سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :5

روايت [3]

سورٺ جي سڱ تان انيراءِ جي راءِ ڏياچ سان جنگ ۽ چارڻ کي چوري سندس سر وڍڻ واري ڳالهه

(الف) تعلقي ساماري جي سگهڙ ڌڻي بخش ڌؤنڪائي جي ٻڌايل ڳالهه*

ڪنهن سمي هڪ چڱو نالي وارو راجا هو، جنهن کي ڌيءَ ڄائي. نجومين ڇوڪريءَ جو بخت ڏسي چيو ته “هيءَ ڇوڪري تنهنجي بادشاهيءَ کي لوڏيندي!” اهو ٻڌي، راجا ڌيءَ کي کاري ۾ وجهي، جهنگ ۾ ڦٽو ڪرائي ڇڏيو. “رتن” نالي هڪڙو ڪنڀار، راءِ کنگهار جي بادشاهيءَ ۾ رهندو هو، سو اُتان اچي لنگهيو. جهنگ ۾ نئون ڄاول ٻار پيل ڏسي حيران ٿي ويو. اولاد لاءِ اڳ ۾ ئي سڪايل هو، سو ٻارڙي کي گهر کڻي اچي نپايائين ۽ سندس نالو “سورٺ” رکيائين.

سورٺ وڏي ٿي ته سونهن سوڀيا ۾ سندس ڪو مٽ ئي ڪو نه هو. رتن ڪنڀار، سورٺ جو سڱ انيراءِ کي آڇيو. اهڙي طرح سورٺ ۽ انيراءِ جو مڱڻو ٿيو. راءِ کنگهار کي جا سورٺ جي سونهن جي خبر پئي، تنهن رتن ڪنڀار کان سورٺ جي سڱ جي گهر ڪئي. رتن ڪنڀار، راءِ کنگهار کي چيو ته ”مون سورٺ جو سڱ اڳئي اَنيراءِ کي ڏيئي ڇڏيو آهي.” راءِ کنگهار سندس هڪ به نه ٻڌي، ۽ سورٺ کي زوري کڻائي محلات ۾ آندائين ۽ ساڻس شادي ڪري ويهي رهيو.

انيراءِ بادشاهه پنهنجي لاءِ لشڪر سميت شڪار تي چڙهندو هو، ۽ جڏهن شڪار ڪري واپس اچي لهندو هو ته پنهنجن وزيرن اميرن کان پڇندو هو ته: خبر ڏيو، مون جهڙو، مون جيڏو ٻيو ڪو بادشاه ڏٺَو ته هو جواب ڏيندا هئا ته: بادشاه سلامت! اسين تنهنجو پاءُ اٽي جو کائون، سو اسان جي ليکي ته تو جهڙو ڪو ٻيو بادشاهه دنيا جي تختي تي ڪونهي! بادشاهه اها ڳالهه روزانو پڇندو هو. آخر هڪ ڏينهن ڪنهن وزير ڪڪ ٿي جواب ڏنس ته:

جــوڳــي پــڇــجــن جـــال، پــنــن جيڪـــي پٽ کڻـــي

سي حاذق منجهان حال، سوڌيون ڏيندئي خبرون.

“بادشاه سلامت!  اسان ته هن بادشاهي کان ٻاهر پير ئي ڪو نه رکيو آهي، سو ڪا خبر ڪا نه اٿئون. باقي چوندا آهن ته ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي، تنهنڪري جوڳين کي گهرائي پڇا ڪريو، متان ڪنهن اهڙي بادشاهه جو ڏس ملي وڃي! ڇاڪاڻ ته اهي ڏيهه ڏوريندا وتن.”

انيراءِ جي حڪم سان سڄي بادشاهيءَ جا جوڳي اچي حاضر ٿيا. انيراءِ انهن کان به ساڳيو سوال ڪيو ته: مون جهڙو، مون جيڏو ڪو ٻيو بادشاهه ڏٺوَ؟ هڪڙي جوڳيءَ جواب ڏنو ته:

 

اونهان ڏيهه الله جا، جت نانگا نرتون ڪن
ڳاڙهينۡ پُڇينۡ ڏنڀرا، اتي ماريو مير ڍڪن
ڪوٽن اُتي ڪُنگرا، وڄون هيٺ وسن
تون به پٽاند تن، آهين سائو ماڻهو سڦرو.
 

چئي: “ڇو ڪين آهن! اهڙا به بادشاهه آهن، جن جا ڪوٽ ڪڪرن کان به مٿي آهن. وڄون ۽ مينهن به ڪنگرن کان هيٺ ٿا وسن. انهن وانگر، تون به هڪڙو سکيو ستابو ماڻهو آهين.” جوڳيءَ جي انهيءَ جواب تي انيراءِ يڪدم تپي باهه ٿي ويو ۽ جوڳيءَ کي چيائين ته: مون کي يڪدم اهڙي بادشاهه جو ڏس ڏي ته هينئر ئي وڃي ڪري سندس سر لاهيان.” تڏهن جوڳيءَ وراڻيس ته:

 

سورٺ سنڪلديپ ڪي، ذات ڀلي پرمار
ٻيٽي راجا نند ڪي، راکي رتن ڪنڀار
اُڻکي انيراءِ، ڀوڳي راءِ کنگهار.

 

چئي: “راجا! هڪڙو انهن مان راءِ کنگهار اٿئي، جنهن تنهنجي مَڱ کنئي آهي.” اهو ٻڌي انيراءِ هيڪاري ڪاوڙ ۾ اچي ويو. ٽپ ڏيئي اُٿي لشڪر کي حڪم ڪيائين ته:

جنبو سڀ جواڻ، ٻڌو پانّهه پکرون
ڏيو تنگن تاڻ، ته هلي ڏسو ڏيهه ڏياچ جو.

 

انيراءِ يڪدم لشڪر سنباهي روانو ٿيو ۽ اچي گرنار جبل کي گهيرو ڪيائين. لشڪر کي حڪم ڏنائين ته: يڪدم حملو ڪريو ۽ توفون هڻي ڪوٽ ڪيرائي وجهو. مگر گرنار جو ڪوٽ، جبل جي چوٽي تي تمام اُتاهون ٺهيل هو، تنهنڪري توفن جا گولا اڌ پنڌ تان ئي موٽي، سندس ئي لشڪر تي اچي ڪرڻ لڳا.

 

انيراءِ اُڇليون، ناريون ڀيم ڀري
گورو تنهن گرنار کي، لڳو ڪين ڪري
وچان ٿيو وري، اوري ئي لولُون ٿئي.

 

انيراءِ ڪيترا ئي مهينا، گرنار کي گهيرو ڪريو ويٺو هو، پر ڪوٽ کي تِر جيترو به نقصان رسائي نه سگهيو.

گرنار ڪوٽ ۾ ايترو ته اَن پاڻي موجود هو، جو ورهين جا ورهيه کائجي ته به نه کُٽي؛ انهيءَ ڪري راءِ کنگهار کي، انيراءِ جي حملي جو ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪو نه هو، ۽ پنهنجي ئي مؤج مستي ۾ مشغول هو. آخرڪار انيراءِ عاجز ٿي، لشڪر ساڻ ڪري پنهنجي ملڪ موٽي آيو.

پنهنجي بادشاهيءَ ۾ پهچي، انيراءِ پڙهو گهمايو ته ”جيڪو شخص راءِ کنگهار جو سِر وڍي آڻيندو، تنهن کي هيرن جواهرن جو ٿالهه انعام ملندو.” انيراءِ جا سپاهي، سونين مهرن جو ٿالهه کڻي سڄي بادشاهيءَ ۾ گهميا، پر ڪنهن به شخص، راءِ کنگهار جي سر وڍي آڻڻ جي هام ڪانه هنئي. ٻيجل نالي هڪ چارڻ به انهيءَ ملڪ ۾ رهندو هو. سندس زال جڏهن اهو پڙهو ٻڌو، تڏهن سپاهين کان سونين مهرن جو ٿالهه وٺي رکيائين- چئي: منهنجو مڙس ٻيجل راءِ کنگهار جو سِر وڍي آڻيندو.“

سپاهي خوش ٿي موٽيا ۽ انيراءِ کي اچي خوشخبري ٻڌايائون. هوڏانهن ٻيجل گهر آيو ته سونين مهرن جو ٿالهه رکيل ڏسي، پُڇا ڪيائين. زال کيس سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي. تڏهن ٻيجل يڪدم مٿي تي هٿ هڻي چيو: ”نڀاڳي! هي ڪهڙو قهر ڪيئي! سِر وڍڻ ڪي سولا آهن ڇا؟ جيسين راوَ ريجهي پاڻ سر نه ڏئي تيسين ڪيئن سندس سِر وڍي سگهبو! هن ڪم مان ته مرڳو جيءَ کي جوکو آهي.“ ائين چئي، ٻيجل افسوس ۾ منهن ويڙهي، گهر جي ڪنڊ ۾ سمهي رهيو.

پَٽڻ ٿو پڙهو ڦِري، مَيي جي به متاع
آڻي جاجڪ جهليون، انيراءِ اڳياء
وڙهيو ٿي ونيءَ سان، جاڙ تو ڪِي جا
سِر وڍڻ ڪي سُٿرا، جيسين نه ريجهي راءِ
سگهه نه ساري ڪاء، ٻيجل ٻِيڙو ئي نه کڻي.

 

ٻيجل کي زال چيو ته: ”راجا انيراءِ جي سپاهين مون کان انجام ورتو آهي؛ هاڻي جي انجام کان ڦرنداسين ته راجا پاڻ کي مارائي ڇڏيندو. چارڻ ٿيو آهين ۽ نا اميد ٿي ويهي ٿو رهين! راءِ کنگهار وڏو سخي مرد آهي، ڪنهن جو به سوال ڪو نه ٿو موٽائي. تون به وڃي سر جي صدا هڻ، خدا تو کي سوڀ ڏيندو.“

 

ٻيجل ٻِيڙوئي نه کڻين، چارڻ چائين تون
مال مڙوئي منگتا، ورتو مٿي تنهنجي مون
اوڏو آڳاهون، ويندين گڍ گرنار تي.

 

نيٺ چارڻ ٻيجل، پنهنجو ساز “ڪماچو” کڻي، گرنار ڏانهن روانو ٿيو.

چون ٿا ته ڪي چار درويش، جيڪي شيل تي نڪتا هئا، سي گهمندي ڦرندي انهي جهنگ ۾ اچي نڪتا، جنهن مان ٻيجل کي لنگهڻو هو. اُڃ لڳين، سو هيڏانهن هوڏانهن پاڻي ڳولڻ لڳا. هڪڙي واٽهڙو چين ته: کوهه آهي، پر ان ۾ پاڻي آهي ئي ڪو نه! تڏهن انهن مان هڪڙو درويش اُٿي کوهه ڏسڻ آيو. کوهه ۾ نظر وجهي چيائين ته ”هن ۾ ته پاڻي آهي!“ هن درويش جو ايترو چوڻ ۽ کوهه مان پاڻي وٺي اُڏاڻو، تنهن هڻي ملڪ ڀري ڇڏيا. اهو پاڻي ننگر جو هو ۽ درويش جي نظر سان نڪتو هو، تنهنڪري جنهن به پکي پکڻ يا جانور اهو پاڻي ٿي پيتو، اُڏامندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو ڊوڙندو ٿي ويو ۽ ٿوري ئي دير بعد ائين ئي ڊوڙندي ٽپندي ساهه ٿي ڏنائون. اتي هڪڙو ڪاريهل هرڻ به اهو پاڻي پيئڻ آيو. پاڻي پيئڻ سان اهو به ٽپ ڏيئي ڀڄڻ لڳو. قدرت سان ڀڄندي ڀڄندي ڪنهن وڻ تان جو ٽپيو ته هڪڙي انگهه ۾ پيٽ لڳس. انگهه لڳڻ سان پيٽ ڦاٽي پيس ۽ سندس آنڊو انگهه ۾ ئي اٽڪي پيو. قدرت سان ٿوري دير کان پوءِ ان آنڊي مان ”تونهين تون، تونهين تون“ جا آواز نڪرڻ لڳا. ان آواز تي پکي پکڻ، جنّ ڀوت سڀ ڪنڌ نمائي اچي اتي بيهي رهيا. ٻيجل به اچي اتان لنگهيو ۽ اهو لقاء ڏسي خيال ڪيائين ته: ڇو نه آءٌ اهو آنڊو کڻي پنهنجي ڪماچ تي چاڙيان! پوءِ اهو آنڊو لاهي، ڪماچ تي چاڙهي اُٿي اڳتي هليو. واٽ تي خيال ڪيائين ته ساز وڄائي ڏسجي ته ڪو خاص اثر اٿس يا نه! اهو خيال ڪري هڪ هنڌ ويهي تند هنيائين ته اهو ئي ”تونهين تون، تونهين تون“ جو آواز نڪرڻ لڳو.

ويهي تنهن وڻراه ۾، چارڻ چوريو چنگ
مارڻ جو، منيم چئي، ٻيجل لڌو ٻنگ
اصل لکيو هو انگ، ته ڪاٽبو سر ڪماچ سان.

 

آخر هلندي هلندي ٻيجل اچي گرنار جي جبل هيٺ پهتو. ڪوٽ جبل جي چوٽيءَ تي هو ۽ گرنار جي چاڙهي ست ڪوهه هئي. رات ٿي ته هي ويهي چنگ وڄائڻ لڳو.

پاٺ پهرين رات جو، ڳڙه پاسي ڳايو
ٿيو غلغلو گرنار ۾، ته ڪو عطائي آيو
سالڪ ساز سرود سين، ڪي جو ڪمايو
ٻيجل ٻولايو، ته سِر سوالي آهيان.

 

چنگ جو آواز گرنار جي ڪوٽ ۾ ٻُرڻ لڳو. راءِ کنگهار پڇا ڪئي ته ڪٿان جو مڱڻهار آهي ۽ ڇا ٿو گهري؟ سڏي پڇا ڪيائونس ته چيائين: راءِ کنگهار جي سِر جو سوالي آهيان. راءِ کنگهار کي جڏهن اها خبر پيئي ته ٻيجل کي پاڻ وٽ محلات ۾ گهرايائين ۽ چيائينس ته: مال دولت جيڪي کپنئي سو وٺ، پر سِر جي پچر ڇڏ. تڏهن ٻيجل وراڻيو ته:

پلٽيو پنجين رات ۾، رُپو سون سبيل
پلنگ پٿرڻيون پالڪيون، نو لک ناڻي نيل
داتا وٺان نه دان کي، وَنءُ  ڦيرائي فيل
آکيم جو اصيل، سو سِر ڏي ته سرهو ٿئين.

 

راءِ کنگهار، پنهنجي ماءُ ”خاتون راڻي“ کان پڇڻ ويو. ماءُ چيس ته:

خاتون راڻي چوءِ، ٻيٽا! جم موٽائين مڱڻو
آيو جو آس ڪري، مَر پَلئه تنهن پوءِ
سو سِر سڳنڌو هوءِ ، جي ڏجي نام الله جي.

 

پوءِ وري سورٺ، ٻيجل کي تمام گهڻو ستايو ته: منگتا! جيڪو گهرڻو اٿئي سو گُهر، منهنجي وَر راءِ کنگهار جو سِر نه وڍ. کيس گهڻئي مال خزانا آڇيئين پر ٻيجل پنهنجي ڳالهه تان اصل نه مڙيو نيٺ سخي راءِ کنگهار پنهنجو سِر وڍي ڏنس.

ٻيجل سِر کڻي اچي انيراءِ اڳيان پيش ڪيو. جيئن ته راءِ کنگهار ٻيجل جو مامو هو، تنهن ڪري انيراءِ خيال ڪيو ته: جيڪو شخص دولت خاطر پنهنجي مامي جو سر وڍي آيو آهي، سو مون کي به ماريندو. تنهنڪري ٻيجل کي ڦاسيءَ چاڙهائي ڇڏيائين.

ان وقت ٻيجل جي زال پيٽ سان هئي، تنهن چيو ته: جي منهنجو مڙس ڦاسيءَ تي چڙهيو آهي ته آءٌ ڏاگهه چڙهنديس. پوءِ ته ڪاٺوڙا گڏ ڪرائي، مٿان تيل هاري، مائيءَ کي ويهاري، باهه ڏنائون. جڏهن ڀڙڪي مچ ٿي ته مائي جو پيٽ ٺڪاءُ ڪري ڦاٽي پيو ۽ ان مان ٻار جو اُڏاڻو سو آڙاه کان ٻاهر وڃي ڪريو. چون ٿا ته ٻار ڪن ماڻهن کڻي وڃي نپايو ۽ ان تي نالو رکيائون “مڱريو”. پوءِ مڱريا قوم ان مان ٿي. راءِ کنگهار جيئن ته سِر ڏيئي سرهو ٿيو تنهنڪري ان کي ”راءِ ڏياچ“ چوڻ لڳا.

 

(ب) نامعلوم شاعر جا جهونا ڏوها

راجا ڀوڄ سنڪلديپ تي راڄ ڪندو هو. جيڪو تمام سخي ۽ سڄاڻ شخص هو. کيس هڪڙي ٻٽيهه لکڻي ڌيءَ ڄائي. سندس سونهن ڏسي سڀ سرها ٿيا. دستور پٽاندر، راجا ڀوڄ پنڊت گهرائي، نئين ڄاول ڇوڪريءَ جي بخت جي پڇا ڪئي. پنڊت پوٿي پٽي، ويچار ڪري ٻڌايو ته: هن ڇوڪريءَ جا ستارا ڏاڍا ڳرا آهن. جڏهن ٻارهن ورهين جي ٿيندي، تڏهن وڏو گوڙ ٿيندو، وڏا جهيڙا ٿيندا، جنگيون ٿينديون، جنهنڪري هيءَ ڇوڪري ’سورٺ‘ جي نالي سان ملڪن ۾ مشهور ٿيندي. راجا اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو رنج ٿيو. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچيس. نيٺ پنهنجو قبيلو گڏ ڪري انهن کان صلاح پڇيائين. وڏي ويچار بعد راجا کي صلاح ڏنائون ته: ڇوڪري کي ٻاهر اڇلائي ڇڏجي. پوءِ جيڪي سندس ڀاڳ، هتان ته آزار لهندو! راجا، راڄ جو اهو فيصلو قبول ڪيو. سندس فيصلي تي راڻين کي روڄ پئجي ويو، ۽ منٿون ڪرڻ لڳس ته ‘ڇوڪريءَ کي ٻاهر نه ڪڍ’. پر راجا سندن ڳالهه نه مڃي. نيٺ روئندي پٽيندي سورٺ کي هڪ پيتيءَ ۾، هيرا جواهر وجهي، سنڪلديپ جي ندي ۾ اڇلايائون. راجا ڀوڄ جي اها ڌيءَ سورٺ پوءِ رتن ڪنڀار پالي. سندس سڱ انيراءِ سان ٿيو، پر راءِ کنگهار سان پرڻي، جنهن پنهنجو سِر ڏنو.

 

ڏوها*

 

تون آهين تون پرڀو، تونۡهين مهربان
ڪوئي چوي سلطان کي ڪريندي قربان
سلطاني سلطان، ڪو دانش وري ديهه ۾.

 

دانش وري ديهه ۾، راجا ڀوڄ سڄاڻ
سنجهي سنڪلديپ ۾ تنهن جو اوچل ڦري آڻ
تنهين حڪم سان هلايا دانَهه در ديوان
پر ملڻ ٿي پاڻ، پر – ڏک ميٽي پاتشاهه.

 

پر – ڏک ميٽي پاتشاهه، تنهن جي اڳرائي هيءَ
ڏيندو ڏان منگتن کي، لال لڪائي ليہ
تتي طعام ورتن ٽيهه، تتي ڀوڄ ونڊجن ٻٽيهه
تنهين گهر ڄائي ڌي، ٻٽيهه لکڻي ٻالڪي.

 

ٻٽيهه لکڻي ٻالڪي، امل جهڙي آهه
تنهن کي ٻرن ماڻڪ منهن ۾، پوڻي جهڙي آهه
ڏسيو ٻاروتن ۾ سرها سڀ ٿياءِ
پڇيو پنڊتن کان، ته نکشتر ڪهڙا نار کي.

 

پنڊت پٽيو پوٿيون، ڪريو ڪرن ويچار
نکشتر هن نار کي ڀاري آهن سڀوءِ
ٻارهين ورهين جي ٻالڪي جڏهن  ٿيندي جوءِ
ڪوڪ ورندي ڪوٽ ۾، هل هنگاما هوءِ.

 

رؤنشو ٿيندو رڪ جو، ٿيندو ڪر ڳل ڪوءِ
پڌر پوندي پوءِ، جنهن جو نالو ’سورٺ‘ نِڱئو.

 

نالو سورٺ نِڱئو، تنهن جي ڀڳوت رکج ڀرم
راجا سندي روح ۾، ڪو جو گوندر غم
اتي هوندو هچا نه ڪري، جنهن جي من اندر مرم
دانهَه هڻي دم، ڪڙم قبيلو ڪوٺيو.

 

ڪٽنب قبيلو ڪوٺئو، راجا منجهه رهاڻ
ويهي ڪيائون مصلحت، سڀني تنهين ساڻ
پري ٿيو پرماڻ، ته پهه ڪريون پاڻ ۾.

 

پهه ڪريون پاڻ ۾، خلاصو ويهي
ويٺي مصلحت من ۾ پهت تن پيئي
ٻهر لنگهايو ٻالڪي ڪنيا هي نيئي
سانڍيندس سيئي، جتي منهن چڙهندي مانکون.

 

منهن چڙهندي مانکئون، خلل نه ٿيندو خون
راڻيون راڄا ڀوڄ کي رويو هئن چُون
اٿيو هئن چُون، ته ٻالڪي ٻاهر نه ڪڍجي.

 

ٻالڪي ٻهر ڪڍيائون، اُت جويون جر هارين
موڪلائي ماءُ ماسيون هار هزاري ڏين
اُٿيو هئن ادب سان ٻر ٻر ٻلڪارين
هيرا، جواهر، ياقوت پيتيءَ پهرائين
اُڀيو ندي تارين، سورٺ سنڪلديپ ۾.

 

سورٺ سنڪلديپ جي، ذات ڀلي جوهار
ٻيٽِي راجا ڀوڄ جي پاڻي رتن ڪنڀار
آئي انيراءِ کي، ڀوڳي راءِ کنگهار.
 

 

 

(ج) غلام حيدر تيرهي جا چيل بيت*

 

سورٺ راڻي، رتن جي گهر سامائي، جنهن جي سونهن جي هاڪ ملڪين مشهور ٿي. سندس سونهن جي ساراهه راءِ کنگهار به ٻڌي، جنهن وڏي اقبال سان جهونا ڳڙهه ۾، پنهنجي ڪنوار ڪري آندي. سورٺ به راءِ کنگهار وٽ خوش ۽ سُکي هئي، ڇاڪاڻ ته راجا کيس هر ڳالهه کان نوازيو، ايستائين جو جيسين ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا سورٺ کي نه ڏسندو هو، تيسين سک نه ايندو هوس.

کنگهار جي اها خبر انيراءِ جي ڪن پئي، سو ڪاوڙجي مٿس وڏو ڪٽڪ چاڙهي ويو. ڪوٽ تمام اوچو هو، جنهن تائين انيراءِ جا ڪي به گولا نه پيا رسن، ۽ لشڪر جي چڙهڻ جي به ڪا واهه نه هئي. جڏهن ڪجهه حاصل نه ٿيس تڏهن انيراءِ لشڪر وٺي موٽيو.

کنگهار جي انهي سرسي انيراءِ جو سک ڦٽائي ڇڏيو، هن ڪنهن به حيلي کنگهار کان پنهنجي بيعزتي جو وير وٺڻ ٿي گهريو. کيس خبر پئي ته کنگهار راڳ تي عاشق آهي، سو پنهنجي راڄ جو وڏو راڳي، جيڪو ذات جو چارڻ هو، گهرايو ۽ ان کي وڏا ڏاڻ ڏيئي چيائينس ته: کنگهار جو سر آڻي ڏي. ٻيجل سندس ڳالهه قبول ڪئي، ۽ سنڀري ساز کڻي جهوناڳڙهه ويو.

ٻيجل پنهنجي تند سان سڄو جهوناڳڙهه تپائي ڇڏيو. راءِ کنگهار ٻڌو، تنهن چيو “مون اڳ اهڙي تند نه سُئي” سو سڏائي چيائينس ته، ‘راڳي! جيڪي گهرين سو ڏيانءِ، هاٿي گهوڙا، هيرا جواهر- اهي به تنهنجي تند جي آڏو گهٽ آهن. ٻيجل چيس ته: سائين، آءٌ اهو مڱڻو ڪو نه آهيان جيڪو مال خزاني لاءِ تند هڻان: آءُ تنهنجي سر جو گهورو آهيان، ٻي ڳالهه آءٌ اصل ڪين قبوليندس. راجا چيس ته: اِهو سر به تنهنجي تند جي ملهه برابر ڪونهي، بيشڪ، هي ته هڪ سر آهي، جي اهڙا ڏهه ٻيا هجن ته به تنهنجي تند تان قربان.

ٻيءَ رات راءِ کنگهار وري ٻيجل کي پاڻ وٽ گهرائيو ۽ چيائينس ته: چارڻ توکي اهو ئي ڪجهه ملندو، جنهن جي توکي طلب آهي. شڪر آهي جو تو اُها شيء مون کان گهري آهي، جنهن تي منهنجو وس آهي. هاڻي چئين ته سِر هتي وڍي ڏيئين، يا وري هُتي هلي ڏيئين. پوءِ ٻيجل ويهي ساز وڄايو، جنهن جي سوز سڀني کي گهائي ڇڏيو، ۽ کنگهار پنهنجو سِر وڍي ڏنس. تنهن کان پوءِ راءِ کنگهار ’ڏياچ‘ جي نالي سان ملڪن ۾ مشهور ٿيو.

مٿين ٽاڻن تي غلام حيدر تيرهي فقير جا بيت شامل آهن.


 


·         هيءَ روايت ڌڻي بخش ڌونڪائي بلوچ جي زباني تاريخ 12 ڊسمبر 1964ع تي، ڪچهري ڳوٺ عبدالله خان ڪپري، تعلقي ساماري ۾ قلمبند ڪئي وئي. ڌڻي بخش ڌونڪائي بلوچ ؛ ويٺل ڳوٺ پنهنجو لڳ سامارو، ضلعو ٿرپارڪر، سن 1904ع ڌاري ڄائو. هارپو ڪندو آهي ۽ ڄاڻو سگهڙ آهي.

* نصرپور مان سيد قادر شاهه مرحوم جي قلمي بياض تان، ورتل جو سندس پوٽي ميان قادر شاه جي مهربانيءَ سان مليو.

* فقير غلام حيدر، بزرگ قنبر علي شاهه ‘شريف’ ڀاڏائي جو هڪ وڏو خليفو ۽ درويش هو. هر رنگ ۾ رتل هو، انهيءَ ڪري کيس ’تيرهو‘ سڏيندا هئا. ٽالپوري دور ۾ ٿي گذريو. پنهنجي مرشد جي وفات (1264هه) کان اڳ گذاري ويو. سندس قبر پنهنجي مرشد جي مقام، گنبالي (تعلقو گهوڙا ٻاري) ۾ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org