سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 

صفحو : 12

اهڙيءَ ريت ڪامروپ موت کان بچي ويئي، پر محلات ۾ پليل راجڪماري رڻ ۾ اچي رُلي. سڄو ڏينهن پنڌ ڪيائين، آخر پيرن ۾ لِڦـُون پئجي ويس ۽ اڳتي هلڻ جهڙي نه رهي. انهيءَ حالت ۾، هڪ هنڌ ويهي رهي ۽ غم ۽ اندوهه ۾ اچي روئڻ ۾ ڇـُٽڪي. ڪجهه وقت روئڻ کان پوءِ، کيس اُهي پـَريون ياد پـَيون، جن کيس ۽ ڪامسين کي پاڻ ۾ ملايو هو، بس پوءِ ته انهن کي ڏک مان مدد لاءِ پڪارڻ لاءِ لڳي. قدرت ڌڻيءَ جي اهڙي ٿي جو ٿوريءَ دير ۾ هن جي اڳيان هڪ پـَرين جو وَلـَرُ اچي بيٺو. ڪامروپ کين پنهنجي سورن جي ڪهاڻي ٻڌائي. پرين کي راجڪماريءَ جي هن حال تي ڏاڍو رحم آيو ۽ کيس آسمان تي پنهنجي ولايت ۾ کڻي ويون. اُتي ڪامروپ جي غم دور ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين محلات ۾ رهايو ويو، جنهن ۾ پريون هن جي خدمت چاڪريون ڪنديون هيون، جنهن جي چوڌاري هڪ دلچسپ جنت نما باغ ۾ عجيب و غريب گل هئا، جن جي خوشبوءِ ۾ وڻندڙ اثر هو. هي سموريون چيزون راجڪماريءَ جي اڳيان انهيءَ لاءِ رکيون ويون ته جيئن هوءَ اتي راضي رهي ۽ دل جي غم کي وساري ڇڏي.

ٻئي پاسي وري ڪامسين جو عجيب حال هو. هن کي يقين ٿي ويو هو ته ڪامروپ واقعي دوکيباز عورت هئي. اهڙن خيالن ۾ جيئن کيس پڪائي ٿيندي ويئي، تيئن واسو جهڙيءَ دغاباز ۽ ڏائڻ عورت سان وڌيڪ محبت ٿيندي ويس. ڪامسين، ڪامروپ کي دل مان وسارڻ کان پوءِ زندگيءَ جو ڪافي عرصو عيش ۽ مزي ۾ گذاريو، ليڪن چوندا آهن ته خدا وٽ دير آهي، انڌير ناهي. سو ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، هڪ رات ڪامسين ننڊ مان جاڳي پيو ۽ جاڳڻ سان هن ائين محسوس ڪيو ته راجڪماري ڪامروپ بلڪل معصوم هئي ۽ مون ساڻس ظلم ڪيو آهي. انهيءَ قسم جو خيال هن جي دل تي ايتري قدر ته ڇانئجي ويو جو واسوءَ کي هڪ وڏي دوکيباز ۽ ظالم عورت تصوّر ڪرڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن هن کي ايڏو ته جوش اچي ويو جو خنجر کڻي، ننڊ ۾ ستل واسوءَ کي هڪ ئي ڌڪ سان پورو ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ، يڪدم گهوڙي تي سوار ٿي شهر مان نڪري ويو ۽ ريگستان ۾ گهوڙي کي ڊوڙائيندو رهيو. ڪامروپ جي فراق ۾، ڪامسين پنهنجو راجائي لباس ڦاڙي، ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو ۽ اڌ_چرئي ماڻهوءَ جي حالت ۾ رڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو ۽ رلندو رهيو.

ڪامسين انهيءَ حالت ۾ جهنگ ۽ بيابان ۾ ڪيترا ڏينهن رُلندو رهيو. آخر هڪ ڏينهن ٿڪجي هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺل وڻ جي ڇانوَ ۾ وڃي ويٺو. اُن وڻ تي ٻه پکي ويٺا هئا، جن مان هڪ ٻئي کي چيو ته: ”هن وٽ هيٺان ويٺل جيڪو ماڻهو ڏسين ٿو، انهيءَ جو قصو نهايت عجيب آهي. اِهو محبت جو مريض آهي، ليڪن هن پاڻ ئي پنهنجي بي گناهه معشوق کي مارڻ جو حڪم ڏنو.“اها ڳالهه ٻڌي ٻئي پکيءَ کي ڏاڍو عجب لڳو، هو چوڻ لڳو: ”مهرباني ڪري مون کي انهيءَ ماڻهوءَ جي سموري آکاڻي ٻڌاءِ،“ پوءَ پهرئين پکي، ڪامسين جي غلط فهميءَ ۽ ڪامروپ کي سزا ڏيڻ وارو سربستو قصو هن کي بيان ڪري ٻڌايو ۽ چيائينس ته: ”اڃا به هڪ رستو آهي، جيڪڏهن هن ماڻهوءَ کي اهو معلوم ٿي وڃي ته: راجڪماري ڪامروپ کي وري به حاصل ڪري سگهي ٿو. هن کي اٺ ڏينهن باهه تي روزو رکي وهڻو پوندو ۽ دونهين مان ساهه کڻڻو پوندو. اٺين ڏينهن، پـَرين جو ٽولو، پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ سان هن تلاءَ تي وهنجڻ ايندو. هن کي ان وقت موقعي مان فائدو وٺڻو آهي. جڏهن سڀئي پـَريون تلاءَ ۾ وهنجڻ لاءِ داخل ٿي وڃن، تڏهن هن کي راڻيءَ جي ڪپڙن تي قبضو ڪرڻ گهرجي ۽ تيستائين ڪپڙا نه ڏيڻ گهرجن، جيستائين راڻي، راجڪماري ڪامروپ جي ٻانهن سندس حوالي نه ڪري.

ڪامسين وڻ هيٺان، پکين جي اها سموري گفتگو وڏي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. انهيءَ راز کي معلوم ڪندي ڪڏهن دل ۾ اميد پيدا ٿئيس ٿي ته ڪڏهن وري مايوسي. آخر هو انهيءَ ٻڌل طريقي موجب اَٺَ ڏينهن باهه تي روزو رکي ويٺو ۽ دونهين مان ساهه کڻندو رهيو. آخر اٺين ڏينهن پـَرين جو ٽولو پنهنجي راڻي شپوري ۽ ڪامروپ سميت انهيءَ تلاءَ تي اچي لٿو. ڪامسين تلاءَ جي ڀر ۾ وڻن جي اوٽ ۾ ايستائين لڪو ويٺو رهيو، جيستائين سڀني پنهنجا ڪپڙا لاٿا ۽ وهنجڻ جي ارادي سان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. ان کان پوءِ، ڪامسين نهايت آهستگيءَ سان راڻي شپوري جي ڪپڙن تي قبضو ڪري اُهي پاڻ سان کڻي ۽ پنهنجي ساڳيءَ جڳهه تي اچي لڪي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ، هر هڪ پري، پاڻيءَ مان نڪري پنهنجا ڪپڙا پاتا ۽ جڏهن راڻيءَ جو وارو آيو ته جان ڏسن ته ڪپڙا غائب آهن. هن ڏاڍي ڳولا ڪرائي پر بي سود. ان کان پوءِ، هنن ڪپڙن جي تلاش لاءِ جهنگ ۾ ڳولا ڪرائي. اتي ڳولا ڪندي، هنن ڪامسين کي ڏسي ورتو، جيڪو راڻيءَ جا ڪپڙا پنهنجي ڪڇ ۾ ڪيو لڪو ويٺو هو. هي حال ڏسي پرين جي راڻي غصي ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ پنهنجي ڪپڙن جي واپسيءَ لاءِ ڪامسين کي حڪم ڪيائين. اهو حڪم ٻڌي، ڪامسين وراڻيو ته ڪپڙن جي عيوض کيس ڪامروپ جي ٻانهن ڏني وڃي. اهو جواب ٻڌي پرين جي راڻي غصي ۾ اچي هڪ ننڍي راڪاس جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ ان کان پوءِ هاٿيءَ جي شڪل ۾ مٽجي ويئي. هاٿيءَ جي شڪل ۾ اچي ڪامسين کي لتاڙي مارڻ جي ڌمڪي ڏنائين. ليڪن ڪامسين به پرواهه ڪانه ڏيکاريس ۽ چيو ”هن زندگيءَ کان موت بهتر آهي. ڪامروپ سان گڏ رهڻ حياتي آهي ۽ ان کان سواءِ مان موت کي آجيان ڪندس.“ هي جواب ٻڌي، پرين جي راڻيءَ جو غصو رحم ۾ تبديل ٿي ويو ۽ هن جي دل نرم ٿي ويئي. جڏهن ڪامروپ، ڪامسين کي ائين ليلائيندي ڏٺو، تڏهن پاڻ به ان سان گڏ راڻيءَ کي منتون ڪرڻ لڳي. چوڻ لڳي ته: ”مون کي هن جي حوالي ڪريو، توهان ئي اسان ٻنهي کي پاڻ ۾ ملايو هو، سو هاڻي ڪيئن ٿيون جدا ڪريو.“ ڪامروپ کي ليلائيندي ڏسي، راڻي شپوريءَ سندس ٻانهن ڪامسين جي حوالي ڪئي ۽ ان جي عيوض ۾ پنهنجا ڪپڙا واپس ورتا.

ان کان پوءِ راڻيءَ جي حڪم سان پرين هنن ٻنهي عاشقن کي مٿي کنيو ۽ هوا ۾ اڏائي، سنڌ ڏيهه جي مٿان آندو. جڏهن کين ٿورو هيٺ لاٿائون، تڏهن راجا ڪامسين پنهنجي تختگاهه ماگرور کي سڃاتو. هيٺ لاهڻ کان پوءِ کين شپوري ٻڌايو ته هيءَ توهان جي بادشاهي آهي، ليڪن هڪ مڪار ماڻهوءَ توهان جي فوج کان حڪومت کسي پنهنجي قبضي ۾ رکي آهي. ايترو چئي پريون اکين کان گم ٿي ويون.

پرين کان هيءَ ڳالهه ٻڌي، راجا ڪامسين وڏيءَ ڳڻتيءَ ۾ اچي ويو ۽ ٿورو سوچي ڪامروپ کي چيائين ته: ”ماگرور شهر جي اتر طرف منهنجو هڪ محلات آهي، مان سمجهان ٿو ته اتي ڪو به ڪونه پهتو هوندو. اسان کي اتي هلي ڪو مشورو ڪرڻ گهرجي.“ ائين چئي ان طرف وڌيا ۽ اڌ رات جو هي ٻئي محبت جا متوالا ان خالي محلات ۾ وڃي پهتا. ان محلات ۾ ٻنهي خوشي ۽ سِڪ ۾ رات گذاري، ليڪن ساڳئي وقت پنهنجي آئندي جو اونو به گهڻو رهين.

صبح جو جڏهن ڪامسين پنهنجي محلات جي دريءَ کان هيٺ ڏٺو، تڏهن سندس نظر هڪ پوڙهيءَ عورت تي پيئي، جنهن هن کي نپايو هو. ان کي آواز ڏنائين، جنهن خوشيءَ مان ڊوڙي اچي ڪامسين جو خير مقدم ڪيو. پوڙهيءَ راجا کان سندس ايڏي لمبي عرصي جي غير حاضريءَ جو سبب پڇيو. راجا پنهنجي سمورين تڪليفن ۽ ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل سفر جو بيان ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڪيئن کيس ۽ ڪامروپ کي پريون هتي پهچائي ويون آهن. ان کان پوءِ راجا پوڙهيءَ کان پڇيو ته منهنجي غير حاضريءَ ۾ ڇا وهيو واپريو ۽ اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن منهنجي تخت تي ناجائز قبضو ڪيو آهي؟“

راجا کي هن پوڙهي عورت نهايت ڏک واري لهجي ۾ ٻڌايو ته: ”مهاراج، توهان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ سال کن ته رواجي طرح حڪومت جو چرخو امن ۽ شانتيءَ سان هلندو رهيو، ليڪن ان کان پوءِ جڏهن توهان جي باري ۾ ڪا خبر نه آئي، تڏهن توهان لاءِ همدردي ۽ وفاداري ماڻهن جي دلين مان غائب ٿيڻ لڳي. ملڪ جون اهي حالتون ڏسي، هڪ دشمن، جنهن جو نالو شاهه دمڪ آهي، تختگاهه تي حملو ڪيو ۽ شهر جا سمورا دروازا ڀڃي اندر داخل ٿيو. شهر تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ توهان جي وزير نذرساف کي قيد ڪيائين ۽ توهان جي حڪومت تي قبضو ڪيائين. هينئر توهان جو تاج ۽ توهان جا خزانا سڀ هن جي قبضي ۾ آهن ۽ مون کي رستو ڪونه ٿو سـُجهي، جو توهان اهي واپس حاصل ڪري سگهو.“

هيءُ ٻڌي راجا ڪامسين کي ڏاڍي حيراني لڳي. ليڪن دل نه هاريائين ۽ پوءِ ڪاغذ تي هي پيغام پوڙهيءَ جي معرفت شاهه دمڪ ڏانهن موڪليائين ته: ”اي غاصب! تولاءِ مناسب آهي ته حڪومت مان چپ چاپ نڪري وڃي، ٻيءَ حالت ۾ مون سان مقابلي لاءِ تيار ٿيءُ.“

جڏهن شاهه دمڪ هيءُ خط پڙهيو، تڏهن پوڙهيءَ کان پڇيائين ته: ”راجا ڪامسين ڪٿي آهي ۽ هن ساڻ ڪيترو لشڪر آهي؟“ کيس جواب مليو ته: ”هو فلاڻي محلات ۾ لٿل آهي ۽ اڪيلو آهي.“ اهو جواب ٻڌي شاهه دمڪ هڪ چڱو لشڪر تيار ڪري هن سان وڙهڻ لاءِ محلات ڏانهن وڌيو. راجا ڪامسين جڏهن شاهه دمڪ جي فوج کي ايندو ڏٺو، تڏهن هن هڪ دفعو وري پرين کي مدد لاءِپڪاريو. انهيءَ گهڙيءَ ۾، پرين جو هڪ وڏو لشڪر آسمان تان هيٺ لٿو، ديوَن ۽ راڪاسن جي شڪل اختيار ڪري، شاهه دمڪ جي دوج تي حملو ڪيو، ۽ انهن سخت خوف ۽ هراس ڦهلايو. هيءُ حال ڏسي شاهه دمڪ جي فوج هر طرف ڀڄڻ لڳي، ليڪن ديوَن ۽ پرين هنن جو پيڇو ڪيو ۽ ڪيترن ئي ماري قتل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪيترا راجا ڪامسين جي پيش پيا. شاهه دمڪ جو ننڍو پٽ شاهه صادق پيش پيو، جنهن کي راجا ڪامسين پناهه ۾ ورتو. خود شاهه دمڪ کي ڀڄڻ وقت ديوَن ماري وڌو هو.

جڏهن هيءَ لڙائي ختم ٿي، تڏهن راجا ڪامسين وڏي شاندار نموني سان پنهنجي شهر ماگرور ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجي اڳئين وزير نظر ساف کي قيد مان آزاد ڪيائين، ۽ پوءِ ان جي ئي مدد سان هو پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ سنڌ ڏيهه ۾ راڄ ڪرڻ لڳو. راجا هڪ وڏو مضبوط قلعو ٺهرايو ۽ ڪيترائي سال سنڌ ۾ انصاف ۽ رحم سان حڪومت ڪندو رهيو. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته راجا ڪامسين لاءِ سڀني خزانن ۽ تاج کان وڌيڪ قيمت واري ملڪيت راجڪماري ڪامروپ هئي، جنهن ڪيترا دفعا هن جي حياتي بچائي ۽ جنهنجي ئي تعاون سان هن پنهنجي ويل حڪومت وڏيءَ سوڀ سان حاصل ڪئي ۽ پنهنجي رعيت وٽ وڏي شان ۽ عزت آبروءَ سان موٽي اچي حڪومت جون واڳون سنڀاليون.

11_ سيف الملوڪ

ڪنهن زماني ۾، هاشم شاهه نالي هڪ بادشاهه، مصر ۾ راڄ ڪندو هو. هن جي پيءُ جو نالو شاهه سفيان هو، جو گذر ڪري چڪو هو. هاشم شاهه وڏو دولت مند ۽ طاقت وارو بادشاهه هو ۽ سندس رعيت ڏاڍي آسودي هئي. قدرت خدا جي اهڙي جو کيس پٽ جو اولاد ڪونه هو، باقي دنيا جا ٻيا سڀ سـُک ۽ سهنج نصيب هئس. جوانيءَ واري عرصي ۾ ته بادشاهه کي پٽ جي ضرورت گهڻي محسوس ڪانه ٿي، پر جڏهن ستر ورهين جو پوڙهو ٿي چڪو، تڏهن انهيءَ حقيقت کيس ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان غم ۽ اندوهه ۾ هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي محالت جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ وزيرن ۽ اميرن سان ملڻ کان منهن موڙي ڇڏيو. بادشاهه جي هن هلت ڪري، آخرڪار حڪومت جو چرخو بيهجي ويو، ڇو ته ڌنار کان سواءِ ڌڻ ڪيئن سلامت رهي؟ ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن بدامني ڦهلجي ويئي، آخر انهيءَ صورت بادشاهه جي وزير صالح کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ هڪ ڏينهن بادشاهه جي مرضيءَ خلاف زبردستيءَ سان محلات ۾ داخل ٿيو ۽ بادشاهه جي آڏو نهايت ادب ۽ احترام سان چوڻ لڳو ته: ”جيئندا قبلا! آءٌ توهان جي غم جو سبب پڇي سگهان ٿو؟ مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن بادشاهه سلامت مون کي ان کان واقف ڪرڻ فرمائيندو ته مان ان کي دور ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس.“ بادشاهه ورندي ڏني ته: ”اي وزير، منهنجو غم معمولي قسم نه آهي، توکي خبر آهي ته مون وٽ دنيا جي هر نعمت موجود آهي، دولت جا بي انداز خزانا آهن ۽ طاقتور فوج آهي، ليڪن پٽ جي اولاد کان محروم آهيان. هينئر منهنجي موت کان پوءِ منهنجو تخت ڪير سنڀاليندو؟ مصر ملڪ جي حڪومت جو ڪير وارث بڻبو.“ هيءَ ڳالهه ٻڌي، وزير عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت، منهنجو خيال آهي ته نجومين کي گهرايو وڃي، مون کي اميد آهي ته هو پنهنجي علم۽ نجوم جي وسيلي اوهان جي ان غم جو ڪو نه ڪو علاج ضرور ڳولي ڪڍندا.“

بادشاهه کي وزير جي اها صلاح دل سان آئڙي ۽ نجومين کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين حڪم ڪيو ته هو حساب ڪري کيس پنهنجي غم جي علاج جي ڪا ترڪيب ٻڌائين. نجومين ٽن ڏينهن جي مهلت گهـُري، هنن انهيءَ عرصي ۾ آسماني نکيترن ۽ سيارن کي خوب جاچيو ۽ ان کان پوءِ چوٿين ڏينهن درٻار ۾ اچي، بادشاهه کي عرض ڪيائوپن ته: ”بادشاهه سلامت، اسان کي نجوم جي حساب مان معلوم ٿو ٿئي ته جيڪڏهن توهان يمن جي بادشاهه شرف شاهه جي شهزاديءَ سان شادي ڪندوء ته توهان کي ان مان ضرور پٽ جو اولاد ٿيندو.“

نجومي جي اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه حڪم ڪيو ته: ”هڪدم يمن جي بادشاهه لاءِ سوکڙيون ۽ سوغاتون تيار ڪيون وڃن، انهن ۾ پنجاهه اُٺ موتين سان ڀريل هجن، چار سئو سهڻيون ٻانهيون هجن ۽ چار سئو بهترين گهوڙا قيمتي سنجن سميت موجود هجن. اهي سموريون شيون تحفي طور يمن جي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيون وڃن ۽ ان کان پوءِ اسان جي لاءِ سندس شهزاديءَ جو سڱ گهريو وڃي.“ ٻن_ چئن ڏينهن بعد، بادشاهه جي حڪم مطابق اهو سمورو سامان، جنهن چڱي خاصي لشڪر جو ڏيک پئي ڏنو، سو جڏهن يمن جي بادشاهه جي سرحد تي وڃي پهتو، تڏهن يمن جي بادشاهه جي ماڻهن کي شڪ پيو. هنن شڪ دور ڪرڻ لاءِ هاشم شاهه بادشاهه جي ماڻهن کان پڇيو ته: ”ڇا توهان جنگ ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو ته: ”نه، اسان جنگ ڪرڻ نه آيا آهيون، پر اسان اوهان جي بادشاهه کان سندس شهزاديءَ جو سڱ ڇڪائڻ آيا آهيون.“ اهو جواب ٻڌي، هنن کي دلجاءِ ٿي ۽ پوءِ هو هلندا اچي يمن جي بادشاهه جي درٻار ۾ پهتا. درٻار ۾ پهچي، وڏي ادب ۽ نياز سان، هاشم شاهه بادشاهه جي ماڻهن پنهنجو تعارف يمن جي بادشاهه سان ڪرايو، ۽ کيس پنهنجي بادشاهه جو خط ڏنو. خط پڙهڻ کان پوءِ، يمن جي بادشاهه وڏي خوشيءَ مان ورندي ڏني ۽ چيو ته: ”هيءَ ته هڪ نياڻي آهي، پر جيڪڏهن کي ست نياڻيون هجن ها ته اهي به جيڪر اوهان جي بادشاهه جي مرضيءَ مطابق ڏيڻ ۾ مون کي بيحد خوشي ٿئي ها.“ ان کان پوءِ هن پنهنجي ڌيءَ کي گهرايو ۽ پنهنجي خاندان جي رسم مطابق سندس تلوار ۽ پٽڪي سان شادي ڪرائي ويئي.

هن طرح شادماني ٿيڻ کان پوءِ، مهمانن موڪلايو ۽ شهزاديءَ کي ساڻ ڪري، يمن مان روانا ٿيا. شهزاديءَ پنهنجي وندر لاءِ پيءُ جي وزير جي ڌيءُ، پاڻ سان کنئي، جنهن سان سندس ننڍپڻ کان ساهيڙپ هئي. مصر ۾ پهچڻ تي، هاشم شاهه بادشاهه ڏاڍي ڌام ڌوم سان شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ سندس ساهيڙيءَ جي شادي پنهنجي وزير صالح سان ڪرائي. خدا جي مهربانيءَ سان هڪ سال بعد بادشاهه هاشم شاهه ۽ صالح وزير کي هنن زالن مان پـُٽ پيدا ٿيا. هاشم شاهه بادشاهه پنهنجي پـُٽ جو نالو سيف الملوڪ رکيو ۽ وزير پنهنجي پـُٽ جو نالو صياد رکيو. هنن ٻنهي نينگرن کي نپائڻ لاءِ هڪ دائي رکي ويئي ۽ اهڙيءَ طرح هو ٻئي سڳن ڀائرن وانگر پلجڻ لڳا.

اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، وقت گذرندو رهيو ۽ هي ٻالڪ به وڏا ٿيندا ويا. اهڙيءَ طرح چوڏهن سال گذري ويا. هڪڙي ڏينهن بادشاهه ٻنهي ڇوڪرن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ گهرايو ۽ پنهنجي پـُٽ کي هڪ منڊي ۽ هڪ چوغو ڏنو، جي کيس ڪنهن وقت بادشاهه سليمان کان مليا هئا ۽ صالح وزير جي پٽ کي وري هڪ گهوڙو ۽ هڪ ڪـُڙتو عطا ڪيو. ان رات شهزادي سيف الملوڪ هڪ عجيب اسرار ڏٺو. هو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ شرط پيءَ وٽان مليل چوغي کي کولي حيرت سان ڏسڻ لڳو. اوچتو سندس نظر وڃي هڪ نهايت حسين ڇوڪريءَ تي پيئي، جا کيس ڀرسان بيٺل ڏسڻ ۾ آئي. پر جڏهن هـُن ٻنهي هٿن سان ان کي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هوءَ نظر کان گم ٿي ويئي، وري جڏهن هن پنهنجا هٿ هيٺ ڪيا ته ڇوڪري سامهون بيٺل نظر آيس. آخرڪار هن چوغو ويڙهي رکي ڇڏيو ۽ پاڻ سمهي پيو، پر کيس سڄي رات ننڊ نه آئي، ڇو ته هو ان سهڻيءَ ڇوڪريءَ جي حـُسن تي موهجي پيو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن بادشاهه ڏٺو ته سندس پٽ روزاني دستور مطابق شڪار تي نه ويو آهي، تڏهن کيس پاڻ وٽ گهرايائين. بادشاهه کانئس ان جو سبب پڇيو، پر شهزادي ڪنهن به سوال جو جواب ڪو نه پئي ڏنو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، سندس ذهن ۽ دماغ ۾ انهيءَ حسين ڇوڪريءَ جو تصور هو، جنهن کي هن رات جو ڏٺو هو. پيءُ جي سوالن تي فقط ڪنڌ ڌوڻي رهيو هو ۽ زارو زار روئي رهيو هو. بادشاهه، پٽ جو هيءُ حال ڏسي ڏاڍو غمگين ٿيو. هڪدم هن جي علاج لاءِ حڪيم ۽ طبيب گهرايائين، جيڪـي

پڻ ڪافي ڪوششن جي باوجود شهزادي جي بيماريءَ کي سمجهي ڪين سگهيا. آخرڪار، هاشم شاهه جي وزير عرض ڪيو ته: ”جيئندا قبلا، منهنجي پٽ کي اجازت ڏيو، شايد هو سيف الملوڪ جي بيماريءَ کي سمجهي کانئس پڇي ۽ پروڙي سگهي. آخر وزير زادي کي اجازت ڏني ويئي ته هو اڪيلائيءَ ۾ شهزادي سان وڃي ڳالهائي ۽ جيڪڏهن ضرورت سمجهي ته کيس اها ڌمڪي به ڏئي ته جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي بيماريءَ جو سبب نه ٻڌائيندين ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.“ بادشاهه، وزير جو اهو مشورو مڃيو ۽ وزير زادي کي شهزادي وٽ سندس دلي راز پروڙڻ جي اجازت ڏني.

صياد کي ڏسندي ئي، شهزادي کي معصوميت ۽ ننڍپڻ وارو زمانو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هنن سڳن ڀائرن وانگر کيڏيو ۽ ڊوڙيو هو. ان تصور سندس دل کي نرم ڪري وڌو ۽ شهزادي پنهنجي زبان کولي. شهزادي رات جو ڏٺل سمورو واقعو ۽ حسين ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پوڻ وارو سمورو قصو، هن کي دل کولي ٻڌايو. صياد هي حال معلوم ڪري سڄي ڳالهه بادشاهه کي ڪري ٻڌائي. بادشاهه هي قصو ٻڌي عجب مان چوڻ لڳو ته: ”ننڍپڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن مان تخت تي ويٺو هوس ته اوچتو هڪ روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ گجگوڙ ٿي، ان کان پوءِ مون پنهنجي پيرن جي ڀرسان ست پريون لهنديون ڏٺيون. لهڻ کان پوءِ هنن مون کي هڪ منڊي ۽ هڪ چوغو ڏنو، جيڪي ٻئي چيزون مون سيف الملوڪ جي حوالي ڪيون. هنن مون کي ٻڌايو ته اهي ٻئي چيزيون سليمان جون آهن. پوءِ جڏهن مون چوغي کي کوليو، تڏهن منهنجي اڳيان هڪ نهايت حسين وجميل ڇوڪري اچي بيٺي. ان ڇوڪريءَ کي جهلڻ لاءِ

مون پنهنجون ٻانهون وڌايون ته هوءَ نظر کان غائب ٿي ويئي. ان تي مون پرين کان پڇيو ته هيءَ ڪير هئي. پرين جواب ڏنو ته: ’هوءَ اسان جي بادشاهه شهوال جي ڌيءَ، بديع الجمال آهي ۽ اسان جو بادشاهه گلستان ارن شهر ۾ رهي ٿو‘. ان کان پوءِ مون گلستان ارن شهر ڳولڻ لاءِ هر طرف ماڻهو موڪليا، پر ڪنهن کي به ڪو پتو ڪو نه پيو. هن جي محبت مون کي چوڏهن سالن پريشان ڪندي رهي ۽ هاڻي وري ان منهنجي پٽ کي ساڳيو اثر ڏيکاريو آهي. هينئر آءٌ انهيءَ ڇوڪريءَ جي تلاش ۾ چئني طرفين پنهنجا ماڻهو روانا ڪريان ٿو.“ بادشاهه اها حقيقت بيان ڪري، وڏي غم ۽ پريشانيءَ ۾ اچي ويو.

ٻن_چئن ڏينهن بعد بادشاهه پنهنجا امير امراءَ ۽ ٻيا ڪيئي ماڻهو آسپاس جي ملڪن ڏانهن روانا ڪيا: ڪي ايران ويا، ڪي هندستان اسهيا، ڪن عربستان ۽ افغانستان منهن ڪيو، ۽ ترڪستان روانا ٿيا، ليڪن ڪٿي به گلستان ارب شهر جو ڪو پتو ڪو نه پيو. اميرن جي رواني ٿيڻ وقت شهزادي ڪجهه پاڻ سنڀالي ورتو، مگر جڏهن اهي ناڪامياب موٽيا، تڏهن هن تي وري ساڳي حالت طاري ٿي ويئي. بادشاهه محسوس ڪيو ته جيڪڏهن شهزادي کي موت کان بچائڻو آهي ته ان لاءِ فقط هڪ ئي رستو آهي. اُهو هيءُ ته شهزادي کي اجازت ڏجي ته هو پاڻ به پريءَ جي تلاش ۾ نڪري. ان لاءِ بادشاهه وڏيون تياريون ڪرايون ۽ سامونڊي ٻيڙا ٺهرايا، جن ۾ پنجن سالن جي ضرورتن جو کاڌو ۽ ٻيون شيون رکايون ويون. شهزادي ۽ صياد لاءِ هڪ جدا ٻيڙو تيار ڪرايو ويو ۽ ٻين ٻيڙن ۾ سٺ اميرن جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو، جن کي شهزادي سان گڏ وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com