اجازت وٺي رتن سنگهه سيلا رياست ڏانهن گهوڙو
ڊوڙايو ۽ راجا ڪيسر سنگ کي سڄو قصو ٻڌايائين. راجا
کان هويشيار تير انداز نوجوانن جو جٿو وٺي رتن
سنگهه ٻڍڙي راجا وٽ موٽي آيو ۽ کيس اچي دلداري
ڏنائين. ان کان پوءِ تير اندازن کي چئن حصن ۾
ورهايائين. ٽن حصن کي ولڀپرا شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ
موڪليائين ۽ چوٿين حصي کي پاڻ سان وٺي ان جبل وٽ
آيو، جتان سندن پيءُ زمين مان رستو کوٽايو هو. تير
انداز پاڻ سان وٺي ان زمين دوز رستي مان اچي محلات
۾ پهتو. ان وقت دشمن جو لشڪر ٻاهرين تير اندازن
سان وڙهڻ ۾ مشعول هو ۽ پٺ جي ڪا به خبر ڪانه هين ۽
تڏهن خبر پين، جڏهن پٺئين پاسي کان تيرن جو مينهن
وسڻ لڳو. رتن سنگهه شهر جا دروازا کولي وڌا، جنهن
مان ٻاهريان تير انداز داخل ٿيال. اهڙيءَ طرح
وڏيءَ جرئت ۽ همت سان رتن سنگهه وڃايل شهر وري هٿ
ڪيو. ان کان پوءِ رتن سنگهه ٻـُڍڙي راجا جي پٽ بير
سنگ کي قيد مان ڪڍيو ۽ ان کي پاڻ سان وٺي راجا وٽ
حاضر ٿيو. جنهن تي راجا ۽ بير سنگ، رتن سنگهه جو
شڪريو ادا ڪيو، ليڪن رتن سنگهه کين ٻڌايو ته هن ڪو
غير معمولي ڪونه سرانجام ڏنو آهي. هن ته فقط
بحيثيت هڪ سپاهيءَ جي پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي.
ان کان پوءِ رتن سنگهه هي عذر ڪري راجا ۽ بير سنگ
کان موڪل ورتي ته سندس پراڻا دوست ملڻ لاءِ آيا
آهن، جي خاطر داري کيس ڪرڻي آهي. اجازت وٺي رتن
سنگهه قلعي ۾ ويو ۽ ڪافي دير تائين نه موٽڻ ڪري
بير سنگ کي سندس ڏاڍو انتظار ٿي پيو. بير سنگ هن
جي تلاش ڪئي مگر کيس ڪٿي به ان جو پتو نه لڳو. آخر
کيس ڪنهن ٻڌايو ته هن رتن سنگهه کي سندر ٻائي جي
محلات ڏانهن ويندي ڏٺو هو.
اهو ٻڌڻ سان، بير سنگ کي دل ۾ هڪ خطرناڪ شڪ جاڳيو.
هن ڀانيو ته رتن سنگهه سندس زال جو عاشق آهي ۽ ان
جي معرفت ئي کيس زمين دوز رستي جي خبر پيئي هئي،
جنهن مان هو تير انداز وٺي محلات ۾ داخل ٿيو هو.
ان رستي مان، يقيناَ َ هن اچي سندر ٻائيءَ سان
چوري ملاقاتيون ڪيون هونديون. بس، ان شڪ جو شڪار
ٿيندي ئي مياڻ مان تلوار ڪڍي، محلات جي ڏاڪڻ تان
سندر ٻائيءَ جي ڪمري جو رخ ڪيائين. پنهنجي ڪمري ۾
سندر ٻائي اڪيلي هئي، ۽ بير سنگ کي پاڻ ڏانهن
ايندو ڏسي کيس کِلي کيڪار ڪيائين. سندس هن قسم جي
نماڻائيءَ شهزادي بير سنگ جي زخمن تي لوڻ جو ڪم
ڪيو. هن رڙ ڪري چيو ته: ”اي دغا باز ۽ مڪار عورت،
تنهنجو رتن ڪٿي آهي؟“ هي ٻڌي حيرت مان سندر ٻائي
پڇڻ لڳي ته: ”اي منهنجي دل و جان جا مالڪ، توهان
ڇا ڳالهائي رهيا آهيو؟“ هن سوال راجڪمار جي غصي ۾
اضافو ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”اي، ڪوڙي، بي وفا
عورت، تون منهنجي سوال جو مفهوم چڱيءَ طرح ڄاڻين
ٿي. مان پڇان ٿو تنهنجو عاشق رتن ڪٿي آهي جو توسان
لڪل رستي مان اچي، ملاقاتيون ڪندو هو. مان ان کي
تلوار سان ٽڪر ٽڪر ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ ان کان پوءِ
تنهنجي سيني ۾ خنجر هڻندس.“ هي ٻڌي، سندر ٻائي
ٻاهر نڪري، بير سنگ سامهون ٿي بيٺي ۽ نِوڙت سان
چوڻ لڳي ته: ”اهڙي موت کان وڌيڪ ٻيو مون کي ڇا
گهرجي؟ مون کي مارڻ کان اڳ، توهان منهنجي منهن کي
چڱيءَ طرح گهوريو، شايد توهان پنهنجي دوست رتن کي
لهي سگهو، جنهن تي هينئر ايڏو سخت غصو ٿيو اٿوَ.“
بير سنگ، سندر ٻائيءَ جي منهن ۾ ڏٺو، جو مشڪي هن
کي شرمائي رهيو هو. هڪدم سندر ٻائي کي رتن سنگهه
تسليم ڪيائين__ اُهو رتن سنگهه، جنهن سندس پيءُ جو
تخت بچايو هو ۽ سندس زندگي بچائي هئي. بس پوءِ ته
معافيءَ لاءِ سندر ٻائيءَ جي پيرن تي ڪِري پيو، پر
سندر ٻائي کيس چيڙائڻ جي ارادي سان چوڻ لڳي ته:
”منهنجا محبوب! پنهنجي زبان سان هاڻي چئو ته جيڪي
مون پنهنجي باغ ۾ سهيلين سان واعدو ڪيو هو، اهو
پورو ڪيم ۽ عورتون به جرئت ۽ بهادريءَ ۾ مردن کان
گهٽ نه آهن.“
بير سنگ، پيار مان کيس ڀاڪر پاتو ۽ معافيءَ لاءِ
دوباره چيائين جا سندر ٻائي کيس ڏني. ان کان پوءِ
بير سنگ سندر ٻائيءَ کي هٿ کان وٺي پيءُ جي درٻار
۾ آيو ۽ کيس پنهنجي خطرناڪ ڪارنامن بيان ڪرڻ لاءِ
چيائين. سندر ٻائيءَ سمورو قصو پيرائتو ڪري راجا
کي ٻڌايو.
ان ڏينهن کان پوءِ بير سنگ، سندر ٻائيءَ جي محبت ۾
چريو ٿي پيو ۽ سندس خوبين جو پورو اندازو لڳايائين
۽ سندس موت تائين ٻيءَ عورت سان شادي ڪرڻ جو ڪڏهن
به خيال نه ڪيائين.
10_ ڪامسين ۽ ڪامروپ
ڪنهن زماني ۾ ماگرور شهر ۾، نرڪر پال نالي هڪ
بادشاهه راڄ ڪندو هو. هن وٽ نذر صاف نالي هڪ وزير
هو، جنهن جي مدد سان ساريءَ سنڌ تي هن جو ڌاڪو
هوندو هو. بادشاهه کي هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو
ڪامسين هو ۽ ان جو چهرو اهڙو خوبصورت هوندو هو جو
جڏهن پنهنجي ساٿين سان گڏ جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ ويندو
هو ته اُتي جا جانور هن جي حـُسن تي موهت ٿي پوندا
هئا.
اونهاري جي موسم ۾، هڪ رات شهزادو ڪامسين محلات جي
ڇت تي سمهيو پيو هو ته مٿان هڪ پـَرين جو ٽولو اچي
لنگهيو، جن جي نظر وڃي خوبصورت شهزادي تي پيئي. هڪ
ٻئي کي چوڻ لڳيون: ”هن جهڙو حسين جوان اسان اڳ
ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي.“ ان کان پوءِ جڏهن واپس
پنهنجي هٻڪار وارن گلن جي باغ ۾ پهتيون، جنهن جي
سونهن ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ اضافو ڪري ڇڏيو هو، اتي
پرين جو هڪ ٻيو ٽولو ڏٺائون. انهن پرين کي
ٻڌايائون ته ”اسان هڪ نهايت حسين نوجوان ڏٺو آهي.“
انهيءَ ڳالهه ٻڌندي اُهي پريون خوشيءَ وچان تاڙيون
وڄائڻ لڳيون ۽ چيائون ته: ”اسان جڏهن گجرات ملڪ جي
مٿان اُڏنديون پئي ويونسين، تڏهن اُتي اسان هڪ
محلات تي ستل سهڻي ڇوڪري ڏٺي، جنهن جو حـُسن اسان
پرين کان به وڌيڪ ڪشش وارو هو. اچو ته سڀاڻي رات
هنن ٻنهي حسينن جون کٽون کڻي هڪ ٻئي جي ڀرسان
رکون!“
ٻيءَ رات ڪيل فيصلي مطابق، پرين ماگرور مان شهزادي
ڪامسين جي کٽ کنئي ۽ اک ڇنڀ ۾ آڻي گجرات جي ان
شهزاديءَ جي کٽ جي ويجهو رکيائون. ان کان پوءِ
ٻنهي کي ننڊ مان جاڳايائون. سجاڳ ٿيڻ تي ٻئي هڪ
ٻئي کي ڏسڻ سان عاشق ٿي پيا ۽ پوءِ ته سڄي رات پاڻ
۾ ويهي محبت جون رهاڻيون ڪندا رهيا. جڏهن کين ننڊ
وٺي ويئي ته ان وقت پـَرين، شهزادي جي کٽ واپس
آڻي، ماگرور ۾، سندس محلات جي ڇت تي رکي.
شهزادو جڏهن ننڊ مان جاڳيو ۽ پاڻ کي اڪيلو ڏٺائين،
تڏهن پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺو. کائڻ پيئڻ حرام
ٿي پيس. رات ڏينهن ان جي تات هيس. ان پريشانيءَ ۽
ڏک ۾ شهزادو پنهنجو ٻهڪندڙ حسن ان گل وانگر
مرجهائي ڇڏيو، جنهن کي وقت سر پاڻي نه ملندو آهي.
بادشاهه پٽ جو هيءُ حال ڏسي ڏاڍو غمگين ٿي پيو ۽
شهزادي جي بيماريءَ جي سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سندس
ساٿين کي حڪم ڪيائين. هنن شهزادي کي ريهي ريبي آخر
سندس اندر جو راز پروڙيو. شهزادو چوڻ لڳو ته: ”هڪ
رات مان جڏهن ننڊ مان جاڳي پيس، تڏهن مون پنهنجي
کٽ، هڪ بيمثال حسين شهزاديءَ جي کٽ ڀرسان پيل ڏٺي
۽ وري جڏهن صبح جو اُٿيس، تڏهن منهنجي کٽ ساڳئي
هنڌ پيل هئي.“ هي ٻڌي شهزادي جا دوست ڏاڍا حيران
ٿيا ۽ پڇڻ لڳا ته: ”ڀلا، اهو ته ٻڌاءِ ته اُها
شهزادي ڪٿي رهي ٿي ۽ سندس نالو ڇا آهي؟“ شهزادي
جواب ڏنو ته: ”اُن جو نالو ڪامروپ آهي، باقي ڪٿي
رهي ٿي، اها مون کي خبر ناهي.“
ڪامسين جي دوستن اها ڳالهه بادشاهه کي وڃي ٻڌائي،
جنهن هڪدم وزير کي حڪم ڪيو ته پنج سئو ماڻهو وٺي
ڪامروپ جي تلاش ۾ نڪري. هي قافلو وڏي شان ۽ شوڪت
سان گجرات ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. هنن پنهنجن گهوڙن
تي سونا سنج وڌا ۽ وڏا قيمتي تنبو رهڻ لاءِ
کنيائون. ايڏي ڌام ڌوم ۽ شاهي دٻدٻي سان، هيءُ
قافلو پنجن مهينن جي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن اچي
گجرات ڏيهه ۾ پهتو. پڇا تي معلوم ٿيو ته گجرات جي
راجا جو نالو جئسنگراءِ آهي. وزير کي گجرات جي هڪ
ماڻهو ٻڌايو ته: ”جئسنگراءِ هڪ وڏو راجا آهي، جنهن
کي بيحد خزانا آهن ۽ زبردست فوج آهي. پر هنن سڀني
ڳالهين تي راجا کي ايڏو فخر ۽ ناز نه آهي، جيترو
کيس پنهنجي سهڻي ڌيءَ، ڪامروپ تي آهي. ٿورن ڏينهن
کان هن کي اهڙو ڪو عجيب لاڳاڻو لڳو آهي، جو هن
کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اڪيلائيءَ ۾ ويهي ڪامسين
جو نالو پڪاري ٿي.“ اهو ٻڌي وزير سمجهي ويو ته
پنهنجي مقصد کي قريب اچي چڪو آهيان. ۽ پوءِ هڪدم
نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته: ”هتي تنبو کوڙيو، هاڻي
اسين هتي رهنداسين.“
هنن پرديسين جي اچڻ ۽ گجرات ۾ رهي پوڻ جي خبر ملڪ
جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويئي. جڏهن اتي جي راجا کي خبر
پيئي ته غير ملڪي ماڻهو شهر جي ٻاهران رهي پيا
آهن، تڏهن وزير کي پاڻ وٽ گهرايائين ۽ کانئس اچڻ
جو سبب پڇيائين. وزير ادب سان عرض ڪيو ته:
”مهاراج! اسان ماگرور جي راجا نرڪر پال طرفان آيا
آهيون، جو پوري سنڌ ۾ وڏو طاقت وارو ۽ ناميارو
حاڪم آهي. اسان ان جي حڪم سان توهان کي هي عرض ڪرڻ
آيا آهيون ته توهان پنهنجي شهزاديءَ جو سڱ سندس پٽ
شهزادي ڪامسين سان ڪريو جو حـُسن ۾ پوري ملڪ ۾
هاڪارو آهي.“
ان کان پوءِ، راجا جئسنگراءِ وزير نذرساف کان
ڪيترائي سوال پڇيا ۽ هن جي جوابن تي ڏاڍو خوش ٿيو.
هن نئينءَ مائٽيءَ لاءِ پنهنجي وزيرن ۽ اميرن سان
صلاح مشورا ڪري وزير کي جواب ڏنو ته: ”هي ناريل
اوهان جي آڇ جي قبوليت جي نشاني آهي، اُهو پنهنجي
مهاراج کي وڃي ڏج ۽ کيس چئج ته ايندڙ ٻارهن مهينن
جي عرصي اندر شهزادي ڪامروپ کي شهزاديءَ سان شادي
ڪرائڻ لاءِ هتي وٺي اچي.“
وزير اها خوشيءَ جي خبر کڻي، درٻار ۾ پهتو، جتي
پوري ملڪ ۾ خوشين جا شادمانا ٿي ويا ۽ راجا خير
خيراتون ڪيون. جڏهن راجڪمار جي شادي ڪرائڻ جو وقت
آيو، تڏهن راجا وڏين تيارين جو حڪم ڏنو. راجا جي
هن اٽالي ۾ گهوڙن تي سونا سنج ۽ قيمتي ڪپڙن جون
شالون رکيون ويون، سوکڙين لاءِ مختلف قسمن جون
شيون کنيائون. بدقسمتيءَ جي ڳالهه چئجي جو هنن
خوشين ۾ پائداري ڪانه رهي، اڃا پنهنجي شهر کان هڪ
ڏينهن جو سفر مس ڪيائون ته رستي ۾ مٿانئن هڪ دشمن
راجا حملو ڪيو. ان حملي ۾ راجا مارجي ويو ۽ ڪيترا
وزير ۽ امير قتل ڪيا ويا. ڪامسين وڏيءَ مشڪل سان
پنهنجي ٿورن ماڻهن سان جان بچائي، پنهنجي شهر
ڏانهن ڀڳو. دشمن هنن جو پيڇو ڪيو ۽ اچي تخت گاهه
کي گهيرو ڪيو. ليڪن وڏي بهادري ۽ جرئت سان ڪامسين
پنهنجو شهر بچايو. ان کان پوءِ راجڪمار ڪامسين،
گجرات جي راجا جئسنگراءِ کي پيءُ جي قتل ۽ پنهنجي
پريشانين کان واقف ڪيو.
هي ٻـُڌي راجا جئسنگراءِ کي ڏاڍو صدمو پهتو، ليڪن
ٿوري ئي وقت ۾ کيس پنهنجي پريشانين اچي ورتو. هڪ
ڏينهن ڀر واري حاڪم هن جي شهر تي حملو ڪيو ۽ صلح
ڪرڻ لاءِ سندس راجڪماري ڪامروپ جي سڱ کي وٺڻ جو
شرط مقرر ڪيو.
هن شرط راجا کان وڌيڪ راجڪماريءَ کي پريشان ڪيو،
ڇو ته هوءَ ان ڏينهن کان وٺي ڪامسين جي ٿي چڪي
هئي، جڏهن پـَرين هنن ٻنهي جون کٽيون کڻي هڪ ٻئي
جي ڀرسان رکيون هيون. سو اُها ته کائڻ پيئڻ کي
حرام سمجهي ويهي رهي ۽ آهه و زاري ڪرڻ ۾ وقت گذارڻ
لڳي. آخر هن هڪ ڏينهن ڪامسين ڏانهن خط موڪليو،
جنهن ۾ کيس گذارش ڪيائين ته جلدي، ڪنهن به طرح کيس
اچي پنهنجو ڪري.
راجڪماريءَ جو هيءُ خط هڪ خاطيءَ کي ڏنو ويو، جو
فقير جي لباس ۾ ماگرور شهر کي گهيرو ڪندڙن مان
لنگهي بادشاهي قلعي وٽ وڃي پهتو. قلعي وٽ پهچڻ کان
پوءِ، هن ڪامسين جي سپاهيءَ کي ڪـَن ۾ ٻڌايو ته
کيس راجڪمار سان ملائي. ملاقات ۾ هن اهو خط
راجڪمار کيڏنو، جنهن پڙهي هڪدم جواب ۾ کيس خط لکي
ڏنو، جنهن ۾ ڪامروپ کي يقين ڏنائين ته هو کيس ضرور
پنهنجو ڪندو، ليڪن ٿورو وقت انتظار ڪري. هي خط
راجڪماريءَ کي پهچايو ويو.
هوڏانهن ماگرور تي حملو ڪندڙ شهر ۾ داخل ٿي نه
سگهيا ۽ آخر نااميد ٿي پنهنجي ملڪ موٽي ويا. ان
کان پوءِ ماگرور جي ماڻهن راجڪمار کي راجا جي جاءِ
تي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيون.
پيءُ جي وفات جي صدمي ۽ سندس راجا ٿيڻ جي خوشيءَ
به ڪامسين جي دل تان ڪامروپ جي يادگيري فنا نه
ڪئي. راجا ٿيڻ کان پوءِ هڪدم پنهنجا امير ۽ وزير
گهرايائين ۽ کين چيائين ته مون کي ڪامروپ ڪنهن به
طرح حاصل ڪرڻ گهرجي. توهان حڪومت کي سنڀاليو ته
مان وڃي اهو ڪم سرانجام ڏيئي اچان. راجا جي هن
ارادي وزيرن کي ڏاڍو خوفزده ڪيو. هو عرض ڪرڻ لڳا
ته: هينئر گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ تنهن کان سواءِ
دشمن گجرات پهچڻ جا سمورا رستا بند ڪيا آهن،
تنهنڪري اهو ڪم راجا لاءِ خطري کان خالي نه آهي.
ليڪن هن چتاءُ مٿس ڪو اثر نه ڪيو. هو وڃڻ لاءِ
تياري ڪرڻ لڳو.
اهو ڏسي وزير نذر ساف عرض ڪيو ته: جيڪڏهن ائين آهي
۽ توهان کي هروڀرو راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻو آهي ته
پوءِ پاڻ نه وڃو، پر هڪ ٻانهي موڪليو جا اتي وڃي
ڪو رستو سوچي سگهي. هن اها صلاح قبول ڪئي ۽ هڪ
سهڻي ٻانهي دلهران نالي کي گجرات روانو ڪيائين.
هيءَ ٻانهي سونهن سان گڏ چالاڪيءَ ۾ بي مثل هئي،
سو ڇا ڪيائين جو دائيءَ جو لباس پائي سفر تي رواني
ٿي. هن ائين مشهور ڪرايو ته هوءَ عورتن جي مڙني
بيمارين جو علاج، طب ۽ جادوءَ رستي ڪرڻ چاهي ٿي.
تنهن کان سواءِ هن ماڻهن ۾ پئسا به جام ورهائڻ
شروع ڪيا، جنهنڪري سندس پهچڻ کان اڳ ۾ سندس خوبين
جي مشهوري گجرات ۾ پهچي ويئي.
جڏهن هيءَ طبيبياڻي گجرات ۾ پهتي، تڏهن هن جي علاج
جي خوبين جي خبر ڪامروپ تائين پهتي. هن هڪدم کيس
محلات ۾ اچڻ لاءِ چيو، پر ٻانهي وڏائي ڪندي چورائي
موڪليو ته هوءَ بادشاهن ۽ راڻين جي علاج ڪرڻ لاءِ
ڪانه نڪتي آهي. اهو ٻڌي ڪامروپ طبيبياڻيءَ کي آڻڻ
لاءِ پالڪي موڪلي، جڏهن هوءَ محلات ۾ پهتي، اتي
راجڪماريءَ پنهنجي علاج ڪرڻ لاءِ پنهنجو رومال ان
جي ڳچيءَ ۾ وڌو،ڳچيءَ ۾ رومال وجهڻ جي معنيٰ هئي
کيس مست ڪرڻ.
ٻانهي تمام سياڻي هئي، سو پهچڻ سان پنهنجا ڪتاب
کولي ۽ ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته واقعي راجڪماريءَ جي علاج
لاءِ ڪتاب ۾ ڏسي رهي آهي. ٿورو پڙهي چوڻ لڳي: ”مان
سمجهان ٿي ته تو هڪ رات ننڊ مان جاڳڻ تي پنهنجي کٽ
تي هڪ راجڪمار ستل ڏٺو آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان
راجڪماري سمجهي ويئي ته هوءِ ويڄياڻي نه هئي، پر
سندس محبوب جي پيغامي.آخر ٻانهيءَ کيس ٻڌايو ته
هوءَ راجا ڪامسين وٽان آئي آهي، جو پڻ سندس وانگر
بيمار آهي ۽ ساڳئي مرض ۾ مبتلا آهي. هي ٻڌي
راجڪماريءَ چيو ته: ”هاڻي ڪا ترڪيب ڪڍڻي آهي.
منهنجي شادي زبردستي منهنجي پيءٌ جي دشمن سان
ڪرائي ٿي وڃي، جنهن جي تاريخ ويجهي اچي چڪي آهي.
جيستائين ڪامسين مون کي حاصل نه ڪيو آهي، تيستائين
هي خطرو لاحق آهي. تون يڪدم موٽي وڃي ۽ راجڪمار کي
ٻڌاءِ ته هو منهنجو انتظار فلاڻي جهنگ ۾ ڪري.
ٻانهي، ڪامروپ جو هيءُ نياپو کڻي نهايت تيزيءَ سان
ڪامسين وٽ پهتي جو بنا دير جي حڪومت پنهنجي وزير
حوالي ڪري، تمام تيز گهوڙي تي سوار ٿي گجرات ۾ ان
ٻڌايل جهنگ ۾ اچي پهتو. اتي هن هڪ هاريءَ کي ٻڌايو
ته هو هڪ دولتمند واپاري آهي ۽ کيس ٻه ٽي ڏينهن
پاڻ وٽ رهڻ ڏي. ان جي عيوض راجڪمار هاريءَ کي هڪ
سئو سونيون اشرفيون ڏنيون. هاريءَ وڏي خوشيءَ سان
ههڙي مهمان کي پاڻ وٽ رهايو. هن هاريءَ جي مدد سان
ئي راڻي تائين پنهنجي اچڻ جي خبر پهچرائي.
جڏهن راجڪماريءَ کي هيءَ خبر پيئي، تڏهن ڏاڍو خوش
ٿي ۽ يڪدم مشحور ڪرايائين ته هوءَ پنهنجي سهيلين
سان گڏ جهنگ ۾ پرارٿنا ڪرڻ جي ارادي سان وڃي رهي
آهي. اهڙيءَ طرح راجڪماري سهيليون ساڻ ڪري جهنگ ۾
ٻڌايل هنڌ تي اچي پهتي، جتي گهوڙي تان لهي وڻ جي
سامهون پرارٿنا لاءِ جهڪي. ڪامسين ان وڻ جي پور ۾
راجڪماريءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڪامروپ جيئن
عبادت جو عذر ڪري هيٺ جهـُڪي، تيئن ڪامسين ٻاهر
نڪتو ۽ گهڙيءَ اندر راجڪماريءَ کي گهوڙي تي چاڙهي،
پاڻ پٺيان ويهي، گهوڙي کي تيز ڊوڙايائين.
راجڪماريءَ جي سهيلين ڪاموروپ کي گهڻو ئي ڳوليو ۽
سڏ ڪيا، مگر ڪو پتو ڪونه پين. گهڻيءَ تلاش کان
پوءِ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳيون ته: ”شايد ڪو ديوتا،
راجڪماريءَ تي عاشق ٿي پيو هوندو ۽ پاڻ سان وٺي
ويو هوندس.“ جڏهن رات جو واپس محلات ۾ آيون ۽ راجا
جئسنگراءِ کانئن ڪامروپ جي غير موجودگيءَ جو سبب
پڇيو، تڏهن ان جي سهيلين جواب ڏنو ته: ”راجا، هڪ
بيحد وڏو پکي آسمان هيٺ لٿو ۽ راجڪماريءَ کي اڏائي
کڻي ويو.“
ڪامسين، راجڪماريءَ کي گهوڙي تي کڻي، ڪجهه وقت
گهوڙو رستي سان ڀڄايو، پر پوءِ وري خيال آيس ته
ڪٿي راجا جا تيز گهوڙا نه اچي کين پڪڙين، تنهنڪري
گهوڙي کي جهنگ ۾ لاڙي، هڪ طرف منهن ڏنائين. ڪامسين
ان حالت ۾ سڄو ڏينهن گهوڙو ڊوڙايو. آخر جڏهن رات
پيئي، تڏهن پري کان ڪامسين کي ڪجهه دونهون ڏسڻ ۾
آيو. ان کي وسندي سمجهندي، گهوڙي کي ان طرف
هلايائين. ٿوري وقت اندر ڪامسين هڪ جهوپڙيءَ اڳيان
اچي راجڪماريءَ کي لاٿو ۽ اتي رات گـذارڻ
جو ارادو ڪيو. ”انسان جي دل ۾ هڪڙي، خدا جي
دل ۾ ٻي.“ جنهن کي هنن آرام لاءِ چونڊيو، ان ۾ هنن
لاءِ هڪ ٻيو دشمن موجود هو. ان گهر ۾ هڪ پوڙهو
ماڻهو رهندو هو، جنهن ڏائڻ سان شادي ڪئي هئي ۽ ان
مان چار راڪاس پٽ هئس. هنن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي
پوڙهي مرد سندن کِلي کيڪار ڪئي ۽ رات رهڻ لاءِ
چيو. پر ڳالهه هيئن ٿي جو ڪامسين کي ڏسندي ئي،
ڏائڻ هن تي عاشق ٿي پيئي ۽ راجڪماريءَ کي ان لاءِ
مارڻ جو پروگرام رٿيائين. هن اهو ڪم رات اندر ڪرڻ
ٿي چاهيو. رات جو جنهن وقت هن سمجهيو ته مهمان ننڊ
۾ هوندا، ڏائڻ پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ انهن
ڏانهن هلي، پر ڏائڻ ڏٺو ته ڪامروپ هٿ ۾ تير ڪمان
کڻي، پنهنجي محبوب تي پهرو ڏيئي رهي آهي. ڏائڻ
هيءُ ڏسي راجڪماريءَ کي ڊيڄارڻ لڳي، ليڪن هوءَ ڊڄڻ
واري نه هئي، يڪدم ڪمان ۾ تير وجهي ڏائڻ ڏانهن
منهن ڪيائين. ڏائڻ هڪدم ايڏو ڊگهي ٿي ويئي جو سندس
مٿو آسمان سان گسڻ لڳو ۽ نڪ زمين سان. ان کان پوءِ
ڏائڻ پاڻ کي هڪ جبل ۾ تبديل ڪيو ۽ ان حالت ۾
ڪامروپ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي. اهو ڏسي به
ڪامروپ ڪانه ڊني. هن ڇا ڪيو جو تير ڪمان سان جبل
جي مرڪز واري جاءِ تي تير هنيو. ائين ڪرڻ سان تير
وڃي ڏائڻ جي دل ۾ لڳو ۽ هوءَ يڪدم پنهنجي اصلوڪيءَ
شڪل ۾ اچي، زمين تي ڪِري پيئي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري
ويئي.
راجا ڪامسين جڏهن ننڊ مان جاڳيو، تڏهن راجڪماريءَ
سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ چيائينس ته: ”اسان کي هيءَ
خطرناڪ جڳهه هڪ دم ڇڏڻ گهرجي، نه ته اجهو ٿا ڪي
ديوَ اچن ۽ اسان تي حملو ڪن.“
اهو ٻڌي، راجا ڪامسين، ڪاموروپ کي گهوڙي تي چاڙهيو
۽ پاڻ ٽپو ڏيئي سندس اڳيان ٿي ويٺو. ان کان پوءِ
اڃا هي ٻئي اهڙيءَ طرح ڀڄڻ ۾ هئا ته هنن ست راڪاس
ڏانهنِ ايندا ڏٺا جي ان ڏائڻ جاپٽ هئا. ڏائڻ
راجڪماريءَ سان ڪوڙ هنيو هو ته سندس راڪاس پٽ اڳ ۾
قتل ٿي ويا هئا. راجا گهوڙي کي گهڻو ئي ڊوڙايو، پر
سڀ اجايو هو، ڇو ته راڪاس جي رفتار جي هيءَ حالت
هئي ته هڪ قدم ۾ پوري فرلانگ جو فاصلو پئي هليا.
ان مايوسيءَ جي وقت ۾ راجڪماريءَ وري پنهنجي تير
ڪمان سڌي ڪئي ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڇهه راڪاس ڪيرائي
وڌا، باقي ستون راڪاس هيءُ حال ڏسي، وٺي پٺتي ڀڳو.
ان کان پوءِ، راجا گهوڙي کي خوب ڊوڙايو ۽ آخر هڪ
پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي ڪنارن
تي گهاٽي ڇانوَ وارا وڏا وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا هئا.
هنن اتي ترسي، ٿورو آرام ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ گهوڙي
تان هيٺ لٿا. لهڻ سان هنن هڪ پوڙهو ڏٺو جو بيمار
پئي ڏسڻ ۾ آيو. راجا کي ان تي رحم اچي ويو ۽
پڇيائينس ته تون ڪير آهين؟ پير مرد جواب ڏنو ته:
”مان هرات کان اچان ٿو، مون سان گڏ ٻيا ساٿي به
هئا، پر مان جڏهن بيمار ٿي پيس، تڏهن منهنجو کاڌو
وغيره به پاڻ سان کڻي، مون کي هتي ڦٽو ڪري هليا
ويا. راجا هن کي کاڌو وغيره کارايو ۽ چيو ته: ”تون
اسان جي خدمت چاڪريءَ لاءِ اسان سان رهي پوء.“ ان
کان پوءِ راجا ان ڍنڍ ۾ سنان ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
پنهنجا ڪپڙا لاهي ۽ تير ڪمان به ان پير مرد کي
ڏنائين ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجڻ ويو. اڃا راجا چيلهه
جيڏي پاڻيءَ ۾ مس ويو ته هن پير مرد جو دراصل، ان
ڏائڻ جو ستون راڪاس پٽ هو ۽ ڀڄي ويو هو، ان تير،
ڪمان مان ڪشي، راجا کي دل ۾ هنيو. راجا اتي پورو
ٿي ويو ۽ مٿانئس پاڻي وري ويو. ان کان پوءِ راڪاس
راجا جا ڪپڙا پائي، سڌو راجڪماريءَ وٽ ويو ۽
ٻڌايائينس ته مون راجا کي ماري ڇڏيو آهي، تنهنڪري
تون هاڻي منهنجي ڪنوار بنج.
راجڪماريءَ سوچيو ته راڪاس جي قبضي مان ائين جان
ڇڏائڻ مشڪل آهي، تنهنڪري مڪر ڪري ان کي شاديءَ جي
قبوليت ڏنائين، پر چيائينس ته: ”تون پاڻيءَ ۾
پهريائين سنان ڪر ته پوءِ توسان شادي ڪنديس.“
راڪاس به راجڪماريءَ جي مڪر کي سمجهي نه سگهيو، سو
تيار ٿي، ڪپڙا لاهي، تلاءَ ۾ وهنجڻ جي ارادي سان
ٽپو ڏنائين. راجڪماري راڪاس سان به ساڳي ڪار ڪئي.
تير، ڪمان ۾ وجهي راڪاس کي اهڙو چٽيائين جو هو
اُتي جو اُتي جو ختم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ ان جا
ڪپڙا لاهي، ٻاهر آندائين ۽ ڪامسين کي به پاڻيءَ
کان ٻاهر ڪڍيائين. مئل راجا کي ٻاهر کڻي
سمهاريائين ۽ ان جو مٿو پنهنجو جهوليءَ ۾ رکي، زور
سان ماتم ڪرڻ لڳي. اهڙيءَ طرح پنهنجي محبوب تي،
سڄو ڏينهن روئندي رهي ۽ اڌ رات وقت ان غم ۾ ايڏو
پريشان ٿي جو سوچيائين ته هن حياتيءَ کان مرڻ بهتر
آهي. انهيءَ ارادي سان خنجر پنهنجي ڇاتيءَ ۾ هڻڻ
جي سانباهي ۾ هئي.
ڪامروپ جو اهو سڄو لقاءُ مهاديو، عرش تان ويٺي
ڏٺو. ان جي روڄ ۽ راڙي تي کيس ڏاڍو رحم آيو، سو
پراواتيءَ سان گڏ اهو به هيٺ زمين تي لهي آيو.
زمين تي لهڻ کان پوءِ ڪامروپ کان روئڻ جو سبب
پڇيائين، جنهن سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ڪامروپ جي
راجا لاءِ اهڙي سچي محبت ڏسي، مهاديو مئل راجا کي
وري زنده ڪيو جو اکيون مهٽيندي ائين اٿيو جيئن ڪو
ننڊ مان اُٿندو آهي. راجا ۽ راجڪماري ڪامروپ پيار
مان هڪ ٻئي کي مليا ۽ مهاديو پراوتيءَ سان وري
آسمان تي چڙهي ويو.
ان ئي ڏينهن ڪامسين ۽ ڪامروپ گهوڙي تي چڙهي اڳتي
هليا. سورهين ڏينهن، هنن کي هڪ وڏو شهر سامهون نظر
آيو. جڏهن هو انهيءَ شهر جي هڪ دروازي وٽ پهتا،
تڏهن معلوم ٿين ته انهيءَ شهر جو نالو ديول آهي ۽
اُتي جي راجا جو نالو ڪـَندُ آهي. هنن ٻنهي جي اچڻ
جي خبر راجا ڪند کي پئجي ويئي، جنهن هنن کي پاڻ وٽ
گهرايو ۽ اتي اچڻ جو سبب پڇيو. ڪامسين جواب ڏنو
ته: ”مان ماگرور شهر جي راجا نرڪرپال جو پٽ آهيان،
جهنگ ۾ شڪار ڪرڻ آيس، پر اُتي رستو وڃائي ويٺس.
رات گذارڻ لاءِ هتي آيو آهيان.“ راجا اهو احوال
ٻڌي، هنن جي ڏاڍي خاطرداري ڪئي ۽ پاڻ وٽ رهايو.
ڪامسين ڪجهه ڏينهن اُتي رهيو. هڪ ڏينهن، هڪڙو
هاري، راجا ڪند وٽ اها شڪايت کڻي آيو ته هڪڙو
شينهن سندس ڍڳا ڍور کائي چٽ ڪري ويو آهي ۽ اها
وينتي ڪيائين ته راجا ان شينهن کي مارائڻ جو ڪو
بلو ڪري. هاريءَ جو اهو عرض ٻڌي، راجا ڪامسين ٽپ
ڏيئي اُٿيو ۽ چيائين ته: ”مون کي اجازت ڏني وڃي ته
آءٌ توهان جي ڪيل احسان جي بدلي ۾ شينهن کي وڃي
ختم ڪريان.“ راجا اها ڳالهه ٻڌي هن کي اجازت ڏني.
ان کان پوءِ بهادر راجا ڪامسين، هاريءَ سان گڏجي
سندس گهر ڏانهن ويو ۽ ڏٺائين ته سچ پچ شينهن هڪ
ڍڳو کائي رهيو آهي. هيءَ ماجرا ڏسي راجا ان طرف
وڌيو. شينهن هڪ انسان جي اها جرئت ڏسي، مٿس حملو
ڪيو. راجا ڪامسين بهادري ڏيکاريندي، تيز تير شينهن
جي ڇاتيءَ ۾ لنگهائي وڌو، جنهن هن جو ڪم تمام ڪري
ڇڏيو. ان کان پوءِ جڏهن راجا ڪامسين شينهن کي ناس
ڪري راجا ڪند وٽ آيو، تڏهن راجا خوشيءَ وچان
پنهنجي راجڪماري واسوءَ جو سڱ کيس ڏيڻو ڪيو.
هيءَ ڪماري هڪ وڏي پاپي عورت هئي، جنهن هن کان اڳ
پنهنجا ڪيترائي مڙس ماري ڇڏيا هئا. جڏهن کيس خبر
پيئي ته ڪند سندس ٻانهن راجا ڪامسين جي حوالي ڪئي،
تڏهن هن ڪامسين کي پنهنجي محلات ۾ گهرايو ۽ جادوءَ
جي زور تي هڪ رڍ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اڱڻ ۾ ڪِلي
سان ٻڌي قابو ڪري ڇڏيو.
جڏهن راجا ڪامسين نه موٽيو، تڏهن ڪامروپ ڏاڍو
پريشان ٿي. شهر ۾ راجا جي ڳولا ڪيائين، ليڪن ڪو به
پتو ڪو نه پيس. آخر گهڻي ڳولا کان پوءِ راجا جي
پيرن جا نشان شهزادي واسوءَ جي محلات ڏانهن ويندي
ڏٺائين. هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کان پوءِ جڏهن محلات
مان واپس موٽڻ جا نشان نظر نه آيس، تڏهن يڪدم
سمجهي ويئي ته واسوءَ ڪو ساڻس ويل ڪيو آهي. پنهنجي
ڪمري ۾ وڃي مرداڻو لباس پائي، واسوءَ جي محلات
هيٺان اچي لنگهي. اوڏيءَ مهل مڄاڻ محلات جي دريءَ
مان شهزادي ڪامروپ کي واسوءَ ڏسي ورتو ۽ کيس هڪ
سهڻو نوجوان سمجهندي، پنهنجي محلات ۾ اچڻ لاءِ
گهرائي ورتو. انهيءَ دعوت تي ڪامروپ سڄي ڳالهه
سمجهي ويئي. يڪدم واسوءَ کي دسي کڻي نوڙيءَ سان
ٻڌائينس ۽ چيائينس ته: ”جيڪڏهن ڪامسين کي آزاد نه
ڪندينءَ ته مان توکي اتي ئي گهٽي ماري ناس ڪري
ڇڏينديس.“
واسوءَ هڪدم وٺي رڙيون ڪيون ۽ سندس گوڙ تي راجا
ڪند پاڻ محلات ۾ لنگهي آيو. راجڪماري ڪامروپ راجا
کي واسوءَ جي ڪيل ڏوهه کان واقف ڪيو. راجا، ڪامروپ
کي واسوءَ کي معاف ڪرڻ لاءِ منت ڪئي، ليڪن ڪامروپ
نه مڃيو ۽ تيستائين نه ڇڏيائينس، جيستائين هن
ڪامسين کي وري انساني روپ ۾ آندو ۽ پوءِ ان ڏائڻ
جي چوٽي ڪتريائين، جنهن ۾ جادوءَ جو زور هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، راجا ڪامسين جي شادي واسوءَ
سان وڏي ڌام ڌوم سان ڪرائي ويئي ۽ ان خوشيءَ ۾
راجا ڪيترائي ڏينهن شڪار ۾ گذاريا. پر واسوءَ جي
من ۾ ڪامروپ لاءِ ڌڪار جيئن پوءِ تيئن وڌندي رهي.
هڪڙي ڏينهن جڏهن هـُن ڪامروپ کي غسل ڪندي ڏٺو ۽
سندس حـُسن جو پورو جلوو پسيو، تڏهن ته سندس دل ۾
حسد جي باهه ڀڙڪڻ لڳي. پنهنجي وارن وڃائڻ کان
پوءِ، جادوءَ جي وسيلي ته ڪامروپ کي ڪو نقصان
پهچائي نه ٿي سگهي، تنهن هوندي به هن همت نه هاري
۽ ڪامروپ جي خاتمي لاءِ هڪ خطرناڪ سازش سٽيائين.
ان ڏينهن شام جو، جنهن وقت ڪامسين واسوءَ جي محلات
۾ آيو، تڏهن واسوءَ کي ڏاڍو غمگين ڏٺائين ۽ کانئس
ان جو سبب پڇيائين. ليڪن واسوءَ، ڪامسين سان بلڪل
نه پئي ڳالهايو. راجا ڪيترائي سوال پڇيا، مگر واسو
خاموش رهي. ڪجهه دير کان پوءِ، واسو ٿورو کـُلي ۽
راجا کي چوڻ لڳي ته: ”توهان جيڪا خوبصورت ڇوڪري
پاڻ سان آندي آهي، اها توهان سان بي وفا آهي ۽ هڪ
وڏي دغاباز ٿي ڏسجي.“ هي ٻڌي ڪامسين کي ڏاڍو غصو
لڳو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مون دنيا جي تختي تي ڪامروپ
جهڙي صاف دل ۽ پوتر عورت ڪانه ڏٺي آهي. ٻه دفعا ته
هن منهنجي زندگي بچائي آهي. مون کي يقين آهي ته
هوءَ مون سان وفادار آهي.“ اُن تي واسو، ڪامسين کي
ٽوڪيندي چيو ته: ”چڱو توکي هـُن سـَتيءَ تي ايڏو
ڀروسو آهي ته پوءِ سڀاڻي شڪار تي وڃڻ بدران ڪامروپ
کي جاچ ۽ ڏس ته ڪهڙيءَ طرح سندس نوان عاشق ڀتيون
ٽپي هن وٽ وڃن ٿا.“ راجا يڪدم ان رٿ کي مڃيو،
ڇاڪاڻ ته هن کي يقين هو ته اها دعويٰ ضرور ڪوڙي
ثابت ٿيندي.
ٻئي ڏينهن راجا ڪامسين محلات مان شڪار جي بهاني
سان ٻاهر نڪري ويو. دراصل هو شڪار ڪرڻ ڪين ويو هو،
پر هڪ اهڙي هنڌ وڃي لڪي ويٺو، جتان ڪامروپ جي
محلات کي چڱي طرح ڏسي سگهيو ٿي. راجا جي وڃڻ کان
پوءِ، ظالم واسوءَ ڇا ڪيو هو مرداڻو لباس پهري،
ڪامروپ جي محلات جي ڀت تي چڙهي ۽ دريءَ مان اندر
داخل ٿي. ڪامسين اهو سڀ ڪجهه ڏسي غلط فهميءَ ۾
مبتلا ٿي ويو ته جيڪي واسوءَ چيو ٿي، سو سراسر سچ
آهي. بس پوءِ ته هڪدم گهوڙي کي ڊوڙائي گهر آيو ۽
جلادن کي گهرائي، کين حڪم ڏنائين ته: ”شهزادي
ڪامروپ کي يڪدم محلات مان وٺي رڻ ۾ نيئي سندس ٻئي
اکيون ڪڍي ڇڏيون.“ راجا اهو قهر جو ڪم غصي ۽ ڪروڌ
جي باهه وچان ڪيو.
جلادن حڪم ٻڌڻ کان پوءِ، ڪامروپ کي محلات مان وٺي
هڪ رڻ پٽ ۾ آندو. قضا سان ڪامروپ جو ڪو ڀاڳ ڀلو
هو. جلادن کي ڪامروپ جي حـُسن ۽ جوانيءَ تي رحم
اچي ويو، تنهنڪري کيس مارڻ بدران ڇڏي ڏنائون، ۽
سندس اکين جي بجاءِ، هڪ هرڻ کي ماري ان جون اکيون
ڪڍي، ۽ موٽي اچي راجا کي ڏيکاريائون. |