سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :7

. ڏم جي ڏمر جي، ته ڪهڙي توکي ڪاڻ
لنگهيو لهرين مان وڃي، ڪيئي ٿي روح رهاڻ
انهن ڏکن ڏوراپن جو، تندو هڏ مَ تاڻ
صاحب وٽ سڀاڻ، ٿيندي پڇا پنڌ جي.
 

34-    جڏهن پڇا ٿيندي پنڌ جي، تڏهن ٿيندو حامي حضرت پير
دادلو درگاهه جو، وڏو آهه وزير
ڀاڳئي جي ڀاڻ تان، منهنجو سائين رکيو سِير
هو جو کلي پيتم کير، تنهن لوڙهيس لهرين وچ ۾.
 

35-    ڇو ٿي لڙهين لهرين وچ ۾، سهڻي! تون ساڱاءِ
ڏمر ڇڏي ڏم سان، کلي کلي ڳالهاءِ
چوڙا، ٻيڙا، هار، هسيون، کَڻي هٿين پنهنجي پاءِ
مائٽ اهي ملهاءِ، جن تنهنجو سياڻن سان سڱ ڪيو.
پانڌي پنهور جا بيت[1]

[پانڌي پنهور جي بيتن ۾ چيل سهڻي ميهار جي قصي جي هيءَ سربستي روايت آهي، جنهن موجب قصي جي سٽاءَ هيٺين طرح آهي: ”چار يار“ نبي پاڪ ﷺ جي زيارت لاءِ اُسهيا. واٽ تي ميهار جي مَنَهن ۾ ويلو ڪيائون. ساهڙ کي سڏ ڪري چيائون ته: مينهن جو کير پيار! ميهار چيو ته: مينهون ويون آهن چرڻ. وٿاڻ تي موٽي اچن ته کير حاضر ڪريان. چيائونس ته: اسين ايترو وقت نه ترسنداسون. اها سامهون بيٺل وڇ ئي ڏهي وٺ ته کير پِي روانا ٿيون. ائين چئي دعا گهريائون. ميهار به خدا کي سنڀاري، وڇ کي ونگ وجهي، کير ڏهي کين ڏنو. هو کير پِي، ڍؤ ڪري، سُرڪي ميهار جي پيئڻ لاءِ بچائي هليا ويا. ميهار اها سُرڪي پوءِ پيئڻ جي خيال کان ڍڪي رکي ڇڏي.

اُن ڏينهن ڏم ۽ سهڻيءَ جي شادي ٿي هئي. ڄڃ گهوٽ ڪنوار کي وٺيو پئي آئي. ميهار جي مَنَهن وٽ منزل ڪيائون ۽ گهوٽ ڪنوار جي سوڻ لاءِ ميهار کان کير گهريائون جنهن وري يارن جو اوباريل کير چڪو کڻي ڏنو. قدرت سان اهو کير لکيل هو سهڻيءَ جي نصيب ۾، سو ڏم به نه پيتو، پر سهڻيءَ کي ڏنائين. کير پيئڻ سان سهڻيءَ کي عشق جو خمار چڙهي ويو. ساهڙ کان سواءِ آرام ئي نه اچيس، سو اڌ رات جو ڀتار جي ڀر مان اُٿي درياءَ تري ميهار وٽ ويندي هئي ۽ رات جو رهاڻ ڪري، اسر جو موٽي ايندي هئي.

سسڻس کي خبر پئي، تنهن چيس ته: سهڻي! توکي جڏهن ماءُ پيءَ، ڏم سان پرڻايو، تڏهن ڇو حق ڇڏيو ڌارئي ڏانهن ٿي وڃين؟ سچ ٻڌاءِ ته ساهڙ تنهنجو سڱ ۾ ڇا ٿئي؟ سهڻيءَ چيس ته: اسان جو پاڻ ۾ ٻيو ته ڪو سڱ ڪونهي، باقي ڏم کانئس کير وٺي مون کي پيئاريو، ان مان ساهڙ سان سڱ ٿيو اٿم. هاڻي جي لک چاري ويهاريو، ته به منهنجو سڱ ساهڙ سان آهي. سسڻس گهڻئي سمجهايس ۽ لوڪ جي خواري، آخرت جي عذاب ۽ درياءَ جي جانورن جا ڊپ ڏنائينس، پر سهڻيءَ جو اهو ئي جواب ته: آءٌ ميهار سان ملڻ کان سواءِ ڪين رهنديس.

سس جڏهن ڏٺو ته سهڻي ڪنهن به طرح نٿي رهي، تڏهن ڪاوڙ مان ڪنڀار وٽ ويئي، ۽ اُن کان مهانگي مُلهه تي ڪَچو دِلو چِٽائي کڻي آئي ۽ سهڻيءَ جو لڪائي رکيل پڪو گهڙو کڻي ان جاءِ تي ڪانهن ٻُوڙي ۾ ڪَچو دِلو لڪائي رکي ڇڏيائين.

اڌ رات جو سهڻي دستور موجب درياءَ تي آئي. گهڙو کڻي درياءَ ۾ گهڙي پئي ۽ ساهڙ جي سِڪَ ۾ اهو به نه ڏٺائين ته دِلو ڪچو آهي يا پَڪو! وچ درياءَ ۾ آئي ته گَهڙو ڀُري پيو ۽ هوءَ ٻڏڻ لڳي. اتي دانهون ڪوڪون ڪري ساهڙ کي سڏ ڪرڻ لڳي. ساهڙ به سندس انتظار ۾ هو، تنهن جڏهن سڏ ٻڌا، تڏهن درياءَ ۾ ٽپي پيو ۽ ملاحن کي مدد لاءِ سڏ ڪرڻ لڳو. پر رات هئي اونداهي، تنهن ڪري ڪَل ئي ڪا نه ٿي پئي ته سهڻي ڪهڙي طرف آهي! ميهار نيٺ وڃي وچ سير ۾ پهتو ته اوچتو سهڻيءَ کي ڏٺائين. پوءِ ته کيس ڇِڪي ڪنڌيءَ تي ڪڍي آيو، پر سهڻيءَ جا پساهه اڳ ۾ ئي پورا ٿي چڪا هئا.

ساهڙ ارمان ۾ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي درياءَ کي چيو ته ”درياءَ! تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!“ پوءِ ماڻهو مڙي آيا، جن سهڻيءَ جو جنازو کڻي وڃي مان شان سان دفنايو. ٻيا ماڻهو مقام مان موٽي آيا، پر ميهار، سهڻيءَ جي قبر تي ويهي رهيو. سهڻيءَ جي موت اندر ساڙي ڇڏيو هئس. پوءِ ته ان ڏينهن ئي شام جو سهڻيءَ جي قبر تي ساهه ڏنائين.]

بيت[2]

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار
هليا در حبيب جي، چڙهيا چار ئي يار
ويلو ڪيائون وچ تي، مَنَهن اندر ميهار
سڏ ڪيائون ساهڙ کي، مينهون ميڙ ميهار
ساهڙ! هاڻ سگهو ٿيءُ، کڻي کير پئار
چئي: ڀوريون ناهن ڀاڻ تي، چرن چوڪنڊين چوڌار
ڪَڪيون، ڪاريون، ڪُنڍيون، چرن وِيءَ ولهار
چئي: وجهي ونگ وڇ کي، تون سَڪر ميڙ سنگهار
اُت ڪنڍي ڪڻڪي آئي، سڻي سا تنوار
دعا درويشن ڪئي، ڏڌو کير ميهار
پِي پيالا پر ٿيا، مانجهي مرد مڻيار
سوڻ ڪارڻ سُرڪي، رهي لاٽ منجهه لغار
اوبر تن اصيلن جي، سانڀي سُرتدار
ڏم پرڻيو تنهن ڏينهن جو، خوشيءَ منجهه خمار
ڄُلي ڄاڃي آئيا، ڪري دهلن جا ڌڌڪار
هڪڙا ناز ناچن جا، ٻيا ڇيرين جا ڇمڪار
ساٺ سَوَڻ نکيٽيءَ جو، تون ڏي کير ڌنار
ڏم گهريو، ساهڙ ڏنو، پيتو کير ڪنوار
نڪا نصيب گهوٽ جي، نڪي نصيب ميهار
سهڻيءَ کي سِڪَ جي، طلب لڳي ويئي تار
چُڪو پِي چري ٿي، منجهان کير خمار
پُوري هئي، پانڌي چئي، اُن کي عشق جي الغار
اُٿي هلي اڌ رات جو، وٽئون ڀر ڀتار
اچيو گِهڙي عميق ۾، سهڻي ڪريو سينگار
ور ڇڏيو واهڙ تري، قربئون ڪريو ڪڏڪار
ڇڏيو سيج ڀتار، ڪاهيو پئي ٿي ڪنن ۾.

 

2-     ڪاهيو پئين ٿي ڪُنن ۾، ڊڄ خدا جي ڊاءُ
موڳي! توکي مائٽن، پرڻايو پيءُ ماءُ
حق ڇڏيو حاجي چئي، وڃين ڇا جي لاءِ
سهڻي! ڳالهه ٻڌاءِ، ساهڙ ڇا ٿيئي سڱ ۾.

 

3-     سڌ نه مون کي سڱ جي، آهيان اُساري
ميهر ٿي مال چاريو، ڌڻ ۾ ڌناري
کاڌم کير خوشيءَ مؤن، عمر ڀي ساري
ٻارهين ورهين جي ٻالڪي، هيس ڪنواري
چوڏهين ورهين وڃي ڪيئون، منهنجي ترت تياري
سوڻ خاطر سُرڪي، مون کي هئي ڏم پئاري
هاڻي لَک ويهارين چاري، ته به منهنجو سڱ ساهڙ سين.

 

4-     سهڻي! انهيءَ سڱ جي، ڇڏين نٿي پچر
ڪاهيو پئين ٿي ڪُنن ۾، جتي جام وهي پيو جر
سمهين نٿي سيج تي، گهوٽ ساڻ گهر
مرون انهيءَ مهراڻ جا، کائي ويندءِ کر
ٿيندينءَ ڏوهياڻي ڏم جي، مهندان ڏينهن محشر
پڇندءِ پانڌي چئي، پاڪ ڌڻي پرور
وَني ڇڏيو، وَرُ، تون سڱ رکين ٿي ساهڙ سان.

 

5-      سڱ ته ساهڙ ڄام سين، منهنجو پرينءَ ڀر ٿيو
منهنجو من ميهار وٽ، راتو ڏينهن رهيو
سانوڻ ۽ سياري، واهڙ ٿي وهيو
ڏم آڇ نه ڏکيءَ کي، مٺي! منهن چڙهيو
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، وڃان تار تريو
اٿم قول ڪيو، تڏهن ڪاهيو پوان ڪُنن ۾.

 

6-     ڪاهيو پئين ٿي ڪُنن ۾، توکي واڳون ڪو وٺندو
ٻڏي ويندينءَ ٻار ۾، لوڪ سڄو سڻندو
تون ٻڏينءَ ته ڇا ٿيندو، نڪ ڏم جو لهندو
هاڻي وجهئين ٿي پلئه پير سندو، مُٺي! ويهه ماٺ ڪري.

 

7-     پلئه وجهئين ٿي پير جو، مون کي پلئه ڪيم پاءِ
ڏينهن نه لهي ڏم وٽ، منهنجو ساهڙ وٽ آهي ساهه
هجان سڄيون راتيون ساهڙ وٽ، ڀانيان گهڙي سا
مون تنهنجو نيو ڇا، جو وجهين ٿي پلؤ پير جو؟

 

8-     پلؤ وجهئين ٿي پير جو، ٿي چوئين چڱائي
ٻڏي ويندينءَ ٻار ۾، کر ويندءِ کائي
اُٿيو آڌيءَ رات جو، اچين اونداهي
ڪاري رات ڪُنن ۾، ورندئي نه وائي
ماٺ ڪري مائي، ويهي گهار گهر ۾.

 

9-     گهارڻ هاڻي گهر ۾، مشڪل آهه گهڙي
سهڻيءَ کي سڪ جا، ڳوڙها پيا ڳڙي
محبت جا ميهار جي، ويئي چت چڙهي
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، منهنجي آهي جيءَ جڙي
ويئي دل اُڙي، محبتي ميهار سين.

 

10-    محبت جا ميهار جي، ڇوري! کڻي ڇڏ
ٻڏي ويندينءَ ٻار ۾، لڙهي ويندءِ هڏ
ڪامڻ! تنهنجو ڪُنن ۾، ڪو نه ٻڌندو سڏ
ڪامڻ! اهو ڪُڏ، ڪڏهن هڻندءِ ڪُن ۾.

 

11-    ڪاهيو پوان ڪُنن ۾، چت منهنجو چور
راتيان ڏينهان روح ۾، ميهر جو مذڪور
اهڙي آءٌ عجيب کان، دم نه ٿيان دور
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، مون نيڻين ڏٺو نور
آڌيءَ ويل اسور، ڪاهيو پوان ڪنن ۾.

 

12-    ڪاهيو پوين ڪنن ۾، اڳيان درياءَ لائي دڙ
ڪامڻ تنهنجي ڪنن ۾، ڪو نه ٻڌندو رڙ
سدائين سهڻي!، تريو وڃين تڙ
مُٺي! پنهنجي مڙس جو، وني! سڃاڻ وڙ
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، ڪهڙي اٿئي هڙ
مُٺي! تنهنجو مڙهه، مرون کائيندا مهراڻ جا.

 

13-    مرون کائين مهراڻ جا، مر ته منهنجو ماس
ڏکيءَ کي ڏم جي، بنهه نه وڻي باس
سدائين ساهڙ جي، اندر ۾ اُماس
پرين جي پانڌي چئي، اکين ۾ اُڪاس
قرب آءٌ ڪٺياس، نه ته ڪير پوي ڪنن ۾.

 

14-    ڪامڻ! انهن ڪنن جي، ڇڏي ڏي سڙڪ
مُٺي! پنهنجي مڙس جو، لاهي ڇڏيئي نڪ
ڏيهاڻي ڏم جو، تون ٿي ڀڃين حق
پرور وٽ پانڌي چئي، پوري آهي پرک
پوءِ ٿيندئي پڪ، جڏهن واڳون گڏبئي وچ ۾.

 

15-    واڳون گڏبو وچ ۾، اڄ يا سڀاڻ
منهنجي مرڻ جا، اهي آهن اهڃاڻ
ڪاهيو پوان ڪنن ۾، ٿي پتوڙيان پاڻ
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، منهنجي روح رها
پوءِ سچيءَ سڪ ساڻ، مٽيو وڃان مهراڻ مان.

 

16-    مٽيو وڃين مهراڻ مان، سهڻي! ڇڏيئي شرم
ڏيهاڻي ڏم جو، تون ٿي ڀڃين ڀرم
مهندان ڏينهن محشر جي، ڏوهه ڇڪيندئي ڏم
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، ڪهڙو اٿئي ڪم
اوڳي! ڪريو اُم، تون ڪاهيو پوين ٿي ڪنن ۾.

 

17-    آڻي وڌو عميق ۾، کَرڪن جي کُڙڪن
دڙڪا جي درياءَ جا، اوڀارا اچن
هيبتناڪ هزارين، ويرون ٿيون ورن
هيبت ڏسي حاجي چئي، وچان ڪين ورن
دونهان دوست ميهار جا، هنئين منجهه هُرن
مينهون محب ميهار جون، آڌي ڏيو اٿن
ڪنڍيون ڪنڌيءَ سين، چوڌاري چرن
ڪاريون، ڪنڍيون، ڪڪيون، ڏيو وراڪا ورن
پلپل پانڌي چئي، ور ڏيو ٿيون ويهن
مون کي ڀٽارين، ڪو تاڻي وڌو تار ۾.

 

18-    عورت! اهو عميق ٿو، توڙئون وهي تار
مُٺي! پنهنجي مڙس سان، گهر ۾ ويهي گهار
پاڙي ۾ پانڌي چئي، تنهنجي آهي پچار
ڀِري ساڻ ڀتار، سهڻي! ويهه تون سيج تي.

 

19-    سُتي مون کي سيج تي، اچي ڪين صبر
وڄي پئي وجود ۾، چَڙن جي چونگر
ڪاهيو پوان ڪنن ۾، مينهون ڏسان ميهر
ويٺا آهن واٽ تي، واڳون وجهيو وَر
بلائون بحر جون، اچن ڪين نظر
پرينءَ ڀر پانڌي چئي، مون ڏٺي سونهن سڌر
هلي آءٌ هيڪر، ملان يار ميهار کي.

 

20-    ملين يار ميهار کي، ڇڏيو سيج پلنگ
مُٺي! پنهنجي مڙس جو، نِيم سڃاڻ ننگ
ڪاري رات ڪنن ۾، ويري وجهندءِ ونگ
ڪانڌي ٿيندا ڪنگ، ڪي سهڻي! تنهنجا سير ۾.

 

21-    سهڻيءَ سين سير ۾، صاحب ٿيندو ساڻي
ڪاهيو پوان ڪنن ۾، ٿي پتوڙيان پاڻي
محبت جا ميهر جي، سڪ به ساماڻي
پريت جي پانڌي چئي، من مانڌاڻي
تڏهن ڏينهاڻي، آءٌ ڪاهيو پوان ٿي ڪُنن ۾.

 

22-    ڪاهيو پوين ڪُنن ۾، ڪامڻ! ڪاري رات
سدائين سهڻي! هوندينءَ ڪين حيات
سنجهي وڃين ساهڙ ڏي، اچين ٿي پرڀات
ڪاري رات ڪنن ۾، واڳون وجهندءِ وات
سهڻي! تنهنجي سڪرات، ڪا سگهي ٿيندي سير ۾.

 

23-    سهڻيءَ جا سير ۾، پساهه مر پڄن
ڀانيان ڀاڳ تنين جا، جي محبت منجهه مرن
راتيون ڏينهن روح ۾، پلپل پور پون
اُٿيو آڌيءَ رات جو، ڪاهيان منجهه ڪُنن
اچيو گِهڙان عميق ۾، اهو آر اکين
ميهر جي محبت جا، ٿا من ۾ مچ ٻرن
دونهان پيا دکن، ڪي ميهر جي محبت جا.

 

24-    سَس پڇيو ٿي ننهن کان. توکي ڪهڙو واءُ وريو
وَر ڇڏيو واهڙ ترين، توکي ڇا ٿيو
تون ٻڏي ويندينءَ ٻاپڙي، توکي چوڻ چڱائي ٿيو
تو جيڏيون، تو سرتيون، تن کي گهارڻ گهر پيو
ٻڏيو ٿي ٻانهون هڻين، تنهنجي ڪوڪ نه ٻڌي ڪو
خيال نه ڪرين ”خواجا“ جو، جت اچن لهريون ليٽ ڪريو
چئي: سانڀارا ٿو سڏ ڪري، مون کي ماڻهو ميهر جو
ٻڏندي ٿي ٻانهون هڻي، وس ويچاريءَ ويو
اُت نيو ٿو نمازون پڙهي، ڇوليءَ تي ڇُٽو[3]
تنهن سڏ ڪري سهڻيءَ کان، آهي پير پڇيو:
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، توکي لهرن ڪيئن لٽيو؟
ڪين ڊڄان ٿي خواجا کان، توڙي تار وهي تکو
مجلس خاطر ميهر جي، وڃان واٽ وٺيو
پانڌي چئي پريت جو، اٿم پيچ پيو
پُڄي آيام پريان، تڏهن ڀيلو ٿي ڀڳو
هئم ڪرم منجهه ڪَچو، ڪونهي ڏوهه ڪنڀار جو.

 

25-    ڪَچو ڪم ڪنڀار جو، ڪَچي نهائين
دِلو ويهي دل کان، چڱو چٽيائين
ڪاوڙ مان ڪنڀار کان، ڪَچو گهريائين
مُلهه انهيءَ جو مهانگو، ڇوڙي ڏنائين
ڪَچو رکي ڪانهن ۾، پڪو کنيائين
سهڻيءَ کي سِڪ ساهڙ جي، ڪجهه نه ڏٺائين
ڀيلو ڀڳائين، تڏهن ڪوڪون ڪيئين ٿي ڪُن ۾.

 

26-    ڪوڪون ڪيئين ٿي ڪن ۾، دلو ڀڳو درياءَ
سهڻي ساهڙ ڄام کي، سوين سڏ ڪيا
سگهو رس سير ۾، جت ڀيڻ نه اوڏو ڀاءُ
ساهڙ سهڻيءَ جا ٿي، ستي سڏ سُئا
چئي: ڪاهي پئو ڪنن ۾، مڙي اچو ملاح!
ڪل نه پئي ڪوڪن جي، جتي واڪا ڪري واءُ
ميهر مُنجهي چيو، ڪيڏانهن ڪري ڪاهه
پريءَ جا پانڌي چئي، پورا ٿيا پساهه
ساهڙ پئي ڳولي سير ۾، آڌيءَ رات اونداهه
ساهڙ جي سهڻيءَ تي، وڃي پئي نگاهه
پوءِ هلي هٿ وڌا، ساهڙ ڄام سهڻيءَ کي.

 

27-    ساهڙ ڄام سهڻيءَ کي، ڪڍي ڪيو ٻاهر
سنڀالي ڏٺئين سهڻيءَ کي، ڪري ويئي گذر
آڻيو آب اکين مان، ٿو جام وهائي جر
دريا دانهن تو تي، ڏيندس ڏينهن محشر
ماڻهو مڙي آئيا، سڻي ايءَ خبر
پڙهيائون جنازو جتيم[4] جو، پوري ڪيئون پر
پريءَ جي پانڌي چئي، کنيائون قبر
پوءِ پهرين ئي پهر، پوري وريا پريءَ کي.

 

28-    پوري وريا پريءَ کي، ماڻهو منجهه مقام
ميهر جي من تي، مچي ويو ماتام
ميهر کي مينهن ۾، اچي نه آرام
هلي ۽ چلي، ويهي ڪيم وريام
پريءَ جي پانڌي چئي، ڄر اچي وئي ڄام
پوءِ انهيءَ ڏينهن شام، وڃي ساهڙ گڏيو سهڻيءَ کي.

حسن سيٺار جا بيت[5]

[هن منظوم روايت ۾ قصي جي سٽاءَ هن ريت آهي: ” چار يار“ سير جي سانگي سفر سنبهيا. سنڌ مان گهمي وطن ڏانهن موٽيا ته ميهار ڏٺائون، جنهن مينهون پئي چاريون. صبح جو پهر هو، لنگهي ميهار جي وٿاڻ تي آيا ۽ کانئس کير پيئڻ لاءِ گهريائون. ميهار صبح سان ئي سمورو کير خدا جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيو هو، کير موجود نه هو، تنهنڪري ”يارن“ کي چيائين ته: ”مينهون اڌ رات جو اُٿي ٻيلي ۾ چرڻ ويون آهن، وچينءَ مهل وٿاڻ ۾ موٽي اينديون. پوءِ ڍؤ تي کير پيئاريندوسانوَ، ۽ اڳو پوءِ رات ٽڪي منهنجي مهماني کائي وڃو.“ يارن چيو ته: ”اسان ڪنهن وٽ به ويلو ڪو نه ترسيا آهيون، باقي جي کير پيئارڻو اٿئي ته پوءِ اها سامهون وڇ بيٺي اٿيئي، اُن کي ونگ وجهي ڏُهي وٺ“؟ ميهار به يارن جو چيو ڪري، ساڙهو ڌوئي، وَڇ کي ونگ وڌو، هُنن وري هٿ کڻي خدا کان سوال گهريو. سوال اگهاڻو، قادر جي قدرت سان ڪنڍيءَ وَڇ کير ڏنو ۽ ميهار کير جو ساڙهو ڀري هنن جي آڏو کڻي رکيو، ”يارن“ جو اهو معجزو سڄي ڏيهه ڏٺو.

سهڻي ميهار جي قصي جي انهن ٽاڻن تي مشتمل بيت هن بعد شامل ڪيا ويا آهن.]

 

بيت[6]

 

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، پير اُڪاري پار
عاشق پنهنجي اُمت جي، سيد لهي سار
ڪامل پنهنجي ڪمائي مؤن، ڪيا چوکا چار ئي يار
چڙهيا شوق شيل جي سان، درس ڪيائون ديدار
سَينَ هنيائون سنڌ ۾، ٿيلهيائون ٿر وار
وارو ٿيا وطن تي، ڪاهي ساڻ ڪٺار
مَنجهن ساڻ ميهار، ڏٺائون ساهڙ پاسي سير جي.

 

-     ساهڙ پاسي سير جي، تڙ تي تنواريون
ڪڏي نڪتيون ڪانهن مؤن، منجهيون موچاريون
هڪ ڪاريون، ٻيون ڪنڍيون، ٽيون ڀوريون ڀٽاريون
ميهر پنهنجي محبت سان، ٿي چوڙيليون چاريون
هاڻي آر ڪري آيون، ساجهر ويل صبوح جو.

 

3-     ساجهر ويل صبوح جي، آيا ساهڙ وٽ مزماڻ
خاوند خالي نه ڪر تون، ڀاڳين سندا ڀاڻ
مَنَهن تنهن ميهار جي، اڄ پرين آيا پاڻ
هڪڙا صورتوند سجان گهڻو، ٻيا جُنگ ڀلا جواڻ
ساهڙ سڀني ساڻ، ونڊي صحبت ساءَ جي.

 

4-     ونڊي صحبت ساءَ جي، سڀني ساڻ همير
ميهر مَٽِي هٿ ۾، کِليو وراهي کير
يارهين ڪيئين يار جي، هن کي دان ڏنو دستگير
ڪنڌيءَ ڪناري تنهنجي پناري، جنهن جو پردو رکيو پير
سڪ صبر جن جو سير، تن کي صاحب ميلين سڄڻا.

 

5-      صاحب ميلين سڄڻا، مون کي پهچائجان پير
سدا سانگيڙن جي، اندر منهه اڪير
هو ڀي سفر سنبهيا، موٽيا ڪين ملير
هن جو ننگ حسن چئي، موٽ مديني جا مير
ساڻي ٿيندين سُڃ ۾، بر ۾ بادشاه پير
سڏيو چون پيا ساهڙ کي، تنهنجو پردو رکيو پير
ميهر! پنهنجي مينهن جو، تون خوشيؤن پيار کير
هاڻي مشڪل تو تؤن مير، لٿي ڌڻيءَ جي درٻار مؤن.

 

6-     ميهر محبوبن سان، پيو ڪري ڳالهه سچي
ڪُنڍيون ويم قبلي تي، منهنجون آڌيءَ رات اُٿي
ٻاجهارن جي ٻيلي ۾، خوب ٻُجهي پئي کرڪي
اوڏيون ٿينديون آنبَهه[7] کي، ٿيندي ويل وچي
پِير! پياريندوسانوَ کير، ڪري دانهَه دل سچي
مان وٽ محب ٽِڪي، کڻي ويلو ڪريو وٿاڻ تي.

 

7-     ويلو ڪو وٿاڻ تي، اسان ڪنهين وٽ ڪو نه ڪيو
ڪنڍين جي قبلي جو، تون ڪامل ڪَهين ڪوه
ونگينس بيٺي اٿئي وٿاڻ تي، ڀولِي ڀاڻ ڪيو
وجهي ونگ وڇير کي، تون ڀري ڏُهه ساڙهو
تڏ وٺي مرضي محبوبن جي، ساهڙ ڪيو سعيو
ڌوئي ساڙهو، کڻي ڀاڙو، هن وڇ کي ونگ ڪيو
هنن کنيا هٿ حضور ڏي، سڀني سوال گهريو
هن جو حسن چئي، سو قادر سوال ٻڌو
مهرباني مٺي مالڪ جي، هن سان واحد وڙ ڪيو
قدرت ساڻ ڪريم جي، ڪنڍيءَ کير ڪيو
وجهي ونگ وڇير کي، ميهر کير ڏڌو
ڀري ڏنو ڀوليءَ تنهن، سڀاڳيءَ ساڙهو
معجزو محبوبن جو، سڄي ڏيهه ڏٺو
ڏهي کير سو، آڏو رکيائين عاشقن جي.

سومار مڱرئي جا بيت[8]

[سهڻيءَ کي پرڻي رات کير مليو، جيڪو ”چئن يارن“ جو ڏنل هو، کير پيئڻ سان اکين تان اولا لهي پيس. کير ميهار کان مليو هو، تنهن ڪري من ۾ ميهار کي ياد ڪرڻ لڳي. آخر هوءَ درياءَ اُڪري وٽس ويئي ۽ انجام ڪيائين ته  روزانو رات جو درياءَ تري اينديس. سهڻي انجام موجب هر رات ڏم کي سمهاري، درياءَ اُڪري ميهار وٽ اچڻ لڳي ۽ خدا کان سوال گهريائين ته: شال! انهي سچ جي راهه ۾ مران ۽ انجام کان نه گسان!]

بيت

1-      پيتائين پرڻي رات، چُڪو ڏنو چئني
جي آهن پِي پُرِ ٿيا، آيا ڳجهه ڳنهي
چئي: اولا اکڙين جا پرين لاٿا پِني
ٿوري نه پڙان اُن جي، جياريس جَني
گهڻو مٺائي، مڱريو چئي، تهان پوءِ نه ڊني
ڪهڙي ڳالهه ڳنهي، پڇان پنڌ پرينءَ جو.

 

2-     پلي سانگو سِر جو، ڪئي سهڻيءَ سچائي
مهندان سُڄن مڇ ٿا، واڳون وڏائي
اُڀڪپو اوڙاهه وهي، ٻِي لولي لهرين لائي
لنگهي ٿي سير سمونڊ جي، جنهن کي ڊپ ناهي ڊائي
واقف نه ئي ويڙهه جي، مُڙي نٿي مائي
ساهڙ سان سچائي، سرهي ٿي، سومار چئي.

 

3-     سُور اهو، سومار چئي، مر مون کي ماري
آءٌ اچان ٿي ايڏهين، ڏم کي سمهاري
سَمن اِهو سچ جو، ڪيئن ويهان وساري
سويريون سومار چئي، ويا اوٿڻ اُٿاري
ٻڪريون جيئن ٻيٽن تي، پيو ڪُنڍيون ڪوڪاري
ڪَچا ڪانهن ڪنڌين جا، ويون ڦليون ڦوڪاري
شل ڏاتر ڏيکاري، چانئٺ چڱي، رسول جي.
مل محمود پلي جا بيت[9]

[مل محمود پلي جي بيتن مان ”سهڻي ۽ ميهار“ جي قصي متعلق ٻه روايتون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان پهرين روايت سهڻي ۽ سهيلين جي گفتگو تي مشتمل آهي ۽ ٻيءَ روايت ۾ ڏم ۽ سهڻيءَ جا موت بابت ٽاڻا آيل آهن، جيڪي هن ريت آهن:

سهڻيءَ کي سهيليون چون ٿيون: سهڻي! متان درياءَ ۾ پوين، جو هڪ ته ڪنن جا ڪڙڪا ۽ درياءَ جا دڙڪا پيا پون، ٻيو ته جَر جا جانور توکي کائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن. سهڻيءَ کين جواب ڏنو ته: جڏهن پار درياءَ ميهار جون مينهون وٿاڻ ۾ گڏ ٿي چَڙا چونگارين ٿيون ۽ اهي آواز منهنجي ڪنن تي ٿا پون، تڏهن هڪ گهڙي به سک نٿو اچيم. اهڙيءَ حالت ۾ پاڻ کڻي درياءَ ۾ ڇڏيان. مون کي اندر ۾ ميهار جي اهڙي سڪ آهي.

تڏهن وري سرتين چيس ته: سهڻي! تون ساهڙ لاءِ ايترو لڇين ڇا جي لاءِ ٿي؟ اتي مال خزانا ڏٺا اٿئي يا ميهار جا کير مکڻ کاڌئي، جن چريو ڪري ڇڏيو اٿئي! تڏهن جواب ڏنائين: اديون! نڪي ناڻي موهيو اٿم ته نڪي کير مکڻ. ميهار جي محبت جي ڪانَ قابو ڪئي آهيان، تڏهن ٿي درياءَ جا آر تران.

پوءِ سرتين سمجهايس ته: سهڻي! چري نه ٿيءُ. عشق ٻين کي به لڳو، پر تو وانگر ڪا ڪانه ٿي. اهو عشق جو چٽڪو چئن ڏينهن جو آهي، انهن جي ڪري ڪانڌ کي نه وسار. تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنن ته: اهي ڳالهيون تڏهن ٿيون ڪريو جڏهن منهنجو ميهار يار نه ڏٺو اٿو، جي ڏسو ته هوند مون کان اڳ چوٽا ٻڌي درياءَ ۾ گهڙي پئو ۽ سک نه سمهو.

سهڻي درياءَ ۾ بنان تُرهي ڪاهي پئي. درياءَ جوش ۾ هو، ڪپرن جا ڪڙڪا پئي پيا. اهڙي حالت ۾ سهڻي بيوس ٿي ميهار کي مدد لاءِ سڏڻ لڳي پوءِ اتيئي پساهه ڏنائين.

(2)

ڏم کي جڏهن سهڻي جي ميهار سان عشق ۽ اڌ رات جو درياءَ تري ميهار سان ملڻ جي خبر پئي، تڏهن کيس سمجهائڻ لڳو ته: سهڻي! مڙس کي ڇڏي ڌاريي مرد ڏانهن وڃڻ توکي نٿو جڳائي، ڇاڪاڻ ته لوڪ ۾ لڄاري ٿيندينءَ. بي عقل به انهيءَ ڳالهه کي سمجهن ٿا، پر تون سياڻي ۽ سمجهه واري ٿي به ڪيئن ٿي ساهڙ ڏانهن وڃين؟ سهڻيءَ جواب ڏنس ته: مون کي پرينءَ جي اهڙي تات آهي جو ان کان سواءِ منهنجي هڪ ساعت به نٿي سري.

تڏهن ڏم چيس ته: سهڻي! توکي جوانيءَ جي انڌ ۾ درياءَ جي جانورن جو به ڊپ نٿو ٿئي، پر جڏهن عشق جو زور گهٽبو تڏهن هٿ هڻندينءَ. لاشڪ توکي کُٽيءَ کنيو آهي جو مڙس کي ڇڏي واهڙ ٿي ترين! سهڻيءَ جواب ڏنو:  جن ساهه جو سانگو لاٿو، تن کي مِرن ۽ مَڇن جي ڪهڙي پرواهه؟ اهي نڪي درياءَ ڀر دهلجن، نڪي موت کان مڙن. آءٌ به ساهڙ کي سامهون پئي وينديس، ڀل ته سخت سيءُ ۽ پارا پوَن. ڏم! جن حبيبن مان محبت جو ساءُ آيم، تن کان سواءِ، منهنجو توسان ڏينهن به نٿو گذري.

ڏم چيس ته: سهڻي! خدا جي خوف ڀر ڊڄ ۽ توبهه ڪري، پنهنجي نفس کي، نيڪيءَ جي راهه  تي هلاءِ. عقل کان بتال نه ٿي ۽ نڪي لڄ لاهي، سڻڀي کير ڍڪ پويان پنهنجي وَرَ جو حق ڀڃ. سهڻيءَ چيو ته: ڏم! ڪن ڏيئي منهنجي ڳالهه ٻڌ ته ميهار جي محبت منهنجي من ۾ ميخون هڻي جيءَ سان جَڙي ڇڏيو اٿم. ايتريقدر جو ميوا ماکيون ۽ کير کٽا ته ٺهيو، پر ان ڌاران مون کي حياتي به ڪا نه گهرجي.

ڏم، سهڻيءَ کي گهڻئي سوال جواب ڪري، آخرت جي پڇاڻي ۽ عذاب ۽ لوڪ لڄا جا ڊپ وڌا، پر سهڻي سندس هڪ به نه مڃي. پوءِ ته الله توهار ڪري پاڻيءَ ۾ گهڙي پئي. وچ سير ۾ آئي ته سندس ٻانهون ساڻيون ٿي پيون، لهرين اڳتي وڌڻ نه ڏنس. پوءِ ته بيوس ٿي، تکي وهه ۾ پاڻ کڻي ڇڏيائين. ان بعد  لهرين ۾ لڙهندي، سهڻيءَ جا پساهه پورا ٿيا.]

بيت[10]

1-      سهڻي ويندئي ساهه، متان پوين پاتار ۾
اڳيان تکو تار وهي، اُڀ ڪَپر اوڙاهه
هيڪو ڪڙڪو ڪُنن جو، ٻئا دڙڪا ڏئي درياهه
پوءِ مانگر کِيندءِ ماهه، ٿينديين کاڄ کرن جو.

 

2-     چئي: سرتيون! هن سمنڊ جا، مر ته کينم کر
جنهن ۾ چَرن چائلون، ڪُنڍيون کڻيو ڪر
واڳون وڇون ڀانئيان، مينهيون سنديون ميهر
اهڙي منجهه اندر، مون کي سِڪ ته ساهڙ ڄام جي.

 

3-     چئي: سهڻي! ڪهڙيءَ سِڪَ مان، لڇين ساهڙ لاءِ
ڪِ ڏٺئي نيلون ناڻي جون، ڪِ جامع ڏٺئي جاءِ
ڪِ مکڻ ميهار وٽان، کِلي کير کاڌاءِ
ڪهڙو ڪوڪٽ توکي، اسرار لڳو آهه
ثابت ڳالهه سڻاءِ، ويهي پنهنجي وجود جي.

 

4-     چئي: نڪا مون جامع جاءِ ڏٺي، نڪي مران مال
نڪا آهيم خوشي کير جي، نڪي تنهن لئي ڪريان تال
لڳم ڪانَ قريب جا، تڏهن ههڙا ٿئڙم حال
رکيو ڪم ڪريم تي، جر جهاڳيان ٿي جال
مولو ميڙيندم شال، دونهان پرين دوست جا.

 

5-      چئي: ڪهڙو توکي ڪانُ لڳو، ڏُکي ڏيهان ٽار
جو ماڻهو مڙئي ماٺِڪا، تنهنجي اٺئي پهر اوڇنگار
ٿين لنگهي لوڪ ۾، انهي ساڻ آچار
تو تان خواريءَ جا خرار، جهوليءَ پائي جهليا.

 

6-     چئي: مر ٿيون مهڻا ڏيو، رهنديس ڪين هڏين
وينديس ساهڙ سامهين، ڀڃان نه قول ڪڏهن
”الست بريڪم“ ٿي آکيو ”جل“ جڏهن
چيم ڏاڍي چاهه مان، ”قالوا بليٰ“ تڏهن
تنهن تي ڏم ڇو پَڏهن، جا ٿي عهد پاري اصل جو.

 

7-     چئي: سمجهه ڪر سهڻي، جُسو پل جوءِ
جن تو جئن حق ڀڳا، سي پييون سُورن پوءِ
عشق ٻه- ٽي ڏينهڙا، هميشه نه هوءِ
پاڻا ڦٽ فراق جو، گوندرن گڏيوءِ
نه ته ساجن ور سندوءِ، هي ڪانڌ ڇڏيين ڪيم ڪِي.

 

8-     چئي: هي هنر تڏهن ٿيون هلائيون، جڏهن ڏٺان ڪين ميهار
جي ڏٺو هئا، جيڏيون، دوست منهنجو دلدار
ته ور گهر وئان وسري، ٻيو سڀوئي سينگار
ٻڌيو چوٽا چيلهين تي، اڀي پڇيان پريون پار
ڪري هوند قرار، وري سک ستيون ڪينڪي.

 

9-     چئي: ايهي ناز نخرا، ڪڻئي وسري سڀ ويندا
جڏهن سئنسار سمونڊ جا، ارڙ مٿئي ايندا
هڻيو ڏنگ ڏمر جا، چوڏس چڪيندا
پوءِ نيش وجهي نيندا، وري ڇڏيندئي ڪينڪي.

 

10-    چئي: ان داٻن ۽ دڙڪن سين، ويل نه آءٌ وهندياس
تو ڪل برخدا، آءٌ پاتارن پوندياس
چئي نالو پاڪ رسول جو، واهڙ ڏيئي وٺندياس
پوءِ به مڇن بهاني مياس، ته گهورئو سر ساهڙ تان.

 

11-    چئي: سچي نه آهين ساهڙ لاءِ، اٿئي من مڪر
ڪوڙا هي ڪڪر ڪيو، جال وسي جر
مِٺو کير مينهن جو، ٿڌو ساڻ ٿر
سُکي سوجهري ٿيين، تڏهن ويئي وسري ور
تنهن لاءِ ٿي حشر، هيڏو هي حادثو ڪيئي.
 

12-    چئي: سمجهه ڪريو ڙي سرتيون، طعنا تان مَ ڏيو
آءٌ پروس آهيان، وسان حال ويو
جو لکيو انگ ازل ۾، سو پارڻ پوءِ پيو
مرضي تنهن مالڪ جي، ٻُٽي ڪو نه ٻيو
هي قضا ڪم ڪيو، نه ته ڪُنن ۾ ڪير گهڙي.
 

13-    ڪُنن ۾ ڪير گهڙي، لهريون لوڏا ڪن
ڏسيو دؤر درياءَ جا، هنيين هور اچن
سڻيان تئن سرهي ٿيان، چينگهارون چڙن
ته اچي پيس اوڏڙي، اڳيان سانڀر ٿا سُڄن
ميڙيين ”مل محمود“ کي، هو دونهان دوستن
پوءِ انهن اهڃاڻن، وڃي سهڻي گهڙي سير ۾.
 

14-    سهڻي گهڙي سير ۾، ٻيون ٻن ڏيئي
ڪندي سڏ ساهڙ کي، ٿي واهڙ منجهه ويئي
ويا ويچاري وسري، سانگا سڀيئي
لاهي لاڳاپا لهرن ۾، وڃي پاتارن پيئي
الله! اُوءِ نيئي، ميڙيين شال ميهار سين.
 

15-    کڻي محبت مهار جي، اُٺائي اُڪير
ڪاهي پيئي ڪُنن ۾، مڃي رب قدير
اهڙا ئي آواز ڪئا، سهڻي منجهه سير
ته ”اڻ واقف آهيان، پُٺ ڀرج پير“
اچي مديني جا مير، ترهو ٿي تار ۾.
 

16-    ترهو ٿيج تار ۾، ويريون جت ورن
هيڪا لوڏا لهر جا، ٻئا ڪُن ڪڙڪا ڪن
اولن سندي آر مٿي، ٻيڙا اچئو ٻجهن
ڪپر ات ڪرڙاٽ ڪئو، پرزا ٿيو پون
سامهيون جي سير کي، سي شل ڀِڪون ڪِيم ڀڄن
ته ترهو ڪري تن، پوان پيش پرين جي.
 

17-    تڏهن پيئي پيش پرين جي، جڏهن ڇڏيائين سانگو
وري ڏٺائين ڪينڪي ته هي تار ڪر تانگهو
انهي پر ”پلي“ چوي، لنگهيائين لانگهو
ٻُڏي جو ٻيڻو ٿيو، پاڻان ملهه مهانگو
هي عشق اڙانگو، جن اُجاريو سي اگهيون.

بيت[11]

1-      ”الف“ اکر هيڪڙو، پڪو ڪيم پڙهي
هي محل، ماڙيون، بنگلا، ڊاهي ماڳ مڙهي
وينديس ساهڙ سامهون، آنڪي سر چڙهي
اسين آهيون حر حسيني، اڀيون ڪين اڙي
هيڪو دم گهڙي، ڏم! توسين ڏينهن نه الهي.


[1]  پانڌي ذات جو پنهور، ڳوٺ بخش نظاماڻي تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. هڪ ورايت موجب راڄي نظاماڻي تعلقي ٽنڊي باگي جو ويٺل هو. پهريائين ڏاڍو مڙس چور هو پر پوءِ توبهه تائب ٿي چوريءَ کي ڇڏي پنهنجو پورهيو ڪرڻ لڳو. ٻه ڀيرا حج تي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. مختلف روايتن موجب اندازاً 1318هه – 1900ع ۾ وفات ڪيائين. جوانيءَ ۾ مجاز جي چوٽ لڳس، ان بعد بيت چيائين آخر وقت ۾ ميڙن ۽ مجلسن ۾ پنهنجا بيت نڙ تي چوندو هو. سندس بيت اڄ تائين نڙ تي چيا ويندا آهن.

[2] هي بيت راوي ماڻڪ خان لغاري، ويٺل ڳوٺ بني بخش لغاري تعلقي ٽنڊي الهيار جي زباني قلمبند ڪيا ويا.

[3] درويش ڇُٽو پِير

[4] جتيم = يتيم

[5] حسن سيٺار ويٺل تعلقو دادو

[6] هي بيت راوي علي محمد ناريجي عمر 75 سال (ويٺل ڳوٺ ڪوٽ ميان جان محمد تعلقو گنبٽ) جي زباني تاريخ 16- نومبر 1969ع تي قلمبند ڪيا ويا.

[7] آنبهه = وٿاڻ

[8] سومار مڱريو، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ناري مُهراڻي جو مشهور ۽ آڳاٽو شاعر ٿي گذريو آهي، اندازاً سن 1885ع ڌاري وفات ڪيائين.

[9] مل محمود ولد طالب درس پلي، تيرهين صدي هجري جي آخر (1280-1290هه درميان) ۾ ڳوٺ حاجي عبدالطيف پلي، تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. عوامي شاعرن ۾ مٿانهين درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ”ليليٰ – مجنون“، ”مجمع العجائب“ ۽ ”نصيحت انساني“ ڇپيل ۽ مشهور آهن. سن 1347هه/1928ع ۾ وفات ڪيائين.

[10] ”مجمع العجائب“ مطبوع ليٿو پرنٽنگ پريس، ڪراچي 1359هه تان ورتل.

[11] ”مجمع العجائب“ مطبوع ليٿو پريس ڪراچي، سنه 1359هه تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org