پاند پسائڻ کان پاسو کان پاسو
19- (بيت)
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾
مٿان ٿا به چون متان پاند پسائين
شرح-
جناب سرتاج سنڌ پنهنجي فهم فهيم موجب فرمائي رهيو
آهي ته ميثاق واري الستي ڏينهن کان وٺي منهنجي
محبوب معنوي مون کي قالو ابلى جي ٻول وٺڻ سان ائين
ٻڌو آهي جيئن جو ماءُ پنهنجي ٻچي ۽ ٻار کي ڄمڻ کان
وٺي چند مهينن تائين ٻنڌڻن ۾ ٻڌي قابو ڪندي آهي پر
انهي مادر مشفقه جي نيت خالص ۽ ايرادو هي هوندو
آهي ته جيئن منهنجو پيارو ٻار ٻنڌڻن جي ٻڌڻ ڪري
بدن بيهڪ ۾ سڌو سئون سهڻو ٿي هلي متان سوا ٻڌڻ جي
سندس ڄنگهون ۽ عضوا ڦري ڏنگا ۽ ڦڏا ٿي وڃن تنهن
ڪري ايترا سارا ڏينهن پنهنجي ٻچي کي بنا ڪنهن
حياعه رحم ڪرڻ جي ٻڌندي رهندي آهي- تنهن وانگي
پنهل پرين پاڪ جو لک ڪروڙ ڀيرا ظاهري مادر پدر کان
رحم ڪرم ڪرڻ ۾ وڌيڪ آهي تنهن به مون کي ميثاق واري
ڏينهن جو ڄڻ روحن جي ڄمڻ جو ڏينهن ۾ تنهن ڏينهن ۾
پهريائين (الست بربکم) فرمائي
قالوا بلى
جي ٻول ۾ پڪي پايه سان ٻڌي پوءِ دنيا جي درياعه
تار ۾ وجهي مٿان دڙڪو ڏئي چيائين ته متان هي عهد
الستي وساري پنهنجا چارئي پاند پاپن جي پليد پاڻي
۾ پسائين- هتي ٻول ٻڌڻ ۽ پسڻ کان پاسو ڪرڻ ۾ پڻ
پرين کي پنهنجي پياري ٻانهي جي خير خواهي ۽ ڀلائي
مد نظر آهي وگر نه ٻانهي جي ٻول ۽ پاند پسائڻ جي
هن سائين کي ڪهڙي ڪاڻ آهي هو ته سدائين صمد بي
نياز بادشاه آهي جنهن کي ڪنهن جي به عبادت جي گهرج
۽ پرواه نه آهي مگر انسانن ۽ جنن کي عبادت جو حڪم
سندن سڌاري ۽ فائدي لاءِ ڏيڻ فرمايو اٿس- تنهن ڪري
ڀٽ ڌڻي پاڻ تسليم ڪري ٿو ته جنهن وقت الله سائين
مون کي الست بربکم جو استفهام ڪرڻ فرمايو تڏهن
بروقت مون سوچي سمجهي پنهنجو پورو پورو فائدو ڄاڻي
هڪدم
قالوا بلى
جو وچن پنهنجي خوشي سان خوشي ٿي ڪيم جو اڃان تائين نه وسريو آهي جيئن جو
هن هيٺين بيت
۾ سندس اقرار عيان آهي (بيت) الست بربکم جڏهن ڪن
پيوم قالوا بلى- قلب سين تڏهن تت چيوم تهين وير
ڪيوم وچن ويڙيچن سين) باقي رهيو بيت جي آخرين جمله
- متان پاند پسائين) جو جواب سو سرتاج سنڌ جي
نظريه نگاه موجب هي آهي ته پرين پاڪ پنهنجي ٻانهي
خطرناڪ جو ڌيان ۽ خيال ڇڪائي فرمائي ٿو ته اي
انسان جڏهن به آسماني فرمان توتي اچي ۽ انهي ۾
توکي على الاعلان عصيانن ڪرڻ ۽ پاپن جي
پاڻي ۾ پاندن پسائڻ کان منع ۽ روڪ ٽوڪ هجي ته تون
انهي آسماني حڪم جي آڏو پنهنجو گردن جهڪائي خم ڪري
سر بسجود رهجاءِ متان امر جي انحرافي ڪري پنهنجا
چارئي پاند پاپن جي پاڻي پليد ۾ پسائي عذاب اليم ۽
جهنم جي جيل نالي حجيم جو حقدار ٿي هن ساري حقيقت
تي هيٺيون ٻه آيتون الاهي شرح شافي جو ڪم ڏين ٿيون
1- پهرين آيت هي آهي
اماياتينکم مني هدي فمن اتبع هداي فلايضل و
ولايشقى) يعني جڏهن به مون وٽان توهان وٽ هدايت جو حڪم اچي پوءِ جو
اوهان مان هدايت تي هليو ته انهي جو پاند پاپن ۾
نه پسندو ۽ نه منهنجي مشاهدي کان محروم رهندو) پر
جو باوجود منع جي به پنهنجا چارئي پاند پاپن جي
پاڻي ۾ پسائي پاڻ کي مجرم ۽ ناپاڪ بڻائيندو ته
انهي لاءِ جهنم جو جيل کليل رهندو جو هو انهي جيل
۾ نه مرندو نه جئندو بلڪ جاوداني جسمي سزا ڀوڳيندو
رهندو جيئن جو هي 2- ٻي آيت ڪريمه انهي ڳالهه تي
پوري پوري شاهدي ڏئي رهي آهي ته
من يات ربہ مجرما فان لہ جهنم لايموت فيها ولايحي)
جو به پنهنجي پروردگار ڏي چارئي پاند پسائي مجرم
ٿي ايندو انهي جي جاءِ جهنم آهي جو انهي ۾ نه
مرندو نه جئندو) هن آيت مان چٽو ۽ صاف ثابت آهي ته
پاپن ۾ پاندن پسائڻ وارو مجرم سدائين سقر جي باه ۾
سڙندو رهندو مگر عذابن جي سختي ڏسڻ سبب مري به نه
سگهندو. رڳو عذابن ۾ حياتي گذاريندو- نعوز بالله
من ذلک العذاب
پسڻ کان پالهي ٿيڻ جو رستو روحاني رهبر هئن ٻڌائي ٿو
2-(بيت)
پريت رک پنجن سان ٽيهئي ڪر بحال،
انهي تڪرار ڳالهه تنهنجو پاند پسندو ڪينڪي
شرح-
روايت شهرهعه آفاق آهي ته هڪ ڏينهن
جڏهن جناب سرتاج سنڌ جي زبان فيض ترجمان منجهان
بيت مذڪور نمبر 19 وارو نروار ٿيو تڏهن سندس معتقد
۽ مريد نالي عنايت الله صوفي به موجود هو هي اهو
عنايت آهي جنهن جي نالي تي ديوان عنايت بيتن ۾
ڇاپيل آهي جنهن ديوان ۾ پڻ لطيف جي نالي ۾ لڪائي
وحدت وجودي ڳائي اٿس- انهي صاحب بطور اعتراض جي هي
بيت پنهنجو لطيف جي بيت مذڪور جي جواب ۾ پيش ڪيو
جو هي آهي- پئي جا پاتار سا پسڻ کان ڪئن پالهي
رهي) سندس اعتراضي بيت جو مطلب آهي ته جو به انسان
دنيا جي درياءَ تار ۾ رهي ٿو تنهن جو پاند پاپن جي
پاڻي ۾ پسڻ کان پالهو هرگز نه رهي سگهندو تنهن جي
جواب باصواب ۾ جناب ڀٽائي صاحب خاص طرح عنايت الله
صوفي کي ۽ عام طرح سڀني انسانن کي بيت مذڪور نمبر
20 سان خطاب ڪري چوڻ فرمائي ٿو ته توهان پنج وقت
نماز ۽ ٽيهن روزن کي پورن پورن وقتن تي پرت واري
پابندي ۽ پايداري سان پڙهندا رهندؤ ته پوءِ توهان
جو پاند پاپن جي پاڻي ۾ هرگز نه پسندو- شاه صاحب
شاندار جو اهو چوڻ بلڪل پورو ۽ برابر آهي ڇو ته
نماز جي تڪرار ۽ دوام جي هي پهرين ڪرامت ۽ معجزو
آهي جو نمازي جي پاندن کي پسڻ کان پالهو ۽ پاڪ رکي
جنهن جي پٺ ڀرائي ۾ بطور شرح جي هي آيت ڪريمه ڪافي
آهي
ان الصلواه تنهى عن الفشاعه والمنڪر) يعني تحقيق نماز بي حيائي جي بدڪمن ۽ غير شرعي ڪمن کان
روڪي رکندي آهي) پر انهي بابت هڪ روايت رسول الله
صه جي مروي آهي ته ابتدا اسلام ۾ حضور جن جي حضور
فيض گنجور ۾ هڪ اصحاب ڪنهن نوجوان جي شڪايت هن طرح
پيش ڪئي ته فلاڻو نوجوان نماز به پڙهندو آهي پر
تنهن هوندي به بدڪم چوري وغيره ڪندو آهي پاڻ ڪريمن
فرمايو ته نماز جلد انهي کي بدڪمن کان روڪي ڇڏيندي
حضرت جي انهن چوڻ کان پوءِ هن نوجوان برابر ٿورن
ئي ڏينهن ۾ بدڪمن کان بيزاري ڪري ڇڏي-
دنيا جو جهان درياءُ آهي
21- (بيت)
دنيا سڀ درياءَ ڪو ڪو تارو تنهن ۾
ڪي لڙهي
لهوارا ٿيا، ڪي طالبن توڙاه
جن جو عشق
ساڻ الله لهر نه لوڏي تن کي)
شرح-
سرتاج سنڌ جي نظريه موجب دنيا جو جهان سارو درياءُ
۽ سمنڊ جي مثال آهي جنهن درياءَ دهشتناڪ مان تري
سهڻي وانگي ميهار جي ملاقات لاءِ پار پهچڻو آهي پر
تري پار پهچڻ واسطي ترهي ۽ ٻوڙي ۽ ٻيڙي وغيره جي
ضرورت پوندي آهي پر تڏهن به ڪي ڪي فرد ڪامل ڪريم
جي ڪرم ۽ رحم سان پاڻ مرادو تري پار پهچندا آهن پر
اهي اُهي عارف اڪمل آهن جن تي خاص عنايت ايزدي على
سبيل العطاءَ و الوهب ارزان ٿيندي آهي وگرنه ڪيترن
کي دنيائي درياءَ جي لهرن لوڙهي ٻوڙي ڇڏڻ فرمايو
آهي جيئن جو ڪن کي لوڀ لالچ جي لهر لوڙهي ٻوڙيو ته
ڪن کي لاڏ وڏائي تڪبر جي لهر لوڙهي ٻوڙيو ته ڪن کي
ڪڪڙن ڪتن جي ويڙهائڻ واري وير ۽ لهر لوڙهي ٻوڙي
ڇڏيو ته ڪن کي وري ڏاندن ڀڄائڻ ۽ جوا جي لهر لوڙهي
ڪنڌ ڀر ڪيريو وغيره وغيره پر ڪي طالب صادق ته تار
تري توڙ پهتا ۽ پهچندا رهندا، اهي اُهي عاشق صادق
الله تعالى جا آهن جن کي درياءَ جو ٻوڙڻ ته پري
رهيو پر کين ڪا به لهر لوڏي به نه سگهندي- پوءِ
تون به اي انسان جلد ۾ جلد خواب غفلت کان بيدار ٿي
دنيا جي درياءَ عميق مان تري پار پهچڻ واسطي ڪو
ٻوڙو هٿ ڪري طاعت ۽ توڪل جو ترهو ٻڌي پار پهچ وگر
نه ٻڏڻ کان ٻيڙي هٿ ڪري انهي ۾ سڪ سان سوار ٿي
پار ارار پهچي نجات جي نعت عظمى ماڻي وٺ وگرنه
گناهن جي گرداب ۾ غوط خور ٿي سوا ڪنهن سفينه ۽
ترهي جي ٻڏي غرق ٿي ويندي جيئن جو هن حديث حبيب
الله صلي الله عليہ وسلم جي مان دنيا جي جهان جو
درياءُ هجڻ ثابت آهي.
الدنيا بحر عميق والمساجد فيها سفينہ کسفينة نوح
فمن رڪب عنها نجن و من تخلق عنها غرق)
يعني دنيا اونهون درياءُ آهي جنهن ۾ مسجدون نوح جي
ٻيڙين جهڙيون ٻيڙيون آهن پوءِ جو شخص انهن ٻيڙين ۾
سوار ٿيو اهو ڇٽل آهي پر جو نه سوار ٿيو بلڪ پوئتي
رهجي ويو ته اهو ٻڏي ويو) ٻڏي وڃڻ مان مراد هي
آهي ته اهو شخص گناهن ۽ غفلت جي گرداب ۾ غوطا کائي
کائي سوا توبه ڪرڻ جي
گناهن ۾ غرق ٿي ٻڏي مري ويو تنهن ڪري هي حديث شريف بيت مذڪور لطيفي جو پورو
پورو شرح آهي- پر دنيا جو درياءُ هجڻ زيرين ڪافي
خاڪ جي مان پڻ ظاهر آهي (ڪافي) دنيا دردن جو دريا
آ تري ڪو درد، دل وارو جهلي لهرن سندا لوڏا مجاهد،
مرد دل وارو 1- لکن مان ڪو لنگهي درياءَ جون
لهريون لتاڙي ٿو، پياسي پار ٿو پهچي رمي روز رد دل
وارو.
2- ولي الله جو نالو گهڙيا جيڪي اُهي چڙهيا.
فتح فرعون تي ماڻي تري ٿو فرد دل وارو
3- عصا لاحول جي هٿ سان هڻي جو موج دريا ۾
تري درياءَ مون شہ طور جو شاگرد دل وارو
4- گهڙي سڪ سير ۾ سهڻي سنڀالي پنهنجي ساهڙ کي
ملي سيرن اندرن ساهڙ ويس همدرد دل وارو
5- خوشي سان خاڪ سهڻي جان ڏنو سر پنهنجو ساهڙ کي
تڏهن سرچي ٿيو تنهن سان ساهڙ سرد دل وارو
شاه جي نظريه موجب ٻوڙي مان مراد مرشد آهي
22- (بيت)
ٻڏندي ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجهن پسو لڄ لطيف چئي
ڪيڏي منجهه ڪکن توڙي ڪنڌي ڪن يا ساڻ هوندا سير ۾)
شرح- ڄاڻن گهرجي ته لطيف لاثاني جي ترجمان الهام
آسماني جي نظريه موجب دنيا جي درياءَ مان امن ۽
سلامتي سان پار پهچڻ واسطي ٻوڙي کي وسيلو وٺڻ واجب
آهي جنهن جي ذريعي ٻڏڻ کان بچي ڪنهن ڪنڌي ڪناري تي
پهچي پار ٿجي اهو ٻوڙو مرشد ڪامل آهي- جنهن جي نظر
فيض اثر سان ۽ صحبت سوني پرت پرور سان لهرين دنيا
کان لنگهي پار پهچڻ سلامتي سان سولو لڳي ٿو جيئن
جو بيت مذڪور ۾ لفظ ٻوڙن جو آندل آهي ڀٽائي جي
نظريه موجب ٻوڙن جو اطلاق مرشدن تي آهي تنهن ڪري
مرشد مربي رهبر ربي کي وسيلو وٺي درياءَ ۾ گهرڻ
ڪاميابي جو ڪارڻ آهي هادي جو هٿ وٺڻ هشيار ۽ هاتڪ
جو ڪم آهي نه غافل ۽ ڪاهل جو هن بيت مذڪور جي
تائيد ۾ بطور شرح جي هي آيت ڪم ڏئي ٿي
يا ايهاالذين اتقوا الله وا ابتغوا اليہ الوسيلته)
يعني اي مؤمنو الله کان ڊڄو ۽ انهي جي طرف وسيلو
وٺي اچو) مطلب ته مرشد ڪامل جي وسيلي کان سوا
محبوب جو مشاهدو ماڻڻ مشڪل آهي- رهبر روحاني جي
رغبت روح پرور کان سوا ڏيہ ڏورڻ عبث ۽ اجايو آهي،
ڇو ته، پير روشن ضمير کان سوا ڪا به پنڌ ڪري منزل
مقصود تي نه پهتي آهي جيئن جو هن زيرين بيت ۾
سرتاج سنڌ چٽا ئي ڪرڻ فرمائي آهي (بيت) اپر اسونهن
ڏيهه گهڻو ئي ڏوريو، سڳر ري سونهن پهتي ڪا نه پنڌ
ڪري) هن بيت جي پٺ ڀرائي هي حديث شريف آهي –
الرفيق ثم الطريق) يعني اڳ ۾ رهبر رفيق هٿ ڪري
پوءِ طريق ۽ واٽ ۾ پير پائڻ گهرجي)
سچن سونهن جي ساراه 23 – بيت
جوڳي ڦوڳي ڪاپڙي ڪنو تيون ڪن چير هنيون وڃن حال
سان سيني منجهه سيرير اُهي جوڳي ٺڳ فقير جي کلندي
دل کسي ويا)
شرح –
سرتاج سنڌ جي فرمان موجب سچا مرشد ڪامل ڪاپڙي
اُهي آهن جن جي صحبت صادق ۽ لقاءَ لائق سان سينن ۾
سرير ۽ جذبو جوش جاڳي اُهي اهڙا عارف الاهي کلندي
خلق محمدي ۽ خلوص خالص سان دم ۾ دل کسي رفو چڪر ٿي
ويندا آهن اهڙن سچن سونهن صادقن جي صحبت سعيده ۾
همرڪاب رهڻ لاءِ قرآن ڪريم بطور شرح جي هئن چوڻ
فرمايو آهي ته-
يا ايها الذيرن آمنوا اتقوا الله وکونوا مع
الصادقين) يعني اي مومنو الله کان ڊڄي صادقن جي صحبت ۾ رهو) پر انهن سچن
سونهن ۽ مرشدن ڪاملن جي علامت سچل سرمست جي نظريه
موجب هي آهي. جو اُهي رهبر روحاني گهڻو ڪري ماڻهن
کان مهن موڙي گوشه نشين ٿي گذارڻ راضي رهندا آهن ۽
عام سان رلڻ ملڻ ۾ ڪجهه عار ڪندا آهن جيئن جو سندس
هيٺين بيت مان ظاهر باهر آهي (بيت) جوڳي جال ڏٺام
پر ڪو ڪو لڀي ڪاپڙي هي ويهين وستن ۾ ويا هو لوڪ نه
لڙيا ۾ تني ڪاڻ ٿيام هي هي ههڙا حالڙا) پر ڪي رسمي
پير جن کي عوام ڏاڏا پير ڪري ڪوٺيندا آهن جي حقيقت
۾ پير نه آهن پر ماڻهو، عوام هنن کي عادت موجب ۽
رسم رواج سبب پير ڪري ڄاڻندا آهن ۽ اهي رسمي پير
سال به سال سوا دعوت ديني جي پاڻ مرادو مريد جاهل
جو در کڙڪائي ڏن پٽ وٺي پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪم
ٽپائي ويندا آهن- باقي ٿيو حق هدايت جو رستو پاڪ
ڏيکارڻ سو هو صاحب پاڻ ئي گمراه جاهل اڻ ڄاڻ آهن
ته ٻين کي ڪهڙي واٽ ڏيکاريندا موجب زيرين مصرعه –
هرکه گمره ست کرا رهبري کند) يعني جيڪو پاڻ گمراه
آهي سو ٻي کي ڪهڙي واٽ هدايت جي ڏيکاريندو 2- پير
جي لفظ جي معنى لغوي آهي پيروي ڪندڙ – پوءِ جي پير
رهبر پيغمبر ڪريم جي شريعت پاڪ جي پيروي ڪندو ته
اهو پير رحماني آهي پر جي پيروي شيطان جي ڪندو ته
پير شيطاني چئبو نه رحماني جيئن جو مولانا رومي
صاحب اهڙن پيرن جي بابت فيصله ڏنو آهي ته – کار
شيطان ميکند نامش ولي گرولي اين ست لعنت برولي
ايضا اي بسا ابليس آدم روئي هست پس به هر دستي
نبايد داد دست) يعني جو پير ڪم شيطاني ڪري اهو
نالي پير آهي اهڙي پير تي لعنت لائق آهي – گهڻا
شيطان آدمي جي شڪل ۾ آهن پوءِ اهڙن جي هٿ تي هٿ
ڏيڻ نه گهرجي) اهي فقط پيٽ پالو آهن نه حقيقي پير
جي رڳو کائي پي ڏنڊا ڏوٽا پوءِ پنهنجي وطن ڏي
ورندا آهن پوءِ مريد ويچارو وڃي ڪٽ جي ڪڻان ٿئي
اهڙن رسمي پيرن پيٽ پالڻ کي جناب ڀٽائي صاحب هيٺين
ريت پنهنجي بيت ذريعي ظاهر ڪيو آهي (بيت) جوڳي هن
جهان جا ڏئوٽا ۽ ڏئوٽا پني کائن پيٽ ۾ ٽڪر ۽ ٽوٽا
کرا ۽ کوٽا پورب ٿيندا پڌرا) تنهن ڪري هر ماڻهو کي
مرشد وٺڻ گهرجي پر انهي کي اڳ ۾ شريعت ۽ طريقت جي
ڪسوٽي تي پرکڻ گهرجي پوءِ جي شريعت پاڪ جو تابع نه
آهي توڙي جو علم وارو به هجي ته اهو بالاتفاق
شريعت موجب مرشد سڏائڻ جو مستحق نه آهي اهڙي جو هٿ
وٺڻ ابليس جي هٿ وٺڻ کان به بدتر ۽ بڇڙو آهي جيئن
پاڻ ڀٽ ڌڻي فرمايو آهي (بيت) مهن ۾ موسى جهڙو اندر
۾ ابليس- اهڙو خام خبيث ڪڍي ڪوه نه ڇڏيين) هي بيت
لطيفي هوبهو مٿين بيت فارسي مثنوي واري جو ترجمو
آهي- حاصل ڪلام ته جڏهن شريعت ۽ طريقت ٻنهي جي
اتفاق سان غير شرعي ڪمن ڪرڻ وارو پير نه آهي تڏهن
هر هڪ انسان عاقل تي لازم آهي ته پنهنجي مرضي موجب
آزادي سان پاڻ جاچي جوچي ٺڪي ٺوڪي پير هٿ ڪري رڳو
بُنڍ تي چٻ ٿي نه ويهي جئن جو انهي بابت پهاڪو
مشهور آهي ته ٽڪي جي دانگي ٺڪي ٺوڪي وٺبي آهي- جا
دانگي پوري طرح ماني پچائڻ جو ڪم ڏئي سگهي پر روح
رڱن ۽ دل جي اُجارڻ لاءِ جنهن مرشد جي ضرورت آهي
انهي پير جي پرک واسطي پائي جيترو خيال به ڪونه
آهي ڇو ته اڄوڪي ماحول وارن اڻ ڄاڻن کي جڏهن دين
جي ڌڻي سان دوستي ڳنڍڻ جو گهڻي ڀاڱي خيال ڪونه
آهي ته پوءِ ڇاڪاڻ اهڙا روحاني رهبر ۽ هدايت جا
هادي ڳولن- رڳو انڌي گهوڙي ڪل ۾ ڪاهيون پيو ڪاهه
توڙي ٿئي اونداه ته به ڀلي نه اچبو ڀاڻ تي – وارو
مثال اڄوڪن اڻ ڄاڻن اٻوجهن تي شايد صادق اچي ٿو –
پر ڪجي اميد ته اڄوڪا ڀينر ۽ ڀائر سرتاج سنڌ جي
صلاح سهڻي وٺي ڪجهه نه ڪجهه بيداري ڪري سڻڪ سڌي
هلائڻ لاءِ ڪو سونهون ڳولي هٿ ڪن ته ممڪن آهي-
جناب سرتاج سنڌ کي سچن سونهن ۽ مرشدن ڪاملن جي
صحبت سوني جي سخت ضرورت هئي پر اڄوڪي وقت جا اڪثر
عوام اڻ ڄاڻ فقط پنهنجي گفتار ۽ غفلت ۾ گم آهن
باقي ڪار ۽ ڪردار نيڪ تي سندن ڪو به توجہ ڪونه
آهي. شايد شاه صاحب ک هنن کان وڌيڪ صحبت صالحن جو
احتياج هو جيئن جو جناب خواجه محمد زمان لواري
واري جي صحبت ۽ زيارت ڪندي هي بيت زيرين سندس زبان
مان بي اختيار نڪري نروار ٿيو آهي (بيت) مون سي
ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي، ڪري نه سگهان ڪاءُ،
تنهي سندي ڳالهڙي) پر اڄوڪن خود پندارن ۽ خود بينن
کي گفتار کان سواءِ ڪنهن به ڪار ڪردار ۽ صحبت
ابرار جي گهڻو ڪري گهرج ڪانه آهي پر انهن اڻ ڄاڻن
خود پندارن کان وڌيڪ افسوس ڪن عاقلن اديبن شاعرن
تي آهي جي صاحب پنهنجي اشعارن جو رخ حال ڏي نه ٿا
ڦيرائن گذريل زماني جا شاعر شيرين زبان قال سان گڏ
صاحب حال جا به هوا باقي اڄوڪي وقت جا گهڻي ڀاڱي
فقط قال جا ڪمدار ۽ حرفت انواع شعري جا هشيار آهن
باقي حال جا حوالدار ڪي ڪي آهن – اميد ته نوجوان
اڄوڪا موجب مصرعه مثنوي – قال رابگذار مردي حال
شو) تي عمل پيرا رهي ڪنهن ڪهنه مشق شاعر صاحب حال
سان صحبت ياب ٿي قال کان مٿي ترقي ڪرڻ لاءِ حال
استقبال ۾ حال وارن سان همنشين اختيار ڪري قال جي
عوض حال پرائي اڳتي هلي قال وارن نوجوانن سان حال
اورڻ جو ڪم ڏين آمين-
ڪين ڪمائڻ جي بيان ۾
24
(بيت)
جني ڀايون پاڻ هڏ هن ڪري ڪين،
اهڙا ئي مسڪين در لگهندا دوست جو)
شرح- ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته جو به انسان عاقل خودي کي
کائي پاڻ کي ڪين ڪري ٿو ڀائين ڌڻي پاڪ جي دربار
اقدس ۾ اول اُهو ئي پير پائي محبوب مقدس جو مشاهدو
ماڻيندو- پوءِ جڏهن به ڪوئي آدمي پاڻ وڃائي انهي
منزل مقصود تي پهچي ٿو ته اهو مصداق (من لہ المولى
فلہ الکل) جو ٿئي ٿو- تڏهن هوت حسيني باليقين فرش
کان وٺي عرش تائين هي هوڪو هلائي ٿو ته مون فلاڻي
سان محبت مزيد رکان ٿو اوهان به انهي سان محبت رکو
اهڙي پڙهي کان پوءِ هر چيز ماڻهو ملڪ وغيره انهي
عاشق ايزدي سان ازخود الفت ۽ محبت رکن ٿا جيئن جو
انهي ڳالهه تي هن آيت ڪريمه جو اشارو ڪافي ۽ وافي
آهي
يحبهم و يحبونہ) يعني مولا پاڪ پاڻ هنن سان محبت رکي ٿو ۽ اهي به پنهنجي
مولا سان محبت رکن ٿا) حاصل ڪلام ته جو به عاشق
صادق پاڻ کي نوري نگار آڏو نيست ۽ نابود ڪندو ته
اُهو آگووري انهي کي نيست منجهان هست ۽ نابودي مان
بود بڻائي پنهنجو منظور نظر فرمائيندو ۽ اُن کي
اهڙي اعلى درجه تي رسائيندو جتي ملائڪ به نه پهچي
سگهن. موجب ارشاد هن زيرين بيت جي (بيت) ملائک
راچه سود از حسن طاعت، که جام عشق در دل آدمي
ريخت) وري به سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي ته (بيت)
جني ڀايون پاڻ کي هڏ ڪري هيڻو ٻين کان ٻيڻو کٽي
ويندا خير سان) سچ آهي ته جڏهن انسان اُنس-الفت
محبت مزيد جي ماڻڻ ڪري ۽ وجودي هستي وڃائڻ ڪري
ملائڪن کان به مرتبہ ۾ مٿي چڙهي وڃي ٿو ته پوءِ
ٻين عام ماڻهن کان ڪيئن نه منزل مٿي ماڻيندو- جناب
سرتاج سنڌ کي پهرين ملاقات ۾ ڪين ڪمائڻ جو اشارو
مخدوم محمد زمان لواري واري کان پڻ هن طرح ارشاد
ٿيو (بيت) ڪين آئين ڪين ٿئين وڃي ڪين ڪماءِ، لاسين
لاڳاپا لوڪ جا وهندي وڃي لاه، تهان پوءِ سرندياءِ
صحبت سپيرين جي) ڪن جو چوڻ آهي ته هي بيت ملاقات
ڪرڻ کان اڳ چورائي موڪليل هو- لطيف لعل انهي پرولي
جي مام مخفي کي پروڙي اهڙي طرح دوباري وڃي ڪين
ڪمايائين جو ڪين سان ڪين ٿي ويو ۽ نابودي سان بود
ٿي هي نعرو نيهن جو نروار ڪرڻ لڳو ته (بيت) نابودي
نيئي عبد کي اعلى ڪيو مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾
سيئي، ڪبي اِت ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي) پر
جنهن ڪين جو قدر ڪين ڄاتو بلڪ خودي ۽ مون ڪرڻ تي
مغرور رهيو ته انهي کي منصب اعلى ته نه مليو پر
رهندو ڀونڊي جهلڻ جو حقدار ٿيو جيئن جو ڀونڊي جي
بابت هيٺ علاحده بحث اچي ٿو- اسان ڌڻي پاڪ جي
دربار اقدس ۾ دائمي دست بدعا آهيون ته شل مولا
سائين سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڀونڊي جهلڻ کان
بچائي- آمين
ڀٽائي جي نظريه موجب ڀونڊي مان مراد لعنت آهي
25- (بيت)
مان ۽ مون جهين کي هوندو
تيهين کي ڀونڊو لکيو شاه لطيف چئي
شرح-
هن بيت ۾ ڀٽ ڌڻي قلزم کي ڪوزي ۾ ماپايو آهي ڇو ته
هن ۾ انهي عزازيل جي قصه ڏي اشارو آهي جنهن کي
مڙني ملائڪن جي مٿان لقب معلم الملائکة ۽ وڏيرپ جو
منصب مليل هو موجب بيت زيرين جي (بيت) وڏيري هياس
چنيسر جي راڄ ۾، دهلين دمامين نقرين ٿي پلپل
پڇياس، ڍولي ڍيلياس ٿيس ڏهاڳڻ ڏيہ ۾) اُن سان گڏ
هن کي نون هزارن ورهن جي عبادت ۽ طاعت تي ڏاڍو
تڪبر ۽ هٺ رهندو هو جو ڪنهن کي به پاڻ جهڙو نه
ڄاڻندو هو انهي هٺ هئڻ ڪري رب رازدان بفحوي الڪريم
(عليم بذات الصدور)
اندروني رازن جو عليم هن کان ڪٽريل رهندو هو جيئن
جو سرتاج سنڌ هيٺين بيت ۾ انهي آيت جي مضمون ڏي
اشارو ڪري رهيو آهي ته (بيت) هئين ته گهڻو هشيار،
ڪل به هيئي ڪانڌ جي، تون ڀايون موچاري ٿيان ڳچي
پائي هار، ڪناڌ ڪوڙي جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار،
وهم لهي وينجهار دليون پرکي داسڙو) پر سبب الا
سباب مدامي ڪنهن سبب جو وجهه وٺي انتقام وٺڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي هوڏهون ملائڪن کي به لوح محفوظ تي
لکيل معلوم ته ملائڪن مان ڪنهن نه ڪنهن کي لوڌائي
لعنت جو طوڪ ڏنو ويندو تنهن ڪري ملائڪن کي پڪ هئي
ته لوح محفوظ جو لکيل ضرور پڙندو ڪڏهن به نه
ٽرندو- ڀٽائي جي نظريه موجب- لکيو منجهه نراڙ قلم
ڪياڙي ڏهون نه وهي) جنهن جي تائيد هي هيٺين حديث
حبيب الله صه ڪري رهي آهي
جف القلم بما هو کائن)
يعني لوح محفوظ وارو لکي سڪي ويو) ڇو ته لوح قلم جو لکيل
ڪڏهن به ميٽجي نه ٿو سگهي ان ڪري مڙني ملائڪن ڊپ
هوندو هو پر سڀني ملائڪن کان ۽ گهڻو ڊپ حضرت
جبرئيل کي هوندو هو- هن کي هميشه پنهنجي طاعت ۽
عبادت تي نخوت ۽ ناز نه هوندو هو بلڪ ڊپ وچان رت
جا ڳوڙها روئندو رهندو هو- آخرڪار سبب امتحان وٺڻ
جو وچ ۾ اچي ويو جو باري تعالى هر بشر جي بابي
ابوالانبياءَ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪري
کيس بفحوي الڪريمه
و نفخت فيہ من روحي)
نعمت عظمى سان نوازي ملائڪن کي زيرين ارشاد سان
اعلان ڏيڻ فرمايو جو اعلان موجب امر اعزازي جو آهي
پوءِ جن امر کي اکين ۾ جاءِ ڏئي سجدو ڪيو تن کي
بقدر استعداد خشيته ۽ طاقت جي عزت احترام عطا ٿيو
۽ جن امر جي تعميل کان انحرافي ڪري هٺ وڏائي عيان
ڪرڻ سان حضرت آدم جي سجدي تعظيمي کان نابري واري
اهو منصب مليل کان معزول ٿي ڀونڊي جهلڻ جو لائق
ٿيو- اهو اعلان ايزدي هي هو)
واذ قلنا للملائڪته اسجدو والادم فسجدوا الا ابليس
ابي واستکبر و کان من الکافرين)
يعني ياد ڪر جڏهن اسان سڀني ملائڪن کي فرمايو ته
آدم کي سجدو ڪريو پوءِ سڀني سجدو ڪيو مگر هڪ ابليس
نخوت جي ڪري نابري واري ڪافرن مان ٿي ويو) هن
ارشاد الاهي ۾ ٻه ڳالهيون قابل توجہ آهن هڪ ته
نخوت تي ناز ٻيو چائت سان طائت ۽ نماز – پهريان
پهريان جنهن فرد فرعوني مزاج سجدي تحيته کان نابري
واري پنهنجي نخوتي ناز تي بفحوي الڪريمه
(انا خير منہ) جو نعرو نروار ڪيو سو فرد عزازيل- ابليس هو جنهن مانُ ۽ مون جي
نروار ڪرڻ تي هيٺين آيت الاهي جي وعيد شديد جو
ڀونڊو ۽ لعنت جو لقب لڌو
وهوهٰذا ان عليک اللعنته الى يوم الدين) يعني توتي تحقيق اڄ کان وٺي قيامت
تائين لعنت آهي) هن آيت منجهان صريح لعنت جو لقب
ابليس جي واسطي ثابت آهي جنهن لقب کي جناب لعل
لطيف ڀونڊي جي لفظ سان بيان ڪرڻ فرمايو آهي 2- ٻيو
طاعت تي تڪيو ڪري پاڻ کي ڀلو ڀائڻ ۽ چائت چت ۾ رکي
پاڻ کي پڏائڻ اهڙي طرح واري عبادت ۽ طاعت کي تبارڪ
و تعالى وٽ تر جيترو وزن ۽ وقعت نه آهي جيئن جو
عزازيل چت ۾ چائت رکي نو هزار ورهه سارا عبادت ڪئي
پر ڌڻي تعاليٰ سندس دڪو به داخل نه ڪيو رهندو کيس
منصب مٿاهين کان معزول فرمائي پاڻ وٽان لوڌائي
تڙائي ڪڍڻ فرمايو جيئن جو هيٺين آيت الاهي انهي
حقيقت حال تي صادق آهي.
فاخرج منها انڪ رجيم)
يعني تون مون وٽان نڪري وڃ جو تون تڙيل آهين)
حاصل ڪلام ته چائت سان طائت ڪرڻ پڻ تڙجڻ جو ثاني
سبب آهي جيئن جو آيت الاهي مان ۽ هيٺين بيت ڀٽ ڌڻي
جي مان عيان آهي (بيت) چائت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو
جن، تن هو صرافن دڪوئي داخل نه ڪيو) تنهن ڪري بيت
مذڪور جي لفظ ڀونڊي ۾ لطيفي نظريه موجب لعنت مراد
آهي نه فقط ڀونڊو هٿ آدمي جو- پر قصه ليلان چنيسر
جي ۾ لفظ چنيسر جو اطلاق ذات ايزدي تي آندو اٿس ۽
لفظ ليلان جو اطلاق ابليس عليه اللعنته تي آندو
اٿس لعنتي جي لوڌائڻ واري ساري قصه قرآن کي ليلان
چنيسر جو لباس پهرائي ساري حقيقت قصه جي بيان ڪرڻ
فرمائي اٿس- پر جي ملائڪن انهن ٻنهي وجهن نخوت ۽
چائت کان پري رهي حڪم جي تعميل موجب سجدو ڪيو تن
جي طاعت ۽ پورهيو ته اڻ توريو به اگهي ويو پر
رهندو کين درجه بدرجي منصب به مليو خاص طرح گهڻي
ڊپ واري حضرت جبرئيل کي ته مولا ڪريم رب رحيم رئيس
الملائڪته ۽ سيد الملائڪته جو عهدو اعلى عطا
فرمائي اهڙو ته نوازيو جو سڀني ملائڪن وچان فقط
حضرت جبرئيل کي موجب- اهڙو ئي آهي جو پورهتيون پيش
ڪري) پنهنجي خاص رازن جو رازدار بنائي آدم کان وٺي
جناب محمد مصطفيٰ مدني تائين سوا لک نبين جو
پيغامبر ڪرڻ فرمايو جنهن جو احترام الله تعالى وٽ
قيامت تائين قائم دائم هوندو جيئن جو ابليس ليلان
واري صورت اختيار ڪري مون ۽ مان جي مڻين تي مستان
ٿي ليلان وانگي سهاڳ بدران ڏهاڳ وٺي لوڌجي ۽ تڙجي
ويو تيئن حضرت جبرئيل وري ڪونئرو واري قرب ۽ وينتي
واري صورت اختيار ڪري عزازيل جي عهدي اعلى منصب
معلى کي ماڻي ليلان وارو لقب راڄ راڻي لهي چنيسر
جي راڄ ۾ ڪونئرو وارو قرب هٿ ڪري قيامت تائين انهي
قرب ڪريمي سان مالا مال رهندو رهي ٿو- مطلب ته
ساري مخلوقات مان- مون ۽ مان جي منحوس دعوى ڪرڻ
وارو پهريون مخلوق شيطان شرير هو – جنهن انهي دعوى
جي ڪري ڌڻي پاڪ جي درگاه مان لوڌجي لعنت جو لقب
لڌو- جنهن کي جناب ڀٽائي صاحب ڀونڊي جي لفظ سان
بيان فرمايو آهي- تنهن ڪري جو به انسان شيطان جي
شاگردي اختيار ڪري خود پنداري ۽ مان- مون تي
مواظبت ۽ هميشگي ڪندو اهو به پنهنجي استاد ابليس
وانگي ڀونڊي جهلڻ جو حقدار رهندو
(قابل توجه انتباه)
فدوي هڪ رسالو مستقل تيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾
ليلان چنيسر جي قصه تي تفصيلي بيان ۽ کليل بيان
سان شرح لکيو ويو آهي جو ڏسڻ جوڳو آهي انهي قصه جي
حقيقت تي جو شرح ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ڪيو آهي سو
بلڪل اڻ پورو قابل اعتراض آهي انهي جي شرح غير
متعبر تي ڪن دوستن اديبن تنقيد ڪرڻ فرمائي آهي جن
صاحبن مان حضرت خاڪي صاحب نالي عبدالله چنه پڻ
قابل ذڪر آهي جنهن صاحب هڪ رسالو نالي گربخشاڻي
جون غلطيون نروار ڪرڻ فرمايو آهي جنهن ۾ ٻن پهلن
تي تبصره جي ضرورت آهي هڪ ليلان جو پهلو آهي جنهن
کي جناب چنه صاحب قرآني آيتن آڻڻ کان سواءِ سهڻي
صورت ۾ مثالن تمثيلن سان عزازيل کي ليلان جو لباس
پهرايو آهي جو گربخشاڻي جي غلطي فاحشه جو پورو
پورو رد آهي، تنهن رد لاجواب جي مزيد تائيد قرآني
آيتن ۽ برهانن ٻاهرن سان فقير جي رساله مذڪور ۾
موجود آهي باقي 2- ٻيو پهلو ڪونئرو وارو آهي جنهن
جي تحقيق اصلاح طلب هئي- جنهن جي تحقيق پوري طرح
اصلاح اعلى جي طريقه موجب ڪئي وئي آهي، جنهن تحقيق
انيق نقادن جي فيض اثر کان نق تحسين جو نذر لهڻو –
اميد ته هن رساله خزانته العارفين حصئه اول جي
ڇپائڻ کان پوءِ هي اصلاحي رسالو پڻ اڇاپائي ظاهر
ڪيو. حضرت ناظرين دعا ڪرڻ فرمائن ته ايزدي امداد ۽
عنايت ارزاني سان اهو مرحلو به طي ٿي ويندو آمين.
ٻيو ته فدوي تي ڪن احبابن اديبن جو پڻ زور بار آهي
ته مان مولا جي مدد مستقل ۽ دوستن جي دعا مشتمل
سان خزانته العارفين کي جدا جدا رسالو تيار ڪري
حصن جي حيثيت ۾ ٿورن ٿورن صفحن تي هوريان هوريان
تيار ڪندو رهان جيئن جو الله تعالى فضل ڪرم سان
ساري رساله شاه جي جو شرح وچڙو قرآني آيتن ۽ حديثن
سان مزين ۽ ڀرپور هجي اهو ڪم اگرچه وڏو ڪٺن آهي-
خاص طرح مون جهڙي پوڙهي مريض لاءِ پر تنهن هوندي
به جي ڪريم ڪار ساز جو فضل ۽ ڪرم حقير جي حال سان
شامل ٿيو ته شايد ٻيڙا محنتي پار پهچي وڃن – آمين
نيهن جي نامدار جي نظريه موجب انساني تقرير جو نقشو
26- (بيت)
جر ۾ ڦو جيئن لهرين لڳي اڌ ٿئي
تون پڻ آهين تئن دنيا ۾ ڪو ڏيهڙو)
شرح-
اي انسان غافل تون هن
عالم اڪبر ۾ مغرور ٿي پنهنجي محبوب معنوي کان مهن
موڙي پٺيرو ٿي رهيو آهين حالانڪه توکي هوت حقيقي
هڪ حقير قطره مني جي مان پيدا ڪرڻ فرمايو آهي ۽
اُن سان گڏ توکي سهڻي صورت ۽ حسين مورت ڏئي نوازيو
اٿس تنهن هوندي به اهڙي رب ڪريم رئوف رحيم کان
دوستي جي عوض دشمني قائم ڪري پٺيرو ٿيڻ توکي لائق
نه آهي. ڇو ته صورت فاني تي تون مغرور آهين اها
ڪڏهن نه ڪڏهن اوچتي موت جي لهر لڳڻ سان فاني ٿيڻ
واري آهي تون به ڦوٽي جر واري جي مثال آهين هو به
ٿوري وقت لاءِ وجود وٺي رهي ٿو پر جڏهن ناگاه لهر
لڳي ته کيس اڌو اڌ ڪري ڇڏي تيئن توکي به دنيا جي
جر تي ڦوٽي جهڙو فاني وجود ٿوري وقت لاءِ مليو
آهي، انهي ٿوري وقت تي ايڏي مغروري ڪرڻ عبث ۽
اجائي آهي ڇو ته انسان جي خلقت ئي ضعف ۽ هيڻائي تي
آهي، جيئن جو زيرين آيت الاهي مان ظاهر آهي خلق
الانسان ضعيفا) يعني انسان هيڻو ۽ ضعيف ڪري پيدا
ڪيو ويو آهي) ۽ هن هيٺين آيت ۾ مٿين مضمون جي مزيد
تائيد ثابت آهي الم يرالانسان انا خلقناه من نطفته
فاذا هو خصيم مبين) ڇا انسان نه ٿو ڏسي ته اسان هن
کي مني جي ڪني قطره مان پيدا ڪيو آهي پوءِ به هو
اسان جو اوچتو ئي چٽو دشمن ٿي پيو آهي) تنهن ڪري
انسان کي گهرجي ته پنهنجي اصلي خلقت ضعيفه کي زير
نظر رکي مغروري ۽ وڏائي ڇڏي ڏئي ڇو ته قرآن ڪريم
جي محاوري موجب دنيا جي جهان جو لقب ئي متاع
الغرور آهي جيئن جو هن آيت هيٺين مان اظهر آهي وما
الحيٰواہ الدنيا الامتاع الغرور) يعني نه آهي حيات
دنيا جي مگر سامان مغروري جو) پر حضرت حبيب الله
صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي الدنيا ساعہ ليس
فيها راحہ) دنيا هڪ ساعت جي برابر آهي جنهن ۾ ڪا
به راحت نه آهي) پر ٻي ڪنهن صاحب شاعر دنيا کي
ڪاغذ جي ٻيڙي سان تشبيہ ڏيڻ فرمائي آهي جيئن جو
زيرين مصرع مان ظاهر آهي- دنيا آهي ڪاغذ جي ٻيڙي
مثل، نه کڻندي سا بار نه سهندي اُڇل) تڏهن اهڙي
فاني دنيا تي پايداري جو پورو پورو ڀروسو ڪرڻ عقل
انسان جو ڪم نه آهي جيئن جو حضرت علي ڪرم الله
وجهہ پنهنجي ديوان علي ۾ فرمايو آهي ته (ابيات علي
عربي ۾)
يامن بدنيا اشتغل قد غره طول الامل الم يزل في غفلت حتي دنا
منہ الاجل الموت ياتي بغتة والقبر صندوق العمل)
اي اهو شخص جو دنيا سان مشغول رهي ٿو انهي کي ڊگهي
رهڻ جي اميد مغرور ڪري ڇڏيو آهي، ڇا اهو اڃان غفلت
۾ هوندو ته اوچتو مٿس موت اچي ڪڙڪندو – موت اوچتي
در وٺندو آهي. قبر عملن جي پيتي آهي، تنهن ڪري اي
غافل انسان غفلت جي گهري ننڊ مان ڪجهه نه ڪجهه
جاڳي بيدار ٿي ره ته صورت سهڻي سهاڳ نصيب ٿئي جيئن
جو زيرين بيت لطيف مان ظاهر آهي (بيت) سُتا اٿي
جاڳ ننڊ نه گهرجي ايتري تو ڀايون ساڻيہ هي
مانجهاندي جو ماڳ سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نصيب نه
ٿئي) تهن ڪري تڪبر وڏائي هٺ سان هن زمين ۽ ڀونئي
تي ٽيلي سان ٽرڙن وانگي ٽلي نه ڏيکار ڇو ته ڪنهن
ڏينهن اها ڀونئي تنهنجي مٿان هوندي ته پوءِ تنهنجو
ڪهڙو حال هوندو جئن جو ڀٽائي جي زيرين بيت مان
ثابت آهي.
27 (بيت) جا ڀونئي پيرين مون سا ڀونئي مٿي سڄڻين ڌڱ
لٽيائون ڌوڙ ۾ اڀي ڏٺاسون ڏيهن دنيا ۾ ڏون اٿي لوچ
لطيف چئي)
ڇو ته لوچڻ سان لعل لڀندا آهن تنهن ڪري لطيف سائين
لوچڻ ۽ عمل ڪرڻ بابت گهڻو تاڪيد فرمائي رهيو آهي
هن بيت جي پٺ ڀرائي بطور شرح جي زيرين آيت الاهي
مان ظاهر آهي
ولکلّ درجت مما عملوا) يعني سڀ ڪنهن کي لوچڻ سان درجن ۽ لقبن جا لعل ملندا آهن)
سندس نظريه جي مزيد تائيد هن ٻي آيته مان پڻ ثابت
آهي.
من عمل صالحا من ذکر اوانثى وهو مؤمن فلنحيينّہ
حيوهّ طّيبہ)
يعني جو شخص به مرد هجي توڙي عورت لوچي صالح ڪم
ڪندو ته انهي کي لقب مؤمن جو عطا ٿيندو ۽ انهي کي
حياتي پاڪ ڏينداسون) هنن ٻنهي آيتن مقصد ۽ مائل
هڪڙو آهي ته جيڪو به انسان عاقل پنهنجي اصل تي نظر
ڌري خودي کائي بود کي نابود ڄاڻي پنهنجي رب ڪريم
رؤف رحيم ڏي رجوع ٿي لوچيندو رهندو ته ڪڏهن نه
ڪڏهن منزل مقصود محبوب جي شاهدي ۽ معرفت جي
ماڻيندو آمين-
نابود مان بود جي بيان ۾ 28 – بيت نابودي نيئي عبد
کي اعلى ڪيو مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾ سپئي، ڪبي اِت
ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي-
شرح-
انسان اصل ۾ عدم ۽ نابود هونگار حقيقي جي نوازش
سان عدم کي وجود ۽ نابود کي بشري بود پلئي پيو
تنهن ڪري وري به انسان جڏهن پاڻ کي نگار جي نيهن ۾
نيست ۽ نابود ڪري ٿو جنهن کي صوفين جي اصطلاح ۾
فنا في المحبوب چوندا آهن ته پوءِ بقا في المحبوب
واري منزل منيف ۽ لقاءَ لطيف لامڪاني جي اعلى منصب
کي ماڻي موجب اشاري راجا راڳائي هردوئي هيڪ ٿيا)
جي حد بي انتها تي پهچي ٿو – پوءِ اهو عبد جڏهن به
نابودي جي نعمت عظمى سان بشري عوارض کان پاڪ رهي
ٿو ۽ پنهنجي ڇاتي ۾ جهاتي پائي نگار حقيقي جي تجلي
جا انوار ڏسندو رهي ٿو جيئن جو ڀٽ ڌڻي انهي حقيقت
حال تي فرمائي رهيو آهي ته (بيت) اندر آئينو ڪري
پرين سو پسيج انهي راه رسيج ته مشاهدو ماڻيي) وري
فقير نجفي تارڪ ٻولي رهيو آهي ته- مصرع ڇاتي دي وچ
جهاتي پائي ويک ظهورا ذات دا تجلات دا) مطلب ته
انسان اول عدم مٺ مٽي منتشر جي هو موجب فرمان
فرقاني
ثم اذا انتم بشر تنتشرون)
يعني توهان مٽي منتشر جمادن وانگي ڦٽل هوا ۽ انهي
وقت توهان نگار نامدار حقيقي کان ابعد الموجودات ۽
پراهن کان پراهان هوا پر پرين پنهنجي پيوند روحاني
بفحوي الکريمه
و نفخت فيہ من روحي جي نفخ روح جي نعمت عظمى سان نوازي بشر بڻائي اقرب موجودات
الي الله ڪرڻ فرمايو پوءِ توکي اي انسان انهي هوت
حقيقي پنهنجي حکمت بالغه ۽ قدرت ڪامله سان اهڙي
آيت اظهر ۽ ابين ڪيو جو تون ڦري جامع ابعد
الابعدين ۽ اقرب الا اقربين جي وچ ۾ ٿئين تنهن ڪري
تو سجود ملاڪن جو منصب مليو ۽ فقط توئي صفتن جمالي
۽ جلالي جو آئينو مظهر اتم بڻيين- انهي سرسري جي
ڪري توکي خليفته الارض بنايائين پر نابود کي بود
جي بشارت بهترين خاڪ جي زيرين شعر مان پڻ عطا آهي
(شعر) نظر ساڻ نابود کي بود ڪيڙئي هٿن سان مٽي مُٺ
کي محمود ڪيڙئي 1- هٿن سان ٺهائي بنائي هي بوتو
پنهنجي روح ڦوڪڻ جو فرمود ڪيڙئي. 2- نيازن سان
نورن به سرڙو نوايو، مٽي عبد آدم کي معبود ڪيڙئي،
3- سڄڻ ساجدن کان تو سجدا ڪرائي مُکي پاڻ ملڪن جو
مسجود ڪيڙئي.
4. هُؤڻ کي هُؤڻ کان اڳي هو نه حاصل
عدم کي اشاري سان موجود ڪيڙئي
5. سڄڻ سڪ جو سودو ازل کان اڳي هو،
هتي پوسڪائي ڪهڙو سود ڪيڙئي
6. پرين پاڻ پنهان روپوش آهين مگر
مون کي ملڪن ۾ مشهود ڪيڙئي
7. کلي خاڪ کي پاڻ عرشن تي آندئي
ڏسي جوش جذبو ڪرم جود ڪيڙئي
مٽي جي مٺ جو عدم کان ڦري وجود جي سهڻي صورت
اختيار ڪيئي اُها خود الله تعالى جي امر ۽ ايرادي
جازم سان هئي نه ازخود جيئن جو ارشاد الاهي مان
عيان آهي
يا ايهاالناس ان کنتم في ريب من البعث فانا
خلقناکم من تراب) يعني اي انسانو اسان اوهان کي مٽي جي مڍ مان پيدا ڪيو آهي پوءِ
توهان اڃان به قيامت جي ڏينهن ۾ شڪ ڪريو ٿا) هن
ارشاد مان چٽو ظاهر آهي ته جنهن مولا پاڪ کي مٽي
جي مڍ مان وجودي صورت انساني تي قدرت ڪامله حاصل
آهي تنهن ذات پاڪ کي ڏينهن حساب لاءِ اُٿارڻ ۽
جيارڻ جي پڻ توفيق آهي جيئن جو مولانا صاحب فرمايو
آهي- بامرش وجود ازعدم نقش بست که داند جزا وکردن
از نيست هست دگر ره بکتم عدم دربرد وز آنجا
بصحرائي محشر ببرد)
عاشقن صادقن ۽ عارفن ڪاملن کي عشق جي
اُڃ ۽ پرت جي پيالن پيڻ مان ڍوُ نه ٿيندو آهي
29- (بيت) سدا سائر سير ۾ پر اندر لهي نه اُڃ
پسڻ جو پرين جو سا سموري سنڃ
تيلاهون مرن اڃ سدا سائر سير ۾
شرح-
سلوڪي سير ۾ صوفين صديقن جي اصطلاح موجب ساري
ڪائنات ۾ ماڻهو ٽي قسم آهن هڪ اهي جن جي ساري عمر
اجاين ڪمن ۾ ضايع ٿي گذري وئي پرکين سڄڻ جي سڪ
واري سمنڊ مان سرڪي به نصيب نه ٿي اُهلي ڀلي
پنهنجي نفس نافرمان تي نادم ٿي رت جاڳوڙها ڳاڙن ۽
پشيمان ٿي پاڻ ۾ بيداري پيدا ڪن جيئن شاعر ابن
الفارض پنهنجي قصيده جي آخر ۾ فرمايو آهي ته (بيت)
على نفسہ فليبک من ضاع عمره وليس لہ منها نصيب ولا
سهم) يعني اهو شخص ڀلي پنهنجي نفس تي روئي جنهن جي
عمر ضايع ٿي وئي انهي کي سڪ جي سرڪي ۽ نيهن جي نهر
مان هڪ ڍڪ به نصيب نه ٿيو) اهڙي غافل آدمي جو مثال
انهي شخص وانگي آهي جنهن جو گهر گلشن اندر هجي پر
پاڻ عمر ساري نرگس وانگي ننڊ غفلت جي خمار ۾ گزاري
ته اُن کي گلشن جي رهڻ مان ڪهڙو نفعو ۽ سود سرندو
جيئن جو صائب صاحب جو زيرين انهي تي صادق آهي
(بيت) ازين چه سودکه گلستان وطن دارم مراکه عمر
چون نرگس بخواب ميگز رد) تنهن ڪري جو شخص هن دنيا
جي باغ ۾ غفلت جي گهري ننڊ ۾ رهي راتيان ڏينهان
ڊگها پير ڪيون ستو پيو هوندو ته اهڙي غافل ٻانهي
کي دنيا جي باغ ۾ رهڻ جو ڪهڙو حق آهي هن باغ جي
بهاري ڏسي لکين بلبل ته گلن جو واس وٺي بهار بهار
رهن ٿا مگر ارمان صد ارمان انهن انسانن غافلن جي
حال پر ملال تي آهي جي پاڻ کي ٻانهو سڏائي به
ٻانهپ ڏيڻ کان نابري واري ويٺا آهن ۽ هئن چئي نٽائي
رهيا آهن ته اڃان اسان کي الله سائين نه ٿو گهري
انهي حقيقت تي جناب لطيف سائين هئن روشني وجهڻ
فرمائي آهي (بيت) سڏائي ٻانهي سمهين پير ڊگها ڪري،
اوجاڳا اکين کي ڄاتئي، ناڏيئي هٿان تو پيئي ڪچو
چوين ڪيچن کي) حاصل ڪلام ته اهو قسم نفس سرڪش جي
ڦندي ۾ اهڙو ته ڦاٿل آهي جو پاڻ کي ڪڏهن به آزاد
ڪرائڻ جو اونو ۽ انديشو ڪونه اٿس جيئن جو هي
هيٺيون بيت اردو نفس اماره جي سرڪشي تي صادق آهي
(بيت) يه نفس وه سرکش هـﻶ که مارا نهين جاتا يه جن
کـﻶ عامل سـﻶ اتارا نهين جاتا) 2- ٻيو قسم اهي آهن
جن کي نيهن نصيبن ۾ ۽ حب حبيب جي حاصل آهي پر ڪمال
درجي واري نه اٿن جيئن جو زيرين نقل مان نروار آهي
ته هڪ ڏينهن يحي پٽ معاذ رازي رضه جناب بايزيد
بسطامي قدس سره ڏي هي هيٺين عبارت عربي ۾ لکي
موڪلي –
سکرت من کثرت ما شربت من کاس حبہ)
يعني پنهل جي پرت واري پيالي مان ڪجهه پي نشي ڀرپور ٿيو آهيان)
مطلب ته ٿوري شراب پيڻ سان ڍهاول ٿيڻ علامت ضعيفن
۽ ڪمزورن جي آهي نه اهل قوت وارن جي 3- قسم اهي
شخص آهن جن جي شوق شراب پيڻ کان ڪڏهن به اڃ نه لهي
۽ نه پيڻ مان ئي ڊؤ ٿئي- انهي حال وارن سالڪن جو
لقب عارف ڪامل آهي، اهي صاحب قوت ڪاملہ جا توڙي
7-ست درياءَ پي ويندا
تبه هل من مزيد
جو نعرو نروار ڪندا رهندا مگر ڍهاپڻ ڪڏهن به قبول ڪونه ڪندا
جيئن جو ڀٽائي جي بيت اولى ۾ انهي ڳالهه ڏي اشارو
عيان آهي ته – سدا سائر سير ۾ پر اندر لهي نه اڃ)
پر جناب سلطان العارفين بايزيد بسطامي قدس سره يحي
رازي کي مٿين مذڪوره عبارت عربي جو هن طرح جواب
لکي موڪليو- شربت الحب کاسا بعد کاس فما نفد
الشراب ولا رويت يعني مون پيالن جي مٿان پيالا پرت
جا پيتا پوءِ نه شراب کٽو ۽ نه ڍؤ ئي ٿيو- هن ساري
تحقيق انيق مان ثابت آهي ته جناب سرتاج سنڌ به ٽئي
درجه وارن ڪاملن جي قطار ۾ سهيلي ستاري وانگي
سونهين ٿو – پر جڏهن ته سير الي الله کي نهايت نه
آهي، تڏهن سلوڪ جا سالڪ سدائين سير الي الله جي
سير ۾ رهي به اڃا اوساٽ تاس تي تاس جا واڪا ڪندا
وتندا آهن، پر جن جي اندر ۾ اڃ تاس تام هوندي آهي
ته پنهل جي پرت جو پاڻي پڻ اڃايل عاشق تي اڃايل
رهندو آهي جيئن جو ڀٽ ڌڻي جي زيرين بيت مان صريح
ثابت آهي (بيت) ساجن ڪارڻ سسئي مرقبولي سنڃ، اندر
جني جو اڃا پاڻي به اڃو انهن ڪان) مطلب
ته محبوب
معنوي جي مشتاقن ۽ عارفن عاشقن جي تاس ۽ اڃ آس تي
زيرين جذبات خاڪ مان پورو پورو پتو پوي ٿو (جذبات
خاڪ) تاس منهنجي کي ڏسي توکي به ٿيندي تاس شل پياس
منهنجي کي پسي توکي به ٿيندي پياس شل 1- آر منهنجي
کي ڏسي تنهنجو به ويندو آر ٿي، آس آزي کي ڏسي توکي
به ٿيندي آس شل 2- رُس نه رَسِ ٿي روح پرور ڪنهن
سيکاريو ٿي رسڻ پاس پروانو شمع جو مان به ٿيندس
پاس شل 3- پيچ پائي تو سان پرتس تون به پرچي وڃ
پرين راس رس توسان رکان پر تون به ٿيندي راس شل
4-واهه ۽ پرواهه تنهنجي تون به ڪڍ پرواه ڪجهه قياس
جوڳي حال تي ٿيندو اوهان کي قياس شل 5-خاڪ جي دل ۾
خفي ٿا درد جا کورا ٻرن توکي بي دونهاٽ جا پهچي
وڃن ڪي واس شل.
شاعرن جي شاه جي نظريه نروار موجب ساري تحقيق
مذڪور جي تائيد ۾ بطور شرح شافي ۽ حجت ڪافي زيرين
آيت زرين پيش ڪئي وڃي ٿي.
ولکم فيها ماتشتهي انفسکم ولکم فيها ماتدعون نزلاً
من غفور رحيم)
يعني هن اوهان لاءِ سا چيز آهي جنهن جي خواهش
توهان جي نفسن کي آهي ۽ هن ۾ اوهان جي واسطي سا
چيز آهي جنهن کي غفور رحيم وٽان عطا ۽ ڄاڻي گهرو
ٿا) هن آيت الاهي لفظ نزلاً مان عطاءَ الاهي مراد
آهي ڇو ته عطاءَ الاهي هر وقت جديد طور تي نروار ۽
نمودار ٿيندي
رهندي آهي خاص طرح استقامت وارن عارفن ڪاملن واسطي
هر وقت نئين رنگ رندي سان نمودار ٿيندي آهي- جنهن
ڪري عارف ڪامل عطاءَ الاهي کي جديد نمونه
تي ڏسي حيران ٿي دل ۾ هئن چوندا آهن جا عطاءَ
الاهي اڄ حاصل ٿي آهي اهڙي عطاءَ ڪڏهن به اڳي حاصل
نه ٿي هئي تان جو جيئن جيئن عطائن ايزدي جي واردات
ٿيندي رهندي ته تيئن تيئن عاشقن جي اڃ ۽ طالبن
صادقن جي تاس وڌندي رهندي جيئن جو تاس جو تذڪرو
پوري تحقيق سان مٿي گذري چڪو آهي. |