دستور موجب سهڻي وري به رات جو ميهار وٽ آئي، جنهن
هن کي پاڻ وٽ اچڻ کان روڪيو، پر سهڻي ضد ڪيو ته
جيستائين اهو کير نه چکائيندين، تيستائين آءٌ پچر
نه ڇڏينديس. انهيءَ تي ميهار کي ڪاوڙ اچي ويئي، سو
اکيون ڦوٽاري سهڻي تي وريو. سهڻي جڏهن هن جي اکين
سان اکيون ملايون، ته اهو ننڍي هوندي وارو اَنب جو
نشان اک ۾ ڏٺائينس، جيڪو سهڻي ڄمڻ وقت ڏسي ورتو هو
۽ کيس ياد هو. سو دانهن ڪري چيائين ته: تون ته
منهنجو پٽ! اهي لفظ ٻڌي ميهار وائڙو ٿي ويو. پوءِ
ته سهڻي کيس ڳراٽي پائڻ خاطر اڳتي وڌي، پر ميهار
جيئن حيرت ۾ بيٺو هو تئين پوئتي هٽڻ لڳو. آخر
ميهار پيءُ جي کٽ ڏانهن اشارو ڪري چيس ته: آءٌ هن
جو پٽ آهيان. جو سامهون ستو پيو آهي. سهڻي چيس ته:
چڱو، تون انهيءَ کي اٿاري کائنس پڇي ڏس. جڏهن وڏي
ميهار کي اٿاريو ويو ته هن سموري ڳالهه ڪري سڻائي.
ميهار اها ڳالهه ٻڌي عبرت ۾ اچي پئجي ويو ۽ سهڻي
کي چيائين ته: سمجهه کڻي ته آءٌ تنهنجو پٽ آهيان.
پر هينئر آءٌ پاڻ کي تنهنجو پٽ نٿو سڏائڻ گهران.
ڇو ته پهريائين منهنجو پيءُ ٻڌائڻو پوندءِ. ٻيو ته
جيڪڏهن اهڙو ماڻهو نه نڪتو ته سمجهبو ته تنهنجا ان
سان بڇڙا لاڳاپا هئا، تنهنڪري آءٌ حرامي ٻار
ليکبس. ٽيون ته جي آءٌ پاڻي جي ڦوٽي پيئڻ سان
سرجيو هوس ته اها ڳالهه اعتبار جوڳي ڪانهي. انهيءَ
کان سواءِ جيڪڏهن ڏم کي هن ڳالهه جي خبر پئي ته هو
پاڻ ٻنهي کي مارائي ڇڏيندو.
سهڻي هن جي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي، ۽ کيس ”پُٽ! پُٽ!“
ڪري چهٽڻ چنبڙڻ لڳي. آخر ميهار کيس چيو ته: برابر
تون منهنجي ماءُ آهين. پر هڪڙي شرط سان ته آءٌ
توسان گڏجي هلان ٿو ۽ تون اها ساري حقيقت ڏم جي
روبرو هلي ٻڌاءِ. سهڻي اها ڳالهه قبول ڪئي. پوءِ
سهڻي ۽ ميهار گڏجي ٻيڙيءَ تي چڙهيا، جڏهن درياءَ
جي وچ سير ۾ آيا، تڏهن ميهار، سهڻيءَ کي ڀاڪر ۾
جهلي قابو ڪري، وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو. اهڙي ريت هي
ٻيئي ماءُ-پٽ درياءَ ۾ ٻڏي ويا.
ضميمو
پنجاب جي قصي ”سوهني مهينوال“ مطابق ڪن پوين سنڌي
شاعرن جو جوڙيل ”سهڻي-ميهار“ جو قصو
پنجاب جي ”سوهني مهينوال “ واري قصي جي روايت
مطابق هن پوئين دوءر جي ڪن سنڌي شاعرن ”سهڻي –
ميهار“ جو قصو بيتن ۾ جوڙيو آهي، جنهن جي روايتن
کي هيٺ ضميمي طور شامل ڪجي ٿو.
قصو سهڻي ۽ مهيوال جو
شاعر پير بخش جو بيتن ۾ چيل
شاعر پير بخش جي بيتن واري هن روايت ۾ قصي جي
سٽاءُ هن ريت آهي ته: پنجاب ملڪ ۾ چناب درياءَ جي
ڪناري تي گجرات نالي هڪڙو شهر آهي، جنهن ۾ آڳاٽي
وقت ۾ ”تلو“ نالي هڪڙو ڪنڀار رهندو هو. ٿانون جوڙڻ
۾ جهڙس ٻيو ڪاريگر ڪونه هو. وٽس مال ملڪيت جي ڪمي
ڪانه هئي، هر طرح آسودو هو. پر کيس اولاد ڪونه هو،
جنهن ڪري رات ڏينهن ان ارمان ۾ رهندو هو. هر وقت
ڌڻيءَ در اولاد لاءِ سوال ڪندو رهندو هو. قدرت خدا
جي، سندس عرض اگهاڻو ۽ شب قدر جي رات هڪڙي نينگري
ڄايس. ”تلا“ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا بجا
آڻي ڌيءُ کي دل سان لاتائين. نينگري نهايت حَسين
هئي، تنهنڪري نالو ئي ”سهڻي“ رکيائونس.
سهڻي، سڪي پني ڄائي هئي، سا ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپجڻ
لڳي. آخرڪار جوان ٿي ته سندس سونهن جي هاڪ ملڪ ۾
هُلڻ لڳي. سهڻي جهڙي صورت ۾ هئي تهڙي سيرت ۾. هر
وقت عبادت ۽ ماءُ – پيءُ جي خدمت ۾ مشغول رهندي
هئي.
انهيءَ زماني ۾ ”بلخ“ ملڪ ۾ ”مرزا“ نالي هڪڙو
ناميارو سوداگر رهندو هو. وٽس به ڌڻيءَ جو ڏنو سڀ
ڪجهه هو، پر اولاد لاءِ سڪايل هو، رات ڏينهن خدا
کي ٻاڏائيندو رهندو هو. هڪڙي ڏينهن مرزا سوداگر،
ٻين سوداگرن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو ته ڪنهن کيس
چيو ته ”فلاڻي غار ۾ هڪڙو تارڪ فقير رهي ٿو، جيڪو
ڪرامت وارو ڪامل درويش آهي. وڻن جا پن سندس قوت
آهن. جيڪڏهن تون انهيءَ وليءَ وٽ وڃين ته شايد
تنهنجي دل جي مراد پوري ٿئي!“
مرزا سوداگر يڪدم انهيءَ وليءَ وٽ وڃي حاضر ٿيو.
پُٽ جو سوال ڪيائين. درويش به ڌڻيءَ در سوال ڪري،
سوداگر کي دلداري ڏني ته ”توکي هڪڙو پُٽ نصيب ۾
لکيل آهي، پر اهو جوانيءَ ۾ ئي توکان جدا ٿي عشق
جي راهه اختيار ڪندو.“ سوداگر پٽ جي خوشخبري ٻڌي
خوش ٿيو ۽ فقير کان موڪلائي اچي گهر ڀيڙو ٿيو.
ٿوري گهڻي ڏينهين سوداگر کي پٽ ڄائو، جنهن لاءِ
سالن کان سڪايل هو. خير خيراتون ڪري، خزاني کي
مسڪينن ۾ لُٽايو ۽ پٽ جو نالو عزت بيگ رکي تمام
خبرادري سان سندس پالنا شروع ڪئي. پنجن ورهين جي
ڄمار ۾ عزت بيگ پڙهڻ ويٺو ۽ استادن کيس ٿوري ئي
وقت ۾ قابل ڪري ڇڏيو. عزت بيگ جوان ٿيو ته سير
شڪار ۽ راڳ رباب ۾ روح وندرائڻ لڳو. دنيا جون سڀ
نعمتون کيس ميسر هيون. ڪابه ڳڻتي يا غم نه هئس،
تنهنڪري هميشه خدا تعالى جو شڪر گذار رهندو هو.
هڪ دفعي ڪنهن سنگتي ساڻس دهلي شهر جي تعريف ۽ ان
شهر جي گهمڻ جو اظهار ڪيو. اهو ٻڌندي ئي دهلي گهمڻ
جي خواهش ٿيس. پر خيال ٿيس ته مائٽن کي اڪيلو
آهيان، متان ايڏي دور دراز سفر تي وڃڻ جي موڪل نه
ملي، سو ارمان ۾ پئجي ويو. اندر ئي اندر پيو
ونجهلندو هو، پر ماءُ-پيءُ سان اهڙو ذڪر به نه
ڪيائين.
هڪڙي ڏينهن عزت بيگ، پنهنجي پيءُ کي تمام خوش ڏسي،
ڏاڍي ادب سان هٿ ٻڌي، دل جو احوال اوريو ۽ دهلي
گهمڻ جي اجازت گهري. مرزا سوداگر ملول ٿي ويو ۽ پٽ
کي چيائين ته: ”توکي پرڏيهي ڪرڻ تي منهنجي مرضي
ناهي، هتي ئي توکي نوڪر چاڪر آهن، انهن تي ويٺو
حڪم هلاءِ. ملڪيت جيڪا کپيئي سا وٺ، پر پِيريءَ ۾
مون کي اڪيلو ڪري نه وڃ.“ پر جڏهن عزت بيگ زور
ڀريو، تڏهن پٽ کي چيائين ته ”جي توکي ماءُ موڪل ڏي
ته پوءِ بلاشڪ وڃ.“
عزت بيگ، پيءُ کان اجازت وٺي ماءُ وٽ آيو ۽ دهلي
گهمڻ جي اجازت گهريائين. ماءُ ويچاري پٽ جو رايو
ڏسي افسوس ۾ پئجي وئي. گهڻي سمجهائڻ کان پوءِ به
جڏهن عزت بيگ نه رهيو، تڏهن ماءُ کيس ڌڻي تعالى جي
سپرد ڪري موڪل ڏني. ماءُ کان موڪل ملندي ئي هن
يڪدم تياري شروع ڪئي. قافلي ۾ هر قسم جي قيمتي وکر
جا اُٺ ڀرائي شامل ڪيائين. ان کان سواءِ هزارين
نوڪر چاڪر ۽ تنبو طولان ساڻ کڻي، هندستان ڏانهن
روانا ٿيا، ۽ منزلون ڪندي ڪندي ٿوري گهڻي ڏينهين
اچي دهلي پهتا.
ان زماني ۾ دهليءَ جو بادشاهه شاهجهان هو. عزت بيگ
هڪ سراءِ ۾ اچي کيما کوڙيا هئا. ٻه ڏينهن آرام
ڪري، سفر جو ٿڪ ڀڃي، هڪڙي ڏينهن سهي سنڀري،
سوکڙيون پاکڙيون کڻي درٻار ۾ آيو ۽ بادشاهه جي آڏو
نذر رکيائين. جنهن وري کيس وڏو مانُ ڏئي خلعت
ڍڪائي.
عزت بيگ ۽ سندس ساٿين، نوڪرن چاڪرن، سڀني دهلي شهر
۾ رهي، خوب سير شغل ڪيا. پر چوندا آهن ته ”لکيو
پري، پر ٽري ڪونه.“ سو عزت بيگ کي به عشق جي آتش
سمهڻ نه ڏنو، سو اتان جلدئي قافلو سنڀرائي، گجرات
ڏانهن کڻي رخ رکيائين. قافلو چناب درياءَ جي ڀر
ڏيئي گجرات ۾ پهتو. سامان سڙو اُٺن تان لاهي سراءِ
ڀيڙا ٿيا ۽ آرام ڪيائون.
عزت بيگ ۽ سندس سنگتي اُتي شيل شڪار ڪري موجون
ماڻڻ لڳا. هڪڙي ڏينهن کين اتي جي هڪڙي ماڻهو ٻڌايو
ته گجرات شهر ۾ هڪڙو ڪاريگر ڪنڀار ”تلا“ نالي رهي
ٿو. زيب زينت ۾ سندس جوڙيل ٿانون جهڙا، ٻيو ڪوبه
ڪنڀار ٺاهي نه سگهندو. اها خبر ٻڌي، عزت بيگ
پنهنجي هڪڙي نوڪر کي پڪ ڪرڻ لاءِ موڪليو. نوڪر تلا
ڪنڀار جو دڪان ڳولي هٿ ڪيو. دڪان تي طرحين طرحين
رنگن سان چٽيل ٿانوَ رکيا هئا. نوڪر اڃا ٿانوَ پئي
ڏٺا ته اوچتو سندس نظر وڃي هڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ تي
پئي، جنهن جي سونهن سوڀيا، حورن کي ٿي لڄايو. اهڙي
سونهن پَسي، نوڪر ان ڇوڪريءَ بابت پڇا ڪئي. خبر
پيس ته اها تُلا ڪنڀار جي ڌيءُ ”سهڻي“ آهي. نوڪر
خيال ڪيو ته ههڙيءَ حسين نينگر جي مَٽ، ٻي ڪابه
اسان ڪٿي ڪانه ڏٺي. اهي پهه پچائيندو عزت بيگ وٽ
آيو ۽ ان سهڻي جي سونهن جي تعريف ٻڌايائين.
سهڻي جي سونهن جي ساراهه ٻڌي، عزت بيگ، مٿس اڻ ڏٺو
عاشق ٿي پيو. ٽپ ڏئي اٿيو ۽ نوڪر ساڻ وٺي، سهڻي
پسڻ لاءِ اوڏانهن رخ رکيائين. دڪان تي آيو ۽ بهانو
ڪري چيائين ته ٿانوَ وٺڻ آيو آهيان. تُلا کي به ڪو
انهيءَ مهل ڪيڏانهن وڃڻو هو، دڪان تي پهر ڪانه
هئي، سو سهڻي کي سڏي چيائين ته ”ڌيءَ! پري کان
سوداگر ڪهي آيو آهي، ان کي وڃي ٿانوَ ڏيکار، پوءِ
جيڪي پسند اچنس، تن جو مُلهه وٺي رک،“ ائين چئي
تُلا ويندو رهيو.
سهڻي کي ڏسندي ئي عزت بيگ جا حواس خطا ٿي ويا هئا،
سو نظر اڙائي بيهي رهيو. سهڻي گهڻئي ڪاريگريءَ
وارا ٿانوَ ڏيکاريس، پر هن جي وات ۾ ”هان هون“ کان
سواءِ ٻي ٻولي نه هجي. آخر ڪڪ ٿي سهڻي ڪاوڙ مان
چيس ته ”ٿانوَ وٺڻا هجن ته واهه واهه، نه ته وقت
نه وڃايو ۽ وڃي سکيا ٿيو.“ سهڻي جي واتان اهي گفتا
ٻڌي، عزت بيگ، جيڪي منهن سامهون ٿانو آيس سي وٺي
موٽيو ۽ اچي پنهنجي سراءِ ڀيڙو ٿيو.
عزت بيگ موٽيو ته سهي، پر عشق اندر باهه لائي ڇڏي
هيس، سو آرام ئي نه اچيس، ڪيڏانهن کاڌا ويا ۽
ڪيڏانهن پيتا! سڀ ڪجهه وه ٿي آيس. يارن دوستن جي
محفل به نه وڻيس ۽ پنهنجو منهن وٺي اچي پلنگ ڀيڙو
ٿيو. نوڪرن چاڪرن کي هن جي اها حالت ڏسي ڏاڍو
ويچار ٿيو، سو مڙي سڙي وٽس آيا ۽ کائنس انهيءَ جو
سبب پڇيائون. عزت بيگ کين سهڻي جي عشق ۾ گرفتار
ٿيڻ جي خبر ٻڌائي چيو ته: ”ادا، هاڻي ڪا اهڙي صلاح
ڏيو، جنهن مان سهڻي سان روز ملڻ جي واٽ نڪري.“ آخر
نوڪر صلاح ڏنس ته ”تون به شهر جي هڪڙي ڪنڊ ۾ کڻي
دڪان ڪڍ؛ پوءِ سهڻي جي دڪان تان مهانگو سامان خريد
ڪري تون سهانگو وڪڻ ته انهيءَ طرح تنهنجو دڪان به
پيو هلندو ۽ سامان وٺڻ جي بهاني سان سهڻي سان به
روز ملاقات پئي ٿيندي. انهيءَ واپار ۾ ناڻي جو
نقصان برابر آهي، پر تو وٽ به ايترو ناڻو آهي جو
سڄو گجرات شهر مُلهه وٺي سگهين ٿو.“
نوڪر جي صلاح عزت بيگ کي دل ۾ ويهي وئي، سو يڪدم
هڪڙو دڪان خريد ڪري، ان ۾ تُلي کان ٿانو وٺي آڻي
رکيائين. هوڪو هلايائين ته ”تُلي ڪنڀار کان جيتري
ملهه ۾ ٿانءُ ملي، ان جي اڌ ملهه ۾ مون کان وٺو.“
ماڻهن اچي جو خريداري تي زور رکيو ته ڀريل دڪان
ڏينهڪ خالي ٿيو وڃي. عزت بيگ روز تُلي جي دڪان تي
وڃيو جيڪي ٿانوَ ٺهيل هجن، سي وٺيو اچي. انهيءَ
بهاني سهڻي کي پري کان ئي ڏسي، دل خوش ڪيو ايندو
هو. تلو به هن کي وڏو سوداگر سمجهي، مان شان سان
ويهاريندو هو.
چوندا آهن ته کاڌي کوهه به کٽيو وڃن، سو جتي روز
هزارين رپين جو نقصان هجي، اُتي اُٺ ناڻي جا به
ڪيترو هلندا! آخرڪار عزت بيگ واري ملڪيت به اچي
کُٽي، نوڪر چاڪر، سنگتي ساٿي، سڀ آهن سک سان ٻڌل
تن جڏهن ڏٺو ته عزت بيگ ته عشق ۾ اچي سموري دولت
لُٽائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي جي وڌيڪ رهنداسين ته بک
مرنداسين. ۽ پڇاڙيءَ جو راهه خرچ به نصيب ڪونه
ٿيندو. تڏهن صلاح بيهاريائون ته عزت بيگ سهڻي جي
عشق ۾ اهڙو قابو ٿي ويو آهي جو سندس هتان موٽڻ
محال آهي. ڇو نه کيس هتي ئي ڇڏي، پاڻ هلي وطن ڀيڙا
ٿيون! سو هڪڙي رات وجهه وٺي، عزت بيگ کي اڪيلو
ڇڏي، باقي رهيل ٽپڙ ٽاڙي کڻي، روانا ٿي ويا.
صبح جو عزت بيگ ڏسي ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا
آهن، نه نوڪر نه چاڪر، نه سنگتي نه ساٿي! ڪوبه
ڪونهي، جنهن سان کڻي ڳالهائي. هڪ عشق جي آتش، ٻيو
يارن جو وڇوڙو، سو پاڻ کي اڪيلو ڏسي، دنيا جي
بيوفائي تي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. آخرڪار دل کي ڏڍ ڏيئي،
وڃي دڪان تي ويٺو. باقي جيڪي پئسا ڏوڪڙ هئس، انهن
مان ٿانو وٺي، پنهنجي روزاني ڪرت ڪرڻ لڳو. آخر
جڏهن پئسا کٽي ويا، تڏهن وري اوڌر تي مال وٺي اچي
وڪڻڻ لڳو. وري اوڌر به جڏهن تمام گهڻي ٿي ويئي،
تڏهن اتان به جواب مليس.
هاڻي عزت بيگ کي ٻي ڪابه واهه نظر نه آئي، ۽ نه
وري اهڙو ڪو بهانو ٿي سجهيس، جنهن جي ڪري سهڻي جو
ديدار ڪري سگهي. تڏهن هڪڙي ڏينهن تُلي ڪنڀار وٽ
ويو، ۽ ان کي چيائين ته: ”آءٌ سوداگر هئس، مون وٽ
به مال متاع گهڻو هو، پر هڪڙو چورن ڦريس، ٻيو يارن
بيوفائي ڪئي، هاڻي هتي اڪيلو آهيان. بنان ملڪيت
پرديس ۾ گذارو مشڪل آهي. مٿان وري تنهنجو قرض ادا
نه ڪرڻ سبب شرمسار آهيان. هاڻي جي مون کي پاڻ وٽ
نوڪر رکين ته پگهار مان تنهنجو قرض لاهي، پاڻ آجو
ڪري ملڪ موٽي وڃان، ۽ ايترو پئسو به ٿئيم جو راهه
خرچ ڪري وڃي وطن پهچي سگهان.“
تُلي ڪنڀار، عزت بيگ جي احوال تي ويساهه آڻي رحم
کائي، هن کي کڻي پاڻ وٽ نوڪر رکيو ۽ آوي ٻارڻ لاءِ
ڪکن ڪانن ميڙڻ جو ڪم کڻي سندس حوالي ڪيائين. عزت
بيگ تُلي جي ڳالهه برسر مڃي، ڪک ڪانا ميڙڻ خاطر
جهنگ منهن ڪيو، پر سهڻي جي صورت پَسڻ ڌاران سک ئي
نه اچيس، سو ڪک ڪانا ميڙي، ڀري ٺاهي، يڪدم موٽ
کائي، آويءَ جي ڀر ۾ ڀري ڇڏي. پري کان ئي سهڻي کي
پَسي، وري جهنگ منهن ڪري، ائين ڏينهن ۾ ڏهه ور
ڪري. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ايترو ڪک ڪهڄر کڻي گڏ ڪيائين
جو ٻارهن مهينن ۾ به نه کٽي. تُلا ڪنڀار به هن جي
ايماندري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. سو هڪڙي ڏينهن سڏي
پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائينس، ۽ طرحين طرحين طعام
کارائي چيائينس ته هاڻي ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه رهيو
آهي. ڇو ته نوڪر چاڪر تمام گهڻا آهن. تنهنڪري تون
اڄ کان وٺي خاص منهنجي کير پيئڻ واريون مينهون وڃي
چار. ان ڏينهن کان وٺي، عزت بيگ وري مينهون چارڻ
لڳو ۽ ”ميهار“ سڏجڻ لڳو.
هاڻي ميهار جو اهو ڪم وڃي ٿيو جو صبح جو سويل
مينهون پهرائي جهنگ ۾ وٺي ويندو هو ۽ سج لٿي جو
موٽي وٿاڻ ڀيڙو ٿيندو هو. پري کان سهڻي تي نظر
پئجي ويندي هئس. ته سڄي ڏينهن جو ٿَڪ لهي ويندو
هئس. ائين رهندي کيس ڪي ڏينهن لنگهي ويا.
هڪڙي ڏينهن شام جو سهڻي، کير ڏهائڻ لاءِ وٿاڻ ۾
آئي، ميهار به ورهين کان سندس قرب جو سڪايل هو،
تنهن وجهه ڏسي، کيس پنهنجي درد ۽ عشق جو داستان
سڻائي چيس ته ”هاڻي يا ته منهنجي درد جو درمان
ٿيءُ، يا ته تلوار کڻي مون کي پنهنجي هٿن سان ماري
ڇڏ ته هنن سورن کان سدائين لاءِ جند ڇٽي پويم.“
سهڻي به ان مهل الائي ڪهڙن پورن ۾ هئي. سو ان جي
دل ۾ به ميهار جي محبت جي جَڙ لڳي ويئي ۽ هن جي
حال تي رحم آڻي کيس دلداري ڏنائين.
بس، پوءِ ته ٻيئي ڄڻا، جيسين هڪ ٻئي کي نه ڏسن،
تيسين سک ئي نه اچين. شام جو ميهار، مينهون ورائي
وٿاڻ تي اچي ته سهڻي به کير جي بهاني اتي اچي
سهڙي. هڪٻئي جي محبت ۾ ايترو ته محو ٿي ويا جو کين
نه رات جو ننڊ، نه ڏينهن جو آرام، سهڻيءَ کي جنهن
مهل وجهه لڳي، ميهار وٽ اچيو محبت جون ڳالهيون
ڪري.
چوندا آهن ته عشق ۽ مُشڪ لڪي ئي ڪونه. سو هنن کي
به اهڙي حالت ۾ ٻه – چار ڏينهن مس گذريا ته گجرات
جي ماڻهن ۾ چوءپچو شروع ٿي. آخرڪار چغلخورن وڃي
سهڻي جي ماءُ کي، سهڻي ۽ ميهار جي عشق جي حقيقت
کان آگاهه ڪيو. اهو مذڪور ٻڌندي ئي سهڻي جي ماءُ
کي ننهن چوٽيءَ سوڌو باهه وٺي ويئي. ڪاوڙ مان سهڻي
کي سڏي چيائين ته ”نڀاڳي! هيترو پڙهيو ڪڙهيو سڀ
حرام ڪري ڇڏيئي. توکي ڇا ٿيو جو هڪڙي ڪنگال نوڪر
سان وڃي نينهن اڙايئي!“ سهڻي جواب ڏنس ته ”امان!
انگ ازل جو ائين ئي لکيل هو. منهنجو ڏوهه ڪونهي.
جيڪي قسمت ۾ لکيل آهي، سو اَوس ٿيندو.!“ پوءِ ماءُ
کيس، ميهار کان پاڻ پلڻ لاءِ گهڻيئي چيو، پر سهڻي
کيس جواب ڏئي ڇڏيو. انهيءَ تي ماڻس، کيس پٽ پاراتا
ڪرڻ لڳي.
مڃاڻ جو ماءُ ڌيءُ جي اها مقال تُلو ڪنڀار ٻڌندو
پئي آيو، سو ڪاوڙ ۾ تپي لال ٿي ويو، ۽ انهيءَ مهل
ئي ميهار وٽ ويو ۽ ان کي چيائين: ”مون توکي بي
وسيلو ڏسي تنهنجي مدد ڪئي، پر تو نمڪ حرام ٿي
انهيءَ وڻ کي وڍيو، جنهن هيٺ آرام ڪيئي. توکي جيڪر
جوڳي سزا ڏيان ها، پر خدا جو خوف رکي، ڇڏي ٿو
ڏيئين، هاڻي هينئر جو هينئر منهنجي اکين اڳيان ٽري
وڃ.“
هڪ طرف تُلي جو حڪم ٻڌي، ٻئي طرف سهڻي تي ٿيندڙ
سختي ڏسي ميهار وڏي غم ۾ پئجي ويو. ماٺڙي ڪري،
گجرات شهر ڇڏي هليو ويو. جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ
– جهنگ منهن ڏيئي پنهنجي حال تي ۽ سهڻي جي وڇوڙي ۾
رات ڏينهن روئندو رهيو. آخرڪار خيال ڪيائين ته
هاڻي هن جوءِ ۾ گذارڻ محال آهي، تنهنڪري فقيراڻو
لباس ڪري، درياءَ جي ٻي ڀر وڃي مڪان ٺاهي ويٺو،
جتان گجرات شهر کي ڏسي پئي سهڻي کي ياد ڪيائين.
هوڏانهن سهڻي جي ماءُ – پيءُ پاڻ ۾ مصلحت ڪئي ته
ڇو نه سهڻي جي شادي ڪري ڇڏجي ته من ميهار تان
ارواح پلجي وڃيس. سو تڙ تڪڙ ۾ پنهنجي عزازت ۾ هن
جو سڱ ڪري ڇڏيائون، ۽ ڏاڍا ڏاج ڏيوڻ ڪري سهڻي کي
ساهرين گهر روانو ڪيائون. گهوٽ کي جو سهڻي جهڙي
سدا ملوڪ ڪنوار ملي وئي هئي، سو ڪپڙن ۾ ئي نه پيو
ماپي. آخرت رات جو گهوٽ ڪنوار اڪيلا ٿيا، ته گهوٽ
وڃي سندس پلنگ تي ويٺو. سهڻي کي ته هئو ميهار جي
وڇوڙي جو ارمان، تنهن زار زار پئي رنو. گهوٽ ليکي
ته سهڻي مائٽن جي ارمان ۾ ٿي روئي، سو پاٻوهه سان
پرڀائڻ ۽ پرچائڻ لڳس. تنهن تي سهڻي خدا کي سوال
ڪيو ته ”مون کي هن بدوءَ جي دست اندازي کان پناهه
ڏي.“ قدرت سان، سهڻي جو گهوٽ تي اهڙو ڪو ازغيبي
اثر اچي پيو جو هو پئي پلنگ تي وڃي منهن ويڙهي
سمهي رهيو ۽ سهڻي به ميهار کي ساريندي سمهي رهي.
هوڏانهن ميهار کي جڏهن سهڻي جي پرڻجڻ جي خبر پئي،
تڏهن هڪڙو خط، مهڻن ۽ ميارن جو لکي، سهڻي جي هڪڙي
ساهيڙي کي ڏنائين ته وڃي سهڻي کي ڏي. سهڻي کي خط
مليو ته خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳي. يڪدم خط پڙهيائين، پر
خط ۾ هئا رڳو مهڻا ۽ بيوفائي جا ڏوراپا، سو افسوس
۾ پئجي ميهار کي جواب ۾ لکيائين ته: جي يار سچار
آهين ته منهنجي ڳالهه تي ڀروسو ڪر. منهنجي شادي
برابر ٿي آهي، پر منهنجن رضامندي کانسواءِ. ڏاڍن
مون سان ڏاڍ ڪيو، پر خدا منهنجي لڄ بچائي آهي. آءٌ
پاڻ تنهنجي جدائي ۾ رات ڏينهن رئندي، توسان ملڻ
لاءِ ڌڻيءَ در سوال ڪندي رهان ٿي. هاڻ اڄ رات جو
درياءَ تري اورينءَ ڀر اچ ته ملاقات ڪريون.
قاصد خط وڃي ميهار کي ڏنو. وڇڙيل يار کان وصل جو
خط پڙهي، اولائي لهي پيس، ۽ غم وهم سڀ وسري ويس.
يڪدم سنڀري ٺهي، درياءَ جي ڪنڌي تي ويو. ۽ ميربحر
کان تازو ڪرڙو ملهه وٺي، چيري، مرچ مصالحا وجهي،
پچائي سوکڙي ڪري پاڻ سان کنيائين. هوڏانهن سج لٿو،
هيڏانهن هيءُ درياءَ ۾ گهڙيو. ٻيءَ ڀر تي سهڻي
اڳيئي هن جي انتظار ۾ بيٺي هئي. ٻيئي عاشق معشوق
پاڻ ۾ مليا. هڪ ٻئي سان سور اوريائون، پڪل مڇي،
گڏجي کاڌائون، ۽ پوءِ ويهي محبت جي ريجهه رهاڻ ڪرڻ
لڳا. تان جو پرهه ڦٽيءَ جو وقت اچي ٿيو ۽ هنن هڪ
ٻئي کان موڪلايو. موڪلائڻ وقت سهڻي چيس ته: ميهار!
تون روز رات جو درياءَ تري ايندو ڪر، نه ته آءٌ
روئي رڙي مري وينديس. آءٌ روز هتي تنهنجو انتظار
ڪنديس. ميهار ته گهورو ئي ان ڳالهه جو هو، تنهن
ٻيءَ رات اچڻ جو واعدو ڪري موڪلايو. ان بعد هو
روزانو رات جو پڪل مڇي پاڻ سان کڻي، درياءُ تري
اچي سهڻيءَ سان ملندو هو. ائين هنن کي ڳچ ڏينهن
گذري ويا.
هڪڙي ڏينهن قدرت سان مينهن ۽ طوفان اچي ٿيو، سو
ميهار کي مڇي ملي ڪانه سگهي. جيئن ته هو روزانو
مڇي پچائي کڻي ويندو هو. تنهنڪري ان ڏينهن هٿين
ٺلهو وڃڻ مناسب نه سمجهيائين. ٻي به ڪا اهڙي شيءِ
ڪانه ٿي سجهيس، جيڪا سهڻي لاءِ سوکڙي ڪري کڻي وڃي.
آخر خيال ڪيائين ته اهڙي محبوب لاءِ پنهنجي جان
کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تحفو ٿي سگهي ٿو؟ سو ڪاتي کڻي
پنهنجي ران مان گوشت ڪوري، ان ۾ مرچ مصالح وجهي،
جيئن مڇي پچائيندو هو، تيئن ٺاهي، مٿي سان ٻڌي،
الله توهار ڪري درياءَ ۾ گهڙي پيو.
هوڏانهن سهڻي به درياءَ جي ٻي ڀر تي ويٺي ميهار جو
رستو ڏٺو. ميهار کي البت ڪجهه دير ٿي ويئي هئي.
سهڻي کي دليل پيو ته متان مينهن واءُ کان ڊڄي
ميهار ويهي رهيو هجي!... اڃان انهيءَ اڻ تڻ ۾ هئي
ته ميهار به اچي سهڙيو. سهڻي سندس عشق صادق ڏسي،
ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌس. سهڻي کي ساهرين گهر ماني زهر
ٿي هئي. سا ميهار جي انتظار ۾ هوندي هئي ته هو پڪل
مڇي آڻي ته گڏجي ويهي کائون. ان رات به سهڻي هئي
بکايل، امالڪ پڪل گوشت مان ٽڪر وات ۾ وڌائين پر
ذائقو بدليل لڳس. سو ميهار کان پڇيائين ته: اڄ ڇا
آندو اٿئي؟ ميهار ڪڇيو ئي ڪونه. تنهن تي سهڻي وري
چيس: توکي قسم آهي، جيڪا حقيقت هجي سا کولي ٻڌاءِ!
تڏهن ميهار کيس حقيقت کان واقف ڪيو. اتي سهڻي منهن
مٿو پٽي زار زار روئڻ لڳي ته اهڙي بک ئي گهوري،
جنهن مان جيءَ جو وڻاءُ ٿئي. آئيندي لاءِ ميهار کي
چيائين ته: هاڻي درياءَ تي تري اچڻ جو منهنجو وارو
آهي- ۽ تون پرينءَ ڀر ويهي منهنجي اچڻ جو انتظار
ڪج.
ٻيءَ رات، سهڻي ٻه پهر رات جا گذاري، دلو کڻي
لڪندي لڪندي درياءَ تي آئي، ۽ الله توهار ڪري
درياءَ ۾ گهڙي پئي. هٿ هڻندي، لهرين مان لڏندي،
پرينءَ ڀر پهتي، جتي ميهار اڳيئي سندس انتظار ۾
ويٺو هو. باقي رات رهاڻ ڪري، ميهار ساڻ وري ملڻ جو
واعدو ڪري، صبح ٿيڻ کان اڳ سهڻي وري واپس موٽي
آئي. اهڙي طرح سهڻي به پنهنجو دستور بنائي ڇڏيو ۽
روز رات جو درياءُ تري ميهار سان ملڻ ويندي هئي.
توڙي اونداهي رات هجي يا طوفان پر سهڻي جي سڪ ۾ ڪو
فرق ڪونه آيو.
هڪڙيءَ رات جيئن ٿي سهڻي اُٿي گهر مان نڪتي، ته
سندس نڻان جي اک کلي پئي. اها به پير پير ۾ ڏيئي،
سندس پٺ اچي درياءَ تي نڪتي، ۽ سمورو لقاءُ ڏسي
موٽي اچي سمهي رهي. ٻئي ڏينهن نڻانس ڇا ڪيو جو
هڪڙو ڪچو گهڙو کڻي وڃي انهي هنڌ رکي آئي، جتي سهڻي
پڪو گهڙو لڪائي رکي آئي هئي، ۽ اتي رکيل پڪو گهڙو
کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. دستور موجب، سهڻي اڌ
رات جو اٿي درياءَ تي آئي، اتي جان کڻي ڏسي ته
مار! پڪي گهڙي بدران ڪچو گهڙو رکيو آهي! حيران ٿي
وئي. خيال ڪيائين ته ڪچو گهڙو پاڻيءَ ۾ پوڻ سان
ڀري پوندو، پر عشق جي راهه ۾ پوئتي موٽڻ مهڻو آهي.
پوءِ ته ڌڻيءَ در سوال ڪيائين ته: يا خدا! مون کي
هن سير مان اُڪاري پار ڪرين! ائين الله توهر ڪري،
ڪچو گهڙو کڻي درياءَ ۾ ٽپي پئي.
انهيءَ رات قضا سان، سياري جو سيءُ به زور هو ته
اوريڪن جي به انتها ڪانه هئي. کنوڻ، گجگوڙ، مينهن،
واءُ، درياءَ جي ڇولين، ڪنن جي ڪڙڪن، سڀني سهڻي کي
هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هوءَ ڪنهن جي به پرواهه نه
ڪري، ميهار اکئين ڪري، ترندي پئي ويئي. اڃان وچ
سير ۾ مس پهتي ته ڪچو گهڙو ڳري ويو. پر سهڻي همت
نه هاري ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ هٿ-پير هڻي ترڻ لڳي. مگر
جيئن ته اڻ تارو هئي، ان ڪري ٿوري ئي دير ۾ غوطن
پٺيان غوطا کائڻ لڳي. تان جو پاڻيءَ ۾ پاڻ
پتوڙيندي پساهه ڏنائين ۽ لهرين ۾ لڙهڻ لڳي. |