!
سي ٿي ترت تيار، اچي چڙهيا تنهن آڳ تي.

 

سي پنجئي جيءَ جلي ويا، ٿو ڄاڻي ربّ رحمان
ڪڏهن رهندو ڪو نه ڪو، هت سڃو ۽ سلطان
سڀ خاوند جي خلقت جو، آهي خاڪ مڪان
جنهن جوڙي جڳ جمع ڪيو، سٻاجهي سبحان
پوءِ ادا! ابوبڪر چئي، مون هي بنايو بيان
تنهن جي آهي ڪَل ڪريم تي، نرت هن نڌان
سو مرڻ وير محتاج کي، شل نٿي آگوسين ايمان
ظاهر ساڻ زبان، شل ڪلمون چوان قلوب سان.
لا اِلٰہ الا الله محمد رسول الله.

 


 


* ”راءِ ڏياچ جو ”قصو“، مطبوعہ تعليم کاتي جو ڇاپ خانو، لٿو، ڪراچي ڇاپو ٿيو، سنه 1870ع تان ورتل.

(1) ٻي پڙهڻي: رميو سي راوَ کي.

(1) اصل : کير

[1] ٻي پڙهڻي: وڌائون اشرفيون اپار.

[2] ٻي پڙهڻي: حِسول.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org