پهريون ته انسان ۾ اُنس الفت عشق پنهنجي عجيب الله ۽ باري
بادشاه حقيقي ۽ الله وارن عارفن ۽ صالحن صادقن سان
هجي بفحوي الڪريمہ
(وکونوامع الصادقين)
يعني سدائين سچن جي صحبت ۾ هجو) جيئن جو پاڻ سرتاج
سنڌ جن سچي سپرين جي صحبت جو تاڪيد هيٺين ريت
فرمائي رهيا آهن (بيت)صحبت سپرين جي اي پڻ وڏي هاج
قضا ڪر نماز جو وقت ورائڻ سڙو) حاصل ڪلام ته
انسان کي انسان لقب ئي اُنس رکڻ ڪري پيو آهي ڇو ته
انسان جو لفظ – اُنس کان ماخود ۽ ورتل آهي تنهن
ڪري جيستائين هن ۾ انس ۽ الفت نه آهي
تيستائين انساني معنى مقصود کان محروم ۽ خالي آهي
جيئن جو حضرت علامه الدهر جناب سيد محمود آلوسي
عليه الرحمته پنهنجي تفسير روح المعاني ۾ انهي
انساني رمز رندي کي هن طرح رچايو آهي
(وما سمي الانسان الالانسہ) يعني انس جي ڪري انسان جو نالو انسان آهي)
تنهن ڪري هن کي پنهنجي هوت حقيقي سان ايڏو ته انس
هجڻ کپي جو گويا هڪ هوت جي حب ۾ محو ٿي وڃي جيئن
جو هڪ سان هڪ ٿيڻ بابت هيٺين درد ڀري دانهه ۾ هڪ
جي حبدار کي هدايت ڏنل آهي
(درد ڀري دانهه)
هڪ سان هڪ ٿي حال استقبال ۾ عاشق اچن، تن جي
ميخانہ اندر مي نوش ٿي نانگا نچن
حال ۾ ٿي حال رهه تون حال جو اڄ ڪال آ
ڪال ۾ ڇڏ قال کي جو ڪال ۾ ڪيئي ڪسن
درد ۾ ٿي درد تون جو درد دل جو ورد آ
درد وارو داس ٻاري ديو کي دردي دسن
تاس ۾ طالب تکا تک تار ۾ تشنہ رهي
آب سان عاشق اُڃان سڪ سير ۾ اڃ آ اڃن
هل هينين سان هوش ڌاري هوش ۾ ڪو هوش ڪر
لن تراني تازيانہ کان نه ٿا طالب لئنڪن ڏئي ڪن ٿي
وڃو ڪن ساڻ ڪن ڪيما ملي
وات وائي وارو وانگي واو تي وڻ ٽڻ لڏن
ڇوه ۾ ڇڏ ڇوه ڇوڙي ڇوه ۾ ڪو ڊوه آ
ڊوه کي پڻ ڊوه ڄاڻي ڊوه کان ڊوڪا ڊڪن
روئي زيبا رند کان روپوش راتيان ڏينهن آ
رند رَندن کي ڪڙي راهن مٿي رت ٿا رڙن
خاڪ ٿي افلاڪ ڇا عرشن مٿي ڪر آشيان
کَلّ شييً يَرجِعُوا ويندا وري پنهنجي وطن
خاڪ
پڻ خاموش آهي خوبرو جي خيال ۾
خاڪ وانگي خاڪ ٿي پروان کان پروان پڇن
پر جي انسان هڪ جي حب ۽ انس کان عاري ۽ خالي هوندو
ته معنى مقصودي جي مفقود ۽ گم هجڻ ڪري حيوان کان
به هٽي ويندو- بفحوي الڪريمه
(ثم رددناه في اسفل السافلين) يعني تنهن کان پوءِ اسان هُن کي هيٺاهن کان به زور هيٺاهون ڪري
هٽائينداسون) 2- ٻيو ته جڏهن ايزدي ايرادي جو پڪو
عزم باعث بره بزم محبت جي بحربي ڪنار ۾ موج زن ٿيو
ته حديث قدسي جي فقره اوسط
(فاحيت ان اعرف) جي اعلان واجب الاذعان سان انسان کي
آگاه ڪرڻ فرمايائين ته اي انسان اشرف المخلوقات
توکي ته فقط مون پنهنجي انس و روح وٺڻ لاءِ پيدا
ڪيو آهي ته رڳو منهنجي ذات سان ذوق ۽ روح وٺي مون
کي سڀني صفتن پاڪن سان سڃاڻ ۽ اڻ ڄاڻ ٿي عمر نه
وڃاءِ تنهن ڪري توکي انهي امتحان الستي ۾ پهرين
نمبر پروان وانگي پاس ٿيڻ گهرجي نه فعل ٿيڻ- بفحوي
الحديث
(الدنيا دار المحسن)
يعني دنيادار دردن ۽ امتحان جي آهي) پوءِ جو به
انسان هن دنيا ۾ آيو ۽ دنيا جي رنگ روپ حرص هوا هن
جي اندر مان انس – الاهي نه وڃايو اهو انسان صحي
معنى ۾ عالم اصغر آهي جنهن جي وجود ۾ قدرت ڪامل
سان مون سارو علم اڪبر ويڙهي رمز سان رکايو آهي –
اها ڳالهه قدرت قدير جي کان بعيد ۽ پري نه آهي جو
هيڏو عالم اڪبر هڪڙي فرد فرد جي وجود مسعود ۾
ماپائي موجود ڪري ڇڏي بفحوي الڪريمه
(ان الله کل شيءِ قدير)يعني
الله تعالى هر چيز تي قادر آهي) هن حقيقت کي جناب
ابونراس عباسي شاعر ڪهڙو نه عمدي طرح چتو ڪرڻ
فرمايو آهي-
ليس علي الله بمستنکر ان يجمع العالم في واحد)
پوءِ جڏهن به سچو انسان انس – الفت واري صفت عمدي
۽ سهڻي سان موصوف ٿي اٿي ويٺي ستي بيٺي اسم ذات جي
انس بنا کيس آرام نه ٿو
اچي بفحوي
الڪريم
(الابذکر الله تطمئن
القلوب) يعني خبردار الله پاڪ جي ذڪر سان اندر کي
آرام ايندو آهي) پوءِ جڏهن به الله واري عارف ذڪار
جي اها عادت ٿي رهندي آهي ته الله تعالى پاڻ مٿس
مشتاق ٿي اهڙي سچي انسان عارف بالله سان انس الفت
ڪرڻ خاطر عرش اعظم کان لهي اچي هم مجلس ٿي همدم
ٿئي ٿو جنهن جي شاهدي هيٺين حديث پاڪ مان ثابت آهي
(حديث)
انا جليس بمن ذڪرني) يعني جو شخص به منهنجو ذڪر ڪري ٿو ته آءٌ انهي سان گڏ ويهي
مجلس ڪريان ٿو) هائو هن حديث پاڪ جو شرح شافي ۽
عجيبن جي اچڻ جي بشارت ڪافي هن هيٺين ڪلام خاڪ جي
مان عيان آهي (ڪلام)
قرب واري ڪار ڪاهي يار آيو ڪار ۾
وار وارن مان ڪو واري آيو ڪنهن وار ۾
آر آهي پيار آهي آر جو بي آر آ
تنهن ڪري آري عجيبن کي ڏسان پيو آر ۾
ڌار کان بي ڌار ٿي ديدار ڏيندڙ ڌار ۾
دم نه رهندو ڌار ٿي ڪهڙو مزو آ ڌار ۾
تار تارن تار تي تک تار ۾ تارو تري
تار تن من دل جي رستي يار آيو تار ۾
دار دنيا آسمان ڇا عرش اعظم کي ڇڏي
دلربا ديدار خاطر دل جي آيو دار ۾
هارَ اَجبَتيي کي پائي هوت هيِنڙي هار ٿيو
هار کائي هوت آيو هار ۽ سينگار ۾
لن تراني) تازيانن جا لکين وسڪار ٿيا
پر وري پرچي پنهل وسيو وڏي وسڪار ۾
سار سڪ ۾
خاڪ
ٿي رهه خاڪ تي گل ڦل ڄمن
خاڪ مظهر گل جو آهي سوز سڪ جي سار ۾
9- (بيت) پڇن جي ميهار جو پڇي تن ميهار
ترهو تني جو پار عشق جني جو آڪرو
شرح -
سهڻو سرتاج سنڌ فرمائي
رهيو آهي ته سچا سالڪ ۽ عاشق صادق تون به سهڻي جي
سچي سڪ واري سمنڊ مان سڪ جي سرڪ ڀري ستي بيٺي ۽
اٿي ويٺي پنهنجي محبوب حقيقي ميهار جي پڇا ۽ پچر
زڪر ۽ فڪر ۾ مدامي محو ۽ مشغول ٿي ته تنهنجو به
ترهو پار پهتل رهي تان جو اهو پاريچو پاڻ به
تنهنجي پچر هچر ڪرڻ مان نه ڊها پي بلڪه پاڻ به
ذاڪر ٿي تنهنجو ذڪر ڪندو رهي جيئن جو هي هيٺين آيت
شريف بيت جو پورو پورو شرح آهي
(فاذڪروني اذڪر ڪم) يعني منهنجو ذڪر ڪيو ته مان توهان جو ذڪر
ڪيان) مٿي آيت شريف جي شرح ڏي هن هيٺين ڪلام مان
پڻ اشارو عيان ٿي رهيو آهي-
(ڪلام)
ذوق سان ذاڪر مان تنهنجو تون به ذاڪر منهنجو ٿي
شوق سان شاڪر مان تنهنجو تون به شاڪر منهنجو ٿي
حال حاضر توسان آهي ڀائي تون به ٿي
حب سان حاضر ٿي آيس تون به حاضر منهنجو ٿي
مان فقط تنهنجي نظر جو دمبدم ناظر رهان
نيهن جي نافع نظر سان تون به ناظر منهنجو ٿي
نيهن تنهنجي کي نهان لوڪا لڪائي مون ڇڏيو
عيب اوڻايون لڪائي تون ساتر منهنجو ٿي
فڪر تنهنجي ۾ فنا ۽ محو الفت ۾ مٺا
فڪري فوري فيض ده سان تون به فاڪر منهنجو ٿي
خاڪ
پنهنجي قدر آهر قدر قيمت ڪجهه ڪيو
بي بها قدرت سان پنهنجي تون به قادر منهنجو ٿي
بلڪ اهڙي ذاڪر صادق ۽ شاڪر شائق کي هر لفظ ذڪر جي
پٺيان پنهل پاڪ خالق عرش افلاڪ لبيڪ لبيڪ جي
پوڪار پياري جي نروار نعري سان نوازيندو رهي ٿو.
لبيڪ جي معنى آهي ته جي چوان توکي اي پيارا ٻانهان
جي چوڻ جا حقدار اٿي اي غافل تون بيدار ۽ هشيار ٿي
ڪو پنهنجي پاڪ پنهل جي جَي چوڻ مان عبرت وٺڻ جو
سبق سونو حاصل ڪر- مطلب ته ڪڏهن مادر مشفقہ جي ٻچي
جي ٻاڪن ڪوڪن کان ڪڏهن نه ڪڏهن ڪڪ ٿي ٻوڏ ۽ ڦوٽ
چوندي آهي پر رب پاڪ ڪريم رئوف رحيم اهڙو ته رحمت
ڀريو بحر بي ڪنار آهي. جو ڪڏهن به ٻانهي جي ڪوڪ ۽
ڪوڪار ۽ سڏ پر سڏڪار کان ڪڪ ته نه ٿئي پر رهندو هر
سڏ جي عوض ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه دفعا وڌ ۾ وڌ چوڏهن سئو
ڀيرا جي چوڻ فرمائي. هن کان وڌيڪ ٻاجهه ۽ رحمت
ڪهين ۾ به نه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن عاشقن صادقن ۽
صوفين سالڪن تي جدائي ۽ قبض جي حالت طاري ٿيندي
آهي ۽ نگار نازڪ پنهنجي ناز بي انداز ۾ رهي ڪو وقت
پنهنجي توجهه نظر ظاهري کان کٽائي نظر انداز ڪرڻ
فرمائيندو آهي، انهي حالت کي مشتاق محبوب مطلق جا
پنهنجي واسطي موت ۽ جدائي جهنم ڄاڻندا آهن تنهن
ڪري درد ڀريون دانهون آهون ڪندا رهندا آهن مگر
محبوب معنوي کين جي ته چوندو رهندو آهي پر اهڙي
رمز رندي سان جيئن حبدارن جي حيرت جي حد نه رهي
آخرڪار حبدار حسن حقيقي جا هئن چوڻ تي تيار ٿي
ويندا آهن جيئن جو خاڪ جي زيرين جذبات مان ظاهر
ٻاهر آهي (جذبات)
سوڀ تنهنجي آه ڪهڙي ڪيل جي مارڻ منجهان
سوڀ آهي تنهنجي سائين دل مئل جيارڻ منجهان
حُي تون آهين حقيقي ڏي حياتي ڪيل کي
تنهنجي هٿ ڏوڙي حيا تي آب جي پيارڻ منجهان
تون آهين قيوم قائم استقامت ڪر عطا
پاڻ کان ٽاري نه ڇڏ ڇا هٿ اچي ٽارڻ منجهان
رمز روپوشي ڇڏي آ روبرو ڪنهن رات ۾
مل اچي ڇا هٿ اچئي گوشي اندر گهارڻ منجهان
تنهنجو جيڏو ناء آهي ايڏو مون کي آسرو
سود ڇا لاتقنطوا جي وعد ويسارڻ منجهان
يار يشفيني پڙهي تنهنجي تڏي تي مان ٿڪس
غور ڪر ڪهڙو مزو ٿي منهنجي پوڪارڻ منجهان
ناء تنهنجو ارحم آهي رحم ڪر راحم رحيم
ڳڻتين ۾ ڪين ڳارج ڇا اچئي ڳارڻ منجهان
خاڪ جهڙي جهور سگ کي سڏ ڪري ڏي ڏاڻ ڪو
فصل سان ڏي فائدو ڪو ڪوڪ ڪوڪارڻ منجهان
10- (بيت)
ليلان ليلهائيج اڳيان اُنڙ ڄام جي ليلهائي نه لهين
ته وري به ليلهائيج، پاند ڳچي پائيج سڄڻ ٻاجهارا
گهڻو)
شرح –
اي انسان بي ڌيان ڪن قبوليت جو ڏئي مون کان ٻڌي وٺ
بره جو بيان اي غافل غفگتي گرداب جا غرقان توڙي
ساري عمر گناهن ڪرڻ ڪري پر عصيان ٿي رهيو آهين ته
به اڃان تنهنجي واسطي ڌڻي جي دربار ۾ داخل ٿيڻ
لاءِ دروازا توبه ۽ اميد جا کليل آهن تون ڌڻي پاڪ
جي دربار رحمت کان ڪڏهن به نااميد نه رهه جيڪڏهن
هڪ دفعو تنهنجي درخواست ۽ دانهه دربار اقدس ۾ قبول
نه پوي ته به دل نه لوڏ وري دوباري به درد ناڪ
دانهون آهون ڪندو رهه - منهنجو محبوب مهربان سڄڻ
سائين سبحان اهڙو ته ٻاجهارو مالڪ منان آهي جو نيٺ
توکي ساري عمر جا گناه ۽ بديون بخشي ڇڏيندو ۽ ڪڏهن
به ڪريم ڪرم نواز پنهنجي درپاڪ ڪريمان تان نااميد
ڪري نه موٽائيندو جنهن جو ثبوت هن آيت شريف مان
بطور شرح جي عيان آهي.
قل يا عبادي الذين اسرفوا على انفسهم التقلطوا من
رحمته الله ان الله يغفرالذنوب جميعا)
يعني چئو تون اي محبوب مدني ته اي منهنجا ٻانهو
توهان مان جن پنهنجن نفسن تي ظلم زيادتي ڪئي آهي
اهي مون الله جي رحمت کان نااميد نه ٿين تحقيق
الله انهن جا جميع جرم ۽ بديون بخشي ڇڏيندو) هي
آيت شريف مان نه فقط ظاهري گناهن جي بخشيش جو پتو
پوي ٿو پر انهي سان گڏوگڏ بره جي بيمارين کي صحت
سلامتي معنوي ۽ بشارت وصال لايزال جو پڻ آسرو ڏنل
آهي تنهن ڪري جي به جسمي هوڏ هٺ وڃائي بي نياز
باري جي اڳيان پنهنجي نيستي ۽ نياز جو ناڻو نقد
بطور نذر جي پيش ڪندا رهندا- تن سان ڪڏهن نه ڪڏهن
ڪرم فرمائي ڪريم مزاج باوجود بي نياز هجڻ جي ڀرمي
جو پوندو ۽ نياز واري کي ڪڏهن به نااميد ڪري
پنهنجي درپاڪ کان نه موٽائيندو تنهن ڪري نيهن جي
نانگي کي به پنهنجي نياز ۽ نيستي تي ايڏو ته قابل
قبول ناز هجي جنهن نياز بي انداز کي ڏسي بي نياز
بادشاه پڻ پاڻهيءَ موم دل ۽ پاڻي ٿي پوي ته ممڪن
آهي ته ممتنع. جيئن جو اهڙي نياز نوڙت تي ناز ڪرڻ
بابت هيٺيون شعر پڻ شاهد آهي.
(شعر)
بي نيازي ناز تنهنجو ناز منهنجو نياز تي
ناز نخوت تي آ تنهنجو منهنجو آزي آز تي
لاشريڪي ذات تي آ لاڏ لاشڪ ناز تو
مون کي ٿيڙو لاڏ مولا ذات تو ممتاز تي
سونهه پرور ناز توکي حسن صورت سونهه تي
ناز مون کي سوز سڪ سيني جي سهڻي ساز تي
هوڏ هستي ناز تنهنجو نيستي تي ناز مون
شوخ شوخي ناز تنهنجو منهنجو آ ايلاز تي
ليس مثلڪ ناز تنهنجو ناس ۾ نروار آ
مون کي تو بي مثل مهرو شوق جي شهباز تي
ناز بي پرواهي تنهنجو منهنجو آ پرواه تي
توکي پنهنجي راز تي مون کي به تنهنجي راز تي
خود خودي تي ناز تنهنجو خلق ۾ ٿيڙو عيان
بي خودي تي خاڪ کي ٻيو عرش جي پرواز تي
2- وجہ انسانيت اندر جو اوجارڻ آهي.
11- بيت:-
اندر آئينو ڪري پرين سو پسيج انهيءَ راه رسيج ته
مشاهدو ماڻين)
شرح- جناب شاه صاحب جي بيت مان هي بيان عيان آهي ته جو به انسان عاقل بيدار مغز
ٿي پنهنجي قلبي پٽي کي غفلت جي گرد ۽ غير جي الفت
واري ڪٽ کان صاف ۽ پاڪ ڪري اهڙو ته اُجريل
بڻائيندو جهڙو آئينو اُجريل هوندو آهي ته پوءِ اهو
انسان شايان شان ملائڪن ڪرافن کان به گهڻو مٿي
چڙهي هن منزل جي معراج جي پهچندو جو مدامي پنهنجي
محبوب معنوي جو مشاهدو ماڻيندو رهندو ڇو ته قلوب
جمع قلب جو آهي جنهن قلب مبارڪ کي صوفين صادقن جي
اصطلاح موجب بيت ربي ۽ الله پاڪ جو عرش سڏيو ويو
آهي- قلب جو مثال آئينہ وانگي آهي اهو قلبي آئينو
تصديق ۽ الله تعالى ڏي رجوع ٿيڻ سان اُجرو ۽ صاف
ٿيندو آهي- علامت اُجري ٿيڻ جي هي آهي ته اندر جي
آئينہ اُجري ٿيڻ وقت دل انوار الاهي جي واردات جو
مورد ۽ محبط ٿي رهندي آهي اندر اُجرڻ ڪري انسان
صحيح معنى ۾ انسان هجڻ جو حقدار آهي وگرنه حيوان
کان به پري آهي- جيئن جو روح المعاني تفسير جي
تحقيق انيق مان عيان آهي
وهي محبط الانوار الاهيته الصمدانيته وبهايکون الاسنان انسانا)
يعني دل الاهي نورن جي نزول جي جاءِ آهي جڏهن به
دل انواران الاهي جي مورد بڻي ٿي ته پوءِ اهڙي دل
اُجري وارو انسان انسان آهي) حاصل ڪلام ته جڏهن
به قلب انساني اسم ذاتي جي اوڙ سان اُجرو رهي ٿو
ته پوءِ اهو انسان محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ سان
متو اتر هن منزل مٿاهين مقصودي تي پهچي ٿو جو علم
لدني جي برڪت سان ڪوڙيين ڪتابن علم حضوري جا ڪٻاٽ
حاصل ڪري وٺي ٿو جيئن جو هيٺيون بيت ڀٽ ڌڻي جو پڻ
انهي ڳالهه کي ٽيڪو ڏئي رهيو آهي (بيت)
هارائج هنيين ۾ الف سندي اوڙ
ته ڪتابن جي ڪوڙ منجهان ئي معلوم ٿئي)
پر انهي علم لدني جو پتو خاڪ جي هيٺين ڪلام پرت
پيغام مان پڻ پڌرو آهي.
(ڪلام)
حق حافظ منهنجو حامي هوت احسن حال ۾
حور جنت جي ڏٺم گل گون گلشن حال ۾
الف الماڙي ۾ رکيل دل جي ديدن سان ڏٺم
علم لدني جا ڪٻٽ رخشان روشن حال ۾
فڪر فرحي لوح تي لکيل قلم جا لک اکر
پنهنجي چشمن سان چٽا پڙهيم ٿي پرشن حال ۾
ظاهري لکيل ڪتابن پشت تي پڌرو ڏٺم
عشق جو سولو اکر مڪتوب محسن حال ۾
سوز سلطاني ذڪر ۾ خاڪ ٿي سلطان ٿي
پر نفي اثبات کان اڳ روح رازن حال ۾
جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور ۾ الف مان مراد الله
تعالى جو اسم ذاتي الله آهي جنهن کي اوڙ يعني
تلقين مرشد جي سان تاويل ڪرڻ احسن آهي ڇو ته موجب
حڪم هيٺين آيت شريف قرآني
ياايهاالذين آمنوا تقوا الله وابتغوا اليہ الوسيلہ
وسيلہ مان مراد صوفين جي اصطلاح موجب مرشد آهي
ڇاڪاڻ ته گهڻي ڀاڱي مرشد ڪامل جي تلقين سان ئي
اندر سارو اجرو ٿي ويندو آهي تنهن کان پوءِ اهو
قلب جو لطيف انساني جو مشرق آهي بعد صفائي ۽ تزڪيہ
تام جي صوفين وٽ بالااتفاق مجموعه اسرار الاهي جو
لقب لهندو آهي جيئن جو هيٺئين بيت فارسي مان صريح
ٿابت آهي (بيت) مجموعه اسرار الاهي مائيم لوح و
قلم و حرف و سياهي مائيم) پر باوجود انهي جي حضرت
مولانا رومي صاحب پڻ فرمائي رهيو آهي ته (بيت)
آئينہ دل چون شود صافي و پاک نقشها بيني برون از
آب و خاک) پر هيٺين ڪلام ۾ ته آدمي جي وجود مسعود
کي فقط مجموعه اسرار الاهي ڇا مگر محبوب معنوي ۽
ساري جهان جو کيس جامع سڏيو ويو آهي.
(ڪلام)
صورت سڄڻ جي سهڻي سبحان آدمي ۾
تجلي جو تاب طوري تابان آدمي ۾
جهڙو جلاءُ جلوو جاني جمال جو آ
تهڙو نه حسن هرگز عالم مثال جو آ
ديدار يار اهڙي جو دان آدمي ۾
نوري نظر جو ناظر نروار نيهن وارو
هو تن جي آڏو حاضر نروار نيهن وارو
نوري نظر کي نوري نيشان آدمي ۾
جٿ ڪٿ جناب جاني جلوه نماعه آهي
سج سونهه جي ڌڻي سان دل ٿي سماعه آهي
سارو جهان سڪ جو سامان آدمي ۾
هر چيز حسن واري آئينو معرفت جو
برگ و گلن بهاري آئينو معرفت جو
هو تن جي حسن وارو هڳسان آدمي ۾
اعزاز
خاڪ خوشتر فردوس فرش کان آ
ايجاد عشق اڳ ۾ افلاڪ عرش کان آ
جلوه نما جو جذبو جولان آدمي ۾
مطلب ته اندروني آئينہ اُجارڻ ۽ تزڪيہ تام ۽
مجاهدن مدام سان مولا پاڪ جا مخصوص مشتاق خواه مرد
هجن خواه عورتون انهي حد اعلى تي پهچندا آهن جو
علم لدني ۽ الهام الاهي اَدُن مِنيِ جي بارش مٿن
مينهن وانگي وسندي آهي جيئن جو هيٺين حديث بيهقي
واري مان حقيقته مذڪوره جي حمايت حاصل ٿي رهي آهي.
(حديث)
قال الله تعالى اعطيهم علمي و عقلي) يعني الله تعالى فرمائي ٿو ته مان پنهنجن پيارن کي پنهنجو
علم لدني ۽ عقل ڏيندو آهيان) پر انهي حقيقت علم
لدني واري تي ته هن آيت الاهي مان به روشني روز
روشن وانگي پوي ٿي
وعلمناه من لدنا علما)
هن کي اسان پنهنجو علم لدني سيکاري ڇڏيو آهي) پر
جي قلب يعني اندر جو آئينو انڪار عناد غفلت ۽
ڪاهلي قصورن ڪري ڪٽجي ڪارو ٿي ويو هوندو ته اهو
انسان جي اعليٰ درجي کان گهڻو هيٺ لهي بفحوي
الڪريمہ
ثم رددناه اسفل السافلين)
جي حيوانن جو هيٺاهون ۽ اسفل درجو حاصل ڪري ٿو
اهڙي انسان فقط خورد و خورب جي مشتاق کي انسان
سڏائڻ جو ڪو به حق نه آهي ڇو ته زهريلي هوائي
نفساني ۽ غفلت جي غبار ۽ شهوت حيواني سندس ساري
عمر جي پوک ۽ کيتي ساڙي ڇڏي آهي. جيئن جو مولانا
سعدي رحمت الله انهي بابت هيٺين ريت چٽو چوڻ
فرمايو آهي ته – غبار هوا چشم عقلت بدوخت سموم هوا
کشت عمرت بسوخت- بکن سرمئه غفلت از چشم پاک کي فرد
اشوي سرمه درچشم خاک) تنهن ڪري اهڙو آدمي ماڻهو
سڏائڻ جو مستحق نه آهي بلڪ حيوانن کان به حرمت ۽
احترام ۾ گهٽ ۽ اسفل آهي نه افضل اهڙن اوصافن
خرابين وارو انسان تحسين جي
بدران صد حيف
ڪرڻ جو حقدار آهي جيئن جو انهي بابت ڪنهن فارسي
دان فرمايو آهي ته- حيف باشد که عمر انساني چون
بهايم بخواب و خور گذرد آدمي ميتو انداز کوشش که
مقام فرشته در گذرد) حاصل ڪلام ته سچن سونهن جي
سچي ۽ سوني صحبت سبب عمل ۽ اخلاق جي سهڻي سيرت ۽
نيڪ ڪرداري سان سينگار جي آدمي سچي انسان سڏائڻ
جو لائق ۽ سزا وار آهي وگرنه حيوانن کان به بدتر
بدڪار آهي جيئن جو انهي بابت خاڪ جي زيرين مصرعه
مان پڻ ظاهر آهي (مصرعه) سچن جي سون صحبت ٿي سچن
سان ٿي سچو رهه تون سدا سيرت کي سينگاري سچو انسان
بڻجي وڃ) –
ڪوشش ڪرڻ لاءِ شاه جو
حيوان صفت انسان کي هشيار ڪرڻ –
12-(بيت)
جس جفاري نه ٺهي آهي جفا وارن جس ستن ساٿ وڃائيا
تون گولي ڇڏ نه گس- اُٿي پنهل پس سِر سان هلي
سسئي)
شرح – جناب شاعرن جي شاه معرفت جي ماه جي بيت
مذڪور جو جيڪڏهن ڪما حقہ شريعت ۽ طريقت موجب پورو
پورو بيان عيان ڪجي ته بطور شرح شافي ۽ بيان وافي
جي وڏو دفتر ٿي ويندو تنهن ڪري طوالت جي ترهيب ۽
تهديد خوف کان پاسو ڪري اختصار تي عمل پيرا رهي
سندس بيت جو شرح فقط ٻن آيتن ننڍڙن جي آڻڻ سان
ڪريان ٿو على سبيل الاختصار فاعتبرو ايا اولي
الابصا- پهرين آيت شريف هي آهي اليس للانسان
الاماسعى) يعني انسان کي ڪوشش ۽ سعيي ڪرڻ کان
سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو) پر جڏهن انسان عام
لفظ آهي جو مرد توڙي عورت وغيره تي صادق ۽ سچو آهي
ته جناب لطيف سائين جي جس وارو لفظ به عام آهي
تنهن ڪري مرد توڙي عورت عمل صالح ڪرڻ سان جهان جي
جوڙيندڙ مهربان مالڪ کان عمل جي مکافات موجب جس ۽
آفرين لهڻي بشرطيڪ عملن صالحن ۾ به اخلاص ۽ نيت جو
خلوص شامل هجي – تنهن کان پوءِ عمل صالح ڪرڻ واري
انسان جو لقب ممتاز پنهنجي محبوب منان رب رحمان وٽ
مومن آهي- اهو مومن صادق جنهن کي عمل صالح جي
ذريعي حياتي طيبہ بطور انعام جي عطا ٿيندي آهي
جيئن جو هن هيٺين آيت ثاني مان ارشاد الاهي عيان
آهي-
من عمل صالحا من ذڪر او انثى و هو مؤمن فلخيينة
حياة طيبة)
يعني جنهن به مرد توڙي عورت عمل صالح ڪيو انهي جو
لقب مومن آهي پوءِ اسان انهي کي ڏينداسون حياتي
پاڪ) هن آيت ۾ عمل صالح جو صحيح ذڪر آهي- عمل صالح
جا ٻه پهلو آهن هڪ پهلو هي آهي ته جو به مرد توڙي
عورت جُرمن جي جَوَن پوکڻ جي عوض آخرت جي لاءِ عمل
صالح نماز روزن وغيره جي ڪڻڪ ڪهڻي ڪنبي ڪنبي قهار
کان نيت جي خلوص خاص سان پوکيندو ته انهي کي حيات
طيبه فردوس برين جي رهڻ واري جي بشارت هن دنيا ۾
ئي حاصل ٿيندي موجب آيت مذڪوره جي ۽ بيت زيرين
فارسي جي (بيت)ازمکانات عمل غافل مباش گندم از
گندم برويد جوز جو) 2. ٻيو پهلو هي آهي ته عمل
صالح مان مراد عشق ذاتي آهي نه غير- مرد توڙي عورت
کي نيهن جي نامدار سرتاج سنڌ جي نظريه موجب فقط
رضا ربوبي ۽ مشاهدو محبوبي درڪار آهي ٻيو ڪجهه به
نه پر جيڪڏهن ڪجهه ڪاڻ رهاڻ آهي ته به انهي هڪ ڪيچ
ڌڻي جي ڪاڻ آهي نه ٻي ڪنهن جي جيئن جو ڪاڻ رهاڻ جي
قصه کي نيهن جي نياپي ڏيندڙ فقير خاڪ هيٺين ريت
نروار ڪيو آهي.
(ڪافي)
ڪنهن جي نه ڪڍان ڪاڻ مگر ڪاڻ آهه تنهنجي
ڪنهن جي نه رکان ڄاڻ مگر ڄاڻ آهه تنهنجي
هڪ طرف طلب تاس مٿي تاس ٿي رکان مان
ٻي طرف پرين پياس مٿي پياس ٿي رکان مان
ٽي آڻ نه ڪنهن جي آ مگر آڻ آهه تنهنجي
تن من ۾ نه ڪا طلب نه ڪا تاڻ آهه ڪنهن جي
سڪ سوز فقط تنهنجي نه سڪ ساڻ ٻي آ ڪنهنجي
جي تاڻ اندر آهه فقط تاڻ آهه تنهنجي
توکان نه گهڙي هڪ به گهري ننڊ ۾ گهاريان
ٻاريون ٿي فقط ٻاڻ اوهان جا ٻروچ ٻاريان
ٻن ٻاڻ ٻين جي آ مگر ٻاڻ آهه تنهنجي
دک درد نه آ ڪنهن جو مگر درد آهه تنهنجو
منهنجو نه وظيفو ڪو مگر ورد آهه تنهنجو
ڇڪتاڻ نه ڇوري کي ٻي ڇڪتاڻ آ تنهنجي
ڏونگر ڏکن جا ڏوريان ته توڪاڻ ڏوريان ٿي
وڻ ٽڻ جي وطن ووڙيان ته توڪاڻ ووڙيان ٿي
هوري جي هينين هوت اڳي هاڻ آهه تنهنجي
بنڀور ڏيان باه نگهه نور آ نه جيتر
طواف ڪيان توکي نگهه طور آ نه جيتر
جا کاڻ خفي خاڪ ۾ سا کاڻ آهه تنهنجي |