سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :8

روايت [5]

ٻيجل جو سورٺ تي عاشق ٿيڻ، کيس ڏيهه نيڪالي ملڻ ۽ انيراءِ سان ملي راءِ ڏياچ جي سر وڍڻ واري ڳالهه

تعلقي ٺل جي سگهڙ محمد يعقوب ٻرڙي جي ٻڌايل ڳالهه*

 

سورٺ امبل ديس ڪي، ذات وڏي پرمار
ٻيٽي راجا ڀوڳ ڪِي، پالي رتن ڪنڀار
مڱ انيراءِ راٺوڙ ڪِي، پرڻي راءِ کنگهار.

سورٺ ’امبل ديس‘ جي راجا ڀوڳ جي ڌي هئي. اڃان کير پياڪ هئي ته ماڻس مري ويس. ان ڳوٺ ۾ رتن نالي هڪڙو ڪنڀار رهندو هو، جنهن جي زال کي ٿڻن ۾ کير هو. سورٺ ان جي زال کي نپائڻ لاءِ ڏنائون. هوءَ رتن ڪنڀار جي گهر ۾ پلجي وڏي ٿي. رتن ڪنڀار کي سورٺ جي نپائڻ جو خرچ راجا ڀوڳ کان ملندو آيو.

انيراءِ بادشاه، راجا ڀوڳ جو دنگئي هو. هن کي جڏهن خبر پئي ته رتن ڪنڀار وٽ راجا ڀوڳ جي سهڻي ڌي نپجي وڏي ٿي آهي، تڏهن راجا ڀوڳ کان ان جو سڱ گهريائين. راجا ڀوڳ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ تي انيراءِ چوائي موڪليس ته: جي سڱ نٿو ڏين ته جنگ لاءِ تيار ٿي. انيراءِ کي ڏاڍو ڄاڻي، راجا ڀوڳ، رتن ڪنڀار کي خرچ پکو ڏيئي، راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ وڃي رهڻ جي صلاح ڏني، ۽ ڌيءَ جي پرڻائڻ جو به اختيار ڏئي ڇڏيائين. رتن ڪنڀار کي راءِ ڏياچ جي ملڪ ڏانهن لڏائي ڪڍڻ ۾ راجا ڀوڳ هيءَ مصلحت ڏٺي ته راءِ ڏياچ انيراءِ کان وڌيڪ طاقت وارو راجا آهي، پس پيش به جي راءِ ڏياچ ان کان سڱ جي گهر ڪئي ته کيس عيب ڪو نه لڳندو؛ پر انيراءِ ۽ سندس وچ ۾ پراڻي دشمني هئي. طاقت جي زور تي انيراءِ زبردستي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، جا ڳالهه هن کي نٿي آئڙي.

رتن ڪنڀار جڏهن راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو ته راءِ ڏياچ کي ساري سڌ پئجي وئي، تنهن رتن ڪنڀار کان سڱ جي گهر ڪئي. رتن هائوڪار ڪئي پر اميرن وزيرن اعتراض ڪيو ته رتن مسلمان آهي، ان جي ڌيءَ پرڻجڻ جو راجا کي ڪو به حق ڪونهي. جڏهن انهن کي خاطري ٿي ته سورٺ، رتن جي گهر ۾ فقط پلجي وڏي ٿي آهي، ۽ حقيقت ۾ راجا ڀوڳ جي ڌي آهي، تڏهن سڀئي راضي ٿيا، ۽ ٿوري گهڻي ڏينهن راءِ ڏياچ، سورٺ سان شادي ڪئي.

ٻيجل، راءِ ڏياچ جو ڀاڻيجو هو. هو سدا ملوڪ ۽ سهڻو ڇوڪرو هو، جنهن کي راءِ ڏياچ پاڻ نپايو هو. ٻيجل رهندو ئي وٽس هو، ۽ ماني به مامي ۽ ماميءَ سان گڏ کائيندو هو. سورٺ جي سونهن ڏسي، ٻيجل جي دل ۾ بي ايماني پيدا ٿي وئي. هڪڙي ڏينهن راءِ ڏياچ شڪار تي ويل هو، ۽ سورٺ مٿي ماڙي تي ستي پيئي هئي. ٻيجل نوڪرن کان لڪندو ڇپندو ماڙي تي چڙهي ويو، ۽ سورٺ کي ننڊ ۾ ڏسي، ان جي ڀر ۾ آهستي آهستي ليٽي پيو. سورٺ کي جاڳائڻ تي کيس همٿ نه ٿي، سو ليٽي ليٽي سندس به اک لڳي وئي. تان جو شام ٿي ويئي، ۽ راجا به شڪار تان موٽي آيو.

راءِ ڏياچ، سورٺ کي ڳوليندو ماڙي تي آيو، ۽ هڪڙي ئي پلنگ تي سورٺ ۽ ٻيجل کي گڏ ستل ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هيڪر خيال آيس ته تلوار ڪڍي ٻنهي کي پورو ڪري ڇڏيان، پر پوءِ ٻنهي جا جسم هڪٻئي کان پري ڏسي شڪي حالت ۾ پئجي ويو ته ڇا ڪريان، ڇا نه ڪريان! آخر ڳڻتي ۾ پئجي ماڙي تان هيـٺ لهڻ لڳو. راءِ ڏياچ جيئن ئي هيـٺ ٿي لٿو ته ٻيجل جي اک کلي ويئي. بت ۾ سِياڪُري وٺي ويس. ويتر جو ڏٺائين ته سورٺ واري ڪيمخوابي چادر جو ڪجهه حصو هوا لڳڻ ڪري سندس مٿان اچي ويو آهي، جو پڻ راجا ڏسي ورتو هوندو، تڏهن موت اکين اڳيان ڦرڻ لڳس. هوڏانهن راءِ ڏياچ ماڙي تان لهي ويهي سوچڻ لڳو ته:

ٻيجل ماريان ڀاڻيجو، سورٺ ماريان جوءِ
رن اُگهاڙي آپڻي، ڀلا نه ڪَهي ڪوءِ

راءِ ڏياچ پنهنجي خاص صلاحڪارن کي گهرايو ۽ ساڻن صلاح مشورو ڪيو. پوءِ سندس حڪم سان سورٺ کي وٺي آيا، جا بي ڊپي ناز نخري سان ٽلندي آئي، ڇاڪاڻ ته سندس سجاڳ ٿيڻ کان اڳ ٻيجل پلنگ تان اُٿي ويو هو، ۽ کيس وچ جو ڪو به سڌ سماءُ ڪو نه هو. راءِ ڏياچ، هن کي سخت مار ڏياري، قيد ۾ وجهي ڇڏيو. سورٺ جي اها ئي هڪ ڳالهه ته ’مون کي ڪا به خبر ڪانهي‘. نيٺ فيصلو ٿيو ته سورٺ جيڪڏهن بيگناهه آهي ته باهه جي پرکا ڏي. سورٺ اها پرکا ڏيڻ قبول ڪئي. پوءِ وڏا وڏا ٽانڊا، سورٺ جي هٿن تي  رکي، اٽي مان ٺهيل ڪوڪيون پچڻ لاءِ انهن تي رکيائون. ٽانڊن کي خوب ڌڳايئون؛ ڪوڪيون پچي ويون، پر سورٺ جي هٿن کي لهس به ڪانه آئي. پوءِ راءِ ڏياچ کي پڪ ٿي ته سورٺ بي ڏوهي آهي، جنهن کي باهه به ڪجهه ڪو نه ڪيو. تڏهن ٻيجل کي گهرائي سخت تعدي ڪري، شهر نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين. ٻيجل رلندو پنندو اچي انيراءِ جي ملڪ ۾ نڪتو، ۽ اتيئي رهڻ لڳو؛ ۽ شادي به اتي ئي ڪيائين.

انيراءِ ۽ راءِ ڏياچ جي سڱ تان دشمني هئي، تنهن گهڻي ڪوشش ڪئي ته ڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي آڻي ڏي، پر جڏهن ڪو به ماڻهو اهڙي ڪم لاءِ تيار نه ٿيو، تڏهن موتين ۽ جواهرن جا ٿالهه ملڪ ۾ ڦيرايائين ته: جيڪو ماڻهو راءِ ڏياچ جو سر ڪپي ايندو تنهن کي اهو انعام ملندو. ٻيجل جي زال اهي ٿالهه وٺي انيراءِ جي ماڻهن کي چيو ته: منهنجو مڙس وڏو پهلوان آهي، اهو پاڻهي راءِ ڏياچ جي سسي وڍي ايندو. ٻيجل جڏهن اها ڳالهه ٻڌي تڏهن زال تي ڏاڍو ڏمريو ۽ چيائينس ته: تو ته ظلم ڪري ڇڏيو. هُن حڪومت مان تڙجي نڪتس، هاڻي وري هن حڪومت ۾ به رهي ڪونه سگهندس. آخر راجا انيراءِ کان ڇهن مهينن جي مهلت ورتائين.

ٻيجل، انيراءِ جو ديس ڇڏي، چارڻن جي هڪڙي ڳوٺ ۾ آيو. اتي انهن وٽ سرندي تي راڳ سکڻ لڳو. کيس اها خبر هئي ته راءِ ڏياچ راڳ جو عاشق آهي، ۽ ڏاتار به آهي، تنهنڪري بجاءِ حرفت جي ڌڻيءَ جي نالي تي ڇو نه وڃي سر ڳنهانس. پوءِ سرندو ساڻ کڻي، هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ آيو. اتي ڪنهن شڪاري هرڻ جا آنڊا، ڍنگرن تي اڇلي ڇڏيا هئا، جي اتي سڪي سخت ٿي ويا ۽ هوا جي جهوٽي تي آواز ڪرڻ لڳا. انهن مان آواز اهڙو ته موهيندڙ ٿي نڪتو، جو ان جي ٻڌڻ لاءِ ڪيترائي جهنگلي جانور اتي ڪٺا ٿيا هئا. ٻيجل به اهو آواز سڻي اتي بيهي رهيو. ڏسي ته سڀئي جانور اتي ڪنڌ نوايو بيٺا آهن.

 

ËËË

 

روايت [6]

سگهڙ ڦل بجير جي ٻڌايل ڳاهن ۽ بيتن سان ڳالهه*

 

سورٺ سَنٌڪَلِ ديس ڪِي جات وڏي پرمــار
ٻيٽي راجا ڀوڄ ڪِي، سا تاري سمنڊين پــار
انگ اصل کان لکيو، پالي رتن ڪنڀــار
مڱ انيراءِ جي، پرڻيو راءِ کنگهــار.

 

راجا ڀوڄ کي ’سورٺ‘ ڌيءَ ڄائي. کيس چيائون ته سورٺ جو لکيو برباد ٿيندو، تڏهن اُها پيتيءَ ۾ وجهي لوڙهايائين، جيڪا رتني ڪنڀار کي هٿ آئي.

ڪنجيون ڪامل هٿ ۾، پيتي پٽيائين
جان منجهه ڏٺائين، ته اڃان ٻالڪ ننڍڙي.
                       ___

اڃان ٻالڪ ننڍڙي، سا نالي مِٺي نار
تڃڻ آهِيِنس پَٽ جا ريشمي رنگدار:
ڏني جا ڏاتار، سا ڌي ڌرم جي ڪري سانڍيان.

 

رتني ڪنڀار، سورٺ پالي وڏي ڪئي. رتني ڪنڀار، سورٺ جو سڱ انيراءِ کي ڏنو، پر سورٺ جي سونهن جي خبر راءِ کنگهار کي پئي، سو انيراءِ جي اچڻ کان اڳ سورٺ کڻي ويو. تڏهن

اڻِکيو انيراءِ، پڇي وزيرن کان(1)
ڪو گَڍ ڪِٿَهِين، جنهن نه منهنجو ڊاءُ؟

 

وزير وراڻيو ته:

توهانۡ عقل آڪرو، توهانۡ مٿي سڄاڻ
گِياني تنهن گرنار ۾، سمو ڪُڏائي ڪيڪاڻ
آڏِي ڏيئي آڻ، جنهن سَرڻون تنهنجون پاليون.

 

تڏهن انيراءِ، راءِ ڏياچ تي ڪاهڻ جو حڪم ڏنو:

مِڙو سڀ جوان، وجهو پيرين پاکِڙيون
ڏيو تَنگينٌ کي تاڻ، ته ڏسون ڏيهه ڏياچ جو.

 

انيراءِ، گرنار ڪوٽ کي گهيرو ڪري ويهي رهيو. ڪوٽ گرنار جبل تي مٿي هو، جنهن تي انيراءِ جي توفن جا گولا پهتائي ڪين. نو ڏينهن ڏهه راتيون گرنار تي گولا اڇلايائون پر اهي ڪوٽ جي اوريان ئي ٿي ڪريا:

انيراءِ اُڇليون ناريون ڀِيمَ ڀري
گِلولو گرنار کي، لڳو ڪِينَ ڪَري
وڃي تان نه پري، اوريان ٿو اولون ٿئي.
                    ___

نَئوُنٌ ڏينهن، ڏهه راتيون، کَپيو انيراءِ
گلولو گرنار کي ڪار نه لڳي ڪا.

 

توبن جي ڌڪاء تي راءِ ڏياچ ڪوٽ جي دريءَ مان هيٺ نهاريو. فوجون ڏسي انيراءِ کان پڇي ٿو ته:

تون ساهوڪار ڪِ سيٺ، ڪِ وَرَتائوُ واڻيونٌ
گَڍ هماري هيٺ، ڪير جهَٽي ٿو جهاٽُوئو
(1)؟

 

انيراءِ وراڻيو ته:

نڪي ساهوڪار نه سيٺ، نڪي ورتائو واڻيون
مون ٻڌي بيٺ، گڍ گِهنڻ آئيو.

 

اهو ٻڌي انيراءِ پنهنجي لشڪر کي حڪم ڪيو ته: چار توفون ڇوڙيو. انهن توفن جا نالا هئا: (1) ڪارو پَهاڻ (2) بِيجَلي (3) صفاّ صفا ۽ (4) ملڪ ميدان. اهي چارئي توفون نمبروار ڇُٽيون. آخر ۾ ملڪ ميدان توف، انيراءِ جو سمورو لشڪر ماري ناس ڪري ڇڏيو.

ڪارو پهاڻ، بيجلي، ملڪ ميدان، صفاّ صفا
اهي چارئي توفون ڇُٽيون تڏ ڀڳو انيراءِ

 

انيراءِ لشڪر مارائي وٺي ڀڳو ۽ پنهنجي حد ۾ وڃي ساه پٽيائين . اميرن وزيرن سان صلاح ڪيائين، جن چيس ته: راءِ ڏياچ سخي آهي، ڪو سوالي اُماڻينس ته صدا هڻي سر وٺي اچيس.

انيراءِ پڙهو ڦيرايو ته: جيڪو ماڻهو راءِ ڏياچ جو سِرُ وڍي آڻيندو، تنهن کي موتين جو ٿالهه ملندو ۽ ٻيو به جيڪي گهرندو سو ملندس. انيراءِ جي سڄي بادشاهي ۾ ڪنهن به هام نه جهلي، پر ٻيجل اهو موتين جو ٿالهه ورتو:

انيراءِ ٻيڙو ڦيريو، پرهه ڦٽي پرڀات
سٻاجها سَتار، ٻيجل ٻيڙو جهليو

 

پهريدار ٻيجل کي وٺي انيراءِ وٽ آيا. ٻيجل وٽ ڪرامتي ڪينرو هو، جنهن مان دل گهائيندڙ آلاپ پيا نڪرندا هئا. ٻيجل انيراءِ جي آڏو آيو ته ڪينرو به ٻُرڻ لڳو. انيراءِ حيران ٿي ويو، ۽ ٻيجل کان پڇيائين ته:

نڪو ڪاٺي واڍي گَهڙي، نڪو ڪاٺي ۾ گهاءِ
انيراءِ پڇي ٻيجليا! هي واڄٽ ڪِياءِ؟

 

ٻيجل جواب ڏنو ته:

مليو قهر جو ڪينرو، مليو جَنَب جي جَڙي
ايندس ڪين مُڙي، ڏوريندس ڏيهه ڏياچ جو.

 

ٻيجل موتين جو ٿالهه کڻي گهر ۾ آيو ته جوڻس پڇيس ته: تون ڪيئن راءِ ڏياچ کي ريجهائيندين؟ چيائين ته: ڪماچ سان. زال چيس ته: پهرين مون کي ريجهاءِ، جي مون کي ئي نه ريجهائي سگهئين ته راءِ ڏياچ بادشاه ڪيئن ريجهندو؟ اهو ٻڌي ٻيجل ماٺ ۾ اچي ويو. پوءِ ته وٺي جهنگ منهن ڪيائين، چئي: ڏسان ته جانور ريجهن ٿا، جي اُهي ريڌا ته پوءِ انسان به ريجهي ويندا. پوءِ جهنگل ۾ ويهي ڪينرو وڄايائين ته ڪئين مرون ۽ جانور واڄي تي مست ٿي اچي مڙيا.

ويهي وڳڙ وچ ۾، چارڻ ڪئي چينگهار(1)
مرون مٿان کڙا ٿيا، واسينگ ريڌائين ڌار
سٻاجها ستار، راءِ ريجهايان راڳ سان.
                    ___
ويهي وڳڙ وچ ۾ چارڻ چوري چنگ
مرو مٿان کڙا ٿيا، روجهن لايا رند
ٻيجل سندو ٻنگ، تون خالق خالي نه ڪرئين.

 

ٻيجل جي زال، ڳولا ڪندي جهنگ ۾ آئي. ڏسي ته ٻيجل ڪينري تي سڀئي پکي پکڻ، مرون ۽ نانگ ڪنڌ نايو بيٺا آهن. ڪينري جي واڄي ٻيجل جي زال کي به موهي ڇڏيو، سا به رئندي اچي انهن جانورن سان گڏ بيٺي، واڄو بند ٿيو ته سڀ ٽڙي پکڙي ويا. اتي ٻيجل کي جوڻس چيو ته: جانور ته ريڌا پر آءُ به ريڌيس: پوءِ راءِ به توسان ريجهندو. پوءِ چارڻ چنگ ڪلهي تي ڪري روانو ٿيو.

آس ڪري الله جي هليو هئائين(2)
چارڻ ٻڌا چنگ کي جهوڙا ۽ جهائين
اڇا پهري ڪپڙا، مير لاٿائين
ڏُهلي راءِ ڏياچ جي ڏوران ڏٺائين
چئي: سٻاجها سائين، راءَ ريجهائين راڳ تي.

 

گرنار جي گڍ جو دروازو بند هو، چوڪيءَ وٽ اچي دربانن کي چيائين ته:

درباني در کول، هي ڏوران آيو مڱڻو
ٻيا گهرن لک ڪروڙ، آءٌ سوالي آهيان سر جو.

 

تنهن تي چوڪيدارن چيس ته: هت منگتا ايندا آهن ۽ جيڪي به گهرندا آهن سو هتائين در تان وٺيو موٽي ويندا آهن، جي توکي مال متاع نه کپي ته پوءِ ٻئي ڪنهن دُئار جو وڃي در کڙڪاءِ.

 

درن تان دور ٿيو، ويهون وريو وڃن هئان
رخصت بنا راءِ جي، ڪهڙي ڏاه ڏيان
مڱڻ اي ميان، کول دري ڪنهن ٻئي دُئار جي.

 

تڏهن ٻيجل وراڻين ته:

درن تان دور ٿين، سي مڱڻائي منجهن
توڙي لک سڄن، توءِ آءٌ سوالي آهيان سر جو.

 

اهو ٻڌي چوڪيدارن ڪوٽ جو در کوليو. ٻيجل شهر ۾ اچي ڏُهليءَ لڳ ويٺو ۽ ڪينرو ڪڍي وڄائڻ لڳو.

جاجڪ جهوناڳڙهه مٿي عطائي آيو(1)
شهر مڙيئي سروز سان اچي تندن تپايو
دايون درمانديون ٿيون، ٻانهين ٻاڏايو
سورٺ ستي ننڊ ۾، جنهن جي ڪنين آواز آيو
ڪوٺي وٺو منگتو، ته پسان ويري ڪهو
(2).

 

سورٺ کي ٻڌايائون ته منگتو آيو آهي، جيڪو راءِ ڏياچ جو سر ٿو گهري، تڏهن ٻيجل کي سڏائي چيائين ته:

ڀلي آئج منگتا، تون ڀلي آئج منهنجا ڀاءُ
جيڪا وسندي گهر ۾، سا تو مهنداءِ
الله لڳ ادا، وائي ڇڏ وڍڻ جي.

 

ٻيجل جواب ڏنو ته:

نياڻي ۽ منگتو، ٻئي ونهيين در وڃن
او در سک وسن، جتان اچن ورثجي.
       __
نياڻي ۽ منگتو، ويٺا ڪٽين مڃ
جيڏانهن سارين سڃ، مور نه وڃن اوڏهين.

 

تڏهن سورٺ چيس ته:

ادا پٽڪو ڏيئين پٽ جو، جنهن تي اوڻيهه لک لڳا
ڪيمخواب جو ڪوٽ ڏيانءِ، ٻي پدم جي پاڳا
سڀان راءِ ڏياچ ڏيندوءِ، هاٿين هزارا
الله لڳ ادا، وائي ڇڏڻ وڍڻ جي.

 

ٻيجل جواب ڏنس ته:

اي تنبي جا داڻا، مون مورهين نه مڱيا
جا ٺاڪُر مُنهن مڻيا، تنهن سوالي آهيان سِر جو.

 

وري سورٺ چيس ته:

جهل ته چارڻ تو ڏيان، پهر پٽولو هڪ(1)
ڪڙا، ڪِينر، ڪُڙتيون، ساڄ سونيرا ڍڪ
(2)
سندو راڻين حق، تنهن کي مٺو نه گهر مڱڻا!
                        __
جهل ته چارڻ تو ڏيان، پهر پٽولا ٻي
سِر ڌاران، سورٺ چئي، کپئي سو ني
هاٿي ڏيانءِ هڪڙو، جنہ ڏني ڇُٽي ڏيہ
پر محب منهنجي کي، مٺو نه گهر مڱڻا.
                        __
جهل ته چارڻ تو ڏيان، پهر پٽولا ٽي
محب منهنجي کي، مَٺو نه گهُر مڱڻا.
                      __
جهل ته چارڻ تو ڏيان، پهر پٽولا چار
گڍڏيئين گرنار جو، ٻيو سيـٺين شاهوڪار
(1)
هڪڙو ڇڏ کنگهار، ته سامِڻ ٿيان سُڃ جي.

 

اي ٻيجل! جي کنگهار جيئي ته اسين بادشاهي ڇڏيون؛ هو سامي ٿئي ۽ آءٌ سامڻ ٿيان ۽ ٻئي هليا وڃون:

جهل ته چارڻ تو ڏيان، پِهر پٽولا پنج
تازي طبيلن ۾  سونا مٿن سنج
محب منهنجي هنج، تنهن کي مٺو گهر نه منگتا.

 

سورٺ چيس ته: ماڻڪ موڙيون ڪري ٻڌي کڻ، پر ڪڙن وارو قلعو (ڪوٽ) به تنهنجو ٿيو.

ٻڌ ماڻڪ، ٻڌ موڙيون، ٻڌ ڪڙين سندو ڪوٽ
گهڻين راڻين جو گهوٽ، تنهن کي مَٺو گهر نه منگتــا[1].

ٻيجل سر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه قبوليو ۽ راءِ ڏياچ سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. جڏهن پنهنجي ماءُ کان موڪلائڻ ويو ته چيائين ته:

امان! ڏوران آيو منڱتو سو چَنۡگِيلو چوري
ڪوٽ مٿانهان ڪنگرا ويٺو جهانۡئِنۡ سان جهوري

”پٽ! ڪلهن تان ڪوري، سر ڏي نانءُ خداءِ جي.“

راءِ ڏياچ کي سندس ماءُ خاتون راڻي چيو ته: ابا! سوالي کي وير نه وجهه ۽ سر وڍي ڏي. تڏهن وري به ماءُ جو آزمودو لهڻ لاءِ چوڻ لڳو:

ڏهيسر مٿان ڏَههَ، تئن جي هجي مون
ته وڍيندي وير نه ڪريان ”هُونۡ نڪا تُون“
هاڻي ڪريان ڪيئن، جو سر آهي هڪڙو.

تڏهن خاتون راڻي چيس ته:

 

سوين سما، سوين سومرا، ڪوڙين راءِ کنگهار
ڀُونۡ ۾ پئي ڀُڪا ٿيا، ڪنهين نه چيا ڏاتار
سر ڏي راءِ کنگهار، ته جڳان جڳ جيئرو رهين
                         __
تنهنجو ڪو پيءُ هو، تنهن جي ڪا خبر
نيئي لٽيائون ڌوڙ ۾، مٿي ڪيئون قبر
پٽ! هنيون جهلي صبر، تون سر ڏي نانء خداءِ جي.

 

راءِ ڏياچ ماءُ جا اهي گفتا ٻڌي ٻيجل کي سڏايو ۽ مٿي محلات ۾ گهرايائين:

 

آءُ مٿاهين مڱڻا، تون چڙهي منجهه چؤڏول
توکي گهوٽ گهرائيو، راجا منجهه رتول
آهي ٻيجل توسان ٻول، وهاڻيءَ وڍڻ جو.
                        __
مٿهي آيو مڱڻو ساز کڻي سرندو
سِر جي صدا سُر ۾ گهور هڻي گهرندو
جهونا ڳڙهه جهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.
                        __
ڪنجِهي ڪينۡ ڪينرو، ڪِينۡ واڄٽ ولاتي
هنئي تند حضور ۾ پارس پيراتي
ڏسندي راءِ ڏياچ کي ذڪر ٿيو ذاتي
ڪڍندي ئي ڪاتي، وهايئين ڪرٽ ڪپار ۾.
                        __
وهايئين ڪرٽ ڪپار ۾، وانگوڙو واري
سؤ سؤ سورٺ سامهيون اُڀيون اوساري
اُڀريي تاري، رنيون راڻيون رنگ محل ۾.
                        __
سر وڍيو، ڌڙ ڌٻيو، رت ٿو ريلا ڏي
وائي سمي وات ۾، ”ني ڙي ٻيجل ني“

راءِ ڏياچ سر ڏنو، سو چارڻ کڻي هليو. انيراءِ چيو هو ته آءٌ ٻاهران بيـٺو هوندس. سورٺ کي ٻيجل اهو ٻڌايو هئو، سا به وٺي هلي ۽ انيراءِ کي چيائين ته: تنهنجو دشمن مئو، پر مون وچن ڪيو هو ته مرندو ته ترار هٿ ۾ ڪري ’اوپر ڪوٽ‘ کي تالو ڏينديس سو ترار مون کي ڏي ته وچن پورو ڪريان، ۽ پوءِ گرنار چڙهي گڏيا ٿا هلون. انيراءِ ترار ڏنيس ته سورٺ کيس انهيءَ سان پورو ڪري ڇڏيو. پوءِ راءِ ڏياچ جو سر کڻي آئي، ۽ هنجهه ئي ڏاگهه تي چڙهي. ٻيجل جڏهن اهو لقاء ڏٺو، تڏهن پاڻ به کڻي هن سان گڏ ڏاگهه ۾ ٽپو ڏنائين. اهو ڏسي سندس زال چارڻياڻي به ڏاگهه ۾ ٽپي پئي. سورٺ ۽ چارڻياڻي ٻئي پيٽ سان هيون. ڪنهن هڪڙيءَ جي پيٽ مان ٻار ٻاهر اچي پيو، سو مڱريو ٿيو. ڳالهه جي انهي ٽاڻي بابت ڪنهن سگهڙ چيو ته:

هڪ مرندي ٻه مئا، ٻِينۡ مرندي چار
چَئينۡ مرندي ڇهه مئا، سُرنيا ڪر ويچار
مڱر مان ٿيا مڱريا، سي به سمي جا ڀار.

 

ËËË

 

ٿر پارڪر واري طرف جو راڻڪ ديوي ۽ راءِ کنگهار وارو قصو

 

راڻڪ ديوي ۽ راءِ کنگهار جي قصي جون ٻه روايتون، هن بعد شامل ڪيون ويون آهن: تعلقي ننگر پارڪر مان مليل ڳالهه ۽ 2- ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل ڳالهه. هن روايت جا گهڻا ٽاڻا سنڌ واري قصي سان مطابقت رکن ٿا. هن روايت جو مدار البت سنڌ واري قصي جي مکيه نڪتي مطابق نه آهي، جنهن ۾ راءِ ڏياچ ٻيجل جي ساز تي ريجهي سِر ڏنو. هن قصي ۾ کنگهار هڙميتي ڪنڀار جي ڌيءَ کي زوري کڻي پرڻيو، جنهن تي سڌراج مٿس حملو ڪيو، ۽ ناڪام ٿيو. ٻيجل ۽ ڏيجل راءِ کنگهار جا ڀاڻيجا هئا، تن تي شڪ ٿيس ته راڻڪ ديوي ۾ بري اک اٿن، سو ڏيهه نيڪالي ڏنائين، جيڪي پوءِ سڌراج جا مددگار ٿي آيا، ۽ کنگهار کي ماريائون.

هن قصي جو تعلق پڻ ننگر پارڪر جي سنڌ واري علائقي سان آهي، پر جيئن ته ڪردارن جي نالن ۽ قصي جي مرڪزي خيال ۾ گهڻا اختلاف آهن، تنهنڪري هن روايت کي، سنڌ واري قصي کان الڳ ڪري هڪ مستقل ۽ جدا روايت طور رکيو ويو آهي.

 

(الف) تعلقي ننگر پارڪر مان مليل ڳالهه*

 

راڻڪ گڍ سين اُتري، جهانجهر ري جهڻڪار
ڌجي گڍان را ڪونگرا، ڌجي گڍ گرنار
رنڀا جهڙي راڻڪ، جائي ڪل سردار
ليک لکيو نا ٽري، قسمت ڪري ڪنڀار.

 

ٿر جي ڏاکڻي ڀاڱي کي اڳي ”ڀائر جو ٿر“ ۽ هينئر ”سامروٽي“ ڪري چوندا آهن. سامروٽي ۾ ”ڪيرٽي“ نالي هڪڙو ڳوٺ آهي، جو مٺيءَ کان چوڏهن ميل ڏکڻ ڏي آهي. اڳي ڪيرٽي کي ”ڪيرٽي گڍ“ به ڪري چوندا هئا، ڇو ته ان جي چو طرف قلعو اڏيل هو. هتي ان زماني ۾ ”مڪواڻن“ جي حڪومت هئي(1). تنهن وقت ڪيرٽي ۾ ”راڻو روپاڙ سنگهه“ حڪومت ڪندو هو. روپاڙ سنگهه اولاد لاءِ سڪايل هو، تنهن لاءِ هن ڪيترو دان پُڃ ڪيو. نيٺ سڪي پني هڪڙي نينگري ڄايس. هو ويچارو نياڻيءَ کي ئي پٽ سمجهي، تمام گهڻو خوش ٿيو، ۽ يڪدم جوتشين کي گهرائي ٻالڪ جي جنم پتري جانچڻ جو حڪم ڪيائين. جوتشين ٻالڪ جو بخت جانچي، راڻي کي ٻڌايو ته: هن ٻالڪ جو گرهه تمام ڳرو آهي. هيءَ جنهن گهر ۾ ويندي، اهو تباهه ٿيندو. جوتشين جي اڳڪٿي ٻڌي راڻي کي ڏاڍي چنتا ٿي. آخرڪار ٻي واهه نه ڏسي، ڇوڪريءَ کي هڪڙي جهنگ ۾ ڦٽو ڪرائي ڇڏيائين.

اتفاق سان ان ڏينهن ”هڙميتو“ نالي ڪنڀار ان هنڌان ڪڇ ڏانهن پئي آيو، تنهن جهنگ ۾ ٻالڪ جي روئڻ جو آواز ٻڌو. وڃي ڏسي ته هڪ سدا سهڻو معصوم ٻالڪ پيو روئي. هڙميتو به اولاد کان محروم هو، سو خوش ٿي هن کي کڻي ڪڇ ۾ ويو ۽ پنهنجو اولاد سمجهي نپائڻ لڳو.

آنۡگڻ آنٻۡو روپيو، ساک پڙي گهر ٻار
ديوي اُپائي ديوڙي، ڪيئن ڀَڻون ڪُونڀار

 

(انب جو وڻ اڱڻ تي پوکيل هجي. اهڙيءَ طرح راڻي اوچي راجائي گهر ۾ پيدا ٿي هئي. پر قسمت سانگي هوءَ ڪنڀار جي گهر وڏي ٿي، تنهنڪري هن کي ڪنڀارڻ ڪيئن چئبو؟).

جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن تيئن راڻڪ جي روپ ۾ وڌاءُ ٿيندو ويو. جڏهن سورهن سالن جي عمر کي پهتي، تڏهن هوءَ لاڏ ڪوڏ سان سينگار ڪري، گهر ۾ رهڻ لڳي. آخر ڀُڄ جو راءِ هن جي سونهن تي موهت ٿي پيو، سو هڙميتي کي هرکائڻ لڳو ته هن جو سڱ مونکي ڏي. هڙميتي کي اها ڳالهه نه وڻي، تنهنڪري ديس مان لڏي، جهوناڳڙهه جي ويجهو. ”منجيوڙو“ نالي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو. ان وقت ”پاٽڻ“ ۾ ”سنڌراج سولنڪي“ راڄ ڪندو هو.(1)

راڻڪ رمي هيت سان، پائي هار سينگار
ڀُجِي ڀوپ موهيو، ڪڇي راءِ ڪنڌار
 

هڪڙي ڏينهن سڌراج جي شهر جا ڀٽ گهمندا گهمندا منجيوڙي ۾ اچي نڪتا، ۽ اتي هڪڙي ڏينهن راڻڪ کي ڏٺن ڀٽن، راڻڪ جو حسن ڏسي دل ۾ ويچار ڪيو ته ههڙو ملهائتو ماڻڪ ته سڌراج کي ئي سونهي. اها ڳالهه ڳڻي جڏهن واپس ’پاٽڻ‘ ۾ پهتا، تڏهن سڌراج کي راڻڪ جي سونهن سوڀيا جا سمورا سماچار سڻائي چيائون ته: ههڙو ماڻڪ هرميتي جي ڪک مان ڪڏهن به پيدا نٿو سگهي. هي راجا ئي ڪُل مان آهي.

راڻڪ روپ اپار، سورٺ ۾ سوڀي نهين
پاٽڻ ري پريوار، ڦِرتي لڳي ڦٽري.

 

(اي سنڌ راج! سهڻي، راڻڪ، سورٺ ديس ۾ ڪا نه ٿي سونهي، هو پاٽڻ ئي گهمندي سهڻي لڳندي).

راڻڪ جائي رات، او رات آگي گئي
سورج جوت پرڪاش، راڻڪ ڪيرو روپڙو.

 

(جنهن رات راڻڪ جو جنم ٿيو، اُها رات وري ڪانه ايندي. جهڙو سج جو سوجهرو آهي، اهڙو ئي راڻڪ جو روپ آهي).

گهم گهم پائي گهوگهرا، راڻڪ رمي ريٽ
ڪڙيئي ڪيس رهه گيا، مٿو ڀريو ميٽ.

 

(گهنگهرن سان جڏهن راڻڪ واريءَ تي راند ٿي ڪري، ۽ پوءِ ميٽ سان مٿو ڌوئي ٿي، تڏهن سندس کڙين تائين ڊگها وار کلي پون ٿا).

سڌراج به راڻڪ جي سونهن جو بيان ٻڌي، هن تي اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو. پوءِ ڀٽن کي جهجهو انعام ڏيئي چيائين ته: هڪدم وڃي هرمتئي کان سڱ گهرو. ڀٽ وري منجيوڙي آيا ۽ پنهنجي حاڪم جو حال اچي اوريائون، هرمتئي نيٺ سڱ ڏيڻ قبوليو. ان ساڳئي سمي ۾جهوناڳڙه تي راءِ کنگهار(1) جي سڳي ڀيڻ، سڌراج جي ڀاءُ سان پرڻيل هئي. پر ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي، پنهنجي ٻن پٽن ”ڏيسل“ ۽ ”ٻيجل“ سميت، جهوناڳڙهه ۾ پنهنجي ڀاءُ وٽ ويٺل هئي. هڪڙي ڏينهن اهي ٻئي ڇوڪرا راند ڪندي منجيوڙي ۾ اچي نڪتا. ڳوٺ ۾ تڏهن راڻڪ جي شاديءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون، ۽ ڄڃ پاٽڻ کان اچڻ واري هئي. اها خبر انهن ڇوڪرن يڪدم وڃي پنهنجي مامي راءِ کنگهار کي پهچائي، ۽ چيائون ته: اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي، جو اسان جي ملڪ مان سڌراج پرڻجي وڃي. راءِ کنگهار يڪدم پنهنجا ماڻهو موڪليا، جن هرمتئي کي چيو ته: راڻڪ جي ٻانهن راءِ کنگهار جي حوالي ڪر، نه ته چڱو نه ٿيندو. ماڻهن اچي هرمتئي سان حال اوريو پر هن انڪار ڪيو ته: راڻڪ جو سڱ اڳي ئي سڌراج کي ڏنل آهي. پوءِ ته گهڻئي دلاسا ۽ لالچون ڏنائونس، پر ڪنڀار نابري واري ويهي رهيو. نيٺ راڻڪ کي زوري کڻي اچي جهوناڳڙهه ۾ راءِ کنگهار سان شادي ڪرايائون.

راڻڪ راج دوار، جهوناڳڙهه جهڳ مڳ ڪري

کٽيو راءِ کنگهار، سو ڀي ســــورٺ ديــــس مــــان.

(راڻڪ ۽ راءِ کنگهار جي ڏاڍي ڌام ڌوم سان شادي ٿي، ۽ سندن روپ سان سارو جهونا ڳڙهه جهرڪڻ لڳو).

ويڏيءَ بعد راڻڪ جڏهن قلعي جي دروازي تي پير رکيو ته ٿاٻو آيس. اهو بدسوڻ ليکيو ويندو هو، تنهنڪري ماڻهن ۾ اهو وهم اچي ويٺو ته يا ته هي سورٺ ديس سڃو ٿيندو يا ته راڻڪ ڏهاڳڻ ٿيندي.

پرٿم پوءِ ڙي پتيان، ٿيو ٺڪو ۽ ٺيش
ڪا سُنو سورٺ ديش، ڪا رنڏاپو راڻڪ کي.

سڌراج کي جڏهن اها خبر پئي، سو زبردست لشڪر وٺي جهوناڳڙهه تي ڪاهي آيو، ۽ گهيرو ڪري ويهي رهيو. قلعي جي چوڌاري ٻارهن سال گهيرو هليو. جڏهن سڌراج جو لشڪر جهوناڳڙهه وٽ اچي لٿو، تڏهن ميڻل (سڌراج جي ماءُ؟) چيو ته:

 

منهنجو مينڍو لاڏڪو، آيو گڍ گرنار
ماري راءِ کنگهار، اُتاري راڻڪ ديوني.

(منهنجو سڪيلڌو پٽ  سڌراج، جهوناڳڙهه تي چڙهي آيو آهي، راءِ کنگهار کي ماري اسان کي راڻڪ هٿ ڪرڻي آهي).

جهونا ڳڙهه وٽ لشڪر لهندو ڏسي راڻڪ چيو ته:

اسان جي گڍ هيٺ، ڪنهن طنبو تاڻيا
سڌرو وڏو سيٺ، ٻيجا سڀ واڻيا.

(اسان جي قلعي هيٺان ڪنهن جو لشڪر اچي لٿو آهي؟ انهن ۾ ڀانئجي ٿو ته سڌراج هڪڙو سيٺ آهي، ٻيا سڀ واڻيا آهن).

تڏهن سڌراج جي ماءُ جواب ڏنو ته:

واڻيا نا ويچار، جاني واڻي جاڻسو
مارسون راءِ کنگهار، اتارسون راڻڪ ديوني.

(اي راڻڪ! تون اسان کي واڻيا ٿي سمجهين، پر اسان جي واپار جي تڏهن خبر پوندئي جڏهن راءِ کنگهار کي ماري توکي ماڙي تان هيٺ لاهينداسين).

پر جهونا ڳڙهه ڪنهن جي جيتڻ جو هو ئي ڪونه. انهيءَ وچ ۾ راءِ کنگهار هڪ وڏي ڀل ڪئي. سندس گهر ۾ ٻه ڀاڻيجا ڏيسل ۽ ٻيجل رهندا هئا. سو هڪڙي ڏينهن پنهنجي وڏي ڀاڻيجي ڏيسل کي شراب ڏيئي چيائين ته: راڻڪ کي ڏيئي اچ. ڏيسل شراب کڻي راڻڪ جي محلات ۾ ويو، جتي هوءَ سورنهن سينگار ڪيو ويٺي هئي. راڻڪ شراب پي نشي ۾ چُور ٿي ويئي. ڏيسل جو ته اڳيئي گهڻو شراب پيتل هو، ويتر وڌيڪ پي، ٻئي ڄڻا نشي ۾ اهڙا الوٽ ٿي ويا، جو هڪٻئي جي ڪا به سرت ڪا نه رهين ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا سينگاريل هندوري ۾ سمهي رهيا. راءِ به اتفاق سان اتي اچي نڪتو، ۽ ٻنهي کي بيحال ڏسي، پهرين ته ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو پر پوءِ ڪاوڙ کي جهلي، ٻنهي تي پنهنجي ريشمي چادر وجهي، سامهون ٿنڀ ۾ پنهنجي ڪٽار کوڙي هليو ويو. نشو لهڻ تي ٻنهي ڄڻن پنهنجي ڀل محسوس ڪئي، ۽ راءِ کنگهار جون نشانيون ڏسي راڻڪ، ڏيسل کي چيو ته:

ٿنڀ ڪٽارو ٿوهريو، ورهنڌ پُڳي پراڙ
اٺ تون ڀاڻيج ڏيسڙا، ڪونپيو راءِ کنگهار.

(راڻڪ، ڏيسل کي جاڳائيندي چوي ٿي ته: اي ڀاڻيجا! اٿ، ٿنڀ ۾ ڪٽار کتل آهي، ۽ هنڌ تي ريشمي چادر پيل آهي، شايد راءِ کنگهار ڪاوڙيو آهي).

تڏهن ڏيسل پنهنجي غلطي جي معافي وٺڻ لاءِ راءِ کنگهار وٽ آيو، پر هن ساڻس نه ڳالهايو. اتي چيائين:

نه مين گهوڙا گڏيا، نه ڀاريا ڀنڊار
نه مين ماڻي ديوڙي، اورانڀا ڏي نه کنگهار

(اي کنگهار! نه مون تنهنجا گهوڙا ماريا آهن، ۽ نه وري خزاني تي ڌاڙو هنيو اٿم، ۽ نه وري راڻڪ تي ڪا بري نظر رکي اٿم. تنهنڪري اجايا اولانڀا مون کي نه ڏي).

پر راءِ کنگهار نه مڃيو ۽ ڏيسل کي ديس نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين.

سڌراج جهونا ڳڙهه فتح نه ٿيندو ڏسي وڃي ڌارانگري جي راجا جا ڪن ڀريا، پر هن چيس ته: راءِ کنگهار کان کٽڻ ڪو سٿرو ڪم ڪونهي، تنهنڪري هن سان دشمني نه رک:

ٻاون هزار ٻڌئا، گهوڙا گڍ گرنار
ڪيئن هٽي سورٺ ڌڻي، کيهڻ ڌڙ کنگهار.

(راءِ کنگهار وٽ ٻاونجاهه هزار گهوڙن وارو لشڪر آهي، اهڙي بهادر کان ڪير سورٺ جو ملڪ کٽي سگهندو).

پر نجومين جي اڳڪٿي سچي نڪرڻ واري هئي، ۽ راڻڪ جو سوڻ سچو ٿيڻ وارو هو. ڏيسل کي جو راءِ کنگهار ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي، سو پنهنجي ڀاءُ ٻيجل کي ساڻ ڪري، قلعي جي دروازي تي آيو، ۽ دربانن کي چيائين ته: اڄ مالوا کان آڌيءَ رات جو هڪ ساٿ ايندو، ان کي وٺڻ ٿا وڃون. توهين هوشيار رهندي ائين لشڪر سان ڊوهه ڪري، سڌو آيا سڌراج وٽ، ۽ ان سان ڳجهي ملاقات ڪري چيائون ته: اسان کي هينئر سڌ پيئي آهي ته تون اسان جو چاچو آهين. اڳ ۾ جي اها خبر هجي ها ته راڻڪ زوري کسي کنگهار کي نه ڏيون ها. هاڻي راءِ کنگهار اٽلندو اسان تي ڏمر مڙهيو آهي ته توهان راڻڪ ۾ بري نظر رکي آهي. تنهنڪري اسين تو وٽ انهيءَ لاءِ آيا آهيون ته جيڪڏهن راءِ کنگهار جو ملڪ اسان کي لکي ڏين ته گرنار اسين توکي وٺي ڏيون. سڌراج اهو قول انهن کي لکي ڏنو.

پوءِ چونڊ پهلوان ساڻ ڪري، آڌيءَ رات جو قلعي جي دروازي تي اچي پهتا. دربانن کي ته خبر هئي ته مالوا کان ساٿ اچڻو آهي تن يڪدم قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا. سڌراج جو لشڪر، قلعي جي دربانن تي وڃي پيو، ۽ انهن کي ماري مات ڪري سڌو گرنار جي محلات تي وڃي ڪڙڪيو.

جهانپو ڀانگيو، جهوپڙي، ڀيڙيو گڍ گرنار
دودو همير به ماريا، سورٺ جا سڻگار.

(جهونا ڳڙهه جو دروازو ڀڄي پيو، دشمن ڪوٽ ۾ ڪاهي پيا آهن. دودو ۽ همير سورٺ جا ٻه سورهيه دربان مارجي ويا).

راءِ کنگهار کي سڌراج پنهنجيءَ تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد هو راڻڪ کي وٺي پنهنجي ڇانوڻي ۾ آيو ۽ هن کي شادي لاءِ چيائين، پر هن صفا انڪار ڪيو. سڌراج ڏاڍيون آزيون نيزاريون ڪيس، پر راڻڪ صفا جواب ڏيئي ڇڏيو. ڏيسل ۽ ٻيجل قول موجب جڏهن سڌراج کان جهونا ڳڙهه جي حڪومت گهري، تڏهن هن چيو ته: توهان نمڪ حرامن تي ڪهڙو ڀروسو! ڪلهه مامي کي مااريو اٿو: سڀاڻي مون سان به اهائي تعدي ڪندئو. ائين چئي تلوار ڪڍي، ٻنهي جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين.

پوءِ سڌراج، راڻڪ کي زوري وٺي گجرات ڏانهن روانو ٿيو. راڻڪ، راءِ کنگهار جي موت تي روئندي ورلاپ ڪندي پئي وئي.

اونچو گڍ گرنار جو، واڏڙ سان واتان ڪري
مرتان راءِ کنگهار، رانڏاپو راڻڪ ديوي تي.

(گرنار جو ڪوٽ ايڏو اوچو آهي جو ڪڪرن سان ڳالهيون ٿو ڪري. پر راءِ کنگهار جي مرڻ کان پوءِ ان کي ۽ راڻڪ ديوي کي ڏهاڳ آيو).

هڪڙي هنڌ کوهه تي بيٺل بڙ جي وڻ کي سائو ڏسي چيائين:

 

وڙ واوڙي تڻا، تون نڌڻڪو نيلوئيو
مرتي راءِ کنگهار، سُوڪي سال نه ٿيو.

(اي بڙ! نڌڻڪو ٿي وئين ته به سائو بيٺو آهين. راءِ کنگهار جي مرڻ بعد تون سڪي ٺوٺ ڇو نه ٿي وئين؟).

ڳمو جهارا گرنار، وه امڻ ويري کي ڪيو
مرتان راءِ کنگهار، کريڙي کانگهو نه ٿيو.

(اي گرنار جبل! تون اوچي ڳاٽ بيٺو دشمنن کي ڏسين. پنهنجي پياري کنگهار جي مرڻ ڪري ڀڄي پرزا ڇو نٿو ٿين؟).

ايتري ۾ گرنار جا گنبذ ڌڏندا نظر آيس، تڏهن راڻڪ منع ڪيس ته:

مَ پڙ منهنجا اوڌار، چوسل ڪوڻ چڙاوَسي
گيا چڙاوڻهار، جِيَو تان ياترا آوسي

(اي گرنار! هيٺ نه ڪِر- ڇاڪاڻ ته جيڪو توکي ٺهرائي سگهي ها، سو مري ويو، هاڻي جي ڊهندين ته ڪير ٺهرائيندئي؟ هاڻي جيڪو جيئرو هوندو سو تنهنجي ياترا لاءِ ايندو).

رستي تي سڌراج کيس شادي لاءِ تمام گهڻيون منٿون ڪيون، پر راڻڪ انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهن سڌراج سندس ٻن پٽڙن جو پاڻي بند ڪري ٿو ڇڏي. معصومن کي اڃ ۾ ڦٿڪندو ڏسي راڻڪ چيو ته:

 

ڪوئي پهلي پاڻي پاءِ، ان کي گهڙي گهيءَ گهونٽا ڏيان
ڪونپلڙان ڪرماءِ، روپا راڻڪ ديوي جا.

(منهنجا گلن جهڙا معصوم، پاڻيءَ بنان ڪو مائجي ويا آهن. هيئر انهن کي جيڪو پاڻي ڍڪ پياري، تنهن کي گيهه جو گهڙو ڀري ڏيان).

اڳتي هلي سڌراج ڪاوڙجي، راڻڪ جي اکين اڳيان ٻنهي ٻارن کي ماري ڇڏيو. ننڍڙو ٻالڪ مرڻ وقت ماءُ کي سڏڻ لڳو.

تڏهن راڻڪ ديوي چيو ته:

 

ماڻيرا مَ روءِ، مَ ڪر اکيون رتيون
لڳي ڪُر کي کوءِ، مرتي ماءُ نه سنڀار جي

(پٽ ماڻيرا! مرندي وقت نه روءُ. مرڻ وقت ماءُ کي ياد ڪرڻ سان ڪُر کي ٽِڪو لڳندو).

ٻارڙن جي مرڻ کان پوءِ به جڏهن راڻڪ، سڌراج سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن هن ڪاوڙ ۾ اچي کيس ڪُک تي زور سان لت هنئي.

 

پاٽو پڙکا مانهه، کنهگار جا کاڌا نهين
موجڙيون ني مار، سڌراج ني سوڀي تهين.

(جنهن راڻڪ، کنگهار جي ڪڏهن ڇڙٻ به نه سٺي، تنهن کي اڄ سڌراج موچڙن سان پيو ماري).

نيٺ هلندا هلندا اچي ”وڍواڻ“ جي شهر ۾ پهتا. اتي راڻڪ ديوي اڳتي هلڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهي، ۽ چئي ته آءٌ ستي ٿينديس. پر سڌراج ماڻهن کي منع ڪئي ته ڪو به هن کي باهه آڻي نه ڏئي. قدرت سان ان وقت واءُ لڳو، جنهنڪري واريءَ جو دڳ ٿي ويو، ۽ ان کي باهه اچي لڳي. راڻڪ ان باهه ۾ سڙي ستي ٿي.

پدمڻي لي ساٿ، پڇو پاٽڻ آوتان
راڻڪ ناٿ اناٿ، ستي ٿي وڍواڻ ۾.

 

انهيءَ جاءِ تي اڄ به هڪڙي ڏيوري اڏيل آهي.

 

ËËË

 

(ب) ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل ڳالهه*

 

ڪنهن سمي سنڌ ڏيهه ۾ راڻو روڙ پارسنگ ’پائر‘ جو حاڪم هو. سڪي سڪي کيس هڪ نياڻي ڄائي، جنهن جو حسن ڏسي، سڀ حيران ٿي ويا. پر سندس ستاري مان معلوم ٿيو ته جيڪو راجڪماري سان لائون لهندو، تنهن جو تخت بخت تباهه ٿي ويندو. نجومين جي اڳڪٿي ٻڌي، راڻي کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ سو هن نڀاڳيءَ نينگريءَ کي کاري ۾ وجهي کڻي بن ۾ ڦٽو ڪرايائين. قضا سان، ڪڇ ملڪ جو هڪ ڪنڀار، هرمتيئي نالي، ان جهنگ مان اچي لانگهائو ٿيو، اوچتو وڃي سندس نظر کاري تي پيئي. ويجهو وڌي ڏسي ته هڪ سهڻي نينگر منجهس ستي پيئي آهي. اهڙيءَ مز موهڻيءَ معصوم کي هيئن نڌڻڪو ڏسي، کڻي ڇاتيءَ سان لڳايائين؛ ۽ پنهنجي گهر آڻي، کيس وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳو. نينگر جا روش راجڪماري جهڙا هئا، سو هن مٿس ’راڻڪ ديوي‘ يعني ’ننڍڙي راڻي‘ نالو رکيو. جڏهن عمر رسيدي ٿي، تڏهن سندس سوڀيا سج کي به شهه ڏيئي ۽ سندس حسن جي هاڪ ڪڇ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هلي ويئي. اتي حاڪم لاکو ڦلاڻي اڻ ڏٺي مٿس موهت ٿي پيو، ۽ هرمتيئي کي سندس سڱ گهريائين؛ پر هن نابري واري. پوءِ ته لاکي جي ڊپ وچان ديس پرديس ڪري، جهونا ڳڙهه جي ڇڪ ۾، مجيوڙيءَ جي هڪ وسيءَ ۾ وڃي وطن ڪري ويٺو.

ساڳئي زماني ۾ گجرات جو حاڪم راجا سڌراج هو، هن جو تختگاهه انهلواڙ پاٽي هو. هڪ لڱا سندس دربار جا چارڻ گهمندا ڦرندا، اچي مجيوڙيءَ ۾ نڪتا. اتفاق سان راڻڪ ديوي کي ڏسي ورتائون. سندس لاثاني جمال ۽ جوڀن پسي، سڀني جي دلين ۾ اها آرزو ٿي ته اهڙي پدمڻي اسان جي راجا جي ئي راڻي سونهي. جي موٽي ملڪ آيا، تڏهن راڻڪ ديويءَ جي حسن جي ڳالهه راجا کي سربستي ڪري ٻڌايائون. راجا پهريائين ته ڪنڀار جهڙي گهٽ ذات جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر چارڻ کيس سمجهايو ته راڻڪ ديوي ڪنڀار جي ڄائي نه آهي، مگر ڪنهن راجائي ڪل جو وياءُ ٿي ڏسجي. انهيءَ تي هرکجي، سندن رٿ قبول ڪيائين. پوءِ کين حڪم ڪيائين ته: وڃي ڪنڀار کان سڱ جي گُهر ڪريو. چارڻ موٽي مجيوڙي ۾ آيا، ۽ ڪنڀار کان قبوليت وٺي، ٻن مهينن اندر شادي ملهائڻ جو ٺهراءُ ڪري اٿيا.

انهي وقت جهونا ڳڙهه جو حاڪم راءِ کنگهار چوڙا سمو هو. سندس هڪ ڀيڻ سڌراج جي ڀاءُ سان پرڻيل هئي، جا ڪنهن گهرو اڻبڻت ڪري، ڳچ مدت کان پنهنجن ٻن پٽن ڏيجل ۽ ٻيجل سميت جهونا ڳڙهه ۾ پيڪي گهر ٽڪيل هئي. هڪڙي ڏينهن ڏيجل ۽ ٻيجل شيل شڪار ڪندا، مَجيوَڙي جي ڳوٺ مان اچي لنگهيا. ڏسن ته ڳوٺ ۾ شادمانا لڳا پيا آهن. پڇا بعد معلوم ٿين ته راڻڪ ديوي کي سڌراج سان پرڻائڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. جڏهن جهونا ڳڙهه موٽيا، تڏهن راءِ کنگهار سان اچي احوال ڪيائون ته: مجيوڙي جي ڳوٺ ۾ راڻڪ ديوي نالي هڪ حور جهڙي حسين نينگر آهي، جنهن کي سڌراج سان پرڻائڻ جو تياريون ٿي رهيون آهن. اهڙي من موهڻي مورت اسان کان ڇٽي، پرديس پرڻجي وڃي، سا ڳالهه اسان جي شان وٽان نه آهي. اسان جي اوهان کي استدعا آهي ته ڪيئن به ڪري انهي ٻانهن سان اوهين پاڻ شادي ڪريو. راءِ کنگهار کي اها صلاح ڏاڍي وڻي؛ سو ڀاڻيجن کي چيائين ته: ڪنڀار کان وڃي منهنجي پاران سڱ گهرو. پوءِ ٻئي ڀائر موٽي مجيوڙي ۾ آيا ۽ ڪنڀار کان سڱ جي تقاضا ڪيائون. پر هن انڪار ڪري چيو ته: ڇوڪري جو مڱڻو سڌراج سان اڳي ٿي چڪو آهي، سو هاڻي جي آءٌ مائٽي ڇنندس ته هڪڙو ته لوڪ ۾ لڄارو ٿيندس، ۽ ٻيو ته راجا سڌراج منهنجي کل لاهي ڇڏيندو. هنن کيس گهڻئي دم دلاسا ڏنا، پر ڪنڀار نه مڙيو. آخر راڻڪ ديوي کي زوري کڻي، اچي کنگهار سان شادي ڪرايائونس.

جڏهن سڌراج کي هن ماجرا جي معلوميت ٿي، تڏهن وڏو ڪٽڪ سنڀرائي، جهونا ڳڙهه تي ڪاهي ويو. ساندهه ٻارهن سال ’اپر ڪوٽ‘ تي گهيرو ڪري ويهي رهيو، پر وريو ئي ڪين. انهي وچ ۾ راءِ کنگهار کي اچي شڪ جاڳيو ته سندس ڀاڻيجي ڏيجل جي راڻڪ ديوي ۾ بُري نظر آهي. ڏيجل کي انهي جي کڙڪ پئجي ويئي، سو پنهنجي ڀاءُ ٻيجل کي ساڻ ڪري راتو واهه اٿي ڀڳو. جڏهن قلعي جي دروازي وٽ پهتا، تڏهن دربانن کي چيائون ته: اڄ مالوا کان راءِ کنگهار جو هڪ ساٿ اچڻو آهي، جنهن جي استقبال لاءِ اسان کي روانو ڪيو اٿس. آڌي رات جو ساٿ اچي سهڙندو، سو اوهين هڪيا هوشيار رهجو. پوءِ سڌو آيا سڌراج جي ڇانوڻي تي، جتي هن سان ملاقات ڪري، چيائونس ته ”اسان کي بنهه هاڻ خبر پئي آهي ته اوهين اسان جا چاچا آهيو. جي اها سڌ اڳيئي هجيئون ها ته راڻڪ ديوي زوري کڻي کنگهار کي هرگز نه ڏيون ها. هاڻ ته اسان سان ”نيڪي برباد گناه لازم“ وارو قصو ٿيو آهي. کنگهار اسان تي الزام مڙهيو آهي ته اسان راڻڪ ديويءَ ۾ بڇڙي اک رکي آهي. انهي بهتان ڪري، اسين کانئس رُسي، اوهان وٽ اجهي لاءِ آيا آهيون. جي اسان سان گڏجي هلو ته کنگهار کي پورو ڪري، راڻڪ ديوي اوهان جي پلئه پايون. پوءِ سڌراج سئو کن چونڊ پهلوان پالڪين ۾ وهاري، ساڻن گڏ قلعي ڏانهن وڌيو. دربانن ڀائرن کي سڃاڻي، سمجهيو ته شايد مالوا کان ساٿ اچي سهڙيو آهي، سو قلعي جو دروازو کولي ڇڏيائون. سڌراج جا سورما دربانن کي ماري، شاهي محلات ڏي ڌوڪيندا ويا، ۽ اوچتو وڃي کنگهار جي مٿان ڪڙڪيا. سڌراج ڪڍندي ئي ترار کنگهار جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. پوءِ راڻڪ ديوي کي ساڻ ڪري، ڇانوڻي ۾ وٺي آيو. گهڻوئي ستايائينس ته: هاڻ تون منهنجي پَٽ – راڻي ٿي ويهه؛ پر هوءَ بلڪل باز نه آئي، ۽ وڃي ڏاگهه چڙهي.

ڏيجل ۽ ٻيجل، سڌراج کان انجام ورتو هو ته راءِ کنگهار کان پوءِ، جهونا ڳڙهه جي حڪومت جون واڳون کين سونپيون وينديون؛ سو هاڻ انهي انجام جي يادگيري ڏياريائونس. پر سڌراج چين ته: اوهان جهڙن نمڪ حرامن تي ڪهڙو ڀروسو! اڄ پنهنجي مامي سان ڊوهه ڪيو اٿو؛ ڪهڙي خبر ته سڀاڻي مون سان ڇا ڪندا؟ ائين چئي ترار ڪڍي، ٻنهي جون سسيون لاهي ڇڏيائين.

 

ضميمو – 2

 

ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي طرف جو قصو*

 

[هيءَ روايت، سٽاء جي لحاظ کان، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي قصي کان مختلف آهي. نالن جي اختلاف کان سواءِ، ڳالهه جي سٽاء ۾ اختلاف آهي. قصي جي هيءَ روايت ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي علائقن ۾ رائج آهي، ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل ”شاه جي رسالي“ ۾ شامل آهي. جزوي واقعات جي لحاظ کان، هيءُ قصو جيئن ته سنڌي قصي کان قدري مختلف آهي، تنهنڪري ان کي هڪ مستقل روايت طور هتي شامل ڪيو ويو آهي.]

سنه 875ع ڌاري راءِ چوڙا، سنڌي سمي راجپوت، ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي حڪومت برپا ڪئي ۽ ونٿلي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيائين سندس پويان پاڻ کي ”چوڙا سما“ ڪري سڏائڻ لڳا. هن گهراڻي ۾ سڀني کان هاڪارو حاڪم ”گرهريو“ ٿي گذريو. جهونا ڳڙهه جو مشهور قلعو، جنهن کي هاڻ ”اپرڪوٽ“ ڪري سڏين ٿا، سو سندس ٺهرايل آهي. راءِ گرهريو 982ع ۾ وفات ڪئي، ۽ کانئس پوءِ ”راءِ ڪوات“ گادي نشين ٿيو، جو 1003 عيسويءَ ۾ گذري ويو. ان بعد سندس پٽ ”راءِ دياس“ تخت تي ويٺو.

ساڳئي وقت گجرات جو حاڪم ”درلڀ سين“ هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ انهلواڙ پاٽڻ هو. انهيءَ ڪري کيس ”انهلواڙ“ ڪوٺيندا هئا. راءِ گرهريو جي زماني کان ئي وٺي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جي حاڪمن جو پاڻ ۾ نفاق هو. جڏهن جڏهن گجرات جا راجا ۽ راجڪماريون گرنار جي تيرٿ تي وينديون هيون، تڏهن ڪاٺياواڙ جا حاڪم ساڻن عقوبتون ڪندا هئا. راءِ دياس جي ڏينهن ۾، راجا درلڀ سين جي راڻي درلڀ ديوي ۽ سندس ڌيءَ چندرودتا وڏي ڪٽڪ سميت، هندستان جا مشهور تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽيندي اچي گرنار نڪتا ۽ جيئن پالڪين ۾ چڙهي، مندرن جي درشن ڪرڻ لاءِ مٿي جبل تي ويون، تيئن هڪ گهوڙي سوار اچي سندن رستو روڪي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين ته: خبردار! جي هڪ قدم به اڳتي وڌيا آهيو. قافلي جو اڳواڻ وڌي وٽس آيو، ۽ عرض ڪيائين ته: سائين! اسان اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ گهوڙي سوار جواب ڏنو ته: سؤ راشٽر جو حاڪم راءِ دياس آءٌ آهيان ۽ گرنار منهنجي حد ۾ آهي. پهرين ڏن ڏيو، پوءِ اڳتي وڌو. هن چيو ته: اسين ڏن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، مگر ڪيترو؟ دياس وراڻي ڏني ته: هت ناڻي جي ڳالهه نه آهي، اها راجڪماري جا اوهان ساڻ آهي، سا مونکي پرڻائي ڏيو، نه ته هتان وک به وڌڻ نه ڏيندوسانو. اڳواڻ ڏٺو ته دياس کان جند ڇڏائڻ مشڪل آهي، سو راڻي سان صلاح ڪري، دياس کي چيائين ته: اسان جا وڏا ڀاڳ چئبا، جو اوهان جهڙو هاڪارو حاڪم راجڪماريءَ تي هرکيو آهي. ويچار ڪري ڏسو ته راجائي ڪل جي نياڻي لڪ ڇپ ۾ ڪيئن پرڻائي ڏيون. ائين ڪرڻ سان نه فقط اسان جو منهن هيٺ ٿيندو، پر اوهان جو پڻ، تنهنڪري هينئر اسان کي رخصت ڏيو ته تيرٿ ڪري موٽي ملڪ وڃون. آءٌ اوهان کي راڻيءَ پاران انجام ٿو ڏيان ته ورندي مهيني جي اڄوڪي ڏينهن، وڏي ڌام ڌوم سان ڄڃ وٺي اينداسون. گهڻيءَ ڌنڌل بعد دياس مڙيو ۽ سندس ٺهراءُ قبول ڪيائين. پوءِ ته تڙ تڪڙ ۾ گرنار جو تيرٿ ڀيٽي، سارو ساٿ اچي ماڳ پهتو. راجا درلڀ سين کي ساري حقيقت سڻايائون. جو پنهنجي ڪٽنب جي بيعزتيءَ جي خبر ٻڌي، باهه ٿي ويو، ۽ بدلي وٺڻ جون سٽون سٽڻ لڳو. آخر هڪڙي رٿ رٿي مقرر تاريخ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

انجام واري ڏينهن ونٿليءَ ۾ گهر گهر شادمانا لڳي ويا. هٽ بازاريون سينگارجي ويون. جتان ڪٿان سازن سرودن جا آواز اچڻ لڳا. دياس خوشيءَ ۾ خزاني جا در کولي سوالين کي دل گهريو دان ڏيڻ لڳو. شام جو قاصدن ڄڃ جي اچڻ جو اطلاع ڪيو. امير امرا استقبال لاءِ اچي ڪوٽ جي در وٽ بيٺا، ۽ ڄاڃين جي آجيان ڪري، کين اندر اُماڻيندا ويا. پر پالڪين جون بهيرون بس ئي نه ڪن. آخر درلڀ سين جي سالار هڪل ڪئي ته: پهلوانو! پالڪين مان نڪري نروار ٿيو. پوءِ ته پالڪيءَ پالڪيءَ مان چار چار جوڌا جوان هٿيارن سان نڪرندا، صفون ٻڌندا ويا. پوءِ ته رنگ ۾ ڀنگ پئجي ويو. دياس جو لشڪر جيڪو شاديءَ جي سانباهي ۾ رڌل هو، سو دشمنن کي منهن ڏيئي نه سگهيو. انهيءَ ڪري ونٿلي آسانيءَ سان دشمنن پنهنجي قبضي ۾ آندي. هاڻي راءِ دياس ڀڄڻ ڀيڻي نه ڏسي، ڪٽنب سميت محلات جي سرنگهه مان لنگهي اچي اپر ڪوٽ ۾ اجهو ورتو. درلڀ سين هاڻي وري اپر ڪوٽ تي ڪاهه ڪئي. اميدون ته وڏيون ئي هئس، پر ٿوريئي عرصي ۾ پتو پيس ته اپر ڪوٽ کي هٿ ڪرڻ ڪا سٿري ڳالهه ناهي. خيال ڪيائين ته ٿوري گهڻي ڏينهن نيٺ دياس جو ان پاڻي کُٽي ويندو، ۽ پاڻهي پيش پوندو. پر اهو اجايو خيال هوس. قلعي ۾ انّ جا انبار لڳا پيا هئا، ۽ پاڻي به مَئُو هو. هڪڙي ڏينهن درلڀ ديوي، جا پڻ راجا سان گڏجي آئي هئي، تنهن لشڪر کي نراس ڏسي، پنهنجي ور کي چيو ته: اڃان ته ڪو بلو ڀيڻي ڪو نه ٿو ڏسجي. ڇو نه ڪو ڇند ڦند ڪري، ڪوٽ کي قبضي ۾ آڻو؟ اڃا انهن ئي ويچارن ۾ هئا ته ”ٻيجل“ نالي چارڻ، درلڀ سين جي در تي صدا هڻي چيو ته: ڪو چڱو چوکو انعام ڏيوم، ته دياس جو سر آڻي اوهان جي قدمن ۾ رکان درلڀ سين کيس گهڻو انعام ڏئي راءِ دياس جي سر آڻڻ لاءِ روانو ڪيو.

اپر ڪوٽ ۾ اچڻ بعد راءِ دياس جي زال سورٺ، هڪڙو خوفناڪ خواب لڌو، جنهن ۾ ڏٺائين ته هڪڙي چارڻ اچي دياس جي سر جي سين هنئي آهي. ان ڏينهن کان وٺي ڪوٽ تي اهڙي ته چوڪسي رکائي هئائين.، جو ڪٽنب جي ڀاتين کان سواءِ دياس جي ڪمري ۾ ڪو به گهڙي نه سگهندو هو، ڪوٽ جي دروازي مان پڻ ڪنهن ڌارئي کي اندر اچڻ جي مجال نه هئي.

ٻيجل به درلڀ سين کان موڪلائي، اپر ڪوٽ ڏي رخ رکيو. جڏهن چنگ ڪلهي ڪري، ڪوٽ ۾ ڪاهي آيو، ڇو ته چارڻن ۽ ڀٽن کي ڪا به روڪ ڪانه هئي. هو ڪوٽ ۾ اچي سهڙيو. پر دياس سان ملڻ البت مشڪل هو، سو ڇا ڪيائين جو، دياس جي محل جي هيٺان چنگ چوري، ويٺو سندس واکاڻ ڪرڻ. پنهنجي ساراهه ٻڌي دياس دريءَ کان منهن ٻاهر ڪڍي، چارڻ کي چيو: گهر جيڪي گهرڻو هجيئي. ٻيجل وراڻي ڏني ته: مونکي پاڻ وٽ مٿي سڏايو، جو اوهان سان هڪ ڳجهي ڳالهه ڪرڻي اٿم. سنئين سڌي رستي ٻيجل کي مٿي سڏائڻ محال هو، سو دياس دريءَ مان رسي لٽڪائي، جنهن جي وسيلي چارڻ چڙهي وٽس وڃي پهتو. اندر گهڙڻ شرط ٻيجل چيو ته: آءٌ گهران ته گهڻوئي، پر قول ڏي ته تون اهو ڏيڻ کان انڪار نه ڪندين. دياس جي خاطري ڏيارڻ تي چيائين ته: تنهنجو سر دان ۾ گهرجي. دياس چيس ته: تنهنجي هروڀرو اها مرضي آهي ته آءٌ توکي پنهنجو سر خوشيءَ سان وڍي ڏيندس.

اوڦٽو ماڻهو جو آواز سڻي، سورٺ جو ساهه سڪي ويو، سا ڌوڪيندي اندر گهڙي آئي، ۽ چارڻ کي ڏسندي ئي هنيون هارجي ويس. پوءِ ٻيجل کي گهڻئي وينتيون ڪيائين، پر هو باز نه آيو. ايتري ۾ دياس جي ڀيڻ به لنگهي آئي، ۽ ساري حقيقت مان واقف ٿي، ويچار ڪيائين ته جي منهنجو ڀاءُ وچن کان ٿو ڦري ته اسان جي ڪُل تي هميشہ لاءِ ڪارنهن جو ٽڪو لڳي ويندو، سو چيائينس ته:

”وڍي ڏي تون وير، مٿو مڱڻهار کي“

هيءُ ڌانڌل ٻڌي، دياس جي ماءُ به ڊوڙندي آئي. سارو حال سڻي، پٽ کي چيائين ته: شاباس! متان پنهنجي ٻول کان ڦريو آهين. سر ڏي ته سرهو ٿئين. سس ۽ نڻان جي اهڙي ستيا ڏسي، سورٺ به مڙس کي خوشيءَ سان سر وڍي ڏيڻ جي اجازت ڏني. تڏهن راءِ دياس خوشيءَ ۾ ڀرجي سڀني کان موڪلائي، ڪٽارو ڪڍي کڻي پنهنجي ڪنڌ تي هنيو ۽ مٿو ڌڙ کان ڌار ڪري، ٻيجل کي آڇيائين، جو سر کڻي درلڀ سين ڏانهن روانو ٿيو.

اپر ڪوٽ ۾ چکيا تيار ٿي ويئي. سورٺ هار سينگار ڪري، ڳهه ڳٺا پهري، چکيا تي چڙهڻ لاءِ هڪي بيٺي هئي. اوچتو ٻيجل به هٿ ۾ راءِ دياس جو سر کڻي، ماڻهن مان ظاهر ٿيو، ۽ سر کڻي سورٺ جي جهوليءَ ۾ وڌائين. هوءَ به پنهنجي مڙس جو لاش جهوليءَ ۾ کڻي ڏاگهه چڙهي.


* هيءَ ڳالهه سگهڙ ميان يعقوب ٻرڙي (ويٺل ميرپور ٻرڙو، تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد) جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

* هيءَ ڳالهه اسان ٿر جي سگهڙ ڦل بجير کان شهر مٺي ۾  تاريخ 18- سيپٽمبر 1973ع تي سندس زباني قلمبند ڪئي.

(1) کيوءِ = خوش، اڻکيو = ڪاوڙيو.

(1) ڪير ٿو جَهٽون ڏئي، يعني حيلا ڪري.

(1) وڳڙ = جهنگل

(2) هُئائين = (ڪڇي محاور) هتائين

(1) عطائي = وڏو فقير، ڪامل، قابل

(2) ڪهو = ڪهڙو

(1) پٽولو = سڄو ريشمي ڪپڙو

(2) ڪڙا ۽ ڪڙتيون جيڪي تون پايو ويٺو آهين، ۽ پڻ ڪينر تو وارو، اهي ڍڪ. سونيرا = سونهرا، سون جا.

(1) سيٺين = سيٺيون

[1] گهڻين راڻين جو گهوٽ، انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته سمون مسلمان هو.

* هي روايت ٿر پارڪر (تعلقي ننگر پارڪر) مان منگهارام اوجها کان ملي.

(1) اندازاً يارهين صدي عيسوي ڌاري

(1) سنڌ راج پٽ وئراج جو دور حڪومت 1094ع کان 1143ع تائين.

(1) راءِ کنگهار چوڙو سمو راجپوت هو. سندس حڪومت جو دور 1098ع کان 1125ع تائين هو.

* شاه جو رسالو، (گربخشاڻي) جلد – 2 تان ورتل.

* شاه جو رسالو – گربخشاڻي، جلد 3 تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org