ڀاڱو پهريون
سورٺ – راءِ ڏياچ
سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو سنڌ وارو قصو
سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي سنڌي قصي جون، هن بعد، ڪل پنج روايتون شامل
ڪيون ويون آهن: (1) سنڌ جي شاعرن جي ڪلام مان ٽاڻا
۽ اُهڃاڻ؛ (2) شاعر ابوبڪر جي چيل بيتن مطابق
انيراء ۽ راءِ کنگهار جي لڙائي واري ڳالهه؛ (3)
سورٺ جي سڱ تان انيراء جي راءِ ڏياچ سان دشمني ۽
جنگ، ۽ چارڻ کي چوري سندس سر وڍڻ واري ڳالهه؛ (4)
ٻيجل جو راءِ ڏياچ جو ڀاڻيجو هجڻ، نجومي جي
پيشينگوئي سببان کيس جهنگ حوالي ڪرڻ، ۽ پوءِ
انيراء جي اشاري تي راءِ کنگهار جي سر وڍڻ واري
ڳالهه؛ ۽ (5) ٻيجل جو سورٺ تي عاشق هجڻ، کيس ڏيهه
نيڪالي ملڻ ۽ انيراء سان ملي راءِ ڏياچ جي سر وڍڻ
واري ڳالهه.
انهن مڙني روايتن کي آڏو رکي، هڪ مفصل ڳالهه مرتب ڪئي وئي آهي،
جيڪا منڍ ۾ رکي وئي آهي: انهيءَ تفصيلي ڳالهه کي
شامل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ واري قصي جي مڪمل
روايت پڙهندڙ جي آڏو اچي وڃي.
���
سنڌ واري ڳالهه جا تفصيلي ٽاڻا
سورٺ جو حسب نسب
ڪڇ – ڪاٺياواڙ جي ڪناري سان، سُنگل ٻيٽ جو راءُ سمو هڪ وڏو سخي
هو. سندس نالو ڀوڄ راءُ هو. هو ڪنهن به سوالي کي
خالي ڪونه موٽائيندو هو ۽ ائين هيرا جواهر به
لٽائي ڇڏيائين. کيس پٽ جو اولاد ڪو نه ٿي ٿيو ۽
رڳو پئي ڌيون ڄايس. هو ڌڻيءَ جي رضا تي راضي رهيو
۽ پئي سوالين ۽ درويشن کي خير خيراتون ڏنائين.
ائين وقت گذرندو ويو ۽ کيس سندس راڻين مان سڄيون
ساريون اڻهٺ ڌيون ڄايون. جڏهن سَٺيۡنء ڌي ڄايس،
تڏهن به دستور موجب خوشيون ۽ خيراتون ڪري نجومي
گهرايائين ۽ ڇوڪريءَ جو ڀاڳ پڇيائين. پنڊتن پوٿيون
پٽي، ٽپڻا هڻي ٻڌايس ته راجا هيءَ ٻالڪي جڏهن
سامائبي تڏهن جنگ لڳندي ۽ تنهنجي بادشاهي ختم
ٿيندي.
راجا ڀوڄ، جنهن هيترين ڌين جي ڄمڻ تي صبر شڪر ڪيو هو، سو هن
ڇوڪريءَ جو نصيب ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويو. محلات ۾
اچي پنهنجي راڻين سان صلاح ڪيائين. ڪي چون ته هيءَ
بدبخت مئي ڀلي آهي، ته ڪي چون ته نياڻي گهر کان
ٻاهر نه ڪڍجي. آخر فيصلو ٿيو ته ڇوڪريءَ کي مارجي
نه پر درياء ۾ لوڙهي ڇڏجي، پوءِ جيئن قسمت ۾ هوندو
تيئن ٿيندو. اها صلاح بيهاري، چندن ڪاٺ جي پيتي ۾
هيرا جواهر رکي، ڇوڪريءَ کي به پيتي ۾ سمهاري ندي
۾ لوڙهي ڇڏيائون.*
رتني ڪنڀار جي گهر ۾ نپجڻ
املهه ماڻڪ جهڙي ٻالڪي جو ڪو قصور ته هئو ئي ڪو نه، پر سندس
قسمت ۾ ائين لکيل هو، تڏهن ته ڄمڻ سان ئي ماءُ
پيءُ کان وڇڙي درياء داخل ٿي. پيتي لڙهندي لڙهندي
وڃي راءِ کنگهار جي بادشاهيءَ ۾ نڪتي. انهيءَ ملڪ
۾ رتنو نالي هڪڙو ڪنڀار رهندو هو. اتفاق سان رتنو
ڪنڀار پاڻي ڀرڻ لاءِ درياء تي آيو ته پيتي نظر
آيس، جيڪا لڙهي اچي ڪناري سان لڳي هئي. هن به
ڌڻيءَ جو نالو وٺي، پيتي ڪڍي کڻي ٻاهر ڪئي. ڪنجي
ڪرف لڳو پيو هو. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين پر ڪو به
ماڻهو ڇيڻو نظر نه آيس، تڏهن دل ۾ خيال آيس ته هن
۾ الائجي ڇا آهي، ڇو نه گهر کڻي وڃي کوليانس. سو
دِلا اتيئي درياء تي ڇڏي، پيتي کڻي، تڪڙو تڪڙو گهر
ڏانهن روانو ٿيو.
گهر اچي پيتي کولي ڏسي ته سينگاريل ٺهيل شهزادي صندوق ۾ ستي پئي
آهي ۽ پاسن کان هيرا جواهر جام رکيا اٿس. کيس جئين
ته اولاد ڪو نه هو، تنهنڪري ٻالڪي ڏسي، ڌڻي جو شڪر
ڪيائين. ايتري ۾ سندس زال به ڊوڙي آئي. ڇوڪريءَ کي
ڏسي هوءَ به ڏاڍي خوش ٿي ۽ يڪدم کڻي ڇاتي سان
لاتائينس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڇوڪري جو نالو
”سورٺ“ رکي، کيس لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳا.
سورٺ جو اجمير جي راجا انيراء سان مڱڻو
سورٺ اڄ ننڍي سڀاڻي وڏي، آخر اچي جوان ٿي. سندس سونهن سوڀيا جي
ڪري، کيس گهر کان ٻاهر ئي نٿي ڪڍيائون ته متان
راءِ کنگهار کي خبر پوي ۽ کسي وڃي.
راءِ کنگهار گرنار جو راجا هو ۽ انيراء اجمير جو حاڪم هو. ٻئي
دنگئي راجا هئا. رتنو ڪنڀار رهندو ته راءِ کنگهار
جي راجائي ۾ هو، پر سندس ياراني انيراءِ سان هئي ۽
سندس درٻار ۾ ويٺو هوندو هو. رتني خيال ڪيو ته
نياڻي آخر ڪيستائين گهر ۾ ويهندي، سو دل ۾ فيصلو
ڪيائين ته ڇو نه سورٺ جو سڱ پنهنجي يار انيراءِ کي
ڏيان! پر نياڻيءَ جو سڱ آءٌ پاڻ ڪيئن آڇيانس! ڇو
نه اهڙي ڪا اٽڪل ڪريان جو هو پاڻ سڱ گُهري. اها
ڳالهه ڳڻي، انيراءِ کان ٻن مهينن جي موڪل وٺي
پنهنجي گهر وريو.
رتنو ڪنڀار گهر ۾ اچي کپ کوڙي ويهي رهيو. ٻه مهينا گذري ويا پر
نڪي انيراءِ ڏانهن موٽيو ۽ نه وري کيس ڪو اطلاع
ڏنائين. آخر چار مهينا گذري ويا. تڏهين انيراءِ
ڪاوڙجي حڪم ڪيو ته رتنو ڪنڀار جنهن وقت به اچي ته
کيس ماري ڇڏيو.
هيڏانهن رتني ڪنڀار هڪڙي ڏينهن زال کي چيو ته: ٻائي! خواب ۾
انيراءِ کي ڏٺو اٿم، سو هاڻي وڃان ٿو وٽس. زال چيس
ته: تون ٻن مهينن جو وعدو ڪري آيو هئين، سو هاڻي
جي هيتري وقت کان پوءِ ويندين ته انيراءِ مارائي
ڇڏيندءِ، تنهنڪري نه وڃ. پر هن نه مڃيو ۽ گهوڙي تي
چڙهي اچي راجا جي ڪچهريءَ ڀيڙو ٿيو. انيراءِ کيس
مُنهن ئي ڪو نه ڏنو. تڏهن رتني عرض ڪيو ته: راجا!
ڪهڙي ڳالهه تان ڪاوڙ آئي آهي؟ راجا چيس ته: ڪنڀر
جا پٽ! ٻن مهينن جي موڪل وٺي وئين ۽ چار مهينا
لڳائي آيو آهين! تنهن تي هن وراڻيو ته: بادشاه
سلامت! مون وٽ گهر ۾ جوان ڌيءَ هئي، جنهن کي
پرڻائڻ جا پهه پئي ڪيم، تنهنڪري ڪجهه ڏينهن وڌيڪ
لڳي ويا. اتي انيراءِ چيس ته: ائين آهي ته پوءِ
مون کي ڇو نٿو پرڻائي ڏين! رتني ته گهريو ئي اهو
ٿي، تنهن يڪدم کڻي هائوڪار ڪئي. اُن مهل ئي مٺائي
ورهائي مڱڻي جي رسم ادا ڪري ڇڏيائون.
جهوناڳڙهه جي راءِ کنگهار جو سورٺ کڻي ساڻس شادي ڪرڻ
مڱڻي کان پوءِ ٿوري گهڻي ڏينهن شاديءَ جي تياري ٿي. انيراءِ
خيال ڪيو ته ڪنوار ٿي راءِ کنگهار جي راجائيءَ ۾؛
آءٌ جيڪڏهن ڄڃ وٺي سندس ملڪ ۾ ويندس ته متان راءِ
کنگهار جنگ ڪري، تنهنڪري رتني ڪنڀار کي هڪڙو ٻيڙو،
سيڌو پاڌو، امير امراءَ ۽ نوڪر چاڪر ڏيئي روانو
ڪيائين ۽ چيائينس ته: جي آءٌ هلندس ته راءِ کنگهار
جنگ ڪندو، تنهنڪري منهنجو ڪانُ کڻي وڃ ۽ ان سان
ڦيرا ڏئي ڪنوار کي وٺي اچ!
رتنو، ڄڃ وٺي پنهنجي ملڪ ۾ آيو. رات جو مشعلون ٻاري، سورٺ کي
ڪانُ سان ڦيرا ڏياريائين، پوءِ سورٺ کي به هار
سينگار ڪرائي ٻيڙي ۾ چاڙهيائون. رتنو پاڻ به زال
سميت ٻيڙي ۾ چڙهيو ۽ سموري ڄڃ راتو واهه انيراءِ
جي ملڪ ڏانهن رواني ٿي.
اجمير جو گس هو راءِ کنگهار جي ڪوٽ گرنار وٽان، جيڪو زمين کان
پنج ڪوهه مٿي جبل تي هو. ڄڻ ته آسمان سان پئي
ڳالهيون ڪيائين. رات جو راءِ کنگهار جو ڪوٽ تان
مشعلون ٻرنديون ڏٺيون، سو يڪدم ماڻهو ڊوڙايائين ته
ڏسي اچو ته ڇا آهي ۽ اهي مشعلون ڇا جون آهن؟ ماڻهن
پڇا ڳاڇا ڪري اچي ٻڌايس ته: انيراءِ، رتني ڪنڀار
جي گهران پرڻيو آهي، تنهن جي ڄڃ پئي وڃي. اتي راءِ
کنگهار حڪم ڏنو ته ٻيڙا صبح تائين اتي ئي ترسايا
وڃن ۽ رتني کي پڪڙي مون وٽ وٺي اچو.
صبح جو سپاهي رتني کي وٺي راءِ کنگهار وٽ آيا. تڏهن راءِ کنگهار
چيس ته: اڙي نمڪ حرام، منهنجي ملڪ ۾ رهي ٻئي ملڪ
جي راجا سان ڇو ٿو ڌيءَ پرڻائين؟ مون سان ڇو نٿي
پرڻايئي؟ رتني جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! مون کي
ڊپ هو ته متان مون غريب ڪنڀار جي ڌيءَ توهان کي
قبول نه پوي، تنهنڪري توهان کي نه چيم، ۽ سورٺ جو
سڱ انيراءِ سان ڪري ڇڏيم. تڏهن راءِ کنگهار چيس
ته: هاڻي تو کي به جواب آهي ته انيراءِ کي به
جواب. سورٺ زال آهي منهنجي. ائين چئي سپاهي
موڪليائين، جيڪي يڪدم وڃي سورٺ کي کنڀي کڻي آيا، ۽
باقي ٻيڙا انيراءِ ڏانهن موٽائي موڪليائون.
سورٺ، راءِ کنگهار جي محلات ۾ آئي. راءِ کنگهار سندس سونهن ڏسي
حيران ٿي ويو، ڇا ڏسي ته هيڏانهن سج جو شعاء
هوڏانهن سورٺ جو حسن، ٻئي برابر! بس، پوءِ ته يڪدم
شاديءَ جون تياريون ٿي ويون ۽ انهيءَ مهل ئي سورٺ،
راءِ کنگهار جي ڪنوار بنجي ويهي رهي.
لکئي جا ليک آهن، سورٺ ويچاري، ڪٿي ڄائي، ڪٿي نپني، مڱي ڪنهن
سان ۽ پرڻي ڪنهن سان. جيئن نصيب جو لکيو هوندو
تيئن اوس ٿئي ٿو.
وير وٺڻ لاءِ انيراءِ جو راءِ کنگهار تي ڪاهه ڪرڻ
راءِ کنگهار، جهونا ڳڙهه جو راجا هو، سندس ڪوٽ گرنار جبل جي
چوٽيءَ تي ٺهيل هو، جنهن سان ڪڪر پيا گسندا هئا.
جبل تي چڙهڻ لاءِ پنجن ڪوهن جي واٽ هئي، جيڪا تمام
اڻانگن ۽ اوچن لڪن مان هئي. واقف ماڻهو کان سواءِ
ٻيو ماڻهو ڪوٽ تائين پهچي ڪو نه سگهندو هو، تنهن
کان سواءِ ڪوٽ جي چؤگرد پهريدار ۽ چوڪيدار هر وقت
موجود رهندا هئا، تنهنڪري ڪو به خوف خطرو نه هو.
راءِ کنگهار جهڙو سخي مرد نڪي ٿيو نڪي ٿيندو. وٽس سوالين جا
سنجهه صبح ميڙا لڳا پيا هوندا هئا، ڪو به سوالي
خالي نه ڇڏيندو هو. سندس سخا جي هنڌين ماڳ ناموس
هئي.
انيراءِ اڳئي راءِ کنگهار جي ناموس تان ساڻس حسد ڪندو هو ۽ دل ۾
خيال ايندو هئس ته گرنار تي حملو ڪري راءِ کنگهار
کي ختم ڪري ڇڏجي، پر گرنار جي حفاظت هجڻ ڪري اهڙي
همت نٿي ساريائين. ويتر جو سندس مڱ سورٺ، راءِ
کنگهار زوري کڻي وڃي پرڻيو هو؛ سو هن ڪاوڙ ۾ اچي
لشڪر کي گرنار تي ڪاهڻ جو حڪم ڏنو.
راجا کي گرنار تي ڪاهڻ لاءِ تيار ڏسي اميرن جا هِنيان ئي لهي
ويا، سي پاڻ ۾ صلاح ڪري، مِڙي سڙي سڀئي انيراءِ وٽ
آيا ۽ هٿ ٻڌي کيس چيائون ته: بادشاهه سلامت! گرنار
جو ڪوٽ جبل تي اڏيل آهي ۽ اهو جبل ايترو ته اوچو
آهي جو ڪڪر به ڪوٽ جي ڪنگرن سان گسي لنگهن ٿا. ڪوٽ
کي چار سؤ چوڏهن چؤنڪيون آهن، جن تي رات ڏينهن
پهريدار ويٺل آهن. ڪنهن بني بشر کي طاقت ناهي جو
انهن کان بچي اندر ڪوٽ ۾ وڃي سگهي. تنهن کان سواءِ
گرنار جون جيڪي ڳالهيون ٻڌيون اٿئون ته گرنار جو
گس جبلن منجهان آهي، جتي هڪ ته لُڪون اهڙيون ٿيون
لڳن جو لڱ به ساڙيو ڇڏين، ٻيو وري واٽ تي پاڻي به
ڪو نه ٿو ملي. اهڙي حالت ۾ راءِ کنگهار کان وير
وٺڻ ته پري رهيو، مرڳو پنهنجو لشڪر نه مارائي ويهي
رهون!
مگر انيراءِ، جنهن کي جيڪو ڏينهن ٿي لنگهيو سو ڄڻ سال ٿيو لڳيس.
وهڻ ئي وهه ٿي آيو هئس، ڀانئي ته اڄ ئي گرنار
پهچان ۽ راءِ کنگهار کي ماري مات ڪريان، سو اميرن
وزيرن جي ڳالهه ٻڌي ڀڙڪو کائي اُٿيو ۽ حڪم ڏنائين
ته فوجون تيار ڪيون وڃن! ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڄي
بادشاهي مان لکين جوان هٿيار پنوهار کڻي اچي گڏ
ٿيا ۽ آخر انيراءِ لشڪر وٺي گرنار ڏي روانو ٿيو.
انيراءِ ۽ راءِ کنگهار جي جنگ
انيراءِ جو لشڪر جڏهن گرنار جبل وٽ پهتو، تڏهن ڏٺائون ته برابر
ڪوٽ جبل جي چوٽيءَ تي هو ۽ سندس ڪنگرا آسمان سان
پئي لڳا. انيراءِ پهاڙ کي چئني طرفن گهمي ڏٺو، پر
مٿي وڃڻ جو گس ڪٿان به نظر نه آيس. آخر ڪوٽ کي نظر
۾ رکي، جبل کي چؤطرف گهيرو ڪري، تمام اوچا منارا ۽
ٺل ٺهرائي، انهن تي توفون چاڙهائي، فوجن کي حڪم
ڏنائين ته: حملو ڪريو ۽ توفون هڻي ڪوٽ ڪيرائي
وجهو.
لشڪر، هڪڙي طرف کان ڪوٽ تي تيرن جو وسڪارو شروع ڪيو ۽ ٻئي طرف
کان توفن جي وارو وار لائي ڏني؛ پر گرنار جي ڪوٽ
کي نه ڪو تير رسيو ۽ نه ئي ڪو توف جو گولو. گولا
اڌ واٽ تان ئي وريو، جبلن تان لهندا اچيو ٿي
پنهنجي ئي لشڪر تي ڪريا، جنهنڪري سندس هزارين
ماڻهو سندن ئي گولن سان ڦٽجي مري ويا. اهو لقاء
ڏسي انيراءِ جي لشڪر جبل ۾ ئي سرنگهون هڻي مورچا
ٺاهيا ۽ انهن ۾ بچاءُ ڪري ويهي رهيا.
راءِ کنگهار جي ڪن تي توفن جي ڌڌڪي جو آواز پيو ته پنهنجن ماڻهن
کان پڇا ڪيائين: هي آواز ڇا جو آهي؟ تڏهن چاري،
گرنار ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا ۽ خبر چار وٺي آڻي راءِ
کنگهار کي ٻڌايائون ته: اجمير جي راجا انيراءِ
پنهنجي لشڪر سان گرنار تي حملو ڪيو آهي. اهي ڌڪاءُ
سندس توفن جا آهن، جو گرنار تي گولا اڇلايا اٿس.
راءِ کنگهار کي ته گرنار ڪوٽ جي اوچائي ۽ راهه جي اڻانگائي جي
سُڌ هئي، تنهنڪري انيراءِ جي حملي جو ٻڌي، سندس دل
کي لوڏو ئي ڪو نه آيو. يڪدم ڪچهري ڪوٺائي، پنهنجن
اميرن وزيرن کي چيائين ته: پاڻ وٽ گرنار جي ڪوٽ ۾
اَن پاڻي ايترو آهي جو ورهين جا ورهيه ويٺا کائون
ته به ڪو نه کٽندو؛ تنهنڪري انيراءِ ڀلي گهيرو ڪيو
ويٺو هجي. ويهي ويهي ڪڪ ٿيندو ته پاڻهي موٽي
ويندو.
انيراءِ، گرنار کي گهيرو ڪيو ويٺو هو. خيال هئس ته نيٺ هنن جو
ان پاڻي کٽندو ۽ راءِ کنگهار ڪوٽ مان نڪرڻ تي
مجبور ٿيندو. پر جڏهن مهينن جا مهينا گهيرو هليو،
ته مرڳو سندن ان پاڻي اچي کٽو. سندس سپاهي به جڏهن
ويهي ويهي اچي ڪڪ ٿيا، تڏهن راجا کي چيائون ته:
بادشاهه سلامت! راءِ کنگهار سان وڙهڻ اسان کان زور
آهي. نڪي ٿا سرنگهه هڻي سگهون ۽ نڪي ٿا قلعي تي
پهچي سگهون، ان ڪري ٺلهي ويهڻ مان ڇا ورندو! هاڻي
يا ته موٽي هلي اجمير ڀڙا ٿيون يا ته اهڙي ڪا عقل
واري اٽڪل ٻڌايو جو گرنار فتح ڪري سگهون. انيراءِ
کين جواب ڏنو ته: خزاني جي مون وٽ ڪمي ڪانهي،
اوهان کي جيڪي کپي سو کڻو، کائو کپايو ۽ پنهنجي
لشڪر ۾ به ورهايو – سوڀون وس ستار جي آهن، پر ڪجهه
اوهين به همٿ ٻڌو. باقي منهنجي تجويز اها آهي ته
جيڪو به بارود اوهان وٽ آهي، سو توفن ۾ ڀري سٽڪو
لائي ڏيو ته ڪوٽ ڪري پوي.
انيراءِ جي حڪم جي موجب ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ سان توفن ڌڌڪا لائي
ڏنا. گولا مينهن وانگر وسڻ لڳا. جبل هو اُڀڪپرو
مٿان پٿر جو ذرو ڇڏجي ته هيٺ اچي ٺڪاءِ ڪري، سو
گولا به گرنار تائين پهتائي ڪين، اڌ واٽ تان ٿِي
ٿي موٽيا ۽ اهي ساڳيا گولا مينهن وانگر موٽي اچي
ٿي انيراءِ جي لشڪر تي وسڻ لڳا. لشڪر جي ليکي ته
مٿان گرنار جي لشڪر وسڪارو شروع ڪري ڏنو آهي سو
وٺي پوئتي ڀڄڻ لڳا. تان جو آهستي آهستي ٿي، سج لٿي
تائين اڌ لشڪر مارائي، ڀڄندا اچي انيراءِ وٽ پهتا.
انيراءِ کي فرياد ڪيائون ته: اسان ٻڌو آهي ته
گرنار جو ڪوٽ جنن ۽ ديؤن جو جوڙيل آهي، جنهنڪري ان
تي نڪو تير پهچي، نڪي گولي جو اثر ٿئي – هجي ماڻهن
سان مقابلو ته اسين به هلي پنهنجي پهلواني
ڏيکاريون، هتي آهي جنن ۽ ديون سان جهيڙو، سو اسان
وڙهڻ کان بس ڪئي. باقي جي راءِ کنگهار ڪنهن اٽڪل
سان لشڪر قلعي مان ٻاهر ڪڍي اچي ته پوءِ اسين به
وڙهڻ لاءِ تيار آهيون.
انيراءِ پنهنجي لشڪر تي جنن ۽ ديون جو ڊپ ويٺل ڏسي، کين دلداري
ڏني ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته جي هيترو سارو لشڪر
مارائي واپس موٽي ويندس ته سڄي ڏيهه ۾ خوار ٿيندس،
تنهنڪري ڇو نه ڪا اٽڪل ڪري، راءِ کنگهار کي غيرت ۽
ڪاوڙ ڏيارجي ۽ ڪنهن به حيلي کيس ڪوٽ کان ٻاهر
آڻجي. پوءِ دوبدو لشڪر جي ويڙهه ۾ راءِ کنگهار کي
شڪست ڏيڻ آسان ٿيندي. سو گهڻي ويچار کان پوءِ راءِ
کنگهار ڏانهن خط لکي، هڪڙي ڀٽ هٿان روانو ڪيائين
ته: اي راجا! هڪڙا مڱيا، ٻيا وناهيا لوڪ کان لڪي
ويهندا آهن؛ تون جنهن نموني محلاتن ۾ ويٺو موجون
ماڻين، اهي رنن جا پار آهن. جي مانجهي مرد هجين ته
لشڪر وٺي ڪوٽ مان ٻاهر نڪري آءُ ته مڙسن وارو
مقابلو ڪريون.
راءِ کنگهار کي خط پهتو ته امير اُمراءَ گهرائي انهن سان صلاح
ڪيائين. اميرن صلاح ڏنيس ته: پاڻ وٽ گرنار ۾ اَن
پاڻي اَکُٽ موجود آهي، اهو ورهين جا ورهيه ويٺا
کائون ته به نه کُٽي، ۽ نه وري انيراءِ جو لشڪر
پاڻ تائين پهچي سگهندو. حملو پاڻ ڪو نه ڪيو آهي،
هوڏانهن موچيءَ جا گهڙيا موچيءَ جي منهن ۾، سندن
ئي گولا کين پيا مارين، سو ڀلي جيترو به زور لائڻو
هجيس، لائي دنگ ڪري پوءِ ڏٺو ويندو. راءِ کنگهار
کي به اها ڳالهه وڻي، سو انيراءِ ڏانهن خط جو جواب
لکي موڪليائين ته: اسان وٽ نڪا کوٽ آهي ناڻي جي ته
نڪا آب داڻي جي – اڃان تو گرنار جي غازين جو حملو
ڏٺو ڪونهي. هڪڙي هڪل سان گس به هٿ ڪو نه ايندئي.
انيراءِ ! مون وٽ جيڪي توفون آهن، تن مان رڳو
هڪڙيءَ جو منهن کليو ته تنهنجو لک لشڪر چٽ ٿي
ويندو. تنهنڪري جي چڱو ڄاڻين ته موٽي وڃي اجمير ۾
سُکيو ٿيءُ !
قاصد خط جو جواب انيراءِ وٽ موٽي آيو. انيراءِ پڇيس ته: ڪر خبر،
ڇا ڏٺئي ۽ ڇا ٿو سمجهين؟ قاصد جواب ڏنس ته:
بادشاهه سلامت! مون بادشاهيون ٻيون ڏٺيون، پر
گرنار جو نموني ئي اور آهي! راءِ کنگهار سان هڪ ته
ماڻهن جي محبت، ٻيو سندس شاهي اوچو قلعو، ۽ ٽيون
ته قلعي ۾ توفون اهڙي حساب سان رکيل آهن جو تنهنجي
فوج مان هڪ به ماڻهو سلامت نه بچندو. تنهنڪري سهڻي
ڳالهه اها آهي ته راءِ کنگهار سان صلح ڪري، پنهنجي
جان بچاءِ!
راءِ کنگهار جو خط پڙهي ۽ قاصد جو جواب ٻڌي، انيراءِ تپي باهه
ٿي ويو ۽ يڪدم وٽس جيڪا وڏي ۾ وڏي توف هئي، ان جي
هلائڻ جو حڪم ڏنائين. ان توف جو گولو مس مس وڃي
گرنار کي پهتو. ڌماڪو ٻڌي، راءِ کنگهار چيو ته:
جيڪڏهن هاڻي به انيراءِ تي حملو نه ڪبو ته پوءِ هو
نقصان رسائيندو – سو پنهنجي لشڪر کي حڪم ڏنائين ته
يڪدم دشمن تي حملو ڪريو!
گرنار جي ڪوٽ جي برجن ۾ جيڪو سڀ کان اوچو بُرج هو ان تي سڀ کان
وڏي توف رکيل هئي، جنهن جو نالو هو ”مريم نار“. ان
توف جي منهن ۾ ڇريون، خنجر، تير تلوارون ۽ ڀالا
وجهي ڇوڙيندا هئا ته اهي هٿيار دشمن جي لشڪر تي
مينهن وانگر وڃي وسندا هئا ۽ دشمن جو سمورو لشڪر
چٽ ٿي ويندو هو. هنن جڏهن اها توف ڇوڙي ته انيراءِ
جو اڌ لشڪر اتي جو اتي وڍجي ٽڪجي مري پيو، باقي
لشڪر ۾ اچي ڀاڄ پئي. اهو حال ڏسي، انيراءِ به
پوئتي موٽ کاڌي ۽ گرنار جي حد ڇڏي، پنهنجي
بادشاهيءَ ۾ اچي ساهه پٽيائين. تڪڙ ۽ ڀڄ ڀڄان ۾
خيما به اتي ڇڏي آيا هئا، ان ڪري خالي ميدان تي في
الحال پئجي رهيا. بادشاهي دستور موجب، سنجهه صبح
ڀير وڄڻي هئي، پر انيراءِ جي لشڪر ۾ راءِ کنگهار
جي ايتري ته هيبت ڇانيل هئي، جو ڌمالي نوبت وڄائڻ
کان ئي پڙ ڪڍي بيهي رهيا. چون ته: الاجي متان ڀير
جو آواز ٻڌي، کنگهار جو لشڪر طرف سهي ڪري، هتي اچي
رسي. هُتان ڀڄي هت آيا آهيون، پر هتان وري ڪيڏانهن
منهن ڪنداسين. اهڙيءَ طرح، راءِ کنگهار جي خوف کان
مهينن جو پنڌ ڏينهن ۾ ڪري، انيراءِ لشڪر سميت اچي
اجمير ۾ ساه پٽيو.
انيراءِ جو راءِ کنگهار جي سِر آڻڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪرڻ
انيراءِ اجمير ۾ موٽي ته آيو پر کاڌو پيتو وههُ ٿي آيس. نه
ڏينهن جو سُک، نه رات جو آرام. اهي ئي سٽون پيو
سٽيندو هو ته ڪهڙي طرح کنگهار کان وير وٺجي. آخر
هڪڙي ڏينهن پنهنجا خاص صلاحڪار درٻار ۾ گهرائي،
کين چيائين ته راءِ کنگهار تي حملو ڪري پوري ڪين
پونداسين؛ هاڻي توهين ٻڌايو ته ڪهڙي طرح راءِ
کنگهار کي ماري بدلو وٺجي. هڪڙي صلاحڪار چيو ته:
راجا! راءِ کنگهار هڪ ته راڳ تي عاشق آهي، انهيءَ
ڪري وٽس ڳائڻن جو قدر آهي ۽ هميشہ گُن گويا وٽس
ويٺائي هوندا آهن؛ ٻيو ته سندس سخاوت هنڌين ماڳ
مشهور آهي. وٽانئس ڪو به سوالي خالي ڪو نه ٿو وڃي.
جيڪڏهن ڪنهن منگتي کي هيرن موتين جو انعام آڇيو
وڃي ته اهو وڃي راءِ کي راڳ تي ريجهائي ۽ سر جي
صدا هڻي: اهڙي طرح نانگ به مري ويندو ۽ لٺ به ڪا
نه ڀڄندي.
اها صلاح سڻي انيراءِ، ان مهل ئي سونين مهرن ۽ هيرن جواهرن جو
ٿالهه ڀرائي سپاهين کي ڏنو ته سڄي ملڪ ۾ وڃي پڙهو
گهمايو ۽ جيڪو به منگتو راءِ کنگهار جي سِر وڍي
آڻڻ جي هام هڻي، ان کي هيءُ ٿالهه اڳواٽ انعام ڪري
ڏيو.
ٻيجل جو اصل نسل
راءِ کنگهار جي ڀيڻ هڪڙي فقير کي عرض ڪيو ته: سائين! مون کي دعا
ڪريو ته پٽ ٿئي. فقير چيس ته: پٽ ٿيندئي پر راءِ
کنگهار جو سر وڍيندو. هن چيو ته: سائين! اهو پٽ ئي
ٻن پوي جيڪو ڀاڻم جو سر وڍي. پر فقير جو چوڻ سو
ٽريو ڪين ۽ ٿوري گهڻي ڏينهين مائي کي پٽ ڄائو.
ماءُ، پٽ کي تنجي جوڙي، صندوق ۾ وجهي، درياءَ ۾
لوڙهي ڇڏيو ته ڀلي مانگر مڇ کائي وڃنس. پر ٿيو
ايئن جو صندوق مانگر مڇ کان بچي وڃي انيراءِ جي
بادشاهيءَ ۾ چارڻن جي هڪڙي ڳوٺ ۾ نڪتي. خدا جي
ڪرڻي ائين ٿي جو ان مهل ڪي زال مڙس چارڻ، پاڻي ڀرڻ
درياءُ تي آيا، تن جا صندوق ڏٺي، سو کولي ڏٺائونس
ته منجهس هڪ ٻار ستو پيو آهي. پوءِ هو کيس پنهنجي
گهر کڻي آيا ۽ پاڻ وٽ اچي سانڍيائونس ۽ نالو
رکيائونس ”ٻيجل“ ٻيجل اڄ ننڍو سڀان وڏو، اچي خاشو
خاشو ٿيو. کيس گڏهه گهوڙا ڏنائون، جن کي پيو
چاريندو هو. چارڻن جو قوت هوندو هو شڪار تي ۽ ٻيو
ساز وڄائي پن منگ ڪرڻ تي ٻيجل به انهن سان گڏ پيو
پيٽ گذر ڪندو هو.
ٻيجل کي راڳ ۽ ساز جي ڏات ملڻ ۽ سندس ساز ٺاهڻ
ٻيجل دستور موجب هڪڙي ڏينهن جهنگ ۾ آيو ته اوچتو هڪڙي وڻ مان
”تونهين تون“ جو آواز ڪن تي پيس. وري کڻي ڏسي ته
انهيءُ آواز تي ڪئين جانور ۽ پکي پکڻ اچي گڏ ٿيا
آهن ۽ ڪنڌ نمايو بيٺا آهن. ٻيجل حيرت ۾ پئجي
هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. آخر هڪڙي وڻ تي ٽنگيل
سڪل آنڊن تي وڃي نظر پيس جن مان هوا لڳڻ تي نهايت
ئي من موهيندڙ سريلو ۽ مٺو آواز پئي آيو.
انهيءَ اسرار جي حقيقت هن طرح ڪن ٿا ته: ڪي چار درويش سير تي
نڪتا هئا، سي گهمندا ڦرندا انهي جهنگ ۾ اچي نڪتا.
کين اُڃ لڳي، سو هيڏانهن هوڏانهن پاڻي ڳولڻ لڳا.
هڪڙي واٽهڙو چين ته: کوهه ته هتي آهي، پر ان ۾
گهڻي وقت کان وٺي پاڻي آهيئي ڪو نه. تڏهن انهن مان
هڪڙو درويش اُٿي کوهه ڏسڻ ويو. کوهه ۾ نظر وجهي
چيائين ته: هن ۾ ته پاڻي آهي. درويش جي ايتري چوڻ
سان کوهه مان وٺي جو پاڻي اُڏاڻو تنهن هڻي ملڪ ڀري
ڇڏيو. اهو پاڻي ننگر جو هو، جيڪو درويش جي نظر سان
نڪتو هو، تنهنڪري جنهن به پکي پکڻ يا جانور اهو
پاڻي ٿي پيتو، سو اُڏامندو، ٺينگ ٽپا ڏيندو ڊوڙندو
ٿي ويو ۽ ائين ئي ڊوڙندي ٽپندي ساهه ٿي ڏنائون.
اتي هڪڙو ڪاريهل هرڻ به پاڻي پيڻ آيو. پاڻي پيئڻ
سان اهو به وٺي ڊوڙڻ ٽپڻ لڳو. ڀڄندي ڀڄندي اتفاق
سان ڪنهن وڻ تان جو ٽپي ته هڪڙي انگهه پيٽ ۾ وڃي
لڳس. انگهه لڳڻ سان پيٽ ڦاٽي پيس ۽ سندس آنڊو
انگهه ۾ اٽڪي پيو. قدرت سان ٿوري دير کان پوءِ ان
آنڊي مان هوا لڳڻ سان ”تونهين تون، تونهين تون“ جو
آواز نڪرڻ لڳو. ان آواز تي پکي پکڻ، جن ڀوت، سڀ
ڪنڌ نمائي اتي بيهي رهيا.
ٻيءَ هڪ روايت موجب چون ٿا ته: چار يار انهيءَ جهنگ مان اچي
لنگهيا. هڪڙي ميهار کي چيائون ته: کير پيار! ميهار
کي مينهن ته هٿ ڪا نه آئي، باقي هڪڙي وڇ جهلي آڻي
هنن اڳيان حاضر ڪيائين. يارن هٿ کڻي گهمايو ته وڇ
جا ٿڻ سڱوئجي آيا. پوءِ ته ميهار ويهي کير ڏڌو ۽
چار ئي يار کير پي خوش ٿيا. ٿانوَ جو ڌوپ، ميهار
کڻي هڪڙي ٻُوڙي جي پاڙ ۾ هاريو. قدرت خدا جي ٿوري
گهڻي ڏينهن اهو ٻوڙو سائو ٿيو. اتي هڪڙو هرڻ آيو،
تنهن اچي ان ٻوڙي ۾ وات وڌو. ٻوڙو کاڌائين ته
اوچتو وٺي اُڏاڻو ۽ زمين کان مٿي اُڏامڻ لڳو.
اُڏامندي اُڏامندي ڪنهن وڻ جي انگهه پيٽ ۾ گهڙي
ويس. هرڻ ته الائجي ڪٿي وڃي ڪريو، پر آنڊو اُتي
اٽڪي پيو هئس. هوا لڳي ته ان مان آواز نڪري
”تونهين تون، تونهين تون.“
ٻيجل جهنگ ۾ اچي ته سبحان الله ! جانور جانور جي ذات، نانگ
بلائون، پکي پکڻ انهي آواز تي ڪنڌ نمايو بيٺا آهن.
ٻيجل کي پڪ ٿي ته اهو الاهي اسرار آنڊن ۾ آهي، جن
مان اهڙو آواز ٿو نڪري، ڇو نه کڻي پنهنجي سُرندي
تي چاڙهيان ! سو ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي ويو ۽ آنڊا
لاهي گهر کڻي آيو، پوءِ انهن کي سُڪائي ٺاهي، کڻي
پنهنجي چنگ تي چاڙهيائين.
انيراءِ جو پڙهو ٻڌي ٻيجل جي زال جو مهرن جو ٿالهه وٺي رکڻ
سپاهي هيرن جواهرن ۽ مهرن جو ٿالهه کنيو، پڙهو ڏيندا سڄي
بادشاهي گهميا، پر ڪنهن به شخص راءِ کنگهار جي سر
وڍي آڻڻ جي هام ڪانه هئي. هڪڙي ڏينهن سپاهي،
مڱڻهارن جا راڄ پاڙا گهمندا اچي ”ٻيجل“ جي ڳوٺ
پهتا. ٻيجل ان وقت گهر ۾ ڪو نه هو، سندس زال جو
اهو پڙهو ٻڌو ۽ مهرن جو ٿالهه ڏٺائين، سو يڪدم وٺي
کڻي رکيائين ۽ سپاهين کي چيائين ته: منهنجو مڙس
ٻيجل، راءِ کنگهار جو سِر وڍي ايندو. سپاهي ناڻي
جو ٿالهه ڏئي، خوش ٿي پوئتي موٽيا ۽ انيراءِ کي
اچي خوشخبري ٻڌايائون.
ٻيجل به پِن منگ ڪري اچي گهر ۾ گهڙيو ته نظر وڃي مهرن جي ٿالهه
تي پيس. پهرين ته دهلجي بيهي رهيو، پر پوءِ زال
کان پڇيائين ته هي سونيون مهرون ڪٿان آيون آهن؟
زال سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس. تڏهن ٻيجل تپي باه ٿي
ويو ۽ زال کي چيائين ته: ڪميڻي! هن جهان ۾ نڪا
ڏاتارن جي ڪمي آهي ته نڪي منگتن جي! سوين ڏاتار
پيا سوالين جا عرض اگهائين ۽ هزارين منگتا، ڪماچا
۽ ڪينرا کنيو وتن صدائون هڻندا. پر اهو ڪڏهن ٻڌو
اٿئي ته ڪنهن منگتي سر جي صدا هنئي هجي! زال جواب
ڏنس ته: ميان، جيڪو سوال اڄ تائين ٻين منگتن نه
ڪيو آهي، اهو تون وڃي ڪر! هيتري دولت وري ڪيئن هٿ
ايندي؟ ٻيا منگتا ڀلي پيا پيٽ جي صدا هڻن تون وڃي
سر جي صدا هڻ، پوءِ ڏس ته ايترو انعام ملندوسين جو
پنهنجون ست پيڙهيون کائين، تڏهن به نه کٽي.
تنهنڪري ستيا جو سندرو ٻڌي، الله توهار ڪري روانو
ٿي! ٻيجل چيس ته: نڀاڳي، قهر ڪري ڇڏيو اٿئي، سر
وڍڻ ڪي سولا آهن ڇا؟ جيسين راءِ ريجهي پاڻ سِر نه
ڏئي، تيسين ڪيئن سندس سِر وڍي سگهبو! هن ڪم مان ته
مرڳو جيءُ جو جوکو آهي! ائين چئي هو منهن ويڙهي
گهر جي ڪنڊ ۾ وڃي سمهي رهيو.
راءِ ڏياچ جي سِر وڍجڻ بابت سورٺ جو خواب ڏسڻ
هڪڙيءَ رات سورٺ، هڪ خوفناڪ خواب ڏٺو، جنهن ۾ ڏٺائين ته هڪڙي
چارڻ اچي راءِ کنگهار جي سر جي سَين هنئي آهي. ڇرڪ
ڀري سجاڳ ٿي ۽ دايون ٻايون سڏي کين خواب سڻايائين.
تن دلداري ڏنس پر هن کي آرام نه آيو. صبح ٿيو ته
ڪوٽ جو دروازو بند ڪرائي چاري بيهاري ڇڏيائين ۽
حڪم ڏنائين ته ڪو به فقير ساز وارو ڏسو ته ان کي
ماري، سندس سسي ۽ ساز باهه ۾ ساڙي ڇڏيو! وري محلات
تي به اهڙي چوڪسي رکيائين جو ڪٽنب جي ڀاتين کان
سواءِ ٻيو ڪو به راءِ کنگهار ڏانهن وڃي نه سگهي.
دربان به ڪنهن اوپري ماڻهو کي جاچ جوچ کان سواءِ
نه ڇڏي.
ٻيجل جو گرنار پهچڻ
جڏهن ٻيجل جي زال ڏٺو ته ٻيجل، راءِ کنگهار جي سِر گهرڻ لاءِ
سنڀري ئي نٿو، تڏهن چيائينس ته: انيراءِ جي سپاهين
مون کان انجام ورتو آهي، هاڻي جي انجام کان
ڦرنداسين ته راجا پاڻ کي مارائي ڇڏيندو. ٻيجل به
خيال ڪيو ته هاڻي جي نه ويندس ته انيراءِ چارڻن جو
جڻ ٻچو مارائي ڇڏيندو، انهيءَ کان ڀلو آهي ته مون
اڪيلي جو سِر وڃي. سو ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ پنهنجو
ڪينرو سنڀاليائين جيڪو ورهين کان ڀڳو ڀت ۾ ٽنگيو
پيو هو. ڪينري کي ڇنڊي ڦوڪي، ڀڳل تارون ڳنڍي، ڪلهي
۾ وجهي، گرنار جو رخ کڻي ڪيائين.
ٻيجل جڏهن ڪوٽ جي دروازي تي پهتو ته کيس دربانن ڪوٽ جي دروازي
تي ئي روڪي ڇڏيو. ٻيجل کين چيو ته سخيءَ جي ساراهه
ٻڌي، ڏاڻ وٺڻ لاءِ ڏورانهين ڏيهه کان پنڌ پيو
آهيان. ٻيا به سوين سوالي سوال ڪيو، کانئس من جي
مراد وٺيو وڃن، آءٌ به انهن مان هڪڙو آسائتو
آهيان. دربانن چيس ته: جي چارڻ منگتو آهين ته اسان
کي به ڪجهه ٻڌاءِ ته پڪ ڪري پوءِ توکي ڪوٽ ۾ گهڙڻ
ڏيون! ٻيجل چيو ته: توهين در جي اندر ۽ آءٌ ٻاهر،
ڪيئن ٺهنداسون؟ پهريدارن هڪڙي دري کولي کيس اندر
اچڻ ڏنو. ٻيجل دري ٽپي اندر ٿيو ۽ ڪلهي تان ڪنيرو
لاهي، ٿورو واڄو ڪيائين ته درباري حيرت ۾ پئجي ويا
۽ پڪ ٿين ته ست پيڙهائتو منگتو آهي. پوءِ ته ٻيجل
کي شهر وڃڻ جي موڪل ڏنائون ۽ چيائونس ته: اسان
ههڙو واڄو اڳ ڪڏهن ڪونه ٻڌو. ٻيجل به خدا جو شڪر
ادا ڪري، شهر کي گهمي ڦري منهن اونڌاهيءَ مهل وڃي
راءِ کنگهار جي محلات هيٺان ويهي رهيو.
ٻيجل جو چنگ چورڻ ۽ راءِ کنگهار جو کيس مٿي اپر ڪوٽ تي سڏڻ
ٻيجل، محلات هيٺان ويٺي ڌڻيءَ کي سوال ڪيو ته ”ڏئينم سوڀ
ستار!“. اڌ رات گذري ته ڀيڄ ڀنيءَ مهل ٻيجل رب کي
ستائي چنگ چوريو. ٿوريءَ دير ۾ ئي محلات کي تندن
جي آواز تپائي ڏنو. راءِ کنگهار جي ننڊ ڦٽي پئي.
ٻيجل چنگ مان اهڙا ته درد وارا سر ڪڍيا جو راءِ
کنگهار بيقرار ٿي اُٿي ويهي رهيو. اهڙا آلاپ اڳ
ڪڏهن ڪو نه ٻڌا هئائين، سو دربانن کي سڏي پڇيائين
ته: اهو ساز ڪير پيو وڄائي – ڪو جن يا ڀوت؟ اهڙو
دل موهيندڙ آواز مون ته ڪڏهن ڪو نه ٻڌو آهي! يڪدم
پڇا ڪري ٻڌايو ته ڳالهه ڪيئن آهي؟
دربان ڊوڙندا محلات مان نڪتا. ٻيجل کي ڪينرو وڄائيندي ڏٺائون ۽
پڇيائونس ته: منگتا! ڪهڙي تڪليف اٿئي جو صبح ٿيڻ
به نٿو ڏين ۽ اڌ رات جو اچي سُک ڦٽايو اٿئي؟ هاڻي
ٻڌاءِ ته ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين ۽ ڇا کپنئي؟
ٻيجل وراڻين ته راءِ کنگهار ڏاتار جو نالو ٻڌي آيو
آهيان، سوال ان کي روبرو ڪندس. دربانن گهڻئي زور
لاتا پر ٻيجل نڪي ڪڇيو نڪي پڇيو؛ ماٺڙي ڪري وري
سُرندي وڄائڻ ۾ لڳي ويو. سرندي مان رڳو ”توهين تون
– توهين تون“ جو آواز پئي نڪتو. دربانن موٽي اچي
راءِ کنگهار کي ٻڌايو ته: منگتو روبرو سوال ڪرڻ
گهري ٿو.
راءِ کنگهار وٽ ته ڪئين منگتا واڄو ڪري ويا هئا، تنهن ٻيجل جي
تندن مان سهي ڪيو ته انهن منگتن مان ڪونهي، جيڪي
ڪستو کڻي، پنجڪڻي پنندا پيٽ گذر ڪندا وتن؛ سو
دربانن کي چيائين ته: يڪدم منگتي کي وٺي آڻي
منهنجي روبرو ڪريو. هونئن ته اپر ڪوٽ ۾ مٿي وڃڻ جي
ڪنهن کي به اجازت ڪا نه هئي، پر راءِ کنگهار جي
حڪم سان ٻيجل کي وٺي وڃي سندس سامهون ويهاريائون.
راءِ کنگهار جو ساز تي موهجڻ ۽ ٻيجل جو سر گهرڻ
راءِ کنگهار، ٻيجل کي وڏي آڌرڀاء سان ويهاري چنگ وڄائڻ جو حڪم
ڏنو. اسر جي مهل، وهاڳ جو وقت، چارڻ چنگ چوريو ته
راءِ کنگهار هيڪاري موهجي پيو. آخر حڪم ڪيائينس
ته: گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي! ٻيجل چيس ته: راجا! مون
وٽ خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي؛ ماڻڪ موتي مون کي اتي
به ملي سگهيا ٿي پر پرديسان پنڌ ڪري صرف تنهنجو
سِر گهرڻ آيو آهيان. ڏينم ته وڃي ڏيهن کي ڏيکاريان
۽ تنهنجي سخا جا ڳڻ ڳايان.
راءِ کنگهار جو کيس ڌن دولت آڇڻ، پر ٻيجل جو سر لاءِ صدا هڻڻ
راءِ کنگهار کي هڪ ته ٻيجل جي ساز موهي ڇڏيو هو، ٻيو وچن ڪيو
هئائين ته منگتو جيڪي گهرندو سو کيس ملندو. خيال
ڪيائين ته اڄ ڏينهن تائين ته مون ڪنهن به سوالي کي
نااميد ڪري ڪو نه موٽايو آهي، جي هن منگتي جو سوال
پورو نه ٿيو ته پوءِ ڏيهن ۾ ڳالهه هُلي ويندي. اها
خواري مون کي هر گز ناهي کڻڻي؛ اهو سر گهوريو چڱو
آهي، جنهن جي ڏني ڏاتارن جو سِر مٿي ٿئي. پر وري
به سندس آزمودي وٺڻ لاءِ چيائين ته: منگتو جيڪا
مال ملڪيت گهري، سا ڏئي روانو ڪريوس. دربان هيرن
جواهرن جا ٿالهه ڀري ٻيجل وٽ کڻي آيا ۽ آڻي اڳيان
رکيائونس؛ تڏهن ٻيجل چيو ته: مال دولت جو بکيو ڪو
نه آهيان، پر آءٌ سر جو سوالي آهيان. وري چيائينس
ته: سون رپو جيڪي کپنئي سو کڻ، جي اڃا به راضي نه
ٿين ته پوءِ منهنجي مٿي بدران سونو سر ٺهرائي
ڏيئين، اهو کڻي وڃ- تنهنجو سوال به پورو ٿئي ۽
منهنجو قول به رهجي اچي. باقي منهنجي وڍڻ مان ڇا
هٿ ايندئي؟ ۽ اڃا به وقت ويو ڪونهي، سوچي ويچاري
فيصلو ڪري وٺ! پر چارڻ کي سواءِ سر وڍڻ جي ٻي وائي
وات نه هجي.
سورٺ جون ٻيجل کي منٿون ڪرڻ ۽ ڌن دولت آڇڻ، پر ٻيجل جو نه مڙڻ
اڃا راءِ کنگهار ۽ ٻيجل جي ريڙه پيڙه هلي پئي ته اها خبر وڃي
راڻي سورٺ کي پئي، سا منهن مٿو پٽيندي محلات ۾ آئي
۽ ٻيجل کي چيائين ته: منگتا! جيڪي کپئي سو کڻ، پر
منهنجي مڙس کي جيئندان ڏي. کنگهار کي مارڻ مان
تنهنجو ڪهڙو ڪاڄ سرندو؟ منهنجو سر وٺ، هيءَ
بادشاهي کڻ، پر مٿي وٺڻ جي پچر ڇڏ! ٻيجل وراڻيو
ته: مال ملڪيت جي ڪا طمع ڪا نه اٿم، قول ڪري آيو
آهيان، سو سر وٺڻ کان سواءِ ڪو نه موٽندس. ملڪيت
ته مون کي ٻين ڏاتارن کان به ملي ويندي، پر سر ڏيڻ
وارو ڏاتار صرف هيءُ آهي؛ ان ڪري ئي کانئس اهو
سوال ڪيو اٿم. ائين چئي، ٻيجل وري به سرندو وڄائڻ
شروع ڪيو.
سرندي جا جادوءَ جهڙا مست ڪندڙ آلاپ ٻڌي راڻيون به حيران ٿي
ويون. نيٺ جڏهن ڏٺائون ته ٻيجل، راءِ کنگهار جو سر
وڍڻ کان سواءِ خالي نه موٽندو، تڏهن رضا الهٰي
سمجهي، روئڻ ۽ اوڇنگارون ڏيڻ لڳيون. سورٺ جي ڳلن
تان ڳوڙها پئي ڳڙيا ۽ ٻيجل کي آخر دم تائين زاريون
پئي ڪيائين، پر ٻيجل جي وات اها ئي وائي هجي ته:
”جا مٿي تي مڻيا، تنهن سر جو آهيان سيڪڙو“
اها خبر جڏهن گرنار جي ماڻهن کي پئي، ته انهن ۾ به روڄ راڙو
پئجي ويو. امير وزير سڀ اچي گڏ ٿيا ۽ ٻيجل کي مال
ملڪيت جون وڏيون آڇون آڇي ريجهائڻ لڳا ته: اي
منگتا! اسان جي منٿ مڃ ۽ راءِ کنگهار جو سر نه وڍ!
مگر ٻيجل ٻي وائي نه واري. اٺ ڏينهن اٺ راتيون پئي
ٻيجل کي ريجهايائون. راڻين هار لاهي ڦٽا ڪيا، پر
ٻيجل جنهن مهل ڪينرو وڄائي، تنهن مهل ماڻهو، مرون،
پکي پکڻ سڀئي اچو گڏ ٿين ۽ سر جهڪايو بيهو رهن.
ٻيجل جي اهائي صدا پي پئي ته ”سر مڱان، سر گهران،
سر ري ٿئي نه صلاح“
راءِ کنگهار جي ماءُ کان موڪل گهرڻ
ٻيجل ڪنهن جي منٿ آزي نه مڃي ۽ راءِ کنگهار کي چيائين ته: راجا!
سخي، سواليءَ کي ايترو وقت ترسائيندا ڪين آهن. تون
به جلد ٿي، سر ڏئي سرهو ٿيءُ! تڏهن راءِ کنگهار
چيس ته: چارڻ! تو سر گهريو، مون ڏنو. جنهن مهل
وڻئي وڍي وٺ، پر گهڙي کن مهلت ڏينم ته ماءُ کان
موڪلائي اچان. ائين چئي محلات ۾ آيو ۽ سموري حقيقت
ماءُ کي اچي ٻڌايائين، جنهن چيس ته: پٽ! سواليءَ
کي دير نه ڪراءِ، سندس سوال يڪدم پورو ڪر. هو آس
ڪري آيو آهي، تنهن کي ٺلهو نه موٽائج. جيڪي گهري
ٿو، سو ڀلي ته سندس پلئه پئي.
خاتون راڻي چوءِ، ٻيٽا! جم موٽائين مڱڻو
آيو جو آس ڪري، مر پلئه تنهن پوءِ
سو سر سڳنڌو هوءِ، جو ڏجي نام الله جي.
راءِ کنگهار جو سر ڏيڻ کنگهار سر ڏيئي ڏياچ ٿيو
راءِ کنگهار ماءُ کان موڪل وٺي آيو ۽ ٻيجل کي چيائين ته: هاڻي
سر وڍي وٺ. ٻيجل چيس ته: آءٌ سر وڍي وڃئين، تنهن
کان بهتر آهي ته تون پنهنجي هٿن سان سر وڍي ڏي.
راءِ کنگهار چيس ته: مون کان سر ڪپبو؟ چيئين ته:
رڪ جي ڪٽار ڪنڌ تي رکي زور ڏي ته سر ڪپجي پوي.
پوءِ ٻيجل ويهي واڄو وڄايو ۽ راءِ کنگهار ڪٽار کڻي
پنهنجو ڪنڌ ڪپيو.
ٻيجل سر تريءَ تي کنيو پر رت جو ڌڌڪو ٿيو ته گهٻرايائين، تڏهن
سر مان آواز آيس ته: راڻيون رئاڙيئي، بادشاهي
برباد ڪيئي، هاڻي سر ته کڻ! تڏهن راءِ کنگهار جو
سر ٿيلهي ۾ وجهي، راڻين ۽ رعيت کي روئندو ڇڏي،
اجمير ڏانهن رخ رکيائين.
ٻيجل جو سر کڻي انيراءِ وٽ اچڻ ۽ انيراءِ جو کيس عدولڻ
ٻيجل، راءِ کنگهار جو سر کڻي، راڻين ۽ رعيت کي روئندو ڇڏي پوئتي
موٽيو ۽ ڀڄ ڀڄان ڪندو، ڏينهڪ اچي اجمير ۽ انيراءِ
وٽ پهتو ۽ جهوليءَ مان راءِ کنگهار جو سر ڪڍي کڻي
سندس اڳيان رکيائين.
انيراءِ، راءِ ڏياچ جو سر ڏسي چيس ته: اڙي ٻيجل! ظلم ڪري ڇڏيئي
جو ههڙي ڏاتار جو سر وڍيندي ترس نه پيئي! اڙي
مڱڻا، جڏهن راءِ ڏياچ جهڙي ڏهڪاء واري راجا جو سر
وڍي آئين، تڏهن هاڻي تون مان مونکي به جيءَ جو
جوکو پيو نظر اچي. هاڻي منهنجي ملڪ مان لڏ! اتي
ٻيجل کي ڏاڍو ارمان ٿيو، سو ماٺڙي ڪري گهر موٽي
آيو.
سورٺ جو ڏاگهه تي چڙهڻ ۽ ٻيجل جو به اچي سر ڏيڻ
راءِ ڏياچ سر ڏنو ته سڄي گرنار ۾ ماتم پئجي ويو. سورٺ ستي ٿيڻ
لاءِ چندن جي ڪاٺين جو آڙاه ڪرائي ڏاگهه چڙهڻ لاءِ
تياري ڪئي. هار سينگار ڪري، مڙس جو مڙهه جهوليءَ ۾
وجهي باهه ۾ ٽپي پئي.
هوڏانهن ٻيجل گهر ته پهتو پر اندر ۾ آرام ئي نه اچيس. سو اٿندي
سان زال کي چيائين ته: تو مون سان جاڙ ڪئي آهي، جو
راءِ ڏياچ جهڙي سخيءَ جو سر مون هٿان وڍايئي؛ هاڻي
آءٌ به اهڙي سخي تان سر گهوريندس. ائين چئي گهر
کان ٻاهر نڪتو ۽ سڌو گرنار ڏانهن رخ رکيائين. زال
ڏٺو ته مڙس آهي زال جو سهاڳ، اهو ٿو وڃي سر ڏيڻ؛
هاڻي سهاڳ بنا جيئڻ ڪهڙو؟ اهو سوچي اها به اٿي مڙس
پٺيان هلي.
جنهن وقت ٻيجل زال سميت گرنار پهتو ته ڏٺائين ته چندن جي ڪاٺين
جو آڙاهه پيو ٻري. ٻيجل کي ڏسنديئي سورٺ پنهنجي
ڪانڌ جي ڌڙ سان گڏ ٻرندڙ آڙاهه ۾ ٽپي پئي. اهو ڏسي
ٻيجل به ڊوڙي باهه ۾ ٽپي پيو. ٻيجل جي زال سوچيو
ته: مون پاڻ پنهنجي هٿن سان مڙس وڃايو آهي سو اها
به ٽپ ڏيئي وڃي ڏاگهه چڙهي. ٻيجل جي زال ان وقت
پيٽ سان هئي، سو ٽپڻ سان ٻار وڃي پري پيو ۽ ماڻهن
ان ٻار کي کڻي وڃي نپايو، ۽ جيئن ته اهو مڱر
(باهه) مان پيدا ٿيو هو، سو نالو رکيائونس
”مڱريو“.
���
روايت [1]
سنڌ جي آڳاٽن شاعرن جي ڏنل اهڃاڻن مطابق راءِ ڏياچ جو راڳ تي
ريجهي ٻيجل کي سخا ۾ سر ڏيڻ واري ڳالهه
سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جي قصي جي هيءَ روايت سنڌ جي آڳاٽن شاعرن جي
ڪلام ۾ آيل ٽاڻن ۽ اهڃاڻن مطابق آهي ۽ ان جي سٽاء
هن ريت آهي:
راءِ کنگهار نالي جهوناڳڙه جو هڪ بادشاه هو. سندس ماءُ ”خاتون
راڻي“ وڏي نظر واري داناء عورت هئي. راءِ کنگهار
جي گهر ۾ سورٺ نالي هڪ سهڻي وني هئي، جنهن جو راءِ
کنگهار سان بيحد پيار هو. راءِ کنگهار وڏو سخي ۽
ڏان ڏيندڙ هو، انهيءَ ڪري عام طرح سان هو ”راءِ
ڏياچ“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.
ٻيجل نالي چارڻ هڪ وڏو ڳائيندڙ ۽ گُن گويو هو. وٽس هڪ ساز هو،
جنهن کي مختلف روايتن موجب چنگ، سرندو ۽ ڪينرو
سڏيو ويو آهي. انهيءَ ساز جو ميٺاج اهڙو هو جو
ٻڌندڙ موهجي ويندا هئا.
انيراءِ نالي ڪو ٻيو راجا هو، جنهن ٻيجل کي ريجهائي موڪليو ته
ڪنهن طرح وڃي راءِ کنگهار کي راڳ تي راضي ڪري
کانئس سر جي گهر ڪري، ۽ سندس سر وڍي کڻي اچي.
ٻيجل چنگ يا سُرندو کڻي راءِ کنگهار جي بادشاهي، جهوناڳڙه ۾
آيو. ٻيجل جي من ۾ اهائي آس هئي ته، ’ڌڻي ڪري راجا
راڳ تي ريجهي!‘ سو پنهنجو ڪينرو ڪڍي وڄائڻ لڳو.
سندس ساز جي سوز هر ڪنهن کي موهي ڇڏيو. راءِ
کنگهار به منگتي جي ساز جون پرسوز صدائون ٻڌيون،
سو خوش ٿي حڪم ڏنائين ته، ’منگتي کي دل گهريا ڏانَ
ڏيو ته راضي ٿئي.
ٻيجل چوائي موڪليس ته، راجا! آءٌ زمين تي آهيان، ۽ تون مٿي ڪوٽ
تي. آءٌ دل ۾ آس کڻي ڏوران پنڌ ڪري آيو آهيان ته
تنهنجي آڏو ويهي ساز وڄايان، ۽ اهو به تڏهن
وڄائيندس جڏهن تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ٽيون ڪو نه
هوندو. تڏهن راءِ ڏياچ منگتي کي مٿي پنهنجي رنگ
محل ۾ سڏايو، جتي ڪنهن پکي کي به پر هڻڻ جي اجازت
نه هئي.
انهيءَ خاص خلوت ۾ ڏياچ مڱڻي کي چيو ته: اهو گهر جيڪو تنهنجي
لائق هجي. ٻيجل ڪڇيو ڪين، ۽ ساز وڄائڻ لڳو. راجا
اهڙو مست ٿيو جو کيس هاٿي گهوڙا مال متاع پيو آڇي.
پر چارڻ چئي ’راجا! هاٿي ڪارڻ هيڪڙي آءٌ ڪا تند
هڻان! اي سٻاجها سورٺ ور! مال متاع جي مون وٽ ڪمي
ڪانهي. اهڙين شين جي گهرج هجيم ها ته ويرين جي
وچان هتي تو وٽ مُور نه اچان ها.‘ ڏياچ ٻيا ڏان
آڇيس، تڏهن چيائين ته: مال جو منگتو نه آهيان، آءٌ
تنهنجي سِر جو گهورو آهيان، ۽ سر ڌاران موٽڻ مون
لاءِ مهڻو آهي. منهنجو سوال پورو نه ڪيئي ته اڄ
کان پوءِ سخا جو نالو ئي نه رهندو. جي مونکي سکڻو
موٽايئي ته چوندا: ’ڏياچ جي در تان منگتو ٺلهو
ويو.‘ ڏياچ چيس، ’منگتا! جو گهرندين سو اوس
ملندءِ. هي مٿو هاڻي تنهنجي مِلڪ آهي. پر اي جاجڪ!
اهو ته ڏس ته تون هن هڏي کي نيٺ ڇا ڪندين! جواب
ڏنائينس ته: راءِ ! منهنجو انيراءِ سان قول آهي ته
تنهنجو سِر ڪپيندس. تڏهن ڏياچ چيس ته: منگتا! تون
ڀلي پنهنجو قول پورو ڪر.
اها ڳالهه هُلي ويئي ته چارڻ، راءِ کنگهار کان سر گهريو آهي، ۽
هن کيس ڏيڻو ڪيو آهي. بس جهونا ڳڙه ۾ روڄ راڙو مچي
ويو. سورٺ پنهنجي ور کي بچائڻ لاءِ ٻيجل کي منٿون
آزيون ڪيون پر هن پنهنجي ڳالهه نه ڇڏي. راءِ
کنگهار جي ماءُ خاتون راڻي کي سُڌ پئي، سا سرهي
ٿي، ۽ پٽ کي چيائين ته: ’پٽ! متان منگتي کي سکڻو
موٽايو اٿئي. سندس آس پوري ڪر ته سدائين پئي
تنهنجي سخا ڳائجي.‘
ٻيءَ رات، کنگهار ٻيجل کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ چيائينس ته: چارڻ! چنگ
وڄاءِ؛ تند هڻ ته هيءُ سر سينگاري توکي ڏيان. چارڻ
ساز وڄايو، ڏياچ مست ٿي ڪنڌ ڪپي ڏنس. ڏياچ سر ڏنو،
ڄڻ گرنار جو گل ڇنو. سورٺ جهڙين سَون سهڻين ڏياچ
لاءِ رنو. چارڻ کي سر سينگارجي مليو ۽ هو ڏاتار جو
سر کڻي روانو ٿي ويو.
قصي جي انهيءَ سٽاءَ تي سنڌ جي آڳاٽن شاعرن ميين شاهه عنايت،
شاه عبداللطيف، خليفي نبي بخش ۽ ٻين بيت چيا آهن،
جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
[ن . ب]
���
ميين شاه عنات ۽ شاه عبداللطيف جي بيتن مان اهڃاڻ
ٻيجل چنگ کڻي راءِ ڏياچ جي بادشاهي ۾ آيو
الله جي آس ڪري، هليو هئائين
چارڻ ٻڌا چنگ کي جهوڙا ۽ جهائين
ڏهلي راءِ ڏياچ جي ڏوران ڏٺائين
وينتي واحد در تنهن دم ڪيائين
سٻاجها سائين، راءُ ريجهائين راڳ سين.
(شاه جو رسالو)
ٻيجل جي ساز سڄي جهونا ڳڙهه کي موهيو
جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾ عطائي آيو
تنهن ڪامل ڪڍي ڪينرو ويهي وڄايو
شهر سڄوئي سر سين، تندن تپايو
دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو
ٻيجل ٻولايو، ته سر سوالي آهيان
(شاه جو رسالو)
راءِ ڏياچ راڳ ٻڌي حڪم ڪيو ته منگتو جيڪي گهري سو ڏيو
راجا رنگ محل ۾، جاجڪ سرزمين
جا هنيائين هٿن سين، سا سئي بالابين
جت اچن نه اڙدابيگيون، ات ڪوٺايو امين
تازي ڏيوس تڪڙا، جو هر پائي زين
ٻيو مڱي ڪين، ڌاران سر سيد چئي.
(شاه عنات)
راءِ ڏياچ، ٻيجل کي مٿي محلات ۾ اچڻ لاءِ چيو
ڪڄاڙو گُهرين، جِينۡ وير وڄائيين
جو ڪئوءِ راڳ رباب سين، هنيين منجهه هُرين
اَوپر چڙهه، عنات چئي، مڇڻ ڪين ڪُرين
جنهن سين تون تُرين، سو آءٌ اکين سين ڏيين
(شاه عنات)
راءِ ڏياچ، ٻيجل کي محلات ۾ سڏايو، جتي ٻئي ڪنهن کي به اچڻ جي
اجازت نه هئي.
ٻارٽ ٻولي جا ڪري، سا مون گهڻو سهاءِ
جتي اچي ڪونه، عنات چئي، پير اتي ئي پاءِ
جهل جهروڪي ناهه ڪا، خاصي خلوت آءِ
جيڪي تو جڳاءِ، سو ڏيين ته ڏيهه سڻي.
(شاه عنات)
راءِ ڏياچ، ٻيجل سان خلاصي ملاقات ڪئي
نرتي تند نياز سين، ٻيجل ٻرائي
راجا رتولن ۾، ورنائي وائي
ڪوٺايائين ڪوٽ ۾، ٻارٽ ٻاجهائي
راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.
(شاه جو رسالو)
ٻيجل کي راءِ ڏياچ وڏا ڏان ڏنا، پر ٻيجل سر جي صدا هنئي
راڄا جو راضي ٿيو، تنهن ڏنا وڏا ڏان
موٽي ڪاريا مڱڻي، طرح تنبي کي تان
مون وٽ مال متاع جي ڪمي آهي ڪانه
ڪارڻ رب رحمان، سر وڍي سلطان ڏي.
(شاه جو رسالو)
ٻيجل جو راءِ ڏياچ سان وڏي مشڪلات سان ملڻ
پرديسان پنڌ ڪري، آيس اڳاهينء ماءِ
جي وهاڻيءَ ويرم ٿئي، ته مون هينئر ئي هلاءِ
سونارا سورٺ ور، ڳالهه هنئين سين لاءِ
سو مڱڻهار ملهاءِ، جو وچان ويريين آئيو.
(شاه جو رسالو)
تو در آيس راڄيا، ٻيا در دور ڪري
دولهه! تو درٻار ۾ آيس پير ڀري
مڱڻو آءٌ نه مال جو، منهنجو پنڌ پري
وري ڪين وري، مٿي ڌاران مڱڻو.
(شاه جو رسالو)
راءِ ڏياچ وٽان سوالي خالي نه ويندو هو، تنهنڪري ٻيجل سر جي صدا
هنئي
جنهين تڪ تارو، ٿو راجا رمي اتهين
خاصي خلوت خان جي اُتهين اوتارو
سکيو نه سورٺ ور، ننو ناڪارو
آنءُ تيلان سر گهران، توکان تمارو
جنٽي سڻي جاجڪ جي، لڳس من موچارو
ڏينهينم سوارو، ته ڏيکاريان ٻئي ڏيهه ۾.
(شاه عنات)
راءِ ڏياچ، ٻيجل کي در در دانهون ڏيڻ تان جٺ ڪئي
در در دانهن م ڏي، ڪوهه ٿو ڪيهون ڪريين
ٻايون، دايون، راڻيون، متان سڻن سي
مٿو مناسب منهنجو، تند تنهنجيءَ تي
سر سڀاڻي ني، مان قلعو پوءِ قبول ۾.
(شاه عنات)
راءِ ڏياچ جي سر آڻڻ جو، ٻيجل جو انيراءِ سان وچن هو
مٿو مٿانئين گهوريان، مٿو تو مٿاءِ
هڏو هيءُ هٿ ڪري، جاجڪ وهلو جاءِ
تون سين انيراءِ، جِم واچا ۾ ولهو رهين.
(شاه جو رسالو)
سورٺ جي ٻيجل کي منٿ
سڻ چارڻ، سورٺ چئي، ڀائي! رک ڀرم
منٿ اٿئي مڱڻا، راجا! ڳنهي مَ رم
تان ڪو دمج دم، ته ڏسان منهن ڏياچ جو.
(شاه عنايت)
راءِ ڏياچ کي سندس ماءُ خاتون راڻي جي نصيحت
خاتون راڻي چوءِ، ٻيٽا! جم موٽائيين مڱڻو
آيو جو آس ڪري امر پلئه تنهن پوءِ
سو سِرُ سُڳنڌ هوءِ، جو ڏجي نام الله جي.
(شاه عنايت)
راءِ ڏياچ، ٻيجل کي وري وڄائڻ لاءِ چيو
راجا رنگ محل ۾، ٻهر ٻاڪاري
تند تنهنجي مڱڻا، چت وڌو چاري
اڳيون بيت، عنايت چئي، وهلو ڏي واري
هيءُ سِر سينگاري، پاٺَ پلئه تو پائيان.
(شاه عنايت)
گرنار ۾ ماتم پيو
گل ڇنو گرنار جو، پَٽڻ ٿيون پِٽين
سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سِر سينگاريو ڏين
ناريُون لاڏ ڪرين، راجا رات رمَ گَيو.
(ڀٽائي صاحب)
ٻيجل، راءِ ڏياچ جو سر وڍي روانو ٿيو
چارڻ چنگ ڪلهي ڪري، پر پُري پاتا
صدا جي سيد چئي، وائي ڪيائين واتا
تنهن تي راءُ راضي ٿيو، دل وڏيءَ داتا
مَرڪي مَر ماتا، رُڙي راءِ ڏياچ جي.
(ڀٽائي صاحب)
���
|