سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي

 باب:

صفحو :20

ڪينجهر ڍنڍ تي ڄام تماچي پنهنجي محبوبه نوريءَ لاءِ (جا گندرا قوم مان هئي ۽ مٿي بيان ٿي آئي) هڪ عاليشان محلات ٺهرايو هو. هاڻي خود ڄام وانگيان انهيءَ جو به نالو نشان ڪونه آهي.

روايت [3]

ڪينجهر جي گندرن جي روايت

[هن روايت جو مدار ڪينجهر جي گندرن کان مليل ٻن روايتن تي آهي. جيڪي ڪينجهر جي ڪپ تي رهندڙ گندرن کان مليون آهن. انهن روايتن موجب نوري ۽ ڄام تماچي جي قصي جي سٽاءَ هن ريت آهي: نوري، جسودڻ بادشاهه جي ڌيءَ هئي، تمام ڪوجهي هئي، جنهنڪري ماءُ-پيءُ ڇڏي، ۽ ڪينجهر گندري نپائي وڏي ڪئي. ڪينجهر جي ڀائٽيي ساڻس شاديءَ کان انڪار ڪيو. نوريءَ کي پوءِ شاهه هوندڙي جي دعا سان سونهن ملي، پر نوري منهن تي نقاب وجهندي هئي، جنهنڪري ڪنهن کي به سندس سونهن جي خبر ڪانه پئي. هڪ دفعي اونداهيءَ رات ۾ نوريءَ منهن تان برقعو کنيو ته سهائو ٿيو. ڄام تماچي جيڪو اُن وقت ڪينجهر تي شڪار لاءِ آيو، نوريءَ جي سونهن ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو. پوءِ نوريءَ سان شادي ڪري، گندرن کي ڪينجهر ڍنڍ انعام ۾ ڏيئي ڇڏيائين.

.محمد هاشم گندري ۽ جمن گندري جي روايت[1]

نوري، جسودڻ بادشاهه جي ڌيءُ هئي. هوءَ تمام ڪوجهي ڄائي هئي، تنهنڪري ماءُ - پيءُ کيس اڇلائي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. دائي، ڇوڪريءَ کي کڻي اڇلائڻ لاءِ هلي ته ”ڪينجهر“ نالي گندرو گڏجي ويس، جنهن حقيقت معلوم ڪري، ڇوڪري کانئس وٺي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڌي.

ڪينجهر، گندرن جو چڱو مڙس هو، جيڪي ڍنڍ جي ڪپ تي رهندا هئا. سندس ڪم هو ٻيڙين ۾ چڙهي مڇي مارڻ. ڪينجهر، نوريءَ کي کڻي پنهنجي گهر آيو ۽ کيس لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيائين. نوري سامائي ته سهي پر ڪوجهائي جي ڪري گندرن مان کيس ڪنهن به ڪين قبوليو. خود ڪينجهر جي ڀائٽيي به ساڻس پرڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ان وقت ۾ شاهه هوندڙو درويش، ڍنڍ جي وچ ۾ ٽڪريءَ تي ويٺو هوندو هو ۽ خدا جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو. نوري به روزانو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وڃي سندس خدمت ڪندي هئي. درويش جو پڇاڙيءَ جو وقت آيو ته نوريءَ کي سوال ڪرڻ لاءِ چيائين، جنهن پنهنجي ڪوجهائي واري درد کي دور ڪرڻ لاءِ سوال ڪيس. شاهه هوندڙي چيس ته: مَٽيءَ مان سَت ڪَريُون پاڻيءَ جون ڀري مٿان نانءِ. نوريءَ ائين ڪيو. قدرت سان سندس مرض ته دور ٿيو، پر سونهن به کلي پيس ۽ اهڙو حسن ٿيس جو منهن وڄ وانگر چمڪڻ لڳس. ان کان اڳ نوري پنهنجي ڪوجهائي لڪائڻ لاءِ منهن تي برقعو ڪندي هئي. سونهن کُلڻ کان پوءِ به برقعو نه لاٿائين، جنهنڪري ڪنهن کي به سندس سونهن جي خبر ڪانه پئي.

شاهه هوندڙي جي وفات کان پوءِ به نوري دستور موجب هميشہ سندس قبر تي وڃي ٻهاري ڏيندي هئي ۽ مَٽي ڀريندي هئي. ٻيڙي سندس سؤٽ هلائيندو هو. هڪ دفعي سج لهي ويو، مٿان جهڙ ۽ ڇمر سبب ويترو اونداهي ٿي ويئي. سؤٽ چيس ته مون کي ته خبر نٿي پوي ته شاهه جو مقبرو ڪهڙي طرف آهي! اتي نوريءَ برقعو کڻي چيس ته: هن طرف. انهيءَ وقت سندس منهن مان وڄ جهڙو اُهاءُ نڪتو، جنهنڪري سڄيءَ ڍنڍ ۾ روشني ٿي وئي ۽ مقبرو ڏسجڻ ۾ آيو.

نڪو تارو اڀ ۾، نڪو چنڊ سهاءَ،
ميہ چڙهي مَڪُريءَ تي، جنهن لٿو پاند مُهاءَ
تنهن کي گندري چوڻ گناه، جنهن کي چنڊ جهلي جهوليءَ پيــــــو.

هڪ ڏينهن ٺٽي جو بادشاهه ڄام تماچي، ڪينجهر ڍنڍ ۾ شڪار ڪرڻ لاءِ آيو. ٻيڙيءَ ۾ سير ڪندي، نوريءَ تي نگاهه پيس، سونهن ڏسي عاشق ٿي پيو ۽ گندرن کان سندس سڱ گهريائين. گندرن خوشيءَ سان اها آڇ قبول ڪئي. ڄام تماچي انهيءَ خوشي ۾ ڪينجهر ڍنڍ کين انعام ڏئي، مٿانئن مياڻين جا مڙيئي محصول معاف ڪري ڇڏيا.

عبدالله گندري جي روايت[2]

بادشاهن جو بادشاهه رب تعاليٰ آهي، مگر ڪنهن زماني ۾ جسودڻ نالي هڪڙو بادشاهه هو. ان بادشاهه جي ماڙيءَ جا نشان اڃا تائين موجود آهن. راڄ ڀاڳ ۾ سڻائو هوندي به اولاد جو سيڪڙو هو. گهڻيئي حيلا وسيلا ڪيائين مگر اولاد کان محروم رهيو. هڪڙي ڏينهن ڪنهن سوداگر کان معلوم ٿيس ته چين ولايت ۾ هڪ خدا رسيدو شخص رهي ٿو، جو ڌڻيءَ جي درگاهه مان پني، سوالين جا عرض اگهائي ٿو، اها خبر ٻُڌي بادشاهه هڪڙي ڏينهن امير امراءِ گهرائي ساڻن صلاح مصلحت ڪرڻ لڳو. بادشاهه جي مرضي هئي ته هو پاڻ سوالي بنجي، ان درويش ڏانهن وڃي. تڏهن اميرن چيس ته: اوهين جي ملڪ ڇڏي ويندا ته ضرور خلل پيدا ٿيندو. بادشاهن جي پويان دشمن هوندا آهن. تنهنڪري ڇو نه هڪڙي قاصد کي کڻي موڪليو، جو خبر لهي اچي. اها صلاح پسند آيس، سو يڪدم قاصد سنڀرائي، ان جي هٿان چين جي بادشاهه ڏانهن احوال موڪليائين.

قاصد چين ڏانهن روانو ٿيو، ۽ منزلون ڪري، ڪجهه وقت بعد وڃي اتي پهتو. چين جي بادشاهه، جسودڻ بادشاهه جو خط پڙهي پڇا ڳاڇا ڪئي ته درويش پنهنجي ملڪ ۾ رهي ٿو ڇا! جڏهن درويش جي پڪ ٿيس، تڏهن پنهنجي وزير اڪمريءَ کي قاصد سان گڏ ان درويش ڏانهن موڪليائين. درويش جو نالو ”شاه ولي الله“ هو، تنهن چيس ته: جسودڻ بادشاهه کي ٻيو ته ڪو اولاد لکيل ڪونهي، فقط هڪڙي نياڻي ٿيندي، جنهن کي ڄائي ڄم کام مرض ٿيندو، جنهنڪري ان جي سونهن سوڀيا ختم ٿي ويندي. اهو احوال وٺي قاصد چين جي بادشاهه کان موڪلائي روانو ٿيو ۽ ٿوري گهڻي ڏينهن اچي جسودڻ وٽ پهتو. جسودڻ بادشاهه احوال ٻڌي ارمان ۾ پئجي ويو. قدرت سان سندس راڻي کي اميدواري ٿي.

هڪڙي ڏينهن شڪار تي روانو ٿيو. وڃڻ وقت چيائين ته: جيڪڏهن نياڻي ڄمي ته درياءَ داخل ڪجوس. راڻيءَ کي ڪجهه مدت کان پوءِ نياڻي ڄائي. چوندا آهن ته لکيو پري، ٽري ڪونه، سو ڇوڪريءَ کي ڄمڻ سان مرض وٺي ويو. جسودڻ بادشاهه ۽ سندس راڻي ڇوڪريءَ جي اها حالت ڏسي سهي نه سگهيا، چيائون ته انهيءَ جيئڻ کان مُئي ڀلي آهي، سو دائيءَ کي چيائون ته ڇوڪريءَ کي وڃي درياءَ ۾ اُڇلي ڇڏ. ان زماني ۾ ان هنڌان درياءَ وهندو هو، جو پوءِ ڦٽو ڪري ويو. اتي هڪ ڍورو هو. جنهن تي گندرا قوم رهندي هئي. انهن جو چڱو مڙس ”ڪينجهر“ نالي گندرو هو جنهن جي نالي پٺيان ”ڪينجهر ڍنڍ“ مشهور آهي. ڪينجهر جي گهر واريءَ جو نالو ”سون ٻائي“ هو. اهي پڻ اولاد جا سڪايل هئا. سون ٻائي جڏهن ٻڌو ته ڇوڪريءَ کي درياءَ ۾ ٿا اُڇلائين، سا ڊوڙي بادشاهه جي محلات ۾ ويئي، ۽ بادشاهه کي سوال ڪيائين ته اها ڇوڪري مون کي ملي ته سڄي عمر دعائون ڪنديس. بادشاهه به مائيءَ جي منٿ آزيءَ تي قياس آڻي، ڇوڪري کڻي سندس حوالي ڪئي.

سون ٻائي ۽ ڪينجهر، ڇوڪري هٿ ڪري تمام گهڻو خوش ٿيا، ۽ ان کي پنهنجي پيٽ ڄائي اولاد کان به وڌيڪ قرب محبت ۽ لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳا، ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ”نوري“ رکيائون. نوري جوان ٿي ته ڪينجهر کيس پرڻائڻ لاءِ سڄي برادريءَ کي سڱ جي آڇ ڪئي، پر انهن نوري نه قبولي، ڇاڪاڻ ته مرض سندس سونهن سوڀيا سڀ وڃائي ڇڏي هئي. نوري ويچاري پنهنجي حالت تي روئڻ ۽ ڌڻي در ٻاڏائڻ لڳي ته کيس مرض کان نجات ملي. آخر خيال آيس ته ڇونه ڪنهن خدا واري بزرگ جي خدمت ڪريان، من ان وسيلي ڌڻي جي درگاه ۾ سوال اگهامي.

ان وقت ”شاهه هوندڙو“ درويش، ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ پنهنجو آستانو ٺاهي، خدا جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو. سو نوري به روزانو شام جو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، درويش وٽ وڃي سندس خدمت ڪندي هئي. ۽ سج لٿي جو موٽي ايندي هئي. ڪجهه عرصي بعد درويش جي وفات جو وقت ٿيو، تڏهن نوريءَ کي چيائين: گهر جيڪي گهرڻو هجيئي. نوري چيو ته: سائين، مون کي مرض کان نجات ملڻ لاءِ ڌڻي جي درگاهه ۾ سوال ڪريو. تڏهن درويش امر ڪيس ته: پاڻ کي ستن پوشن ۾ ويڙهي، منهنجي مٽيءَ مان تڙ ڪر ته خدا جي فضل سان تنهنجو مطلب پورو ٿيندو. ٻئي ڏينهن درويش جي چوڻ موجب مٽيءَ مان تڙ ڪيائين. قادر جي قدرت سان مرض ته دفع ٿي ويو، پر سندس سونهن وڄ وانگر تجلا ڪرڻ لڳي. پوءِ ته پاڻ کي پوشن ۾ ويڙهي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽي آئي.

کــلي ۽ ٽـــلي، غرَض نـــه رکـــي گـــــنــــدري

مڇيءَ جو، ماڻڪ چوي، ڇلر ڪين ڇلي

ڀائـــر ڀـــليـــرا آئــــيا، جهڻڪيو ڪين جهلي

انهيءَ باب بلي، سمي مڙهائي سون سين.

درويش جي وفات کان پوءِ، کيس اتي ئي دفن ڪري درگاه ٺاهيائون. تڏهن به نوري دستور موجب روزانو شام جو درگاه جي مَٽي ڀرڻ ۽ مزار جي صفائي لاءِ ويندي هئي. ٻيڙي سندس هڪڙو عزيز هلائيندو هو. هڪڙي ڏينهن شام جو اوندهه انڌوڪار ٿي ويئي. طوفان به زورائتو پئي لڳو. تنهنڪري ٻيڙي سئين گس کان ٽلڪي ويئي. وندهه به اهڙي ٿي ويئي جو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي آيو. ٻيڙي هلائيندڙ، نوريءَ کي چيو: هاڻي ته گس جي به خبر نٿي پوي! تنهن تي نوري منهن تان پلؤ کڻي ڏٺو ته سندس منهن مان وڄ جهڙو چمڪاٽ ٿيو. ان جي اُهاءُ تي ملاح پنهنجو گس ڏسي ورتو، سو ٻيڙيءَ کي ڪاهي اچي گهر ڀيڙا ٿيا.

ان وقت ڄام تماچي سمي جي بادشاهي هئي. سندس پيءُ جو نالو ”ڄام انڙ“ هو. ڄام انڙ کي به رڳو نياڻيون هيون، پٽ ڪونه هئس. آخر ڪنهن درويش جي دعا سان کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ”ڄام تماچي“ رکيائين. ڄام انڙ جي راڻي جو نالو ”راڻي سنگهار“ هو. ڄام انڙ نجومين کان ڄام تماچي جو ڀاڳ پڇيو، جن ٻڌايس ته: سير شڪار جو شوقين ٿيندو ۽ جهرجهنگ وسائيندو.

قصو ڪوتاهه، ڄام تماچي جوان ٿيو ته پڻس وفات ڪئي. اميرن وزيرن کيس پيءُ جي پڳ ٻڌائي بادشاهي گاديءَ تي ويهاريو. ان وقت ڪينجهر ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ ۽ سير ڪرڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪَهي ايندا هئا. ڄام تماچي به سير شڪار جي سانگي ڪينجهر تي ايندو هو، پنهنجي رهڻ لاءِ ڪينجهر جي ڪپ تي خاص ماڙي ٺهرائي هئائين، جنهن تي ويهي نظارو پسندو هو. هڪڙيءَ رات وٽس محفل لڳي پئي هئي ته اوچتو ڍنڍ مان تَجلو اُٿيو، جنهن جو اهاءُ ماڙيءَ تي پڻ پهتو. ڄام تماچي، وزير کي چيو ته: انهيءَ تجلي جي مام معلوم ڪري ڏيو. صبح جو هڪڙي وزير ڪن سپاهين سميت اچي ڪينجهر ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي راتوڪي تَجلي جي پڇا ڪئي. ملاحن جواب ڏنو ته اسين انهيءَ شرط سان خبر ٻڌائينداسين ته ڄام سان سچي نه ڪجو. وزير انجام ڏنو. تڏهن انهن نوريءَ جي نوازجڻ ۽ ان جي حسن جي اُهاءَ ٿيڻ جو سربستو احوال ڪري ٻڌايو. وزير اها ماجرا ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي پوئتي پير ڪيا. بادشاهه پڇيس ته: حقيقت معلوم ڪيئي؟ چيائين ته: جيئندا قبلا، رات وڄ جو چمڪاٽ هو، جو اوهان کي ڏسجڻ ۾ آيو هو. پر بادشاهه کي خاطري نه ٿي. تنهن وري ٻئي وزير کي خبر لهڻ لاءِ حڪم ڏنو.

ٻئي ڏينهن وري ٻيو وزير ويو، سو به ساڳي خبر لهي آيو، پر جيئن ته بادشاهه کي نه ٻڌائڻ جو انجام ڪري آيو هو، تنهنڪري ان به ساڳي ڳالهه ڪئي ته: سائين جن کي وڄ جو چمڪاٽ نظر آيو هو. بادشاهه کڻي ماٺ ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ڪينجهر جي ماڙي ڇڏي پنهنجي محلات ۾ موٽي آيو. ڄام تماچي هڪڙي ڏينهن درٻار ۾ ويٺو هو ته اوچتو هڪڙو نجومي اتي اچي نڪتو، ۽ بادشاهه کي چيائين ته: اوهان جي شادي مهاڻن جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان ٿيندي، جا اصل ۾ بادشاهي گهراڻي جي آهي. بادشاهه يڪدم پنهنجو وزير ملاحن ڏانهن سڱ گهرڻ لاءِ موڪليو، وزير هنن وٽ آيو، ۽ چيائين ته: اسان ڳالهه کي گهڻو ئي لڪايو، پر هڪڙي نجومي سچي ڪئي آهي، هاڻي توهان کي بادشاهه وٽ هلڻو پوندو. ملاح، وزير سان گڏجي اچي ڄام وٽ ڪچهري ۾ حاضر ٿيا. بادشاهه کانئن نوري جي سڱ جي گهر ڪئي. ملاحن کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپندو هو، تن وڏي خوشيءَ سان بادشاهه کي سڱ ڏيڻ قبوليو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ نوري ۽ ڄام تماچي جي شادي ٿي وئي.

شادي بعد نوري جي نياز، ڄام تماچي کي اهڙو ته موهي ڇڏيو، جو کيس هر وقت پاڻ سان گڏ وٺي ٻيڙي ۾ چڙهي، ڪينجهر جو سير پيو ڪندو هو. هڪ ڏينهن ڄام تماچي محلات جي سڀني سمين راڻين کي حڪم ڪيو ته: اڄ هار سينگار ڪري ويهجو، جو آءٌ اوهان کي شڪار تي وٺي هلندس. اهو ٻڌي سڀ سميون سينگارجي ويٺيون، پر نوري پنهنجي اڀري سڀري پوشاڪ پهري، نماڻائي سان ويهي رهي. ڄام تماچي محلات ۾ آيو، پر سمين جو هار سينگار ڏسي ڪين هرکيو. هن کي ته نوري جي نهٺائي اهڙي وڻي وئي، جو ٻين سڀني کي ڇڏي، اڪيلي نوري پاڻ سان وٺي، شڪار تي هليو ويو.

بادشاهه کي اڃان به نوريءَ جو آزمودو وٺڻو هو، سو هڪڙي ڏينهن حڪم ڪيائين ته: هرهڪ راڻي واري واري سان مون کي پاڻي پئاري، هڪ راڻي گلاس ۾ پاڻي کڻي آئي، پر نه بادشاهه گلاس کي هٿ وڌو، نه راڻي جهليو، گلاس ڪريو ۽ ڀڄي پيو. بادشاهه چيس ته ڏوهه ڪنهن جو؟ راڻي جواب ڏنو ته: بادشاهه، ڏوهه تنهنجو. اهڙي طرح سڀني راڻين کيس قصور وار ڪيو. جڏهن نوري جو وارو آيو تڏهن ساڳي طرح سندس هٿان به گلاس ڪري پيو. بادشاهه پڇيس ته: قصور ڪنهن جو؟ تنهن تي نوري جواب ڏنو: بادشاهه سلامت! قصور منهنجو آهي، مون کي بخش ٿئي. بادشاهه يڪدم سڀني راڻين کي سڏائي چيو ته مون انهيءَ ڳالهه جو آزمودو وٺڻ ٿي گهريو.

نوريءَ ڄام تماچي سان گڏ اڃان پنج – ست سال مس گذاريا هئا ته اجل جو پيغام اچي پهتس. ڄام تماچي کي نوري جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. شغل ۽ شڪار سڀ ڇڏائي ويس. آخرڪار انهيءَ غم ۾ مري ويو. سندس قبر مڪلي تي ڄام نظام الدين جي مقبري لڳ آهي. سندس ڀرسان نوريءَ جي قبر آهي.

روايت [4]

تعلقي گهوڙا ٻاري مان سگهڙ آري چانڊئي جي بيتن واري روايت[3]

(هي روايت جيڪا گندرن وارين روايتن سان ملي ٿي، سا هن ريت آهي ته: جسوتڻ نالي سمون بادشاهه هو. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪپ تي سندس حڪومت هئي. کيس پٽ ڪونه هو، جنهنڪري خدا جي درگاهه ۾ سوالي هو. قدرت خدا جي کيس نياڻي ڄائي. راجا رنج ٿي دائيءَ کي چيو ته: هن نڀاڳيءَ کي اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلي اچ جو وري نه ڏسانس. ٻانهي، ڇوڪريءَ کي کڻي محلات مان نڪتي، ته سامهون ڪنجهر نالي گندري جي گهر واري مليس، جنهن جي پڇا تي دائيءَ سموري حقيقت ٻڌايس. مائي چيو ته: نياڻيءَ کي ڍنڍ ۾ نه اڇلاءِ، مون کي ڏي ته وڃي نپايانس. دائي به ڇوڪري کيس کڻي ڏني. مائي، ڇوڪري کڻي پنهنجي گهر آئي، مڙس کي احوال ٻڌايائين اهو پڻ گهڻو خوش ٿيو. پوءِ ته ڇوڪريءَ تي ”نوري“ نالو رکي، کيس لاڏ ڪوڏ سان نپائڻ لڳا.

نوري سامائي ته قدرت سان کيس ڪوڙهه جو مرض ٿي پيو، جنهن سندس سونهن وڃائي ڇڏي. هڪ طرف ڪوجهائي جو ڪهڪاءُ ته ٻئي پاسي مرض جو آزار، تنهن هيڪاري حيران پريشان ڪري ڇڏيس. ڪينجهر ۽ سندس زال، نوري جو اهو حال ڏسي کيس پرڻائڻ جي ڪئي، پر مرض ۽ ڪوجهائي سبب جنهن کي به ٿي سڱ جي آڇ ڪيائون، تنهن ٿي انڪار ڪيو. جڏهن نوريءَ کي ڪنهن به ڪين قبوليو، تڏهن ڌڻيءَ در ٻاڏائي، ”شاهه هوندڙي“ درويش وٽ دعا پنڻ لاءِ وئي.

شاهه هوندڙي، نوري جي درد واري حالت ڏسي دعا ڪئي، ۽ قدرت سان نوريءَ جو مرض ته دور ٿيو پر اهڙي سونهن مليس، جو سندس پيشاني وڄ وانگر چمڪڻ لڳي. نوري منهن کڻي ڍڪيو ۽ ان بعد پنهنجي صورت کي پردي ۾ ويڙهي هلندي هئي. نوريءَ کي جيئن ته دعا درويش هوندڙي جي ٿي هئي، تنهنڪري روزانو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مرشد ڏانهن ويندي هئي، ۽ سڄو ڏينهن ان جي خدمت ڪري، سج لٿي مهل موٽي ايندي هئي.

هڪڙي ڀيري نوري کي رات پئجي ويئي. ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽ کاڌائين پر اوندهه ۾ طرف نظر ئي نه ٿي آيس. واٽ ڏسڻ لاءِ منهن تان پردو لاٿائين ته سندس پيشانيءَ مان وڄ جهڙو اُهاءُ نڪتو، ۽ ان جي روشني ۾ گس لهي، صحيح سلامت اچي ماڳ پهتي. ان ڏينهن ڄام تماچي شڪار جي سانگي ڪينجهر جي ڪپ تي اچي منزل ڪئي هئي. رات جو اوچتو ڍنڍ ۾ وڄ جو چمڪاٽ ڏٺائين. پڇا ڪيائين ته: آسمان ۾ ڪڪر به ڪينهن، پوءِ سهائو ڪٿان آيو؟ ٻڌايائونس ته اهو نوريءَ جي حسن جو اُهاءُ هو، جيڪو تو ڏٺو. ڄام تماچي خيال ڪيو ته گندرن کي لالچ ڏئي نوري هٿ ڪجي. سو ڪينجهر ۾ موتي کڻي اڇلارايائين. گندرن مڇي ڦاسائڻ لاءَ ڪُڙهيو وڌيو ته موتي نڪري آيا. هنن ورائي کڻي پاڻيءَ ۾ ڦٽا ڪيا ۽ ڄام تماچي کي چوائي موڪليائون ته: مڇي اسان جو مرڪ، ڇا ڄاڻون موتين مان! تڏهن خيال ڪيائين ته گندرن سان لڙائي ڪري، زوري کانئن سڱ وٺجي. انهيءَ ارادي سان لشڪر وٺي آيو ۽ لڙائي ڪري گندرن جا گهڻيئي ماڻهو گرفتار ڪيائين. گندرن نوري جو پلئه ڏئي پنهنجا قيدي آجا ڪرايا. ڄام تماچي به ساڻن صلح ڪري ڪينجهر ڍنڍ کين انعام ۾ ڏئي ڇڏي.

نوري ۽ ڄام تماچي جي شادي ٿي ته نوري کيس پنهنجي حسب نسب ۽ گندرن ۾ نپجڻ بابت سمورو احوال ٻڌايو. پوءِ ته هيڪاري ڄام تماچي جو ساڻس قرب ٿيو.

 

آري چانڊئي جا بيت[4]

ساراهيان سو ڌڻي، جنهن جوڙيو هيءُ جهان
پيدا ڪيائين پيغمبر، جو آهي امت جو اڳوان
نور مان تنهن نرمل جي، ٿيا هي باغ بُستان
هاڻي ڪريان ٿو ظاهر، هيءَ جا بات بيان
ته مشهور هو ملڪ ۾، صوبي جو سلطان
ذات سڏائي سمون، نالي جسوتڻ جوان
رهيو ڪينجهر ڪنڌيءَ تي، مرد منجهه ميدان
اولاد نه هو ان کي، هئو پٽ لاءِ پريشان
ستائيندو هو صاحب کي، پُٽ لاءِ پهلوان
تان اچي اميدواري ٿي، آگي ڪيو احسان
پوءِ گهڻين ٿورين ڏينهڙي، ڄائي نياڻي نيشان
پر راءِ رنج ٿي چيو، ڪري دائيءَ تي دهمان
ته اڇلي اچينس اوڙاهه ۾، جا ڪڏهن لڀي ڪانه
سا ٻانهي کڻي ٻائيءَ کي، نڪري هلي نادان
ڦٽي ڪيائين ٿي ڪينجهر ۾، معصوم سا مستان
پر اوچتي گڏيس، آري چوي، ڪا عورت ان مڪان
سا هڪدم ٿي حيران، پسي منهن معصوم جو.

 

پسي منهن معصوم جو، پڇيائين حقيقت هيڪار
ته ڪيڏانهن کڻيو وڃين ٿي، تون نياڻيءَ کي نار
چئي: اڇليانس ٿي اوڙاهه ۾، جو اسان وٽ ڌيئن کي ڌڪار
تان چئي: ڏي مورت مون کي، وڃي سانڍيان سان سينگار
پوءِ تنهن پريءَ کي، کڻي هلي مائي اها موچار
آندائينس اُتي، جتي هئس مرد مهندار
ڪينجهر نام تنهن جو، سو هو ذات گندور گلزار
سو به ڏاڍو سرهو ٿيو، ڏسي نياڻي نامدار
آندا ٿي عجب تنهن لاءِ، ويس وڳا وينجهار
سا ٿي نازڪ نپائي، مهاڻن وٽ منٺار
پوءِ نازڪ نپائجي اچي، ٿي جوڀن سان جنسار
تان ٿيو مرض مائيءَ کي، ڪا ڪوڙهه سندي ڪار
سورن تنهن جي سونهن نيئي، عقل وڃايس آزار
تنهن پريءَ لاءَ پريشان ٿيا، لڳي سي آچار
سڱ ڏنائون ٿي سڏيو ڪري، پنهنجن کي پڪار
تن ڪوجهي ڪين قبولي، ڏسي بيحد بيمار
تنهن ٻائيءَ تي ٻاڏايو، ڪيو سوال کي ستار
ته ميٽ مرض منهنجا، هي جي عيب اپار
سا هلي آئي ”شاهه هوندڙي“ تي، پنڻ دعا پينار
ڪيائين عرض اچي اتي، ته ٻڌ منهنجي ٻاڪار
ٻڌس عرض، آري چوي، مرشد تنهن مهندار
تنهن نوازي ڪئي نروار، ٿي آجي آزار کان.

 

آجي ڪري آزار کان، باريءَ بچائي
مليو حسن حور کي، ٻي هيس وحدت وائي
سا ايندي ويندي هئي، روز مرشد ڏي مائي
هيس محبت مرشد جي، ٻي ڪار نه ڪائي
هڪ رات هليو آئي، ٿي ٻيڙيءَ منجهه ٻائي
کنيائين پردو پيشانيءَ تان، ته ڪئي صورت سهائي
سا ڏٺي ڄام تماچي، چٽي چٽائي
سو حاڪم حيران ٿيو، لاتائين لات اهائي
پوءِ اٿي تنهن، آري چوي، ڪئي سنبت سڻائي
هاڻي ٿو ڪري لال لڙائي، بيگناهه گندرن سان.

 

بيگناهه گندرن تي، ٿيس جونش جهٽ پٽ
پکيڙيائين پاڻي ۾، موتين سندا مٽ
سي طرحين طرحين تجلا ڪن، جيئن نروار ٿين نکٽ
هو گندرا هليا گذر لاءِ، ڪري ڪڙهين ساڻ ڪوڪٽ
تان مڇيءَ بدران موتي، ان ۾ آيا اڻ کٽ
سي ويچارن واري وڌا، پاڻيءَ ۾ پؤنسٽ
چئي: ميان تنهنجي موتين مان، اسين ڄاڻون ڇا ڄَٽ
اسان جو مرڪ مڇيءَ سين، پرهيون ڪيئن پٽ
اسان کي وڻي اصل کان، ڇلر سندي ڇَٽ
تون سمون سڌر، اسين گندرا گهٽ
اسان جو ڀلي، آري چوي، تون سر به کڻي سٽ
تنهن ڪئي ٿي لڙائي لَٽ، بيگناهه گندرن سان.

 

بيگناهه گندرن تي، سو آيو ڪامل ڪاهي
موڪليائين تن ڏي ماڻهو، ٺاهه منجهان ٺاهي
ته ڏيو مون کي سڱ سڄڻ جو، سگهو ساڻ سعيي
نه ته ڪندس جنگ جلدي، وجهندس گهڻا گهائي
تن ڏنس جواب جلدي، مردن موٽائي
ته گڏجڻ گندرن جو اميرن سان، اسان ۾ ناهي
سي سامهون سمن جي، بيٺا سينو ساهي
هو تماچي به تيزيءَ مان، هليو اسباب اُٺائي
تنهن ڪيترا قيد ڪرايا، ٻيا ڇڏيا مفت مارائي
تن تنگ ٿي تماچيءَ کي، ڇڏيو اهو ٻول ٻڌائي
ڏنائون پلئه پريءَ جو، دليل دوڙائي
سو راجا راضي ٿيو، ڇڏيائين قيدي ڪڍائي
هاڻي هليو هين کي، ٿو پارس پرچائي
اهو عرض اونائي، ڪيائون معاف مير کي.

 

ڪيائون معاف مير کي، سو راضي ٿيو راڻو
تنهن امير انعام ڏنو، ڏسي گندرن جو گهراڻو
سو ڪينجهر منجهه قراريو، ڏسي مڇي مهاڻو
ڪري ٿو گذران گندرو، پاڻي مٿي پاڻو
راڄ تنهن راڻيءَ جو، سمي کي سيباڻو
تنهن سمي سُڃاڻي ڪيو، ٻائيءَ سان ٻيلاڻو
جن جي هئي تن کي ملي، لٿو جيءَ جو جهوراڻو
انهن کي ملان، آري چوي، جن جو اچي مون اولاڻو
هي نوڪر نماڻو، تنهن کي سمون سڃاڻندو ساٿ ۾.

 

سمون سڃاڻندو ساٿ ۾، هيءَ گندري گنهگار
آءٌ اگلي اصل کان، مون ۾ عيب اَپار
سي لهندا لحظي ۾، بَدين سندا بار
نوازيندو نوريءَ کي، سمون ڄام سردار
سو جيئري جانب ڏسان، هلي هڪوار
مُور نٿي ميٽجي، لکئي سندي لغار
سَڄي تنهن سمي جي، پَٽن منجهه پچار
آهيم جن جي، آري چوي، تن منجهه تنوار
جنهن ۾ آهيون اُميدوار، سو ڪامل سڃاڻي ڪنجهر ۾.
 

ڪامل سڃاڻي ڪنجهر ۾، ويندو غم گوندر
آءٌ گنهگار گندري، هو سمون ڄام سڌر
اصل آهيان ميهه مهاڻي، نماڻي نڌر
هو حاڪم حڪومت ۾، آهي ناليرو نامور
پناري تنهن پارس جي، ڪريان هُل حَشر
سو سمون ڄام سگهو ٿيندو، وسيلو واهر
آءٌ اٻوجهي اڻڄاڻ، ڇڏيان نه پيڇو پچر
تون ڄامَ مون ڄٽيءَ سان، اچي حامي ٿي هيڪر
اهي معاف مون کي ڪر تون، ڏنگايون ڏمر
ڊڄان ٿي ڊاوَ گهڻي، ڏسيو قهار جو قهر
ٻيا مون اڙانگا آري چوي، آهن وهايا وکر
سي اُبتا منهنجا اکر، سما ميٽي ڪر سُبتا.
 

سما! ميٽي ڪر سبتا، لاهه مون گندريءَ تان گناهه
آءٌ توهه تو تماچيءَ جي، پنان ٿي پناهه
منهنجو تو محب لاءِ، سڪي ٿو ساهه
آءٌ ميهه مهاڻي، ٻيو نه ڀانيان وسيلو واهه
سما! پاڻ سڃاڻج، ڪر نڌر تي نگاهه
هيءَ گفتار گندرڪي، مون تان لالڻ لاهه
آءٌ اميدوار آري چوي، تون آهين شهنشاهه
شال چوکو هجيم چاهه، سمان! تنهنجي سِڪ جو.
 

سما! تنهنجي سڪ جو، ٿو ٻارڻ مون ٻري
ٻيو سڪ سندو سيني ۾، ٿو چهڪ پڻ چُري
آءٌ گنهگار گندري، مانَ گهوٽ مون گهري
منهنجي تنهن محبوب سان، شال پت پري
سما پاڻ سڃاڻ، آ مون تي مهر ڪري
آءٌ ميهه مهاڻي، آيس عشق جي آري
هيءُ ساهه تو سمي لاءِ، ٿو ڳاراڻي منجهه ڳري
جلوو تو جانب جو، ٿو مون هنئين ۾ هُري
شال محب مون کي، سڪ تنهنجي سري
ڪري احسان آري چوي، وارث مانَ وري
منهنجو ڏيل ڏري، ٿو تماچي تنهنجي تاب کان.
 

تماچي تنهنجي تاب کان، منهنجو ڏڪي ڏيل
آهيان ڄائي ڄٽن جي، سمان! رکج سيل
آءٌ پناري تو پارس جي، عاقل تون اصيل
تون سُڄين ٿو سمو، قرارو منجهه قبيل
آءٌ به آهيان اصل کان، نوڪر تنهنجي نفيل
تون سنئين مون کي سهاءِ، سمان! ڏئي سبيل
ڪيئن گڏينم ٿو گندرن سان، جن جي ڄائي نه ڄميل
اوچتو آڻي امر ڪيس، مهاڻن سان منهن ميل
آءٌ اصل جا آهيان، سو توکي ٻڌايم تفصيل
آري چوي مون اٻوجهه جو، وارث ٿيءُ وسيل
ته ڪوجهو هيءُ قِيل، لهي مون تان لوڪ جو.
 

لهي مون تان لوڪ جي، هيءُ گندراڻي گفتار
هڪڙن ڄائي، ٻين نپائي، ڏس قدرت سندي ڪلتار
تهان پوءِ نوازجي، ٿي نُورَئين نروار
هاڻ آهيان اجهي تنهنجي، سمان ڄام سردار
پائي پاند پاپن تي، ڍڪج ڍڪڻهار
پنهنجو سانگ سڃاڻي، ڪج مهر منٺار
پر سڱ نه اٿم سياڪر. نڪا حجت هيڪار
اٿم تات توبهه جي، انهيءَ وائي مون وار
آهي مون کي آري چوي، تو سندي تار
تون نوازش سان نهار، ته آءٌ گولي وڃي گس ٿيان.
 

سما! پاڻ سڃاڻ، آءٌ گندراڻي به گولي
اٿم تات تنهنجي، ٻي ٻوليان نه ٻولي
اڳيان تو عجيب جي، جهلي اٿم جهولي
ڏي اندر ۾ آريءَ کي، لااِلــلــہ جي لولي
مون اٻوجهه کي اولِي، تون هڻي تڙ ڪندين.
 

تون هڻي تڙ ڪندين، ٻيڙا ٻاوَن ويِر
آهيان اوڙاهه ۾، سا اُڪارج سير
جتي لوڏا لهرين جا، اُتي پڄج اچي پير
ابوجهه هن آريءَ سان، سڻي ٿي سڌير
نيڻين وهايان ٿي نير، سمان تنهنجي سڪ ۾.
 

سما! تنهنجي سڪ ۾، مران ٿيو ماندي
اٿم طلب تنهنجي، هنئين منجهه هيڪاندي
ڏکن ڏولاوَن کان، وار ناهيان واندي
پڇان روز پانڌي، آري انهيءَ پار جا.
 

تون سمون سردار، اسان جو ڄم ڄاريون
اسين اٿيو انهيءَ سان، مڇيءَ کي ماريون
وجهو رَڇ رمز جا، پيٽ کي پاريون
ميڙيو رکون مٿي تي، کِکائيءَ کاريون
اسين ته آري چوي، اهڙن گناهن ۾ گذاريون
سي ”تون تون“ تنواريون، مارڻ مهل مڇيءَ جي.
 

مارڻ مهل مڇيءَ جي، قياس ڪونه ڪريون
وڍيو ٽڪيو ويچاريءَ کي، ڪريون ذرن مان ذريون
کائونس خوشيءَ مان، ٻيو ڌيان ڪونه ڌريون
اهي اگلايون آري چوي، سڀ اسان کي سَريون
جتي ڪُرڙين ڪچهريون، اُتي سمان! اسان کي سک اچي.
 

سمان! اسان کي سک اچي، جتي کاڄ ککائي
مڇي مَرڪ مهاڻن جو، پر لکئي آءٌ آڙائي
ڪار ڏسي ڪاوڙ نه ڪر، ڀلا ڪر ڀلائي
اندر منهنجي کي آري چوي، سڀ ڏي سهائي
ته وساريان آءٌ وائي، مڙيئي هيءَ مهاڻڪي.
 

مڙئي مون تان لاهه، گندراڻي گفتار
لالچ پئي لوڙهن جي، کنيم بيهن جو بار
آيس پيچ ٻاٻوڙين جي، ڏسي گهڻو گلزار
هاڻي هجيم هنئين ۾، شال تنهنجي تار
ٻي ڪلمي جي ڪار، هجي آريءَ جي اندر ۾.
لا الہٰ اِلله محمد رسول الله
روايت [5]

تعلقي گوني ۽ تعلقي سنجهوري جي سگهڙ راوين کان مليل روايت

(هي روايت خليفي محمود نوحاڻي (عمر ستر سال ويٺل ڳوٺ ترائي، تعلقو گوني) ۽ لونگ فقير جوکيي (عمر پنجهٺ سال ويٺل لڳ ڳوٺ ٻرڙا، تعلقو سنجهورو) جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

هن روايت موجب نوري، جسودڻ راءِ جي ڌيءُ هئي. جسودڻ بادشاهه جي مارجڻ بعد سندس راڻي ”مروبت“ ۽ بادشاهزادي ”نوري“ ڪينجهر جي گندرن ۾ پناهه ورتي. نوري اتي گندرن ۾ نپني ۽ وڏي ٿي. ڄام تماچي ٺٽي جو بادشاهه، شڪار ڪندي برسات ۾ ڀنو سندس سپاهي سڪل ڪپڙن جي ڳولا ۾ گندرن ۾ آيا. مروبت راڻي پنهنجي مڙس جو بادشاهي وڳو ڪڍي ڏنو. ڄام تماچي پوشاڪ بابت پڇا ڪئي، جنهن تي راڻي مروبت سموري حقيقت کان واقف ڪيس، ۽ پنهنجي ڌيءُ نوري سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائينس. ڄام تماچي اهو خيال ڪري ته نوري بادشاهزادي آهي، شادي ڪيائين.)

هٿين پيرين آڱرئين، منهن نه مهاڻي

ڌيءُ جسودڻ راءِ جي، ماءُ مروبت راڻي

سمي سڃاڻي، ٻڌس ٻيڙو ٻانهن ۾.

ٺٽي جي تر ۾ جسودڻ بادشاهه جي بادشاهي هئي. ڄام تماچي سمي هن کان اچي بادشاهي کسي ۽ جسودڻ راءِ مارجي ويو. جڏهن بادشاهي ڄام تماچي جي هٿ ڪئي ته جسودڻ راءِ جي راڻي ”مروبت“ نالي دل ۾ خيال ڪيو ته جتي مون حڪومت ڪئي، اتي اڄ آءٌ مزوري ڪندي شرمسار ٿي ٿيان. تنهن ڇا ڪيو جو جسودڻ بادشاهه جو وڳو بجڪي ۾ وجهي اکين جي آسا بند لاءِ کنيائين ۽ ”نُورئين“ نالي جسودڻ راءِ مان صغير نياڻي هئس سا به وٺي پاڻ سان رات ڏيئي شهر ڇڏي وئي. ٻي ملڪيت ڪجهه به ڪانه کنيائين. اتر طرف تي ڪينجهر جي ڍنڍ هئي. ان تي مهاڻن ماڻهن جا وڏا ڳوٺ ۽ مياڻيون هيون. راڻي هلندي هلندي اچي مهاڻن ۾ پهتي. پڇا ڪري، جيڪو مهاڻن جو چڱو مڙس هو ان کي وڃي هٿ ڪيائين، ۽ چيائينس ته: اباڙي! آءٌ هڪڙي مسڪين رنڙي عورت آهيان، جي منهنجي تون پرورش ڪرين ته آءٌ تنهنجي پاڙي ۾ ويٺي سکيو وقت گذاريان، ۽ توکي دعا ڪريان. راڻيءَ پنهنجي احوال کي وڌيڪ بلڪل ڪونه کوليو.

اڳي ماڻهن ۾ پاڙي جا ننگ هئا. پرئي مڙس چيو ته: امان! منهنجي ماءُ آهين، ڀلي ڪري، جي ڪري، ويٺي هج. آءٌ تنهنجي بلڪل پرورش ڪندس. پوءِ مائي اتي ڀونگڙي اڏي ڳوٺ جي پاسي ۾ ويهي رهي ۽ هن ميربحر چڱي مڙس سڀني مهاڻن تي جيڪي مڇيءَ جا ماري هئا، ۽ جيڪي رڇ پهرندا هئا، تن سڀني کي گهر – ڏيٺ ڪُرڙي ٻڌي ڇڏيائين يعني ته سڀڪو مهاڻو جڏهن مڇي ماري تڏهن هڪڙي ڪرڙي اچي هن مائي کي ڏي. پوءِ اهڙي طرح سان مائيءَ کي انيڪ ڪرڙيون ملنديون هيون. جن مان ڪجهه وڪڻندي هئي ۽ ڪجهه رڌيندي هئي. اهڙيءَ طرح پنهنجو گذر سفر ڪندي هئي.

پادر نهيس پير ۾، انگ تي نه اڳڙي
ورايو ويڙهي وارن کي، سڻيءَ جي سڳڙي
ناپو کائي نپني، ترين تي تڳڙي
گانگٽ، گوجون، درڙا، هن جي کاريءَ ۾ کڳ ڙي
پر جيڪا سام سمي لڳڙي، تنهن تان لٿا حرف حساب جــــــا.

ڪجهه عرصي کان پوءِ هڪ ڏيهاڙي ڄام تماچي چڙهيو شڪار تي. ان ڏينهن طنبو طولان ڪونه کنيائون. چيائين ته ويجهوئي شڪار ڪري شام پنهنجي محل تي موٽي اينداسين. پر قدرتئون جڏهن ڪينجهر ڍنڍ وٽ پهتا تڏهن مٿان مينهن پئجي ويو، جو بادشاهه سميت سڄي لشڪر جا ڪپڙا پُسي ويا. بادشاهه کي اچي سيءُ ٿيو. تنهن پنهنجي وزيرن ۽ نوڪرن کي چيو ته: هيءُ ڳوٺ ٿو ڏسجي اهي ئي پنهنجي رعيت جا ماڻهو آهن، انهن منجهان ڪي سڪل ڪپڙا وٺي اچو ته هيٺ ڪري پاڻ آلا ڪپڙا سُڪايون.

نوڪر ڳوٺ ۾ ويا ۽ اها گهر وڃي وڌائون ته ڳوٺ وارن چيو ته ٻين جي لاءِ ته غريباڻا ڪپڙا به ڪم ڏيئي سگهن ٿا پر بادشاهه جي لاءِ وڳو ڪٿان اچي! هنن دل ۾ خيال ڪيو ته اسان غريب مهاڻن جي ڪپڙن ۾ مڇيءَ جي ڇَٽ هوندي. بادشاهه کي ڏينداسون ته مرڳو موچڙا کائينداسين. هاڻ ڳوٺ ۾ سندن ڊڪ ڊوڙ لڳي ويئي ته ٻيلي من ڪنهن جا ڪپڙا خاشا هجن ته وٺجن. جڏهن اها ڳالهه وڃي مائيءَ جي ڪن تي پئي ته مائيءَ هنن کي چيو ته: اڙي ابا، اوهين ڇا ٿا پڇو؟ هنن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. مائي چيو ته: مون وٽ هڪڙا ڪپڙا پيا آهن، اهي کڻي وڃي بادشاهه کي ڏيو ته پهري، پوءِ ڪم لاهي مون کي پنهنجا ڪپڙا واري ڏئي وڃجو.

ڪپڙا ٻجڪي سوڌا کڻي وڃي بادشاهه کي ڏنائون. جڏهن ڄام تماچي ڪپڙا کوليا ته سندس عقل حيران ٿي ويو ته بلي! آءٌ به بادشاهه آهيان پر ههڙا ڪپڙا مون ڪڏهن اوڍيا ته ڪونهن پر ڪڏهن ڏٺا به ناهن، ۽ هي ڪپڙا هن غريب گهراڻي جي ماڻهن ۾ ڪٿا آيا!

کانئن سڏي پڇيائين ته هنن ويچارن جو ساهه ٿڙڪڻ لڳو ته خبر ناهي متان ڪي مائيءَ وٽ چوراڻا ڪپڙا هجن. جي بادشاهه سڃاتا آهن. گهوڙا! گهوڙا! پر هاڻ وٺي مائيءَ کي حاضر ڪريون، پوءِ پاڻهي بادشاهه کي جواب ڏيندي. مائي چيو ته: حاضر آءٌ هلان ٿي، مائي وڃي بادشاهه وٽ حاضر ٿي. بادشاهه مائيءَ کي چيو ته: مائي! ڏي خبر، ته هي وڳو تو ڪٿان آندو؟ مائي چيو ته: قبلا، چئين ته سچي ڳالهه ڪريان، چئين ته ڪوڙي ڪريان! بادشاهه چيو ته سچي ڳالهه ڪر. مائي چيو ته: سائين آءٌ هن غريب گهراڻي جو ماڻهو ڪونه آهيان. آءٌ بادشاهه جسودڻ راءِ جي راڻي آهيان. جڏهن تو منهنجي مڙس کان بادشاهي کسي. تڏهن مون دل ۾ خيال ڪيو ته جتي مون حڪومت ڪئي، اتي اڄ مزوري ڪرڻ نه ٿي چاهيان. پوءِ رات ڏئي اهو پنهنجي مڙس جو وڳو اکين جي آسابند لاءِ کنيم ۽ نياڻي به پاڻ سان ورتم. پوءِ اچي هنن ماڻهن جي پناري پيس. اتي وقت گذاريو هنن کي ويٺي دعا ڪريان. اڄ به ڪپڙن واري ڳالهه هلندڙ ٻڌم، دل ۾ خيال ڪيم ته بادشاهه سلامت اوڍي، پوءِ جڏهن لاهي ته مون کي پنهنجا ڪپڙا ڏيئي وڃجو. اهو راز هنن سان ڪونه کوليم. ڪپڙا پاڻ توکي ڏنائون. هينئر وري تو مون کي گهرايو. سچي ڳالهه ته اها اٿئي.

بادشاهه سهي سهي انهيءَ ڳالهه کي قبول ڪيو ۽ سڃاتائين ته مائي سچي آهي، ۽ برابر غريب گهراڻي مان نه آهي. مائي وري بادشاهه کي عرض ڪيو ته: بادشاهه سلامت! منهنجو هڪڙو عرض آهي ته پنهنجي نياڻي آءٌ اوهان کي ڏيڻ ٿي چاهيان جي اوهين شادي ڪريو. بادشاهه دل ۾ خيال ڪيو ته ڇوڪري بادشاهي گهراڻي مان آهي، سو ڳالهه قبول ڪيائين. شاديءَ جا ڏينهن ٻڌجي ويا. ساڳيءَ جاءِ تي طنبو لڳي ويا. ”نورئين“ سان بادشاهه جي شادي ٿي. هن جو نالو اصل نُورَئين هو. پر مهاڻن جو پاڙو سڏبو هو گندر جو تنهنڪري هن کي گندري سڏيندا هئا.

ضميمو

جسودڻ بادشاهه[5]

سمو راءِ ”جسودڻ بادشاهه“ آڳاٽي وقت ۾ لاڙ جي هڪ وڏي ايراضي جو حاڪم هو. جسودڻ کي ”جسيدڻ“ به ڪري سڏيندا هئا. سندس حڪومت ٺٽي جي بادشاهيءَ کان اوڀر طرف هئي. جنهن مان پٽيهل درياءُ وهندو هو. انهيءَ پٽيهل ڍوري سببان سندس سڄي ملڪ ۾ آبادي ٿيندي هئي، ۽ انهي ڪري جسودڻ کي ملڪ جا ماڻهو پيار وچان ”ڍوري ڌڻي“ يا ”ڍور ڌڻي“ به ڪري سڏيندا هئا. سڀ ماڻهو سکيا ستابا هئا. مال متاع جام هو ۽ ان گيهه جام هوندو هو. ملڪ ۾ ڪنهن شيءِ جي اڻاٺ ڪانه هئي.

هڪ سال اوچتو پٽيهل درياء ۾ لاهو آيو ۽ سال بسال اهو ڍورو سڪڻ لڳو. ڍوري جو اهو حال ڏسي ماڻهن ۾ اچي هراس پکڙيو. پاڻي جي اچي اڻاٺ ٿي، ٻنيون ٻارا سڪي ويا. جسودڻ جي ڀاڳ به اچي پويان پير ڪيا. سندس هٿ ۾ اها برڪت نه رهي. اها حالت ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ماڻهو ڊوڙايائين ته خبر چار لهي اچو ته ڇا ڳالهه آهي ۽ ڪهڙي سبب کان ڍورو پيو سُڪي! ڪي داناءَ ماڻهو ويا ۽ وڃي سڄي ڍوري کي جانچيائون. ڏسن ته مار! ماڳهين ڍورو اُبتو پيو وهي. تڏهن موٽي آيا ۽ اچي ٻڌايائونس ته: اسين ڏسي پيا اچون ته ڍورو ماڳهين اُبتو پيو وهي، جنهن ڪري پاڻي نٿو پهچي. فصل ختم ٿي ويا آهن ۽ زمينون سڪي ٺڪر ٿي ويون آهن ۽ ماڻهو به هتان لڏپلاڻ پيا ڪن. اهو ٻڌي جسودڻ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هن دل ۾ خيال ڪيو ته ماڻهو لڏي ويا ته ملڪ ڦٽي ويندو. جيستائين مون وٽ ڪي ڪجهه آهي، سو ڏيئي ماڻهن کي رهايان، پوءِ ٿي سگهي ٿو ته ڌڻي من پنهنجي ٻاجهه ڪري. اهو پڪو پهه ڪري، گڏ ٿيل اَن ماڻهن ۾ ورهائڻ شروع ڪيائين. نيٺ اهو به کٽي ويو، تڏهن وري خزانو ورهائڻ لڳو. نيٺ مند موٽي آئي پر ڍورو نه وهيو سو نه وهيو، جيئن پوءِ تيئن سڪندو ويو. هاڻي ماڻهن ۾ به سهڻ ڪونه هو، سو ڀڄڻ جي ڪرڻ لڳا.

جڏهن جسودڻ کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي تڏهن ماڻهن کي چيائين ته: ڪجهه ڏينهن ترسو، آءٌ سوڻ خاطر ٻه تتر ڇڏيان ٿو، جيڪڏهن اهي موٽي آيا ته پوءِ توهين ڀلي وڃجو، پر جي نه موٽيا ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته اسان جا ويل ڏينهن جلد موٽندا. ماڻهن سندس اها ڳالهه مڃي. هن تترن جي جوڙي جهلائي، ٻه - ٽي ڏينهن بک ڏيئي اُڏائي ڇڏيا. سڀ ماڻهو انهيءَ تماشي ڏسڻ لاءِ گڏ اچي ٿيا. ڪيترو وقت گذري ويو پر تتر نه وريا. اتي مڙني ماڻهن جي منهن تي سرهائي آئي، پر سج لٿي مهل ڏسن ته ٻيئي تتر آهستي آهستي اڏامندا پيا اچن. سڀني جا منهن لهي ويا. گهڙيءَ کن ۾ ٻيئي تتر اچي جسودڻ جي پيرن وٽ ڪريا ۽ اتي جو اتي مري ويا. اهو رنگ ڏسي جسودڻ ماڻهن کي چيو ته: هاڻي اوهان کي موڪل آهي، جيڏانهن وڻيوَ تيڏانهن وڃو. ڀرپاسي ۾ ڪي به نه پاڻي آهي نه ان.

اها ڳالهه ٻڌي سڀني جسودڻ کان موڪلايو ۽ جدا جدا پاسن ڏانهن روانا ٿي ويا. فقط جسودڻ، سندس زال، ٻانهي ۽ ڏهه ڄڻا ٻيا، جملي تيرنهن ڄڻا وڃي شهر ۾ رهيا. هنن کي به جڏهن کائڻ لاءِ ڪي ڪين رهيو، تڏهن شهر ڇڏي روانا ٿيا. واٽ تي ڪنهن جاءِ تي کين بک ڏاڍو پريشان ڪيو. اتي هڪڙي هنڌ جسودڻ کي گدرو نظر آيو، سو وڃي پٽيائين، پر رڳو پاڻ نه کاڌائين پر ان کي تيرهن ڦارون ڪري سڀني ساٿين کي ڏنائين. پر گدري جي هڪڙي ڦار مان ڪٿي ٿو ڍوء ٿئي! ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ وري به اچي بک ستاين. تنهن تي جسودڻ پنهنجي ساٿين کي چيو ته: آءٌ، راڻي ۽ ٻانهي هڪ طرف ٿا وڃون، ۽ توهين ٻئي پاسي وڃو. پوءِ جنهن جي جيتري قسمت هوندي اوترو نصيب ٿيندو. اهو فيصلو ڪري، ٻه ٽوليون ٿي روانا ٿيا.

اهي ڏهه ماڻهو اڃا ٿورو اڳتي وڌيائي ڪين ته هڪڙو ڍڳو ڏٺائون. هنن کي هئي بک، سو اتي ئي ڍڳي کي ڪهي پچائي کائڻ ويٺا. جڏهن کائي ڍو ڪيائون ۽ باقي ڪجهه وڃي بچايائون تڏهن ڏٺائون ته جسودڻ بادشاهه، راڻي ۽ ٻانهي، ٽيئي ڄڻا پيا اچن. هنن کي ايندو ڏسي يڪدم باقي گوشت کڻي ڍڪيائون. پر جسودڻ جي نظر پئجي ويئي. جنهن تي چيائين:

اسان جنين ساڻ، تر وڍي تيرهن ڪيو

تني  اسان  کان، ڍَڳو  ڍڪي   کاڌو

(اسان جن سان تر به تيرهن حصا ڪري کاڌو، تن اڄ اسان کان ڍڳو لڪائي کائي ڇڏيو.)

اهو ڏوراپو ٻڌي هنن ڏهن ئي ڄڻن شرم کان کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيا، ۽ کين ويهڻ جي صلاح ڪيائون. پر جسودڻ چين ته اسان جي قسمت اسان سان آهي. توهين ڀلي ويٺا ڍوء ڪريو. ائين چئي هي ٽيئي ڄڻا کانئن جدا ٿي اڳتي روانا ٿيا.

هلندي هلندي اچي هڪڙي شهر کي ويجها پيا. راڻيءَ چيو ته: انهيءَ شهر ۾ منهنجا مائٽ آهن، انهن وٽ هلي، ڪجهه ڏينهن ترسون ۽ آرام ڪريون، پوءِ جيئن قسمت هوندي تيئن ڪنداسين. جسودڻ بادشاهه، راڻي جي اها ڳالهه قبول ڪئي. يڪدم اوڏانهن رخ رکيائون. ان شهر ۾ پهتا ته سندن ڏاڍي آجيان ڪئي ويئي ۽ کين ڏاڍي مانَ شان سان رهايو ويو. راڻيءَ جي ڀاڄائي خاص طرح هنن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي.

هڪڙي ڏينهن راڻي پنهنجي ڀاڄائي سان گڏ اندر آتڻ ۾ ويئي، جتي سندس ڀاڄائي پنهنجو هار لاهي کڻي آتڻ واري ڪيري ۾ ٽنگيو ۽ پاڻ ويٺيون ڪتڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ، قدرت اهڙي جو ڪيري هڪڙو – هڪڙو مڻيو ڪري سڄو هار ڳهي ويئي. راڻي اهو سمورو لقاءُ ويٺي ڏٺو، پر ڀاڄائي سان ڳالهه ڪانه ڪيائين. پوءِ جڏهن ڀاڄائي هار جي سنڀار ڪئي تڏهن راڻيءَ کيس ٻڌايو ته مڻيو – مڻيو ڪري اها ڪيري هار کائي ويئي. پر هوءَ مڃي ئي نه، چئي، هار پڪ تو لڪايو آهي. گهڻي قسم سُنهن کنيائين، پر هن نه مڃيو. چئي، بس هينئر جو هينئر هتان نڪرو. لاچار راڻي ماٺڙي ڪري، جهڙي هئي تهڙي مڙس ۽ ٻانهيءَ سان ٻاهر نڪتي. وري به هي ٽيئي ڄڻا پنهنجي قسمت کي ڏوهه ڏيندا ٻئي پاسي روانا ٿيا.

آخر هلندي هلندي اچي ڪنهن جي وٿاڻ تي پهتا. هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائون پر ڪو ماڻهو نظر نه آين. وري سڏ ڪيائون ته ٿوري دير کان پوءِ هڪڙو شخص آيو، جنهن هنن کان خبر چار پڇي. جنهن تي جسودڻ کيس ٻڌايو ته: آءٌ هڪڙو غريب پورهيت آهيان، ۽ پورهيي جي ڳولا ۾ هت اچي نڪتو آهيان. جيڪڏهن تو وٽ ڪو ڪم ڪار هجي ته ڏس. اهو هن انهيءَ ڪري چيو، جو خيال ڪيائين ته جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي بادشاهه سڌائيندس ته اول ته هيءُ مڃيندو ڪونه، پر جي مڃيائين ته رهائڻ ۾ هٻڪ ڪندو. جنهن تي ڀاڳيي کيس چيو ته: ادا! آءٌ پاڻ پورهيت آهيان، پر ڏسان ٿو ته تون ڪو پريان ڪهي آيو آهين، تنهنڪري ڀلي ٻه-ٽي ڏينهن رهي پئو. جيترا ڏينهن اوهان جو هتي ڀاڳ هوندو پيا کائيندوء. جيڪي مون وٽ آهي، سو حاضر آهي. پوءِ ماني کڻي آڻي ڏنائين، جيڪا هنن ڍوء ڪري کاڌي.

رات جو ڀاڳيو وڃي سمهي رهيو. آڌيءَ رات جو سڀ مينهون اُٿيون، پر ڀاڳيو نه اٿيو. اتي جسودڻ جي اک کلي پئي، ۽ زال کي اٿاري چيائين ته اسان هن جو نمڪ کاڌو آهي، تنهنڪري ڪجهه ڪم ڪار ڪرڻ کپي. هاڻي آءٌ مينهون پهرائڻ ٿو وڃان تون پويان رهه. تنهنجي لڄ ڌڻيءَ تي آهي. ائين چئي سڀئي مينهون ڪاهي ٻيلي ڏانهن ويو، پوءِ ته هن جو اهو دستور ٿي ويو رات جو ڀاڳيو سمهي رهندو هو ۽ هي مال پهرائڻ ويندو هو. ائين ڪندي ڪي ڏينهن گذري ويا.

هڪڙي رات ڀاڳئي خيال ڪيو ته ڏسان ته سهي هي مينهون ڪيئن ٿو سنڀالي. سو جنهن مهل روانو ٿيو تنهن مهل پاڻ به لڪي هن جي پويان لڳو. سڀ مينهون اچي ٻيلي ۾ بيٺيون ۽ جسودڻ وچ ۾ بيٺو رهيو. جڏهن ٻيو اوڄو (ويهڪ) ڪري اُٿيون تڏهن هڪڙو پاڏو کير ڌائڻ لاءِ ڊوڙندو آيو، جنهن جي آواز تي مينهن سڱائي. اهو ڏسي جسودڻ هڪل ڪئي ۽ ڊوڙي وڃي پاڏي کي پري ڀڄائي ڇڏيائين ۽ پاڻ ويهي مينهن جو کير پٽ تي ڏهي ڇڏيائين. ڀاڳيي جنهن اهو لقاءُ بيٺي ڏٺو سو ڏاڍو حيران ٿيو ۽ يڪدم نڪري اچي کانئس پڇيائين ته: يار! ڏي خبر، تو کير هارڻ سهسايو، پر پاڏي کي نه پياريو، هارڻ کان تون ئي کير پي ڇڏين ها. جسودڻ چيس ته: ادا، وڏڙن چيو آهي ته ماڻهو هرئي کان شينهن هريو چڱو، سو جي اڄ آءٌ کير پئان ها ته هري پوان ها، تنهنڪري هاري ڇڏڻ مناسب ڄاتم، جي پاڏي کي پئاريان ها ته پوءِ وٿاڻ تي ڪونه ويهي ها، ۽ جي کير نه ڏهان ها، ته مينهن ٿڻ ڦٽائي ڇڏي ها. انهيءَ ڪري ائين ڪيم. ڀاڳيو هن جي ايمانداري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر چيائين ته: يار! تو جهڙي سمجهو ۽ لائق ماڻهو جي مون وٽ مزوري ڪانهي. ائين چئي گهر اچي پنجن – ڇهن راتين جو خاصي مزوري ڏيئي کين روانو ڪيائين.

هي ٽيئي ڄڻا وري به هلندا اچي ٻئي ڪنهن شهر ۾ پهتا، اتي پهچي جسودڻ خيال ڪيو ته حياتي الاجي ڪيترا ڏينهن آهي، هي جيڪي پئسا آهن، تن مان ڪو چڱو چوکو طعام تيار ڪرائي کائجي. سو ٻانهيءَ کي چيائين ته: آئون سامان وٺيو ٿو اچان، تون ڪيئن به ڪري اڄ مون کي بادشاهي طعام تيار ڪري کاراءِ. ٻانهي حڪم جي بندي، تنهن چيو ته ”سائين ڀلي“. پوءِ وٽس جيڪي به پئسا هئا تن مان گوشت، چانور ۽ مصالحا وٺي آڻي ٻانهي کي ڏنائين، ۽ ڪجهه شراب به پنهنجي غم ٽارڻ لاءِ وٺي آيو. ٻانهي ڪٿان اُڌارا سڌارا ٿانو وٺي ماني تيار ڪرڻ لڳي. جسودڻ خيال ڪيو ته اڪيلو شراب پيئڻ روا نه آهي، ڪو مڙوئي ساٿي ضرور هجي. سو ٻيو ته ڪو به ڪونه هو، باقي ڀر ۾ ڪُئي جو هڪڙو ٻر ڏٺائين، تنهن کي پنهنجو ساٿي بنائي، اڌ گلاس ٻِر ۾ کڻي هاريائين ۽ اڌ پاڻ پيتائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻانهي به کاڌو تيار ڪري آڻي سندس اڳيان رکيو. جسودڻ جان کڻي ڏسي ته چانور ڪيئان ٿيا پيا آهن. اتي کل نڪري ويس ۽ چيائين ته: نڀاڳ وڃي چوٽي ڪئي آهي. ڏکيا ڏينهن گذري ويا، هاڻي ڌڻي ورندو.

قدرت خدا جي، جنهن ٻر ۾ شراب اوتيو هئائين، ان هيٺان ڪو ستن بادشاهن جو خزانو پوريل هو. ٻر واري ڪوئي کي اچي نشن ورايو، سو زمين کوٽڻ لڳو ۽ وڃي خزاني تائين پهتو ۽ اتان هڪڙو لعل کڻي ٻاهر آڻي ڌر جي مٿان ڇڏيائين. جسودڻ جي نظر لعل تي پيئي، سو پهرين حيران ٿي ويو، پر پوءِ ان کي ڌڻي جي مهرباني سمجهي کنيائين ۽ سڌو کڻي شهر ڏي ويو، جتي وڪڻي ان مان ٻه اُچن ڪپڙن جا وڳا ٺهرايائين ۽ باقي پئسن مان اها زمين خريد ڪري، چوڌاري ڪوٽ ڏياري، وٺي کوٽيائين. ٻن ڏينهن کان پوءِ اهو سڄو خزانو ظاهر ٿي پيو. پوءِ اهو خزانو کڻائي، راڻي ۽ ٻانهي سميت واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيا. موٽندي رستي تي پنهنجي راڻيءَ جي مائٽن وٽ تٿ (ميار) لاهڻ لاءِ آيا. قدرت سان آتڻ ۾ راڻي جي ڀاڄائي ڏسي ته ڪيري هار جو هڪڙو-هڪڙو مڻيو پئي اوڳاڇي. اتي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ته ناحق هنن تي الزام هنيم، پوءِ ته راڻيءَ وٽ اچي معافي ورتائين ۽ ٻن – ٽن ڏينهن تائين کين پاڻ وٽ مهمان ڪري ترسايائين.

اڃا جسودڻ اتي ئي هو ته سندس ملڪ جا ڪي ماڻهو کيس ڳوليندي ڳوليندي اچي پهتا. جن کيس ٻڌايو ته؛ ”ڍورو تار پيو وهي، هاڻي موٽي پنهنجي ملڪ هلو.“ اها ڳالهه ٻڌي جسودڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهيءَ مهل واپس پنهنجي ملڪ موٽيو. ڍوري ۾ جو پاڻي آيو، سو وري آباديون ٿي ويون ۽ ماڻهو سکيا ستابا ٿي ويا، پر کين اهو ڪين وسريو ته سندن حاڪم جسودڻ ساڻن ڪهڙا ڀال ڀلايا هئا. 

جسودڻ هڪ هر دلعزيز بادشاهه ۽ سڀني جو خير گهرڻ وارو هو. هو يارن جو يار هو ۽ ڏکئي وقت ۾ به جيڪي ڪي هئس سو يارن سان ونڊي کاڌائين. انهيءَ ڪري کائنس پوءِ به سندس نالو رهجي ويو. تان جو 18- صدي ۾، جڏهن ڀٽائي صاحب پٽيهل جو ڦٽل ڍورو ڏٺو تڏهن چيائين ته:

ڍورو نه اڳئينءَ ڍار، مهند ملاحن ليکيو

موڙي ڇڏيائون مَڪَرا، پسي پاڻيءَ پار

جسودڻ جيها يار، پيا وير وماس ۾.


[1]  ٻئي ويٺل ڍنڍ سونهري، لڳ ڪينجهر. سندن زباني هي روايت قلمبند ڪئي وئي.

[2]  هيءَ روايت عبدالله گندري، ويٺل سونڊا، تعلقي ٺٽي کان ملي.

[3]  آري فقير ولد پنهون خان چانڊيو ويٺل ڳوٺ لڳ ور تعلقو گهوڙا ٻاري، ضلعو ٺٽو، سن 1920ع ۾ ڄائو. مال جي واپار سبب ڪراچي ۾ رهندو هو. هڪ دفعي مال سوڌڻ لاءِ بدين آيو، جتي سندس هڪڙو همراهه ٺڳي ڪري پيسا کڻي ويو ۽ کيس کاڌي ۾ به ڪجهه کارايائين. جنهنڪري بيمار ٿي پيو. پوءِ علاج لاءِ سمن شاهه جي درگاهه تي ويو. جتي تندرست ٿيو. پوءِ اتي ئي رهي درگاهه جي سيدن جون مينهون چاريندو هو. اتي سندس طبيعت فقيري ڏانهن مائل ٿي ۽ شعر جي شروعات به اتي ئي ڪيائين. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪافي ڪلام چيو اٿس.

[4]  هي راويت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي آهي.

[5]  هيءَ روايت مرحوم سگهڙ حاجي علي محمد خان بگهياڙ ۽ حاجي سوڍي خان بگهياڙ، ويٺل تعلقو ميرپور  ساڪرو، جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org