پهريائين ته اجيتسنگ ڪي ڪين ڪڇيو، پر پوءِ اکيون
مٿي ڪيائين ۽ راجبالا جي سندر ۽ سهڻيءَ صورت ۽
سادي ٻوليءَ هن کي موهي وڌو ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ
۾ جهلي ساري ڪهاڻي کيس ٻڌايائين.
راجبالا ڪهاڻي ٻڌي، رڙ ڪري چيو ته ”سائين! تو مون
کي منهنجي لائقيءَ کان بيحد وڌيڪ ملهه ڏيئي ورتو
آهي، مگر هاڻي هتي ترسڻ سان توکان ويهه هزار ڪٿان
گڏ ٿيندا. اسان کي هتان ڀڄي هلڻ گهرجي. مان
ڇوڪراڻو ويس ڪنديس ۽ اسين ائين ڏيکارينداسين ته
پاڻ ۾ سـَنڍُو آهيون. اسان کي جلد کان جلد هتان
نڪرڻ گهرجي. اسين جيترو جلدي ڪنداسون، اوترو ئي
ترت انهيءَ منحوس صراف کي ويهه هزار موٽائي ڏيئي
سگهنداسون.“
انهيءَ ئي رات راجبالا مرداڻو ويس ڪيو ۽ جڏهن
محلات ۾ سڀيئي سمهيا پيا هئا، تڏهن اجيتسنگ ۽
راجبالا ٻئي گڏجي محلات کان ٻاهر نڪتا. گهوڙن کي
خرزين چاڙهيائون ۽ سوار ٿي ويشلپور کان نڪري روانا
ٿيا.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، اڌيپور جي راڻي، جڳتسنگ جيئن
پنهنجي گهر جي کـُڏ تي ويٺي پنهنجي شهر کي ڏٺو ته
اوچتو هن هڪڙا ٻه جوان گهوڙن تي سوار شهر جي
دروازي ڏانهن ايندا ڏٺا. هنن جو ڊيل ڊول اڻ ڏٺل
هو، ان ڪري ماڻهو موڪلي کين پاڻ وٽ گهرايائين. هنن
جوانن راڻي کي سلام ڪيو ۽ منجهانئن وڏي ٻڌايو ته:
”اسين راجپوت آهيون، منهنجو نالو اجيتسنگ آهي ۽
منهنجي سالي جو نالو گلابسنگ. اسين نوڪريءَ ۾ تلاش
نڪتا آهيون ۽ قدرت اسان کي توهان جي درٻار ڏانهن
وٺي آئي آهي.“
راڻو نوجوان راجپوت جي ساديءَ گفتار مان ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ هنن ٻنهي جوانن کي پاڻ وٽ اجهو ڏنائين ۽ حڪم
ڪيائين ته روزانو هنن کي پنج رپيا کاڌي خرچ لاءِ
ڏنا وڃن. شروع ۾ اجيتسنگ ۽ راجبالا آڌرڀاءُ تي
ڏاڍا سرها ٿيا، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته
هنن ڏٺو ته صراف جي قرض کان نجات جا آثار نظر ڪين
ٿا اچن. هو اڌيپور ۾ سانوڻ کان ٿورو اڳ پهتا.
مينهن جي مند جلد گذري ويئي ۽ دسهڙو اچي پهتو، مگر
هو پنهنجي روزانه جي ڀـَتي مان ڪجهه به نه بچائي
سگهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اها رقم کاڌي ۽ ڪپڙي لاءِ مس
پوري هئي.
هڪ ڏينهن راڻي جڳتسنگ، هميشه جي دستور موجب دسهڙي
جي شڪار جي تياري ڪئي ۽ دسهڙي واري ڏينهن شڪار تي
نڪتو. ان سان گڏ گلابسنگ ۽ اجيتسنگ به ويا. هو
جيئن رستي تان ويا پئي ته هڪ پيادو شخص ڊوڙندو وٽن
۽ اچي خبر ڏنائين ته هڪ شينهن ۽ ڪجهه هرڻ پريان
ڏسجن پيا. راڻي هڪدم ويچاريو ته ڇو نه شينهن جو
شڪار ڪجي ۽ پوءِ هڪل ڪري چيائين ته ”دسهڙي جي
ڏينهن شينهن جو شڪار بلڪل موزون آهن”.۽ پوءِ
هاٿيءَ تي سوار ٿي ۽ پنهنجن اميرن سان انهيءَ هنڌ
پهتو. شڪار تي ٽن پاسن کان گهيرو ڪيو ويو ۽ شينهن
کي سوڙه مان ڌڪيلي، جتي راڻو جڳتسنگ انتظار ۾ بيٺو
هو، اتي آندائون. اميرن ٻين پاسن کان گهيرو ڪيو.
هڪ هيبتناڪ شينهن هڪدم راڻي تي حملو ڪيو ۽ راڻي جي
هاٿيءَ تي ڪاهه ڪيائين ۽ اهڙو ته خوفناڪ منظر هو
جو راڻي جو خوف ۽ هراس وچان تير ۽ ڪمان پٽ تي ڪري
پيا. وحشي درندي، هاٿيءَ جي سونڊ تي ڇال ماري ڳپل
ماس جو پٽي ورتو، ۽ وري ٻيو حملو ڪيو. هاٿي سور ۽
زخم کان بيحال ٿي ڪرڻ تي هو ته گلابسنگ، اجيتسنگ
کي، راڻي جي مدد لاءِ رڙ ڪئي. فقط آواز جي دير
هئي. اجيتسنگ هڪدم گهوڙي تي سوار ٿي تيز رفتاريءَ
سان شينهن کي تيز ڀالو آرپار لنگهائي وڌو ۽ شينهن
زمين تي ڪِري پيو. انهيءَ کان اڳ جو هو ساهه کڻي
وري اُٿي، گلابسنگ پنهنجي تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان
هن جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. اُنهيءَ کان پوءِ
گهوڙي تان هيٺ لهي، شينهن جا ڪن ۽ چنبا ڪپي خرزين
۾ وجهي، تيز رفتاريءَ سان گهوڙي کي هڪليندو پنهنجي
مڪان تي اچي پهتو.
راڻي جو موت جي منهن مان هن طرح بچڻ ڄڻ ته هڪ
معجزو هو. هو پوءِ ٻئي هاٿيءَ تي سوار ٿيو، ۽
پنهنجي اميرن کي چوڌاري بيهاري پڇيائين ته اهو ڪير
هو، جنهن شينهن کي ماريو؟ ڇو ته گلابسنگ جو اچڻ ۽
موٽڻ جهٽ پٽ ٿيو هو ۽ راڻو هن کي سڃاڻي نه سگهيو
هو. هر هڪ امير اهوئي رايو ڏيکاريو ته ’مون ئي اهو
سورهيائيءَ جو ڪم ڪيو آهي.“ مگر راڻو ڪنڌ ڌوڻي،
پنهنجي هاٿيءَ تي چڙهي اچي محلات ۾ پهتو.
محلات جي در وٽ پهچي، پنهنجي اميرن کي حڪم ڪيائين
ته سڀ سندس ڀر وٽان لنگهن، جو هن جو خيال هو ته
پنهنجي بچائيندڙ کي ڏسندو ته ضرور سڃاڻي وٺندو.
جڏهن گلابسنگ هن جي سامهون لنگهيو، تڏهن راڻي هن
کي سڃاڻي ورتو ۽ سڏ ڪري چيائين ته، ”اُهو راجپوت
تون آهن، جنهن شينهن کي ماري منهنجي جان بچائي.“
گلابسنگ ادب سان جواب ڏنو: ”جيئندا قبلا! جيئن
توهان سمجهو ٿا، تنهن ئي شينهن کي ماريو آهي.“
راڻو اهو ٻـُڌي منجهي پيو ۽ پڪ ڪانه ٿيس ته ڪو
منهنجو گـُمان ٺيڪ آهي. مگر اجيتسنگ اچي کليو ۽
چوڻ لڳو ته: ”غريب پرور! جنهن به شينهن کي ماريو
هوندو، تنهن ضرور ان جا چنبا ۽ ڪـَن پاڻ وٽ
شاهديءَ لاءِ رکيا هوندا.“ راڻي ڪاوڙ مان هن جي
طرف نهاريو ۽ چيائين ته: ”ڪن هجن يا نه، چنبا هجنس
يا نه، مگر تو ته شينهن نه ماريو آهي.“ اجيتسنگ
لڄي ٿيو ۽ چيائين ته: ”مون ته ڪونه ماريو آهي. مگر
جنهن به ماريو آهي، تنهن وٽ ان جا چنبا ۽ ڪن ضرور
هوندا.“
انهيءَ کان پوءِ راڻي کي يادگيري آئي ته اجيتسنگ ۽
گلابسنگ پاڻ ۾ سالا ڀيڻويا آهن، تنهنڪري گلابسنگ
کي حڪم ڪيائين ته: ”جيڪڏهن هن وٽ ڪن ۽ چنبا آهن ته
ظاهر ڪري.“ گلابسنگ گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجي
خرزين مان شينهن جا چنبا ۽ ڪن ڪڍيائين ۽ ادب سان
راڻي جي سامهون رکيائين. راڻي خوشيءَ وچان گلابسنگ
جي سورهيائي ۽ حياءَ جي تعريف ڪئي ۽ هن کي سندس
بهادريءَ جي عيوض هڪ چوغو عطا ڪيائين. اجيتسنگ کي
پنهنجي دربانن جو مهندار مقرر ڪيائين ۽ گلابسنگ کي
پنهنجي شاهي محلات جي چارج ڏنائين. هنن کي شاهي
بخشش کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه هو، مگر
هنن ٻنهي کي هن قسم جي مستقل جدائيءَ تي بيحد صدمو
رسيو.
سانوڻ گذريو سيارو آيو، پر صراف وارن ويهن هزارن
جي ادائگيءَ جو ڪو به امڪان نظر نٿي آيو. هڪ ڏينهن
شام جو هڪ زبردست طوفان لڳو. گلابسنگ ان وقت
راجائي محلات جي حاضريءَ تي هو ۽ اجيتسنگ راجا سان
گڏ هو. راجا اجيتسنگ کي آرام ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽
پاڻ راڻيءَ وٽ وڃي آرامي ٿيو. ان وقت ويچارو
گلابسنگ، جو محلات جي ڊيوٽيءَ تي هو، مينهن جي
پاڻيءَ ۾ پـُسيل، ٿڌ ۾ پريشان ۽ اٻاڻڪو هو. هو ان
وقت پاڻ کي وندرائڻ لاءِ هيءَ مصرع ڳائي رهيو هو:
”لــٿـو آهـي مـيـنـهن، ڏاڍا اوهـيرا ڪري،
دريـا جـو ڌمـچـر، ٻــُـڌجـي پــيــو پــري،
کِوڻيون خوب کِون ٿيون، طوفان زور ڀري،
انــدر بـاهه ٻـري، جـدائـي جـانـب کـان.“
اجيتسنگ گلابسنگ جو راڳ ٻـُڌي ورتو ۽ جيئن هو گهر
ڏانهن پئي ويو، تيئن هن جا لفظ پڙاڏي وانگر هن جي
دل تي پئي ٻـُريا ۽ پل کن ۾ هـُن به وراڻيءَ ۾
هيءُ راڳ آلاپيو:
”مـنصف آهي مالڪ، بيشڪ پاڻ خدا،
تـوڙي ڌرتـي نـنـڊ ۾، جـاچي پاڻ سدا،
شـايـد اڳ جنم ۾، ڪيم ڪم ڪـُڌا،
جنهنڪري جـُدا_گهارڻ پيون هي گهڙيون.“
گلابسنگ جڏهن اهو جواب ٻڌو، تڏهن ٿڌو ساهه ڀري
جهونگاريائين ته:
”قسمت پنهنجيءَ ۾ آ_قصو هِي سارو،
ڪونهي ڪو چارو_سـوا ڀوڳڻ ان جي.“
هاڻي ڇا ٿيو جو راڻي، جيڪا تمام چالاڪ ۽ هوشيار
هئي، تنهن جڏهن اهي ٻئي مصرائون ٻڌيون، تڏهن
بادشاهه کي چيائين ته اهي توهان جي دربانن جا
مهندار پاڻ ۾ زال مڙس آهن ۽ جيڪو توهان جي محلات
جي مٿان چوبدار آهي اُها يقيناَ َ عورت آهي. راڻي
کِلي ڪنڌ ڌوڻندي چيو: ”نه نه هو پاڻ ۾ سالو ڀيڻويا
آهن.“ راڻيءَ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان صحيح
هجو، مگر اسان کي آزمائڻ گهرجي ته توهان جي خيال
مطابق مرد آهي يا منهنجيءَ راءِ موجب زال آهي.“
راڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ راجا قاصد موڪلي ٻنهي
راجپوتن کي گهرايو، پر جڏهن هو آيا ۽ نمسڪار ڪري
بيٺا، تڏهن راجا ڏانهن گهوري چيو ته: ”گلاب ۽
اجيت، مون کي هڪدم ٻڌايو ته توهان مان هڪ عورت ته
ناهي؟“ هيءَ ڳالهه ٻڌي ٻئي ڊڄي ويا ۽ اکر به ڪونه
ڪڇيائون. انهيءَ تي راجا وڌيڪ تِکو ٿي پڇين ته:
”جواب ڇو نٿا ڏيو؟“ هنن جو منهن لعل ڏسي، وري نرم
لهجي ۾ چوڻ لڳو: پنهنجي اصليت ٻڌائڻ ۾ نه ڊڄو.
جنهن منهنجي جان بچائي آهي، انهيءَ لاءِ مان
خوشيءَ سان پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ لاءِ تيار
آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي، اجيتسنگ ۾ ٿوري جرئت آئي ۽
راڻي کي شروع کان وٺي آخر تائين سڄي ڪهاڻي
ٻڌايائين.
راڻي جواب ۾ ڪي ڪين ڪڇيو ۽ هڪ ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو
ته گلابسنگ کي ڇوڪريءَ جا ڪپڙا پهرائي آڻي. ٻئي
ڏينهن هن پنهنجي خزانچيءَ کي حڪم ڪيو ته اجيتسنگ
کي 20 هزار رپيا ۽ جيڪي ان تي وياج ٿيو هجي،
انهيءَ سميت رقم ڏني وڃي. جوان کي اڃا مس رقم ملي
ته هو پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي فوراََ جيسلمير
پهتو. اُتي پهچڻ کان پوءِ، هو صراف وٽ ويو ۽ وڃي
هن کي قرض ادا ڪيائين، جنهن کي ورتي پورو هڪ سال
ٿي ويو هو ۽ جنهن جو ٻـُڍي صراف ڪجهه ڏينهن کان
آسرو لاهي ڇڏيو هو. هو پنهنجي دل کي اها تسلي
ڏيندو ٿي رهيو ته انهيءَ رقم کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ
اجيتسنگ جي پيءُ سان جيڪو هن جو وهنوار هوندو هو،
انهيءَ مان حاصل ڪري چڪو هو. مگر جڏهن اجيتسنگ کان
وڃايل رقم موٽي مليس، تڏهن بيحد گهڻو خوش ٿيو.
صراف کي پئسا ڏيئي، اجيتسنگ هوا وانگر تکو موٽي
اڌيپور پهتو ۽ ان لاءِ ٿورو مڃيندي راڻي جي پيرن
تي ڪِري پيو. ان کان پوءِ راجا راجبالا کي سڏايو ۽
رسمن موافق هن کي ”پرن رڪشا“ يا حياتي بچائيندڙ
ديويءَ جو لقب ڏنائين، جنهن نالي سان هوءَ ساري
اڌيپور ۾ مشحور ٿي ويئي. ان کان سواءِ کيس هڪ وڏي
جاگير ۽ هڪ رهڻ لاءِ عاليشان محلات ڏنائين. انهيءَ
ڏينهن کان اجيتسنگ ۽ راجبالا انهيءَ ۾ رهڻ لڳا.
ليڪن هاڻي راڻي جي تلوار مياڻ اندر هئي ۽ اڳي
وانگر مياڻ مان ڪڍي پاسي ۾ رکڻ بند ڪيائين، جا
ٻنهي محبت جي متوالن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکندي هئي.
5_ دود ۽ چنيسر
ڪنهن زماني ۾ روپا شهر ۾، ڀونگر نالي هڪ وڏو حاڪم
راڄ ڪندو هو. هو سومرا قوم جو فرد هو۽ سڄيءَ سنڌ
جو مڃيل حاڪم هو. هو هڪ دفعي شڪار تي ويو ۽ لاهر
قوم جي هڪ حسين ڇوڪري ڏٺائين، جا اُن وقت پنهنجي
ماڙيءَ جي دريءَ مان ٻاهر نهاري رهي هئي. توڙي جو
بادشاهه ڇوڪريءَ کي گهڙي پلڪ لاءِ ڏٺو هو، پر ڏسڻ
سان ئي سندس دل ۾ گهڙي ويئي. جڏهن بادشاهه واپس
پنهنجي محلات ۾ پهتو، تڏهن پنهنجي وزيرن کي گهرايو
۽ انهيءَ واقعي جو احوال ٻڌايو ۽ اهو اظهار ڪيائين
ته يا هو ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو يا مرڻ پسند
ڪندو. وزير کِلي چوڻ لڳا ته: ”بادشاهه کي مرڻ جي
ڪا ضرورت ناهي. اوهان سان شادي ڪرڻ تي ڪا به لاهر
ڇوڪري اَرهي ڪانه ٿيندي.“ ان کان پوءِ بادشاهه جا
وزير ان ڇوڪريءَ جي مائٽن سان مليا ۽ واعدي مطابق
بادشاهه جي شاديءَ جو بندوبست ڪيائون.
شاديءَ کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي انهيءَ لاهر
زال مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو چنيسر رکيائين.
ڀونگر بادشاهه کي سومري خاندان مان به هڪ زال هئي،
جنهن کي به ان وقت ڌاري هڪ نياڻي ڄائي، جنهن جو
نالو ڀاڳي رکيو ويو. ان کان هڪ سال پوءِ بادشاهه
کي ان سومري راڻيءَ مان هڪ پـُٽ ڄائو، جنهن جو
نالو دودو رکيائين.
وقت گذرندو رهيو، چنيسر ۽ دودو وڌي جوان ٿيا.
بادشاهه چنيسر جي شادي هڪ لاهر نينگريءَ سان ڪرائي
۽ دودي کي پنهنجي ڏاڏي پوٽي شهزادي پرڻائي. چنيسر
کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ننگر رکيو ويو ۽ دودي کي
نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ڪاويل رکيو ويو.
هڪڙي ڏينهن بادشاهه ڀونگر پنهنجي لاهر راڻيءَ وٽ
ويٺو هو ته راڻيءَ نهايت ئي مغمور ٿي چيو ته:
”بادشاهه سلامت! توهان جي مهربانين جي اظهار لاءِ
مون وٽ لفظ ڪونهن، نڪي مان پنهنجي خوشنصيبي بيان
ڪري سگهان ٿي، جا توهان وٽ نصيب ٿي اٿم. پر مون کي
هڪ خطرو رهي ٿو، اهو هيءُ ته توهان جي وفات کان
پوءِ سومرا مون کي ۽ منهنجي پٽ چنيسر کي محلات مان
ڪڍي ڇڏيندا ۽ ڪنهن جهنگ ۾ کڻي ڦٽو ڪندا.“ ڀونگر
بادشاهه جواب ڏنو ته: ”نه منهنجي پياري! تون
دلجاءِ ڪر. مان ننگر ۽ ڪاويل جي شادي ڪرائي ٿو
ڇڏيان ۽ ان کان پوءِ سومرا توکي ٻاهر ڪڍڻ جي جرئت
نه ڪري سگهندا.“ ان ئي ڏينهن، بادشاهه پنهنجي
ننڍڙن پٽن جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو.
ان واقعي کان ڳچ مهينا پوءِ، ڀونگر بادشاهه بيمار
ٿي پيو ۽ مري ويو. ان وقت سنڌ ۾ هيءُ رواج هو ته
جيستائين نئين بادشاهه جو انتخاب نه ٿيو آهي،
تيستائين مئل بادشاهه کي دفن نه ڪيو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح سنڌ جو تخت ڪڏهن به خالي نه رهندو هو.
ليڪن جنهن وقت نئين بادشاهه جي چونڊ لاءِ سنڌ جا
ماڻهو گڏ ٿيا ته ڪنهن به ڳالهه تي متفق نه ٿي
سگهيا. ڪي سومرا چوڻ لڳا ته بادشاهه جو حقيقي وارث
دودو آهي، ڇو ته بادشاهه کي سومري راڻيءَ مان ڄائو
هو. ٻين سردارن وري راءِ ڏني ته نه، حقيقي وارث
چنيسر آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دودي کان اڳ ۾ ڄائو هو.
آخرڪار وزير بارن چيو ته ”جيڪڏهن سومري جو ئي
انتخاب ڪرڻو آهي ته پوءِ حقيقي حڪومت جي وارثياڻي
ڀاڳي آهي، جا بادشاهه جي نياڻي آهي ۽ دودي کان به
اڳ ڄائي آهي. هاڻي اهو فيصلو انهيءَ تي ڇڏڻ گهرجي،
چاهي هوءَ تخت دودي کي ڏئي يا چنيسر کي ڏئي.“ اها
رٿ سومرن سردارن کي به وڻي، ڇو ته هنن کي يقين هو
ته هوءَ تخت جو مالڪ پنهنجي سڳي ڀاءُ دودي کي
بڻائيندي ۽ نه چنيسر کي، جو پئيتو ڀاءُ اٿس. اهو
فيصلو ڪري وزير بارن ڀاڳيءَ کي لکيو ته هوءَ تخت
جي وارثياڻي آهي، ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق جنهن کي
وڻيس، تنهن کي تخت ڏئي. پر ڀاڳي دودي جي ڀيٽ ۾
چنيسر سان وڌيڪ پيار ڪندي هئي. جواب موڪليائين ته
هوءَ چنيسر جي حوالي تخت ڪرڻ چاهي ٿي. اهو ٻڌي
سومرن غصي ۾ چپن کي چڪ پئي وڌا، ليڪن ڪري به ڇا ٿي
سگهيا. هنن خود اها رٿ قبولي هئي، تنهنڪري لاچار
چنيسر کي گهرايائون.
جڏهن چنيسر آيو ۽ اچي ڏٺائين ته سومرن سردارن جا
منهن لٿل آهن، تڏهن پاڻ ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ چوڻ لڳو
ته مون کي پنهنجي ماءُ راڻيءَ کان صلاح پڇڻ گهرجي.
جيڪڏهن هن جي مرضي هوندي ته پوءِ آءٌ تخت قبول
ڪندس.“ چنيسر ائين چئي، درٻار ڇڏي پنهنجي ماءُ وٽ
ويو ۽ عرض ڪيائين ته: ”امان! ٻڌاءِ ته سومرن جي
هوندي مان تخت تي ويهان؟“ سندس ماءُ اهو ٻڌي، هن
کي مٿي کنيو ۽ فخر سان هن جي ڪـُلهي تي هٿ رکي
چيائين ته: ”منهنجا پٽ! ڪنهن جي به پرواهه نه ڪر.
بخت تنهنجي طرف آهي، تخت تي ويهه ۽ سومرن جو
مقابلو ڪر.“
جڏهن چنيسر درٻار ڇڏي ٻاهر نڪتو هو، تڏهن ان وقت
سومرن سردارن کي ڏاڍي کِل آئي ۽ نفرت سان چوڻ لڳا
ته ”هي ته بهترين بادشاهه پيو ڏسجي. ماءُ کان پڇڻ
بنا تاج به ڪونه ٿو پهري.“ ان کان پوءِ، دودي کي
سڏائي، وڏي ڌام ڌوم سان، دهل دمامن سان روپا شهر
مان گشت ڪرائي، کيس پنهنجو بادشاهه ظاهر ڪيائون.
دهلن جو آواز جڏهن چنيسر جي ماءُ جي ڪنن تي پيو،
تڏهن هن نوڪرياڻي ٻاهر موڪلي ان جو سبب معلوم
ڪرايو. نوڪرياڻي موٽي اچي ٻڌايو ته سومرن سردارن
دودي کي بادشاهه بڻايو آهي، ڇو ته چنيسر ماءُ جي
رضا کان سواءِ تخت تي ويهڻ جي جرئت نٿو رکي. اهو
ٻڌي، لاهر راڻيءَ جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ غصي
۾ چنيسر کي چوڻ لڳي ته: ”بيشڪ سومرا سردار درست
آهن، مون سمجهيو ٿي ته مون پٽ ڄڻيو هو، پر تون ته
ڌيءَ ثابت ٿئين. هاڻي توکي چرخي وٽ عورتن سان گڏ
ويهي ڪتڻ گهرجي.“ چنيسر جي زال کي به مڙس جي تخت
وڃائڻ واري ڳالهه بيحد غصي ۾ وجهي ڇڏيو. هوءَ چوڻ
لڳي ته: ”ڇا جو، هي ته چرخي هلائڻ لائق به نه آهي.
هن کي ڪـُلهن تي چادر رکي ٻڪريون ۽ رڍون
چارائجنس.“ چنيسر کي هنن طعنن ۽ ٺٺولين سخت
ڪاوڙايو. هو اُٿي چوڻ لڳو ته: ”هڪڙي ڏينهن اوهان
پنهنجي چيل لفظن تي پشيمان ٿيندوء.“ ائين چوندي هو
جلدائيءَ سان گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ دودي ڏانهن
چوائي موڪليائين ته، ”سنڌ جي حڪومت منهنجي آهي.
اها مون کي موٽائي ڏي. نه ته مان انصاف وٺڻ لاءِ
دهليءَ جي بادشاهه علاءُ الدين ڏانهن ويندس.“
جڏهن دودي کي اهو پيغام پهتو، تڏهن هن جي دل ۾
نرمي پيدا ٿي ۽ هن سڀني سردارن کي گهرائي چيو ته:
”چنيسر هيءَ ڌمڪي موڪلي آهي. آخر هو منهنجو وڏو
ڀاءُ آهي ۽ سندس پٽ جو منهنجي نياڻيءَ سان مڱڻو
ٿيو آهي. هن کي ڪاوڙ ۾ دهليءَ وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽
تخت کيس ڏجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان سنڌ کي تباهيءَ
کان بچائي سگهبو ۽ اسان ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي همدردي
وڃائينداسون.“ پر سومرا سردار غصي ۾ اچي چوڻ لڳا
ته: ”بادشاهه سلامت! ائين نه ٿيندو، بادشاهي توکي
هلائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي، ته انهيءَ لاءِ ته اها
خيرات ۾ ڏيئي ڇڏ. جيڪڏهن هن کي خيرات جي ضرورت آهي
ته کيس ڍڳا ڍور ڏيئي ڇڏ.“ اهو جواب ٻڌي دودو خاموش
رهيو. اهو جواب ۽ سردارن جي دودي کي ڏنل صلاح جڏهن
چنيسر کي پهتي، تڏهن هن گهوڙي تي لانگ ورائي ۽ سڌو
دهليءَ رخ ڪيو.
جيئن نوجوان شهزادو مغموم حالت ۾ گهوڙي تي اوڀر
طرف وڃي رهيو هو، ته هن هڪ ٻڪرار ماٿريءَ ۾ ستل
ڏٺو. پريان ٿوري پنڌ تي ڏٺائين ته ٻڪرين جا ڌَڻ
چـَري رهيا هئا، جن جي پٺيان هڪ ٻڪرار جي لٺ
پنهنجو پاڻ هلي رهي هئي ۽ رولو ۽ ڌار ٿي ويندڙ
ٻڪرين کي هلندي پيئي هلي. ٻڪرار جي مٿان کان مياڻ
۾ سندس تلوار رکيل هئي. چنيسر سوچڻ لڳو ته جنهن
صـورت ۾ ٻـڪـرار
جي لٺ ۾ ايترو جادو آهي، تنهنڪري سندس تلوار ۾ ته ان کان به
وڌيڪ جادو هوندو. او سن جي چورائڻ لاءِ ستل ٻڪرار
جي مٿي ڏانهن آهستي آهستي هلڻ لڳو. بس هن اڃا ٻه
قدم مس کنيا هوندا ته خوف هن کي سـُڪائي ڇڏيو.
جڏهن ڏٺائين ته تلوار خودبخود اڀي ٿي هن ڏانهن ٽپا
ڏيئي هلڻ لڳي. هو بي اختيار دانهون ڪرڻ لڳو: ”اڙي
ٻڪرار! اڙي ٻڪرار! پنهنجيءَ تلوار کي پڪڙ.“ رڙين
تي ٻڪرار جاڳي پيو ۽ هڪدم وڃي تلوار کي پڪڙيائين.
تنهن کان پوءِ چنيسر ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته:
اي موچارا جوان! تو ضرور منهنجيءَ لٺ کي يا تلوار
کي چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، جنهنڪري تلوار توتي
حملو ڪيو آهي. چنيسر پنهنجو ڏوهه مڃيو ۽ چيو ته
مون واقعي هن تلوار چورائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر
ساڳئي وقت هن وڌيڪ چيو ته ”اي ٻڪرار! مون کي
پنهنجي تلوار ڏي، ڇو ته مون کي ان جي سخت ضرورت
آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، ٻڪرار پڇيو ته: ”تون ڪير
آهين؟“ چنيسر سوال جو جواب فخر سان ڏنو: ”مان
بادشاهه ڀونگر سومري جو پٽ آهيان.“ ٻڪرار چيو ته:
”ڪهڙو پٽ؟ چنيسر يا دودو؟ ڀانيان ٿو ته تون مـَمِي
چنيسر هوندين، (ڇو ته سومرن سردارن هن کي اهو نالو
ڏنو هو)، ڇاڪاڻ ته دودو ته تخت تي ويٺو آهي.“
چنيسر وراڻيو: ”هائو، مان مـَمِي چنيسر آهيان ۽ ان
ڪري ئي تنهنجيءَ تلوار جي ضرورت آهي.“ ٻڪرار چيو:
چڱو! مان توکي پنهنجي تلوار اڌاري ڏيان ٿو، پر
جڏهن تون هي رستو وٺي موٽندين، تڏهن اها توکي ڇڏي
مون وٽ واپس ايندي.“ ان کان پوءِ ٻڪرار پنهنجي
تلوار چنيسر کي ڏني ۽ چنيسر اها وٺي دهليءَ روانو
ٿيو. هو شهر جي دروازي کي ويجهو پهتو، تڏهن هڪ
رخشش هن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو. چنيسر گهوڙي تان
ٽپو ڏيئي لهي پيو ۽ ميان ماڻ جادوءَ واري تلوار
کي ڪڍندي هڪ ئي ڌڪ سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.
ان کان پوءِ چنيسر شهر ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو وزير وٽ
وڃي بادشاهه سان ملاقات جي موقعي لاءِ عرض ڪيائين.
وزير چيس ته بادشاهه توسان دهليءَ ۾ ڪونه ملندو، ۽
گڏوگڏ هي به چيائينس ته: ”هڪ ڳالهه آهي ته بادشاهه
سال ۾ فقط هڪ دفعو جمعي جي مقرر ڏينهن تي شينهن جي
شڪار لاءِ نڪرندو آهي ۽ اهو جمعو هاڻ ويجهو آهي.
ان ڏينهن جڏهن بادشاهه ٻاهر ايندو، تڏهن توکي وٽس
پيش ڪندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڪو پهه
ڪيائين ته ان ڏينهن شڪار ۾ دليري ڏيکاري بادشاهه
جو جس کڻندس.
ان ڏينهن صبح جو سوير، بادشاهه شينهن جي شڪار لاءِ
نڪتو ۽ پاڻ سان هزارين سپاهي به کنيائين، ڇو ته
شينهن جو شڪار هڪ جوکائتو ڪم هو. چنيسر وزير وٽ
ويو ۽ پڇيائينس ته: ”بادشاهه هڪڙي شينهن جو شڪار
ڪندو آهي يا گهڻن جو؟ ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ هڪ
شينهن جو مقابلو هڪ مرد ڪندو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي،
وزير ڪو به جواب ڪونه ڏنو ۽ کيس بادشاهه وٽ وٺي
ويو ۽ هن جا لفظ ان کي ٻڌايائين. بادشاهه، چنيسر
کي چتائي ڏٺو ۽ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته چنيسر
پنهنجي لفظن کي ضرور پاڻي ڏيندو، ۽ کيس اهو ثابت
ڪري ڏيکارڻو پوندو ته هو سنڌ ۾ شينهن جو شڪار ڪيئن
ڪندا آهن. جيڪڏهن مـُئو ته سندس غلطي آهي ۽ جي
شينهن کي ماري ٿو وجهي ته هن لاءِ وڏو انعام آهي.“
چنيسر اِها ڳالهه قبول ڪئي.
جڏهن سوارن جي ٽوليءَ شينهن کي ڳوليندي ڳوليندي هڪ
کڏي ۾ کيس ڏٺو، تڏهن چنيسر گهوڙي تان لهي، ٻڪرار
واري تلوار هٿ ۾ کڻي شينهن ڏانهن اڪيلو هلڻ لڳو.
هو اڃا ان کي ٿورو ويجهو ٿيو ته شينهن وڏيءَ جلهه
سان وار ڪيو، پر هو ٽپو ڏيئي پاڻ بچائي ويو. ان
کان پوءِ وڏي ڦڙتائيءَ سان جادو واريءَ تلوار سان،
شينهن کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.
بادشاهه چنيسر جي بهادري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي
کيڪاريندي چيائين ته ”هاڻي پنهنجو انعام گهـُر.“
اِتي چنيسر پنهنجي سڄي ڳالهه هن کي ڪري ٻڌائي ته
ڪهڙيءَ طرح کيس تخت مليو ۽ ڪيئن سومرن سردارن کيس
سنڌ مان لوڌي ڪڍيو. هِن رڙ ڪري چيو ته: ”اي دنيا
جا رکپال! مون کي انعام پنهنجي سنڌ جي تخت جو موٽي
ملڻ جو گهرجي.“ انهيءَ تي علاءُ الدين ورندي ڏنيس
ته ”توکي اهو ضرور ملندو.“ ان کان پوءِ چنيسر لاءِ
سنڌ فتح ڪرڻ جي نيت سان وڏو لشڪر تيار ڪيو ويو.
افغانن جو لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ جڏهن اهو
اتان اچي لنگهيو، جتي اُهو ٻڪرار رهندو هو، تڏهن
ان ٻڪرار جي چوڻ مطابق سندس تلوار چنيسر کي ڇڏي،
مالڪ ڏانهن موٽي آئي. چنيسر کي ٿورو افسوس ٿيو،
مگر هو علاءُ الدين جي لشڪر سان گڏ هليو. آخر
علاءُ الدين جي لشڪر دودي جي شهر، روپا جي ٻاهران
اچي خيما کوڙيا.
جڏهن سومرن سردارن پنهنجي شهر جي ٻاهران هيڏو سارو
لشڪر ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا ۽ چنيسر جي پٽ ننگر کي
سفير بڻائي موڪليائون ته وڃي بادشاهه کي عرض ڪري
ته جيڪڏهن هو پنهنجي لشڪر سميت امن سان اتان ئي
واپس دهليءَ موٽي ته سندس لشڪر جي اچ وڃ جو سمورو
خرچ به ڀري ڏنو ويندو ۽ سنڌ جو تخت به چنيسر جي
حوالي ڪيو ويندو. بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ ورندي ڏنائين ته: ”فقط چنيسر کي تخت تي
ويهاريو، مان توهان کان ڪا به ڍل ڪانه وٺندس.“ پر
چنيسر جي مرضي هئي ته سندس دشمنن کي وڌيڪ نِوايو
وڃي. سو چيائين ته: ”عالم جا محافظ! مون کي تخت
وٺي ڏيارڻ سان گڏ خود اوهان کي به دودي کان تحفو
وٺڻ گهرجي. اوهان کي منهنجي ڀيڻ ڀاڳيءَ جو پاڻ
لاءِ سڱ وٺڻ گهرجي ۽ ائين ڪرڻ سان مان سمجهندس ته
اسان جي دوستي پائدار رهندي.“ بادشاهه علاءُ الدين
چيو ته: ”جيڪڏهن تنهنجي اها مرضي آهي ته آءٌ راضي
آهيان.“ پوءِ ننگر ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته: ”وڃ
۽ سومرن کي ٻڌاءِ ته مان شهزادي ڀاڳيءَ جو سڱ
بادشاهه سان ڪندس، ته جيئن اسان جي دوستي هميشه
قائم رهي.“
پر ننگر جو پيءُ چنيسر وانگر غدار نه هو، تنهن
فوراَ َ بادشاهه کي فخر سان جواب ڏنو ته: ”ڪا به
سومري شهزادي اڄ تائين ڌارئي سان نه پرڻي آهي.
جيڪڏهن توکي ڀاڳيءَ شهزاديءَ سان شادي ڪرڻي آهي،
ته پوءِ توکي ان جو سڱ اسان جي تلوارن سان کٽڻو
پوندو.“ اهو جواب ٻڌي، جوش ۾ علاءُ الدين جو منهن
ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پنهنجي سپاهين کي ننگر کي گرفتار
ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. ننگر شهزادو وڏيءَ بهادريءَ
سان وڙهيو، پر آخر زخمن ۾ چـُور ٿي ڪِري پيو.
چنيسر ان جي لاش کي کڻائي کٽ تي رکيو ۽ روپا شهر
ڏانهن موڪليو. جڏهن شهزادي ڪاويل، جا پنهنجي
مڱيندي ننگر جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهي هئي،
تنهن ڏٺو ته ان جو لاش کٽ تي آندو ويو آهي، تڏهن
هن هڪدم هڪ چکيا تيار ڪرائي ۽ مڙس سان گڏ سڙي خاڪ
ٿي ويئي.
محلات اندر دودي جي راڻي، ڀاڳيءَ کي چئي رهي هئي:
”ڀيڻ! تنهنجي واسطي ڇو اجايو ايترو خون خرابي ٿئي؟
جيڪڏهن تنهنجو ڀاءُ توکي علاءُ الدين بادشاهه جي
حوالي ڪري، ته جيڪر سموري خون خرابي بند ٿي وڃي.“
اها ڳالهه ٻڌي، ڀاڳي دودي وٽ ويئي ۽ چيائينس ته:
”ادا، اوهان منهنجي ڪري لڙائي نه ڪريو ۽ مون کي
کڻي علاءُ الدين جي حوالي ڪريو.“
دودي سڀني سومرن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن سوال ڪيو ته:
”اوهان سوچي ويچاري ٻڌايو ته سومري سردار کان
سواءِ ڪا به سومري عورت ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي
ڪڏهن ڏني ويئي آهي؟“ سردارن وراڻيو، ”اسان ته ڪڏهن
به اهڙي نه ٻڌي آهي، پر هتي ڀاڳ نالي هڪ فقير آهي،
جنهن کي سومرن بادشاهه جي سورهن پيڙهين جي خبر
آهي، ان کان پڇا ڪري ڏسجي.“
دودي بادشاهه ڀاڳ کي هڪدم درٻار ۾ گهرايو ۽ هن کان
جواب گهريائين. ڀاڳ چيو ته: ”بادشاهه سلامت! سومرن
جي سورهن پيڙهين مان ڪنهن به سومري پنهنجي نياڻي
ڌارين کي نه ڏني آهي.“ دودي اهو جواب ٻڌي چيو ته
”جيڪڏهن اسان جن وڏن ڪڏهن به ائين نه ڪيو آهي ته
آءٌ به هرگز ڪين ڪندس. هاڻي مون کي رڳو اهو ٻڌائي
ته اُها ڪهڙي جاءِ آهي، جتي مان پنهنجي ٻارن ۽
سومرن سردارن جون زالون حفاظت هيٺ رکي سگهان؟“ ڀاڳ
وراڻي ڏني ته؛ ”اَبڙاڻي ڳوٺ ۾ هڪ ابڙو آهي، جيڪو
سومرين جي سنڀال مرڻ گهڙيءَ تائين ڪندو.“ بادشاهه
ڀاڳ کي ان ماڻهوءَ لاءِ خط ڏيئي روانو ڪيو. |