عمر بادشاهه کان اهي نصيحت جا الفاظ سڀ وسري ويا،
جيڪي هن ٿورو وقت اڳ پنهنجي اميرن اڳيان چيا هئا ۽
ٻڪرار جي حسين ڌيءَ جي عشق ۾ ديوانو ٿي پيو.
پنهنجو تيز اُٺ سنڀرائي ۽ مهار هٿ ۾ ڪري اڳيان
سوار ٿي ويٺو. پٺيان اهو دغاباز ڦوڳ ويٺو ته جيئن
مارئيءَ جي ڳوٺ جو رستو ڏيکاري.
مارئي جيئن پنهنجي ساهيڙين سان ڀر واري کوهه تان
پاڻي ڀرڻ ٿي ويئي، ته ڇا ڏسي ته ٻه ماڻهو هڪ اُٺ
تي سوار پيا اچن. مارئي ڏسي ڊڄي ويئي. هوءَ هوند
گهر ڀڄي وڃي ها، مگر سندس سرتين کي انهن ڌارين
ماڻهن کي ڏسڻ جو شوق هو، تن چيس ته ”ڀو نه ڪر. هي
واٽهڙو آهن ۽ توکي ڪو نقصان ڪونه رسائيندا. جڏهن
کوهه وٽ ايندا ته پاڻي گهرندا ۽ اسين انهن کي پاڻي
ڏيئي، کانئن ان جي عيوض خبرون ٻڌنديونسين.“ مارئي
پنهنجي سهيلين جي سمجهائڻ تي هنن سان گڏ کوهه تي
ويئي ۽ ساڳئي وقت عمر جو اُٺ به کوهه وٽ پهتو. ڦوڳ
جي ڀڻڪي ۽ عمر جي اکين سمجهي ورتو ته اِها جيڪا
سندس سامهون بيٺي آهي، سا ئي اُها حسين مارئي آهي.
عمر، اُٺ کي هيٺ جهڪايو ۽ مارئيءَ کان پاڻي گهريو.
هن سادي ڇوڪريءَ پاڻ ڏيڻ ٿي چاهيو ته ايتري ۾ عمر
۽ ڦوڳ هن کي پڪڙي، اُٺ تي ٻـَڌي، پاڻ سان کڻي هليا
۽ اچي عمرڪوٽ ۾ پهتا.
انهيءَ رات عمر، مارئيءَ وٽ ويو ته ڇا ڏسي ته هوءَ
ويٺي روئي ۽ کاڌو ائين هن جي اڳيان رکيو آهي. هن
ريجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ چيائين ته ”مارئي، تون
هاڻي روءَ نه، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي چڪو. هاڻي تون
منهنجي پٽ راڻي ۽ منهنجون ٻيون راڻيون تننهنجون
ٻانهيون ٿي رهنديون ۽ پنهنجي حڪومت جون واڳون
تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.“ مگر مارئي اڃا به وڌيڪ روئڻ
لڳي، ڇو ته هن کي پنهنجو گهر، مائٽ ۽ سندس مڱيندو
کيت ياد ٿي آيا. انهيءَ تي عمر ڪاوڙ مان چيس ته
”مارئي، تون پنهنجي مائٽن ۽ مڱيندي لاءِ ڇو ٿي پاڻ
کي جهورين. اُهي ته جهنگ جا مارو آهن. هتي ته تون
شهزادين تي حڪمراني ڪندينءَ. پنهنجي ڳوٺ ۾ توکي
پرهه ڦٽيءَ اُٿي، ٻڪرين کي ڪاهي جهنگ ۾ وٺي وڃڻو
پوندو هو، پر هت توکي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ محلات جي مزي
کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي.“
مارئي هڪدم جواب ڏنو ته ”تنهنجي راڻين لاءِ اها
وڏي ڳالهه آهي ته برقعا پائي محالت جي چوديواريءَ
۾ گذارين، مگر مون کي آزاد فضا ۾ ۽ کـُليل هوا ۾
رهڻ ٿو وڻي. مون کي ننڍڙن ڇيلن کي هنج ۾ ڪري ٻڪرين
جي ڌڻ سان جهنگ ۾ وڃڻ ۾ لطف ايندو آهي. مون ۾
تنهنجي وڏ گهراڻين راڻين جي ڪا به خاصيت ڪانهي.
انهن کي نازڪ طعام وڻن ۽ منهنجو کاڄ ٻير ۽ جهنگ جو
ڦل آهي. هو جواهر ڳچيءَ ۾ پائين ۽ مان ڳاڙهن مڻين
جو هار پائي، خوش ٿي ٿيان. هو نرم بسترن تي سمهن ۽
آءٌ ٿڌيءَ واريءَ تي ليٽي پوان. هنن جي اڱڻ ۾ نوڪر
ڇڻڪار ڪري، دز کي وهارين ۽ مون کي مينهن جي بوندن
مان مزو اچي. هو پائين پٽ پٽيهر ۽ آءٌ پايان کهـُر
کاڌِي. هو دُهل ۽ بانسري ٻڌي دل وندرائين ۽ منهنجي
روح کي ٻڪرين جي ٻاڪار وڌيڪ مٺي ٿي لڳي.“
عمر وراڻيس ته ”مان توکي دنيا جو بهترين باغيچو
ٺهرائي ڏيندس، جنهن ۾ سونا شمعدان لٽڪيل هوندا،
جنهن ۾ انگور، کجور، ڪيلا، ليما، انجير ۽ سنگتڙا،
ناريل ۽ بادام هوندا ۽ سارو باغيچو ايلاچي ۽ صندل
جي خوشبوءِءَ سان واسيل هوندو.“
مارئي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”عمر بادشاهه!
اهي سڀ نعمتون ٻين لاءِ رک. مون کي منهنجا کليل
ميدان ۽ ماٿريون، جي منهنجي ڳوٺڙي جي چوڌاري پکڙيل
آهن ۽ اُهي ڪانڊيرا ۽ ڏيلهن جا ٻوٽا انهن ٽڪرين ۽
جهنگ جا ٻير ۽ ميوا مون کي موٽائي ڏي.“
عمر گهڻيون ئي راتيون مارئيءَ کي ريجهائڻ ۽ هن جي
قرب حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، مگر هن تي نڪي
عمر جي آزين نيزارين جو، نه ڪي دڙڪن ۽ ڌمڪين جو ڪو
اثر ٿيو. هڪڙي ڏينهن عمر، شهر کان ڪجهه ميل دور هڪ
جهوپڙي ٺهرائي ۽ ڌنارن کي حڪم ڪيائين ته پنهنجو
مال ان جي چوڌاري چارين ته مـَنِ مارئيءَ جي روح
کي اِهو منظر ريجهائي ۽ اُن کي ڏسي مـَنَ مـُرڪي.
مگر مارئي انهن کي ڏسي ڌڪار مان کلي ۽ چيو: ”ادا
عمر، تنهنجي ساري محنت رائگان ويئي. ٻڪريون اُهي
آهن ۽ جهوپڙي به منهنجي ڳوٺ جهڙي آهي، مگر ان ۾
منهنجا مائٽ آڻي ويهارين ها ۽ ٻڪرار منهنجو پرين،
کيت هجي ها، ته انهن کي ڏسي، دل باغ بهار ٿئي ها!“
هڪ ڏينهن، عمر بادشاهه، هڪڙي جـَت کي حڪم ڪيو ته
ملير جي ڪڙمين جهڙي پوشاڪ پائي اچي ۽ مارئيءَ کي
چوائي موڪليائين ته سندس ڳوٺ کان هڪ قاصد سندس
مائٽن وٽان نياپو کڻي آيو آهي ۽ سندس ڪمري ۾ اچڻ
جي اجازت گهري ٿو. مارئيءَ اجازت ڏني، جڏهن هو
اندر داخل ٿيو ته چيائين ”تنهنجي ماءُ مون کي تو
ڏانهن موڪليو آهي ۽ هن جو سنيهو ڌيان سان ٻـُڌ. هن
جو توڏانهن پيغام آهي ته ”منهنجي ڌيءَ، تو ڇو
پنهنجي هٺ ۽ ضد جي ڪري عمر بادشاهه کي ڪاوڙايو
آهي. ساري جڳ کي خبر پهچي چڪي آهي ته هو توکي
ڀڄائي محلات ۾ وٺي ويو آهي، پوءِ ڀلي کڻي تون
باعصمت رهين، ته به ساري دنيا توکي سـَتي نه
سمجهندي. تنهنڪري هن جو پيار نه موٽاءِ.“ مگر
مارئي هيءَ اٽڪل سمجهي ويئي ۽ جيئن هن تيز نظر سان
هن ڪوڙي قاصد کي ڏٺو ته هو هيسجي ويو. مارئيءَ
ڪاوڙ مان چيو ”ڇا جو پيار؟ هتي ڪو به پيار ڪونهي،
پر پيار اهو آهي، جيڪو قدرت ڪنهن جي دل ۾ ٻئي لاءِ
پيدا ڪري. منهنجي مائٽن مان ڪو به اهڙو نياپو، مون
ڏي ڪو نه موڪليندو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جو توکي
لـَبُ آڇي چـَوَرايو ويو آهي.“ جڏهن عمر جي اِها
رت به ناڪامياب ٿي، تڏهن ڪاوڙ مان محلات مان ٻاهر
نڪتو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته مارئيءَ جي مائٽن کان ۽
سندس مڱيندي کان وير وٺي. پر پوءِ ڪجهه وقت لاءِ
مارئيءَ کي مهلت ڏنائين.
انهيءَ وچ ۾، مارئيءَ جي سرتين کان سندس مائٽن کي
خبر پيئي ته هوءَ ڪهڙيءَ طرح کڄي ويئي ۽ پوءِ جڏهن
پتو پين ته ان ڏوهه جو ڏوهاري خود عمرڪوٽ جو
بادشاهه عمر آهي، تڏهن ان جي آزاد ڪرائڻ جو خيال
لاهي ڇڏيائون ۽ سمجهيائون ته هوءَ بادشاهه جي محبت
جي ڄار ۾ ڦاسي ۽ شاهي محالت جي رونق تي موهجي پيئي
هوندي.
مارئيءَ جي قـُرب جو فراقيل کيت، پيرين پيادو هن
جي ڳولا ۾ عمرڪوٽ اچي پهتو ۽ ڏهاڙي نااميديءَ جي
حالت ۾ هن جي محالت جي چوڌاري پئي ڦيرا ڪيائين. هڪ
ڏينهن مارئيءَ هن کي دريءَ مان ڏسي ورتو ۽ اٽڪل
سان هن ڏانهن نياپو ڏياري موڪليائين ته فلاڻي
مشهور ٽڪاڻي وٽ، فلاڻي ڏينهن تي تکي اُٺ سان تيار
بيٺو هـُج. هڪ دفعي جڏهن عمر بادشاهه مارئيءَ کي
ڏسڻ آيو، تڏهن مارئيءَ هن سان واعدو ڪيو ته جيڪڏهن
منهنجي مائٽن ۽ ڳوٺ وارن منهنجي سار نه لڌي ۽ هنن
مون کي ٻارهن مهينن ۾ نه ڇڏايو ته پوءِ آءٌ هميشه
لاءِ تنهنجي ٿينديس. انهيءَ واعدي جي بهاني هن کي
مندر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملي ويئي ۽ انهيءَ ڏينهن
جڏهن کيت کيس ملڻ لاءِ اچڻو هو، مارئي ۽ سندس
ساهيڙيون وڳا ويس ڪري، گڏجي مندر ڏانهن پرارٿنا
لاءِ هليون. اتي پهچڻ سان پالڪين مان لهي، هڪ ٻئي
سان کِلنديون ۽ دِل وندرائينديون پئي ويون ۽ هنن
جو ڌيان انهيءَ غريب جـَت ڏانهن اصل نه ويو، جيڪو
اُٺ وٺيو ڀر ۾ بيٺو هو. هو جڏهن ان جي ويجهو
لنگهيون ته مارئي پنهنجن ساهيڙين کان پاسو وٺي
ڊوڙي وڃي اُن ويٺل اُٺ وٽ پهتي. کن ۾ هوءَ ۽ اوٺي
(سندس مڱيندو کيت) ٻئي ٽِپ ڏيئي اُٺ تي سوار ٿيا.
اُٺ کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ملير ڏانهن رخ رکيائين.
ڇوڪرين پٺيان وٺي واڪا ڪيا ”مارئي، هي ڇا ٿي ڪرين؟
ڇو هڪ ڌارئي ماڻهوءَ سان اُٺ تي سوار ٿي وڃين ٿي؟“
مارئيءَ وراڻي ڏني ته ”عمر کي وڃي چئجو ته مون کي
اُٺ تي کڻي آيو هئين، اڄ آءٌ اُٺ تي چڙهي پنهنجي
ملڪ وڃي رهي آهيان.“
ڇوڪريون موٽي اچي پنهنجين پالڪين ۾ ويٺيون ۽ گهر
پهچي عمر کي سڄي حقيقت ٻڌايائون. عمر سومري، رعيت
جي ڊپ کان مارئيءَ جي آڻڻ لاءِ لشڪر نه موڪليو ته
متان سندس ماڻهو کيس مِهڻو ڏين ته اسان کي نصيحت
ٿو ڪري ته ظلم نه ڪريو ۽ خود پاڻ بي گناهه ماڻهن
سان ظلم پيو ڪري. اهڙيءَ ريت مارئي صحيح سلامت
پنهنجي ڳوٺ پهتي، جتي وڃي پنهنجي سئوٽ کيت سان
لائون لڌائين ۽ ان کان پوءِ ٻيئي باقي حياتيءَ جا
ڏينهن خوشيءَ سان گهارڻ لڳا.
3_ مومل ۽ راڻو
ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾، نند نالي هڪ راجا رهندو هو.
هن وٽ سوئر جو هڪ عجيب ڏند هو، جنهن ۾ اها خاصيت
هوندي هئي ته جيڪڏهن ان کي پاڻيءَ جي ويجهو آڻبو
هو ته پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندو هو. راجا نند ان
ڏاند کي پنهنجي خزاني جي بچاءَ لاءِ ڪم آڻيندو هو.
هو اهو ڏند سڌو سنڌو نديءَ تي کڻي ويندو هو ۽ ڏند
سميت جڏهن پاڻيءَ ۾ گهڙندو هو ته نديءَ جو پاڻي
خشڪ ٿي ويندو هو. اهڙيءَ ريت جڏهن به راجا نند کي
پئسي جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن ڏند کڻي، سنڌو
درياءَ جي ڪپ تي ويندو هو ۽ انهيءَ کي پنهنجي
طلسمي ڏند سان سـُڪائي، پوءِ جيڪي به خزانا هن کي
درڪار هوندا هئا، سي کڻي گهر موٽندو هو. وري جڏهن
ڏند سميت درياءَ مان نڪري ڪناري تي ايندو هو ته
ساڳي ندي اڳئين وانگر وهڻ لڳندي هئي.
هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو هڪ نجوميءَ کي رمل ۽ نجوم جي
علم وسيلي انهيءَ سوئر جي ڏند جي خبر پئجي ويئي.
هو انهيءَ لالچ ۾ اچي ويو ته ڪهڙيءَ طرح سان به
اهو جادوءَ وارو ڏند ضرور هٿ ڪجي. انهيءَ نيت سان
هو هڪ ڏينهن راجا نند جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي
محلات ۾ ويو. راجا نند کي 9 (نـَوَ) ڌِيون هيون،
جن مان مومل بيحد سهڻي هئي ۽ سوم سڀني ۾ سياڻي.
محلات جي ويجهو پهچي، نجومي مڪر ڪري، زور سان وٺي
دانهون ڪوڪون شروع ڪيون، جو هن جي شور تي
راجڪماريون محلات مان نڪري آيون. بدقسمتيءَ جي
ڳالهه وري اهڙي جو سومل، جا هوند انهيءَ نجوميءَ
جو مِکر سمجهي وڃي ها، سا راجا نند سان ٻاهر ويل
هئي. سو مومل نجوميءَ کي گهرائي هن جي تڪليف جو
سبب دريافت ڪيو. نجوميءَ چيو ته ”آءٌ هڪ نهايت
خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان، جيڪڏهن مون کي
سوئر جو ڏند ملي وڃي ته هوند هن آزار مان ڇـُٽي
پوان.“ مومل کي يادگيري پيئي ته بابا وٽ هڪ سوئر
جو ڏند رکيل آهي، پر ان ڏند جي ڪرامت جي خبر ڪانه
هيس، سو پيءُ جي ڪمري مان اهو ڏند کڻي انهيءَ
اجنبيءَ کي ڏنائين. نجومي ڏند وٺڻ سان هڪدم پاڻ کي
انهيءَ مکريلي بيماريءَ مان ڪي قدر چاڪ ظاهر ڪرڻ
لڳو، ۽ پوءِ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي، جتي راجا نند
پنهنجو خزانو درياءَ جي پيٽ ۾ رکايو هو، اتي پهچي،
خزانو ڪڍي، جنهن دو دراز شهر ۾ وڃي آرام ۽ مزي سان
زندگي بسر ڪرڻ لڳو.
جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ سومل سان گڏ موٽي آيو ۽ خبر
پيس ته مومل سوئر جو ڏند ڪنهن بيمار فقير کي ڏيئي
ڇڏيو آهي، تڏهن اهڙي ته ڪاوڙ آيس جو جيڪر مومل کي
هڪ ئي ڌڪ سان ماري پورو ڪري ڇڏي ها، مگر سومل
سياڻيءَ هن جي دل کي ٺاريو ۽ چيائين ته مون وٽ هڪ
طريقو آهي، جنهن سان مومل ايڏو وڏو خزانو حاصل ڪري
سگهي ٿي، جهڙو هن فقير دولاب ڪري چورايو آهي. پوءِ
ٻئي ڏينهن مومل کي ساڻ وٺي پري ڪنهن هنڌ، سنڌ کان
ٻاهر، ”پاٽ“ يا بيابان ڏانهن ويئي ۽ اُتي پنهنجي
جادوءَ جي زور تي هڪ سهڻو محلات اڏايائين، جنهن جي
چوڌاري ميوي ۽ خوشبوءِ وارن گلن سان هڪ باغيچو کڙو
ڪيائين. باغ جي سامهون هڪ آلَ بازار ٺهرايائين،
جنهن جي چوڌاري ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڪو وڏو ڳاڙهو
درياءُ ٿو وهي، جنهن کي ”ڪاڪ“ جو نالو ڏنائين. آلَ
بازار جي منهن وٽ هڪ سرنگهه رکيائين، جنهن جي اندر
سومل پنهنجي جادوءَ جي زور تي خوفناڪ جانور کـَڙا
ڪرايائين، جن مان گجگوڙون ۽ خوفناڪ آواز پنهنجو
پاڻ پئي نڪتا، طلسمي محلات جي هر هڪ ڪنڊ تي زنجيرن
سان ٻڌل شينهن بيهاريا هئاين ته جيڪڏهن ڪو به
محلات اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري، ان کي ڊيڄاري واپس
موٽائي ڇڏين. جڏهن سومل اهو سارو مانڊاڻ تيار
ڪرايو، تڏهن مومل ۽ سندس ٻانهين کي گهرايائين ته
اچي انهيءَ محلات ۾ رهن ۽ اعلان ڪن ته مومل انهيءَ
سان شادي ڪندي، جيڪو پهرين سرنگهه مان خطرناڪ رستو
پار ڪري، سندس ڪمري ۾ پهچندو.
مومل جي حـُسن جي هاڪ سببان ڪيترا شهزادا ۽ امير
ديسان ديس ڪهي، خزانا ۽ نوڪر ساڻ ڪري، وڏي آس ۽
اُميد سان اُسهيا ته وڃي ٿا انهيءَ سهڻي
راجڪماريءَ کي هٿ ڪريون. پر جيئن ئي اُهي عاشق
ٻاهرئين دروازي تي آيا ٿي ته مومل پنهنجيون
ٻانهيون کين آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۽ دعوت ڏيڻ لاءِ ٿي
موڪليون. اُهي عاشق، انهن ٻانهن جي پٺيان انهيءَ
سرنگهه ۾ گهڙي اچي آلَ _ بازار ۾ پهتا ٿي، جتي ڪاڪ
ندي کين گِهلي وڃي اوجهڙ ۾ ٿي رسايو ۽ پوءِ اُتان
نڪرڻ جا سڀ رستا بند ٿيو ٿي ويا. آخر اِهي عاشق
اتي ڀٽڪي ڀٽڪي مري ويندا هئا ۽ مومل جون ٻانهيون
سندن مال خزانا ۽ جسم جا ڪپڙا به کانئن ڦـُري
وٺنديون هيون.
تن ڏينهن عمرڪوٽ ۾ هـَمير بادشاهه راڄ ڪندو هو، جو
سومري خاندان جو راجپوت هو. هن کي ٽي وزير هئا،
جيڪي هڪ ٻئي سان ڏاڍا قرب ۾ ٻڌل هئا ۽ بادشاهه سان
تمام گهڻو پيارو هوندو هون. بادشاهه جو به ساڻن
ايترو قرب هوندو هو، جو شڪار تي يا جنگ تي هنن کان
سواءِ نه ويندو هو. گهڻو ڪري دنار، شينرو ۽ راڻو،
ٽنهي مان ڪو نه ڪو ساڻس ضرور گڏ هوندو هو. چارئي
همراهه جهڙا شڪل شبيهه ۾ سهڻا هئا، تهڙا وري
سورهيه هئا، پر راڻو سڀني کان وڌيڪ ٺاهوڪو ۽ جوڌو
جوان هو.
هڪ ڏينهن بادشاهه ۽ سندس وزير شڪار تي نڪتا. جيئن
هو هڪڙي ڳوٺ جي ويجهو پهتا، تيئن هنن هڪ فقير کي
رستي جي ڀرسان بيٺل ڏٺو. هن جي شڪل ۽ صورت مان
ائين ٿي معلوم ٿيو ته ته هو ڪنهن وڏي گهراڻي ۾
ڄاول ۽ نپنل هو، مگر انهيءَ وقت ڦاٽل اڳڙيون پيل
هيس. غربت ۽ مسڪينيءَ کان ڏاڍو مايوس ۽ منجهيل پئي
لڳو. پهريائين ته چارئي جوان فقير جي حالت تي کِلڻ
لڳا، پر پوءِ اڳتي وڌي هن کان پڇيائون ته ”تون ڪير
آهين ۽ ڪٿان کان آيو آهين؟ تون ته ڪنهن وڏي خاندان
جو اولاد ٿو ڏسڻ ۾ اچين. اسان هن کان اڳ تو جهڙو
دُکي حال ۾ ڪو به ڪونه ڏٺو آهي.“ فقير نِوڙت سان
وراڻي ڏني ”بادشاهه سلامت! آءٌ به ڪنهن وقت توهان
جي انهن ٽنهي اميرن وانگر شاهوڪار ۽ سکيو ستابو
هوس. مون وٽ به گهوڙا، زمينون ۽ گهڻي ئي خدمتگار
هئا، پر هڪ ڏينهن مون مومل جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ۽
وڏا انبار سون جا ساڻ ڪري، ساٿي وٺي هن جي ٻانهن
هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتس، مگر مومل ۽ سندس ٻانهن منهنجا
ماڻهو ماري ۽ مون کي ڦـُري، هن حال ۾ فقير ڪري
ڇڏيائون_ هينئر آءٌ پيرين پيادو، دربدر ۽ خاڪ بسر
رلندو ٿو وتان ته جيئن ڪنهن طرح موٽي پنهنجي وطن
پهچان.“
بادشاهه پڇيس ته ”مومل ڪير آهي؟“ سيلاني فقير
سموري ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايس. حقيقت ٻـُڌڻ کان پوءِ
بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن پڪو پهه ڪيو ته هو به
مومل کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پوءِ توڙي اُن آزمائش
۾ کين فنا ئي ڇو نه ٿيڻو پوي. سيلاني فقير کان
مومل جي محالت جو ڏس پڇيائون ۽ ڳچ ڏينهن جي سفر
کان پوءِ هن جي باغ جي ٻاهرئين دروازي تي اچي
پهتا. ان وقت اوندهه ٿي ويئي هئي، تنهنڪري اُتي ئي
ديرو دمائي رات جا چار پهر گذاريائون. ٻئي ڏينهن
صبح جو مومل جي هڪ ٻانهي دستور موجب کين کيڪارڻ
لاءِ آئي. هن جو نالو ناتر هو ۽ هوءَ اهڙي تي سهڻي
هئي جو هنن چئني ائين سمجهيو ته شايد اِها ئي مومل
آهي. پر ناتر کلي چين ته ”مان مومل نه آهيان، هن
کي ڏسڻ لاءِ توهان کي هن باغ مان لنگهي محالت ۾
پهچڻو پوندو. مومل جي صورت سندس والد کان سواءِ،
هن وقت تائين، ڪنهن به غير مرد نه ڏٺي آهي. مومل
مون کي موڪليو آهي ته مان توهان جي آڌر ڀاءُ ڪريان
۽ هي خونچو کاڌي جو اوهان لاءِ موڪليو اٿس.“ پوءِ
هن خونچو لاهي هيٺ پٽ تي رکيو ۽ جيئن هنن جوانن
اهو مزيدار کاڌو پئي کاڌو، تيئن مومل جي سونهن جي
وڌيڪ ساراهه پئي ڪيائون، ايتري قدر جو سڀيئي هن جي
عشق ۾ ايترو ته ديوانا بنجي ويا جو خود ٻانهي مٿن
چٿرون ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته: ”توهان ڪير آهيو جو
مومل سان پنهنجي محبت جي هام هڻي سگهو؟ جيڪو
سورهيه مومل کي هٿ ڪندو، انهيءَ جو منهن مهانڊو ئي
نرالي قسم جو هوندو. توهان لاءِ بهتر آهي ته موٽي
پنهنجي ڳوٺ وڃو، جي نه ته توهان هن سرنگهه ۾ ٽڪر
ٽڪر ٿي ويندا، يا بک ۽ اُڃ وگهي هن جي ور وڪڙ
واريءَ واٽ ۾ منجهي ختم ٿي ويندا.“ اهڙيءَ طرح،
ناتر هنن جي همت ۽ شوق کي ايترو ته ڀڙڪايو جو هنن
سڀني هڪل ڪري چيو ته ”اسين نڪي سرنگهه کان ٿا
ڊڄون، نڪي اوجهڙ کان، اسين تيستائين مومل جو در نه
ڇڏينداسين، جيستائين مومل کي هٿ نه ڪنداسين.“
انهيءَ تي ٻانهيءَ جواب ۾ کين منجهيل پَٽَ جو هڪ
منجهيل ڍيرو اُڇلائي ڏنو ۽ چيو ته هن کي ويهي
کوليو ۽ پنهنجي ڪاريگريءَ کي آزمايو ۽ ان کان پوءِ
سامهون آلَ بازار مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪريو.“ همير
هڪدم اهو پَٽَ جو ڦورو کنيو، پر هو سلجهائي نه
سگهيو، ان کان پوءِ دُنار ۽ پوءِ شينري پَٽَ کي
کولڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر سندن سموري ڪوشش اجائي
ويئي، آخر ۾ ڪڪ ٿي اهو ڦورو هنن ”راڻي“ کي ڏنو،
جنهن جي چالاڪ آڱرين جلد ڳنڍين کي سلجهائي، پٽ جي
ڍيري مان مڻکيارو ٺاهي، پنهنجي گهوڙي جي منهن تي
ٻڌي ڇڏيو.
ٻانهيءَ راڻي جي حرفت کي ڏسي ڏانهس وڏي عجب مان
نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي سانئڻ ڏانهن ويئي ۽ وڃي
چيائينس ته ”چار سهڻا جوان توکي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا
آهن، پر هڪڙو راڻي نالي سان، سڀني کان سونهن ۽ عقل
۾ سرس آهي، بلڪ ائين چئجي ته جيڪي به عاشق هيل
تائين تنهنجي محلات جي در تي آيا آهن، انهن سڀني
کان مٿانهون آهي. سانئڻ! منهنجي صلاح آهي ته تون
انهيءَ سان هڪدم شادي ڪر ۽ هن جوڌي جوان کي ٻين
وانگر نه مارائجانءِ.“ اها ڳالهه ٻڌي مومل کي في
الحال ته راڻي تي رحم آيو، پر پوءِ وري به پنهنجي
دستوري فريب تي ڪار بند رهندي جواب ڏنائين ته:
”جيڪڏهن سچ پڇ، جيئن تون چوين ٿي، هو اهڙو ئي
عقلمند آهي ته ڀل مون کي پنهنجي همٿ سان هٿ ڪري.
جيڪڏهن ان ۾ نا ڪامياب ويو ته عقلمند نه آهي، پر
بيوقوف آهي ۽ پوءِ مان هن جي ڌن دولت کي پنهنجي
پيءُ جي خزاني ۾ ملائي ڇڏيندس.“
انهيءَ کان پوءِ مومل وڌيڪ لذيذ طعام تيار ڪرايا
(سٿ رڇيون ٺهرايون) ۽ انهيءَ ۾ قاتل زهر وجهائي
ڇڏيائين. اهو کاڌو ٻانهيءَ کي ڏنائين ته وڃي
بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن کي ڏي. ٻانهيءَ حڪم جي
تعمير ڪئي. پوءِ ٻانهي کاڌي جا ٿانوَ هنن جي اڳيان
رکي، پنهنجي هٿن سان هنن کي وڌيندي ڏيندي ويئي ۽
چوندي پئي ويئي ته اِهي طعام سانئڻ پنهنجي هٿن سان
توهان لاءِ تيار ڪيا آهن، انهيءَ خيال کان ته
اوهان پـَٽ سـُلجهائڻ ۾ ٿڪجي چـُور ٿي پيا هوندا. |