چاليهن ڏينهن جي سامونڊي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن
شهزادي پنهنجي اميرن سان گڏ چين ملڪ جي ڪناري سان
اچي لنگر هنيو. جڏهن چين جي بادشاهه ناذفر کي هيءَ
خبر پهتي، تڏهن پنهنجو نمائندو موڪليو ته هنن جي
اچڻ جو سبب معلوم ڪري، کيس اچي ٻڌائي.
شهزادي سيف الملوڪ ٻڌايو ته آءٌ گلستان ارن شهر جي
تلاش ۾ نڪتو آهيان. جڏهن شهزادي جو مقصد چين جي
بادشاهه کي ٻڌايو ويو، تڏهن شهزادي سيف الملوڪ جو
وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سندس مقصد جي تلاش ۾ مدد ڪرڻ
جو پاڻ واعدو ڪيو. پوءِ گلستان ارن شهر متعلق
معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ذريعا استعمال ڪيا ويا.
هر طرف ماڻهو ڊوڙايا ويا ۽ ملڪ جي سڀني وڏيءَ عمر
وارن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي. آخرڪار هي
محنتون رائگان نه ويون: چين ملڪ ۾ هڪ تمام وڏي عمر
وارو ماڻهو ملي ويو، جنهن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ کيس
ٻڌايو ويو هو ته گلستان ارن جي ولايت، اسان جي ملڪ
کان هڪ مهيني جي سفر جي دوريءَ تي آهي.
هيءَ خبر ٻڌي، شهزادي سيف الملوڪ، چين جي بادشاهه
جو شڪريو بجا آندو ۽ ٻڌايل طرف ڏانهن وڌڻ لاءِ
پنهنجي جهازن جا سڙهه سنوان ڪيا. جڏهن هي سفر ختم
ٿيڻ وارو هو ته ان وقت هڪ اهڙو طوفان لڳو جو
شهزادي جا سمورا ٻيڙا ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا ۽ سندس
ساٿي ٻڏي مري ويا، ۽ شهزادو پاڻ وڏي تڪليف کان
پوءِ فقط ٻن چئن ساٿين سان هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي
ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
ٽن ڏينهن ۽ راتين جي رولاڪي ۾ هنن کي ڪو ماڻهو
ڇيڻو نظر نه آيو. آخر چوٿين ڏينهن هنن کي پري کان
هڪ ڳوٺ نظر آيو، جنهن طرف هلڻ لڳا. پر پوءِ جلد
ئي هنن ڏٺو ته ان ڳوٺ جا رهاڪو آدمخور ۽ راڪاس
آهن. چند منٽن ۾، هنن کي پڪڙيو ويو ۽ آدمخورن جي
بادشاهه جي اڳيان آندو ويو.
چوندا آهن ته ”مارڻ واري کان جيئارڻ وارو ويجهو
آهي.“ قدرت الله جي اهڙي ٿي جو اُتي جي بادشاهه
جيئن ئي هنن انسانن کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن
سندس ڌيءَ، اربال کيس انهيءَ ارادي کان روڪڻ جو
سبب بڻي. دراصل هو سيف الملوڪ کي ڏسندي ئي پنهنجي
دل وڃائي ويٺي هئي ۽ دل جي محبت کيس شهزادي جي
حفاظت تي مجبور ڪيو. اربال، شهزادي ۽ سندس ساٿين
جي سلامتيءَ لاءِ پيءُ کي وينتي ڪئي، جنهن
پهريائين ته انڪار ڪيو، پر پوءِ آخر ڌيءَ جي منٿن
کي مڃڻو پيس.
بادشاهه، پنهنجي ڌيءَ جي دل جي ڪيفيت معلوم ڪري
ورتي هئي، تنهنڪري حڪم ڪيائين ته: ”شهزادي کي آزاد
ڪيو وڃي، ڇو ته کيس شهزاديءَ اربال سان شادي ڪرائي
ويندي.
هيءَ خبر ٻڌي، شهزادو ڍڪرن ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته
اربال توڙي جو جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هئي، ليڪن حد
درجي جي بدشڪل هئي، سندس مٿو مسجد جي گنبذ جيڏو
وڏو هو، سندس آواز ڪتي جي ڀونڪڻ جهڙو هو، ساري جسم
تي وڏا وار هئس، ڪن گــُلن جي ڪونڊين جيڏا هئس،
هيٺيون چـَپُ اُٺَ جي چـَپَ وانگر لڙڪيل هوس ۽
سندس کل اڱرن جهڙي ڪاري هئي. اربال پهرئين رات
شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو، ليڪن شهزادي هن جي ويجهو
وڃڻ تي دل نه ٻـَڌي. سيف الملوڪ جي انڪار اربال کي
ڏاڍو ڪاوڙايو، جنهن آخر کيس توڙي سندس ساٿين کي
زنجيرن ۾ جڪڙايو. مطلب ته هاڻ سيف الملوڪ ۽ سندس
ساٿي، قيد خاني ۾ بادشاهه جو انتظار ڪندا رهيا ته
ڪڏهن کين کائي کپائي، ناس ڪري.
شهزادي پنهنجن ساٿين کي ايندڙ مصيبت کان آگاهه
ڪيو، جن موت کان بچڻ لاءِ ترڪيبون سٽڻ شروع ڪيون.
هڪڙي ڏينهن وَجـُهه وٺي، زنجير ٽوڙي، ٻيڙي هٿ ڪري،
سمنڊ ۾ لنگهي پيا. ڪجهه وقت کان پوءِ هي سڀئي هڪ
ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لٿا، جيڪو ميوي جي وڻڻ سان ڀريو
پيو هو. انهن ميون جي خوشبوءِ عجيب هئي. مسافرن کي
بـُک به ڏاڍي هئي، تنهنڪري ميوو جام کاڌائون پر
قدرت خدا جي جو هڪ مصيبت مان نڪتا، ته وري ٻيءَ ۾
وڃي ڦاٿا، اهو ميوو زهر وارو هو، جنهنڪري ان رات
سيف الملوڪ کان سواءِ ٻيا سڀ اتي جو اتي ڦٿڪي ڦٿڪي
مري ويا.
سيف الملوڪ، جنهن ٻين کان نسبتاَ َ ٿورو کاڌو هو،
سو مرڻ کان بچي ويو. ليڪن سخت بيمار ٿي پيو. آهستي
آهستي ان بيماريءَ مان چڙهيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ
جان ۾ طاقت واپس آيس ۽ پنهنجي مئل سنگتين کي دفن
ڪيائين. ان کان پوءِ، سيف الملوڪ ٻيٽ کي جاچڻ لڳو.
اوچتو هن پنهنجي پٺيان ڪنهن پکيءَ جي پـَرن جو
آواز ٻـُڌو ۽ جيسين پاڻ ڀڄي وڃي ڪٿي پنهنجو پاڻ
لِڪائي، هڪ گـُرڙ پکي هن کي چنبن ۾ اُڏائي کڻي ويو
۽ وڃي پنهنجي ٻچن جي کاڌي لاءِ کيس پنهنجي آکيري ۾
ڇڏيائين.
هينئر سيف الملوڪ پنهنجي بچڻ جي اميد بلڪل لاهي
ويٺو ۽ پاڻ کي الله جي حوالي ڪري ڇڏيائين. عين ان
وقت سيف الملوڪ هيٺ ڏٺو ته هڪڙو وڏو نانگ ان وڻ تي
چڙهي رهيو آهي، جنهن تي اُهو آکيروهو. شڪار جي
خوشيءَ ۾ گرڙ پکي واسينگ نانگ جي چرپر کان بلڪل
غير واقف ويٺو رهيو ۽ پنهنجي ظالم چهنب سان سيف
الملوڪ کي ڦاڙڻ وارو ئي هو ته پاڻ واسينگ نانگ جي
وَر چڙهي ويو. گرڙ پکي گهڻو ئي دانهون ڪيون ۽ پاڻ
پتوڙيو پر واسينگ نانگ کان جند نه ڇڏائي سگهيو.
نانگ وڏو طاقتور پئي ڏٺو، تنهن پنهنجي ڊگهي جسم
سان گرڙ پکيءَ کي جهٽ ڏيئي کڻي قابو ڪيو. سيف
الملوڪ بيوس بت بڻيو ويٺو رهيو ۽ گرڙ پکيءَ جي هڏن
جي ڀڄڻ جو آواز ٻڌي رهيو هو. ان کان پوءِ واسينگ
نانگ، گرڙ پکيءَ کي کائي ختم ڪري هيٺ لهي ويو.
نانگ جي لهڻ کان پوءِ به ڪافي دير تائين شهزادي تي
خوف طاري هو. ليڪن جان سڀ ڪنهن کي پياري آهي. ڪجهه
وقت کان پوءِ جڏهن شهزادي جي نظر کان نانگ غائب ٿي
ويو، تڏهن هيءُ هيٺ لٿو ۽ هڪ طرف منهن ڪري وٺي
ڀڳو. آخرڪار ڀڄندي ڀڄندي شهزادو ٿڪجي پيو ۽ پنهنجي
سامهون هڪ وڏو محلات ڏٺائين. ان محلات جي کليل
دروازي وٽ، شهزادي هڪ ستل شينهن ڏٺو. سيف الملوڪ
پنهنجي تيز تلوار، ستل شينهن جي پيٽ ۾ لنگهائي
وڌي. ان کان پوءِ، اُن مـُئل شينهن کي اورانگهي،
محلات ۾ اندر داخل ٿيو. اندر اچي، شهزادو ٽن
سينگاريل ڪمرن ۾ پهتو، جن ۾ عجيب و غريب زيور ۽
ٻيو سامان پيو هو. شهزادي چوٿين ڪمري ۾ هڪ نهايت
قيمتي تخت ڏٺو، جيڪو هيرن ۽ موتين سان ڀريل هو ۽
ان ۾ هڪ حسين نوجوان عورت ننڊ ۾ سمهي پيئي هئي.
جڏهن شهزادو ويجهو ويو، تڏهن ڏٺائين ته اها نوجوان
عورت ساڳي اها حسين جميل ڇوڪري هئي، جنهن کي چوغي
کولڻ وقت ڏسي، مٿس موهت ٿي پيو هو. پنهنجي محبوب
کي ڏسي، شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جرئت ڪري، ڀرسان
وڃي انهيءَ ننڊ پيل سهڻيءَ صورت کي هڪ چمي ڏنائين.
ان تي اها نوجوان حسين ڇوڪري جاڳي پيئي ۽ ٿورو
مشڪي چوڻ لڳي ته: ”اي نوجوان، تون ڪير آهين؟ توکي
ايتري جرئت ڪيئن ٿي، جو ديوَن جي ملڪ ۾ لنگهي آيو
آهين؟“
شهزادي هڪدم پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ نهايت پيار ۽
پاٻوهه مان ورندي ڏنائين ته: منهنجو داستان بيان
ڪرڻ کان ڊگهو آهي، پر في الحال ته تون مون کي
ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ۽ هيتري سج چڙهي اچڻ کان
پوءِ به تون هن وقت تائين ڇو سـُتي پيئي آهين؟“
خوبصورت ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ته: ”منهنجو نالو
ملڪان آهي ۽ مان هڪ بادشاهه جي ڌيءَ آهيان. هڪڙي
ڏينهن مان پنهنجي سهيلين سان گڏجي، پنهنجي پيءُ جي
باغ ۾ گهمڻ ويس ۽ اتي تلاءَ ۾ گهڙي وهنتس. ان وقت
اوچتو اهڙي تيز هوا لڳي، جنهن مون کي ان تلاءَ جي
ڪناري تان کڻي هن ٻيٽ تي آڻي ڇڏيو. مون جڏهن زمين
تي پير رکيو ۽ اک پٽي نهاريو ته پاڻ کي هن محلات
جي سامهون بيٺل ڏٺم. هن محلات ۾ هن ٻيٽ جو ديو
بادشاهه رهي ٿو. پوءِ گهڙي پلڪ گذرندي منهنجي
اڳيان اهو ديو آيو، جنهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي
ديو هئا. هي ديو هڪدم مون کي چوڻ لڳو ته: ”مان
توکي انهيءَ لاءِ کڻي آيو آهيان، جو آءٌ توتي عاشق
آهيان ۽ هاڻي مون سان ناراض ٿيڻ يا مخالفت ڪرڻ
بيسود آهي، ڇو ته تنهنجو هتي ڪو واهرو ڪونهي،
تنهنجو ملڪ هتان ايترو دور آهي جو اتان جو ماڻهو
ته ڇا، پر ڪو جانور ۽ پکي به هتي نٿو پهچي سگهي.
ان کان پوءِ مون کي وٺي اچي هن تخت تي وهاريائين،
جتي ويهڻ سان هڪدم ننڊ وٺيو ٿي وڃي. هاڻي هر صبح
جو هو هتي اچي مون کي اٿاريندو ۽ کاڌو کارائيندو
آهي ۽ مون سان ڳالهائيندو آهي، ان کان پوءِ هو ٻين
ديوَن سان گڏجي ٻاهر هليو ويندو آهي ۽ مون کي ننڊ
وٺي ويندي آهي. وري ٻئي ڏينهن صبح جو هو موٽندو
آهي ۽ اچي مون کي اٿاريندو آهي، مان تيستائين ننڊ
پئي هوندي آهيان. اهڙيءَ طرح سان مون هتي مهيني
کان به زياده وقت گذاريو آهي. منهنجو اهو احوال
آهي جو توکي ٻڌايم، هاڻي تون مون کي ٻڌاءِ ته ڪير
آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟ بيان ڪرڻ لاءِ وقت گهڻو آهي،
ڳالهه ڪيڏي به ڊگهي هجي، تون ٻڌائي سگهين ٿو ۽ مان
ٻڌي سگهان ٿي. ديوَ سڀاڻي صبح کان اڳ هتي ڪين
ايندو.“
شهزادي سيف الملوڪ، بديع الجمال کي ڳولڻ، رستي ۾
تڪليفن ۽ دشوارين سان منهن ڏيڻ جو بيان ۽ پيءُ کان
الڳ ٿيڻ واري وقت کان وٺي ان وقت تائين، جيڪي ڪجهه
ساڻس وهيو واپريو هو، سو داستان بيان ڪري ٻڌايو.
شهزادي ملڪان اهو احوال ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ته شهزادو
سيف الملوڪ سندس ڀيڻ بديع الجمال تي عاشق آهي ۽ ان
جي ئي ڳولا ۾ نڪتو آهي. پوءِ کيس چوڻ لڳي ته ”هوءَ
ته منهنجي ڀيڻ آهي ۽ جيڪڏهن مون کي هن نفرت جهڙي
ديوَ کان آزاد ڪندي ته منهنجا والدين بديع الجمال
جو سڱ توکي وڏي خوشيءَ سان ڏيندا.“
شهزادو ۽ شهزادي ملڪان اها ساري رات پاڻ ۾ ڳالهيون
ڪندا رهيا ۽ شهزاديءَ جي آزاديءَ لاءِ راهون
سوچيندا رهيا. آخر شهزادي سيف الملوڪ کي هڪ ترڪيب
سـُجهي آئي. هن چيو ته تون اٽڪل ڪري ديو بادشاهه
کان اهو ڳجهه ڪنهن طرح معلوم ڪر ته هو پنهنجو ساهه
ڪٿي رکي ٿو، ڇو ته ديو اسان وانگر پنهنجو ساهه
پنهنجي جسم ۾ ڪونه رکندا آهن. تون جيڪڏهن مون کي
ان جڳهه متعلق صحيح معلومات هٿ ڪري ڏيندينءَ ته
مان هن جو آسانيءَ سان خاتمو آڻي سگهان ٿو.“
شهزاديءَ اها صلاح قبول ڪئي ۽ پوءِ آسمان ڏانهن
نهاريندي شهزاديءَ چيو ته ”منهنجا ڀاءُ! اوڀر طرف
پيلاڻ شروع ٿي رهي آهي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ديوُ
اچي ويندو، تنهنڪري هينئر تون هليو وڃ ۽ وري شام
جو اچجانءِ.“ شهزادي موڪلايو ۽ شهزاديءَ کي ننڊ
وٺي ويئي.
شهزادو شام جو موٽي آيو ۽ ساڳئي نموني شهزاديءَ کي
سونهري تخت تي سمهيل ڏٺائين. هن، شهزاديءَ جي ڳل
تي چـُمي ڏني ۽ شهزادي جاڳي پيئي. سيف الملوڪ کي
واپس ڏسي، شهزادي خوشيءَ ۾ ڪانه پئي ماپي ۽ چوڻ
لڳي ته: ”مون اُها جڳهه معلوم ڪري ورتي آهي، جتي
ديو پنهنجو ساهه لڪايو آهي. پهريائين ته منهنجي
پڇڻ تي ديوُ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر پوءِ جڏهن
مون نرمي اختيار ڪئي ۽ کيس ٺارڻ جي ڪوشش ڪيم ۽
چاپلوسي ڪرڻ لڳيس، تڏهن هو راضي ٿيو ۽ ٻڌايائين ته
سندس ساهه هڪ پيتيءَ ۾ بند آهي، جا هڪ وڻ جي پاڙ ۾
پوريل آهي ۽ وڻ درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آهي. پر
افسوس اهو آهي ته هن ائين به چيو ته جنهن وٽ حضرت
سليمان جي منڊي هوندي، ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن به
ساهه واري کي اها پيتي نه ملي سگهندي. هاڻي مون کي
ته مايوسي آهي ته تون اُها پيتي ڪيئن ڳولي
سگهندين؟“
اهو ٻڌي شهزادي چيو ته: ”مون وٽ حضرت سليمان جي
منڊي موجود آهي، تون ڪو به خيال نه ڪر.“ ان کان
پوءِ شهزاديءَ کي مـُنڊيءَ جي هٿ اچڻ جو سمورو
احوال بيان ڪري ٻڌايائين. ان کان پوءِ شهزادو
تيزيءَ سان محلات کان ٻاهر نڪري ويو ۽ سڌو وڃي اُن
وڻ هيٺان اُها پيتي ڪڍيائين، جنهن ۾ هڪ ڳيرو ويٺو
هو ۽ ڪجهه قيمتي پٿر پيا هئا. ڳيري کي ڏسي، شهزادو
سمجهي ويو ته ان ۾ ئي ديوَ جي جان هوندي. سو ڪَبُ
ڪڍي، ان کي اتي جو اتي پورو ڪيائين. ان کان پوءِ
قيمتي پٿرپاڻ سان کڻي، ڊوڙي اچي محلات ۾ شهزاديءَ
کي سربستو احوال ڪيائين ۽ هڪدم شهزاديءَ کي پاڻ
سان وٺي، درياءَ ۾ ديوَ جي بيٺل ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي،
روانو ٿيو.
رستي ۾ بي انداز ڏکن ڏاکڙن ڏسڻ کان پوءِ، شهزادو
سيف الملوڪ شهزاديءَ سميت پنهنجي ٻيڙي کي گلستان
ارن جي ڪناري تي اچي پهچايو. شهزاديءَ کي ٻيڙيءَ ۾
ڇڏي، پاڻ هيٺ لنگهي آيو ۽ واءُ سواءُ لهڻ لڳو.
اوچتو سندس نظر وڃي هڪ ماڻهوءَ تي پيئي، ان کان
اتي هجڻ جو سبب پڇيائين. هن جواب ڏنس ته ڇهه مهينا
ٿيندا جو هتان جي بادشاهه جي ڌيءُ ملڪان، کي هڪ
واچوڙو کڻي ويو هو ۽ هو ٻين ڪيترن ماڻهن وانگر ان
جي تلاش ۾ آهي.
شهزادو اها حقيقت ٻڌي، خاموش رهيو ۽ جلد ئي ملڪان
وٽ موٽي آيو ۽ اچي کيس سمورو قصو سڻايائين.
شهزاديءَ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو ته: ”پروردگار جا
لک احسان آهن! هيءُ ملڪ منهنجو ملڪ ٿو ڏسجي. هاڻي
جلدي ڪر ته هلي ڪنهن ڀر واري ڳوٺ مان بابي متعلق
ڪا خبر چار معلوم ڪريون.“
ائين چئي، شهزادي ملڪان، ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿي ۽
شهزادي سيف الملوڪ سان گڏجي پنڌ پيئي. ٿوري پنڌ
ڪرڻ کان پوءِ، هڪ شهر ۾ اچي پهتا، جتي سندس پيءُ
جي پاران هڪ نواب مقرر ڪيل هو. هنن، شهر ۾ داخل
ٿي، نواب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ليڪن سندن
ڪپڙا ايترو ته ڦاٽل هئا ۽ سندن ظاهري حالت ايتري
ته ڪِريل هئي، جو هنن کي نواب سان ملاقات ڪرڻ لاءِ
ڪو به ماڻهو تيار نه پئي ٿيو.دنيا به عجيب شيءِ
آهي. ماڻهو فقط ڪنهن جي ظاهري جوڙجڪ ۽ هار سينگار
ڏسن ٿا ۽ ان جي لڪل خصوصيتن معلوم ڪرڻ جي تڪليف ڪو
به نٿو ڪري. ماڻهن جي هن هلت تي شهزادي سيف الملوڪ
کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ پوءِ
شهزادي ملڪان، هڪ ڪاغذ تي هي الفاظ لکي، نواب
ڏانهن موڪليا:
”اڏندڙ پکيءَ وانگر، آءٌ هڪ عجيب ملڪ کان پنهنجي
مــُـلـڪ ۾ واپـس آئـي آهـيـان، لـيـڪن دل غمگين
آهي.“
شهر جي نواب هيءَ چٺي کولي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر
مفهوم سمجهي ڪين سگهيو. تنهن هوندي به نوڪرن کي
شهزادي کي اندر آڻڻ جو حڪم ڏنائين. شهزادو سيف
الملوڪ اندر آيو ۽ نواب کانئس حال احوال پڇيو.
شهزادي جواب ۾ عرض ڪيو ته هو پاڻ هڪ بادشاهه جو پٽ
آهي، ليڪن سفر جي تڪليفن ۽ غير رواجي حادثن کيس
فقير بڻائي ڇڏيو آهي. نواب، هن جي سونهن ۽ منهن
مهانڊي مان اندازو لڳايو ته هن جي بيان ۾ واقعي
صداقت آهي. نواب جي زور ڀرڻ تي، شهزادي سيف الملوڪ
پنهنجي سفر جو سمورو قصو ٻڌايو ۽ آخر ۾ چيو ته مون
توهان جي بادشاهه جي وڃايل ڌيءَ پاڻ سان آندي آهي.
هيءَ خبر ٻڌي، نواب خوشيءَ ۾ مدهوش ٿي ويو، ڇو ته
هو بادشاهه جو عزيز پڻ هو. پوءِ ته نواب حڪم ڪيو
ته شهزاديءَ ملڪان کي هڪدم پالڪيءَ ۾ ويهاري، عزت
۽ احترام سان محلات ۾ آندو وڃي. ان کان پوءِ انهي
خوشيءَ جي موقعي ملهائڻ جا پروگرام رٿجي ويا ۽
ڪيترا ڏينهن شهزاديءَ جي واپسيءَ تي خوشين جا
شادمانا ٿيندا رهيا.
آخر هڪ ڏينهن نواب، شهزادي سيف الملوڪ جي دعوت ۾
شڪار جو پروگرام رکيو. ان سلسلي ۾ شهزادو سڄو
ڏينهن جهنگ ۾، شڪار ۾ مصروف رهيو. واپسيءَ وقت
سيف الملوڪ هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو،
جنهن جي شڪل سندس پراڻي دوست صياد سان ڪافي ٺهڪي
پئي آهي. اهو ماڻهو ايترو ڪمزور ۽ پريشان پئي ڏٺو،
جو شهزادي کي يقين ئي نه پئي ٿيو، ته ڪو هيءُ صياد
هوندو. تنهنڪري نوڪرن کي ان ماڻهوءَ کي آڻڻ لاءِ
حڪم ڏنائين. نوڪرن وري ائين سمجهيو ته شايد شڪار
ڪرڻ وقت ان ماڻهوءَ شهزادي کي شڪايت جو موقعو ڏنو
آهي ۽ سزا ڏيڻ لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرائي ٿو، تنهنڪري
ان سان شوخيءَ سان پيش آيا ۽ سختيءَ سان گڏ مارڪٽ
به ڪيائونس.
ان ماڻهوءَ کي جڏهن شهزادي آڏو آندو ويو، تڏهن ان
کان پڇيو ويو ته: ”تون ڪير آهين؟“ صياد سخت
پريشانيءَ جي حالت ۾، شهزادي جي پيرن تي ڪِري پيو
۽ چوڻ لڳو ته: ”سائين منهنجا! منهنجو نالو صياد
آهي. سج کي ٻه پاڇا آهن، ڪنهن وقت تي مان به مصر
جي بادشاهه جي وزير جو پٽ ۽ بادشاهه جي پٽ جو دوست
هوس، پر اڄ زماني مون کي هن حال تي آڻي پهچايو
آهي.“ هي احوال ٻـُڌي، شهزادي کي يقين ٿيو ته سندس
پراڻو ساٿي آهي ۽ خوشيءَ وچان هن کي ڀاڪر پائي
مليو ۽ کيس پنهنجي قصي ٻڌائڻ لاءِ چيائينس.
ٻئي وڇڙيل دوست پاڻ ۾ مليا ۽ پراڻيون يادگيريون
سندن دلين تي تري آيون. شهزادي جي زور ڀرڻ تي،
صياد پنهنجو قصو هن طرح شروع ڪيو: ”طوفان ۾ اسان
جو جهاز ڀڄي پيو. ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي جان
بچائڻ ۾ لڳي ويو. مون کي به هڪ ڪاٺ جو تختو هٿ اچي
ويو، جنهن جي آڌار تي ڇولين ۽ موجن سان مقابلو
ڪندو رهيس. گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ ان تختي وڃي مون
کي ڪناري تي ڇڏيو. اتان مون کي آدمخورن پڪڙيو ۽
کائڻ چاهيو، ليڪن بعد ۾ هنن اهو فيصلو ڪيو ته مون
کي کارائي ٿلهو متارو ڪري پنهنجي بادشاهه کي
سوکڙيءَ طور ڏين. ان کان پوءِ مون کي ڪيترا ڏينهن
خوب کارايو ويو ۽ جڏهن آدمخورن ڏٺو ته هاڻي
بادشاهه کي پيش ڪرڻ جهڙو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي
بادشاهه ڏانهن وٺي هليا. خوش نصيبيءَ جي ڳالهه
اهڙي ٿي جو هي آدمخور مون کي درياءَ جي ڪناري سان
وٺي هلڻ لڳا. موقعي کي غنيمت ڄاڻندي، درياءَ ۾ ٽپو
ڏنو. آدمخور ترڻ ڪونه ڄاڻندا هئا، سو پنهنجو پاڻ
تي افسوس ڪندا ڏسندا رهيا ۽ مان تري وڃي درياءَ جي
ٻئي ڪناري تي پهتس. ان کان پوءِ مان سر بچائڻ لاءِ
پنڌ پيس ته اچي هن ملڪ ۾ نڪتس. ٻيو ڪو ذريعو نه
ڏسي، پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪاٺين جي مزدوريءَ کي
پنهنجو پيشو بڻايم. هينئر ڪاٺيون ڪري شهر ۾ وڪڻندو
آهيان ۽ انهن پئسن مان پنهنجو روزگار ڪندو آهيان.“
ان کان پوءِ، شهزادي پنهنجي تڪليفن ۽ سفر جي
سـُورن جو بيان ڪيو ۽ هڪ دفعو وري هڪ ٻئي کي ڀاڪر
پاتائون ۽ الله جا شڪرانا بجا آندائون، جنهن معجزي
سان ٻنهي دوستن کي بچايو ۽ صحيح سلامت پاڻ ۾
ملايو.
ان وچ ۾، شهزادي ملڪان جي ماءُ پنهنجي نوڪرياڻين
سان ان شهر ۾ اچي نڪتي. دراصل ملڪان جي واپسيءَ
واري خبر هر هنڌ پهچي چڪي هئي ۽ شهزاديءَ جي ماءُ
کي جدائيءَ ۾ هڪ ڏينهن به وڌيڪ گهارڻ مشڪل نظر آيو
۽ هڪدم خبر ٻڌڻ سان پنهنجي ڌيءَ کي ملڻ لاءِ اچي
سهڙي. ڌيءَ کان شهزادي سيف الملوڪ جي بهادريءَ ۽
جرئت جون ڳالهيون معلوم ڪري، ملڪان جي ماءُ پنهنجي
سموري اٽالي سان شهزادي سيف الملوڪ کي ڏسڻ جي لاءِ
آئي. شهزادي جنهن وقت پنهنجي دوست صياد کي پنهنجو
سفر نامو ٻڌائي ختم ڪيو ته رهائش گاهه تي اچي
نڪتي. شهزادي سيف الملوڪ جي سونهن سوڀيا ڏسي،
شهزادي ملڪان جي ڀيڻ شهزادي بديع الجمال مٿس موهت
ٿي پيئي. هيءَ اها ساڳي پري هئي، جنهن شهزادي سيف
الملوڪ جي دل پهرئين ئي ديدار ۾ کسي ورتي هئي ۽
جنهن لاءِ هن ايڏا ڏک ڏاکڙا ۽ مصيبتون ڀوڳيون
هيون.
پنهنجيءَ دل جي اهڙي بيوس حالت هوندي به شهزادي
بديع الجمال اُتي ڪجهه به ڪين ڪڇيو، ليڪن رات جو
”سڪ سمهڻ نه ڏئي، تنهنجي آهي تات“ واريءَ چوڻي
مطابق شهزاديءَ کي آرام ڪين آيو. آخر سڀني کي ستل
ڏسي، خاموشيءَ سان شهزادي سيف الملوڪ جي ڪمري ۾
داخل ٿي. اتي ڪمري ۾ سـُتل شهزادي جي ڳل تي منهن
رکي چـُمي ڏنائين، جنهن تي شهزادو جاڳي پيو. سيف
الملوڪ، بديع الجمال کي ڏسندي ئي خوشيءَ ۾ ڀرجي
ويو ۽ کيس ٻٽا ڀاڪر پاتائين ۽ چاهه مان چـُميون
ڏنائين. ٿورو ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان پوءِ، بديع
الجمال چوڻ لڳي ته: ”مون کي اها ڳالهه وڏي ڳڻتيءَ
۾ وجهي ٿي ته مان پري آهيان ۽ تون انسان آهين. مان
هن ملڪ جي رهاڪو ۽ تنهنجو وطن دور. مون کي خطرو
اهو آهي ته شاديءَ کان پوءِ ڪٿي تون وطن جي وڇوڙي
کان مجبور ٿي، مون کي جدائيءَ جو داغ نه ڏين.“ اها
ڳالهه ٻڌي، شهزادي سيف الملوڪ واعدو ڪيو ته مان
توکي ڪڏهن به ڪين ڇڏي ويندس. آخر شهزادي جي واعدي
تي شهزاديءَ کي مس مس يقين آيو.
ٻئي ڏينهن شهزادو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال،
شهزادي ملڪان ۽ شهر جي نواب سان مليا ۽ پنهنجي
شاديءَ لاءِ اجازت گهريائون، ليڪن نواب اجازت ڏيڻ
کان انڪار ڪيو. هن چيو ته اها شادي تيستائين
ناممڪن آهي، جيستائين بادشاهه شهوال اجازت ڏئي يا
سندس ڀيڻ شهزادي سروبانو اجازت ڏئي، جيئن ته
بادشاهه کي شهزادي سروبانو قريب هئي، تنهنڪري نواب
اها رٿ ڪئي ته ان ڏانهن خط موڪليو وڃي. آخر هڪ
آفريد کي حڪم ڪيائين ته هو اهو خط ۽ شهزادي سيف
الملوڪ جي ٻانهن هن وٽ پهچائي.
نواب اها گفتگو مس ختم ڪئي ته شهزادي سيف الملوڪ
پاڻ کي آفريد جي ٻانهن ۾ محسوس ڪيو جو کيس وانگر
جبلن، جهنگلن، دريائن ۽ ميدانن مٿان اڏائيندو کڻي
هليو ويو. انهيءَ گهڙيءَ ۾ آفريد شهزادي سيف
الملوڪ کي هيٺ لاهڻ لڳو ۽ شهزادي سرو بانو جي
محلات جي دروازي وٽ وڃي بيهاريو. پوءِ آفريد، نواب
جو خط هڪ دربان جي هٿان شهزاديءَ کي پهچائڻ لاءِ
ڏنو، جنهن اهو اندر وڃي پهچايو. خط پڙهڻ شرط
شهزاديءَ سيف الملوڪ کي اندر گهرايو ۽ سندس
پـُرلطف ۽ عجيب سفر جو بيان ٻڌو. آخر ۾ شهزادي سيف
الملوڪ جي رهائش جو محلات اندر انتظام ڪرايو ۽ هن
جي لاءِ شاهاڻي نموني دعوتن جو سلسلو شروع ٿيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادو سيف الملوڪ ٿورو پرڀرو
هڪ ٿڌي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ غسل ڪرڻ ويو. انهيءَ
پاڻيءَ ۾ گلاب جي خوشبوءِ هئي، غسل ڪرڻ کان پوءِ،
شهزادي ٻاهر نڪري ڪپڙا پهريا ۽ ڪناري تي بيٺل وڻ
جي ٿڏي ڇانوَ ۾ ئي هو ته مٿان هڪڙو ديو اڏندو آيو
۽ هن کي چنبن ۾ کڻي پنهنجي ولايت ڏانهن روانو ٿيو.
شهزادي کي ديون جي بادشاهه وٽ آندو ويو، جنهن کي
ٻڌايو ويو ته هيءُ اهو ماڻهو آهي، جنهن شهزادي
ملڪان کي قبضي ۾ رکندڙ ديو کي ماريو هو. هيءَ خبر
ٻڌي، ديون جي بادشاهه کي ڏاڍو غصو آيو ۽ حڪم
ڪيائين ته شهزادي کي زنجيرن ۾ جڪڙي اونهي غار ۾
رکيو وڃي. هوڏانهن شهزادي سرو بانو، شهزادي سيف
الملوڪ جو انتظار ڪندي رهي، ليڪن جڏهن هو ڪافي دير
تائين به نه موٽيو، تڏهن ان جي تلاش ۾ آفريد
موڪليائين، جنهن پوري ڪائنات ۾ شهزادي جي تلاش ڪئي
۽ آخر شهزادي جي ديون جي قبضي ۾ اچڻ جي حقيقت
شهزاديءَ کي ڏني.
ان کان پوءِ، شهزادي سرو بانو، آفريد کي حڪم ڪيو
ته مون کي اڏائي پرين جي بادشاهه شهوال وٽ پهچاءِ.
چوڻ جي دير هئي، گهڙيءَ ۾ سهزادي، بادشاهه شهوال
جي درٻار ۾ اچي لٿي ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي سفر جو
احوال، سندس ڌيءَ ملڪان کي آزاد ڪرائڻ جو بيان،
بديع الجمال تي عاشق ٿيڻ جي حقيقت ۽ سندس باغ مان
شهزادي کي ديو جي کڻي وڃڻ جو قصو سربستو ڪري
ٻڌايو.
بادشاهه شهوال، ديون سان جنگ ڪانه ٿي ڪرڻ گهري، ڇو
ته ديون ۽ پرين جا تعلقات دوستانه هئا ۽ سندن
درميان ڪا به دشمني ڪانه هئي ۽ وڏي ڳالهه اها هئي
ته بادشاهه سيف الملوڪ کي ڏٺو به ڪونه هو، رڳو ان
متعلق ڳالهيون ٻڌيون هئائين. ليڪن بادشاهه جي ان
روش تي شهزادي سرو بانوءَ کي ڏاڍي چِڙ آئي، جنهن
گهڻو ئي بادشاهه کي جوش ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو
فائدو ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ، شهزاديءَ آفريد کي
حڪم ڪيو ته تون شهزادي بديع الجمال کي اڏائي هتي
کڻي اچ. شهزاديءَ جي اچڻ تي سرو بانو ۽ بديع
الجمال ٻنهي گڏجي، بادشاهه کي قدم کڻڻ لاءِ منٿون
ڪيون.
پهريائين ته بادشاهه شهوال ٻنهي منٿن کي ٺڪرائي
ڇڏيو، پر بعد ۾ جڏهن ڏٺائين ته سندس ڌيءَ بديع
الجمال جدائي برداشت نه پيئي ڪري سگهي، تڏهن
مجبوراَ َ ديون جي خلاف پرين جو لشڪر تيار
ڪرايائين. پريون تمام تيزيءَ سان، ديون جي ملڪ ۾
داخل ٿيون ۽ اهڙو ته اوچتو حملو ڪيائون جو ديو ڪو
به مقابلو ڪري نه سگهيا، ۽ هڪدم ديون جي بادشاهه
کي گرفتار ڪري بادشاهه شهوال جي حضور ۾ آندو ويو.
جڏهن ديون جي بادشاهه کي قيد ڪري، شهوال بادشاهه
جي اڳيان آندو ويو، تڏهن شهوال بادشاهه، ديو کي
سيف الملوڪ متعلق معلومات ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن کان
هن بلڪل نابري واري. پر پوءِ جڏهن بادشاهه شهوال
جوش ۾ ديو جي سِر ڪپڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ديو، شهوال
کي ان قيد خاني ڏانهن وٺي هليو، جنهن جي هڪ غار ۾،
سيف الملوڪ کي چار مهينا بند ۾ گذري چڪا هئا.
چوڻي آهي ته ڏکن پٺيان سک آهن، تنهن جيان هاڻ سيف
الملوڪ جي سـُکن جا ڏينهن اچي چڪا هئا. آخر سيف
الملوڪ کي صحيح سلامت انهيءَ غار مان ڪڍي پرين جي
ملڪ ۾ آندو ويو. ان خوشيءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن شادمان
ٿيندا رهيا ۽ رنگين محفلون ٿينديون رهيون. ان کان
پوءِ پـَرين جي بادشاهه شهوال، شهزادي سيف الملوڪ
کي بديع الـجمال سـان پـرڻـايو. ڪـجهه
ڏينهن خوشين ۾ رهڻ کان پوءِ شهزادي سيف الملوڪ بادشاهه کي عرض
ڪيو ته: ”گهڻو عرصو گذريو آهي جو آءٌ پنهنجي وطن ۽
والدين کان وڇڙيل آهيان، منهنجو پيءُ مصر ولايت جو
بادشاهه آهي، مون کي اجازت ڏيو ته مان بديع الجمال
کي پاڻ سان وٺي مصر وڃان“ بادشاهه شهوال هن کي
اجازت ڏني ۽ شهزاديءَ کي گهڻو خزانو ڏيئي، آفريد
کي حڪم ڪيائين ته هنن کي سلامتيءَ سان اُڏائي مصر
ملڪ ۾ ڇڏي اچ.
شهوال بادشاهه کان موڪلائي، شهزادو سيف الملوڪ ۽
پري بديع الجمال، آفريد تي چڙهي ويٺا جو هنن کي
هوا ۾ کڻي اڏريو ۽ مصر ملڪ طرف هلڻ لڳو، رستي ۾
شهزادي سيف الملوڪ کي شهزادي ملڪان سان ملاقات ڪرڻ
جي خواهش ٿي. آفريد گهڙيءَ پلڪ ۾ ٻنهي کي ملڪان جي
باغ ۾ آڻي لاٿو. سڀئي هڪ ٻئي سان مليا ۽ شهزادي
سيف الملوڪ جي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن کيس
معلوم ٿيو ته صياد ۽ شهزادي ملڪان هڪ ٻئي سان پيار
جي رشتي ۾ جڪڙي چڪا آهن ۽ شادي فقط ان ڪري روڪيل
هئي، جو سيف الملوڪ جي غير موجودگيءَ ۾ سندس پراڻي
ساٿي صياد، شادي ڪرڻ پسند ڪانه ٿي ڪئي. بس، پوءِ
ته هنن جي اچڻ سان ٻنهي جي شادي بنا ڪنهن دير جي
ڪرائي ويئي.
شاديءَ جي خوشين کان پوءِ، ٻنهي جوڙن پنهنجو پاڻ
آفريد جي حوالي ڪيو، جو چئني کي ساڳيءَ سولائيءَ
سان مصر ملڪ ڏانهن کڻي اڏريو. جڏهن هي سڀئي سلامت
مصر ڏيهه ۾ لٿا، تڏهن معلوم ٿين ته سندن والدين
پنهنجن پٽن کي مئل سمجهي، آسرو لاهي ويٺا آهن. پر
پوءِ جڏهن هنن جي آمد جو بادشاهه هاشم ۽ وزير صالح
کي پتو پيو، تڏهن بيحد خوشي ٿين. نهايت وڏي پئماني
تي هنن جو خير مقدم ڪيو ويو. سمورو گڏ ڪيل خزانو
غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ سال جون ڍلون پڻ
معاف ڪيون ويون. ان کان پوءِ شهزادي ۽ سندس وفادار
ساٿي، پنهنجي ڪـُنوارن سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن
عيش، خوشي ۽ آرام سان گذاريا.
12_ سهڻي ۽ ميهوال
ڪنهن زماني ۾، چناب درياءَ تي، گجرات شهر ۾ تلـّو
نالي هڪ مشهور ڪنڀار رهندو هو جو ٿانون ٺاهڻ ۾ بي
مثال ڪاريگر هو ۽ پنهنجي ڌنڌي مان گهڻي دولت ڪمائي
هئائين. هن کي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نياڻي ڄائي، جا نهايت
سهڻي ۽ سلڇڻي نينگري هئي. ڇوڪريءَ جي سونهن سوڀيا
ننڍي کان ئي اهڙي ته نمايان هئي جو پڻس مٿس نالو
ئي سهڻي رکيو هو.
انهن ساڳين ڏينهن ۾، بخارا شهر ۾ مرزا نالي هڪڙو
دولت مند سوداگر رهندو هو جو پٽ جي اولاد نه هئڻ
سبب ڏاڍو غمگين گذاريندو هو. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن
فقير متعلق معلوم ٿيو ته هو ڌڻيءَ جو اهڙو پيارو
آهي جو بي اولادن کي اولاد ڏئي ٿو. اها خبر ٻڌي،
هيءُ سوداگر به هڪلي وڃي ان فقير وٽ پهتو ۽ کيس
ٻڌائڻ لڳو ته: ”اي سائينءَ جا سنواريا! منهنجي
هيءَ هيتري گڏ ڪيل دولت ڪهڙي ڪم ٿيندي، جيڪڏهن مان
بي اولاد مري ويندس.“ سوداگر وڏيءَ عمر جو ماڻهو
هو، تنهنڪري سندس ٻاڏائڻ تي فقير کي رحم اچي ويو،
۽ هن اِها خوشخبري ڏنس ته: ”تنهنجي آرزو قبول ٿي
ويئي، توکي هڪ پٽ عطا ٿيندو، پر انهيءَ خطري کان
ضرور خبردار رهجان، جڏهن تنهنجو پٽ ڪنهن جي عشق ۾
مبتلا ٿيندو، ۽ توکان الڳ ٿي ويندو.“
پٽ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌي، سوداگر ايترو ته خوش ٿيو
جو فقير جي چتاءَ جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪيائين. هو
بيحد خوشيءَ ۾ گهر موٽي آيو. الله جي قدرت اهڙي ٿي
جو ٿورن ڏينهن ۾ سندس پيرسن زال کي پيٽ ٿيو ۽ پوري
وقت تي کيس هڪ سهڻو پٽ ڄائو. چون ٿا ته سوداگر کي
به انهيءَ ڏينهن پٽ ڄائو، جنهن ڏينهن تي تلو ڪنڀر
کي سهڻيءَ نالي بيحد حسين نينگري ڄائي هئي.
هن سوداگر پنهنجي پٽ جو نالو عزت بيگ رکيو. ڇوڪري
جو ننڍپڻ کان وٺي راڳ ۽ شڪار طرف گهڻو لاڙو هوندو
هو ۽ جوانيءَ جي عمر تائين هڪ بي مثال گوَيو ۽
نالي وارو شڪاري ٿي پيو. هڪ ڏينهن هنن جي شهر ۾ هڪ
هندستاني مسافر آيو، جنهن پنهنجي ملڪ ۽ دهليءَ جي
شهر جي خوشحاليءَ ۽ مغل بادشاهه، شاهه جهان جي
انصاف جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي. عزت بيگ هن جي
ڳالهين کان متاثر ٿي، دهلي ڏسڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽
ان لاءِ پيءُ کان اجازت گهريائين، ليڪن پيءُ پٽ کي
موڪل ڪانه ڏني.
عزت بيگ کي دهلي ۽ مغل بادشاهه ڏسڻ جو ايڏو شوق
وڌي ويو، جو هن کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني. ظاهر
آهي ته پٽ جي اهڙيءَ دکدائڪ حالت ۾ ان ماڻهوءَ جو
ڪهڙو حال ٿيندو، جنهن کي سالن کان سِڪي سِڪي هڪ پٽ
ڄائو هجي. عزت بيگ جي هيءَ حالت سندس پيءُ کي ڏِٺي
ڪانه ٿي ۽ ڇوڪري جي مري وڃڻ جي خوف سببان لاچار
کيس هندستان جي سفر جي اجازت ڏنائين.
پيءَ جي اجازت سان عزت بيگ پاڻ سان ڪيترائي نوڪر ۽
ناڻو کڻي دهليءَ جي شهر پهتو. اُتي دربانن کي
چڱيون خاصيون سوکڙيون ڏنائين، جن مغل بادشاهه،
شاهجهان سان ملاقات ڪرڻ شرف ڏياريس. ٿوري ئي عرصي
۾، عزت بيگ جي دل دهليءَ سان ڍائجي ويئي ۽ موٽڻ جي
تياري ڪيائين. هو جنهن وقت پنجاب مان لنگهي رهيو
هو، ان وقت گجرات جي تلو ڪنڀر جي مشهوري به چوٽ تي
پهچي چڪي هئي. عزت بيگ خيال ڪيو ته اهڙي مشهور
ڪنڀر جا ٿانوَ ڇو نه پنهنجي پيءَ لاءِ سوکڙيءَ طور
خريد ڪري کڻي وڃي. سو ان ارادي سان گجرات شهر ۾
اچي لٿو. اتان هڪ ڪنڀر کان ٿانون خريدڻ لاءِ
پنهنجو هڪ نوڪر موڪليائين، جنهن موٽي اچي عزت بيگ
کي ٻڌايو ته: ”سائين، هن ڪنڀر جي ٿانون جي
خوبصورتي سندس ڌيءَ جي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه
به نه آهي. سبحان الله! اهڙي من موهڻي صورت واري
ڇوڪري، مون ساري ڄمار ڪٿي به نه ڏٺي ۽ ٻڌي آهي. سچ
پچ اهڙي بي مثال سونهن لاءِ توهان ئي مستحق آهيو.“
نوڪر کان نينگريءَ جي سونهن جي واکاڻ ٻڌي، عزت بيگ
حيرت ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ دم نوڪر ساڻ ڪري، ڪنڀر
جي دڪان تي چڙهي آيو. ڏسڻ سان عزت بيگ پنهنجي دل
وڃائي ويٺو ۽ اُن ڇوڪريءَ کي زياده دير تائين ڏسڻ
جي مقصد سان، ٿانون جو عذر ڪندو رهيو ۽ سڀ ٿانوَ
ڏسندو رهيو. جڏهن ڇوڪري کيس سڀ ٿانوَ ڏيکاري چڪي ۽
هِن هڪ ٿانو به خريد نه ڪيو، تڏهن سهڻيءَ کيس چيو
ته: ”جيڪڏهن توهان کي ٿانوَ خريد ڪرڻا آهن، ته آءٌ
اوهان کي سڀئي ٿانوَ ڏيکاري چڪي آهيان، ۽ جيڪڏهن
توهان کي مورڳو ٿانوَ وٺڻا ئي نه آهن ته پوءِ
مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو، ڇو ته مون کي ٻيو گهر جو
ڪم به ڪرڻو آهي.“
سهڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ، عزت بيگ ڪنڀر جا سڀ اوچا
۽ مهانگا ٿانوَ خريد ڪري پاڻ سان کڻي آيو. ان وچ ۾
سوداگر جي پٽ سوچيو ته آءٌ سهڻيءَ جي محبت ۾
بـُريءَ طرح گرفتار ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زنده
رهڻ لاءِ سواءِ هن ڳالهه جي ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته
آءٌ گجرات شهر ۾ ئي رهي پوان. پوءِ سهڻيءَ کي
روزانو ڏسڻ لاءِ هن ٿانوَن جي واپار کي کڻي هڪ
بهانو ٺاهيو. شهر ۾ هڪ دڪان ورتائين ۽ ٿانوَ وڪڻڻ
جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. عشق جو رستو به عجيب آهي،
ڇاڪاڻ ته عشق آيو ته عقل موڪلايو. اهڙيءَ طرح،
هيءُ سوداگر به ڪنڀر کان مهانگي قيمت تي ٿانوَ ان
ڪري پيو خريد ڪري، ته جيئن هو راضي رهي ۽ سستي
بهاءُ تي انهيءَ لاءِ پيو وڪڻي ته جيئن جلدي جلدي
ٿانوَ وڪرو ٿين ۽ ٻين ٿانون خريد ڪرڻ جي بهاني سان
ڪنڀر جي دڪان تي ويندو رهي. عزت بيگ جي هيءَ حالت
ڏسي، سندس نوڪر ڊڄي ويا ته هن نموني سان واپار ڪرڻ
۽ رهڻ جي معنيٰ هيءَ ٿي ته هٿين خالي ٿي وڃڻ کان
پوءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ وطن جا وڻ ٻيهر ڪين ڏسبا،
تنهنڪري هڪ رات سڀني صلاح ڪري، عزت بيگ کان باقي
پئسا ڦري، بخارا ڏانهن روانا ٿيا.
ٻئي ڏينهن تي صبح جو، عزت بيگ جي حالت فقيرن جهڙي
ٿي وڃي ٿي. کيس هڪ پئسو به نه هو، پر پوءِ به هو
ٿانون جو واپار قرض تي به ڪندو رهيو. جڏهن ڪنڀر جو
قرض ان تي وڌي ويو، تڏهن هن عزت بيگ تي ان جي
ادائگيءَ لاءِ زور بار رکيو. عزت بيگ نوڪرن جي ڦري
وڃڻ وارو واقعو ڪنڀر کي ٻڌايو ۽ قرض لاهڻ لاءِ
ڪنڀر وٽ نوڪر ٿي بيهڻ جي آمادگي ڏيکاري. تلو ڪنڀر
انهيءَ تي رضامند ٿيو ۽ عزت بيگ کي پاڻ وٽ نوڪر
رکيو. عزت بيگ تي گهـَرَ جي ٻـُهاري ڏيڻ ۽ درياءَ
تان ٿانون لاءِ مٽي کڻي اچڻ جو ڪم هوندو هو.
ڪنڀر وٽ عزت بيگ ايڏي محنت سان ڪم ڪيو جو ٿوري وقت
کان پوءِ بيمار ٿي پيو. گهڻيءَ محنت سان ڪم ڪرڻ ۾
عزت بيگ جو مقصد هيءُ هو ته جيئن ڪنڀر منجهانئس
راضي رهي ۽ کيس نوڪريءَ مان نه ڪڍي. هن جي
بيماريءَ کان تلو ڪنڀر کي هن تي قياس آيو ۽ ان کان
پوءِ مينهن چارڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو ۽ کيس
”ميهار“ جي نالي سان سڏڻ لڳو.
هڪڙي ڏينهن جيئن ميهار مينهون چاري رهيو هو، تيئن
کير لاءِ هن وٽ سهڻي آئي. کير ڏهڻ وقت ميهار
پنهنجو سڄو درد جو داستان سهڻيءَ کي ٻڌايو ۽ پڻس
وٽ نوڪر رهڻ جو سبب به بيان ڪيو. ميهار جي هن
داستان سهڻيءَ تي ايڏو اثر ڪيو جو هوءَ ان وقت
سندس سامهون روئي رهي هئي ۽ آخر ميهار وانگر هن به
پنهنجيءَ دل کي محبت جي بيقراريءَ ۾ تڙپندي محسوس
ڪيو.
ان کان پوءِ، هر روز سهڻي کير جي بهاني سان، ميهار
سان ملندي هئي ۽ گهڙي پلڪ هن جي رهاڻ ۾ گهاريندي
هئي. چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪن آهن، سو هنن ٻنهي
بيقرار دلين جي محبت جو راز گهڻو وقت راز نه رهيو
۽ آخر هنن جي محبت جو راز فاش ٿي پيو. شهر جا
ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سـُس پـُس ڪندا رهيا. آخر
تلو ڪنڀر جي ڪن تي به اها ڳالهه وڃي پهتي، جنهن
سخت غصي جي باهه ۾ اچي، ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍي
ڇڏيو ۽ باوجود سهڻيءَ جي آهه و زاريءَ ۽ روڄ راڙي
جي سندس سئوٽ سان زبردستيءَ پرڻائي ڇڏيو. شاديءَ
واري رات سهڻي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ زارو زار
روئي ٻاڏايو ته منهنجي ميهار سان محبت آهي،
تنهنڪري منهنجي سئوٽ کان منهنجي عزت کي پناهه ۾
رک. قدرت الله جي اهڙي ٿي، جو روزانو رات جو هن
نئين گهوٽ کي اهڙي ته ننڊ وٺي ويندي هئي، جو
سهڻيءَ جي پنهنجي پاسي ۾ هئڻ جا ڪا سڌ ئي ڪانه
رهندي هئس.
جنهن ڏينهن ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ شهر
مان تڙيو ويو، تنهن ڏينهن کان هن چناب درياءُ
لنگهي، هـُنَ پار وڃي هڪ جهوپڙي ٺاهي ۽ انهيءَ ۾
ئي رهڻ لڳو. ڏينهن جو پنهنجي جهوپڙيءَ مان ڪـُنڀر
جي ڇت ڏسي پيو وقت ڪاٽيندو هو، جنهن ۾ هن جي محبوب
سهڻي رهندي هئي. سهڻيءَ جي وڇوڙي ۾ ميهار ڏينهن
ڏکن ۾ ۽ راتيون روئندي ئي گذاريندو هو، پر جڏهن
خبر پيس ته سهڻيءَ جو سڱ سندس سئوٽ کي ڏنو ويو آهي
ته ان کان پوءِ هن جي دل ۾ پنهنجي محبت جي
ناڪاميءَ جي باهه ڀڙڪي اُٿي. هڪ ڏينهن سهڻي ڏانهن
خط موڪليائين، جنهن ۾ هن کي بي وفا قرار ڏنائين ۽
گهڻو ئي ننديائين. هـُن کي ائين به لکيائين ته تون
ان ماڻهوءَ سان بي وفا ٿي آهين، جنهن تنهنجي لاءِ
سڀ ڪجهه قربان ڪيو. پر ميهار سهڻيءَ کي غلط سمجهيو
هو. انهيءَ خط پهچڻ کان پوءِ، سهڻيءَ جوابي خط ۾
ميهار کي لکيو ته ايندڙ رات سندس سئوٽ جي گهر جي
ڀرسان ساڻس ضرور ملي، جتي کيس معلوم ٿيندو ته سهڻي
بي وفا آهي يا با وفا.
سهڻيءَ جي جوابي خط ميهار ۾ ٻيهر زندگي پيدا ڪئي.
اُن رات ميهار، چناب ندي تـَري، سهڻيءَ سان درياءَ
جي ڪنڌيءَ تي اچي محفل مچايائين. سهڻيءَ جي مڙس کي
خدا اهڙي ننڊ بڇي هئي، جو هو سڄي رات ان ۾ سوگهو
پيو هو. هِنن ٻنهي سڄي رات اتي گذاري ۽ محبت جي
واعدن کي نئون ڪيو. ميهار، سهڻيءَ لاءِ سوکڙيءَ
طور پڪل مڇي آندي هئي، سا به اتي گڏجي کاڌائون ۽
آخر پرهه ڦٽيءَ مهل ميهار درياءَ تي پنهنجي
جهوپڙيءَ ۾ پهتو.
ان کان پوءِ هر رات، ميهار درياءَ تري، سهڻيءَ سان
ملاقاتون ڪندو هو ۽ پاڻ سان هميشه پڪل مڇي آڻيندو
هو، جا ٻئي گڏجي کائيندا هئا.
هڪ رات سخت طوفان لڳو ۽ ميربحر مڇي ڦاسائي ڪين
سگهيا. ميهار سوچڻ لڳو ته مڇي نه نِيڻ واريءَ حالت
۾، سهڻي ڪٿي ائين نه سمجهي ويهي ته مان ڪنجوس ٿي
پيو آهيان يا منهنجي محبت جي درياءَ ۾ لاٿ اچي
ويئي آهي. سو ڇا ڪيائين جو پنهنجيءَ ران جو گوشت
جو ٽڪر وڍي پاڻ سان کنيائين. سندس ڦٽ مان ايترو ته
خون وَهيو، جو درياءَ ۾ ترندي هو بيهوش ٿي ويو ۽
وڏيءَ تڪليف سان درياءَ تري، ڪناري تي پهتو. سهڻي
پنهنجي محبوب جي جسم مان خون وهندو ڏسي، کانئس اُن
جو سبب پڇيو، ميهار سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. هي ٻـُڌي
سهڻيءَ جي دل تي اهڙو گهرو اثر ٿيو، جو ملاقات ختم
ڪرڻ کان پوءِ ميهار کي چيائين ته: ”اڄ کان پوءِ
آءٌ پاڻ درياءَ تَري تو وٽ اينديس ۽ تون مهرباني
ڪري وري اهڙي تڪليف نه ڪجانءِ“. بس، ان کان پوءِ
روزانو رات جو سهڻي درياءَ تري، ميهار وٽ اچي
رهاڻيون ڪندي هئي.
ٻي رات سهڻي، واعدي مطابق، پيءُ جو هڪ پڪل دِلو
پاڻ سان کنيو ۽ اُن جي آڌار تي چناب درياءَ تـَري
ميهار سان اچي ملي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ وري ساڳئي دلي
تي تـَري، موٽي اچي گهر پهتي.
اهڙيءَ طرح، دلي جي آڌار تي، سهڻيءَ ڪيتريون
راتيون درياءَ تريو ۽ سندس واعدي وفائيءَ ۾ ڪا به
رنڊڪ پيدا ڪانه ٿي. هن ميهار سان محبت جون ڪافي
راتيون گذاريون. هڪ رات سندس مڙس جي ڀيڻ، هن کي
ڏسي ورتو ۽ پڪو پهه ڪيو ته ڀاءُ جي اهڙيءَ ڪميڻي
زال جو ضرور خاتمو آڻڻ گهرجي. هڪ رات درياءَ جي
ڪناري تي، سهڻيءَ جو پيڇو ڪندي، لِڪي وڃي ويٺي ۽
سهڻيءَ جي واپس موٽڻ تي، اها جڳهه به ڏسي ورتائين،
جتي سهڻي پنهنجو دِلو لڪائي رکندي هئي. هوءَ ٻئي
ڏينهن منجهند جو اُن جاءِ تي وڃي، پڪي دِلي جي
بدران، ڪچو دِلو رکي آئي ۽ پڪو دِلو گهر کڻي آئي.
سهڻي ٻيءَ رات، هميشه وانگر، ميهار جي محبت جي نشي
۾، پنهنجو دِلو کنيو. ان رات سخت هوا گهِلي رهي
هئي، جنهن درياءَ جي موجن ۽ ڇولين ۾ تيزي پيدا ڪري
ڇڏي هئي. درياءَ ۾ وڏي دهشت هئي، پر سهڻي پٺتي هٽڻ
واري نه هئي ۽ دِلو هيٺان ڪري درياءَ ۾ ٽپي پيئي.
وچ سيرَ ۾ ڪچو دِلو ڀـُري، مـِٽِي ٿي پيو ۽ سهڻيءَ
جو وسيلو ويندو رهيو. گهڻي ئي ٻانهون هنيائين،
موجن سان مقابلو ڪيائين، پر آخر سندس ٻانهـُن ست
ڇڏي ڏنو ۽ درياءَ کيس پنهنجي پيٽ ۾ ڳيهي ڇڏيو.
درياءَ جي ٻئي طرف، ميهار، سهڻيءَ جو انتظار ڪندو
رهيو ۽ آخر انتظار ڪندي ڪندي پرهه ڦـُٽي ويئي.
ميهار کي يقين هو ته سهـڻي دريـاءَ جـي
دهشت کان ڊڄڻ واري نه آهي ۽ ان جو نه اچڻ ثابت ٿو ڪري ته شايد
کيس ظالم درياءَ ٻوڙي ڇڏيو آهي. اِهو ويچاريندي ۽
سهڻيءَ کان سواءِ پنهنجي زندگي زهر سمجهندي، ميهار
دانهن ڪري وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ته: ”سهڻي! آءٌ به
تو وٽ اچان ٿو.“ ان کان پوءِ ميهار کي وري ڪنهن به
ڪو نه ڏٺو.
13_ شهزادو امل ماڻڪ ۽ شهزادي حـَسِيني
ڪنهن زماني ۾، چين ولايت ۾، هڪڙو بادشاهه هو، جنهن
کي لالـُو سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن هن پنهنجي وزير
صيفل کي سڏايو ۽ چيو ته: ”مون وٽ دنيا ۽ دولت جي
ڪا به ڪمي ڪانهي، پر افسوس جو مون کي اولاد
ڪونهي.“ پوءِ وزير کي وڏو خزانو ڏيئي حڪم ڪيائين
ته تون پڙهو گهماءِ ته جيڪو به ڌڻيءَ جي درگاهه
مان مون کي پٽ وٺي ڏيندو، انهيءَ کي آءٌ پنهنجو
خزانو ڏيئي ڇڏيندس. اهو حڪم ٻڌي، وزير ملڪ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ اهو ڍنڍورو ڦيرايو. آخر اهو ڍنڍورو هڪ ڏينهن
ڪنهن فقير جي ڪـَن تي وڃي پيو، جو هلي وزير وٽ ويو
۽ هن کي رک جي چپٽي هٿ تي رکي چيائين ته: ”جيڪڏهن
بادشاهه هيءَ خاڪ جي چپٽي پاڻيءَ جي پياليءَ ۾
وجهي، پنهنجي دل گهريءَ راڻيءَ کي پياري، ته هن کي
خدا جي مهربانيءَ سان ضرور پٽ پيدا ٿيندو، پر
انهيءَ ڇوڪري جو نالو ’امل ماڻڪ‘ رکجو، جڏهن امل
ماڻڪ وڌي جوان ٿيندو ته هن ۾ 33 صفتون هونديون. هو
هڪ سياڻو انسان ۽ اعليٰ گهوڙيسوار ٿيندو. جڏهن
تعليم مڪمل ٿئيس ته بادشاهه کي گهرجي ته هن کي مون
وٽ آڻي حاضر ڪري.“ وزير بادشاهه جي پاران فقير سان
واعدو ڪيو ته جيئن اوهان چيو آهي ته تيئن ضرور
ڪبو. ان کان پوءِ فقير کان چپٽي رک جي وٺي،
بادشاهه وٽ کڻي آيو.
خدا جي مهربانيءَ سان فقير جي اڳڪٿي پوري ٿي. جڏهن
ڇوڪرو بالغ ٿيو، تڏهن صيفل وزير بادشاهه کي عرض
ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت! اوهان جي رضا سان، مان
شهزادي کي فقير سان ملائڻ وٺي ٿو وڃان.“ لالو
بادشاهه اها ڳالهه مڃي ۽ ڪيترائي گهوڙيسوار سپاهي
شهزادي سان گڏ موڪليا ۽ ٻه گهوڙا جواهرن سان سنجيل
۽ وڏو خزانو سون ۽ رپي جو ۽ اُڇا ويس وڳا پڻ فقير
لاءِ سوغات طور وزير هٿان ڏياري موڪليائين.
فقير شهزادي جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ آڌيءَ رات جو
هن کي جاڳائي پنهنجو ۽ شهزادي جو ويس مٽائي، هڪ
بادشاهه جي ملڪ ۾ وٺي ويو، جنهن کي ”گل آستان“
چوندا هئا. هو پوءِ پنهنجي رهڻ جو بندوبست ڪري
سارو شهر گهمڻ نڪتا ۽ ڳوليندي آخر هڪ گهٽيءَ ۾
پهتا، جتي بادشاهه ٿي رهيو. هنن محلات جي درين مان
ڏٺو ته اهو محلات اندران تمام گهڻو روشن ٿي نظر
آيو. فقير شهزادي کي محلات کان تڪڙو وٺي وڃي ها،
پر شهزادي هن کي زور ڪيو ته اُتي ٿورو ترسي ته
جيئن محلات جي روشنائيءَ جو نظارو چڱيءَ طرح ڏسي
سگهي.
اوڏيءَ مهل هڪ ٻانهِي ٻه بدلا_ هڪ سون جو ۽ ٻيو
چانديءَ جو، کڻي آئي. شهزادي ۽ فقير کي ڏسي،
چيائين ته: ”توهين ڪير آهيو جو هن وقت رات جو درين
مان بادشاهه جي محلات ۾ لِيا پائي رهيا آهيو. بهتر
آهي ته توهين هتان جلدي هليا وڃو، نه ته چوڪيدار
توهان کي جهلي، بادشاهه وٽ وٺي ويندو ۽ ڏاڍي سزا
ملندوَ.“
فقير جواب ڏنو ته: ”اي مائي، اسين ڏور ڏيهه کان
آيا آهيون ۽ واٽ منجهي پيا آهيون. اسان کي ته خبر
به ڪانه هئي ته هي ڪو شاهي محلات آهي. مهرباني ڪري
اسان کي ڏَس ڏي ته مسجد ڪٿي آهي، ته اسين وڃي اُتي
آرامي ٿيون.“ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته: ”توهان کي مسجد
جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اتي ته فقير سمهڻ ويندا آهن، پر
توهان ته ڏسڻ ۾ امير ماڻهو ٿا اچو.“
شهزادي وچ ۾ ٻي، مائيءَ کان پڇيو ته: ”اي موچاري
عورت! خدا جي واسطي ٻڌاءِ ته هيءَ روشني ڇا جي آهي
۽ انهيءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟“ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته
اها روشني شهزادي حسيني نالي هڪ پريءَ جي حسن جي
آهي. هوءَ پنهنجي غسل خاني ۾ ويٺي آهي ۽ جنهن مهل
هوءَ پنهنجا ڪپڙا لاهيندي آهي ته هن جي جسم جي چمڪ
۾ سارو محلات روشن ٿي ويندو آهي. |