سُرت رک سهڻي! هي گهر اٿئي پنهنجو
هاڻي هميشه هتي، توکي گهارڻ گهر پيو
سهڻيءَ جواب جلدي ۾، ساهرن کي چيو
ته چُڪو پيتم پتڻ تي، هڪدم هوش ويو
تن ۾ طلب تار ترڻ جي، کڻي خيال ويو.
سهڻيءَ جي واتان اها خبر ٻڌي حيرت لڳن، پر
سمجهيائون ته ٻن- چئن ڏينهن ۾ پاڻهي گهوٽ سان
گهائل مائل ٿي ويندي. سو شاديءَ جا باقي ساٺ سوڻ
ڪري، هنن کي اڪيلو ڇڏيائون. ڏم چيس ته: سهڻي! ويهه
ته ڪا رهاڻ ڪريون. سهڻي جنهن کي الاهي عشق جي لغار
لڳي ويئي هئي، تنهن ڪاوڙجي چيس:
چڙي چيائين گهوٽ کي، ته هوڏي! هوش ڌر
ناهي جميعت جان کي، منهنجي ڪر نه پچر
آهيان بيزار گفتار کان، تون ٿيءُ سياڻو، ڪر صبر
لهريون لاٽ لغار مان، چڙهيو منهنجي من اندر
موج مستيءَ ۾ آهيان، چڙهيا برهه جا بحر
ناهيان وس پنهنجي، آهيان، موڳا! منتظر
شادي ۽ خوشيون، مون لاءِ موت برابر
اوڙو پاڙو، هيءُ جهان آهي، مون لاءِ حشر
ڀڄي ڀر ڇڏ منهنجي، متان کائنئي کپر
تڏهين ڏم ڏڪي ويو، ٻڌي عاشقياڻيءَ جو عذر
حشمت چڙهي ويس حور جي، جڏهن کنيو ڪنوار ڪر
معلوم ٿيس مڙوئي، سر سهڻي جو سربسر
سو واسو ٿي وڃي ويٺو پري، گهوٽ پنهنجي گهر
پوءِ سهڻيءَ سوال ڪيا رب کي، اي پالڻهار، پاڪ پرور!
پياريئي کير قدرتي، ڪري نصيب منهنجي ۾ نوراني نظر
هاڻي ڪريان ٿي عرض الله سائين، تون قادر قبول ڪر
ڏي ڪا اگهور ننڊ ڏم کي، صبح تائين ٿئي بيخبر
آگي عرض قبول ڪيو، مائي سهڻيءَ جو سربسر
ڪيو سهڻي سعيو ساهڙ ڏانهن، وساري سو ور.
پوءِ سهڻي ”نصرُ من الله و فتح قريب“ چئي، دلي تي
هٿ رکي، درياءَ ۾ ڪاهي پيئي. درياءَ جي درندن سان
وچڙندي، ڪُنن مان ڪاهي وڃي پار پهتي. ڪلمو پڙهي
سڌي ساهڙ جي ڀاڻ تي آئي. ساهڙ به اڃا عبادت ڪري
فارغ ٿيو هو ته سهڻي اچي سندس پيرن تي ڪِري ۽ کير
جي چُڪي پيئڻ جي سموري حقيقت ڪري ٻڌايائينس. ميهار
حال ٻڌي حيرت ۾ پيو، ۽ سُرڪيءَ جي ساءُ نه چکڻ تي
افسوس ڪندي، هن کي به درويش جي اچڻ ۽ سڪر جي ميڙڻ
جو احوال ٻڌائي چيائين ته:
سي ايندا سهڻي مون وٽ، درويش دلدار
نه هئم کير نصيب ۾، نه ته پرن ها اقرار
چڱو نصيب هو تنهنجو، تڏهن پياريئي سُرڪي پروردگار
آءٌ ڪڙهان پنهنجي ڪرمن کي، جو ٿيم بخت بيزار
دوا ٿيندءِ تن درويشن کان، ايندا موٽي ٻيهار
مائي! مَ ڪي روءُ، مَ ڪي رڙ، مَ ڪي هنجون هار
ٽڪندا رات مون وٽ، اٿن قول قرار
تڏهن ٻڌائيندس توکي، ڪري نپايو نروار.
سُڻي حقيقت ساهڙ جي، آيو سهڻي کي اعتبار
چيائين سڏي ساهڙ کي، اي مانجهي مڻيادار!
هاڻي آهين هادي رهبر، منهنجو تون ميهار
معرفت جي دڳ لاءِ تون، ڪراءِ مونکي ديدار
درويشن جو فيض وٺي، فقيرن کان ڏيار
معلوم مُنهنجو آهين، نوري تون نروار
روبرو پَسڻ پرين کي، نه ڄاڻان اچن ڪهڙيءَ وار
پوءِ مائي موڪلايو ميهار کان، ٻڌي قول قرار.
موٽندي مهل درياءَ جي ڪپ تي سهڻيءَ کي ڇٽو پير
گڏيو، جنهن سهڻيءَ کي جهڻڪيو ته: مون سمهاڻيءَ مهل
درياءَ جي سير تي نماز پئي پڙهي، ان مهل تون
منهنجي اڳيان مَٽي ويئنءَ جنهنڪري منهنجي عبادت ۾
خلل پيو. تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنس ته: ڇٽا پير آءٌ
ساهڙ جي سڪ ۾ ٻيو ڪي به ڪين ٿي ڏسان، عشق جي
اندوهه ۾ فقط ساهڙ جي دونهي پئي ڏٺم. پر فقير
سائين! تنهنجي اها عبادت ڪهڙي، جو مون کي اُڪرندي
ڏسي ورتئي؟
قصو ڪوتاهه، سهڻي گهر اچي پهتي، ۽ پنهنجو پڪو گهڙو
درياءَ جي ڪپ تي ڪانهن جي ٻوڙي ۾ لڪائي رکيائين.
پوءِ روزانو رات جو اُن گهڙي تي تري، درياءَ پار
ساهڙ وٽ وڃي، چئني درويشن جي پڇا ڳاڇا ڪري وري
اَسُر مهل موٽي ايندي هئي. ڏم کي هميشه اهڙي اگهور
ننڊ اچي ويندي هئي، جو صبح تائين سجاڳ نه ٿيندو
هو.
هڪڙيءَ رات سهڻي دستور موجب گهر مان نڪري درياءَ
ڏانهن رواني ٿي ته سندس نڻان جاڳي پئي، سا سهڻيءَ
کي ويندو ڏسي، ان جي پٺيان هلڻ لڳي. تان جو اچي
درياءَ تي پهتيون. سهڻي ته گهڙو کڻي ميهار ڏانهن
رواني ٿي، پر نڻانس سمورو حال معلوم ڪري وڃي گهر
جي ڀاتين کي ٻڌايو. پوءِ ته سهڻيءَ لاءِ آزار مچي
ويو. کيس سڀئي مٽ مائٽ، گهر جا ڀاتي ۽ ڳوٺ جا
ماڻهو نصيحت ڪرڻ لڳا. جڏهن سهڻي پنهنجي تان نه
لٿي، تڏهن لوڪ جي خواريءَ کان سهڻيءَ جي ٻوڙڻ جي
رٿ ڪري، پڪو گهڙو کڻي، ان جي بدران ڪَچو گهڙو رکي
ڇڏيائون. سهڻي به دستور موجب رات جو درياءَ تي اچي
گهڙو ڪانهن جي ٻُوڙي مان ڪڍيو. اها رات ته سياري
جي هئي. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل هو. اوندهه
انڌوڪار لڳي پئي هئي. مينهن به اوهيرا ڪري پئي
وُٺو. اهڙيءَ حالت ۾ به سهڻي انجام کان هٽڻ واري
نه هئي. تنهن الله توهار ڪري پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾
اڇلايو. اڃان ٿورو اڳتي مَس هلي ته ڪَچو گهڙو ڀُرڻ
لڳو. سهڻي اهو ڏسي به پوئتي موٽڻ مهڻو سمجهيو ۽
تري منزل تي پهچڻ لاءِ هٿ هڻڻ لڳي. آخر وچ سير ۾
سهڻي ساهڙ کي سڏيندي، واڪا ۽ ڪوڪون ڪندي ٻڏي وڃي
درياءَ داخل ٿي.
ساهڙ کي جو اها خبر پئي ته سهڻيءَ جا ٻڏندي وقت
واڪا ٻڌائين، سو ان مهل ئي سهڻيءَ جي ڳولڻ لاءِ
درياءَ جو ڪَپ وٺي روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن شهدادپور
جي ويجهو لاش لڙهندو ڏٺائين، جيڪو ڏاڙهون نالي
کٽيءَ جي همراهي سان ڪڍي، شهر جي اُتر – اولهه ۾
سڏ پنڌ تي دفنايائين.
روايت [3]
(ج) حاجي حقير جا چيل بيت[1]
حاجي حقير جي بيتن واري روايت مان سهڻي ميهار جي
قصي جا ٽاڻا هن طرح ملن ٿا: ميهار جو نالو ”ساهڙ“
هو ۽ مهراڻ جي ڪپ تي مينهن جو وٿاڻ هوس. سندس
مينهون ٻيلي ۾ پيون چرنديون هيون. ميهار نيڪ نمازي
۽ پرهيزگار شخص هو. هڪڙي ڏينهن چار درويش وٽس
مَنهن تي لنگهي آيا ۽ چيائونس ته: ميهار! اسان کي
کير پئار، چيائين ته: هن مهل مينهون ٻيلي ۾ چرڻ
ويون آهن، ڪا گهڙي ترسو ته اتان وڃي کير ڏهي اچان.
چيائونس ته، اسان کي جلد وڃڻو آهي، تنهنڪري وٿاڻ ۾
بيٺل وَڇن مان هڪڙي ڏُهي وٺ ته اسين کير پِي وڃون.
ميهار ڏٺو ته مڙس ڪي مڻيادار آهن، سو خدا کي ياد
ڪري، لوٽو کڻي هڪڙيءَ وڇ کي ونگ وجهي، کير ڏهڻ
ويٺو . قدرت سان وڇ به کير ڏهايو ۽ لوٽو ڀرجي پيو.
ميهار کير آڻي درويشن اڳيان رکيو. هُو کير پِي خوش
ٿي وڃڻ لاءِ سنڀريا ته ميهار رات ترسڻ لاءِ زور
ڪين. پر هنن درويشن چيو ته: اسين موٽندي، تو وٽ
ترسي، تنهنجي مهماني کائينداسين. ائين چئي هو
ويندا رهيا.
ان ڏينهن ”ڏم“ واهُوچي جي شادي ”سهڻيءَ“ سان ٿي
هئي، ڄڃ هلندي اچي ميهار جي وٿاڻ وٽ پهتي. رات
پئجي وين، سو اتي منزل ڪيائون. رات جو گهوٽ- ڪنوار
کي ٻيا سڀ ساٺ سَوڻ ڪيائون. باقي کير پيارڻ جو
سَوڻ ڪرڻو هو. جهنگ ۾ کير ڪٿان اچي؟ پر پريان
ميهار جي دونهي جي لاٽ ڏسي، ماڻهو موڪليائون.
ميهار به اهو کير کڻي ڏنو، جيڪو درويشن لوٽي ۾
ميهار جي پيئڻ لاءِ بچايو هو. کير هو ٿورو،
تنهنڪري ڏم نه پيتو ۽ سهڻيءَ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين،
جنهن اهو کير پِي ڇڏيو. رات گذاري صبح جو پتڻ اڪري
اچي پنهنجي شهر ڀيڙا ٿيا.
سهڻيءَ کي انهيءَ کير جو اهڙو ته خمار چڙهيل هو،
جو نه کاڌائين نه پيتائين: سرتين سهيلين گهڻي ئي
زور لاتس پر هڪ داڻو به نه چکيائين. سهاڳڻين
سمجهيو ته ڪنوار آهي ۽ حجاب ٿي ڪري، سو ڇڏي
ڏنائونس. رات جو ڏم وٽس آيو ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون
ڪرڻ لڳو تنهن تي سهڻيءَ ڪاوڙجي چيس ته: هوش ڌار!
اهي ڳالهيون مون سان نه ڪر، لهي کٽ تان هيٺ ٿيءُ.
اهو ٻڌڻ سان ڏم هيسجي هليو ويو.
صبح جو ڏم جي ماءُ کي اها خبر پيئي، تنهن سهڻيءَ
کان پڇيو ته: مڙس ۾ ڪهڙو عيب ڏٺئي، جو لوڌي
ڇڏيئيس؟ سهڻيءَ جواب ڏنو ته: سس! منهنجو وس ڪونهي.
کير جي سُرڪي منهنجو عقل ڪڍي ڇڏيو آهي. سسڻس اها
ڳالهه ٻڌي حيرت ۾ پئي ۽ ڏم کي وڃي احوال ڏنائين.
ڏم چيو ته: سهڻيءَ کي جُٺ ڦُٺ نه ڪريو، پاڻهي کيس
هادي هدايت ڏيندو. پر سسڻس کي اندر ۾ سور هو تنهن
وري به سهڻيءَ کي سمجهايو ته: مائي! مڙس سان کِل،
ڳالهاءِ، نه ته تنهنجي ۽ اسان جي سڄي جهان ۾ خواري
ٿيندي. پر سهڻيءَ جواب ڏنو ته: جي خواريءَ کان ٿا
ڊڄو ته پوءِ مون کي طلاق وٺي ڏيو ۽ ڏم کي ٻي شادي
ڪرايو. باقي آءٌ ساهڙ سان ملڻ لاءِ ماندي آهيان.
ان کي هڪ پل به نه وسارينديس.
ڏم، سهڻيءَ جا اهي گفتا پئي ٻڌا، سو ڪاوڙجي ڪارو
ٿي ويو ۽ سهڻيءَ کي مارڻ لاءِ ڊوڙيو، پر ٻين جي
چوڻ تي مُڙي ويو. اتي سرتيون ساهيڙيون وري اچي
سهڻيءَ کي ريجهائڻ لڳيو ته: اٿي گهُم ڦر ۽ کاءُ
پِي ته تنهنجو روح ريجهي، پر سهڻي جواب ڏنن ته:
آءٌ اوهان جو چوڻ ڪيئن وٺان، جو مون کي ميهار جي
محبت بيوس ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ڇڏيو ته درياءَ
اڪري وڃي ميهار سان ملان.
سهڻيءَ جي ساهيڙين، سهڻيءَ جي واتان اهو ٻڌي صلاح
ڪئي ته هن نڀاڳي ندوريءَ ساهڙ کي ڏٺو ته ڪونهي،
پوءِ هيءَ ڪيئن ٿي سندس نالو وٺي، ۽ نڪي وري ساهڙ
جهڙو پرهيزگار اهڙن ڪمن کي ويجهو وڃي! ضرور ننڍي
هوندي جو نينهن اٿس، يا ڪن وچ وارن فريب ڪيو آهي.
هاڻي ”وڏل پير“ کي وٺي اچو ته سهڻيءَ کي ڏسي ۽ ان
جو علاج ڪري. هڪڙو ماڻهو يڪدم ڊوڙي وڃي وڏل پير کي
وٺي آيو. وڏل پير آيو، پر سهڻيءَ جو حسن ڏسي متيون
ئي منجهي ويس. سهڻيءَ جي سونهن سندس دل ۾ عشق جو
تير هڻي ڪڍيو، سو نيت ۾ کوٽ رکي ڏم جي ماءُ کي
دلاسو ڏيئي، تسبيح کڻي وظيفو پڙهڻ لڳو. ظاهر ۾ ته
سهڻيءَ جو علاج ٿي ڪيائين، پر دل ۾ ڌڻيءَ کي اهو
سوال ٿي ڪيائين ته، يا خدا! سهڻي ملاءِ.
قدرت سان هفتي کن ۾ سهڻيءَ کي تپ لهي ويو ۽ اٿي
هلڻ چلڻ لڳي. جنهنڪري وڏل پير جي ڪرامت جو هُل
هُلي ويو. هڪڙي ڏينهن وڏل پير سهڻيءَ کي چيو ته:
ڌڻيءَ جي نالي مون سان محبت رک. سهڻيءَ سس کي سڏي
وڏل پير جي مڪر جي ڳالهه ٻڌائي چيو ته: هن کي گهر
مان ڪڍو. تنهن تي وڏل پير منهن مٿو پٽي چيو ته:
سهڻيءَ مون تي ناحق الزام ڌريو آهي. ائين چئي هو
ته ويندو رهيو، پر هيڏانهن سهڻيءَ ۽ سسڻس جو جهيڙو
مچي ويو. سس، ڏنڊو کڻي اچي سهڻيءَ کي ورتو، ۽ ماري
ماري اڌ- مئو ڪري ڇڏيائينس. سهڻيءَ کي هڪ ته ميهار
جو فراق ۽ ٻيو ماڻهن جا مهڻا ۽ طعنا، سو منهن
ويڙهيو پيئي هوندي هئي. هڪڙي ڏينهن سرتين ساهيڙين
چيس ته: سهڻي! هل ته گُهمي ڦري، درياءَ جو سير ڪري
اچون. سهڻي سس کان موڪلائي، سرتين سان گڏجي درياءَ
تي ويئي. درياءَ جي پرينءَ ڀر ميهار جو وٿاڻ هو.
اهو ڏسي، خيال آيس ته ڇو نه رات جو درياءُ تري وڃي
ميهار سان ملاقات ڪجي اهو پڪو پهه ڪري، سرتين سان
گهمي ڦري موٽي آئي.
رات جو لوڪ لقاءُ ستو ته سهڻي به ڏم جي ڀر مان
اُٿي، دلو کڻي درياءَ تي آئي، ۽ الله توهار ڪري،
پاڻيءَ ۾ گهڙي پئي ۽ ڪارونڀار ڪُن جهاڳيندي وڃي
هُن ڀر نڪتي. ميهار اُن وقت پنهنجي جاءِ تي ويٺي
خدا جو ذڪر ڪيو. اوچتو سهڻيءَ کي ڏسي حيران ٿي
ويو. خبر چار پڇيائين، سهڻيءَ چيس ته: آءٌ ڏم
واهوچي جي ڪنوار آهيان، جنهن جي ٻه - چار مهينا اڳ
هتان ڄڃ لنگهي هئي، سوڻ لاءِ تو وٽان کير ڍُڪ آيو
هو. اهو کير پيئندي ئي اندر ۾ تنهنجو عشق جاڳيم.
هاڻي تو وٽ آئي آهيان. تون ئي منهنجو درد
لاهيندين. ميهار جواب ڏنو: سهڻي! سڄي ڄمار خدا جي
عبادت ۾ گذاري اٿم. مون کان ڪڏهن اهڙي ڪچائي ڪا نه
ٿيندي، جو پرائي عورت ۾ اک وجهان. پوءِ سهڻيءَ کي
چئن درويشن جي اچڻ ۽ اوباري کير پيئڻ واري ڳالهه
ٻڌائي چيائين ته: انهن درويشن کان توکي عشق جي
چپيٽ رسي آهي. هاڻي تون خيال نه ڪر، اُهي درويش
موٽي اچڻ جو مون سان وعدو ڪري ويا آهن، آيا ڪي
آيا، ۽ اچي توکي دعا ڪندا. ميهار جي اها ڳالهه
ٻڌي، سهڻي ٻيءَ رات اچڻ جو وعدو ڪري درويشن جي
زيارت ڪرڻ جي اُميد رکي، درياءَ تري پنهنجي گهر
موٽي آئي.
سهڻيءَ جي سس، اڌ رات جو جاڳي ڏسي ته سهڻي آهي ئي
ڪانه! تنهن کي به انتظار ۾ ننڊ ئي ڪانه آئي. آخر
اسر جو سهڻي آهستي آهستي اچي سيج تي سمهي رهي. صبح
جو سسڻس ڪاوڙ مان پٽ پاراتا ڏيڻ لڳي. هڪڙو سهڻيءَ
کي ڏم جا طعنا، ٻيو سس جي جُٺ ڦُٺ، سو انهيءَ سور
۾ بيمار ٿي کٽ تي پئجي رهي. وري به وڏل پير آيو،
جنهن دوا دارون به ڪيو ۽ سهڻيءَ جو ديدار به ڪيو.
ڏهين ڏينهن سهڻي ڪجهه هلڻ جهڙي ٿي ته اُٿي اڱڻ تي
بيهي درياءَ پار ميهار کي نهارڻ لڳي. وڏل پير اُن
مهل نماز پئي پڙهي. تنهن جو سهڻيءَ کي سامهون ڏٺو،
سو جلدي ۾ نماز مان فارغ ٿي، سهڻيءَ وٽ آيو ۽
چيائين ته، ”سهڻي! تو منهنجي اڳيان اچي منهنجي
نماز ڀڳي آهي، هاڻي معافي گُهر نه ته گنهگار
ٿيندينءَ!“ سهڻي وراڻي ڏنس ته ”وڏل پير! آءٌ ته
ساهڙ جي عشق ۾ انڌي ٿي پيئي آهيان. ساهڙ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچيم“ اهو ٻڌي وڏل پير شرمسار
ٿيو ۽ سهڻيءَ کي ڀيڻ ڪوٺي، توبهه تائب ٿيو. انهيءَ
تي سهڻيءَ کيس دعا ڪئي. خدا جي قدرت جو وڏل پير
وڏو درويش ۽ الله وارو ٿيو.
سهڻي ٻيءَ رات به گهڙو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پيئي، ۽
تري وڃي پار پهتي. ميهار سندس منتظر هو. تنهن
سهڻيءَ کي چيو ته: مائي! تون سچ پچ بت مان بيزار
آهين، جو نڪا درياءَ جي ڪُنن ڀر ٿي ڊڄين ته نڪا
واڳن ۽ ويرن کان.
سهڻيءَ چيو ته: ”آءٌ جيسين درويشن جو ديدار نه
ڪنديس، تيسين آرام نه ايندم“. پوءِ ته ويهي
ڳالهيون ڪرڻ لڳا. تان جو رات جو پويون پهر اچي
پورو ٿيو. ميهار کيس وري به دلداري ڏني ته: سهڻي!
دل نه لاهه، اُهي درويش اچڻ جو انجام ڪري ويا آهن،
سي ضرور ايندا. تون ايندي رهه.
سهڻي، ميهار کان موڪلائي اچي گهر پهتي. سسڻس اهو
ڏسي اندر ۾ ئي سڙي ويئي. سهڻيءَ کي چيائين: نڀاڳي!
توکي ڪانڌ جو نڪي قدر آهي، نڪي ڪو حيا اٿئي. هاڻي
هڻئين ٿي زنجيرن ۾، پوءِ ڏسان ته ڪيئن ٿي مڙس کي
ڇڏي ميهار ڏانهن وڃين؟ سهڻيءَ کي پيرن ۾ نَير پيو،
تڏهن روئي سس کي چيائين ته ”سس! هن جيئڻ کان ته
کڻي خنجر هڻي ماري ڇڏيم ته اڳ – پوءِ جند ڇٽي
پوي“. ائين چئي زار زار روئڻ ۽ ڌڻيءَ در سوال ڪرڻ
لڳي. قدرت خدا جي، سهڻيءَ جو سوال اگهاڻو، جو وڏل
پير سهڻيءَ جو سڌ سماءُ لهڻ لاءِ آيو. سهڻيءَ هٿن
۽ پيرن ۾ نير پيل ڏسي، سندس سس کي چيائين: مائي!
ڏاهي ٿي، مون کي خبر آهي ته سهڻيءَ مڪر ڪو نه ڪيو
آهي. پر هن کي خدا جي لئون لڳل آهي. سو هي ڪُڙم کي
ڪارو ڪو نه ڪندي.
وڏل پير جو چوڻ ڪري، ساهرن، سهڻيءَ جي پيرن مان
نِيَر ڪڍيا پر سهڻيءَ جي اها ئي ڪار. رات ٿئي ته
گهڙو کڻي وڃي ميهار وٽ پهچي. سهڻيءَ جي سس کي
انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو ويچار هو ته هيءَ وڃي
ڪيڏانهن ٿي. سو هڪڙي رات ماٺڙي ڪري سهڻيءَ جي
پٺيان لڳي درياءَ تي آئي ۽ سهڻيءَ کي درياءَ ۾
گهڙندو ڏسي، سندس سورهيائيءَ تي حيرت ۾ پئجي وئي.
صبح ٿيو ته سهڻيءَ جي سس، ڪنڀار وٽ آئي ۽ اُن کي
چيائين ته، جيتري قيمت کپيئي، اوتري وٺ، پر مون کي
اڄوڪي ڏينهن گهڙو ٺاهي ڏي. ڪنڀار ساڳين چٽن وارو
گهڙو ٺاهي، سهڻيءَ جي سس جي حوالي ڪيو، جنهن مُنهن
اُنداهيءَ جي دلو کڻي آڻي اُنهي ڪانهن جي ٻُوڙي ۾
رکيو، جتي سهڻيءَ پڪو گهڙو لڪائي رکيو هو.
دستور موجب، سهڻي اَڌ رات جو اُٿي درياءَ تي آئي.
دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پيئي ته تکي سير مان تڪڙي
تڪڙي پرئين پار ڏي ترڻ لڳي. اڃا ٿورو پنڌ مس هلي،
ته ڪَچو دلو ڀُري ويو. سهڻي اهو لقاءُ پسي همت نه
هاري، پاڻ خدا کي ياد ڪري، هن ڀر وڃڻ لاءِ هٿ پير
هڻڻ ۽ ترڻ لڳي، تان جو وڃي هڪڙي اوڙاهه ۾ پيئي.
اُتي سهڻيءَ ڏٺو ته هتان بچڻ يانصيبَ! جڏهن هٿ پير
هڻي ساڻي ٿي پئي، تڏهن موت ويجهو ڏسي ساهڙ کي سڏ
ڪرڻ لڳي. جڏهن ڪُنن جي ڪڙڪي سبب، سهڻيءَ جا سڏ
ميهار تائين نه پهتا، تڏهن سهڻي چوڻ لڳي ته: آهي
ڪو، جو ميهار کي ٻڌائي! ائين سڏ ڪندي سهڻيءَ جا
پساهه پورا ٿيا.
اڃا سهڻي سير ۾ هئي ته ڪنهن ماڻهو سندس سڏ سڻي
ميهار کي وڃي حقيقت کان واقف ڪيو. ميهار ويچارو هن
حادثي جو ٻڌي ڊوڙندو آيو ۽ اچي درياءَ ۾ ٽپي پيو.
تار پاڻيءَ ۾ ترندي آخر ميهار جا پساهه پورا ٿيا.
اهڙيءَ طرح ٻنهي جا روح پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي ويا.
بيت
1- ساراهيان صدق سان، اول آءٌ ستار
پنجتن سڳورا، نينهن مان نروار
ٻارهن ئي امام، ۽ سچو هر هڪ يار
بادشاهه بغدادي، ولين جو مهندار
شاهه عبداللطيف، ڀٽ جو سردار
اولياءَ ڪرام سڀ، آهن جي چوڌار
استاد قليچ بيگ، شعر جو سينگار
پڙهائي پَنو پرِت جو، جنهن ڪيو هشيار
هوس ”حاجي حقير“ چئي، نه ته اڳي سرشار
آهيان شڪر گذار، تهدل آءٌ تنهن سندو.
2- تهدل آءٌ تنهن سندو، مڃان ٿو احسان
هميشه هو ”حقير“ چئي، مون تي مهربان
سندس فرمائش موجب، لکيو اٿم ديوان
راضي مٿس شل هجي، سدائين سبحان
هاڻي سهڻي ميهار جو، ڪريان ٿو بيان
پڙهن تنهن کي پِرت مان، دانا ڏئي ڌيان
ميهار هو ”حقير“ چئي، جوڌو هڪ جوان
سندس نالو ساهڙ هو، هئو نيڪ بخت خان
مرد جو مهراڻ تي هئو ماڳ مڪان
سدا هن سدوري تي، راضي هو رحمان
مينهن تي مشتاق هو، ننڍپڻ کان سجان
ٻيلي ۾ ٻهڳڻ جو، هئو ڌڻ عاليشان
چاريندو هو چاهه مان، سو مانجهي مهربان
ڏسي شوق هن سندو، هرڪو هئو حيران
هلي جيڪو هن وٽ، آيو ٿي انسان
ته کِلي ٿي کيڪاريائين، ڏنئين ٿي گهڻو مان
هن منجهاران خوش هئا، هندو مسلمان
الله ڏنو ايمان، گهڻو هو گهوٽ کي.
3- گهڻو هو گهوٽ کي، اکين ۾ حيا
ڪا نه هئي ڪونڌر کي، دل ۾ دغا
سڀڪنهن سان ساهڙ ٿي، سچو هليو سدا
پڙهيئين ٿي پنجئي نمازون، ساري صبح و مسا
رمضان جي مهيني ۾، رکيئين ٿي روزا
چڱا ڪم ڪيئين ٿي، نٿي ڪيئين بُرا
تعصب هُن کي ڪو نه هو، سينو هوس صفا
هو سخي ”حاجي“ چئي، هي دلبر دانا
ڏنئين ٿي دان دل سان، جي گڏيو ٿي گدا
مسڪينن ٿي مرد کي، دائما ڪئي دعا
ڪيا ها ڪامل تي، واحد وڙ وڏا
اَٺئي پهر ادا، خوش ٿي رهيو خان سو.
4- خوش ٿي رهيو خان سو، ادا اَٺئي پهر
ڪين ها ڪامل کي، ڳڻتين سندا گهر
ڇوڙيئين ٿي اُٿي اَسر جو، مينهن سندا ڦر
پيتو کير ڦرن ٿي، ”حقير“ چئي هيڪر
پوءِ ٿي مينهون پهرايون، ڪوڏ مان ڪونڌر
ويون ڇڏي وٿاڻ ٿي، ڪوڏئون کڻي ڪر
ٻهڪيون ٿي ٻيلي ۾، کائي کِهه، ڇٻر
چڙن جي چونگارن ٿي، لاٿا غم گوندر
مينهون پهرائي پوءِ ٿي، پڙهي نماز نر
نماز پڄاڻا ذڪر ٿي، ڪيو مرد ميهر
سج اُڀرائي ڇڏيئين ٿي، پوڄا جي پچر
عبادت کان انور، مُنهن موڙيو ڪين ٿي.
5- منهن موڙيو ڪين ٿي، صاحب کان ساهڙ
هئس قادر جي قرب جي، جيءَ ۾ لڳل جڙ
هن تي به هئا ”حقير“ چئي، واحد ڪيا وڙ
حاڪماڻا ها هن جا، ٽيلو ۽ ٽپڙ
هئا سلامي هن سندا، ٽالپر ۽ ٽڳڙ
سدا سونهيان تڙ، مرد سان مهراڻ جا.
6- مرد سان مهراڻ جا، سونهيا ٿي سَر
گُهمي ڏٺا گهوٽ ٿي، قرب مان ڪپر
خوش ٿي ڪيو خان کي، ڇولين ۽ ڇر
لَيون ۽ لوهيڙا ٿي، جڏهن ڏٺا ڪونڌر
تڏهن ٿي ڏٺئين تن ڏي، ”حاجي“ چئي هر هر
ڳايا ٿي ڳڻ خوش ٿي، الله جا انور
هڪڙي ڏينهن اُڀ ۾، پکڙيل ها ڪڪر
ساعت هئي صبح جي، وڻيا پئي جهنگ جهر
هلي آيا هن وٽ، قرب مان قلندر
هنن چيس کير پئار، مينهن جا ميهر!
انهيءَ مهل اوطاق تي، ٻڌل ها ڦر
ٻُڌا پئي ٻيلي ۾، مينهن ڇا مٽر
کِلي کيڪاريو تن کي، نوڙت مان نر
ڀلي آيا جي آيا، دانا دلاور
آڻيان ٿو کير اوهان لاءِ، سيگهه ۾ سرور
ويهو هتي هڪ گهڙي، حاڪم هوشور
مينهون آهن ٻيلي ۾، ويون غازي گوهر
ساڙهو کڻي کير ڏُهڻ، وڃان ٿو هيڪر
موٽي ايندس پل ۾، لڳندا نه پهر
مڃو عرض منور، موليٰ لڳ مسڪين جو.
7- موليٰ لڳ مسڪين جو، عرض اونايو
ڪامل وڃڻ جو ڪينڪي، سگهو ڪريو سعيو
ترسو هت توهين اڄ، مڃي منهنجو رايو
خوش ٿي خان ساهڙ کي، فائقن فرمايو
ٿيئي بخت سوايو، چُڪو پئار چاهه مان.
8- چڪو پئار چاهه مان، وڇ ڏهي وڇار
مينهن ڏانهن ٻيلي ۾، ڪين وڃ ميهار
ترساءِ نه تون اسان کي، مانجهي مڻيادار
هينئر هليا ٿا وڃون، ڪامل ڪلادار
وري اينداسين تو وٽ، ٻهڳڻ اسين ٻيهار
کائينداسين دعوت تنهنجي، اسين چار ئي يار
ڪنداسين روح رهاڻيون، ويهي پاڻ وينجهار
هينئر جهل نه جوان! تون، ساهڙ لڳ ستار
فرمان سڻي فقيرن جو، ڇڏي وهم ويچار
وريام اچي وڇ ڏڌي، بانڪي بردبار
کيريءَ وڇ کير ڏنو، سڻائي ڪئي ستار
دکي ڏني درويشن کي، آڻي ايماندار
پيڻ ويٺا پرت مان، سونهن ڀريا سردار
سڳورن ڇڏي ساهڙ لاءِ، لوٽي ۾ لغار
چيئون ميان ميهار! هيءَ سرڪي اٿئي سڪ جي.
9- هيءَ سرڪي اٿئي سڪ جي، هاڻ الله توهار
وري اينداسين تو وٽ، مينهن جا ميهار
کير سانڍيو خوشيءَ مان، وڇن جي وڇار
گس ڏيکاريو غازين کي، نڪري نامدار
هليا ويا ”حقير“ چئي، واٽ وٺي وينجهار
اچي پوءِ مينهن جي، نر ڪئي نهار
چُنيون بيٺي چاهه مان، ڪُنڍيون ٻَڌي قطار
هئي مٺي مرليءَ کان، چڙن جي چونگار
ٿي لٿا انتظار، سڻي چونگار چڙن جي.
10- سڻي چونگار چڙن جي، خوش ٿيو ميهار
جاچي مينهون جلد وريو، وٿاڻ ڏي وڇار
ٻُڌو وريام واٽ تي، دهلن جو ڌڌڪار
اچي پهتو اوطاق تي، يتيمن جو يار
آيا ڄاڃي ڄڃ وٺي، خوش خوشان بسيار
ڪي ها پيادا پنڌ ۾، ڪي اٺ سوار
گهوٽ هو گهوڙي تي، ۽ ڪجائي تي ڪنوار
آيو پئي اڳيان ڄڃ جي، مٺو مڱڻهار
پاتڻيءَ ڏنيون مبارڪون، گهوٽ کي صدبار
ڳايا ڳيت خوشيءَ مان، عورتن اڪيچار
گهوٽ ماءُ نچڻ بيٺي، ڪيو ڇير ڇمڪار
سهاڳڻين ٿي سوڻ ڪيا، نينهن ماري نروار
ناز مان هڪ نار، سرڪي گهري کير جي.
11- سُرڪي گهري کير جي، ناريءَ ناز منجهان
گهوٽ ماءُ چيو مڙس کي، سگهو وڃ ميان
هڪدم آڻ ”حقير“ چئي، کير ميهار کان
ته سوڻ لاءِ آءٌ سُرڪي، داين کي ڏيان
وڃي گهوٽ پيءُ وٿاڻ تي، مليو ساهڙ سان
چَيَئين چُڪو ڏي کير جو، ته سوڻ لاءِ ڏيان
بانڪي دير بنان، سُرڪي ڏني سائل کي.
12- سرڪي ڏني سائل کي، ساهڙ ڪئي سخا
سرڪيءَ ۾ سانڍيل هئا، محبت جا مزا
وجهي ڦيڻا سُرڪيءَ تي، قلندر قرب جا
ڏني هئي سرڪي ساهڙ کي، درويشن ڪري دعا
ته سرڪي پِي تون سڪ جي، ڪوڏ مان ڪوپا
پر ميهار جي ڀاڳ ۾، هئي لکيل ڪانڪا
سهاڳڻين کي سوڻ لاءِ، سرڪي ملي سا
تن چيو اچي گهوٽ کي، تون اڌ پِي ادا
۽ اڌ ڏي ڪنوار کي، سرهو هجين سدا
گهوٽ جي به ڀاڳ ۾، هئي لکيل ڪانه ڪا
چاهه مان رکيئين چپن تي، ڪري ياد خدا
سرڪي سمجهيائين ٿورڙي، ٿيس عقل خطا
قربئون ڏني ڪنوار کي، کڻي گهوٽ راجا
وٺي وٽي پِي وئي، لٿس اکين تان اولا
سوڻ بعد سمورا، ٻيڙيءَ تي چڙهيا
اچي پار پهتا، ڪرم ساڻ ڪريم جي.
13- ڪرم ساڻ ڪريم جي، گهوٽ گهر پهتو
”واهوچو“ هو ذات جو، ”ڏم“ سندس نالو
سڀني واهوچن سندو، هو وير وڏيرو
غريب هو ڪينڪي، هو سکيو ستابو
ڏيندو هن کي مان هو، ننڍو ۽ وڏو
سهڻو هو شڪل جو، هي جوان ۽ جوڌو
واهوچن مان هن جو، هو وهانءُ ٿيو.
هو سهڻي ”حقير“ چئي، نالو ڪنوار جو
سج کان به سهڻيءَ کي، حسن سرس هو
جنهن به هن جوءِ جو، چهرو ٿي ڏٺو
مست ٿيو ٿي محبت ۾، ٿي هن جو هوش ويو
ڪنوار آئي ڪٽنب ۾، سهرو ٿيو سرهو
مبارڪ ڏيڻ مرد کي، آيو ڳوٺ سڄو
سج صاحبي پوري ڪئي، ۽ چنڊ چمڪيو
شرناين جو شور ٿيو، دهلن دس وڄيو
نکيٽي ٿي نينهن مان، تانهري ڀت رڌو
مڙي سهاڳڻين ڀت ۾، خوش ٿي کير گڏيو
آڻي گهوٽ ڪنوار اڳيان، ماين طعام رکيو
ڪنوار کڻي ڪينڪي، چانور هڪ چکيو
سڀني گڏجي سهڻيءَ کي، چاهه مان چيو:
”مائي کاءُ ماٺ ڪري، ڪر نه حجاب ڪو
مائي حجاب مرد کان، ڪرين ٿي ڪهڙو
سهڻي دل سڌير ڪر، اٿئي گهر پنهنجو
هاڻي هميشه گهر هي، توکي ڪم ايندو“.
سڻي ڳالهه سهاڳڻين جي، هن جو ڏيل ڏڪيو
چَيَئين: چُڪو پتڻ تي، اٿم جو پيتو
انهيءَ کان پوءِ اديون ڙي، وڻي طعام نٿو
جويون جند ڇڏيو کڻي، مڃي عرض منهنجو
ڪين هي نکيٽيءَ جو، سوڻ ٿيو سولو
سوڻن بعد سڀ ويون، باقي رهيو جوڙو
گهوٽ ڪونڌر ڪنوار سان، ڪچهري ڪرڻ ويٺو
اکيون کڻي گهوٽ ڏي، ڪنوار ڪين ڏٺو
چڙهيل هو چوڙيليءَ کي، نينهن جو نشو
عشق ڪيو انڌو، هو سهڻي کي ساعت ۾.
14- ساعت ۾ سهڻي کي، ويڙهي ويو خمار
هنيون هن جو ”حقير“ چئي، بره ڪيو بيمار
ميهار رهيو من ۾، وسري ويوس ڀتار
چڙي چيئين مڙس کي، ميان هوش ڌار
ڪهاڻيون ڪري قرب جون، مچاءِ نه آزار
آهيان قسم الله جو، بت کان بيزار
خان لهه تون کٽ تان، هڪدم ٿي هوشيار
گهاءُ رسيو گهوٽ کي، جهري پيو جهونجهار
ويو هيسجي هشمت کان، ڪرڙي ٿي ڪنوار
ڇڏي ڇپر – کٽ هليو، گهوٽ بي اختيار
ڏسي صورت سهڻي جي، ٿيو بيقرار
سهڻي ڇڏي سيج تي، لٿو هو لاچار
برهه مان بيشمار، ڪانَ لڳس قلب ۾.
15- ڪانَ لڳس قلب ۾، ٿيس جيءُ جڏو
لڪي ڪن ڪامڻين، لقا هي ڏٺو
ڪٿي ڪٿي اڄ تائين، رواج آهي اهو
پهرين رات پرڻي جي، تپاس آهي ڪبو
ته گهوٽ ڪيئن ڪنوار سان، ڪچهري ڪري ٿو
رات گذري ڏينهن ٿيو، اچي سج اُڀريو
سڄي گهر جي ڀاتين کي، پئجي ويو پتو
ته ڪنوار جو نه ڪانڌ سان، روح آهي ريڌو
گهوٽ ماءُ گوندر مان، پٽيو منهن مٿو
مائيءَ اچي سهڻي کي، چڙ مان هئن چيو:
”ته مائي اٿئي مڙس ۾، ڪهڙو عيب ڏٺو!
ڪئي تو نه ڪچهري، ڇوري ندوري ڇو؟
آهن کلايا اسان تان، ڄاڃي ماڃي تو“.
سهڻي چيو سس کي، ڪونهي وس منهنجو
سس سرڪي پيئڻ سان، اٿم عقل ويو
خاوند ڄاڻي کير ۾، الاجي ڇا هو
مائي منهنجي من سان، آهي، انڌير ٿيو
وڃي هاڻي واحد لڳ، پير اوهين پڇو
ستي آڻيو صحت جي، ڏاهن کي ڏسو
نام خدا نجومين کان، خبر اوهين وٺو
سس جو هوش ويو، سڻي ڳالهه سهڻيءَ جي.
16- سڻي ڳالهه سهڻيءَ جي، هن کي ٿي حيرت
ڪئي وڃي ڪانڌ سان، مائيءَ مصلحت
لڳي مٺيان مڙس کي، سڻي حڪايت
چيئين ڏيندو ڪنوار کي، هادي هدايت
ڪڙو نه ٻول ڪنوار سان، وڃي تون عورت
ساڃاءِ ڏيندو سهڻيءَ کي، رب ڪندو رحمت
پاڻهي ڪندي ڪانڌ سان، من رکي محبت
اُڪير اٿس اباڻن جي، ٿي ماري فرقت
مٺو ڳالهاءِ مائي سان، ڏي گهڻي عزت
سمجهه ڏيندي سهڻيءَ کي، نياز ۽ نصيحت
ڪڍندي هن کي ”حقير“ چئي، ڪڙي مان ڪلفت
چڱي ڪندو قسمت، قادر گهوٽ ڪنوار جي.
|