سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :3

ميهار جي پرهيزگاري ۽ ”چئن يارن“ جو سندس مَنَهن تي اچڻ

ميهار وڏو مالوَند ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو. وٽس مال گهڻو هو، تنهنڪري درياءَ جي ڪنڌي تي، ٻيلي کان ٻاهر ڀاڻ ڪري اچي ويٺو هو، هوُ نيڪ ۽ پرهيزگار شخص هو. اَسُر جو مينهون پَهرائي، ڪلام پاڪ جي تلاوت ۽ ذڪر فڪر ۾ مشغول رهندو هو. عبادت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ نَڙ وڄائيندو هو. نَڙ درديلي ساز سان سندس محبت هئي. وچينءَ مهل جڏهن مال وٿاڻ تي موٽي ايندو هو، تڏهن وري مال جي ڏُهائي ۽ خدمت ۾ لڳي ويندو هو. ساهڙ جي پُور جواني هئي. شڪل صورت جو سهڻو اڳيئي هو، ويتر پرهيزگاريءَ جي ڪري سندس مُنهن ۾ نُور پيو ٻهڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن دستور موجب، صبح جو سوير مال پهرائڻ ۽ عبادت کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، ساهڙ وڏي سوز مان نَڙ وڄايو، نڙ وڄائي بَس ڪيائين ته چار مڙس، جن جا چهرا نوراني هئا، سي سندس مَنَهن ۾ لنگهي آيا[1]. سندن مُنهن ۾ نوراني جلوو پَسي، ساهڙ کين آڌر ڀاءَ سان وٺي آڻي ويهاريو. کانئن احوال پڇيائين ته چيائونس ته: ”ميهار! کير پيار“ اهو خميس جو ڏينهن هو ۽ ساهڙ صبح سان ئي سمورو کير خدا جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيو هو. چيائين ته: ”سائين ! کير هڪيو حاضر ڪونهي، جيڪو هو سو مون ڄمائي ڇڏيو. مينهون ويون آهن ٻيلي ۾ چَرڻ، جيڪي وچينءَ کان اڳ ڪو نه موٽنديون. وٿاڻ تي رڳو ننڍڙيون وَڇون بيٺيون آهن. تنهن ڪري مون وٽ ترسو ته اڄ رات جو اَڻ ميو کير اوهان جي آڏو رکندس.“ هنن چيس ته: ”ميهار! تڪڙا آهيون. ايترو ترسنداسون ڪو نه، نڪي وري اسين ڪنهن وٽ ويلو وقت ترسڻ وارا آهيون. اسان کي کير به انهيءَ مينهن جو گهرجي، جنهن کي سانهه سنگهيو ته نه هجي، پر رڳو ڀرسان به نه لنگهيو هجي!“ ميهار حيرانيءَ مان چيو ته: ”سائين ! مينهن تڏهن سڏجي، جڏهن پاڏي سان گڏجي، نه ته سڏبي وَڇ“. تڏهن هنن چيس ته: ”پوءِ وَڇَ ئي کڻي ڏهي وٺ ته کير پِي اُسهون“.

ميهار عجب ۾ پئجي پڇيو ته: ”وَڇ ننڍڙي، سا کير ڪيئن ڏيندي!“ جواب ڏنائونس ته: ”ڀاڳين جا ڀاڻ ڪي خالي هوندا آهن ڇا ! سامهون جيڪا ڪَڪي سَڪُر وَڇ[2] بيٺي آهي، بسم الله ڪري اُها اُٿي ڏُهه، اسين دعا ٿا ڪريون، پاڻهي کير ڏُهائيندي.“ ميهار ڏٺو ته ڪي پهتل ۽ خدا وارا آهن، سو ماٺڙي ڪري، ساڙهو ۽ ونگ کڻي وڃي وَڇَ وٽ ويٺو. ”يارن“ هٿ کڻي خدا کان دُعا گهري. هن به وڇ کي ونگ وجهي، بسم الله ڪري اڃا ٿڻن ۾ هٿ وڌو ته، وَڇَ سڱو هجي بيٺي. ساهڙ کير ڏُهڻ ويٺو ۽ ٿوريءَ دير ۾ ساڙهو ڀرجي ويو پر وَڇَ جي اوهه اوتري جو اوتري. حيرانيءَ مان کير آڻي ”يارن“ جي اڳيان رکيائين. هو به وٽا ڀري واري تي پيئندا ويا. تان جو ڍؤ ڪري، باقي ڪا سُرڪي وڃي بچايائون، جا ساهڙ ڍڪي پاسي تي رکي.

کير پِي چار ئي اُٿيا ۽ ميهار کان موڪلايائون. ميهار سندن ڪرامت ڏسي، سهي ڪيو ته مرد مڻيا وارا ٿا ڏسجن، ڇو نه ڪجهه وقت ترسن ته ساڻن ڪا روح رهاڻ ڪريان. اهو خيال ڪري هٿ ٻڌي کين عرض ڪيائين ته: ”سائين ! جيئن مون مسڪين جي مَنَهن تي ڪرم جا قدم گهمايا اٿوَ، تيئن گهڙي کَن ترسي منهنجي مهماني کائو“. ”يارن“ سندس صدق ۽ سچائي ڏسي چيو ته: ”ميهار! جي ائين آهي ته پوءِ ڌڻي گهُريو ته وري جلد موٽنداسون ۽ تو وٽ رات رهي، مهماني کائينداسون.“ انهيءَ وعدي سان ميهار کان موڪلائي، چار ئي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيا:

هليا چار ئي يار، چڙهي پار رسول جي

مَلهه اچي مهمان ٿيا، مَنَهن تنهن ميهار

ڀوريون نه هيون ڀاڻ تي، چِنئون پيء چؤڌار

سڏ ڪيئون ساهڙ کي، تون سَڪُر   ميڙ  سنگهار[3]

وڌو ونگ وڇير کي، ڏڌو کير ڌنار

کائي پِي خوش ٿيا، هو چڙهيا مرد موچار

ڄُلي ڄاڃي آئيا، ڏسي دونهن دوار

ٻيا سڀ سوڻ ساٺ ڪيائون، باقي هين اڇي جي الغار

پوءِ گهر ڇڏي پروار، هي دوڙي پئي درياءَ ۾[4]

سهڻيءَ جو ميهار هٿان کير جي سُرڪي پيئڻ

”يارن“ جي اسهڻ بعد، يارن وارو اوباريل کير ڍڪي مَنَهن ۾ رکي ڇڏيائين ۽ پاڻ وري سندن ياد ۾ ويتر وڌيڪ سوز مان نڙ وڄايائين. ايتري ۾ ڄاڃين اچي سلام ورايو. بزرگن ۽ ڀلارن جي بچايل برڪت ڀري اها ئي کير جي سرڪي هئي، جيڪا ميهار، سهڻي ۽ ڏم جي پيئڻ لاءِ کڻي، گڏجي ڄڃ ۾ آيو. پهريائين پنهنجي هٿ سان ساڙهي ۾ جيڪا کير جي سرڪي هئي، سا وٽي ۾ وجهي ڏم کي ڏنائين. ڏم ڏٺو ته ٿانءَ ۾ جيڪو کير چُڪو هو، سو ميهار لاهي وٽي ۾ وڌو خيال ڪيائين ته کير آهي تمام ٿورو تنهنڪري پاڻ نه ورتائين پر سهڻيءَ کي ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ميهار بسم الله ڪري سهڻيءَ کي کير ڏنو، جنهن سندس هٿ مان وٽو وٺي، سمورو کير پِي ڇڏيو.

قدرت خدا جي کير مليو ته هو ميهار کي، پر نڪي سندس نصيب ۾ هو، نڪي ڏم جي. وچان ئي لکيل هو سهڻيءَ جي ڀاڳ ۾، سو هن پيتو. کير پيئڻ سان سهڻيءَ جي اندر جا اولا لهي پيا ۽ من ۾ الاهي محبت جا مچ مچي ويس. جيئن ته کير ميهار جي هٿان مليو هوس، تنهن ڪري تن ۾ تار به ميهار جي ئي لڳي ويس. جيئن نظر کڻي ميهار ڏي ڏٺائين ته ميهار تي پڻ نينهن جو نشو چڙهي ويو. سهڻي کيس الاهي عشق جو وسيلو نظر آئي ۽ کيس پُورن تي پُور چڙهي ويا. انهيءَ سڪ کي صبر سان ساهه ۾ سانڍي، ساهڙ پنهنجو ساڙهو ساڻ ڪري واپس وريو.

هڪ طرف ميهار کير سرڪي پيئاري پنهنجي ڀاڻ تي موٽيو ته ٻئي طرف سهڻيءَ جي اندر ۾ عشق جي آڳ ڀڙڪي اُٿي ۽ اکين اڳيان رڳو ميهار جي صورت ڦرڻ لڳس:

ميهارئون محبت جو، پَٽُ پيتائين پاڪ

چکندي او چُئاڪ، گهر ور ويڙس وسري

ڄاڃين ڪجهه ٿڪ ڀڳو ۽ ساهي کنئين، تيسين پتڻ جو پوُر به اورين ڀر موٽي آيو. ڄاڃي، گهوٽ ڪنوار کي وٺي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ٻيءَ ڀر پهتا، ۽ ڳائيندا وڄائيندا، گهوٽ ڪنوار کي سندن گهر ويهاري پاڻ وڃي پنهنجن گهرن ڀيڙا ٿيا.

سهڻيءَ کي من ۾ ميهار لاءِ تانگهه

گهوٽ ڪنوار گهر ۾ آيا ته ڳوٺ، پاڙي ۾ خوشيون لڳي ويون. راڄ، ڪنوار کي ڏسڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ آيو. سهڻي من مهڻي، صورت ۽ سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، تنهن کي جنهن به ٿي ڏٺو، سو ساراهه مان نه ٿي ڍاؤ. پر انهن خوشين جي ماحول ۾ سهڻي ملول هئي. کيس تن من ۾ تانگهه ميهار جي هئي. نڪي ٿي ڪڇي نڪي پڇي. اندر ۾ آنڌ مانڌ هيس ۽ ڳلن تان ڳوڙها بند ئي نٿي ٿيس. سڀني ائين ٿي سمجهيو ته نئين ڪنوار آهي، پنهنجي وڳر کان وڇڙڻ جو ارمان اٿس، تنهن ڪري ڌيان ئي ڪو نه ڏنائون.

مانيءَ جي مهل ٿي گهوٽ ڪنوار اڳيان طعام آڻي رکيائون، پر سهڻي هڪ ڪڻو به نه چکيو. ماٺڙي ڪيو ويٺي رهي. تڏهن سڀني مائٽن سمجهايس پر سهڻي منهن ويڙهي هڪ جدا کٽ تي پئجي رهي، ڄڻ ته ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا هئي. ڪي ڏينهن ائين  گذري ويا. باﻻٓخر جيڏين سرتين گڏجي چاهه مان کيس چيو ته: ”سهڻي ! مڙس کان ڪهڙو حجاب ٿي ڪرين؟ پنهنجو گهر اٿئي، هاڻي توکي هميشه لاءِ هتي ئي گهارڻو آهي.“ تڏهن سهڻيءَ جواب ڏنو ته: ”اديون ! پتڻ تي جيڪو ميهار کان کير چڪو مليو، تنهن منهنجا هوش حواس ئي گم ڪري ڇڏيا. ان کان پوءِ نڪي طعام ٿو وڻيم ته نڪي جان کي جميعت اٿم. اوهان جون هي کل خوشيون منهنجي لاءِ ماتم آهن. مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو ته اڪيلائي ۾ پاڻ پرڀايان.“ اها ڳالهه ٻڌي سرتين کڻي ماٺ ڪئي، ڀانيائون ته نئين ڪنوار آهي، سا حجاب کان ائين  ٿي ڪري. ٻن – چئن ڏينهن ۾ پاڻهي گهوٽ سان گهائل مائل ٿي ويندي. پر سهڻيءَ کي اندر ۾ جيڪو آزار هو، تنهن جي ڪنهن کي ڪل ئي ڪا نه هئي ۽ نڪي پاڻ ئي ڪنهن سان سليائين.

هر رات ڏم پنهنجي ڪنوار سان اچي ٿي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيون، پر سهڻيءَ کي ته ميهار جي پچارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه وڻيو ئي ڪو نه ٿي، تنهن باﻻٓخر بيزاريءَ مان ڏم کي چيو ته: ”ڏم! آءٌ محبت جي مستيءَ سبب پنهنجي هوش ۾ نه آهيان، تنهنڪري مون کان پري ٿيءُ!“ سهڻيءَ جو ڏمر ڏسي ڏم ڏڪي ويو ۽ هيسجي هليو ويو. وري ڪڏهن به سهڻيءَ کي ويجهو وڃڻ جي همت ئي نه ٿيس.

سهڻيءَ پوءِ خدا کي سوال ڪيو ته: ”يا خدا ! جيئن منهنجي من ۾ ميهار جي الستي محبت ڏني اٿئي، تيئن مون نماڻيءَ جو اهو سوال به اگهائج ته ڏم کي اهڙي اگهور ننڊ ڏي، جو صبح تائين بيخبر ستو پيو هجي.“ قدرت خدا جي سان سندس سوال اگهاڻو. رات جو ڏم کي اهڙي ننڊ اچي ويندي هئي، جو وري صبح جو سجاڳ ٿيندو هو.

صبح جو ڏم جي ماءُ کي اها خبر پئي، تنهن سهڻيءِ کان پڇيو ته: ”مڙس ۾ ڪهڙو عيب ڏٺئي جو لوڌي ڇڏيئيس؟“ سهڻي جواب ڏنو ته: ”سس ! منهنجو وس ڪونهي. ان کير جي سرڪيءَ منهنجو عقل گُم ڪري ڇڏيو آهي.“ سسڻس کي اهو ٻڌي حيرت ورتو. سو وڃي ڏم کي احوال ڏنائين. ڏم اتي ڪاوڙجي اٿيو ۽ اچي سهڻيءَ کي دڙڪا تاب ڪيائين ۽ ان سان گڏ سنئون سڌو کيس ”يار ميهار“ جا طعنا مهڻا ڏنائين. سس به کيس اچي ويڻ ڏنا، پر سهڻيءَ کي ميهار جا اهي طعنا ۽ ويڻ ويتر پئي وڻيا ۽ دل ئي دل ۾ سندس ارادو ويو مضبوط ٿيندو ته ڪنهن پر وڃي پنهنجي ”ميهار“ سان ملي.

سهڻيءَ جو درياءَ تري پار پهچڻ

ڏم جي ڳوٺ کي سامهون، درياءَ جي پرينءَ ڀر ميهار جو ڀاڻ هو. ڀاڻ تي دونهين جي لاٽ ڏسندي پيو سهڻيءَ کي درد دُکي ۽ مينهن جي چَڙن جا آواز سڻندي پيو فراق ۾ سندس من ماندو ٿئي. نه ڏينهن جو آرام نه رات جو نيڻين ننڊ. پر ميهار سان ملڻ جي راهه نظر نٿي آيس. کيس پِرڀائڻ ۽ وندرائڻ لاءِ هڪجيڏيون روزانو اينديون هيون، تن سندس سس کي چيو ته: سهڻي کي ٻاهران گهمائي ڦيرائي اچون ته من سندس دل تان هي خيال لهن. سس کي سندن صلاح وڻي. پوءِ ساهيڙين چيس: ادي سهڻي ! هل ته گهمي ڦري، درياءَ جو سير ڪري اچون. سهڻي جڏهن ساهيڙين سان گڏجي درياءَ تي آئي ته پرينءَ ڀر ميهار جي مَنَهن ۽ دونهين جا لاٽ ڏسي، هيڪاري روح ريلو ڏنس. بيوس ٿي گهر موٽي آئي ۽ مُنهن ويڙهي پئجي رهي. اڌ رات جو مينهن جي چَڙن جي آواز تي بي اختيار ٿي اُٿي. سوچي سوچي آخر دلو کنيائين ۽ گهران رواني ٿي اچي درياءَ جي ڪپ تي پهتي. هڪ اونداهي رات، ٻيو درياءَ ۾ دهشت، پر سهڻي سر جو سانگو لاهي درياءَ ۾ گهڙي پئي[5]. نينهن جي نشي ۾ تار ۽ تانگهي جي پرواهه ڪانه ڪيائين ۽ نڪي مِرون مانگر نظر ۾ آندائين. دِلي تي ترندي، ميهار کي من ۾ رکي، ڪارونڀار ڪُن لنگهي وڃي پار پئي:

اڇو گهڙو هٿ ڪري، جر تي آئي جان

اڇا مڇ مهراڻ ۾، ترت ڏٺائين تان

اڇا وَڇ ڪيرن ۾، ٻيا ڪَپن مٿي ڪانهه

سامهون ساهڙ ڏانهه، اُن کي نينهن اُڪاريو.

ٻيءَ ڀر ميهار جي ڀاڻ تي دُونهين پئي دُکي ۽ نَڙ جون درد ڀريون ڦوڪون پئي وڳيون. دونهين جي لاٽ ۽ نڙ جي سُريلي آواز تي سهڻي هلندي اچي ڀاڻ تي پهتي.

سهڻي جو ساهڙ سان ملڻ

جڏهانڪر سهڻي کير جي سُرڪي پِي، ساهڙ ڏانهن نيڻ کنيا هئا، تڏهانڪر ساهڙ تي الاهي عشق جو نشو غالب پئجي ويو هو. سندس واسطي سهڻي جي صورت ڄڻ جمال الاهي جي تجلي هئي، جنهن سندس راهه روشن ڪري ڇڏي. هو سهڻيءَ کي کير پيئاري ڀاڻ تي سو موٽي آيو، پر انهيءَ ڏئي جي روشني لاءِ آتو هو. انهيءَ سِڪ ۽ سوز ۾ فقط نَڙ ئي سندس ساٿي رهيو، جنهن تي درد ڀريون ڦوڪون وڄائي، ڄڻ ساهڙ پنهنجي اندر جون آهون پئي ڪڍيون ۽ ساڳئي وقت سهڻي کي سڏ پئي ڪيا. نڙ وڄائيندي، سڄڻ کي سڏيندي، ساهڙ کي ڪيئي راتيون اکين تي گذري چڪيون هيون. ساهڙ نڙ کي وسيلو بنايو هو. کيس معلوم هو ته نڙ جي درديلي آواز ۾ اهو اثر آهي، جو سِڪ وارو سڄڻ نڙ سُڻي سک سان گهر نه ويهندو. اڄ رات پڻ دستور موجب سُهڻيءَ جي صورت اندر ۾ سانڍي، ساهڙ نڙ وڄائڻ ۾ محو هو، جو سهڻي پير پير تي ڏيندي اچي سندس سامهون بيٺي. ساهڙ نڙ جهلي چيو ته: ”سهڻي“. جواب مليس ته ”ها سهڻي“. ساهڙ پوءِ سهڻي کي سامهون کٽ سينگاري ڏني ۽ ٻيئي ويهي وِرهه ونڊڻ لڳا. بس هڪٻئي سان پريت جا پيمان ڪندي رات وهايائون. وڏي اسُر جو سهڻي ٽپ ڏيئي اٿي ۽ ميهار سان وري ملڻ جو وعدو ڪري، واپس ڪنڌيءَ جي ڪانهه ۾ رکيل دلو کنيائين ۽ درياءَ تري موٽي اچي هن پار پهتي. اتي وري سَر جي ٻوڙي ۾ دلو لڪائي رکي، پاڻ اڃا پرڀات هئي جو اچي پنهنجي پلنگ تي سمهي رهي.

سهڻي ميهار سان ملي ته هيڪاري سِڪ سرسي ٿيس. مَن تي ميهار جي فراق جا مچ ٻرڻ لڳس. اندر جي لوڇ پوڇ کان ئي آرام ئي نه اچيس. ڀانئي ته هڪ گهڙي به ساهڙ کان پري نه گهاريان. سڄو ڏينهن ائين  بيقراري ۾ گذاريائين، تان جو مٿان رات پيئي، هوڏانهن ميهار، جنهن کي پڻ سهڻيءَ جي نينهن جي ناوَڪ گهائي ڇڏيو هو، سو به سندس انتظار ۽ جدائيءَ ۾ ويهي نڙ وڄائڻ لڳو. جيئن جيئن رات نِوائي ٿئي، تيئن تيئن ساهڙ جي نڙ ۾ ڦوڪن ۽ مينهن جي چڙن جي چونگار، سهڻيءَ جي سِڪ کي پئي سرس ڪيو. نيٺ سهڻيءَ کي سِڪ سمهڻ نه ڏنو، سا وري به سڀني کي سُتل ڇڏي، اُٿي درياءَ تي آئي. سَرَ جي ٻُوڙي مان دلو کڻي، الله توهار ڪري ڪاهي پئي ڪُنن جي ۽ وري به سِير تري وڃي ميهار سان ملي. دستور موجب ٻئي عاشق هڪ ٻئي جي سامهون ٿي اکيون اٽڪائي ويـٺا ۽ سڄي رات محبت ونڊي، اَسُر مهل هڪ ٻئي کان جدا ٿيا. سهڻي وري به دلي تي درياءَ اُڪري هن ڀر آئي ۽ دِلو سَر ۾ ساڳيءَ جاءِ تي رکي اچي گهر ڀيڙي ٿي.

انهيءَ دستور، سهڻي ڏينهن جو ڏم جي گهر ته رات جو پئي ميهار سان محبت ونڊيندي هئي:

”ڏينهان گهاري ڏم سين، راتيان ساڻ ميهار“

هر رات هار سينگار ڪري، پاڻ گهوري، ڪُنن ۾ ڪاهي پوندي هئي. سانوڻ هجي توڙي سيارو، پر سندس سِڪ ۾ تِر جيترو به فرق ڪو نه آيو.

دهشت ڌوم درياءَ جي، جت جر وهي پيو جال

اُٿي آڌيءَ رات جو، سهڻيءَ ڪئي سنڀال

جاڙ جيان ٿي جيڏيون، آ حيف منهنجي حال

ميهر پهرايو مال، مون سُڻئي ڪُڻڪ ڪنڍين جي.

_____

سُڻي ڪُڻڪ ڪنڍين جي، آئي ڪُن مٿي ڪاهي

گهڙي پئي گهيڙ ۾، هن ڇڏيا لاڳاپا لاهي

اُڪاريندي اوتڙ مان، تار منجهان تاري

ساهڙ سنڀاري، پئي منهن مهراڻ جي

____

آڌيءَ رات درياءَ ۾، سيءُ پوي سردي

دلو کنيائين دل مؤن، وڃي ميهر ڏي مرندي

جيڪا وئي وچ ۾، سا وري ڪيئن ورندي

سا اجهي ساڻ الله جي، تار وڃي ترندي

پورهيت ٿي پرندي، سامَ پرتئي سيدا!

____

اڻ تاريءَ جا تار ۾، ڦڦڙ پيا ڦڙڪن

وڻ ٽڻ وڃن وير ۾، ڪُل گِرڻ منجهه گرڪن

تارو تک تار کؤن، ڇوهه ڏسيو ڇرڪن

سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي، ٿي کيئي منجهه کرڪن

سي موج لنگهي مَرڪن، جن تي ماڙ ميهار جي.

سهڻيءَ خدا کان سوال گهريو ته ”يا رب! منهنجي ميهار سان سچي محبت آهي، تنهن ڪري منهنجو ڍڪ ڍڪج“. قدرت خدا جي، سهڻيءَ جو سوال اگهاڻو. رات جو ڏم سميت سڀني گهر ڀاتين کي اهڙي اگهور ننڊ اچي ويندي هئي جو صبح تائين بيخبر سُتا پيا هوندا هئا. انهيءَ ڪري سهڻيءَ کي ميهار ڏانهن ويندي ڪنهن به نه ڏٺو. سهڻي به رات جو ميهار سان گڏ، ۽ ڏينهن جو ڏم سان پوري. فقط انهيءَ خيال کان ته لوڪ لکاءَ نه پوي، پر آخر اوجاڳن هڻي کيس هيڻو ڪري ڇڏيو.

هڪ ڏينهن سج اڀريو ئي ڪو نه ته سهڻي جهوٽا کائڻ لڳي. اتي سسڻس سهي ڪيو ته سهڻي سان ڪا ويڌن ضرور آهي، تڏهن اڪيلائيءَ ۾ وٺي پڇيائينس ته: سهڻي! رات ڪٿي رهي آئي آهين ڇا، جو اڃا سج ئي ڪو نه اڀريو آهي جو جهوٽا پئي کائين؟ سهڻيءَ کي پڪ ٿي ته سس کي شڪ پئجي ويو آهي، سو ٽارڻ لاءِ جواب ڏنائينس ته: ”سچ چيو اٿن ته سسون نڪي اوڙي نڪي پاڙي چڱيون. مون کي مٿي جي سور سڄي رات اوجاڳو ڪرايو آهي پر تو وري شڪ رکي ناحق مون تي ڏوهه مڙهيو!“

سس جڏهن ڏٺو ته سهڻي سچ نه ٿي سلي، تڏهن سچي ڪرائڻ لاءِ اٽڪل سان اڳ وٺي چوڻ لڳيس: ”آءٌ ماءُ ته تون ڌيءُ، مون کان لڪائڻ واجب ناهي. هتي پاڻ ٻن کان سواءِ ٽيون ماڻهو ٻڌڻ وارو ڪونهي، تنهنڪري توکي جيڪو ڏک سور هجي، سو مون کي ٻڌاءِ، جو انهيءَ ۾ تنهنجو ئي ڀلو آهي.“ سهڻيءَ دل ۾ خيال ڪيو ته سس منهنجي ٿي ويئي آهي، سو اندر جو حال اورڻ لڳيس ته: ”سس! عيبن – هاڻي هر ڪا آهي، پر آءٌ ته بلڪل بيوس آهيان، پر بيوس اڄڪلهه کان نه ٿي آهيان، جڏهانڪر ميهار جي هٿان کير جي سرڪي پيتم، تڏهن کان بيوس ٿيس. سندس مينهن جي چڙن جا آواز ٿي ٻڌان ۽ سندس نڙ جون ڦوڪون ٿيون ڪَن تي پون ته سک ڦٽيو پويم. ميهار جي محبت کان مجبور ٿي، هر رات اڌ رات جو اٿي دلي تي درياءَ تري وڃي ساڻس ملندي آهيان.“


[1] ڇپيل راويت 1932ع موجب چار درويش ولي الله هئا: قلندر شهباز، شيخ فريد، سيد جلال ۽ شيخ بهاءَ الحق. غمٽار فقير جي روايت موجب اهي چار درويش گوگي چهواڻ جا ٻالڪا هئا، جن کي گوگي چهواڻ وصيت ڪئي هئي ته مُئي کان پوءِ مون کي ڪُهي کائجو. ٻالڪن وصيت موجب گوگي چهواڻ کي ڪُٺو ته سهي پر گوشت کائڻ تي دل ڪا نه ٿين، تنهنڪري جهنگ ۾ اُڇلائي ڇڏيائون. چار چور اُتان لنگهيا، جن اهو گوشت کاڌو ۽ الله وارا ٿي پيا، پوءِ ميهار جي مَنَهن تي آيا.

[2]  بيءَ روايت موجب: هڪ ورهيه جي ڄاول وڇ ڏانهن اشارو ڪيائون. غمٽار فقير جي روايت موجب: ڦنڊي مينهن ڏانهن اشارو ڪيائون. جنهن جو نالو ”سينگار“ هو. گوگي چهواڻ جي گوشت جو ٽڪر ڪکن تي ڪريو هو. اهي ڪک ڦنڊي مينهن کاڌا. جنهن کان پوءِ منجهس ڪرامت سان قدرتي طور کير ٿيو.

[3] سڪر = وڏي وڇ، جيڪا لڳ جي ويجهو هجي.

[4] بيت جو راوي: خاقل ٻرڙو پٽ حسڻ، ڳوٺ ڳڙهي حسن، ضلعو جيڪب آباد، هن روايت موجب اهي مڙس، چار يار هئا جي رسول پاڪ جي زيارت جي لاءِ اُسهيا.

[5] مل محمود پلي جي روايت موجب: سهڻي دلي کان سواءِ درياءَ تري ويندي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org