قدرت خدا جي اهڙي ٿي، جو ان ڏينهن دستوري وقت کان
اڳ، هير کي درياءَ جي سير ڪرڻ جو ارادو ٿيو، سو
پنهنجي سٺ ٻانهين سان محلات جي باغ مان لنگهي،
درياءَ جي ڪناري تي اچي پهتي. شهزاديءَ کي اوچتو
سامهون ڏسي، ميربحر خوف وچان ڏڪڻ لڳو. زال کي سڏي
چيائين ته ”ڪنهن طرح سان
شهزاديءَ کي وڃي راضي ڪر، ورنه هوءَ اڄ منهنجي کل لهرائي
ڇڏيندي.“ مڙس کي بچائڻ لاءِ، سندس زال ٻيڙيءَ مان
لهي وٺي رڙيون ڪيون. شهزاديءَ جي پڇا ته عرض
ڪيائين ته ”شهزادي، اڄ اهڙو واقعو ٿيو آهي، جنهن
لاءِ منهنجو مڙس بي قصور آهي، اوهين مهرباني ڪري
هن کي معاف ڪجوس. دراصل هڪ جوان مرد زبردستي
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آيو ۽ اچي توهان جي بستري تي سمهي
پيو آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان، شهزادي ڪاوڙ ۾
تپي ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي ”ڪير آهي؟
جنهن کي ايڏي جرئت ٿي آهي؟ مون کي ڏيکار ته مان ٿي
وڍي ڳترا ڪيائنس.“ ائين چئي، ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿي ته
جيئن خنجر سان سمهيل ماڻهوءَ کي ختم ڪري، ليڪن
جڏهن سندس نظر سمهيل جوان تي پيئي، تڏهن سندس ڪاوڙ
ڪافور ٿي ويئي. مٿان بيهي، هن ننڊ ۾ ستل جوان جي
سونهن جي تلاءَ مان پريت جو پاڻي پيئندي رهي ۽
ايتري ۾ رانجهي جي به اک کلي پيئي. جان کڻي ڏسي ته
سندس سامهون هڪ اهڙي حسين ۽ جميل نوجوان بيٺي آهي،
جنهن جي سونهن پريءَ جي حـُسن کي به پئي شرمايو،
جنهن
جون اکيون ۽ جنهن جي جسماني بيهڪ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي. هِير
جي حالت ان وقت اهڙي هئي، ڄڻ ته مٿس ڪنهن جادو
پڙهيو آهي، بي وس بنجي بستري جي ڀرسان اچي بيهي
رهي. شهزادي پيار مان ٻانهون کوليون ۽ وڌي چاهه
مان هِير کي چـُمي ڏنائين.
هير، شهزادي کي اٿڻ جي تڪليف نه ڏني ۽ پاسي ۾
وهندي کيس پنهنجي احوال بيان ڪرڻ لاءِ چيائين.
جڏهن شهزادي رانجهي، شهزاديءَ کي اهو ٻڌايو ته
هـُن هير لاءِ پنهنجي بادشاهي وڃائي آهي ۽ فقيراڻي
ويس ۾ زندگي اختيار ڪئي آهي، تڏهن هِير جي اکين
مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ان کان پوءِ هير چوڻ لڳي ته
”اي منهنجي دل جا مالڪ، تنهنجو هتي منهنجي هن
ٻيڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ خطري کان خالي نه آهي.
تنهنجي رهائش واري ڳالهه فوراَ َ منهنجي پيءُ
تائين پهچي ويندي ۽ هو توکي جيئرو نه ڇڏيندو.“ ان
کان پوءِ ٿورو سوچي، هير چوڻ لڳي ته ”مون کي هڪ
ترڪيب سـُجهي آئي آهي. توکي ميهار جي شڪل ۽ ويس
اوڍڻو پوندو. ان کان پوءِ جيڪڏهن تون منهنجي پيءُ
وٽ مينهن چارڻ جي نوڪري حاصل ڪندين ته پوءِ اسان
جو ملڻ آسان ٿي پوندو. تون مينهن کي درياءُ جي
ڪناري تي چارڻ جي بهاني سان وٺيو ايندين ۽ مان
تفريح جي سانگي هن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روزانو توسان ملي
سگهنديس.“ ان تي شهزادو ٿورو مشڪيو ۽ ميهار جا
ڪپڙا پائي پيار مان، هير کان موڪلايائين. ان کان
پوءِ هير سِڌي ماءُ وٽ آئي ۽ اچي چيائينس ته:
”اسان جي مينهن جي چارڻ جو خاطر خواه جو بندوبست
نه آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اُهي وڌن ويجهن ڪونه
ٿيون. اسان کي اهڙين مينهن مان ڪو فائدو ڪونه ٿو
پهچي. دراصل اسان جي مينهن لاءِ هڪ هوشيار ميهار
جي ضرورت آهي. مون اڄ اهڙو ميهار هٿ ڪيو آهي، جيڪو
هزارا جو آهي ۽ ان ڪم ۾ بيحد ڀروسي جهڙو آهي.
منهنجو خيال آهي ته ان کي پاڻ وٽ نوڪريءَ ۾ رکون.“
اهو ٻڌي، سندس ماءُ ان ڳالهه تي رضامند ٿي ۽ ڏينهن
جو جڏهن رانجهو سمجهايل طريقي موجب پاڻ کي ميهار
جي نوڪريءَ لاءِ آڇيو، تڏهن راڻي کيس هڪ هزار
مينهون چارڻ لاءِ ڏنيون.
رانجهي کي انهيءَ نوڪريءَ ملڻ تي هِير کان وڌيڪ
خوش ڪو به ڪونه ٿي نظر آيو، پوءِ ته هوءَ روزانو
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چناب درياءَ جي ڪناري تي، رانجهي
سان خوب ملاقاتون ڪندي رهي. اهڙيءَ طرح هي ٻئي
عاشق معشوق چناب جي ڪنڌيءَ تي وڻن هيٺان ويهي، روح
رهاڻيون ڪندا هئا.
ليڪن باوجود انهيءَ راز لڪائڻ جي، هنن جي محبت جي
پچار ماڻهن تائين پهچي ويئي ۽ هر هنڌ چوپچو ٿيڻ
لڳي ته: هير پنهنجيءَ عزت ۽ ننگ ناموس کي هڪ حسين
ڌنار وٽ وڪيو آهي. هي ڳالهيون، آخرڪار، شهزاديءَ
جي مامي جي ڪن تي پهتيون، جنهن جو نالو ”هيڏو“ هو.
هن وري پنهنجي ڀيڻ راڻيءَ کي سمورو قصو ٻڌايو،
جنهن تي هِير کي گهرايو ويو ۽ کانئس سمورو احوال
پڇيو ويو. پهريائين ته هِير پنهنجي محبت جي اظهار
کان انڪار ڪيو، ليڪن بعد ۾ ماءُ کي سڄي حقيقت
ٻڌايائين. خبر ٻڌڻ تي راڻي غصي ۾ ڀرجي ويئي ۽ چوڻ
لڳي ته: ”جيڪڏهن تون هن جهنگلي ڌنار کي هميشه لاءِ
ڇڏڻ جو واعدو ڪرين ته مان خاموش رهنديس، نه ته سڄي
ڳالهه تنهنجي پيءُ سان ڪنديس ۽ پوءِ هن ڌنار کي
زنده ڪين ڇڏيندو.“ هي ٻڌي، هير جواب ڏنو ته:
”امان! مان اهڙو واعدو نٿي ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته
مان پنهنجي زندگي ان ڌنار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي آهي،
تنهنڪري هن وقت ڌنار ڇڏي ڏيڻ پنهنجي زندگيءَ کي
ڇڏي ڏيڻ برابر ٿيندو.“ راڻي هي جواب ٻڌي، هڪدم،
بادشاهه کي وٺي آئي، جنهن هيءَ ڳالهه ٻڌڻ شرط ترار
ٻاهر ڪڍي ۽ غصي جي باهه وچان، هير کي قتل ڪري وجهي
ها پر سندس راڻيءَ چنبڙي ۽ آزيون ڪيس. لاچار هير
کي قيد ۾ بند ڪيائين. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجي
دربانن کي حڪم ڪيو ته: ”رانجهي کي وڃي مارَ ڪـَڍو
۽ شهر مان تڙي روانو ڪريو.“
بس، بادشاهه جي حڪم جي دير هئي. بادشاهه جي نوڪرن
رانجهي کي سخت مار ڏني ۽ نهايت بـُريءَ حالت ۾ هو
پنهنجي جان بچائي شهر کان پري هڪ جهنگ ۾ رهڻ لڳو.
اُتي هن وٽ نه کائڻ لاءِ ڪا شيءِ هئي، ۽ نه پيئڻ
لاءِ پاڻي، ليڪن تنهن هوندي به، رانجهو رڳو انهيءَ
اميد تي زنده پئي رهيو ته شايد ڪنهن وقت پنهنجي
محبوب جو ديدار ڪري سگهي. اها اميد غلط ڪانه ثابت
ٿي. شهزادي هير قيد ۾ اهڙي حالت ۾ هئي جو سندس
ماءُ کي هن جي مري وڃڻ جو خطرو اچي لڳو ۽ بادشاهه
کي منتون ميڙون ڪري شهزاديءَ کي آزاد ڪرايائين.
بس، آزاد ٿيڻ جي دير هئي! قيد مان نڪري، هير جهنگ
منهن ڪيو ۽ اُتي اچي نڪتي، جتي رانجهو هن جي
انتظار جون گهڙيون گذاري رهيو هو. ٻئي پياسي پاڻ ۾
مليا. ٿورو وقت اُتي رهي، هير محلات ۾ موٽي آئي.
ان ڏينهن کان پوءِ روزانو رانجهي سان ملڻ ايندي
هئي ۽ ان لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون به پاڻ سان
کڻندي هئي.
بهرحال، هير جو مامو پنهنجيءَ ڀاڻيجيءَ تي نظر
رکندو پئي آيو. هن کي هڪ ڏينهن هير متعلق الائي
ڪيئن شڪ پئجي ويو، سو فقير جو ويس ڍڪي، هن جي
پٺيان جهنگ ۾ ويو ۽ وڃي رانجهي جو پتو لڳايائين.
ان کان پوءِ موٽي اچي سمورو قصو بادشاهه کي
ٻڌايائين. هن دفعي، بادشاهه کي هير سان همدردي ٿي
۽ جيڪڏهن سندس پٽ رضامند هجن ها ته هوند ٻنهي جي
شادي ڪرائڻ کان نه ڪيٻائي ها. پهريائين ته هي
چارئي گڏجي رانجهي کي ختم ڪرڻ جي خيال سان جهنگ ۾
ويا، ليڪن رانجهو ايڏو جرئت وارو بهادر مرد هو جو
هنن چئني کي ماري ڀڄائي ڪڍيائين، ان کان پوءِ هنن
هڪ ٻي رٿ ڪئي. پاڻ ۾ گڏجي، نورنگ پور جي بادشاهه
نورنگ وٽ ويا ۽ ان جي پـُٽ خيرو سان پنهنجي ڀيڻ
هير جو سڱ ڪيائون. شهزادي خيرو خوشيءَ سان هير سان
شادي ڪرڻ قبول ڪئي. ان کان پوءِ ان جا ڀائر موٽي
آيا ۽ اچي ڀيڻ کي شاديءَ لاءِ حڪم ڪيائون. جنهن
وقت عورتون هير کي ميندي لڳائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾
داخل ٿيون، تڏهن هيرکين ڀڄائي ڪڍيو ۽ شادي ڪرڻ کان
صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
هي حال ڏسي، سڀئي ڏاڍا مايوس ٿيا ۽ سندس پيءُ هير
کي قاضيءَ وٽ وٺي آيو. پهريائين ته قاضيءَ نرميءَ
سان هير کي سمجهائڻ لڳو ته: ”اي ڌيءَ! توکي
پرديسيءَ سان محبت نه ڪرڻ گهرجي، توکي ان سان پيار
ڪرڻ گهرجي، جنهن کي تنهنجا والدين تنهنجي لاءِ
چونڊين ٿا.“ ليڪن هير انهن ڳالهين ۾ اچڻ واري نه
هئي. هوءَ اڳتي وڌي، قاضيءَ کي چوڻ لڳي ته: ”اي
قاضي! محبت جي معنيٰ مان تون ڇا ڄاڻين! مون
جيڪڏهن، پنهنجي والدين جي سـُڌ کان سواءِ پيار جي
پيالي مان ڍُڪ پيتو آهي، ته مون کي ايتري ته خبر
پيئي آهي ته ان پيالي ۾ ڇا آهي؟“ انهيءَ تي قاضيءَ
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ جوش مان چوڻ لڳو ته: ”تون پاپڻ
آهين ۽ تو وڏو پاپ ڪيو آهي. والدين جي نافرماني
ڪري، تو مذهبي حڪم جي حد لتاڙي آهي.“ ائين چئي،
قاضي ڪتاب کولي، ڪجهه پڙهي ٻڌائڻ وارو هو، پر هير
هڪ به نه ٻڌس ۽ چوڻ لڳس ته: ”شل تو تي خدا جو قهر
پوي! مان ڇا ڄاڻان تنهنجي مذهبي بحثن مان. مون کي
ته زبر ۽ زير جي فرق جي به خبر ناهي. مون کي انهن
ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه آهي ته ’الف‘ الله لاءِ
آهي، ’ميم‘ محمد لاءِ ۽ ’عين‘ علي لاءِ. تون چوين
ٿو ته اهي ڪتاب آسمان کان آيا آهن ۽ ان هوندي به
تون انهن مان محبت جا اصول ڪونه ٿو ڳولي سگهين.
جيتوڻيڪ پيار به ايترو ئي آڳاٽو آهي، جڏهن هو
پنهنجي دل جي آئيني ۾ پنهنجي معشوق کي صاف ڏسي
سگهي ٿو.“ هي کتا جواب ٻڌي، قاضي زور سان چوڻ لڳو
ته: ”هن کي وٺي وڃي ۽ وڃي قتل ڪريوس، ڇو ته هوءَ
هاڻي زنده رهڻ لائق نه آهي.“ ليڪن پيءُ پنهنجيءَ
ڌيءَ کي ڪيئن مارائيندو؟ آخر هن هِير کي زبردست
نورنگ پور ڏانهن موڪليو، جتي سندس شادي سندس خواهش
خلاف زبردستيءَ خيروءَ سان ڪرائي ويئي.
ان وچ ۾، رانجهو فقيراڻو لباس پائي، نورنگ پور ۾
پهتو، جتي هير جي گهر وٽان لنگهڻ وقت، هير جي نڻان
جي همدردي حاصل ڪري ورتائين. ان جي مدد سان،
پنهنجي اچڻ جي خبر هير تائين پهچايائين. هڪ ڏينهن
مکر ڪري، هير وٺي دانهون ڪيون. هن جي دانهن تي سڄي
گهر جا ڀاتي اچي مڙيا ۽ پڇا تي ٻڌايائين ته کيس
نانگ کائي وڌو آهي. بس، پوءِ ته اچي شاهي گهر ۾
مانڌاڻ متو. بادشاهه جي درٻار جا حڪيم طبيب آندا
ويا، ليڪن نانگ ڏنگيو هجي ته فائدو ٿئي! آخر، هير
جي نڻان سهتي، چوڻ لڳي ته: ”ٻڌو اٿم، ته شهر ۾ هڪ
نئون فقير آيو آهي، جو نانگ جي ڏنگيل جو علاج ڪرڻ
ڄاڻي ٿو. ان کي گهرايو وڃي. شايد ان جي منترن مان
هير کي آرام ملي.“ بادشاهي حڪم موجب، فقير کي آندو
ويو، جنهن ڏسي هڪدم چيو ته: ”هن شهزاديءَ جو علاج
اڪيلائيءَ ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي
ٻاهر نڪري ويا ۽ هير رانجهو وڃي ڪمري ۾ رهيا، تڏهن
هنن پيار وچان هڪ ٻئي کي خوب ڀاڪر پاتا. ان کان
پوءِ هير رانجهي سان ايندڙ رات محلات ڇڏي ڀڄڻ جو
واعدو ڪيو. ۽ پوءِ ڪمري کان ٻاهر ويٺل ماڻهن کي
خوش ڪرڻ لاءِ رانجهي وڏي آواز سان ”منتر“ پڙهڻ
شروع ڪيا. ٿوري دير کان پوءِ، رانجهو ٻاهر وڃي،
انتظار ۾ ويٺل ماڻهن کي ٻڌايو ته منتر هير تي اثر
ڏيکاريو آهي۽ هوءَ هاڻي بلڪل آرام ۾ آهي. ان کان
پوءِ رانجهي کي وڏا انعام ڏنا ويا.
انهيءَ رات واعدي مطابق، هير محلات مان نڪري، شهر
کان ٻاهر وڃي رانجهي سان ملي ۽ هي ٻئي هزارا ڏانهن
روانا ٿيا. نورنگ پور جي بادشاهه هير ۽ رانجهي کي
هٿ ڪرڻ لاءِ جهنگ سيال واري رستي سان وٺي گهوڙا
ڀڄايا، ڇو ته هن ائين سمجهيو هو ته هير ضرور
پنهنجي وطن ويئي هوندي، تنهنڪري ناڪامي ڏسڻي پين.
رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ، رانجهي هير کي هزارا
۾ آڻي ڪڍيو. جڏهن ان کي سندس رعيت ڏٺو، تڏهن هنن ۾
خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. دراصل قصو هن ريت هو ته
رانجهي جي ڀائرن ظلم ۽ جبر سان حڪومت پئي هلائي،
جنهنڪري رعيت بيزار ٿي چڪي هئي. ان ڪري رانجهي کي
ڏسندي ئي ماڻهن ۾ نجات حاصل ڪرڻ جي اميد جاڳي. هو
هزارن جي تعداد ۾ انقلاب لاءِ نڪري پيا ۽ رانجهي
جي ظالم ڀائرن کي بلڪل اهڙيءَ طرح محلات مان هڪالي
ڪڍيائون، جهڙيءَ طرح هنن ڪجهه وقت اڳ رانجهي کي
ڪڍيو هو. اهڙيءَ طرح رانجهو پنهنجي پيءُ جي سڄيءَ
حڪومت جو بادشاهه تسليم ڪيو ويو. اتي هن وڏي شان ۽
دٻدٻي سان شهزادي هير سان شادي ڪئي ۽ ڪيترن سالن
تائين پنهنجي محبوب راڻيءَ سان گڏجي راڄ ڪيائين.
9_ بِير سنگ ۽ سـُندر ٻائي
آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي ته سيلا رياست ۾، ڪيسر سنگ
نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي سـُندر ٻائي
نالي هڪ ڌيءَ هئي. بادشاهه جي لاءِ سـُندر ٻائي
ڌيءَ نه هئي، پر هڪ خزانو هو، جنهن کي ڏسي پيو
گدگد ٿيندو هو. شهزاديءَ جي گــُڻن جي ڪهڙي ڳالهه
ڪجي. ٿوري ئي وقت ۾ سنسڪرت زبان ۾ ماهر ٿي ويئي
هئي ۽ حڪمت تي سمورا ڪتاب پڙهي، ڀڙ ٿي هئي. مذهبي
شاستر سڀ پڙهيا هئائين. ٻئي پاسي وري حسن جي ميدان
۾، هندوستان ۾ سندس ڪو مـَٽُ ثاني نه هو. اهڙيءَ
طرح سـُندر ٻائي نالو واقعي سندس صورت ۽ سيرت سان
ٺهڪي ٿي آيو. |