هن هڪ ٻڍي مائي، پنهون ڏانهن موڪلي ته وڃي هن کي
منت ڪري ته پنهنجو سودو آڻي ڏيکاري ۽ گڏوگڏ هيءُ
به چوينس ته آءٌ تنهنجي عطر عنبر بدران توکي هيرا
موتي ۽ ياقتون ڏينديس ۽ اهو نياپو انهيءَ نيت سان
موڪليائين ته شايد پنهون انهيءَ لالچ تي هرکجي
اچي. پنهون ٻڍڙيءَ مائيءَ سان گڏجي ويو، پر پنهنجو
مال ڪين موڪليائين ۽ سوچيائين ته ڀنڀور ۾ مون کي
انهيءَ سامان جي وڪري جي ضرورت پوندي. اها رات وڏي
خوشيءَ سان ساهجان سان گذاريائين، جنهن لاءِ هن
پرتڪلف ماني تيار ڪرائي، جا هن ڏاڍي اشتياق سان
کاڌي. ٻئي ڏينهن باوجود ساهجان جي آزيءَ نيزاريءَ
جي، پنهون پنهنجي رفيقن سان روانو ٿي ويو. وري به
ساڳئي پنهنجي ڳائڻ جي آوازن ۽ چـَڙن جي چونگارن
سان ڪيهر ڀيلا مان روانا ٿيا. ڀنڀور پهچڻ کان اڳ
وري وچ تي منزل نه ڪيائون. جڏهن شهر کي ويجهو
پهتا، تڏهن پنهون، ٻاٻئي کي ماڻهو
موڪليو، جنهن هن کي شهر جي ڏکڻ طرف منزل لاءِ جاءِ ڏسي. ان هنڌ
تي ٻنهي ڀائرن پنهنجن اُٺن تان سامان لهرائي ۽ اتي
خيما کوڙي غاليچن کي وڇارائي، سهڻي نموني ديرو
دمائي ويٺا. پنهنجو واپاري مال جهڙوڪ مشڪ، عنبر ۽
عطر ڪڍي اهڙيءَ طرح ڏيک ويک لاءِ رکيائون، ڄڻ ته
هي واقعي ڪي جهونا سوداگر هئا. اها خبر هوا جيان
سسئيءَ جي ڪن تائين پهتي ته هڪ وڏو سوداگر ڀنڀور ۾
آيو آهي. مڄاڻ ته اهو سوداگر پنهون هو، جنهن کي
ٻاٻئي گهرايو هو. سسئيءَ پنهنجون سڀ جيڏيون سرتيون
گهرايون ۽ سڀئي جواهرن سان سينگارجي هڪ ٻئي پٺيان
ائين قطار ڪري هليون، ڃڻ سياري جي سانجهيءَ وقت
ڪونجون آسمان ۾ ولر ڪري اڏامنديون هجن. سڀئي پاڻ ۾
هم عمر هيون، مگر سونهن ۾ سسئي سڀني کان سرس هئي:
هرڻ جهڙيون سندس اکيون، ڏند جهڙا موتين جي قطار،
نـَڪُ جهڙي انب جي ڦار، سندس وار سونن گهنگهرن سان
مڙهيل هئا. سندس هلڻ جو انداز اهڙو هو، جهڙو ڊيل
بهار جي مـُند ۾ صبح جو ٽلندي آهي. هنن ڇوڪرين جي
پازيبن ۾ گهنگهرن جي آواز تي پنهونءَ جي دربانن کي
کڙڪ پئجي ويئي، جن پنهونءَ جي اجازت سان تنبن جا
در کولي ڇوڪرين کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني. خيمن جي
اندر پنهونءَ جو سارو مال اسباب ٽڙيو پکڙيو پيو
هو. ڇوڪرين جڏهن سامان کي ڏٺو، تڏهن حيرت ۾ بيهي
اگهه ٻولائڻ ۽ قيمتن جي گهٽ ڪرائڻ تي ريڙهه پيڙهه
ڪرڻ لڳيون. مگر جڏهن پنهونءَ ۽ سسئيءَ جون اکيون
پاڻ ۾ لڙيون، تڏهن ته هنن کي ٻي ڪا به تمنا باقي
ڪانه رهي. جڏهن سسئيءَ کان سواءِ ٻيون ڇوڪريون
پنهنجي سودي جي اگهه پاڙ پڇڻ کان وانديون ٿيون،
تڏهن گهر موٽڻ جي ڪيائون. هاڻي سسئيءَ جي دل ۾
پنهونءَ جي عشق آڳ ڀڙڪي چڪي هئي ۽ ساڳئي وقت
پنهونءَ جي حالت به سسئيءَ کان گهٽ ڪانه هئي.
لاچار سسئي ويچاري تنبن کان نڪري، پنهنجين سهيلين
سان اُٿي هلي. گهر پهچندي ئي ساقيءَ کي سڏائي
چيائين ته ”منهنجي اکين ۾ لـُڙڪ ۽ دل ۾ عشق جي آڳ
آرام وٺڻ نٿي ڏئي. مون کي پنهون آڻي ڏيو، نه ته
آءٌ مري وينديس.“
ساقيءَ، سسئيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر اُن
کي تيسين آرام نه آيو، جيسين ساقي اِهو دلاسو ڏنس
ته خاطر ڪر آءٌ سڀاڻي پنهنجي مائٽن سان ملي،
پنهونءَ سان تنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڪنديس. ٻئي
ڏينهن ساقي، سسئيءَ جي ماءُ وٽ ويئي ۽ چيائين ته
”سانئڻ! هڪ سوداگر ڪنهن ڏوراهين ڏيهه کان ڀنڀور ۾
وارد ٿيو آهي. سونهن ۾ سج ۽ چنڊ کي مات ڪيو ويٺو
آهي. منهنجي صلاح آهي ته تون پنهنجي نياڻيءَ جي
شاديءَ جي کيس آڇ ڪر، ڇو ته هن کان وڌيڪ سهڻو ۽
دولتمند نوجوان توکي ڌيءَ لاءِ مشڪل هٿ اچي.“ ڌوٻڻ
عجب ۾ پئجي ساقيءَ کان سوال ڪيو ته: ”ذات ڪهڙي
اٿس؟“ اتفاق سان اوڏيءَ مهل محمد کٽي به گهر اچي
سهڙيو. جوڻس هن کي ساقيءَ واري ڳالهه سربستي ڪري
ٻڌائي. هنن پاڻ ۾ اڃا ڳالهيون پئي ڪيون ته ٻاٻيو
گهٽيءَ مان اچي لانگهائو ٿيو. ساقيءَ کيس ڏسي چيو
ته اجهو هن سوداگر جو منشي پيو وڃي، هن کي سڏائي
پڇو ته سوداگر جي ذات ڪهڙي آهي. محمد هن جي ڳالهه
مڃي ۽ ٻاٻئي کي سڏايائين. ٻاٻيو هن قسم جي سوال جو
مطلب سمجهي ويو ۽ جواب ڏنائين ته ”سوداگر اڪثر مون
کي ٻڌائيندو آهي ته هو ڪنهن وقت ڌوٻي هو، پر پوءِ
جڏهن ملڪ مان ڀڄي نڪتو، تڏهن کان وٺي واپار جو
ڌنڌو اختيار ڪيو اٿس. انهيءَ تي محمد ٻاٻئي کي،
پنهونءَ تائين سندس دعوت پهچائڻ ۽ سندس گهر وٺي
اچڻ لاءِ منت ڪئي. ٻاٻئي ائين ئي ڪيو. پنهونءَ
خوشيءَ مان دعوت قبولي ۽ جڏهن هو ٻاٻئي سان گڏ
ڌوٻيءَ جي گهر آيو، تڏهن پنهونءَ کي پرکڻ لاءِ چوڻ
لڳو ته ”مون ٻڌو آهي ته توهان ذات جا ڌوٻي آهيو.
هاڻي مهرباني ڪري مون کي ٿورن ڪپڙن ڌوئڻ ۾ مدد
ڪريو.“ ائين چئي پنهونءَ کي صابڻ ۽ هڪ ڳٺڙي ريشمي
ڪپڙن جي ڌوئڻ لاءِ ڏنائين. ٻاٻئي پنهونءَ کي اڳيئي
خبردار ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي ذات ڌوٻي ٻڌائي.
انهيءَ ڪري کيس ڪپڙا کڻڻا پيا، جيتوڻيڪ هن کي ڪپڙن
ڌوئڻ جي ڪا به خبر نه هئي.
پنهون جيئن ڪپڙا کنيو پئي ويو، تيئن سندس ڀاءُ
چنون کيس گڏيو ۽ ڪاوڙ مان پڇيائين ته ”مان جيڪي
ٻـُڌي رهيو آهيان، سو سڀ سچ آهي؟ ڇا تون هڪ کٽيءَ
جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري جي عزت ٻوڙيندين؟“
پنهونءَ جواب ڏنو ته ”ادا! انهيءَ ۾ ڪهڙي بي عزتي
آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي دل گهرئي محبوب سان
شادي ڪري.“ اِهو ٻـُڌي، چنون ماٺ ۾ رهيو ۽ پنهون
درياءَ جي ڪپ ڏانهن هليو ويو. اُتي ڪپڙن کي ڌوئڻ
جي ڪوشش ڪندي، هن ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري وڌا ۽
جيئن ئي انهن ٿڳڙين کي ارمان مان پئي ڏٺائين، تيئن
سسئي هن وٽ اچي نڪتي ۽ هن کي مشڪندي کيڪاريائين.
ان کان پوءِ کيس چيائين ته ”نااُميد نه ٿيءُ،
منهنجا محبوب، هر هڪ ڪپڙي جي کيسي ۾ سوني مـُهَرَ
وجهي ڇڏ ته پوءِ ڪنهن وٽان ڪا به دانهن ڪانه
ايندي.“ پنهونءَ ائين ڪيو ۽ ڪپڙا کڻي مالڪن کي
پهچايائين ۽ کين چيائين ته ”کيسا ڏسجو.“ جڏهن هنن
کي پنهنجن ڪپڙن جي کيسن مان سوني گِني هٿ آئي،
تڏهن سندن ڪاوڙ اُتي ئي ٿڌي ٿي ويئي. محمد کي جڏهن
خبر پيئي ته پنهون ڪپڙا ڌوئي مالڪن کي پهچائي آيو
۽ ڪنهن وٽان به ڪا شڪايت ڪانه آئي آهي، تڏهن پڪ
ٿيس ته سوداگر سچ پچ ذات جو ڌوٻي آهي ۽ هو سسئي ۽
پنهونءَ جي شاديءَ لاءِ رضامند ٿيو. شاندار مجلس
جي تياري ڪرايائين، جنهن ۾ پنهونءَ ۽ سسئيءَ جو
ميڙائو ٿيو. چنوءَ پنهنجي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ ڪو به
حصو نه ورتو ۽ ڏاڍيءَ غمگين حالت ۾ پنهنجا ماڻهو
ساڻ ڪري، پنهنجي ملڪ موٽي ويو. اتي اچي خبرڪيائين
ته ڪيئن پنهون سسئيءَ جي سونهن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو
آهي. پيءُ جو منهن ڪاوڙ ۽ صدمي کان ڪارو ٿي ويو.
ٽي ڏينهن انهيءَ ماتم ۾ گذري ويس، جنهن کان پوءِ
چنو، هوتو ۽ نوتو کي حڪم ڏنائين ته اُٺن تي سوار
ٿي، وڃي پنهون کي موٽائي اچو. ٽيئي ڀائر اچي ڀنڀور
پهتا. دلين ۾ دولاب، مگر چپن تي مٺڙا ٻول ٻوليندا
اچي سسئي ۽ پنهونءَ سان ڀيڻ ڀاءُ وانگر مليا.
پنهونءَ توڙي سندس ڪنوار کي پنهنجن ڀائرن ۾ ڪا به
بدگماني ڪانه هئي. چنوءَ هن کي ٻڌايو ته ”بابي
سندن شاديءَ جي خبر ٻڌي، انهيءَ جي خوشي ملهائڻ
لاءِ ڪيترائي ڏينهن دعوتون ۽ مجلسون ڪيون آهن.“
هڪ رات هنن ٽنهي ڀائرن گڏجي پنهونءَ ۽ سسئيءَ کي
سخت نشي واري شئي پياري، ۽ هو جڏهن رات جو اگهور
ننڊ ۾ هئا، تڏهن آڌيءَ رات پنهونءَ کي سسئيءَ کان
جدا ڪري، بيخبريءَ جي حالت ۾ هڪ اُٺ تي سمهاري،
اُٺن کي تيز هڪليندا تکا ڪيچ ڏانهن راهي ٿيا. ٻئي
ڏينهن صبح جو جڏهن سسئي ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ پاڻ کي
اڪيلو ڏٺائين، تڏهن سندس دل ڏاريندڙ دانهن پاڙي
وارن کي ڇرڪائي ڇڏيو. پوءِ ته پنهنجي سڄي ڪهاڻي
انهن کي بيان ڪري ٻڌايائين، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته
پنهونءَ جي پٺيان پيادي وينديس ۽ جيسين پنهونءَ کي
ڳولي هٿ نه ڪنديس، تيسين پاڻ کي لـَڪَن ۾ رولي
پوري ڪري ڇڏينديس. ساقيءَ کان سواءِ ٻين سڀني کيس
سمجهائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، مگر ساقيءَ هن جو صدمو
ڏسي، هن کي پنهنجي وچن پوري ڪرڻ جي نصيحت ڪئي.
آخر سسئي پنهونءَ جي اُٺن جو پيرو کڻندي، جبل
جهاڳيندي رواني ٿي. جڏهن رات پئي ۽ پنڌ سببان ٿڪجي
بيحال ٿي ويئي، تڏهن هڪ ٻڪرار جي جهوپڙيءَ وٽ اچي
نڪتي. ويجهو پهچي ٻڪرار کان پڇيائين ته ”ادا، ڪو
قافلو هتان لنگهندو ڏٺئه؟“ ٻڪرار جيئن سسئيءَ
ڏانهن اک کنئي ته هنجي سونهن جو تاب نه جهلي سگهيو
۽ جواب ڏيڻ جي بدران هن کي جهلي، پنهنجي جهوپڙيءَ
۾ اندر نيڻ جي ڪوشش ڪيائين. سسئي پنهونءَ کي مدد
لاءِ رڙيون ڪيون، مگر پنهون ڪٿان ٿي پهچي سگهيو،
جواب نه مليس. آخر بيوس ٿي، ڌڻيءَ کي
ٻـاڏايـائـيـن ”اي مالڪ مهربان! مون کي هن زمين
اندر جاءِ ڏي تي آءٌ هن ڪميڻي
جي بدنيتيءَ کان بچي پوان.“ ڌڻيءَ هن جي
دعا قبول ڪئي، ۽ سندس پيرن هيٺان زمين هڪدم ڦاٽي
پيئي ۽ سسئيءَ کي ٻڪرار جي چـَنبن مان نجات ملي.
ان کان پوءِ زمين وري مِڙي ويئي، مگر سسئيءَ جي
پوتيءَ جو پلو ٻاهر رهجي ويو. اهو حال ڏسي، ٻڪرار
خوف کان پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ وڃي لِڪو.
ٻئي پاسي، منجهند ڌاري پنهون نشي مان سجاڳ ٿيو ۽
پاڻ کي اُٺ جي پٺيءَ تي جڪڙيل ڏسي چنو کان ان جو
سبب پڇيائين. جنهن تي سندس ننڍي ڀاءُ وراڻي ڏني ته
”بابي جي حڪم موجب توکي ڪيچ ڏي وٺيو ٿا وڃون.“
پنهون اهو ٻڌي، هڪدم ٽپو ڏيئي تان هيٺ لٿو، جنهن
تي چنو ۽ سندس ڀائرن اُٺ بيهاري ڪوشش ڪئي ته هن کي
زوريءَ جهلي قابو ڪن، مگر پنهون پنهنجي تلوار مياڻ
مان اهڙي جوش ۽ ڪاوڙ مان ڪڍي جو هنن ڊڄي کيس ڇڏي
ڏنو. پنهونءَ وائڙائپ ۽ چريائپ واريءَ حالت ۾
پنهنجو رخ ڀنڀور ڏانهن ڪيو. هو ساڳيا پير وٺي
پوئتي موٽيو. هلندي هلندي هو انهيءَ هنڌ اچي پهتو،
جتي سسئيءَ کي ڌرتيءَ پناهه ڏني هئي. انهيءَ هنڌ
جي ڀر پاسي ۾ هن هڪ ٻڪرار کي ڏٺو، جو ان وقت ڪي
قدر خوف تي غالب بڻجي چڪو هو ۽ پنهنجي جهوپڙيءَ
کان پئي موٽيو. پنهونءَ هن کان پڇيو ته تو ڪا هتان
سهڻي عورت لنگهندي ڏٺي؟“ ڇو ته کيس پڪ هئي ته سسئي
سندس ڳولا ۾ ضرور نڪتي هوندي. ٻڪرار جواب ڏنو ته
”ٿوري دير اڳ هڪ زال هت آئي هئي، مگر اوچتو هن کي
زمين ڳڙڪائي ويئي.“ هن پنهنجي ڳالهه جي ثابتيءَ
لاءِ سسئيءَ جي پوتيءَ واري پلاند ڏانهن اشارو ڪيو
جو ٻاهر نڪتو رهجي ويو هو. پنهونءَ پوتيءَ جي پلوَ
کي ڏسندي هڪدم سڃاڻي ويو. هن عشق ۽ محبت جي جذبي
وچان ڌڻيءَ کي ٻاڏايو ۽ دعا گهريائين ته ”اي مالڪ
مهربان! زمين کي ڦاڙ ۽ مون کي به انهيءَ هنڌ جاءِ
ڏي!“ هن جو عرض اگهاڻو ۽ اڳئين وانگر هن جي پيرن
هيٺان زمين ڦاٽي پيئي. اک ڇنڀ ۾ پنهنجي محبوب سان
وڃي مليو. ڌرتي وري اهڙي ٿي ويئي جهڙي اڳ هئي.
اهڙيءَ ريت، ڌڻيءَ ٻنهي محبت جي مشتاقن جو
پنهنجيءَ ڪمال قدرت سان دائمي ميڙائو ڪيو.
2- عمر ۽ مارئي
ڪنهن زماني ۾ عمرڪوٽ ۾، هڪ مشهور بادشاهه عمر،
نالي راڄ ڪندو هو. هو راجپوت گهراڻي جي سومرا نسل
مان هو. هن جي حڪومت ۾ اهڙو ته انصاف هو، جو شينهن
۽ ٻڪري گڏ چرندا هئا. اها هاڪ هنڌين ماڳين مشهور
هوندي هئي.
قدرت جا به اهڙا ته عجيب ڪارناما آهن، جو اڪثر
ڪنهن کي به هڪ حال ۾ رهڻ ڪا نه ٿي ڏئي، جڏهن چڱن
هٿان برا ڪم سرزد ٿيو پون ته ڪڏهن برن کان چڱا ڪم
سر انجام ٿيڻ لڳن.
اهڙيءَ طرح هڪڙي ڏينهن جيئن عمر بادشاهه پنهنجي
درٻار ۾ پنهنجي اميرن ۽ وزيرن کي پئي سمجهايو ۽
چتايو ته کين خدا جو خوف دل ۾ رکي، ڪنهن کي به
ستائڻ نه گهرجي، تيئن عين انهيءَ وقت هڪ اجنبي وڏي
واڪي عرض ڪيو ته ”مون کي بادشاهه سلامت سان مخفي
طرح ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي. مون سندس لاءِ هڪ مخفي
پيغام آندو آهي“. جڏهن بادشاهه اهي لفظ ٻڌا، تڏهن
سڀني اميرن ۽ وزيرن کي برخاست ڪري، انهيءَ اجنبي
شخص کي پاڻ وٽ گهرايو.
تن ڏينهن ٿر واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ملير ۾ پالوي
نالي هڪ غريب ٻڪرار رهندو هو. هن جي زال جو نالو
ميراد هو ۽ مارئي نالي هڪ نياڻي هيس. وٽس ڦوڳ نالي
هڪ نوڪر هوندو هو، جنهن جي تمنا هئي ته مارئي جي
ٻانهن کيس ملي. مگر پالوي پنهنجي ڌيءَ اڳيئي
پنهنجي سئوٽ کي ڏيڻي ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هن ڦوڳ
جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو. ڦوڳ انهيءَ غصي کان ملير
ڇڏي ويو ۽ انتقام وٺڻ جي ارادي سان عمرڪوٽ ۾،
بادشاهه جي درٻار ۾ اچي پهتو. هيءُ اهوئي اجنبي
هو، جنهن بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪرڻ ٿي گهري.
جڏهن ڦوڳ بادشاهه سان نويڪلو ٿي مليو، تڏهن عرض
ڪيائين ته ”بادشاهه سلامت! مون کي هڪ عرض ڪرڻو آهي
۽ اهو هيءُ آهي ته ملير ۾ هڪ ڪنيا، مارئي نالي،
رهي ٿي، جنهن جي سونهن سج کي به شرمايو ڇڏي. سر و
قد جسم ۽ اکيون ڀئونر جيان ڪاريون ۽ سندس نظر
تلوار کان تِکي ۽ سندس چمڙي، اطلس جهڙي ۽ جڏهن
کِلي ٿي ته ڄڻ موتين جو مينهن ٿو وسي. سندس سينو
بهار جي موسم وارن ڪڪرن جهڙو سفيد آهي. انهن تي جي
مکڙيون آهن، سي هوند تنهنجي باغ جي مکڙين کي
شرمائين. هن جو چهرو چنڊ کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ٽور
اهڙي ٿي هلي ڄڻ ته ڊيل ٿي ٽلي ۽ جڏهن پئي ڳالهائي
ته ڪوئل جهنگن مان هن کي وراڻي پيئي ڏئي. جنهن هڪ
واريءَ هن جو حـُسن ڏٺو هوندو، انهيءَ کي ٻيو ڪي
ڪين وڻندو. پر آهي هڪ ٻڪرار جي ڌيءَ ۽ جسم تي
ٿڳڙيون اٿس، ليڪن جڏهن سهڻي پوشاڪ پارائجيس ته
هوند پَرين کان به سونهن سرس ٿي وڃي. بادشاهه
سلامت، سچ پچ ته هوءَ اوهان وٽ سونهين ٿي. حـُسن
اهڙو اٿس ته وري دل به محبت جي کاڻ اٿس. مون سان
گڏ هلو ته مان توهان کي ڏيکاريان ته هوءَ ڪٿي ٿي
رهي“. |