سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :17

نوڪر سندي ڳالهڙي، واڌو وڻي وير
هوت ڪڍيو هٽ گجرات ۾، ترت ڪري تدبير
آڻيندو آوند هو، نت دانهه دلپذير
تلي کان تڪرار آڻي، وٺي مهانگا مير
سورهه سستا وڪڻي، دانهه ڌنڌا گير
اصل عشق عقل کي، سمجهي صاف حقير
عشق ڇڏي نان ڪنهن کي، توڙي پير فقير
ازل کان ائين لکيو، هن جي هيءَ تقدير
نوڪر مڙيئي مير جا، سڀ صغير ڪبير
حال پسي هن جو ٿيا، درد ڀريا دلگير
سمجهائڻ نا سمجهي، انهن جي  به امير
پختي ڪئي پاڻ ۾، سڀن هيءَ تدبير
ته آهي اسان کي وطن جي، اندر منجهه اڪير
مرزا هت مست ٿيو، ڦاٿو بي تقصير
هاڻي مخفي مڙيئي مير، هلون هن جوان کان.

 

ڇڏي ويا ڇورو ڪري، مرزا کي منجهه خواب
هو تن ٻاجهو هيڪلو، ٿيو بيراڳي بيتاب
ويو ڪاڏي شوق شتاب جو، ڪاڏي رنگ رباب
ڪٿي ويئي دنيا وير جي، ڪاڏي ويا احباب
پئسا ڏوڪڙ پاڻ سان، نيائون بيحد بي حساب
ڪشالا ڪامل جي، برهه لکيا هئا باب
اچي کليا عاشق تي، اوکيءَ جا ابواب
شاڪر ٿي شتاب، رضا تي راضي رهيو.

 

راضي رضا تي رهيو، برهه ڪيو بيحال
کڻي ويا خان جو، ملڪ خزانو مال
رهيو نا رانول وٽ، ڪو مڻن مان مثقال
اصل ته امير هو، پر ڪرمن ڪيو ڪنگال
ته به پسي روز پرين جي، جانب جوت جمال
آڻي ٿانوَ اڌار تي، جڏهن کُٽس مال و منال
پوءِ ملي نه اوڌر مورهين، سُڃي کي سفال
جيئڻ ٿيو جنجال، پانوَ کي پرديس ۾.

 

پانوَ جو پرديس ۾، مشڪل ٿيو مشغل
ڪري مصلحت من ۾، ويو تلي وٽ تهدل
چئي: مال خزانو ڪيترو، مان وٽ هو بي ملهه
سو کڻي چور ڦري ويا، منجهان مون محل
سچ چوان صاحب اڳيان، ڀانئج نا باطل
آءٌ رهيس هت هيڪلو، تنها سان توڪل
بنان مال مِلڪ جي، جالڻ ٿيم جنجل
ريءَ ادائي قرض جي، آهيان خوار خجل
ڪري ڪا به ڪهل، رکو نوڪر مان مسڪين کي.

 

جيترو قرض اوهان سندو، مٿي مون آهي
وڃڻ واجب ٻئي طرف، جوڙ نه جڳائي
هاڻي عرض هي آهي، ته ڪريو غور غريب جو.

 

تهين ويل تُلي چيو، تون ڇاکؤن رهين ڇو نه
ڪم ڪکن ميڙڻ ريءَ، ٻيو ڪامل آهي ڪو نه
ڄاڻي فخر پانهنجو، اُتي صاحب ڀانيو سون
ڪچري جي ميڙڻ ۾، قصور ڪندس ڪو نه
راتيان ڏينهن رهيونِ حاضر همہ حال ۾.

 

عشق آهي اول کان اصل اڻانگو
ڪي سورهيه کڻن سر تي، گلا جو گهانگهو
رکن ”پيرل“ ڪينڪي، سورهيه سر سانگو
لک لڱا اشراف کي، نينهن ڪري نانگو
سِر ڏيئي ساءُ وٺڻ، مور نه مهانگو
سستو سهانگو، پاڻان پائن پاند ۾.

 

جانب کي هُت جهنگ ۾، اچي نا آرام
ڪک ۽ ڪچرو ڪيترو آڻي صبح شام
سر تي سالڪ سمجهيو، عيش نشاط حرام
ميڙي ڍير وڏو ڪيو، جذبي منجهان جام
ڪنڀر ڪامل کي چيو، سڻ تون نيڪ انجام
ايماندار امين تون، کاءُ طرحين طرحين طعام
لاهي خطرو خام، مينهنِ جو مهوال ٿيءُ.

 

چاري مينهون ماڳ تنهن، عاشق با ايمان
جيڪو رکن راض سان، باري بار گران
سوکو ۽ سَهنجو ٿئي، عاشق کي آسان
رهي روز جهنگ ۾، پر پردي پريشان
ڏينهان پرڏيهي رهي، راتيان ماڳ مڪان
ائين ڪندي ان کي، ڪي ڏينهن لنگهيا ارمان
ڪنهن ڏينهن مهل شام جي، هوءَ صاحب حسينان
کير ڏهائڻ خوشيءَ مان، آئي مشفق مهه تابان
عزت بيگ ان کي چيو، جذبي مان جولان
ته مرزا مان مهوال ڪيو، مونکي تو مــ
ژگان
بيشڪ آيس بلخ مان، هتي هندستان
آءٌ سوداگر سونهن جو، تنهنجي حسن جو خواهان
مون تي ماڙ مدد ڪر، ڪو الله لڳ احسان
اٿئي قسم ڪريم جو، اي ثاني مهه ڪنعان!
مان عاشق روز ازل کان، همه جا حيران
تون ڪندينءَ توکان ٿيندو، منهنجي دردن جو درمان
سر ڪيم صدق تون اُتان، قربؤن مان قربان
نه ته کڻي ترار تيز تون، هڻ خوشي مان هڪ آن
مرڻ ڀلو تو اڳيان، اي مشفق مهربان
نه ته محب مٿي منهنجانِ، ٿي راضي لڳ رزاق جي.

 

ٻهڳڻ ٻڌي ان جي، سڀ گويا هي گفتار
لُون لُون ۾ لڳي ويس، لالن جي به لغار
رحم پيس روح ۾، ڪئي سولي رب ستار
محبت مهيوال جي، ڪئي زال زارو نزار
مهند لڳي منڌ کي، باهه برهه بسيار
چوٽيءَ تائين  چور ٿي پيو، محبت منجهه ميهار
مرزا ڀي معشوق هو، صاحب صورتدار
عاقل مرد امير هو، پر عشق ڪيو ته ميهار
هوءَ به روز الست کان، هيڙي طالب يار
هردو هڪ ٻئي تان، ڪن پيا جان نثار
عاشق ڪيو معشوق تان، سر صدقو سؤ بار
آهيان ٻانهون آن سندو، سهڻي شڪر گذار
محنت سڀ ميهار جي، ڪئي صاب ستار
ڪري حمد هزار، شڪرانا ڪن شوق مان.

 

جڏهن اهڙي حال ۾، گذريا ڏينهن ٻه – چار
ماڻهن اُن مذڪور جي، لڌي سار سنڀار
مرد مَندا گجرات جا، چغلخور خوار
هي ته اصل سچ هو، پر ڪن ڪوڙان سچ سنوار
”پيرل“ صاحب سڀ جو، ٿيندو پرور پرده دار
تن مادر سان منڌ جي، پرتؤن ڪئي پچار
ته نينهن لاتو آهه نينگريءَ سهڻيءَ سان ميهار
تپاسيو تڪرار، منڍئون هن مذڪور کي.

 

ماڻس جلندي جوش مان، ٿي سهڻيءَ کي پڪاري
وڌءِ جيءُ جنجال، مئي! ڳڻتين ۾ ڳاري
ايڏي عمر عشق جي، لڳيئن ڪئين لاري
ڪِني! چاڪ غلام سان، چڙهينءَ نينهن جي نظاري
پيئي ڪا خبر تو پدر کي، ته منڌ! وجهندءِ ماري
ڪر سچي سڀ ساري، حقيقت هن حال جي.

 

نصيحتون نينگر کي، ڪوڙين ڪيائين
ٻڌي مذڪور ماءُ جا، ڪجهه نا ڪُڇيائين
هن پر ڏنائين، نيٺ سوال جواب جو.

 

ڏوهه گناهه اوهان سندو، ڪڏهن ڪو نه ڪيوم
نالو وٺين نينهن جو، سو سائڻ! نا سمجهيوم
هر گز تنهنجي عشق کي، هڏ نه هٿ وڌوم
ڇا رنگ ڇا قد ان جو، سائينءَ لڳ سليوم
رکيو تو ڪاٿي هيو، سو سڀ مذڪور ڏسيوم
مون کي قسم ڪريم جو، تنهنجو عشق ڪو نه کنيوم
آهي گهرج نه عشق جي، مان ڏائڻ ڪو نه ڏٺوم
شاهد شرم حياءَ جو، ”پيرل“ کي به ڪيوم
متان ٿيئي سوداءَ ڪو، اهو ويتر وهم پيوم
ريءَ رضا تو ماءَ جي، ڪوئي ڪم نه ڪيوم
صفا سمجهايوم، ته لهي اندوهه اندر مان.

 

موٽي مادر مرم مان ڪيو، منجهي هيءُ مذڪور
مون سان ٿي مستاني ٿئين، بيخبر بي شعور
رکيئي ياري چاڪ سان، ٿئين چوٽيءَ تائين چور
ڄاڻي ڄٽ ميهار سان، ڪيوءِ ايڏو ڪيئن ڪلور
حيرت مون هيئين لڳي، پسي ذڪر مذڪور
گم ٿي وڃ گرداب ۾، درياهه ناهي دور
ملڪن ۾ مشهور، ته ڪنڀر ڌيءَ ڪلور ڪيو.

 

دانهه دختر ماءَ کي، ٿي سهڻي سمجهائي
ڪنواريءَ ڪڃا تي بدي، تو کي مناسب ناهي
گاريون گند گلا ڪرڻ، توکي جوڙ نه جڳائي
بيٺينءَ ٻڌل ڳالهه تي، محڪم من لائي
اکين ڏٺل کي، امان! جاچڻ جڳائي
مائر مهربان ٿين، ڇڏين عيب لڪائي
تون ته مادر من مان ٿي، ٺاهه رکين ٺاهي
جي نظر منجهه اوهان جي، ڪو عيب مون ۾ آهي
ته چوريءَ کڻي چناب ۾، ڇڏيوم کپائي
سسي وڍيوم سيف سان، ڪنڌ پڻ ڪپائي
ڄائي ڄمائي، حرف رکوم حق جو.

 

چئي: حق جو حرف آهه، هيءَ اٿم ڀر خبر
اکين سان احوال هي، ڏٺم ڏانهه ڏمر
هاڻي ڪنديس حال وڃي، ڪري تنهنجي ساڻ پدر
ماڻو ڪيوءِ جنهن ميهر جو، سو ولهو آهي ويتر
نڪرندو نابود ٿي، سُڃو سو بي – سر
رکيئي نه شرم شفيع کان، وڃي ڪيوءِ يار ميهر
تنهنجي شرم حياءَ جي آهه ”پيرل“ کي به خبر
تڏهن پوندءِ ڪر، جڏهن اجل ايندءِ اوچتو.

 

چئي: يار يار ڇا چوين، اٿم جان ميهار
رب رسول رُليءَ جو، دين ايمان ميهار
وارث آهي ولهيءَ جو، خوشرو خان ميهار
راکو لڄ شرم جو، نگهبان ميهار
صاحب صورت سڦرو، مہ ڪنعان ميهار
چاڪ نه چئج اصلي، ڄاڻ سليمان ميهار
صاحب تاج تخت جو، ناهه نادان ميهار
دل درمان ميهار، دردن دردونديءَ جو.

 

سڻي سخن سهڻيءَ جو، پوءِ ڪيائين ڪانه مقال
چئي: کائڻ اَن حرام آهه، جيترو ڪڍان نا مهوال
ڪاٿؤن ڳالهه تُلو ٻڌي، آيو ساڻ ملال
ٻاريس ٻيڻي باهه، هن باهه مٿي برحال
چئي: مينهن لئي ميهار ڪيئي، يا ڌيئن جو رکوال
نوڪر لک ڪروڙ مان، ڪو ورلي نمڪ حلال
سيکت سهڻيءَ کي ڏنيم پر، حال ڪيائين بدحال
گفتگوءِ ٻنهي سندي، مُهان ٻڌي مهوال
سئائين ساڻ ڪنن جي، تن جي قال مقال
آيو نظر ان کي هي، مشڪل حال محال
ڪري اکيون لال، ڪنڀر ميهر کي چيو.

 

ميان مينهون چار نا، ڪيوءِ کائي لوڻ حرام
وڍيوءِ انهيءَ وڻ کي، ڪيوءِ جت آرام
سزا سچ ڏيانءِ ها، ڪيوءِ ڪم جو خام
پر رکي خوف خداءِ جو، تو کي ڇڏيم نمڪ حرام
وڃ وهلو هن ماڳ کان، بيحد ڪيوءِ بدنام
سنبهي صبح شام، لڏ لچا گجرات مان.

 

پسي هال هنن سندو، عاشق ٿيو اُداس
چئي: اصل ڏک ازل کان مليا اٿم ميراث
ڪيئن ڪريان ڪنهن کي چوان، وڃان ڪهڙي پاس
سهڻي تي سختي ڏسي، ويتر ٿيس وسواس
الله سندي آس، هر دم هئي همير کي.

 

جاڏي عاشق اُسهي، اوڏاهون اچنس غم
ڳڻتي منجهه ڳري ويو، سندس هڏ لحم
سر سورهيه جي آئيو، مدامي ماتم
ريءَ روئڻ راڻل جي، ڪو نه اُڄهي ڪم
چئي: محب اچي مرهم، رک ڦٽن تي به فقير جي.

 

اُڻ تڻ اور عجب جي، هردم هيس اندر
نيڻن ننڊ حرام ٿي پانَوَ کي سڀ پر
ڏاڍن ڏاڍائي ڪئي، مُٺن سان ميهر
پاڻ ڏسي پرور، شال ميٽي ڏک ڏڌن جا.

 

سمجهي سورهه دل ۾، ڪيو دانہ هيءُ ڌيان
ته جالڻ مشڪل مون سندو، منجهه هن ماڳ مڪان
لنگهي لائق پار ويو، پَرينءَ ڀر جوان
بر سر بار گران، ڪامل کنيو ڪوڏ مان.

 

هوڏانهن ماءُ – پيءُ منڌ جي، ملي ڪئي مصلحت
ته پرڻايون دختر پانهنجي، متان پئي ملامت
اچي نه پوءِ اسان تي، شايد شڪايت
مائٽ هين ڪو ويجهڙو، تنهن سان ڪيائون رعايت
ڏسي سکر ساعت، ڪوشش ڪيائون ڪاڄ جي.

 

قاضي ڪوٺي قرب مان، نڪاح پڙهيائون
ڏاجو ڏاوڻ ڪيترو، بيحد ڏنائون
سهڻيءَ جو ڪُوڪن تي ڪو ڪَن نه ڏنائون
قهر ڪيائون، ڪيڏو زور ضعيف سان.

 

گهوٽ وٺي گهر آئيو، ڪوڏان پنهنجي ڪنوار
آئي رات قهر جي، لئي سهڻيءَ منجهه خمار
ڌڪو ڏنائينس ڌوڙ ۾، تنهين مهل تڪرار
پوءِ ڪيائين آه الک کي، ته ڍڪ ڍڪينم ستار
آهيان آءٌ ازل کان، امانت ميهار
رکج لڄ مهوال جي، ڏيہ ڌڻي ڏاتار
صدقو سيد مرسلن جو، آهه اڙين جو آڌار
مون حق مليو هڪڙو، هي ناحق آهه مردار
سختيءَ ويل هن سوڙهه ۾، رس صاحب رب ستار
ته حڪم ساڻ حڪيم جي، جنهن جوڙيو هي جنسار
هو مرد مان مخنث ٿيو، ويل تنهين تڪرار
ڪوڙين قدرتون ڪريم جون، جنهن جو انت نه پار
جيئن ڪري تيئن ٿئي، آهي مرضيءَ جو مختار
هو هڪ ڀر پلنگ تي، ستو شڪجي شرمسار
سهڻي صد شڪر ڪيا، هاديءَ در هزار
چئي موليٰ ميل ميهار، جنهن لاءِ جيءُ اُداس آهه.

 

سهڻيءَ جي شاديءَ جي، پيئي ميهار خبر
ڪاغذ مس قلم کڻي، لکيو خط سڌر
بعد سلامن عرض هي، ٿو ڪريان مسڪين ميهر
ته توکي لک مبارڪون، اي سونهن سندي سرور
تون خوش خاوند سان هجين، تو سان خوش هجي شل وَر
پر وفا سهڻن ناهه ڪا، سڀ ڪنهن آهه خبر
مرد سان مهوش تو، ڪيو گڏ گذر
پر  تو پرديسيءَ جي نه لڌي، قرب منجهاران ڪر
قول قسم ڪوڙا ڪيئي، وسي ويئي ويتر
ڇڏيم خويش خوشي مان، مادر ملڪ پدر
لاءِ سڪ سهڻي تنهنجي، ڪيم قبول سفر
پر مڙيئي تو مڪر، مون کي به معلوم ٿيا.

 

ڏمر ڏوراپا ڪيترا، لکي مُڪائين
دک درد سڀ دل جو، ڪُوڪي ڪڍيائين
شال مري ميهار هت، ائين اُتائين
هٿ ساهيڙيءَ سهڻيءَ جي، ڪاغذ ڏنائين
شل خوش هجين سدائين، هو مئو مسافر گهوريو.

 

پَسي خط پرين جو، هيءَ منڌ ٿي مستاني
ڏوراپي ڏاڍن جي، ٿي فهميدي فاني
اڻ تڻ اور عجب جي، ڪيس دلڙي ديواني
پڙهي خط پانوَ جو، ٿيس هينئڙي حيراني
تون سائين آءٌ ٻانهي، اٿئي مون ۾ مندايون گهڻيون.

 

مون ۾ مندايون گهڻيون، سڻ اي يار سچار
پر حقيقت هن حال جي، آهه لک کي اظهار
ڏاڍن ڏاڍائي ڪئي، ظلمين ظلم زار
ڊوهين ڊوهه وڏو ڪيو، ولهيءَ سان تنهن وار
ڏينهن وهامي رات ٿي، آيو قهر قهار
ڪيم سوال سميع کي، يا قادر ڪلتار
رکج لڄ ميهار جي، صاحب رب ستار
هن به دست دراز ڪيا، پر شڪيو شرمسار
حڪم ساڻ حڪيم جي، ٿيو مخنث هو مردار
پري منهن ڪري پيو، بئي پاسي ٻئي پار
تنهن کان پوءِ تڪرار، ڪين ڪڇيائين حرف ڪو.

 

آءٌ اصل کان آهيان، تنهنجي گولن جي گولي
اصل کان به اوهان سندي، ٻانهپ مون ٻولي
روئي رڱيم رت ۾، چُئاڪن سان چولي
سڄڻ ڪري سولي، معاف ڪندو مسڪين کي.

 

عرض ٻڌ عاجز جو، اي دلبر داناهه
اڄ اچ مهل شام جي، تري تون درياهه
آهه اولهه کان جاءِ جا، منهنجي ساهري سهجا
اتي اينديس هيڪلي، آءٌ پڻ شبانگاهه
شل انهيءَ جاءِ، الله ميلي مشتاقن کي.

 

ڪاغذ سهڻيءَ جو وٺي، ڪوڏان قاصد ويو
پهچائي پرين کي، ٻيو زباني به چيو
پروانو به پسي ڪري، خان گهڻو خوش ٿيو
سڻي حال وصل جو، ويتر سو وهسيو
گوندر غم ويو، دلاسي دوستن جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org