سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:سورٺ - راءِ ڏياچ ۽ هير - رانجهو

 باب:

صفحو :12


چئي: تُور هڻندم طعنا، نه ته مادر! ڍڪ ڍڪيج تون.

 

چئي: ٻڏي مرين شال! تون هيڏي ئي وڃين هير
تون سچهن کايو کير، کلين ڪُڏين کر سين.

 

چئي: مٺيس چئوم ماءُ، کر منهنجي مير کي
وڙهين گِرين مون سين، وٺين نرمل نانءُ
آهي جيءُ جڙاءُ، سو دلبر منهنجي دل جو.

 

چئي: آيل، ايءُ اسان جو، نياڻي! ناهه نَيم
ڪنو ڪيئي ڪڙم کي، ڪچو ڪري ڪم
چريو تنهنجو چت ڪيو، بدوءَ ٻڌي ڪو بم
پي لڄايئي پنهنجو، جنهن جو شاهي دم
اٿئي ڏاڍو ڏمر جو، جابر جهڙو جم
هڏ ڀڃندءِ هير ڙي، چيري ڪڍندئي چم
رکي خوف خدا جو، ڪنبي کڻ قدم
نينگر! ڪي تون نم، مڃي منٿ ماءَ جي.

 

چئي: امڙ! جا تون آڇين توبهه جي تدبير
سا سچهن آهي سڦري، پر هنئيون هٿ نه هير
متيون منجهايون منهنجيون، قضا رب قدير
لکيو لوح قلم جو، ورسائي ٿو وير
پڙهيا توڙي پير، مڙئي محتاج ڌڻي جا.

 

سڙي ماڻس سور ۾، وهلو سڏيو ور
چئي: ميان! مُٺاسون، لڄ ويئي، ڦٽو پنهنجو گهر
هاڃو پوي هير کي، جنهن کوٽيءَ کنيو کر
چئي: ماءُ وڃي تون مر، آءٌ رانجهوءَ سندي آهيان.

 

سڻي پيو سور، چوچڪ سندي چت ۾
کامي پچي هير ڏي، وڌائين ڏاڍو گُهور
پيس اهو پور، ته ماري ڇڏيان مٺي کي.

 

ماري ڇڏيان مٺيءَ کي، ته رهي لڄ ڀرم
پر پيس خوف الله جو، ٿيو نماڻو نرم
چيائين: ڌيءَ! شرم، آيئي ڪو نه الله کان.

 

آيوءِ ڪون الله کان، ڇوري! ڪو شرم
ڪو تان وٺيئي ڪڙم جو، مَ ڄائي مرم
ٿينءَ ڏوهياڻي ڏاتر جي، ويئي دين ڌرم
ڪچو ٿيڻي ڪرم، نه ته هئين ته اهڙي ڪينڪي.

 

چئي: ڏوهه منهنجي ڏينهن، بيشڪ بايا آهه
واڳون والي هٿ ۾، جو باري بيپرواهه
ويس پنهنجي وس کان، سائينءَ هٿ صلاح
ڄاڻي هڪ الله، هنيئون نه منهنجي هٿ ۾.

 

چوچڪ چڙي اٿيو، ترت ڪڍيئين تلوار
جوڻس جهليس هٿ مان، چئي آنڊا مون مَ ساڙ
چئي: ڇڏ ته ڪِني ڪاڙهه، ڪُهي اڇليان ڍير تي.

 

چئي بابل! ڪهينم ڪوهه، آءٌ اڳهين ڪٺي آهيان
محبت جي ميدان ۾، لکين لڳم لوهه
ڪهڙو منهنجو ڏوهه، انگ ازل کان لکيو.

 

چڙي چيس ماءُ، چئي: اکر چئو نه اُبتا
متان ميڄالو تنهنجو ڀڃي اچي ڀاءُ
ويندءِ سگهو سري، جو رانجهو چوين راءُ
چٽ پٽ لهندءِ چِت تان، سندو چرئي چاءُ
سندو سورن ساءُ، بيحد چکيندينءَ بند ۾.

 

ٻڌيو ٻوليون ماءُ جون، رت ورنو روءِ
چئي: ڀوري! ڀاءُ منهنجو، مر چڱائي چوءِ
نصحيت کان نرجو، ڪنڌ ڪڍندو ڪوءِ
آءٌ پڻ سمجهان سڀڪي، پر وس نه رهيم ووءِ!
وسان - وين تي ڪهڙو هئي هئي حرف هوءِ
مونکي نينهن نڌوءِ، لکيو ويٺي لوڙيان.

 

ماءُ پي مٽجي اٿيا، تتا گهڻو تاءُ
چيائون: چري ٿي، تنهن کي سور چکايو ساءُ
هڪ گهائي هڻوس گهاءُ، ٻيو ڪريوس قيد ڪڙن ۾.

 

ڏسو عجب الله جا، جو قادر رب قهار
ڪڏهن وڇڙيل ميڙي سپرين، ڪڏهن ميڙيل وڇوڙي يار
قيد ڪيائون هير کي، جت اونداهو اپار
اپر عاشقن سين، ايڏو ٿيو انڌار
هت روئي رانجهن رڃ ۾، هت هير ڪيو آزار
”حيدر“ هنجهون هار، پسي حال هنين جو.

 

پسي حال هنين جو، روئجي راتو ڏينهن
هاڃو ٿيو هنن سان، جي نهوڙيا ٻئي نينهن
سندا محبت مينهن، ويچارن وسائيا.

 

ويچارن وسائيا، برهه جا باران
بادل برسي آئيا، سارنگ ڪيا سامان
وڄون جي ورهه جون، سي جهلڪا ڪن جولان
گوندر گوڙيون لائيون، گڙ گڙ ڪن گهمسان
”حيدر“ ٿيا حيران، پسي عالم ان کي.

 

رانجهن رويو پٽ پوي، چئي اڄ نه آيم هير
ساريو تنهن سڄڻ کي، نيڻ وهايان نير
ڏيندي متيون مون هئي، ترت ڪيو تدبير
چئي سور لڪائج سڄڻا، متان مورک سڻن مير
جيڪس جانب جهليا، ڪنهن زوراور زنجير
ڦوڙائي جا فقير کي چوچڪ وڌا چير
داور دستگير، واهر ڪر ولهن جي.

 

واهر ڪر ولهن جي، صاحب رب سچا
تون لائق لطفن ڀريو، منهنجا ڪرت ڪچا
مون ڇڏيو ملڪ پنهنجو ۽ پڻ ٻار ٻچا
هتي پڻ هيئن ٿيو، متي ڌوم ڌچا
هن هنيل جي هچا، شال م ڪڙڪي ڪنهن تي.

 

جو چوي سورن سانڍ ، سو عجيب نه آئيو
پرهه پرين اچڻا، مٿان ٿي ورانڍ
وهه ٿي مونکي وانڍ، هت ڪيئن ڪٽيان هير ري.
        {پيج نمبر 204 ۽ 205 هتي لکڻا آهن}

 

نڪي ديو، نه جن سو، نڪي آدمخوار
حاڪم صاحب حڪم جو، مانَ ڀريو مهندار
نيهي ائين نينهن ڪيو، جيئن مٽجي ٿيو ميهار
عاشق آهي اصل کان، سورهيه سو به سچار
مارڻ اوکو اُن کي، جنهن ساڻي رب ستار
مون کي پيئي من ۾ ته ٿئي ناٺي مون نروار
گهٽ ته اسان کان گهوٽ ڪِي، نرمل نامدار
وڃي ايءُ ويچار، ڪر هو پنهنجيءَ ماءُ سين
(1).

 

سڻندي ٿين سور، ڳري لڳين ڳالهڙي
ڪڇيائون پڇيائون ڪينڪي، وڌئون ڏاڍو گهور
جلي ويا جوش ۾، چِت ۾ ٿيا سي چُور
چئي: ميهر کائي مانيون، ٿيو مائٽ اڄ مزور
پين اِهو پور، ته هينئرئي ماريون هير کي.

 

سڀئي سنبهي آيا، تيز کڻي تلوار
چئي: ماري وجهون مُٺيءَ کي، جا کريل ٿي خوار
ڦِڪن اُلاريو ڦاڏ کي، مٿي ڪهنگ ڪنوار
ڀڄي پيئي خوف کان، مادر جيءَ ڪنار
ماڻس چيو ور کي، چئي: ڦِڪن کي ڦٽڪار
متان مون منٺار، ماري وجهن اوچتي.

 

چڙي چوچڪ خان چيو، ڪر هو پُٽَ پَروڙُ
ڏکيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو وجهو گهايل گهور
ويچاري وس نه پانهنجي، ورهه ڪئي وهلور
حق گهوري هيءَ حور، ناحق گهوري ناهه سا.

 

چئي: بابا ڪرين باتيون، پئي منجهه بهور
مارڻ مناسب هن کي، جيئڻ ناهه ضرور
هن جي حال ڏسڻ کان، مريو وڃون ٿا مور
اسان طعنا هڻي تور، توکي چڙهي چوي ڪونڪو.

 

چئي: پٽڙا! اهو گهوريو، اوهين ڏسو ٻيو ٻار
سهڻو، سورهيه، سُوَڙو نامي نسبدار
جو هِچي هينئين هير جي موچارو منٺار
ته اَسان تان آزار، وڃي هن ويچار جو.

 

سارهه جڳائي سائينءَ کي، جنهن جا عجب اَت
قدرتون ڪلتار جون پسيو منجهي مَت
پلپل ڏيکاري پنهنجي، حڪمت هلت
جا چوچڪ پُٽن چِت، سا پڻ پيئي ڏِسڻي.

 

مڱي موڪل هليا، ڇڏيئون جهنگ سيال
مڙني پيو من ۾ کيڙي جو خيال
جو نرمل ’نورنگ پور‘ جو حاڪم چڱي حال
پٽس خوب خصال، نورنگ نالي نامڪٺيو.

 

ويا نورنگ پور ۾ چارئي ناليدار
ڪاهي ڪچهريءَ آئيا، کيڙي ڪين کينڪار
چئي: ڀلي ڪري آيئو سيالن سردار
مون سان مٿي ٿي وهو مڙيئي موچار
ڪم ڪهڙي آيئو، مون وٽ مرد مڻيار
اُهو ڪريو اِظهار، مقصد پنهنجي من جو.

 

کيڙي سين خلوت ۾، سڀئي سماچار
ڪيائون قرب مان وهم ڇڏي ويچار
چئي: آهه اسان جي عاجزه، سَتي شرمدار
تنهن جي سڱ کان سيالن ۾، اچيئون ٿو عار
جيئن اسين اعليٰ مرتبي، هو سڀ تابعدار
ٻيو مَٽ اسان جو ناهه ڪو، تو بنان تڪرار
اهو قول قرار، ڪرڻ آيا آهيون.

 

کيڙي اُت خوشيءَ مان، ڪيا شڪرانا سؤ وار
ڪيائين گهڻيون ڪرنشيون، بيحد بيشمار

 

نوڪر نيهي مينهن ڪيو، نه ته رانجهن کرو خان
ڪوجهو، ڪُوڙو ناهه سو، آهه سونهارو سلطان
پورهيت ناهي پيٽ جو، هو قرب ڪيو قربان
سو محبتي مستان، مون کي آيل آئڙيو.

 

چئي: وس نه آهين پنهنجي، تون چوين ڪنهن پر اِئين
اُونهين ٿيندو هيرڙي! اسان وڻندو جيئن
تون پڻ ڪندينءَ تيئن، ڇو واتؤن ٿي وڃائين.

 

اُتان اُٿي هير، آئي نجوميءَ گهر ۾
چئي: ڍارو ڍاري جوتشي، ڏس پنڊت منهنجا پير
ته ملنديس پنهنجي مير، ڪِ مرنديس وچ ورهه جي.

 

ڍارو ڍارو جوتشيءَ، ڪري فڪر فهيم
سڀئي آيو سولو، سچيءَ لاءِ سليم
کلي چيس خوشيءَ مان، سڻ تون هير حليم
ڪاهل ٿجيئن ڪيم، ملندينءَ نيٺ ميهار کي.

 

ملندينءَ نيٺ ميهار کي، جو جانب تنهنجو يار
سدا تنهن سڄڻ لاءِ، ڪجئين هار سينگار
ڏکيا ٻاٽي ڏينهڙا، ڏاڍو جن ڏهڪار
پوءِ ورندو واءُ وصال جو، ٿيندو برهه بهار
ورهه ويندو وچ مان، ٿيندو عيش اپار
ڏکن پٺيان سکڙا، آگي چيو اظهار
”حيدر“ چئي هزار، چئو هر هر حمد حڪيم جو.

 

ٻڌي دلاسو دوست جو، ٿيس دل سڌير
ڏک لهي ويس ڏيل مان، ٿي سر هي منجهه سر بر
ڏکيا لنگهندا ڏينهڙا، ڪرم ساڻ قدير
واهڙ وهن ورهه جا، ڪري سؤنۡڪا سير
سي سگهئي سانگهارا ڪندا، سُڪنديون نديون نير
پر ”حيدر“ هنجهون هير، اڃان هاريندي حبيب ري.

 

سارهه ڪجي سبحان جي، جو قادر ۽ ڪلتار
قدرت کي قدير جي، ڪنڌي نڪو پار
سائين سٻاجهو مون ڌڻي، آگو سڀ اسرار
پرور پروڙي پاڻ ڌڻي، اَڙين جو آڌار
پيئي خبر رانجهن کي ته آهي هي آچار
سُر ٻُر سيالن ۾، آهه وڏو هيءُ ويچار
جينٌ شادي ٿا ڪن هير جي، نورنگ سين نروار
”حيدر“ ٿيو هزار، ورهه ويچاري وير کي.

 

ورهه ٿيو وير کي، سڻي ڳالهه ڳري
دانهون ڪيائين درد مان، پيس ڏيل ڏري
روئي رميو رڃ ڏي، ويئي ذوق ذري
ڪري پيو پيٽ ۾، منجهان برهه بري
هڪ عقل ويو اندر مان، ٻي همت ٿي هري
هِت چوچڪ ڌي چري، هُت رانجهن روئي رڻ ۾.

 

رانجهن روئي رڻ ۾، ڪيون فرياديون فقير
سائين! منهنجا سڏڙا، سڻ قادر رب قدير!
ٻاجهائتا! ٻاجهه پئي، ڏس تون حال حقير
هڪ رڻ ۾ آءٌ رلي ويو، ٻي اپر آس اڪير
ان پر چيو امير، پٽيو پنهنجي پر ۾.

 

ٿي پٽيو پنهنجي پر ۾، عاشق مان آزار
چئي ويندم ورنهه هتهين، جيڪس جيءُ جيار
هئي هئي ڪيو هٿ هڻي، هاري هنجهن هزار
محب مٺا منٺار، موليٰ! مونکي ميڙئين.

 

موليٰ! مونکي ميڙ سو، جنهن نرمل ڪري ناز
ماريو هن مسڪين کي، جيئن تتر ماري باز
عاشق کي اندوه ۾، ٿيو الهامي آواز
ملندين تون محبوب کي، ويندو سورن ساز
سڻي رانجهن راز، سرهو ٿيو سرير ۾.

 

سرهو ٿيو سرير ۾، ويس ڏنجهو ڏک
ويو سور سنڌو ڪري، لڳس مرڪڻ مک
سڀيئي ٿيو سک، وريو وير وٿاڻ تي.

 

امر ساڻ الله جي، جو ڄاڻي پنهنجو ڄاڻ
آگي جي اسرار کان، عالم سڀ اڄاڻ
ترتئون پوري تٿ ٿي، جا ٻڌل سياڻن ساڻ
خوشيون کيڙن ۾ ٿيون، وهوهه ٿيو وڄاڻ
هت ڌمرن ڪيو ڌانڌاڻ، هت جهڳ مڳ جهنگ سيال ۾.

 

جهڳ مڳ جهنگ سيال ۾، سنبهي ڪي سردار
ڄاڃي آيا ڄام جا، چناهه کي چوڌار
گهوڙن جو گهمسان ٿيو، حشر ڪيو هڻڪار
لکين پيادا آئيا، ٻيا هاٿين تي هسوار
طنبو کتا ترت ۾، ٿيا ڇنن ۾ ڇڻڪار
واڄٽ واڄا وڄيا، دهلن ڪيا ڌمڪار
نچيا، پَنۡبيا ناز مان، ڇيرين ڪيا ڇمڪار
لک لنگهن کي مليا، مرڪيا مڱڻهار
ساز وڄايئون سارنگيون، ٻيا ڏؤنڪن ڪيا ڏهڪار
اوتن عطر عنبير جي، هنڌ هنڌ ڪيا هٻڪار
نورنگ ڪيا نروار، لکين تماشا لوڪ ۾.

 

لکين تماشا لوڪ ۾، نورنگ ڪيا نروار
ڪيا چوچڪ خان جي، بٺين اَوج اَپار
ٻهون ڪُٺيون ٻڪريون، سيڌن ڪانهي سار
بيحد آيا بورچي رنڌڻ جا هوشيار
ڪوڙين هئا ڪونجڙا، سندي ڪمين قطار
ٻهون ٻوڙ پلاوَ ٿيا، ڪيون شيرڻيون سردار
ديڳن ۾ دم- پخت هئا، ڪيا چاشنيءَ چشڪار
چٽ پٽ جڙيون چٽڻيون، مربا ۽ آچار
هڪ پڪائون ڪباب ڪوفتا، ٻيو حلوي ڪيا هٻڪار
ڪوڪ به پڪائون قورما، سڀ جنس ڪيا جنسار
پيا پڙها ملڪ ۾، ٿيا کاڄ تيار
”حيدر“ لک هزار، کائي چڙهيا خوشيءَ مان.

 

کائي چڙهيا خوشيءَ مان، سڻ شاديءَ سندا شان
مينديءَ سندي مهل ٿي، سهسين ٿيا سامان
سنبهي سهاڳڻيون آئيون، کيڙي اڳيان خان
مرڪي مينديءَ لايئين، گهورن ڪيا گهمسان
ڳيچن جي ڳائڻ جا، عجب ٿيا الحسان
وري آيون وير ڏي، ميندي لائي مانَ
تان اَڏي اُٿي اُن کي، جوش ڪري جولان
مينديءَ کي مستان، اُڇليو ڪنهن اوڙاهه ۾.

 

سڙيون سڀ سيالڻيون، کيڙن چيو کري
جلي چيائون جوش مان، ٿي چوچڪ ڌيءَ چري
جنهن لاهي لڄ ڌري، سا هيڏي ئي مري هير ڙي.

 

ٿيو سيالن سور، سڏيائون مادر هير جي
چئي: ڪهڙو تنهنجي ڌيءَ کي، پيو اچي پور
تنهن هڪل ڪري هير ۾، وڌو ڏاڍو گهور
مُٺي! ميندي لاءِ تون، متان ڪڍئين نيڻن جو نور
چنڊي ٿيندينءَ چور، نه ته ٿي سياڻي تون سيگهه مان.

 

چئي: مادر مون قبول ڪئي، مِـٺل ڪارڻ مار
سر منهنجو صدقي ٿيو، مٿان ميهر يار
آءُ انهيءَ جي آهيان، مران لئي منٺار
ميندي لايو اُن لئي ته لايان آءٌ لک وار
ڀيڻيءَ ۾ ڀتار، ٻئي قبولينديس ڪينڪي.

 

ٻڌي پيون ٻوڙاهه ۾، چيائون چوچڪ خان
چئي: ههڙي تنهنجي هير ٿي، تون ڏس پنهنجو شان
تنهنجي سمجهائي سمجهي، من ڇڏي هيءُ جولان
چوچڪ چيو دل ۾، مون کان سمجهي سا نه
ورهه ڪيم وينتيون، پر ڪن سين لڳيس ڪا نه
ڪوٺيؤن قاضي شهر جو، موٽي مُٺِي مانَ
ڪڍي مان قرآن، من ڏئي جواب جُڏيءَ کي.

 

ڪوٺي قاضي آئيا، مولوي موچار
آڻي ڪيائون هير جو، اڳيان تنهن آچار
قاضيءَ چيس قرب مان، سڻ سُوَڙي سماچار
ڪجي ڊپ الله کان، جو قادر رب قهلو
تو ڪهڙو ڪيو ڪار، جيئن ماءُ پيءُ لڄايئي لوڪ ۾.

 

چئي: قاضي خوش ٿياس، مرڪيس پنهنجي من ۾
تون ڀلين ڀلارا آئين، تنهنجي نصيحت نياس
منصف آئين ملڪ ۾، اڄ مئل آءٌ جياس
”حيدر“ هير هنياس، طعنا ڏاڍي طور مان.

 

چئي: قاضي! ڊپ قهار جو، سچهن اڄ ويو
پکڙي پيو ملڪ ۾ رڳوئي رِيو
آءُ عاقل بالغ آهيان، تو تان سڀ سمجهيو
ادب منهنجي اندر مان، سڀئي نينهن نيو
مونکي پهه پيو، ته ٿيان رانجهن سندي راڄ ۾.

 

چئي: عاقل بالغ آهيين، سچ سچي هير
پر آهي شرط اُن ۾، ڪرڻ هيءَ تدبير
جيئن هجي قبيلو هيڪڙو، تِر نه هوئي تقصير
ڪنهن پر گڏبا پاڻ ۾ ابتر ۽ امير
اوهين ماڻهو مير، سي ٺهندئو ڪيئن ڪَمين سان.

 

چئي: قاضي ڪلادار! تون عالم، عاقل آهئين
ميان! منصف ٿي ٻڌ تون عرضياڻيءَ جو اظهار
ته آءٌ ڌيءَ چوچڪ خان جي، جو سيالن سردار
۽ رانجهن راجا ملڪ جو، جنهن گادي تخت هزار
اهڙي امل کان عار، ڪهڙو اسان جي ڪُر کي؟

 

چئي: سڀئي سچ چيوءِ، اما گهڻي عقل سين
رانجهن راجا ملڪ جو، سچهِن سڃاتوءِ
پر شاهيءَ مان ميهار سو امڙ! هاڻ ٿيوءِ
”الماضي لايذڪر“ جيڪس ڪنين نه سُئوءِ
جنهن جو پهه پيوءِ، سو وير وساري ڇڏي تون.

 

چئي: قاضي! ائين نه ڪهه تون، پِٽ نه مونکي پير
دلبر وساري دل تان ويهندي هاڻ نه هير
راجا ڇڏيو تخت کي، مُونۡهِي ڪارڻ مير
ڦوڙائي فراق جي ڦٽيو تنهن فقير
آءٌ نه ڇڏيندي اُن کي، اهڙي حال حقير
هاڻ ويرم ڪَر مَ وير! پڙهه تون نڪاح پرينءَ سين.

 

ڏمر مان ڏهڪار، قاضيءَ چيو ڪنوار کي
چئي: سڙي! ڇڏ سوداءِ کي، ڪر عقل جا اُچار
موڳي! مائٽ تنهنجا سيالن سردار
ڪيئن ٿي لڄائين لوڪ ۾ مڙيئي موچار
محڪم کِيندينءَ مار، نه ته ماٺ ڪري ويهه ماڳهين.

 

چئي: قاضي! ماٺ ڪيام، تون ڪاوڙ نه ڪر ڪٺيءَ تي
قاضي وٺي ڪوڪ ڪئي، چئي: فتويٰ هيءَ ڏنيام
هڪل ايئن هنيام،. ته نورنگ سين نڪاح ٿيو.

 

دردئون دانهيو هير، چئي: قاضي! ڪر نه ڪُپر تون
۽ ناحق ڪر نه نڌر سين، وٺي وڍي وير
هيءَ تان سڪوت خطاب جو، جو مون ڪيو مير
هو تان سڪوت حياءَ جو، ڏس فقہ منجهه فقير
ڪنز قدوري ڪوڏ مان، ٻيو ترنئون ڪڍ تنوير
ٿي خائف کؤن خبير، حڪم هلائج حق تي.

 

قاضي ڪڇيو ڪينڪي، سڏيائين سڀ سيال
چئي: نورنگ سين نڪاح ٿيو، ٻيا ڇڏيو سڀ خيال
گڏيو وني ور سين، ڏيو لانئون وڃي لال
هاڻ مٺيءَ ناهه مجال، جو گڙ ٻڙ ڪري گهوٽ سين.

 

وٺي هليا ونيءَ کي، سنبهي ڏَهانۡ سيڄ
دمسرن اُت ڌمڪار ڪيا، ڇيرن ڪيا ڇيڄ
هاري هير هنجهن کي، ڪيا ڀونءَ مٿي ڀيڄ
چئي: ور پرين گڏ ٻيڄ، کُهه هي ڪباب، ڪوفتا.

 

کُهه هي ڪباب، ڪوفتا، کُهه کيڙا، بن سيال
جن ڇوري ڇني پرين کان، سي ڇوڙ هجن ڇال
گڏ نه ويٺي گهوٽ سين، ڪيئين فرياديون في الحال
چئي: لاتئون اٿم لال سين، ٻئي جي ناهه مجال
”حيدر“ اهڙا حال، هئي هئي ٿيا هير سين.

 

ڀلا برهه بهار، تون سدا ڪيئن ساڻيهه ۾
ڏين ڏنجها ڏکين کي، عجب ايءُ آچار
سُکيا سوريا تون ڪرين، شاهن مان پينار
سسئي رُلايئي سڃ ۾، جت ڏونگر جا ڏهڪار
سهڻي لوڙهيئي سير ۾، جتي جر وهي جالار
رانجهن رئاڙيئي رڃ ۾، ڦُري تخت هزار
هير رئاڙيئي حب ۾، ڏيئي نورنگ کي سا نار
هَوَ ۾ ”حيدرشاهه“ کي، ڪيئي جيڏن جو جنسار
سدا سماچار، ڪري تنهنجو قرب مان.

 

ڪري تنهنجو قرب مان سدا سماچار
ته چڙهي چوچڪ خان کي، نورنگ چيو نروار
ويهڻ مون کي وِهه ٿيو، ڪونهي دل قرار
موڪل ڏيهُون
(1) محبت مان، تون محبت ڀريا مهندار
مان سهوٽي سمجهي، ڇڏي سڀ آزار
رخصت ملي راوَ کي، ٿيو هاٿيءَ تي هسوار
ڄاڃي موٽيا ڄام سين، ٿيو ڌانٌ ڌانٌ ڌنڌوڪار
آيا نورنگ پور ۾، سرها سين سالار
ونيءَ کي ويچار، رهيو محب ميهار جو.

 

”حيدر“ دل ۾ هير جي، رهيو محب ميهار
هت رانجھن روڄ ڪيو، ٿيو سامي سو سردار
گدا، گيريون، مرليون، کڻي تُنبيون ٿيو تيار
لال لنگوٽو ڪڍيو، ٿيو ڪاپڙي ڪلادار
نڪري ٿيو نروار، نرمل نورنگ پور ڏي.

 

نرمل نورنگ پور ۾، سامي ڪيو سُهاءُ
ماڙيءَ ويٺي هير جو، مٿس پيو اُهاءُ
ويو ڏُرت ڏهاءُ، جوڳي ڏٺئينٌ جوءِ ۾.

 

جوڳي ڏسي جوءِ ۾، نرمل ٿي نهال
پر ملڻ تنهن محبوب جو، مورهين هو محال
”حيدر“ ڏٺي حال، ٿي واهر ويچاريءَ جي.

 

ٿي واهر ويچاريءَ جي، نڪري تون نروار
آهه سوداگر سُور جو، ڪر ورهه جو واپار
ته لڳو ڪنڊو هير کي، ڪر هيبتي هٿيار
ڪِري پيئي پٽ ۾، ٻر ٻر ڪري ٻاڪار
چئي: ڪاري نانگ قهر مان، چستؤن ڪيو چڀڪار
رويو پٽيو پٽ پوي، لايائين ڦٿڪار
ماڻهو ڊوڙيا ملڪ ۾، آيو حڪيمن هزار
فرق نه ڦڪيءَ مان ٿئي، ٻيڻو ٿيو آزار
ويتر راڙو روڄ ڪيئين، سورن ڪيو شڪار
هڪڙي حاڪم کي چيو، سڻ سائين! سماچار
جوڳي آيو جوءِ ۾، مرڪڻ مڻيادار
جي اچي سو اِظهار، ته وڃي سور سنڌو ڪري.

 

حڪم ٿيو حاڪم جو، آيو جوڳي جوان
ڏسي ڏنگيل نانگ جي، عجب ڪيئين الحان
ته ٻَٽي گهڙيون گذريون، زهر ڪيو زيان
هاڻي ويهاريو هن کي، جت مهڙ مٿي مڪان
اُت نه ٻيو انسان، آءٌ هجان اُن سين.

 

جوڳيءَ ڪارڻ جاءِ، الڳ ٺاهوڪي ٺاهيئون
مانڊي پڙهيو منڊ کي، لوڪ ڏيکارڻ لاءِ
هَؤ مَؤ ٽري، هيڪ ٿيا، هئي هئي ڪيائون هاءِ
ڳوڙها ڳاڙي ڳلن تي، چيو عاشق ڪي الاءِ
چئي: کاڌو وڻيم ڪينڪي، نڪي سمهڻ سُهاءِ
ساجن تنهنجي ساءِ، ٿي کاڻيس پڪيس پر ۾.

 

ٿي کاڻيس پڪيس پر ۾، تو هي ڪارڻ مير
هاڻ ڀڄ ته ڀڄون پاڻ ۾، ورنهه منهنجا وير!
چئي: دلبر منهنجي دل جا، چوکي ايءَ تدبير
نڪتا نورنگ پور مان، آڌيءَ رات امير
ڪري پنج ست ڪوهه سي، آيا ٻيئي دلڌير
ته هئي هئي ڪنان هير، ”حيدر“ هلڻ نه ٿئي.

 

ويو اُنهيءَ ڏينهن، نورنگ لاءِ شڪار
اڃان آيو تان پڇئين، ته ڪي هير آهي هشيار
چئي: خبر نه آهي ان جي، آهين هلو ات هيڪار
اچي ڏٺائون جاءِ سا، سڃي ريءَ سردار
ٻڏي ويا ٻوڙاهه ۾ ٿيا گهوڙن تي هسوار
اچي ڏٺائون اوچتا، مٺل ٻئي منٺار
هئا هڪڙي شهر ۾، سچلا ٻئي سچار
محڪم ڏٺائون مار، اپر عاشقن کي.

 

اپر عاشقن سين، ايڏا ڪيائون انڌار
جو ماريائون مسڪينن کي، ڏاڍي مان ڏهڪار
ماڻهو مريا شهر جا، اچي لک هزار
ڪيائون کيڙي خان جي ڪُواري ات ڪنوار
چئي: مارين مسڪينن کي، تون مُٺا ڇو مُنهن ڪار
تون ظالم زبردست آهين، پر ڊڄ کان رب قهار
قاضيءَ وٽ آچار، ڪرٺي ڪيائين قهر جا.

 

قاضيءَ پڇيو هنن کان، ڏيو سماچار
ڇو ماريو مسڪينن کي، ايڏو ڪري انڌار
چئي؛ منهنجو نڪاح هير سين، آءٌ سندس ڀتار
هيءُ ڀڄائي نڪتو نڌر سو نڪار
قاضيءَ شاهد پڇيا، قسم ڏيئي قرار
تان نورنگ سندي جوءِ ٿي، ڪيو عشق ات آزار
کڻي کيڙو، هير کي، نڪري هليو ٿي هسوار
رانجهي راڙو منڊيو، ٻر ٻر منجهان ٻاڪار
ڀڙڪي باهه برهه جي، تنهن جهل جهل ڪيو جهلڪار
ٽپيا ٽانڊا گهرن ۾، ٿيو دونهون ڌنڌو ڪار
”حيدر“ ٿي هوشيار، شهر شوڪاري ساڙيو.

 

شهر شوڪاري ساڙيو، آيا رانجهن وٽ
چئي؛ هئي هئي مونکي هير ڏيو ته جهلڪا وڃن جهٽ
نڪريا نورنگ پٺيان، پهري پيا پَٽ
وڃي گڏين واٽ تي، چستوءن سي چٽ پٽ
هوءِ لڳا پاڻ ۾، ٿي سڏڙن جي سٽ سٽ
اُت نورنگ پيو گهٽ، هڪدم نيائون هير کي.

 

هڪدم نيئي هير کي، آيا رانجهن وٽ
گڏيا پرين پاڻ ۾، گوندر پيو گهٽ
پيا پڙها پٽ، ته نيهيءَ نرمل کي نيو.

 

نيهيءَ نرمل کي نيو، لٿو ڏنجهو ڏک
سڀوئي ٿيو سک، گوندر ويو گس ڪري.

 

گوندر ويو گس ڪري، وريا سهڻا سک
لڳن مُرڪڻ مُک، موليٰ مٿن مهر ڪئي.

 

موليٰ مٿن مهر ڪئي، ڏنن سنگهارا سور
نورنگ موٽيو مائٽين، باري ٿيس بهور
رنئون، پٽيؤن پاڻ ۾، ويا سڀيئي وهلور
پيس اهو پور، ته اُڇلجان اوڙاهه ۾.

 

اُڇلجان اوڙاهه ۾، جتان ٻڏان منجهه مهران
ماڻهو مڙيا شهر جا، اڳيان کيڙي خان
چئي: سمجهه سهو تان سپرين، مشفق مهربان
هوءَ کوٽي، کريل کڏ پوي، تون هجين منجهه جهان
سدا شاهن شان، ڪم نه ٿيندا ڪڏهين.

 

نورنگ نوڪر موڪليو، ڏهانۡ جهنگ سيال
چئي: ههڙي اوهان جي هير ٿي، مري وڃي شال
جنهن کيڙا سڀ خوار ڪيا ۽ لڄايا سيال
چوچڪ ڌيءُ جي چال، سڻي سڀ سرها ٿيو.

 

روئي پٽي پر ۾، ويٺا ويچارا
هو سڄڻ مليا سڄڻين، ٿيا سوڀارا
نيهي نرمل گڏيا، مٺا موچارا
جيءَ جا جيارا، هليا هزاري شهر ڏي.

 

آيا هزاري شهر ۾، مٺل سي موچار
روئي رانجهن گڏيا، سڀ ڀائر ۽ يار
چئي: سڙي وياسون سڪ ۾، محب مٺا منٺار
تخت تابيني تنهنجي، ويهه سهڻا تون سردار
ادا اکين ٺار! خبرون ڏي تون خير جون.

 

ڪيائين حقيقت حال جي، تان رُنائون زارون زار
چئي: ڏاڍا ڪڍيئي ڏاکڙا هئي هئي هنئين هار
پر ڪوڙين ڪرم ڪريم جا، هادي حمد هزار
جيئن سوڀارو ٿي سالار، تون سلامت آيون سپرين.

 

ماڻهو آيا ملڪ جا، ٿيون خيراتون خير
اگهاڙا سڀ اوڍيا، بکيا ڍيا ڍير
ويو ڏولائو ڏيهه تان، پرين پاتا پير
سونۡهَنِ اُهي سير، جن تان جانب آئيا.

 

جن تان جانب آئيا، وڻن سي واٽون
سدا وسن تن تي، شل ڇمرن ڇاٽون
لطف جون لاٽون، ڪن سدا سهائو تن تي.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، وهوهه اُها وير
هير وڏائي همٿ ڪئي، ٻي شابس رانجهن شير
محبت جي ميدان ۾، عجب ڪيائون اُلير
سرسا سعيي پانهنجي، هئا ٻئي دل دلير
”حيدر“ هڏ نه هير، ساعت وسري سک جي.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، مٺي اُوءَ مهل
سندي قرب ڪهل، ”حيدر“ حبيبن کي.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، اوءِ چڱا پهر پل
گهوريون گهڙيون ڏک جون، ڇپر هجن ڇل
مٿي عاشق ال، شال نه هجي سور جي.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، سي ڏسڻ جهڙا ڏينهن
سدا وسن تن ۾ سندا محبت مينهن
نيهي منجهان نينهن، ”حيدر“ هاديءَ کي گڏيا.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، سي سونهن ستارا
قرب جا ڪاڙها، وارين واءُ وصال جو.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، موچارا سي ماهه
عاشق الله! سدا ميڙ ”سيّد“ چئي.

 

ويٺا پرين پاڻ ۾، سونهن سيئي شال
سدا ورهه وصال، هجن حبيبن تي.

 

هجن حبيبن تي، سک جا سماچار
”حيدر“ حمد هزار، سدا ڪري سبحان جا.

 

سدا ڪر سبحان جا، ”حيدر“ حمد هزار
پڙه تون ڪلمون ڪوڏ مان، محمد تي موچار
صلي الله عليہ و آلہ، ايءَ پرين جي پچار
مجلس ۾ مهندار، موليٰ مون مرڪائيين.
  لا ِالہٰ اِلا الله محمد رسول الله


 


(1) ڪرهو = ڪريو

(1) ڏيهُون = اسان کي ڏي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org