ائين چوڻ کان پوءِ، ٻيجل پنهنجو سرندو کنيو ۽ ان
کي اڇين ڪوڏين جي لڙهه ۾ ٻڌائين. ان کان پوءِ اڇي
پوشاڪ پهري پيادو گرنار ڏانهن راهي ٿيو. جڏهن شاهي
قلعي جي ويجهو پهتو، تڏهن ڌڻيءَ کان دعا گهريائين
ته: ”اي مالڪ! منهنجي هيءَ دعا قبول ڪر ته مان
راجا راءِ ڏياچ کي پنهنجي ساز سان اهڙو ته موهيان،
جهڙو مان ڳوٺ جي ويجهو جانورن ۽ پکين کي موهيندو
آهيان!“ پوءِ ته هن اهڙي سوز مان اهو سرندو وڄايو
جو شهر جا ماڻهو ڊوڙندا ٻاهر گهٽين ۾ نڪتا ۽ هن کي
خيرات آڇڻ لڳا. مگر هي ڪجهه نه پيو وٺي ۽ ساري رات
سرندو وڄائيندو رهيو. شهر جا ماڻهو هن جو پاسو وٺي
ويهي رهيا، ڇو ته هنن جي اکين ۾ ننڊ تيسين ڪانه
آئي، جيسين ٻيجل تنبور جي تارن کي گز پئين هنئين.
ٻئي ڏينهن صبح جو، هن حيرت جهڙي فقير جي خبر راجا
ڏياچ جي ڪن تي پهتي. شام جو راجا، ٻيجل لاءِ هڪ
پالڪي موڪلي ۽ حڪم ڪيو ته سندس محلات ۾ اچي. ٻيجل
محلات ۾ پهچي، ساري رات سـُرندو وڄايو، تان جو
راجا راءِ ڏياچ بيخود ٿي، هن کي پنهنجي ملڪ مان،
سندس پسند مطابق ڪنهن به ڳوٺ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، مگر
هن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن ٻيجل
شهر جي ٻاهر ڪنهن وڻ هيٺان وڃي ڪي گهڙيون آرامي
ٿيو. وري انهيءَ شام جو راجا ڏياچ هن کي سڏايو، ڇو
ته ڏياچ به هن ڇوڪري جي ڦند ۾ اهڙو ڦاٿو هو، جهڙو
جهنگ جي جانورن ۽ پکين کي ڦاسائي ڳوٺ وٺي بيرحميءَ
سان ختم ڪندو هو.
اُها رات ۽ ٻيون ٽي راتيون لڳاتار راجا ڏياچ موهت
ٿي انهيءَ طلسمي ساز کي پئي ٻڌو. آخر چيائين:
”مڱڻهار، گهـُر، جيڪي گهـُرڻو اٿيئي ۽ مان توکي
سڀڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ انهيءَ جواب لاءِ
ٻيجل اڳيئي رٿ رٿي هئي، سو صدا هڻندي چيائين: ”اي
راجا، منهنجي گهـُر فقط تنهنجو سِرُ آهي.“ راجا
ڇوڪري جي ڄار ۾ اهڙو ڦاٿو هو جو هن جو پاڻ ڇڏائڻ
هاڻي محال هو. هن ٻيجل کي پنهنجا قيمتي ويس وڳا،
پنهنجا محلات، پنهنجا گهوڙا وهٽ، پنهنجا خزانا
وغيره سڀ آڇيا، پر ٻيجل رڳو ناڪار ۾ ڪنڌ پئي ڌوڻيو
۽ پنهنجو سـُرندو کڻي وڄائيندو رهيو. جيئن ئي هن
جو ساز راجا جي ڪنن تي گهرو پوندو ٿي رهيو ته سندس
دل ٻـُڏڻ ٿي لڳي. ٻيجل کي يقين هو ته راجا سندس
راڳ جي ڦندي مان ڇٽي ڪونه سگهندو ۽ هاڻي هن ۾ اها
جرئت ڪانه رهي هئي جو ٻيجل کي نااميد ڪري. ڇوڪرو
مڱڻهار محلات ۾ ٽِڪي پيو ۽ هر روز شام جو
بيپرواهيءَ سان بادشاهه جي ڪمري ۾ داخل ٿي، بنان
چوڻ جي پاڻ مرادو ساز ڇيڙيندو هو. آخرڪار راجا چيس
ته: ”اي ٻيجل، منهنجو سِرُ تنهنجي ڪهڙي ڪم ايندو؟
مون کي اهڙي شيءِ انعام ڏيندي شرم ٿو اچي. منهنجو
خزانو وٺ، وڃي موج مزا ڪر.“ پر ٻيجل ڪنڌ ڌوڻي جواب
ڏنو ته: ”مون کان دان پڇيو اٿو، جو مون توهان کي
ٻڌايو آهي. توهان هاڻي پنهنجو وچن ڪيئن نه
پاڙيندا. آخر زندگي عزت کان سواءِ ڪهڙي ڪم جي؟
انهيءَ ڪري پنهنجو وچن پاڙيو. ان ۾ ئي توهان جو
نالو هميشه قائم رهندو ۽ جيڪڏهن قول نه پاڙيندا ته
پوءِ ڀل کڻي ڪجهه سال بقا ڪري، پر توهان جو مان ۽
شان ته هينئر ئي ختم ٿي ويندو.“ راجا کي سمجهه ۾
ئي نه آيو، ڇاڪاڻ ته ٻيجل جي ساز هن جي عقل ۽
سمجهه تي پردا وجهي ڇڏيا هئا،
بلڪل اهڙيءَ
طرح جيئن پکين ۽ جانورن کي موهت ٿي ڪيائين. راجا
بيوس ٿي هن کي ٻڌندو رهيو ۽ ٻيجل هن جي ڀر ۾ بيهي
پنهنجي جادوءَ جو ڄار راجا کي مضبوطيءَ سان
ويڙهيندو ٿي ويو.
آخرڪار راجا ڏياچ راڻيءَ سورٺ کي چيو ته ٻيجل مان
هن جي جند آزاد ڪري. راڻيءَ ٻيجل لاءِ پالڪي
موڪلي۽ راجا وانگر هن به ٻيجل کي اُڇا وڳا ويس،
هيرا جواهر ۽ هاٿي آڇيا، مگر ٻيجل هڪ به نه مڃي ۽
چيائين ته: ”راجا مون کي وچن ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن
انهيءَ کي پورو نه ڪيائين ته راجا نه رهندو.“
جڏهن ڏياچ کي خبر پيئي ته سورٺ ٻيجل کي مڃائڻ ۾
ڪامياب نه ٿي آهي، تڏهن هو پنهنجي ماءُ راڻي
خاتوءَ وٽ ويو ۽ چيائينس ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟
جيڪڏهن هن کي پنهنجو سر ٿو ڏيان ته توکي، پنهنجي
راڻين کي، بادشاهت ۽ شان شوڪت کي ڇڏڻو پوندو. پر
جيڪڏهن ائين نه ڪيم ته هو مون کي وچن پوري نه ڪرڻ
جا طعنا ڏيندو ۽ هن قسم کنيو آهي ته ساريءَ دنيا ۾
منهنجي خواريءَ جي خبر پوندي. راڻي خاتوءَ جواب
ڏنو ته: ”منهنجا پٽ! آخر حياتي ڇا لاءِ آهي؟ اها
هڪ خسيس شيءِ آهي ۽ ڪنهن کي خبر ناهي ته اها ڪيترو
هلندي. توکي اهڙو اٻهرو وچن نه ڪرڻ کپندو هو،پر
جنهن صورت ۾ هاڻي ڪري ويٺو آهين ته پوءِ توکي اهو
پورو ڪرڻو پوندو ته جيئن تنهنجو نالو هميشه لاءِ
قائم رهي.“ راجا غمگين ٿي پنهنجي ڪمري ۾ موٽي ويو.
اُنهيءَ شام جو ٻيجل آيو ۽ اچي سرندو وڄايائين.
جنهن جهڙو اثر اڳ راجا تي ڪڏهن ڪو نه پيو هو. آخر
راجا نااميديءَ ۾ اُٿيو ۽ پنهنجي تلوار کي ڪڍي هڪ
ئي ڌڪ سان پنهنجي سسي لاهي رکيائين. ٻيجل سسي کڻي،
پنهنجي سرندي کي ڪڇ ۾ ڪري، اجمير ڏانهن راهي ٿيو،
جتي راجا انيراءِ رهندو هو.
ٻيجل جي ڪارنامي جي خبر سندس پهچڻ کان اڳ ۾ ئي
پهچي چڪي هئي، سو جڏهن راجا انيراءِ کي خبر پيئي
ته هو اجمير کي ويجهو پهتو آهي، تڏهن پنهنجي ماڻهن
کي موڪليائين ته هن کي ماري سندس ملڪ مان ٻاهر ڪڍي
ڇڏين، ۽ پوءِ واڪو ڪري چيائين ته جي سڀني کان
مٿانهون هندستان جو راجا راءِ ڏياچ به هن جي ڄار ۾
ڦاسي پيو، جيڪڏهن آءٌ هن کي اجمير ۾ اچڻ جي اجازت
ڏيندس ته مون کي به ماري ڇڏيندو. ۽ پوءِ راجا
انيراءِ جي سپاهين ٻيجل کي پنهنجي ملڪ مان هڪالي
ڪڍي ڇڏيو. هن کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ٻيهر ملڪ
۾ موٽي آيو ته کيس جان کان جدا ڪيو ويندو.
آخر ٻيجل پنهنجي ڳوٺ ويو ۽ پنهنجي زال کي ساڻ ڪري
موٽي گرنار روانو ٿيو. هو جيئن ئي شهر جي ويجهو
ويو، ته هن ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ ڏٺو، جيڪي شهر جي
ٻاهر اچي گڏ ٿيا هئا. پڇا تي معلوم ٿيس ته راجا
ڏياچ جي زال سورٺ ڏاگهه تي چڙهي ستي ٿي ٿئي. هن
اهو نظارو پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن ڏٺو ته سورٺ هڪ
وڏي چکيا تي چڙهي، جا هن لاءِ تيار ڪرائي هئي. ان
ان کان پوءِ راڻي خاتو به سندس پاسي چڙهي بيٺي ۽
ٻنهي راڻين پنهنجي ماڻهن کي چکيا کي ٻارڻ لاءِ
چيو. ٻيجل کي سخت پشيمانيءَ اچي گهيرو ڪيو. هن ڏٺو
ته سندس ئي ڪري راجا ڏياچ جي گهر تي ڪيڏي نه مصيبت
اچي ويئي ۽ پوءِ جيئن باهه جا اُلا مٿي اڏاڻا، هي
ڌوڪيندو ويو ۽ وڃي پاڻ کي باهه ۾ اڇلايائين. هيءُ
حال ڏسي ٻيجل جي زال سمجهيو ته راجا انيراءِ جي
جواهرن واري ٿالهه وٺڻ ڪري هن ئي پنهنجي مڙس کي
موت جي منهن ۾ ڏنو هو، ان ڪري سخت ارمان ٿيس ۽ درد
وچان هن به پاڻ کي باهه جي اُلن ۾ کڻي اُڇليو.
8_ هير ۽ رانجهو
ڪنهن زماني ۾، چناب نديءَ جي ڪناري تي جهنگ سيال ۾
چوچڪ نالي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. کيس هير نالي
هڪ نينگري هوندي هئي. ڇوڪريءَ جي حسن جي ڪهڙي
ڳالهه ڪجي! ڳچي اهڙي هيس جهڙي بدڪ جي ڊگهي ڳچي،
اکيون هرڻ جهڙيوپن ۽ آواز وري ڪوئل جهڙو! مطلب ته
خدا جو هڪ رنگ هو. صورت سان گڏ سهڻي سيرت جي به
مالڪ هئي. ڏاڍي سمجهو ۽ سياڻي هئي. بادشاهه کيس
لاڏڪوڏ سان نپايو ۽ رهڻ لاءِ نديءَ جي ڪناري تي هڪ
سهڻو محلات ٺهرائي ڏنائينس. هير کي هر طرف گهمڻ جي
آزادي هئي. بادشاهه نديءَ جي سير تفريح لاءِ هير
کي هڪ سهڻي ٻيڙي ٺهرائي ڏني هئي، جنهن ۾ هوءَ
سواري ڪندي هئي ۽ نديءَ ۾ ڪڏهن اوڀاري ته ڪڏهن
لهواري پيئي ويندي هئي. سونهن سان گڏ کيس مٺو آواز
پڻ مليل هو. رات جو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي رهندڙ
ماڻهو کيس ٻيڙيءَ واري گهر مان ڳائيندو ٻڌندا هئا
۽ ائين محسوس ڪندا هئا ته ڄڻ هير هڪ بلبل هئي ۽
سندس ٻيڙي هڪ پڃرو.
ان ساڳئي وقت، هزارا رياست ۾ وري چار ڀائر حڪومت
ڪندا هئا، جن ۾ سڀني کان وڌيڪ بهادر ۽ مقبول
رانجهو هو. هڪڙي ڏينهن، هنن وٽ هڪ سياح اچي مهمان
ٿيو ۽ هن پنهنجي عادت مطابق مهمان جي وڏي خاطرداري
ڪئي. ليڪن ظاهر سک سهنج هوندي به، هي مهمان غمگين
پئي نظر آيو. تنهن تي شهزادي رانجهي هن کان ان
حالت جو سبب پڇيو. بس. هن جي پڇڻ جي دير هئي.
مسافر اچي احوالن ۾ پيو، چيائين ته: ”شهزادا، مون
کي ٻي ته ڪا به تڪليف نه آهي، فقط منهنجا خيال ۽
دل پنهنجي شهر جهنگ سيال ۾ آهن ۽ جسماني طرح تو وٽ
مهمان آهيان. اُتي جو چوچڪ نالي هڪ بادشاهه حاڪم
آهي ۽ اُتي سندس شهزادي هِير به رهي ٿي. شهزادي
هير جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن.
فقط محسوس ڪري سگهان ٿو. ان ڪري، جيڪڏهن اڄ تون
مون کي غمگين ڏسين ٿو، ان جو سبب هي آهي ته مان به
پنهنجي شهر جي ڪيترن نوجوانن وانگر، پنهنجي دل هير
جي حوالي ڪري چڪو آهيان ۽ دراصل منهنجي سفر اختيار
ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته ڪنهن طرح سان هن غمگين ۽
اداس دل کي ٻين شين طرف رجوع ڪري، پنهنجو غم غلط
ڪريان.“
هن ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، شهزادي جي دل ۾ هڪ عجيب
احساس پيدا ٿيو ۽ دل جي تسڪين لاءِ مسافر کي هير
جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ گذارش ڪيائين. مسافر هير
جي حـُسن جو بيان اهڙن لفظن ۽ تشبيهن سان ڪيو جو
ڳالهه ختم ٿيڻ وقت شهزادو رانجهو، پنهنجي پاڻ تان
قبضو وڃائي ويٺو ۽ چـوڻ
لڳو ته: ”مان واعدو ٿو ڪريان ته هن حـُسن جي حور کي ضرور ڏسندس
يا تنهنجي اڳيان پنهنجو سِر وڍيندس.“ مسافر جواب ۾
چيس ته: ”اي شهزادا، مرڻ يا مارڻ جي ڪهڙي ضرورت
آهي، تون خود شهزادو آهين. تون هير جي سڱ لاءِ
سندس پيءَ ڏانهن پيغام موڪلي سگهين ٿو.“
شهزادي رانجهي، چوچڪ بادشاهه ڏانهن پيغام ان ڪري
نه پئي موڪليو جو کيس انڪار جو خطرو هو. ٻئي پاسي
هير جي بيان ڪيل تصوير هن جي سامهون کيس وڌيڪ
پريشان ڪندي رهي ۽ آخر اهڙو وقت آيو جو هن جو کاڌو
پيتو حرام ٿي ويو. شهزادي جي هيءَ حالت ڏسي، سندس
ڀائرن هڪ سازش سٽي ۽ هڪ ڏينهن شهر مان لوڌي ٻاهر
ڪڍيائونس ۽ سندس حڪومت جو حصو به پاڻ ۾ ورهائي
کنيائون.
عشق جو به عجيب سرشتو آهي. ڪالهه جو حاڪم اڄ پينو
فقير هو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي، رانجهو پينو فقير جي
حالت ۾، پنهنجي اڻ ڏٺي محبوب جي وطن ڏانهن رخ
رکيو. سفر تمام اڻانگو ۽ ڊگهو هو. آخر ٿَڪ ۾ چـُور
ٿيل رانجهو هڪ ڏينهن اچي جهنگ سيال شهر ۾ پهتو ۽
اچي چناب درياءَ جي ڪنڌيءَ تي دم پٽيائين. درياءَ
جي ڪناري تان، شهزادي رانجهي، شهزادي هير جو محلات
ڏٺو، جو تصور جي دنيا ۾ اڳيئي ڏسي چڪو هو. شهزادو
اڃا اُن محلات طرف نهاري رهيو هو ته ايتري ۾ کيس
پريان هڪ ٻيڙي ايندي نظر آئي. شهزادي ٻيڙيءَ جي
ميربحر کي منت ڪئي ته هو کيس ان ۾ چاڙهي ته جيئن
هو ٿورو آرام ڪري سگهي. شهزادي جي صورت ۽ سونهن
سوڀيا مان ميربحر سمجهي ويو ته هو به ڪو شهزادو يا
امير ماڻهو آهي، پر هو ائين ڪرڻ کان مجبور هو.
نِوڙت ۽ نياز سان وراڻيائين ته ”سائين، هيءَ ٻيڙي
منهنجي نه آهي، پر شهزادي هِير جي آهي، تنهنڪري
مان توکي ان ۾ چاڙهي نٿو سگهان.“
شهزادي رانجهي اِهو جواب ٻڌي دل ڪانه هاري ۽ وڌيڪ
منت ميڙ ڪرڻ لاءِ ميربحر جي ٻيڙيءَ ڏانهن وڌيو.
ٿڪجڻ سبب، شهزادو ايترو ته ساڻو ٿي چڪو هو، جو
ٿورو هلڻ کان پوءِ، درياءَ جي ڪناري تي پاڻ نه
جهلي سگهيو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِريو. هيءُ حال ڏسي،
ميربحر رحم وچان، شهزادي کي پاڻيءَ مان ڪڍي،
ٻيڙيءَ جي تختي تي کڻي ليٽايو. ان کان پوءِ کڻي
شهزادي هِير جي بستري تي سمهاريائينس، ته جيئن
ڪجهه آرام ڪري، هوش ۾ اچي. بستري تي ليٽڻ سان ٿڪل
شهزادي کي ننڊ اچي ويئي. |