سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :2

سنڌ ۾ هي قصو آڳاٽو مشهور ۽ منظوم ٿيو

هن قصي جي اهڃاڻن، يعني ته نڱامرن ڄامن، سنڌو ندي جي آڳاٽن وهڪرن، توڙي ”ڇٽي پير“ جي ٽاڻن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي افسانو سومرن جي اوائلي دور ۾ اُسريو ۽ مشهور ٿيو، ۽ سومرن جي آخري دور ۽ سمن جي اوائلي دور ۾ ڳاهن ۽ بيتن کي هڪ خاص لئي يا سر ۾ ڳايو ويو جيڪو ”سهڻي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ پوءِ اها راڳڻي هندستاني راڳ جو جز بني. هن قصي جون اوائلي ڳاهون محفوظ نه رهيون آهن، مگر سمن جي دور ۾ هن داستان بابت ڳاهون ۽ بيت رائج هئا. جو ان کان پوءِ واري لاڳيتي دور ۾ ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ پڻ ملن ٿا- مثلاً:

ڳوريءَ ٻي نه تات، ميهار ئي من ۾
جو پڻ پيئي رات، ته هو سائر هوءَ سوهڻي.
 

 جيڪي گهران مَ وڃ، جيڪي موٽ مَ سوهڻي
 هيڪڙائي هٿ ڪري، ٻيون ڀيري ڀڄ.

سندس نصيحت آميز مجلسن ۾ شاهه ڪريم پنهنجن بيتن سان گڏ ڪن ٻين شاعرن جا بيت پڻ مثال خاطر پئي آندا: اهڙا بيت جيڪي سندن ملفوظات ۾ ٻين شاعرن ڏانهن منسوب ناهن تن مان گهڻا سندن پنهنجا هوندا، مگر اهو پڻ ممڪن آهي ته انهن مان ڪي بيت ڪن آڳاٽن شاعرن جا هجن: خصوصاً اهڙا بيت جيڪي قصن ۽ داستانن سان تعلق رکن ٿا. انهي لحاظ سان ٿي سگهي ٿو ته سهڻي – ميهار جي قصي بابت مٿيان ٻه بيت شاهه ڪريم جا پنهنجا هجن يا سمن جي دور (1350ع-1520ع) جي ڪنهن ٻئي شاعر جا هجن. شاهه ڪريم (ولادت 1526ع وفات 1634ع) جي مجلسن ۽ ملفوظات وارو دور گهڻي حد تائين مغليه سلطنت جو اوائلي دور آهي، ۽ انهيءَ ڪري جيڪڏهن اهي ٻئي بيت شاهه ڪريم جا پنهنجا چيل هجن ته به اوائلي مغليه دور جا قرار ڏيئي سگهجن ٿا. شاهه ڪريم کان پوءِ ميين شاهه عنات (1613/1623ع-1701/1709ع) ۽ شاهه عبدالطيف (1689ع-1752ع) جي رسالن ۾ ”سهڻي – ميهار“ جي داستان بابت سربستا ”سر“ موجود آهن، ۽ کانئن پوءِ جن سنڌي شاعرن هن قصي بابت بيت چيا تن جو ته ڄڻ شمار ئي ڪونهي.

پنجاب واري قصي سان ڀيٽ

”گجرات بعهد قديم و جديد“ جو مصنف احمد حسين قريشي لکي ٿو ته:

”مغليه عهد حڪومت جو گجرات ۾ مشهور واقعو ”سوهني – مهينوال“ جو مشهور عشقيه داستان آهي. بخارا جو هڪ مشهور شهزادو گجرات آيو ۽ اتان جي هڪ حسينه تي ديوانو ٿي پيو، تان جو ٻنهي جو موت به انهيءَ معاشقي ۾ ٿيو. اهو هڪ مشهور داستان آهي جنهن فارسي، اردو ۽ پنجابي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. هن داستان متعلق ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. ڪي ته هن کي محض هڪ فرضي قصو سمجهن ٿا. ”چار باغ پنجاب“ جي مصنف منشي گنيش داس گجراتي، هن کي محمد شاهه بادشاهه جي دور جو واقعو ڪري لکيو آهي، ۽ ان واقعي جو سن 1145هه بيان ڪيو اٿس. اهو پڻ لکيو اٿس ته، هي واقعو خود گجرات جي شهر ۾ رونما ڪو نه ٿيو، بلڪ سوهني ”رلياله“ ڳوٺ جي رهاڪو هئي. رلياله گجرات کان اوڀر طرف درياءَ جي ڪناري تي هڪ ڳوٺ هو ۽ اتي ئي ”سوهني“ ۽ ”مهينوال“ درياءَ ۾ غرق ٿيا. اهو ڳوٺ هينئر درياءَ کڻي ويو آهي.“[1]

مٿيون بيان، پنجاب جي عالمن جي هن قصي بابت تحقيق جو ڄڻ خلاصو آهي. پنجاب جو قصو هڪ سنئون سڌو معاشقو آهي، جنهن ۾ ڪا به حقيقي لئون لڪل ڪانهي. ٻيو ته پنجاب ۾ هي قصو نسبتاً پوئين دور ۾ مشهور ٿيو، انهيءَ ڪري ان کي محمد شاهه جي دور جو يا وڌ ۾ وڌ ته شاهه جهان جي دور جو واقعو ڪري تسليم ڪيائون. جن به شاعرن پنجابي، فارسي يا اردو ۾ هن قصي کي منظوم ڪيو، سي به نسبتاً پوئين دور جا آهن. پنجابي ۾ سڀ کان پهريائين هاشم شاهه (ولادت 1166هه) هي قصو منظوم ڪيو، ان کان پوءِ سن 1265هه ۾ فاضل شاهه، سن 1768ع ۾ احمد يار ۽ پوءِ (؟) قادر يار منظوم ڪيو. پنجاب جي فارسي شاعرن مان فضل حسين ”تبسم“ سنه 1258هه ۾ هي قصو منظوم ڪيو. ان کان پوءِ 1279هه ۾ محمد زيرڪ ڪلانوري (”غنيمت“ جي مثنوي ”نيرنگ عشق“ جي جواب ۾) هي قصو ”ارڙنگ عشق“ جي نالي سان مثنوي ۾ جوڙيو، 1284هه ۾ نجم الدين ”تسڪين“ منظوم ڪيو، ۽ 1256هه ۾ منشي گنيش داس گجراتي ”چار باغ پنجاب“ ۾ ان کي مختصر طور نثر ۾ بيان ڪيو.

مٿيان مڙيئي شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان پوءِ جا آهن. پنجاب جي قصي جو واقعو وڌ ۾ وڌ شاهه جهاني دور جو تسليم ڪيل آهي، پر سنڌ ۾ ميين شاهه ڪريم جي ملفوظات ۾ آيل سهڻي – ميهار جي قصي جا بيت ان کان به اڳ جا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته ”سهڻي – ميهار“ توڙي ”سسئي – پنهون“، اهي ٻئي داستان پهريائين سنڌ ۾ اُسريا ۽ سنڌ ۾ ئي ڳايا ويا ۽ پوءِ ملتان واري خطي ۽ اتان مٿي پنجاب ۾ پڌرا ٿيا، جتي جي شاعرن وٽن پهتل روايتن موجب انهن قصن کي پنهنجي ٻُڌ سُڌ ۽ مقامي ماحول مطابق منظوم ڪيو. جيئن هاشم شاهه به پنهنجو ”سسئي – پُنون“ به سنڌ جي داستان ”سسئي – پنهون“ کان متاثر ٿي منظوم ڪيو، تيئن ” سوهني – مهينوال“ به سنڌ جي ”سهڻي – مهيار“ واري داستان کان متاثر ٿي جوڙيائين. پنجاب وارو قصو محض هڪ معاشقو آهي، جيڪو نسبتاً پوئين ادبي دور جي پيداوار آهي. ان جي بر عڪس سنڌ جو داستان ” سهڻي – ميهار“ پنهنجي تاريخي قدامت، ڳالهه جي سٽاءَ ۽ ساخت، توڙي ڪردارن جي عظمت جي لحاظ سان هڪ آڳاٽو شاهڪار آهي.

نوري ۽ ڄام تماچي

نوري ۽ ڄام تماچي جي محبت جو داستان محض افسانو ڪونهي بلڪ اهو هڪ نيم تاريخي داستان آهي، جنهن ۾ ڄام تماچي جي شخصيت بلڪل تاريخي آهي، ۽ نوري جي شخصيت پڻ حقيقي آهي، مگر ان جو پس منظر البت افسانوي آهي.

ڄام تماچي جي تاريخي شخصيت[2]

ڄام تماچي سنڌ جي سمن سلطانن مان هو ۽ ”فيروز الدين شاهه ڄام انڙ“ جو پٽ هو. تاريخي مطالعي جي بناءَ تي ائين معلوم ٿئي ٿو ته هن ”رڪن الدين شاهه تماچي“ جي لقب ۽ نالي سان پهريائين 1366ع کان 1375ع تائين ”خيرالدين ڄام توڳاچي“ سان گڏ حڪومت ڪئي. ان بعد هو نظربند ٿي دهلي ويو ۽ سلطان فيروز شاهه جي وفات کان پوءِ سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ غالباً 1388ع کان وٺي 1392ع تائين ٻيهر ”سلطان رڪن الدين شاهه ڄام تماچي“ جي لقب سان خود مختار ٿي سنڌ ۾ حڪمراني ڪيائين. ڄام تماچي هڪ بهادر ۽ همت وارو جوان هو، جنهن پنهنجي پيءُ ڄام انڙ ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ ڄام ٻانڀڻيي سان گڏجي، دهلي جي سلطانن کي شهه ڏيئي، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم ڪئي هئي. پوءِ جڏهن سندس وڏو ڀاءُ ۽ پاڻ قيد ٿي دهلي ويا ته پويان سندس چاچو ڄام جوڻو، سلطان فيروز شاهه جي حمايت سان سنڌ جو حاڪم بڻيو ۽ 1375ع کان 1388ع تائين حڪومت ڪيائين. سنڌ جا ماڻهو ڄام جوڻي جي حڪومت مان خوش نه رهيا، ۽ ملڪ جي عوام توڙي درويشن دعائون گهريون ته شال ڄام تماچي موٽي اچي ٺٽي ۾ بادشاهي ڪري. شيخ حماد جمالي دعا طور هي بيت چيو ته:

جوُڻو، مت اُوڻو، ڄام تماچي آءٌ

سٻاجهي ٻاجهه پئي، توسين ٺٽو، راءُ!

جڏهن ڄام تماچي ۽ پٽس صلاح الدين دهلي مان موٽندي کيبرن وٽان لانگهائو ٿيا ته کيبرن جي درويش نوح هوٿياڻي دعا ڪندي چيو ته:

جُوڻو وڃي جهوري ماريو

ڄام تماچي شهرين چاڙهيو[3]

نوري ۽ ڄام تماچي جي داستان جي تاريخ

ڄام تماچي جي همت ۽ مردانگي، ۽ سندس قيد ۽ ڪشالي جون ڳالهيون توڙي ولين ۽ درويشن جون کيس ڪيل دعائون ملڪ ۾ مشهور ٿي ويون، ۽ اهڙيءَ طرح سندس عام مقبول شخصيت وارو ڪردار، نوري سان سندس محبت جي داستان جي مشهوري لاءِ هڪ موثر ذريعو بڻيو.

ڄام تماچي جي سوانح وارن اهڃاڻن کي تورڻ تڪڻ سان هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته نوري سان سندس محبت وارو داستان سندس حڪمراني جي پهرين دور يعني ته 1366ع کان وٺي 1375ع واري عرصي ۾ وجود ۾ آيو هوندو. هن عرصي ۾ سندس چاچي ڄام جوڻي جي دهليءَ ۾ سلطان فيروز شاهه وٽ هلندي پڄندي هئي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌ ۾ پڻ ڄام جوڻي جي پٽ، ڄام خيرالدين ڄام توڳاچي کي حڪومت جي معاملن ۾ وڌيڪ دخل رهيو. انهن حالتن جي مدنظر، ڄام تماچي غالباً حڪومت جو ڪاروبار پنهنجي سؤٽ جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ اڪثر وقت ماڻهن سان ملڻ ۽ سندن همدردي حاصل ڪرڻ خاطر عام ڪچهرين ۽ شيل شڪار ۾ پئي گذاريائين. ڪينجهر ڍنڍ تي وڃڻ ۽ نوري سان سندس لئون لڳڻ ۽ شادي ڪرڻ واري واقعي جو امڪان پڻ انهيءَ عرصي جي اوائل ڌاري يعني ته 1366ع – 1370ع وارن سالن ۾ نظر اچي ٿو.

نوري جي جسودڻ بادشاهه سان نسبت

نوري جي نسل ۽ نسبت بابت ٻه رايا آهن: هڪ ته هو جسوتڻ يا جسودڻ بادشاهه[4] جي ڌيءُ هئي پر گندرن نپائي ، ۽ ٻيو ته هو گندر هئي پر صورت ۽ سيرت کڻي وڌائي جو وڃي پَٽ – راڻي ٿي. تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع کيس گندري ڪري لکيو آهي،[5] پر موجوده دور ۾ سنڌ اندر هلندڙ ڳالهه جي اڪثر روايتن ۾ نوري کي جسودڻ بادشاهه جي ڌيءَ ڪري تسليم ڪيو ويو آهي.[6] نوري گندرن ۾ ڪيئن آئي تنهن بابت ٻه روايتون آهن: هڪ اها ته نوري تمام ڪوجهي ڄائي، جنهن ڪري سندس پيءُ جسودڻ بادشاهه کيس اڇلائي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو، ۽ پوءِ گندرن بادشاهه جي دائي کان وٺي نپائي. انهيءَ روايت موجب چئبو ته جسودڻ بادشاهه ڄام تماچي جي وقت جو هو يا کانئس ٿورڙو ئي اڳ جو هو، ۽ سندس بادشاهي پڻ لاڙ طرف هئي. ٻي روايت موجب، جيڪا اسان سان سگهڙ خليفي محمود نوحاڻي بيان ڪئي،[7] تنهن ۾ چيائين ته، ”جسودڻ بادشاهه کان بادشاهي سمن کسي.“ معتبر تاريخي حوالن موجب سمن جي بادشاهي، ڄام تماچي جي پيءُ ڄام انڙ قائم ڪئي، ۽ انهيءَ لحاظ سان چئبو ته جسودڻ بادشاهه ۽ ڄام انڙ ساڳئي وقت جا هئا ۽ جسودڻ بادشاهه کان ڄام انڙ بادشاهي کسي. ڄام انڙ سن 1334ع ڌاري زور ورتو ۽ پهريائين دهليءَ جي سلطان طرفان سيوستان (سيوهڻ) ۾ مقرر ڪيل حاڪم ”ملڪ رتن“ کي قتل ڪري سيوهڻ تي قبضو ڪيائين.

”تحفته الڪرام“ ۾ عربن جي دور کان پوءِ سنڌ ۾ ستن راڻن جي سرداري جو ذڪر آهي، جن مان هڪ جو نالو ”جسودڻ آگرو“  آهي جيڪو برهمڻ آباد جو حاڪم ڪري ڄاڻايل آهي. انهيءَ لحاظ سان ”جسوڌڻ آگرو“ برهمڻ آباد علائقي واري ايراضي جيڪا ”لوهاڻي درياءَ“ لڳ هئي، ان جو حاڪم هو. جيئن ته هيٺ لاڙ ۽ ”پٽيهل جو ڍورو“ پڻ انهيءَ ساڳئي درياءَ جي هڪ شاخ هو، انهيءَ ڪري ڀٽائي صاحب جي رسالي جي سر ڏهر ۾ ”جسوتڻ راءَ“ جو ذڪر ”پٽيهل ڍوري“ سان ڳنڍيل آهي.[8] سنڌ جي سگهڙ راوين کان اسان کي جسودڻ راءَ جا جيڪي اُهڃاڻ مليا تن مان معلوم ٿيو ته جسودڻ پٽ مهڙ جو هو، ۽ انهيءَ لحاظ سان سگهڙن کيس ”جسودڻ مهڙاڻي“ جي نالي سان پئي سڏيو.

”جسودڻ بادشاهه“ جي هڪ جدا ڳالهه ميرپور ساڪري جي سڄاڻ سگهڙ وٽان ملي جنهن کي اسان هن ڪتاب جي آخر ۾ ”ضميمه“ طور ڏنو آهي.[9] انهيءَ لاءِ ته اها به پڙهندڙن جي آڏو رهي، حالانڪ انهيءَ ڳالهه جو سنئون سڌو نوريءَ سان ڪو تعلق ڪونهي.

ن – ب.

ڀاڱو پهريون

سهڻي ۽ ميهار

سنڌ جي مختلف راويتن مطابق عام مشهور تفصيلي ڳالهه

سهڻي جو حسب نسب

دَلو دمامن جو ڌڻي، هو وير وڏو ورنات

ميهر ذات نڱامرو هو، مينهن جي مصلحات

سهڻي ڀي سنڊ کڻي، ٻڏي هئي سِوِ رات

ماڻهو چون سامٽي، آهي جَرڪت ٻيٽي ذات

ڪو بتائي بات، ته ڏيان، شاهد اڳيئون شير خان چئي.

دَلو راءُ بادشاهه جي زماني ۾ مهراڻ درياءَ جي ڪنڌيءَ سان ”سامٽيا“ قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا. منجهائن ”جَرڪَت“ سامٽيي کي ”سهڻي“ نالي هڪ ڌيءُ هئي.[10] سهڻي فقط نالي ۾ سهڻي ڪا نه هئي، پر سدا سهڻي هئي. سڄي راڄ ۾ ٻي ڪا به اهڙي سونهن ڀري ملڻ مشڪل هئي. جهڙي صورت ۾ سهڻي هئي، اهڙي وري سيرت ۾ به سهڻي هئي. وهيءَ چڙهي ته ڪئين جوان سندس سونهن تي موهت ٿي، سندس سڱ گهرڻ لڳا، پر ڀاڳ وريو ”ڏم“ جو، جنهن کي سهڻي جي مائٽن سهڻيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليو.

ڏم ذات جو واهُوچو[11] هو ۽ واهوچن جي چڱي مڙس جو پٽ هو. ڏم نه فقط شڪل جو ڪوجهو، پر مت جو به موڙهل هو. مائٽن جو دادلو ۽ پرمتڙيو هو. منجهس مڙسن واريون وصفون گهٽ هيون. درياءَ جي ٻئي ڪپ تي سندن ڳوٺ هو.

سهڻي جي شادي

ناهري مهيني جي چوڏهين رات سندن شادي جي تاريخ مقرر ٿي.[12] ڏم جا مائٽ ڄڃ ڪري، گهوڙن ۽ اُٺن تي، دهلن دمامن سان نچندا ٽپندا پتڻ تي آيا ۽ پتڻ اُڪري سهڻيءَ جي ڳوٺ اچي پهتا. رات جو شادي ٿي. صبح جو نکيٽي ڪري، ڄڃ ڪنوار وٺي رواني ٿي ۽ وري به ڳائيندا وڄائيندا ۽ خوشيون ڪندا موٽيا. درياءَ جي پتڻ وٽ آيا. جيسين پتڻ جو پور اچي، تيسين گهڙي کن اُتي ڊاٻو ڪيائون. اتي سهاڳڻين صلاح ڪئي ته ڇو نه باقي جيڪي سوڻ گهوٽ ڪنوار جا رهيل آهن سي به پورا ڪري ڇڏيون. اهو خيال ڪري ٻيا ته سمورا ساٺ سوڻ ڪيائون، باقي گهوٽ ۽ ڪنوار کي کير پيارڻ جو سَوَڻ وڃي رهيو هو، جنهن لاءِ کير جي ڳولا ڪيائون.

ميهار جي ڀاڻ تان سوڻ خاطر کير وٺڻ

جنهن هنڌ ڄڃ اچي منزل ڪئي هئي، اتي ڀاڳيي جو ڀاڻ ۽ مينهن جو هڪ وڏو وٿاڻ هو. ڀاڻ جي دونهين پئي دُکي، جنهن جي لاٽ ڏسي ڄاڄين سهي ڪيو ته اتي ڪو وٿاڻ آهي. نَڙ جون سريليون ۽ مٺيون ڦوڪون پڻ سندن ڪنن تي پيون. تڏهن منجهائن ڪي ڄاڃي ڊوڙي ويا. ڏٺائون ته وٿاڻ خالي پيو آهي، باقي ميهار ويٺو مَنهن هيٺ نَڙ سوز سان وڄائي. اتي وڌي اچي سلام واريائون. ميهار نَڙ رکي کانئن احوال ورتو، جنهن تي چيائون ته: ”اسين ڄاڃي آهيون ۽ گهوٽ ڪنوار جي سوڻ لاءِ اسان کي کير گهرجي، جنهن لاءِ تو وٽ آيا آهيون.“ ميهار کان ذات ۽ نالو پڇيائون، جنهن تي چيائين ته: ادا، منهنجو نالو ”ساهڙ“ آهي ۽ ذات جو نڱامرو آهيان،[13] ادا ! هن وقت مينهون ٻيلي ۾ پيون چَرن. وچينءَ ويل ڀاڻ تي موٽنديون ۽ پوءِ جيڪو کير کَپيوَ سو کڻجو، باقي هن وقت جيڪا سُرڪي بچيل آهي سا کڻي وڃو. هنن ڏٺو ته ميهار هڪ نيڪ شخص آهي، ۽ کير جو جيڪو سَوَڻ ٿيڻو آهي، سو به گهوٽ ڪنوار جي محبت وڌائڻ لاءِ، تنهن ڪري ڇو نه کيس چئون ته پاڻ هي کير کڻي هلي کين پنهنجي هٿن سان پيئاري. اهو خيال ڪري چيائونس ته: ”ادا ميهار! ڀلائي ڪري پنهنجي هٿن سان هلي گهوٽ ڪنوار کي کير ڏي ته تو نيڪ شخص جي هٿان کير پي شل سندن محبت وڌي.“ ميهار سندن مِنٿ مڃي ۽ کير سُرڪي جنهن ٿانءَ ۾ پيل هئي، سو کڻي هنن سان گڏجي ڄڃ ۾ آيو.


[1] ”گجرات بعهد قديم و جديد“ (اردو) تصنيف قريشي احمد حسين قلعه داري، مطبوع دين محمد پريس لاهور، سن 1968ع، ص 59.

[2]  ڄام تماچي ۽ سندس حڪمراني جي تاريخ تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون ”سنڌ ۾ سمن بادشاهن جي حڪومت جو تاريخي سلسلو“ پاڪستان هسٽاريڪل ريڪارڊ ائنڊ آرڪائيوز ڪميشن جي ٻئي اجلاس (پشاور، فيبروري 1954ع جي ڪاروائي پاڪستان گورنمينٽ پريس ڪراچي 1957ع) ص ص 23-29.

[3]  تفصيل لاءِ ڏسو راقم جو لکيل ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ“، حيدرآباد سنڌ 1962ع ص ص 102-106.

[4] هيءُ نالو مختلف صورتن ۾ ملي ٿو: جسوتڻ، جسودڻ، جسوڌڻ ۽ جسوڌن.

[5] ڏسو روايت [2] ص 253.

[6] اهڙيون ٽي روايتون جيڪي اسان کي دستياب ٿيون ۽ پڻ هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهن (ڏسو ص ص 254، 260 ۽ 269) تن ٽنهي ۾ نوري جسودڻ بادشاهه جي ڌيءُ ڪري ڄاڻايل آهي.

[7] روايت (5) جنهن لاءِ ڏسو ص 269. خليفو محمود وڏيءَ عمر جو ۽ وڏيءَ ٻُڌ سُڌ وارو آهي ۽ شاهه جي رسالي جي وٽس وڏي رهاڻ آهي. تعلقي گوني (ٽنڊي محمد خان) جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ”ترائي“ لڳ ويٺل آهي، جتان جهول جي ڇن ۽ پٽيهل جو ڍورو پڻ ويجها آهن.

[8] تفصيل لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ستاويهون ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون – 7: ڳاهن سان ڳالهيون“ جو مقدمو. ص ص 16-19.

[9] اها ڳالهه اسان لوڪ ادب جي سسلي جي ستاويهين ڪتاب، ”لوڪ ڪهاڻيون – 7: ڳاهن سان ڳالهيون“ (مطبوع 1964ع، ص ص 187-193) ۾ ڏيئي آيا آهيون.

[10] محمود شيخ جي روايت موجب سهڻي ذات جي نڱامڙي هئي حالانڪ هن روايت ۾ هو کيس ڪنڀاري به سڏي ٿو. قصي جي ڇپيل روايت (1958ع) موجب هوءَ واهوچي هئي. ٻيءَ هڪ روايت موجب سهڻي ذات جي وهڻيتي ۽ لال کٽي جي ڌيءَ هئي:

ڏهه ڏهڙ، وهه وهڪرا، لوهئون لوهاڻو وهي

ساهڙ ذات لڱامڙو، سهڻي لال کٽي جي ڌيءَ

ذات ٻنهي جي هيءَ، پر هوءَ وهه کئون وهڻيتي سڏي.

[11] ڇپيل روايت 1958ع ۽ غمٽارمهر جي روايت موجب ڏم سامٽيو هو.

[12] ڇپيل روايت 1958ع موجب.

[13] حفيظ تيوڻي جي روايت موجب: ”ڪي لکن ٿا لغامڙو، ڪي آکن ٿا اعواڻ“. محمود شيخ جي ڇپيل روايت 1958ع موجب ميهار ذات جو ”سامٽيو“ هو. سگهڙ حاميد خان رند ويٺل ميرپور ساڪرو جي روايت موجب: هڪڙي فقير ”تانسين“ کي چيو ته راڳ ٻڌاءَ پر ان هنڌ جتي ڪُتي باٺ ۽ گڏهه جي هينگ نه هجي. تانسين راڳ ٻڌايو ته فقير کي باهه لڳي ۽ سڙي خاڪ ٿي ويو. ڦلهيار ۾ ”مَڻ“ پئي هئي، جيڪا تانسين کڻي پنهنجي ڌيءَ کي ڏني، جنهن هار ۾ پوئي گلي ۾ وڌي. وهنجڻ وقت مڻ وات ۾ وڌائين، جنهن جي اثر کان پيٽ ٿيس، بالاخر ”ساهڙ“ ڄائو، جيڪو پوءِ مينهن جو ڌنار ٿيو ۽ نَڙ اهڙو وڄايائين جو ٻئي ڪنهن نه وڄايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org