سس پڇيو سهڻي کان، ڪٿي هُيين رات
ڪميني آهي لڄائي، اسان جي تو ذات
ڪوڙ ٻولائج ڪينڪي، سچي سڻاءِ بات
مينهن جي ميهار جي، اٿئي ڪهڙي تات
مار کائيندينءَ مائي تون، ملندئي ڪين نجات
ڪهي ڇڏيندئي ڪميني، ڪانڌ کڻي ڪات
وڃي هاڻ ”حقير“ چئي، ڪر تون آپگهات
ماري ڪر تون مات، پاڻهي پاڻ سهڻي.
47- پاڻهي پاڻ سهڻي، ماري ڇڏ شتاب
سهڻيءَ ڏنو سس کي، جلد هي جواب
مائي آهي ڪانه ڪا، منهنجي چال خراب
اٿئي ڪهڙي باهه ٻاري، مون بنديءَ جي باب
مائي منهنجي من ۾، آهي ڪونه دولاب
اٿم ڪونه آيل ڪو، جن جو حساب
مهڻا ڏيئي ميهار جا، ڪر نه دل ڪباب
ڏم اچي ٿو ڏهاڻي، ڪري ٿو تک تاب
مون کي ناحق ماري ٿو، ڏئي ٿو گهڻو عذاب
اوهان جي گهر آب، منهنجو آهي ڪونڪو.
48- منهنجو آهي ڪونڪو، مائي هت مان
هتي منهنجو ”حقير“ چئي، هنيون آهي حيران
موڪل ڏيو وڃي ڏسان، اباڻو ماڳ مڪان
مون کي وڻي ٿو ڪينڪي، هتي ڪو انسان
سڻي ڳالهيون سهڻيءَ جون، ڏمريو ڏم خان
مار ڏنئين مائيءَ کي، چڙهي ويس جولان
سَس ڇڏايو سهڻيءَ کي، ڪري گوڙ گهمسان
سهڻي ڪڇي ڪينڪي، الله ڏنس ايمان
وڌي ويس ارمان، جنهن مان بُت بيمار ٿيو.
49- جنهن مان بُت بيمار ٿيو، وڌي ويو آزار
ساڙڻ لڳو سرير کي، بره جو بخار
گهرايو پير وڏل کي، وڏن ڪري ويچار
اچي مائيءَ سهڻيءَ جو، وڏل ڪيو ديدار
ڦيڻا رکئين ڦند جا، سهڻيءَ تي صدبار
ڏهين ڏينهن هلڪو ٿيو، بيماريءَ جو بار
سهڻي آئي اڱڻ تي، ناز ڀري نار
نهاريو بيهي نماڻيءَ، مهراڻ جي پار
مهراڻ جي ڪپ تي، ڏسان من ميهار
ويٺي نماز وڏل پڙهي، ڏٺئين ڪونج ڪنوار
سهڻي ڏسي وسري ويس، جڳ جو جوڙڻهار
سهڻي لنگهي پير اڳيان، اهڙو هوس خمار
هن کي ياد هو ”حقير“ چئي، دل گهريو دلدار
ٻيو ڏٺئين ٿي ڪونه ڪو، ٻڍو توڙي ٻار
نماز پڙهي فارغ ٿيو، وڏل پير وينجهار
تنهن چيوڙي سهڻي، آهين تو سرشار
منهنجي نماز ڀڳي اٿئي، اڳيان اچي نروار
معافي گهر مون کان، تون آهين گنهگار
سهڻيءَ چيو وڏل سائين، ڏسي ٿو ڏسڻهار
آهيان انڌي اکين کان، ڄاڻي ٿو ڄاڻڻهار
صرف ڏسان ٿي وڏل سائين، آءٌ ساهڙ سردار
ڪندو معاف مهر سان، بديون بخشڻهار
سڻي ڳالهه سهڻيءَ جي، ٿيو شرمسار
توبهه ڪري، تائب ٿيو رُنو زاروزار
سڏيان ڀيڻ سهڻيءَ کي، ۽ ڪيئين اقرار
ته ڪڍيم دغا دل مان، مائي مڻيادار
ادي ڪر اعتبار، نوڪر نه ٿيندس نفس جو.
50- نوڪر نه ٿيندس نفس جو، ادي ڪر اعتبار
انسان جي عشق ۾، تون آهين گرفتار
ڪنهن کي ڏسين ٿي ڪينڪي، ڏسين ٿي ميهار
ڪٿي هوندو ڪو نه ڪو، مون جهڙو مڪار
سڏايان ٿو عاشق الله جو، ناز ڀري نار
پر ڪريان ٿو ڪوڙ آءٌ، ناهيان ڪلادار
ڪرينم دعائون دل سان، ڪري يار ستار
ته دور رهان دوئيءَ کان، نه ٿيان گنهگار
ڪئي سهڻيءَ دعا دل سان، راضي ٿيو ڪلتار
ملي ولايت وڏل کي، ٿيو خوش بسيار
عاشق هو سهڻيءَ تي، هڪڙو زميندار
سو ظالم ۽ زاني هو، بڇڙو بيوقار
تنهن ڪوٺي چيو ڪُٽڻ کي، سڻ تون سماچار
ته سگهي وڃ سهڻيءَ ڌي، کڻي سوکڙيون چار
وڃي ريجهائينس رمز سان، ڇڏي ٻيو ڪم ڪار
ٿيندس شڪر گذار، مڃيندينءَ چيو جي منهنجو.
51- مڃيندينءَ چيو جي منهنجو، ٿيندس خوش بسيار
ڌوتيءَ چيو وڏيري کي، ڪريان ٿي اقرار
ڦاسائينديس سهڻيءَ کي، ڄام پکيڙي ڄار
پڄندي آس اندر جي، لهندو انتظار
ايندي سنئين پير تي، وير نه ڪر ويچار
هلي آئي ”حقير“ چئي، مائي وٽ مڪار
چوريو اچي چوڙيليءَ، کي نڀاڳي نڪار
سڻي صلاحون ڌوتيءَ، جون ڪاوڙجي پئي ڪنوار
چيئين نڪر نڀاڳي، خالق ڪرئي خوار
تون ڪرين ٿي ڪُٽڻپو، وٺي پئسا چار
ڪوهه ڪرين ٿي پاڻ کي، گڏهه گنهگار
اشراف آهين ڪين تون، آهين تون بدڪار
ڌوتي آهين ڌيءَ جي، ڄاڻي ٿو ستار
پڇا ڪندو قيامت ۾، ڏيهن جو ڏاتار
دولابڻ وجهندئي دوزخ ۾، ملڪ ڌڻي مختار
سمجهه ڪر سياڻي ٿي، آهي رب قهار
ڪين ڇڏائيندئي قبر ۾، ظاهر زميندار
وڃي سمجهاءِ وڏيري کي، تون نار نروار
ته ستاءِ نه سقيمن کي، تون وير ڪر ويچار
حامي آهي هيڻن جو، جڳ جو جوڙڻهار
آهيان آءٌ سرشار، اٿم هوش ڪونه ”حقير“ چئي.
52- اٿم هوش ڪونه ”حقير“ چئي، چريءَ کي نه چور
زميندار ڏسي زر کي، آهي اهو سور
انسان آهي ڪينڪي، آهي ٿيو اٺور
تڏهن چوي ٿو چلولو، نينهن مون سان ٽور
هِر کيس آءٌ ڪينڪي، ڏسي مانيءَ ڀور
نيبهه ٿيندس ڪينڪي، جفا ۽ جور
جيئندو ڪين جڳ ۾، اهو حرامخور
ظالم جو زور، قادر ڀڃندو ڪرم سان.
53- قادر ڀڃندو ڪرم سان، ڪميني جو ڪنڌ
لهي ويندس لحظي ۾، اکين تان انڌ
نڪر هتان نڀاڳي تون، وٽ ڪميني پنڌ
سڀ سمجهان ٿي تنهنجو، آءٌ فريبڻ ڦند
ڪُٽائينديس ڪنڌ، وري ايندينءَ جي هتي.
54- وري ايندينءَ جي هتي، مائي ملندئي مار
ڏسي چِڙ چوڙيليءَ جي، وسري ويس تار
اٿي هلي ”حاجي“ چئي، کوٽي جهلي کار
آئي سا وڏيري وٽ، وڏيري ڪئي نهار
مائيءَ ڪئي ملول ٿي، گڏجڻ سان گفتار
سهڻيءَ جي سائين تون، کڻي ڇڏ پچار
آهي هن جي دل کي، مست ڪيو ميهار
سچي آهي سهڻيءَ کي، لڳي ويئي لغار
ميان آهي مائيءَ کي، ساڃاءِ ڏني ستار
مون تي ناهي ميار، ڪڏهن ريجهندي ڪينڪي.
55- ڪڏهن ريجهندي ڪينڪي، ابا ڪر اعتبار
سهڻيءَ سان ملڻ جو، وير نه ڪر ويچار
هن چيو ”حقير“ چئي، آهيان آءٌ سرشار
مائي آهي محبت ۾، ٿيو بُت بيمار
سهڻيءَ جهڙي سهڻي ڪانهي، ملڪ ۾ ڪا نار
آهن هن جي اڳيان اڄ، حورون شرمسار
هرڪو هن جي حسن جو، آهي خريدار
وڃ وري تون سهڻيءَ وٽ، وڃي پکيڙ ڄار
من ڦاسي محبت ۾، ڏم جي ڪونج ڪنوار
پوري مراد من جي، ڪندو ڪردگار
کڻ هي ڪپڙو قيمتي، کڻي هي چندن- هار
وڃي چئو سهڻيءَ کي، ڪر تون هار سينگار
ڳڻتي ڳاراڻو ڇڏي تون، جوءِ ڪر جنسار
سڻي ڳالهه وڏيري جي، ڪُٽن ڪيو انڪار
ڏنيون گاريون ڏائڻ کي، وڏيري ٽي- چار
چيئين چوٽ پَٽئين ٿو، لُچي رَن مڪار
ڀڳي وٺي ڀؤ کان، نڪري ٻاهر نار.
هاڻي وري سهڻي جو، سڻو سماچار
اُٿي هلي آڌيءَ جو، ڏسڻ مرد ميهار
مائي آئي مهراڻ تي، ڪري ياد ستار
کِنوڻ چمڪي پورب ڏي، گوڙ ڪيو گجڪار
جُهڙ آيو جهَڪ سان، ٿيو چوڏس انڌڪار
سهڻي ڊني ڪينڪي، هي ڏسي اسرار
گهڙو کڻي گِهڙي پئي، برهه جي بيمار
اچي پهتي پار، ڪرم سان ڪريم جي.
56- ڪرم سان ڪريم جي، اچي پهتي پار
ستل هو ڪينڪي، جاڳيو پئي ميهار
آئي سهڻي ساهڙ وٽ، لٿس انتظار
ساهڙ چيو سهڻيءَ کي، آهين تو سرشار
سچ پچ آهين سهڻي تون، بت مان بيزار
ڏسي موج مهراڻ جي، ڊڄين ٿي نه ڪنوار
آهي اڄ چؤطرف، مائي انڌوڪار
ڏسي ڪُن ڪنبي ٿو، ماڻهوءَ جو ٻار
واڳون آهن مهراڻ ۾، ۽ آهن سينسار
سهڻيءَ چيو ساهڙ کي، ماري ٿو آزار
گهر ڇڏيو ۽ گهوٽ ڇڏيو، اچان ٿي لاچار
جيسين بهاوالدين جو، ڪنديس نه ديدار
تيسين اينديس پئي هتي، چوان ٿي نروار
دوا ڪندو درد جي، غوث نامدار
اٿم ڪو نه عزرائيل جو، ادا خوف زنهار
مون کي ڇا واڳون ڪندو، ۽ واسينگ ڪلادار
مون کي ڇا سير ڪندي، ۽ منهنجو ڏم ڀتار
آهيان ٿي ادا آءٌ، خلق ۾ خوار
ننگ، شرم ۽ جيئڻ کان، آهيان آءٌ بيزار
مروندي سردار، ٻڪي ڏيندم ٻاجهه سان.
57- ٻڪي ڏيندم ٻاجهه سان، گم ٿيندا گوندر
وڻندو وڇار پوءِ مون کي، ادا گهر ۾ ور
ساهڙ چيو سهڻيءَ کي، تون ڳڻتي نه ڪر
ايندو هت بهاوالدين، ۽ عثمان قلندر
ڪندا توتي ڪامڻي، ڪرم جي نظر
آهي هاڻي رات جو، پويون ٿيو پهر
وڃ وري پوئتي، سَعيو ڪري ڪونڌر
موڪلائي مائي اُٿي، اچي پهتي گهر
سهڻيءَ کي ڏسي سس جو، جلي ويو جگر
چيئين نڪر نڀاڳي، ٻاهر وڃي مر
ڪونهي توکي ڪانڌ جو، ڪو هٺيلي حذر
هاڻي هڻان ٿي توکي آءٌ، ندوري نيَر
سهڻي توکي سڌو ڪندو، پير جو پادر
جوءِ تو ۾ حيا جو، ڏسان ٿي ڪو نه اکر
ڌڻي پاڪ پرور، جيئرو نه ڇڏيندئي جڳ ۾.
58- جيئرو نه ڇڏيندئي جڳ ۾، هاڻي هڻين ٿي نِيَر
پيو نيرَ نماڻي کي، پئي ڪاوڙجي ڪونڌر
چيئين ماري ڇڏينم مائي، تون کڻي خنجر
رڙي روئي نيڻن مان، جام وهايئين جر
پر سَس ڪيو ڪونڪو، مهر جو نظر
سهڻي سانڍيو صبر سان، سورن جو سمر
زميندار کي هن ظلم جي، پئي خبر سربسر
هن موڪلي ”حقير“ چئي ڌوتي هوشوَر
حاجياڻي فقيرياڻي ٿي، آئي سهڻيءَ جي گهر
چيو ڌوتيءَ چوڙيليءَ کي، آهين تون منتظر
آهي توتي سس جو، ۽ ڏم جو ڏمر
اچي ٿو ڪو نه تو وٽ ڪو، باباڻن مان بشر
سس وڌو آهي ساڙ مان، نار تو کي نيَر
مري ويندئين بند ۾، ڄاڻي ٿو پرور
مڃ صلاح منهنجي، تون مفت ڪين مر
مائي هاڻي مڙس تون، زميندار ڪر
سهڻي چيو نينگر، وڃي ڏي وڏيري کي.
59- وڃي ڏي وڏيري کي، تون پنهنجي نينگر
وڏيرو ڏيندئي ”حقير“ چئي، زر ۽ زيور
نڪري وڃ نڀاڳي تون، ڇڏي منهنجو گهر
ڌوتيءَ دهشت ڪين جهلي، هلي وئي هوشوَر
ورتو مرض وڏيري کي، ٿيو گهڻو ششدر
مري ويو ڪين بچيو، ظلم زوراور
اگهاڻو سوال سهڻيءَ جو، وٽ رحيم پرور
ويو وڏل پير کي، وٺڻ هڪ بشر
پير آيو پنڌ ڪري، سڻي خبر سربسر
اچي ڏٺئين ته سهڻيءَ کي، آهي پيو نيَر
بيمار آهي بند ۾، ڪانهي خوش ڪونڌر
لاهي نِيَر هٿن سان، ٿيو پير خوشتر
چيئين سهڻيءَ جي سس کي، مائي، قياس ڪر
ستاء ڪين سهڻيءَ کي، ڏاهي ڇڏ ڏمر
صاف ڪيو سهڻيءَ جو، آهي رب اندر
ڪونه ڄاڻي ٿي قسم سان، مائي ڪو مڪر
هن تي آهي الله ڪيو، رحم جو نظر
توهين ڪريو نه حذر، ڪارو ڪندي نه ڪڙم کي.
60- ڪارو ڪندي نه ڪڙم کي، مائي ڪر اعتبار
ڪيئن ٿي ڪامڻي، شڪ جو شڪار
ساهرن کي سهڻيءَ جي، پارت ڪيئين بسيار
پوءِ هليو ويو ”حقير“ چئي، سهڻو سخي سردار
ويندي هئي سهڻي ساهڙ ڏي، تري ڪُن ڪارونڀار
سهڻيءَ جي سس کي، هو دل ۾ گهڻو کار
هڪڙي رات سهڻيءَ اُٿي، چتائي ڏٺو چوڌار
انهيءَ مهل ڪو نه هو، بشر ڪو بيدار
مائي هلي مهراڻ ڏي، ڪري ياد ستار
سهڻيءَ پٺيان سس هلي، ڪري هي ويچار
ته نڪري ٻاهر گهر کان، ڪري ٿي ڇا ڪنوار
سهڻي آئي مهراڻ تي، حب مان حبدار
ڪڍيئين دلو ڪانهن مان، لٿس انتظار
ڪاهي پئي ڪُنن ۾، بره جي بيمار
سس کي سيءُ وٺي ويو، ڏسي هي اسرار
ويهي رهي وينجهار، سورهيائي ڏسڻ سهڻيءَ جي.
61- سورهيائي ڏسڻ سهڻيءَ جي، ويهي رهي وينجهار
سهڻي موٽي دير سان، ڏسي ڄام ميهار
لڪائي رکيو دلي کي، ڪانهن ۾ ڪنوار
سوءِ آئي گهر پنهنجي، هيءَ نماڻي نار
سس ڪڇي ڪينڪي، ڏسي هي اسرار
دلو ڪڍيو ڪانهن مان، سهڻيءَ جو مڪار
کوٽي آئي سو کڻي، لٿس انتظار
هڪڙو هو ”حاجي“ چئي، ڪاريگر ڪنڀار
ڪنڀارڪي هنر ۾، هو گهڻو هوشيار
سهڻيءَ جي سس صبح جو، تڏهن ٿي بيدار
اٿي هلي ڪنڀار ڏي، ڇڏي ٻيو ڪم ڪار
رکيو هن نڪار، آڻي دلو ڪنڀار اڳيان.
62- آڻي دلو ڪنڀار اڳيان، مائيءَ هئن چيو
ته هن جهڙو جوڙي ڏينم، ڪنڀار دلو ڪچو
هجي ڪين ”حقير“ چئي، هن کان سو وڏو
هجن چِٽ هن جهڙا، سڀڪو سمجهي پڪو
جوڙي ڏينم تون جلدي، اڄ گهرجيم ٿو
ٻڌائج مَ ٻين کي، لائق ڪج اهو
قيمت آءٌ ڪَچي جي، ڏيان ٿي روڪ رپيو
ڪنڀار چيو قرب مان، ويهي جوڙيان ٿو
ڪين ٻڌائيندس ڪنهن کي، پوندو ڪين پتو
کڻي وڃج وچينءَ جو، سعيو ڪري سِگهو
مائي ڏئي دِلو، موٽي پنهنجي مڪان تي.
63- موٽي پنهنجي مڪان تي، اچي ڏٺئين ڪنوار
ڏسي صورت سهڻي جي، سڙي وئي نڪار
ڏينهن گذريو خير سان، اچي وئي ٽڪار
سوجهرو ويو سنسار مان، ٿيو چوڏس انڌڪار
ڪاهي وئي ڪنڀار وٽ، کڻڻ دلو نار
دلو کڻي درياءَ تي، آئي سان مڪار
ڪَچو رکي ڪانهن ۾، ٿي خوش بسيار
پڪو وڌائين پاڻيءَ ۾، ڪري ياد ستار
لاهي سڀ ڪم ڪار، مائي آئي مڪان تي.
64- مائي آئي مڪان تي، ٿيس من سڌير
ويهي ڀاتين وچ ۾، کاڌائين ڀت کير
هفتي کان پوءِ هڪ رات، چئي ”حاجي حقير“
اُٿي سهڻي آڌيءَ جو، ڪري ياد قدير
آيو ياد مائي کي، بهاوالدين پير
ڪري ياد قلندر کي، سهڻي ٿي دلگير
مائي هلي مهراڻ ڏي، ڏسڻ ميهار مير
ڪَچو کڻي ڪاهي پئي، عشق جي اَُسير
ڊني ڪين درياءَ جو، نماڻي ڏسي نير
جئن تکو وڃي ٿو تير، تئن ترندي وئي مهراڻ ۾.
65- ترندي وئي مهراڻ ۾، ڳري ويو ڪَچو
هاريو ڪين ”حقير“ چئي، هنيون سهڻي جو
هلندي وئي هن پار ڏي، سنڀالي سائين سچو
اچي پئي اوڙاهه ۾، هن جو ڀاڳ ڦٽو
هنيئين بازون همت سان، ڪجهه ڪين وريو
هڻندي هٿ هن جو ٿيو، ساڻو بت سڄو
ڪيئين سڏ ساهڙ کي، موت ڏسي ويجهو
متل هو مهراڻ ۾، ڪُنن جو ڪڙڪو
ڪو نه سڏ ساهڙ ڪو، ٻانهياريءَ جو ٻڌو
طاقت ويئي تَن مان، ٿيو جيءُ جڏو
مرڻ جو خوف مائيءَ کي، هو ذرو ڪونڪو
درويشن جي ديدار، جو هن کي شوق هو
چيو چوڙيليءَ سڏ ڪري، آهي ڪو اهڙو
جو سڏي اچي ساهڙ کي، مون وٽ هت سِگهو
ته پڇان آءٌ ميهار کان، پيرن جو پتو
سڏ ڪندي سهڻي جو، نڪري ساهه ويو
مرڻ مهل مائي هو، ڪلمو پاڪ پڙهيو
ساهه پڄاڻان سير ۾، لڙهي لاش هليو
روح سهڻي جو رب سائين، هو آزاد ڪيو
ميهار جي مڪان تي، هلي آيو سو
ڪري رهاڻ روح سان، ميهار ٿيو ماندو
ميهار اچي مهراڻ ۾، گهڙي گهوٽ پيو
ترندي تار پاڻي ۾، هن جو روح گڏيو
لاش لڙهي ويو سير ۾، باقي روح رهيو
اچي سهڻيءَ جي روح سان، هن جو روح گڏيو
ٻنهي وڃي ملتان ۾، غوث پاڪ ڏٺو
پُنس مراد من جي، موليٰ هن کي مليو
ڊني ڪين خواري کان، ڪيئين نه ساهه مٺو
مري پهتي مطلب کي، ڏاهي هيءَ ڏسو
پرت مان هاڻ پڙهو، اوهين نام الله جو.
لا اِلہٰ الا الله محمد رسول الله.
روايت [3]
ميهار جو سهڻي کي مارائڻ واري ڳالهه
[”سهڻي ۽ ميهار“ جي قصي جي هيءَ روايت سنڌ جي
اُترئين خطي مان ملي آهي، جنهن ۾ ڪي واقعا سنڌ ۾
عام مشهور قصي کان مختلف آهن، انهيءَ ڪري هن روايت
کي جدا ڪري رکيو ويو آهي.
هن روايت جا خاص نڪتا هي آهن ته: (1) درويش گوگي
چهواڻ جو ڪرامت وارو گوشت کائي، چار چور الله وارا
بزرگ بنيا ۽ اهي ساهڙ جي وٿاڻ تي آيا. (2) سهڻي جي
ساهڙ سان ئي محبت ٿي، ۽ ان سان ملڻ لاءِ ئي هو
درياءَ تري ويندي هئي. (3) سهڻي ميهار جي اک ۾ ڦلو
ڏٺو، تڏهن ميهار سمجهيو ته هاڻي محبت گهٽ ٿي اٿس
جو عيب ڏسڻ شروع ڪيا اٿس. تنهنڪري ڪنڀار کي چئي
ڪَچو گَهڙو رکيائين، جنهنڪري سهڻي درياءَ ۾ ٻڏي
مئي.
انهن نُڪتن تي مشتمل نظم ۽ نثر جون هيٺيون ٽي
روايتون شامل ڪيون ويون آهن: (الف) شاعر چڱي شر جي
بيتن واري روايت (ب) ميرپور ماٿيلي طرف نثر ۾
هلندڙ ڳالهه ۽ (ج) شاعر غمٽار مهر جي بيتن ۾ بيان
ٿيل ڳالهه.]
(الف) نالي چڱي شر جي بيتن واري روايت[1]
[هنن بيتن مان سهڻي ۽ ميهار جي قصي جا ٽاڻا هن طرح ملن ٿا: سهڻي
کي سسڻس تڏهن سهي ڪيو، جڏهن هوءَ صبح جو ننڊ جا
جهوٽا کائڻ لڳي. سس پڇيس ته: سهڻي! رات ڪٿي رهي
آئي آهين ڇا، جو اڃان سج ئي مس اُڀريو آهي ته
جهوٽا پيئي کائين! سهڻي جواب ڏنو ته: سس! انهيءَ
ڪري ئي چيو اٿن ته سَسُون چڱيون نه آهن. مون کي
مٿي جي سور سڄي رات اوجاڳو ڪرايو آهي، پر تون وري
شڪ رکي ناحق ٿي ڏوهه ڏين.
سس سهي ڪيو ته سهڻي ڪوڙ ٿي ڳالهائي، سو کانئس سچي
ڪرائڻ لاءِ اٽڪل سان چوڻ لڳيس: سهڻي! آءٌ ماءُ تون
ڌيءَ، مون کان لڪائڻ واجب ناهي. هتي ٽيون ماڻهو ته
ٻُڌڻ وارو ئي ڪونهي. تنهنڪري جيڪو ڏک سور هجئي سو
مون کي ٻڌاءِ، انهيءَ ۾ تنهنجو ڀلو آهي.
سهڻي ڀانيو ته سس منهنجي ٿي ويئي. سو اندر جو حال
اورڻ لڳيس ته: سس عيبن هاڻي هر ڪا آهي، پر منهنجا
چارئي پاند پسيا پيا آهن. اُهو هئين جو جڏهن ميهار
جي چڙن جا آواز ٿي ٻڌان، تڏهن سک ڦِٽيو پويم.
انهيءَ ڪري جو ميهار سان لئون لڳل اٿم. پوءِ اڌ
رات جو اُٿي، دلي تي درياءَ تري وڃي، ميهار سان
ملندي آهيان.
سسڻس، سهڻي جي واتان احوال ٻڌي دل ۾ رکيو، وڃي ڏم
کي ٻڌايائين، چيائينس ته تون ڪنڌيءَ پريان لِڪي
اچي بيهه. آءٌ سهڻي جي واتان سندس داستان
چوائينديس. جو پنهنجي ڪنن سان پاڻ ٻڌندين. سهڻي
ساهڙ کان موٽي آئي. صبح ٿيو ته سس اچي ڀر ورتس ۽
ساهڙ سان ملڻ واري خبر پڇيائينس. سهڻيءَ به سموري
ڳالهه ڪري ٻڌائي ته ڪيئن ساهڙ جي سنڀارن تي اڌ رات
جو پلنگ تان اُٿي درياءَ تي ويس ۽ دلي تي تري، هن
ڀر وڃي ميهار سان محبت ونڊيم ۽ صبح جو موٽي آئي
آهيان. سهڻي ايتري ڳالهه ڪري بس ڪئي ته سسڻس ڏم کي
هوشيار ڪندي چيو ته: ”ٻڌ ڙي ڪنڌي ٻڌ“. اتي سهڻي
سهي ڪيو ته سس مون سان ڊوهه ٿي ڪري، سو آخر ۾ وڏي
سڏ چيائين ته ”چاچي! اک کڻي کوليان ته ڪٿي ساهڙ،
ڪٿي آءٌ. اهو سمورو خواب هو“. پوءِ ڏم ماڻس کي چيو
ته سهڻي خواب ٿي لهي. تڏهن ماڻس ڏم کي چيو ته: آهي
ڳالهه سچي، پر هاڻي ٿي ڪوڙ ڪري.
اُن ڏينهن کان ئي سس سهڻي کي مارڻ جو ارادو ڪيو.
دل ۾ چيائين ته سهڻي سڄا سارا ٻارهن مهينا ساهڙ
ڏانهن ويندي رهي آهي، ڪنهن به طرح نٿي مڙي، ۽ نڪي
مڙندي. اهو خيال ڪري ڳوٺ جي ڪنڀار وٽ وئي، ۽ اُن
کان ڪَچي گَهڙي تي چٽ چِٽائي کڻي آئي، ۽ اهو آڻي
اتي رکيائين، جتي سهڻي پَڪو گهڙو رکندي هئي، ۽ پڪو
گهڙو ڀڃي ڇڏيائين.
سهڻي رات جو ننڊ مان اُٿي، تارن کي ڏسي ڀانيو ته
”دير ٿي ويئي اٿم“، سو تڪڙي تڪڙي هلندي درياءَ تي
آئي. هم نه تم، دِلو کڻي درياءَ ۾ ڌوڪي پيئي. اڌ
واٽ ۾ هئي ته دِلو ڀُري ويو. هٿ پير هنيائين پر
ڇولين جي ڇوهه اڳتي وڌڻ نه ڏنس، اُتيئي سڄڻ کي
سنڀاريندي، پاڻيءَ ۾ پساهه پورا ٿيس.
جيڪڏهن ميهار، سهڻي جي اُڪرڻ لاءِ ٻيڙي بيهاري ها.
يا ڪو ملاح مقرر ڪري ڇڏي ها ته هوند سهڻي ڪا نه
ٻڏي ها. اِهو مهڻو ميهار تان ڏينهن قيامت تائين
ڪونه لهندو.]
|