سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 14

آخرت جي پوک پوکڻ ۾

48- (بيت) پوکين ته پوک جو پاڻي اٿئي پاڙ ۾

مند ويندئي نڪري سڪي ٿيندين سوڪ

جڏهن لڻندو لوڪ سڪندين بيٺو سنگ لئي)

شرح – جناب سرتاج سنڌ جي صلاح موجب پوک ٻن قسمن ۾ ورهايل آهي هڪ پوک دنيا جي ٻي پوک آخرت جي توکي ۽ مون کي جناب ڀٽ ڌڻي مشوره مفيد ڏئي چوڻ فرمائي ٿو ته اي ڪڙمي قربدار آخرت جي پوک پوکڻ جو پاڻ ۾ پيار پيدا ڪر جيستائين جو عمر جو آب عمدو توکي الاهي دربار مان عطا آهي ۽ تنهنجي وجود واري وڻ جي پار ۾ انهي عمري آب جي سهاري هيٺ پنڌ ڪرڻ جي طاقت رکين ٿو ته تيستائين پيو آخرت جي پوک پوک ڇو ته هي دنيائي پوک پوکڻ جي جاءِ آهي نه آخرت جيئن جو حديث شريف پڻ انهي نظريه جي پٺ ڀرائي ڪري ٿي الدنيا مزرعته الاخرت) يعني دنيا پوک پوکڻ آخرت جي جاءِ آهي) پر جڏهن تنهنجي جسم مان عمر جو آب کٽي پورو ٿي ويندو ته پوءِ تون ساهه نڪرڻ بعد سڪي پاٺو ٿيندي وري جڏهن توکي حشر جي ڏينهن همہ سان گڏ حساب ڪتاب لاءِ اٿاريو ويندو ته جن هتي عملن چڱن جي پوک پوکي هوندي ته اهي اها پوکيل پوک لڻندا پر تون لاباري ڪرڻ کان محروم ٿي سنگ لاءِ پيو سڪندين تنهن ڪري توکي هتي هشيار ٿي آخرت جي پوک پوکڻ گهرجي نه فقط دنيا جي هائو دنيا جي پوک پوکڻ ۾ به توکي رب ڪريم برڪت ڏيندو پر آخرت جو اجر نصيب نه ٿيندئي جيستائين اها پوک نه پوکيندين جئين جو انهي ٻنهي قسمن پوک جو بيان هن هيٺين آيتن ڪريمن مان ثابت آهي  جي آيتون الاهي ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي آهن من ڪان يريد حرث الاخرت نزدلہ في حزاثہ ومن کان يريد حرث الدنيا نؤتہ منها ومالہ في الخرته من نصيب)  يعني جو شخص آخرت جي پوک جو ايرادو ٿو ڪري ته انهي کي سندس پوک ۾ وڌيڪ وڌائي برڪت وجهندا سون- پر جو شخص فقط دنيا جي پوک پوکي ٿو انهي کي ان جو نفعو دنيا ۾ ڏينداسون آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه ٿيندس) هن آيتن مان نتيجو عيان هن طرح آهي ته آخرت جي پوک پوکڻ مان مراد نيڪ عمل اخروي آهن انهن ۾ اجر جو ازدياد ۽ واڌارو هن طرح ٿيندو آهي ته هڪ نيڪي جي عوض گهٽ ۾ گهٽ ڏهه چڱايون وڌ ۾ وڌ ستن سون کان وٺي چوڏهن سون تائين پر جي اڃان به ڌڻي تعالى وڌيڪ ڏيڻ گهري ته سندس رحمت جا خزانا اڻ کٽ ۽ وسيع آهن – هڪ نيڪي تي ڏهوڻو اجر هن آيت الاهي مان عيان آهي من جاءَ بالحسنته فلہ عشر امثالها) يعني جو هڪ چڱائي ڪندو انهي لاءِ ڏهوڻو اجر آهي)  باقي هڪ لاءِ وڌ ۾ وڌ چوڏهن سون تائين اجر هن آية الاهي مان عيان آهي مثل الذين ينفقون اموالهم في سبيل الله کمثل حبته انبتت سبع سنابل في ڪل سنبلته ماعته حبته والله يضاعف لمن يشاءَ والله واسع عليم) مثال انهي شخصن جو جي الله جي وات ۾ هڪ ڪڻي جو قدر خرچ ڪن ٿا ته انهي هڪ ڪڻي مان سائينءَ – ست سنگ  پيدا ڪري ٿو- هر هڪ سنگ ۾ سؤ داڻو رکائي ٿو پر جي ڪنهن لاءِ ستن سون کي ڏوڙو ڪري ڏيکاري ته سندس خزانو وسيع آهي- سندس خزانه جي وسعت تي سندس نالو وسيع دال آهي پر جي اڃان به انهي ڏيب ڏوڙي کي ڏوڙو ڪري ته سندس اسم عليم  جو اشارو عيان آهي جنهن مان هي ڳالهه اظهر آهي ته جيڪي ڪجهه پنهنجي ٻانهي کي اجر ڏيڻ فرمائيندو انهي جو علم فقط کيس آهي ته هڪ جي عيوض ڪيتري قدر ٻانهي تي ٻاجهه ڪرڻ فرمائيندو انهي واڌو ڏيب جو اندازو الله تعالى کان سواءِ ڪنهن کي به معلوم نه آهي هن آيت جي عبارت سراسر صريح  خير خيرات جي ثواب تي دلالت ڪندڙ آهي پر اخروي اعملان کي انهي آيت تي قياس ڪرڻ عاقل لاءِ علامت انتباه ۽ بيداري جي آهي جيئن جو انهي آيت ڪريمه جي هيٺان تفسير ابن کثير واري عمدو فيصلو ڪرڻ فرمايو آهي، من کان يريد حرث الاخرة) اي عمل الاخرته (نزدلہ في حرثہ اي نقويہ و نعينہ علي باهو بصدده ونکٽريماءَ ونجريہ بالحسنته عشرا مثالها الى سبعماءَ ته ضعف الي مايشاءَ الله) ومن کان يريد حرث الدنيا نوتہ منهاو مالہ في الخرته من نصيب) اي ومن کان انما سعيہ يحصل لہ شييءِ من الدنيا وليس لہ الي الاخرت همہ البتة حرمہ الله الخر ته والدنيا ان شاءَ اعطاه منهاوان لم يشاءَ لم يحصل الاهذه ولاهذه وفار الساعي بهذه النيته بالصفقة الخاسرته في الدينا والاخرة ۽ پڻ هي حديث به انهي حقيقت تي روشني وجهڻ فرمائي ٿي وعن ابي بن ڪعب رضه قال قال رسول الله صه بشر هذه الامته بالسماءَ والرفعته والنصرو والتمکين في الرض فمن عمل منهم عمل الاخرته الدنيا لم في الاخرته من نصيب) ابي پٽ ڪعب جي کان مروي آهي ته فرمايو رسول رب جي ته بشارت ڏي هن امته کي روشنائي رفعت نصر تمڪين جي زمين ۾ پوءِ جنهن انهن مان عمل ڪيو عمل آخرت جو دنيا لاءِ انهي لاءِ آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه هوندو)  پر علامه روح البيان وارو انهي ساڳي آيت الاهي جي هيٺان هن طرح تحقيق ڪرڻ فرمايو آهي ته آيته ۾ جو لفظ حرث الاخرة جو آيل آهي حرث جي معنى سٽڻ ٻج جو زمين ۾- پوءِ جا شئي انهي مان هويدا ٿي حاصل ٿئي انهي تي اطلاق حرث يعني پوک جو ڪرڻ مباح آهي ۽ پوک جو نالو ثمرات الاعمال تي استعمال ڪرڻ احسن ۽ افضل آهي ڇو ته حصول فائدن آخرت جو دارو مدار عمل دنيا جي تي آهي موجب حديث الدنيا مزرعته الاخرته) يعني دنيا جاءِ پوک آخرت جي آهي)  انهي اعتبار سان معنى آيت الاهي جي هئن ٿيندي ته من کان يريد باعمالہ ثواب الاخرت) يعني جو به ثواب آخرت جي ايرادي سان دنيا ۾ عمل ڪري اهو عمل قابل اعتبار آهي ( نزدلہ في حرثہ) تضاعف لہ ثوابہ بالواحد عشرته الى سبعماعة فما فوقها) يعني ڏوڙ ڪبو انهي لاءِ ثواب سندس هڪ جو ڏهوڻو ستن سون تائين اڃان به وڌيڪ مافوق مولا پاڪ جي مشيت جو جب) پر ساڳي آيته سونهاري جي هيٺان مولانا ڪاشفي صاحب پنهنجي تفسير فارسي ۾ فرمائي رهيو آهي ته چنانکه کشت دانہ مي فزايد تايکي ازان بسيار مي شود همچنين عمل مؤمن روز بروز افزوني ميگيرد تاحديکه يکذره برابر کوه احد ميشود) يعني جيئن پوک هڪ داڻي مان وڌي وڌي گهڻي ٿيندي آهي تيئن عمل مومن جو به روز بروز ڏوڙو ٿيندو ٿيندو ايترو ته اجر ۾ وڌي ويندو آهي جو هڪ ذرو نيڪي جو ثواب ۾ وڌي وڌي جبل احد جيڏو اجر ۾ ٿيندو آهي تنهن ڪري حضرت سليمان عليه السلام پڻ فرمايو آهي ته تسبيحته خير من ملک سليمان) يعني هڪ تسبيح جو اجر سليمان جي ساري بادشاهي کان بهتر ۽ سرس آهي) نقل آهي ته حضرت سليمان عليہ السلام کي مال ۽ مملڪت ۽ علم جي دولت آڇائون ته انهن مان جيڪو به قبول ڪرين توکي هر طرح جو اختيار آهي سليمان ٽنهي شين مان فقط علم کي اختيار ڪري ورتو- تنهن ڪري تبارڪ تعالى انهي هڪ علم جي طفيلي کيس مال مملڪت پڻ ميسر ڪرڻ فرمايا جيئن جو هي بيت هڪ دين جي طالب کي ٻئي جهان ڏيارڻ جي بشارت ڏئي رهيو آهي ( بيت)

دنيا طلبي بهرهء دنيات دهند عقبى طلبي هر دو بيکه جات دهند)  پر جي رغبت ايمان ۾ واسطي ثواب طلبي ۽ خوف عقابي لاءِ هوندي ته اها رغبت گهڻو ڪري مفيد نه ٿيندي ڇو ته رغبت جي مرض جو مريض ۽ عليل ڪڏهن به فلاح جو فوز حاصل نه ڪندو جيئن جو پوک سالم سٺي به ٻج ردي سان حاصل نه ٿيندي آهي مگر ٻج صحيح ۽ سالم سان جو سالم سٺو ٻج جامع خيرات ۽ سعادت جو آهي اها سعادت عبو ديته الله آهي جنهن ۾ محض رضا الله جي مراد هجي نه غير جيئن جو هن حقيقت تي روح لبيان جي هي هيٺين عبارت روشني وجهي رهي آهي ان الحرث لايتاءَ تي الا بالقاءَ البذر الصحيح في الرض والبذر الصحيح الجامع للخيرات والسعادات ليس الاعبوديته الله فلايکون العمل اخرويا الابان يطلب فيہ رضي الله تعالى) پر جناب امام راغب صاحب فرمائي رهيو آهي ته انسان ذات دنيا ۾ پوک پوکيندڙ ڪڙمي آهي ۽ سندس عمل پوک آهي دنيا جو جهان پوک پوکڻ جي جاءِ آهي موت جو ميقات سندس لاباري جو وقت آهي ۽ آخرت سندس لابارو آهي پوءِ نه لابارو لڻندو مگر اهو جيڪي پوکيائين ۽ نه ڀريندو ماپ ڪرڻ سان مگر جو ڪجهه گڏ ڪري ٻار ڪيائين – نقل- هڪ مرد بلخ جو رهاڪو هو پنهنجي غلام کي حڪم فرمايائين ته هو زمين ۾ ڪڻڪ جي پوک ڪري هن غلام ڪڻڪ پوکڻ جي پاران جون جي پوک پوکي پوءِ جڏهن لاباري جو وقت ويجهو آيو ته مرد بلخي پوک ڏسڻ لاءِ آيو ڇا ڏسي ته ڪڻڪ جي پاران جون جي پوک پڌري پديد آهي غلام کان پڇيائين- غلام جواب ۾ چيو ته مون پاڻ ڄاڻي واڻي جَوَ انهي ڪري پوکيا آهن ته جَوَن مان ڦري ڪڻڪ ٿيندي تڏهن کيس سندس سائين  چيو ته اي احمق ڪڏهن ڪنهن به آدمي کي ڏٺو اٿئي ته پوکي جَوَ ۽ لڻي لابارو ڪڻڪ جو- پوءِ غلام چيو جيڪڏهن ائين نه آهي ته پوءِ تون عمل صالح کان سواءِ ڪيئن فقط باطل ايرادن ۽ سڌن نفساني تي مغرور رهي گناهن ڪرڻ سان گڏ اميد رحمت جي رکين ٿو تنهن تي سندس سائين ڏاڍو پشيمان ٿيو (بيت) ازرباطه تن چوبگذشتي دگر معموره نيست زاد راه برنمي داري ازين منزل چرا) پر ڪجهه پوک بابت فقير خاڪ جي هن هيٺين ڪافي مان بچر پڌري ٻڌڻ گهرجي (ڪافي) جهڙي ڀيل تهڙو ڀيل، بڻي ڀيل نه ڪر ڀيل

1. هتي پوک هتي کاءُ رجهي پوک سان ٿوراءُ

هٿان ڇڏ نه دلي داءُ رکي رمز ٿي رابيل

2. نلا نيڻ نلو نياڻ وهي پوک هلي هاڻ

رکي پوک راڻو راڻ تکو تاڻ جهڙي ريل

3. مرون من ۾ ڪئي ويڙ کڻي تيغ تهين ٿيڙ

ٻنهي قبل سندي کيڙ ٻني ڪاڻ ڀلي ٻيل

4. جهجهي جهار وجهي پيہ پڪل پوک رکي ويہ

بچي پوک ٺهي ٺيہ ڪيو جهار وڏو ويل

5. ڪمي ڪار ڏسي ڌار لڻن لاب لاپي لار

کڻي پوک ڪري ٻار کلي پوءِ ڏسج کيل

6. بٽئي مهل ٿي بيباڪ وڃي ويهه کلي خاڪ

پنهل پاڻ اچي پاڪ مکي توکي عطر تيل

پر انهي آيته الاهي مان روحاني رمز هئن رچايل آهي ته من کان يريد حرث الاخرته) جو آخرت جي پوک پنهنجي جهد جذبہ ۽ سعيي سوز سان پوکيندو وڌائينداسون انهي کي پنهنجي هدايت حقيقي ۽ طاعت توفيقي ۽ معارف ۾ احوالن جي صفائي سان اڄ ڏينهن عنايت ارزاني سبب ۽ صباڻي آخرت ۾ قربة ۽ مڪالة ۽ درجات جي رفعة ۾ ۽ صديقن ۽ قريبن جي شفاعته ۾ هن کي وڌائينداسون جيئن جو هي هيٺيون بيت فارسي انهي ڳالهه تي صادق آهي (بيت) شنيدم که در روز اميد و بيم بدان رابنيکان به بخشد ڪريم) ومن کان يريد حرث الدنيا نؤتہ منها) جو دنيا جي الفت تي اڪتفا ڪندو قلبي اکين جي انڌائي ۽ ڪنن جي ٻوڙائي ۽ زبان جي گونگائي سبب ۽ حجابن ۽ پردن سبب جن پردن مان پيدا ٿين ٿيون عادتون خراب نفساني ۽ صفتون ردي شيطاني ۽ صفتون ساديون سبعي ۽ بهيمي حيواني ڏينداسون انهي کي دنيا جي دوستي سبب آفتون الفت دنيا جون نه هوندو انهي کي اخلاق رباني ۽ صفتن روحاني مان ڪجهه آخرت ۾ نصيب- پر عرائس البيان وارو فرمائي ٿو ته حرث الاخرة مان مراد مشاهدو ۽ وصال ۽ قرب معنوي محبوب جو آهي ۽ اهو حظ ۽ نصيب عارفن جو آهي جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي (بيت) جئان وڃي تئان واٽ ڪپر پڇن ڪوڙيون جن کي سڪ ساهڙ جي سي گير نه پڇن گهاٽ جن کي عشق اوساٽ سي واهڙ ڀائن وکڙي) پر دنيا جي پوک ولين ۽ عارفن لاءِ ظاهري ڪرامتون آهن پوءِ جنهن کي ظاهري ڪرامتن ڀلايو ۽ رڀايو اهو حق ۽ معرفته الله ۽ صحبت معنوي کان محروم رهندو ۽ اهل معرفت وارن وٽ انهي جو ذرو به وزن ۾ نه ايندو بعض صوفين فرمايو آهي ته هن آيته جو مطلب آهي ته جو به جزا لهڻ جي اميد کان عاري ٿي فقط محبت محبوب معنوي جي ڪري عمل اخلاص سان ڪري ٿو انهي جي اکين آڏو س سوا سڄڻ سرمدي جي سڀ شيون ساري ڪائنات جون صغير ۽ ننڍڙيون نظر اينديون آهن، اهو ڪڏهن به دنيا ۽ آخرت جو طالب ٿي نه رهندو بلڪه مدامي مولا پاڪ جو طالب ٿي گذاريندو- حاصل ڪلام ته دنيا زينت ڀري زال آهي، پوءِ جو شخص به سندس زيب زينت تي شائق ۽ فاخر آهي، اهو پڻ زال جي حڪم هيٺ آهي تنهن ڪري عاقل انسان تي لازم آهي ته آخرت جي عزت ۽ احترام عملن صالحن باقين سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قوي ڪندو رهي نه دنيا وما فيها فاني جي – جيئن جو جناب شيخ عطار قدس سره فرمايو آهي (بيت) همچو طفلان منگر اندر سرخ وزرد چون زنان مغرور رنگ وبو مگرد) ۽ پڻ بيد عربي ۾ چيو آهي الا کل شييءِ ماخلا الله باطل وکل نعيم لامحاله زائلته خبردار سڀ شيون الله کان سوا باطل آهن ۽ سڀ نعمتون ضرور زائل ٿيندڙ آهن) مطلب ته جيستائين مجاهدن ۽ رياضتن ۾ رافت رباني ۽ توفيق رفيق رحماني نه هوندي تيستائين فوز فلاح جي منزل ۽ منصب ماڻڻ مشڪل ۽ محال آهي جيئن جو انهي صائب جي شعر زيرين جو اشارو عاقل لاءِ ڪافي ۽ ورهه واري لاءِ حجت وافي آهي تاچه آيد روشن ست از دست اين يکه قطعه خاکه چرخ نتو انست کردن زه کمان عشق لسا) پر جناب سرتاج سنڌ پڻ ڏاهي ٿيڻ کان ڏور رهڻ جي دعا گهري رهيو آهي تنهن ڪري جو ڪجهه آهي ته ڀورائي ۽ اٻوجهائي ۾ آهي نه عقل ۽ اٽڪل ۾ جيئن هن هيٺين بيت مان باهر ظاهر آهي (بيت)

الا ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن

مون سان مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا-

نسب تي ناز ڪرڻ

49- (بيت) سنڱ پسي سرهي نه ٿي متان هوت نه پنهنجو ڪن هت لکين لوڌائي ڇڏيون ٻانهيون ٻروچن

در مٿي ئي دادليون ڪيئي رت رڙن

تڏهن به مسين ماڳ لهن لطف ساڻ لطيف چئي)  

شرح- اي اچي ذات وارا پنهنجي عمدي ذات ۽ سنڱ ساداتي تي سرهو نه ٿي بلڪ هردم هوت جي هيبت ۽ حشمت کان هراس ۽ خوف ۾ رهه ڇو ته هتي هزار ڇا بلڪ لکين لوڌايا ويا آهن تنهن ڪري ڪيئي دادليون درگاه جون پڻ رت رڙندي رڙندي مس مس لطف لطيفي جو لاڳ حاصل ڪري رهن ٿيون، تنهن ڪري تون هشيار ٿي ڪڏهن به غافل ٿي پنهنجي نسب ۽ ذات تي ناز نخوت نه آڻ ڇو ته ڪيچ ڌڻي کي ڪنهن جي نسب جي ڪاڻ ڪانه آهي، بلڪ جي باري تعالى جي بارگاه ۾ ڪجهه ڪجهه اهميت ۽ اعتبار آهي ته عمل صالح کي آهي سو به تنهن وقت جڏهن اهو عمل صالح پوري پوري اخلاص سان هوندو جيئن جو عمل بابت هي آيت الاهي نص نروار آهي ولکل درجات مما عملوا) يعني سڀ ڪنهن کي درجا عملن جي آڌار تي ملندا) پر جناب ڀٽ ڌڻي جي نظريه موجب هي هيٺين آيت الاهي سندس بيت مذڪور جو پورو پورو شرح ثابت آهي فلا انساب بينهم يومئذ ولا يتساعلون) يعني انهي ڏينهن ۾ انهن جي وچ ۾ ڪو به نسب نه هوندو ۽ نه نسب جي پڇا ڳڇا ٿيندي) تنهن ڪري نسب تي ناز ڪرڻ عبث ۽ اجايو آهي جيئن جو هن حديث هيٺين مان پڻ پڌرو ثابت آهي من ابطاء بہ عمله يسرع بہ نسبہ) جنهن شخص عمل پوئتي ڪندو انهي کي نسب تڪڙ سان اڳي ڪري نه سگهندو )  پر جي ماڻهو پرائي پوک ۽ وڏن جي ڪمائي تي فخر ڪري پاڻ نه ٿا ڪمائن انهن جي باري ۾ ڀٽ ڌڻي هئن فرمائي رهيو آهي (بيت) پنهنجي ڪمائن ڪينڪي ساراهن ڏاڏا ۽ نانا اهڙا وائي آنا ڪڪڙن ڪيريا ڪيترا) هي تحقيق انيق ته شرعي نقطه نگاه کان نروار آهي پر عشق ايزدي جي مثرب ۽ مذهب ۾ پڻ نسب کي ڪا به وقعت ڪانه آهي جيئن جو مولانا جامي فرمائي رهيو آهي (بيت) بندهء عشق شدي ترک نسب کن جامي که درين راه فلان بن فلان چيزي نيست) نسب جي بابت جناب خواجه شاه آغا صاحب پنهنجي ڪتاب راحته المخلصين جي صفه 9 - ۾ هن طرح فرمائي رهيو آهي، اسان پيرن کي نسب تي فخر ڪرڻ ڏاڍو خراب ڪيو آهي، هر ڪو پير سرهندي ڀائين ته آئون خود امام رباني مجدد الف ثاني آهيان، هر ڪو پير صاحب جيلاني سمجهي آئون پاڻ پير دستگير غوث ثقلين آهيان- ماڻهن تي فرض آهي ته اسان جا هٿ پير چمن اسان جي اڳيان سر بسجود ٿين – اسان جي کٽ تي هٿ رکي ساک کڻن اهڙو ادب ۽ احترام ڪن جهڙو اسانجن ڏاڏن جو ڪرڻ گهرجي – حالانڪ اسان جا ڏاڏا هن وقت حال حياتي موجود هجن ها ۽ اولاد جا هي حال افعال بداعمال خراب عداتون ڏسن ها ته هو پاڻ اسان کان بيزار ٿين ها- نه اسان جو مهن ڏسن ها نه اسان سان محبت رکن ها نه اسان کي پنهنجو جاءِ نشين ۽ قائم مقام ڪن ها – سنڱ پسي سرهو مَ ٿي متان پرين نه پنهنجو ڪن، لکين لوڌائي ڇڏيون ٻانهيون ٻاروچن، روئنديون رت وتن جي در مٿي هيون دادليون) مطلب ته نسب فقط تعارف لاءِ آهي نه نخوت ۽ ناز ڪرڻ لاءِ-

پيرن کي نسب جي فخر خراب ڪيو آهي

50- (بيت) جي ڀائين جوڳي ٿيان، سنڱ سڀئي ٽوڙ

ته تون پهچين توڙ محبت جي ميدان ۾

شرح- جناب سرتاج سنڌ جن هر مشتاق صادق کي فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن تون جوڳي يعني محبوب معنوي جو محب ۽ مشتاق ٿيڻ گهرين ته پهريان پنهنجي قلب مبارڪ مان غير جي محبت ڪڍي ڇڏ ۽ غير سان تعلقاتي سنڱ وارا ناتا ٽوڙي پنهنجي هوت حقيقي سان هڪ ٿي رهه ته محبت واري ميدان ۾ پروان وانگي پهرين نمبر پاس ٿي توڙ تائين پهچي پنهل پاڪ جي هٿان شراب پاڪ جو پيالو پيڻ عطا ٿئي – ڇو ته محبت ئي ڪارڻ ڪائنات جي ايجاد جو آهي ۽ هر نعمتن ۾ فقط محبت صادقه ئي نعمت عظمى آهي، جنهن جي ذريعي پنهل پاڪ پلڪ ۾ پرچي پوي ٿو – مطلب ته جڏهن به محبت مزيد الفت ازيد مشتاق جي من ۾ موج زن ٿيندي آهي ته انهي محبت جو لقب عشق اعلى مبدل هوندو آهي، بيت مذڪور جي تائيد بطور شرح جي هي آيت شريفه ڪري رهي آهي سوف ياءِ تي الله بقوم يحبهم ويحبونہ) جلد الله آڻيندو اهڙي قوم جنهن سان پاڻ محبت رکندو ۽ اهي ساڻس محبت رکندا- مطلب ته جن کي محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ جي محبت هوندي تن سان محبوب معنوي کي پڻ ملڻ جي محبت هوندي آهي جيئن جو هن حديث هيٺين مان هويدا آهي من احب لقاءَ الله تعالى احب الله لقاعہ ومن لم يحب لقاءَ الله لم يحب الله لقاعہ) جو شخص ڌڻي جي ديدار جي حب رکي ٿو ڌڻي تعالى پڻ انهي جي ديدار جي حب رکي ٿو ۽ جو ڌڻي جي ديدار جي حب نه ٿو رکي  ته ڌڻي به انهي جي ديدار جي حب نه ٿو رکي- پر هن ٻي حديث ۾ ابي هريره کان روايت آهي ته حضور جن فرمايو ته جڏهن به ڌڻي تعالى ڪنهن ٻانهي سان الفت رکڻ گهري ٿو ته جبريل کي فرمائي ٿو ته اي جبريل تحقيق مان فلاڻي سان محبت رکان ٿو پوءِ تون به انهي سان محبت رک پوءِ جبريل به انهي سان محبت رکي ٿو – تنهن کان پوءِ جبريل آسمان وارن ۾ پڙهو ٿو ڏئي ته تحقيق ڌڻي تعالى فلاڻي سان محبت رکي ٿو پوءِ توهان به ساڻس محبت رکو پوءِ آسمان وارا پڻ ساڻس محبت رکن ٿا تنهن کان پوءِ زمين وارن وٽ پڻ اهو قابل قبول رهي ٿو -  مٿين حقيقت تي هي حديث هيٺين هوبهو صادق آهي. ان النبي قال اذا احب الله العبد قال لجبريل يا جبريل اني احب فلانا فاحبہ فيجبہ جبريل ثم ينادي جبريل في اهل السماءَ ان الله تعالى قد احب فلانا فاحبوه فيحبہ اهل السماءَ ثم يضع لہ القبول في الارض)  پر امام قشيري رحه پنهنجي رسالہ ۾ محبت بابت هئن فرمائي رهيو آهي، جيڪڏهن تنهنجي نفس کان استقلال ڪثير ۽ تنهنجي حبيب کان استڪشار قليل سرزد ٿئي ته انهي جو نالو محبت آهي پر اهو رايو بايزيد بسطامي کان ٻاهر آهي - ۽ شبلي فرمائي ٿو ته محبت نالو محبت جو انهي ڪري آهي – ماسري المحبوب کي قلب کان محو ڪرڻ فرمائي ٿي، ابن عطاءَ چوي ٿو ته محبة آهي پاڻ کي داعمي عجيبن جي زير عتاب رکڻ – پر يحيى بن معاذ جي نظريہ موجب محبت جي حقيقت اها آهي جو جفا جوز ڪري به ڪڏهن نه گهٽ ٿئي پوءِ محبت جنهن کي جنهن سان هوندي اهو انهي سان گڏ هوندو نه جدا جيئن جو هن حديث شريف مان هويدا آهي المرعمع من احب) مطلب ته انهي حديث جي تقاضا موجب محبوب معنوي جا مشتاق صادق پڻ مدامي مع الله هوندا نه جدا – حضرت جنيد بغدادي فرمايو آهي جڏهن محبت صحت جي درجہ تي موجزن ٿيندي ته ادب جا شرائط ڪري پوندا آهن، صدبار مبارڪ انهي مشتاق معنوي کي آهي جنهن کي اهڙي رنگ رندي واري محبت ميسر ٿي آمين ثم آمين-

 هن 50 نمبر بيت تي پنهنجي رساله خزانته العارفين حصه اول کي في الحال پورو ڪريان ٿو – پر هتي هي هيٺيون ٻه ٽي رباعيون آڻن موزون ۽ مناسب آهي –

1 – شرح شاه جو نيٺ شايع ٿيو

بڻيو مشتري خاڪ بايع ٿيو

لڪل لعل هيرا ٿي پڌرا پيا

ذرو ڪين تن مان ڪو ضايع ٿيو

رباعي 2-  خوشي خاڪ جي آهه- غفران ۾

1381 هه

نظر نور نازڪ جو نگران ۾

پڙهي پاڪ ڪلمو لڏي لوڪ مون

رهي باغبان ساڻ بستان ۾

رباعي 3 – سدا ساڻ ساغر ۾ ساقي رهي

ڪڏهن يار مون کان نه يا ڪي رهي

خوشي خاڪ کي خوبرو جي کلي

ٿيان خوش نه بيماري باقي رهي

آخر دعوا نا ان الحمد لله رب العالمين 12-

تاريخ تماميت رساله ڪرڻ جي اڄ 27 – ماهه ربيع الثاني سنه 1381 هه

بقلم فقير در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي

تصديقات علماءِ ڪرام

تصديقات لائق تحقيقات از قلم حضرات علماء ڪرام و ادباء  عظام تصديق از قلم فيض رقم جناب محب الله  داعي الي الله واصل بالله مرشدي و مربي  محمد مصطفى سجاده نشين درگاه ملڪاني  سيف رحماني جي ۽ اديب اعلى بليغ بالا  صاحبزاده محمد مجتبى (غالب) جي تقريظ

خلاق فطرت انسان ۾ جي انيڪ قسمن جون صلاحيتون رکايون آهن انهن مان علم ۽ عمل – عشق ۽ معرفت- طريقت ۽ تصوف مرتبہ عين اليقين ۽ حق اليقين ۾ بلند معيار رکن ٿا – علوم متفرقه ۾ فلسفه رياضي- سائنس ۽ فقہ کي اگرچه چڱو درجو عطا ٿيل آهي مگر قديم خواه جديد زماني جي بزرگن وقت بوقت سندن خشڪ ۽ تلخ تعليم کي سجائي ۽ سلوڻي بنائڻ لاءِ ٻين علمن جي مدد وٺڻ اشد ضروري سمجهي – جهروڪ قران مجيد سان فلسفه جي اصطلاح ڪئي وئي ۽ حديث شريف سان فقه جي تعمير ٿي – هن اصول تي هلندي امام اعظم صاحب هن حد تائين به فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن مسئله ۾ فقہ ۽ حديث متضاد هجن ته حديث تي عمل ڪيو ۽ فقہ کي ڇڏي ڏيو-  اهڙي طرح روحاني تعليم لاءِ علم تصوف جي ضرورت پيش آئي جنهن جو پايو خود سرور ڪائنات عليه الصلوات والسلام جن رکڻ فرمايو هو – جنهن جي تعمير حضرت ابوبڪر صديق- امير عمر – حضرت علي ۽ خواجه حسن بسري ڪئي هئي. رضي الله تعالى عنهم – علم عروض به حضرت آدم صفي الله جي زماني کان قائم ٿيو جيئن ته هابيل جي حسرت ناڪ قتل تي آدم عليه السلام جو هڪ مرثيہ تاريخن ۾ شاعري جو سنگ بنياد ليکيو ويو آهي-  عربن به شاعري کي چڱي اوج تي آندو مگر انهن هن فن کي اُٺن ۽ گهوڙن جي تعريف ۾ جنن ڀوتن جي قصن ڪهاڻين کان وڌيڪ اهميت نه ڏني – اسلام ۾ جڏهن روحانيت ۽ تصوف جي تعليم آئي تڏهن ڪيترن ئي بزرگن شاعري کي روحانيت جو رنگ ڏيڻ شروع ڪيو قديم بزرگن مان منصور حلاج- عمر خيام- حافظ شيرازي- جامي ۽ سعدي ۽ عطار عروض ۾ ڪيئي قرآن – حديث ۽ تصوف جا گوهر  پاره پيش ڪيا ۽ رومي ته مثنوي جهڙو هڪ عظيم الشان ڪتاب لکي دنيائي اسلام تي احسان ڪرڻ فرمايو آهي- شاه عبداللطيف ڀٽائي به انهن بزرگن مان اسان جو هڪ سرتاج سنڌ سنڌي شاعر شاندار ۽ روحانيت جو علمبردار آهي- جنهن جي پڻ رومي جي مثنوي سان گهري محبت رهي- ڏسبو ته شاه صاحب جي رسالي تي مثنوي جو گهرو رنگ چڙهيل آهي- ڪيترا مثنوي جا فارسي بيت پنهنجي سنڌي زبان ۾ ٿوري ڦير گهير بعد ڪم آندا اٿس- مثنوي لاءِ جيڪڏهن پهلوي زبان ۾ قرآن هجڻ جي دعوى آهي ته شاه صاحب به فرمائي ٿو- بيت نه ڀايون ڀائرو هي آيتون آهين-  جس ۽ آفرين هجي اسان جي پيرسن دوست مولانا مولوي در محمد صاحب خاص صديقي ڪاندهلوي خليفه درگاه ملڪاني کي جنهن شاه صاحب جي چند متفرقه بيتن جي شرح قرآن ۽ حديث سان لکي شاه صاحب کي پنهنجي دعوى ۾ ثابت ڪيو آهي. هن کان اڳي شاهه تي گهڻن ئي اديبن جا مجمل خواه مفصل شرح لکيل آهن مگر حقيقت ۾ انهن کي سطحي سڏڻ گهرجي- مولوي صاحب جو هي شرح اگرچه چند بيتن تي منحصر آهي مگر جيڪي ڪجهه لکيو اٿن سو سڀ عالمانه طرز ۽ صوفيانه رنگ ڍنگ تي لکيل آهي- شايد هن کان اڳ هن قسم جو معياري شرح ڪنهن به نه لکيو هجي- هر موقعي تي قرآن حديث ۽ فارسي اشعار مثال طور پيش ڪيا اٿن ۽ نهايت سليس سنڌي ۾ بيتن جي معنى سمجهائي اٿن- الله تعالى اهڙن اديبن ۽ عالمن فاضلن کي دنيا ۾ تادير قائم رکي جيئن سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪري قوم جو معيار بلند رکن – الله کري زور قلم اور زياده-

حاصل ڪلام ته هي ڪتاب خزانته العارفين حصهء اول تصوف جي نڪته نگاه کان بلڪل عمدو ۽ ڪار آمد آهي، اسان سندس مطالع کان آگاه بطور تائيد سندس تصديق ڪئي آهي-

الفقير محمد مصطفى النقشبندي الملڪاني عفي عنه

العبد الضعيف العاصي مجتبى احمد الحنفي

النقشبندي المجددية الملڪاني

عفي عنه ولدالديہ

15 آڪٽوبر 1961ع درگاه ملڪاني شريف

2- تصديق لائق تحقيق از دست حاتم  شفيق جناب عالم فاصل فقيہ فهيم ڪامل  مولانا عبدالحي صاحب بزرگ رهڙي شريف جي

هي رسالو محبت ۽ الفت الستي جو مقالو نظريه نيهن لطيفي جو شرح نرالو آيتن الاهي جي شراب پاڪ سان پر پيالو ڀلي پيي معرفت جي ميخانه جو مست متوالو – جنهن آب احمر نوراني جي پيڻ سان پياسن ۽ اڃاين جي اڃ بک لهي دور ٿي ويندي آهي- تنهن پيالي پاڪ جو پياريندڙ ۽ ساقي جناب مولانا  ابو الا اقبال در محمد خاڪ- صديقي ڪاندهلوي آهي جو صاحب جامع شريعت ۽ طريقت جو آهي تنهن صاحب باوجود بيماري ڪهنہ ڪنسر ۽ پيري زهيري جي پاڻ کي تفريح پاران تڪليف ڏئي به حضرات اهل ادب جي اڳيان هي تحفو عمدو پيش ڪرڻ فرمايو آهي- جنهن تحفه قيمتي جو قدر ڪرڻ قدردانن تي ادبي نڪته نظر سان لازم ۽ واجب آهي-

انا المصدق فقير عبدالحي رهڙوي

مدرس مدرسه ٿرڙي محبت

3- تصديق از قلم تحقيق رفيق ادب شفيق طبع احسن لقب جناب حافظ احسن صاحب جي

گهڻي وقت کان اها عام تقاضا آهي ۽ تازو مهراڻ رساله حيدرآباد ۾ ايڊيٽرول نوٽ ۾ طلب ڪيل آهي ته سلطان العارفين سرتاج الشعرا حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته جي رساله جي شرح لکي وڃي ۽ اهڙو ڪو مرد مجاهد نڪري نروار ٿئي جو اهو ڪم ڪٺن هٿ ۾ کڻي- نهايت خوشي ٿي آهي ته ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر جناب حضرت مولانا مولوي در محمد صاحب خاڪ صديقي ڪاندهلوي جن، شاه صاحب جي چند بيتن جي شرح قرآن شريف – حديث ۽ اسلامي روايات موجب مثنوي رومي- شيخ سعدي سچل سرمست ۽ ٻين صاحبن جي ثبوت سان شرح لکي آهي جا سنگ بنياد جو ڪم ڏيندي- اميد ته حضرت مولانا موصوف صاحب سلسله وار شاهه جي رساله جي بيتن جي شرح لکڻ فرمائيندو- مرحوم ميان محمد بخش صاحب واصف 25 – بيتن جو شرح لکي ڇاپايو هو – هينئر مولانا صاحب 50 – بيتن جي شرح لکڻ فرمائي آهي جا اميد ته عوام ۽ شاه صاحب جي شيدائين لاءِ خوشي جو باعث ٿيندي.

16- اڪٽومبر 1961ع

راقم حافظ محمد احسن چنا دادو

قطعه تاريخ ڪتاب خزانته العارفين از حافظ محمد احسن چنا دادو

مبارڪ ميان درمحمد کي آهه

ڪئي جنهن محقق هي تشريح شاه

رکي سنگه بنياد تشريح جو

ڪيو جنهن هي مشڪل ڪم آهي اٿاه

اديب آهه عالم ۽ فاضل فهيم

اديبن ۾ جنهنجو وڏو عزم و جاه

لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ رهي روز شب

ادب جي فزون لئي سندس خوب چاه

ڀٽائي جي فرمان تي باعمل

تتي ۽ ٿڌي ۾ پيو ڪاه ۽ ڪاه

ڪري خوب خدمت ادب علم جي

ٿيو سنڌ وارن جو هي خير خواه

لکئين عارفن لئي خزانو عجيب

ٿي شارح پسايائين همہ شاه راه

عطا ان کي حق عمر خضري ڪري

ڏئي ان کي الله امن و پناهه

لکيائين هي نسخو ته احسن عجيب

ٿيو جنهن تي راضي گهڻو آهه شاه

پڇم سال هجري ته هاتف چيو

مضامين گلشن اهي واه واه

1381 هه

4. تعارف از قلم معارف جناب رئيس ادب نجيب نسب باغ سنڌي جي سهڻي بلبل جي وارث وڪيل پر ضيا گل گلاب عالي جناب جناب مسٽر ضياءُ الدين ضيا دادو جو

جناب مولانا مولوي در محمد صاحب متخلص خاڪ هڪ ڪهنه مشق شاعر ۽ شاعري جو دلداده حضرت آهي جنهن سان مشاعرن ادبي مجلسن ۾ خواه خانگي ملاقاتن سبب گهڻي وقت کان آشنائي آهي- سندس مزاحيه طرز جي شاعري مون کي اول اول سندس شعر ڏانهن راغب ڪيو ۽ سندس هر شعر کي دلچسپي سان مطالع ڪندو رهيس – مون کي وڏي خوشي حاصل ٿي جڏهن اوچتو دادو ۾ قدم رنج فرمائي پنهنجي نت نئين انوکي ۽ انمول ايجاد ڏيکاريائين – اها آهي ڪتاب خزانته العارفين جي ايجاد- جنهن جي ڏسڻ سان آفرين صد آفرين چوڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس- شاه ڀٽائي رحمته الله جي دعوى ته. جي تو بيت ڀايان سي آيتون آهين، جو ويهي هن صاحب دليل پيش ڪيو آهي. قران پاڪ جون آيتون پيش ڪري شاه جي بيتن سان ملائي ثابت ڪيو اٿس ته شاهه جو ڪلام قرآن پاڪ جي آيتن جو عڪس آهي ويتر جو عمدا ۽ ٺهڪندڙ مثال ۽ تلميحون پيش ڪيون اٿس تن ته سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي. خزانته العارفين سچ پچ عارفن لاءِ هڪ بيش بها خزانو بنجي پيو آهي. شاه جي ڪلام کي هن جديد نمونه ۾ پيش ڪرڻ جو سهرو هن سڳوري جي سر تي سونهين ٿو. ۽ ڀٽائي کيس خواب ۾ ديدار ڪرائي دلجائي پڻ ڏني آهي ته سندس تحفه قبول ٿيو. اها سعادت هن صاحب کي صله ۾ نصيب ٿي چڪي آهي ۽ اميد ته سنڌي به سهسين سلام هن سڳوري تي چوندا جنهن کين هيءَ سوکڙي سونپي آهي. وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو شايد ڀٽائي جي روح پرفتوح جي برڪت ۽دعا سان هن ڪتاب جي ڇاپجي شايع ٿيڻ لاءِ سامان به موجود ٿي ويو آهي. خدا کري زور قلم اور زياده.

ضياءُ الدين – ضيا وڪيل دادو

مورخه 20 – اڪٽومبر 1961ع

5. تصديق لائق تحقيق انيق از قلم قابل فن اديب واقف شريعت ۽ طريقت جناب محمود صاحب ايزدي مجتنب از غيبت وبدي- ڪاندهلوي تلميز مسفيد از درگاه ڪاندهلويه

راقم فقير حقير تصحيح ذيل واري رسالو معرفت جو مقالو نالي خزانته العارفين حصه اول مطالع ڪري ڏٺو. جو تمام عمدن مضامين معرفت ۽ رازن صوفيانه سان سينگاريل آهي. منجهس حقيقي عشق جون حقيقتون اهڙيون ته سهڻي طريقه سان درج آهن. جو مبتدي خواه منتهي کي تمام سهڻي سبق جو راه سيکاري راه طريقت جي پوري پوري رهبري فرمائن ٿيون. اميد ته حضرات سامعين ۽ ناظرين صاحبن کي پڻ مستفيد بڻائينديون رهنديون. ۽ جناب حضرت قبله مصنف رساله قدوة السالڪين عمدة العارفين جامع شريعت و طريقت حضرت مولانا عالم رباني سيف سبحاني استادي خليفه درگاه ملڪاني حضرت سير رحماني- بنام نامي گرامي مولانا ابو الا قبال در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي. پنهنجي ڪمال محبت ۽ اخلاص سان پنهنجي گوهر فشاني ڪرڻ فرمائي آهي جا اميد ته راه گيرن لاءِ راه هدايت جو سبب ثابت ٿيندي هن رهبر روحاني کي نه فقط روحاني راه ۾ رشد ۽ ڪمال آهي پر هي صاحب پنهنجي قومي خدمتن ڪري به ممتاز درجه تي پهتل آهي کيس قومي خدمتن جي صله ۾ قوم ڪاندهلويان سنڌ کان قائد القوم جو ممتاز لقب عطا ٿيل آهي ۽ ٻين قومن  کان به ڪيئي احترامي القاب کيس عطا ٿيل آهن جهڙوڪ نصير آباد شهر ۾ هن کان اڳ چند سال انجمن همدرد قوم کان صدر جو لقب لائق ماڻي چڪا آهن اهڙي طرح مسلم ليگ طرفان پرزائڊنگ آفيسر جو عهدو عطا ٿيو هون وغيره مطلب ته سندن وجود مسعود پنهنجن پرائن واسطي سبب سعادت ۽ شفقت جو ثابت ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو آمين.

العبد فقير محمود عفي عنه المعبود ايزدي ڪاندهلوي

مريد درگاه مجدديه سرهنديه ٽنڊو سائينداد

6. تبصره از نظر ناظر باريک بين باهو ادب جي عاشق شوق علم جي شائق گوهر ادب حميده حسب مسٽر محترم گلاب خان شيخ پروپيگنڊا سيڪٽري سنگت نصير آباد جو

جناب حضرت مولانا مولوي در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي صاحب هردلعزيز همدرد سنگت ۽ بزم لطيف نصير آباد جو لکيل ڪتاب لاجواب نالي خزانته العارفين . جناب شهنشاه گهوٽ لطيف جي شعر تي شرح شايان شان ادب، تبصره لاءِ پهتو. جناب حضرت خاڪ صاحب جهڙي عالم فاصل جامع شريعت ۽ طريقت صوفي صادق عمدة الشعرا جي لکڻيءَ تي مون جهڙي ڪم علم حقير کي تبصري ڪرڻ جي ڪهڙي قوت ۽ طاقت آهي. ڪتاب جنهن نئين رنگ رندي ۽ عارفانه ڍنگ سان جناب خاڪ صاحب جن جوڙيو آهي سو هر تعريف جي لائق ۽ سندس مصنف صد مبارڪ جو مستحق آهي اهڙي ڪتاب ناياب جي جوڙيندڙ کي به لائق صد تحسين جو نه ڄاڻجي ته پوءِ انصاف جو خون آهي. جناب لطيف سائين جي هر شعر جي مشاهبت قرآن ڪريم جي آيتن ۽ حديثن سان جنهن روحاني رنگ ۽ صوفيانه ڍنگ سان جناب خاڪ صاحب جن ڪرڻ فرمائي آهي. اهڙي شايد مشڪل ڪنهن ٻي عالم اديب صاحب کي اچي، ڇو ته جناب خاڪ صاحب فقط شاعر ڪونه آهي پر هو صاحب هڪ مجدد عالم عديم المثال صوفي صادق صاحب الحال پڻ آهي، حقيقت ۾ جناب ڀٽ ڌڻي جو شعر شاندار جيڪو آسماني الهام پايدار جو محض ترجمو آهي، ان تي شرح شافي لکڻ به هڪ عالم فاضل ۽ صوفي سالڪ ولي ڪامل جو ڪم آهي جنهن لاءِ جناب حضرت خاڪ جهڙو مجدد محقق موزون ماڻهو آهي. جناب خاڪ صاحب هي ڪتاب لکي نه رڳو جناب سرتاج سنڌ جي روح پرفتوح کي راحت رسائي آهي، پر هن صاحب فخر ادب علم ادب سنڌي جي غير معمولي خدمت انجام ڏني آهي جنهن لاءِ آءٌ جناب خاڪ صاحب کي پنهنجي سنگت  جي پاران ۽ پاڻ دلي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، جناب خاڪ صاحب هر قومي تحريڪ ۾ بهرو وٺندڙ آهي. قومي خدمتن ڪري هي صاحب بي طمع بي رياءَ هن کان اڳ ڪنهن زماني ۾ انجمن همدرد قوم نصير آباد جو پڻ صدر صاحب ٿي رهيو آهي، جنهن انجمن اهڙي امين عقيل صدر صاحب جي زير سايه رهي ڪري شهر نصير آباد ۾ تمام گهڻا سماجي ڪم ڪيا آهن.

نيازمند ڪاتب تبصره گلاب شيخ

1961-10-10

7. سپاس نامہ پرت پيامہ از قلم فيض رقم صوفي سالڪ جناب پير شير شاه شائق لبيب لائق چيئرمين يونين ڪائونسل لاکا تعلقه وارهه ضلع لاڙڪاڻه جي سپاس نامو

خزانته العارفين حصهء اول جناب علامه صوفي سالڪ فقير در محمد خاڪ صاحب صديقي ڪاندهلوي اسان صوفين لاءِ اهڙو ته اعلى درجہ جو خاص آئينہ ۽ دل مخمور ڪندڙ شراب حقيقي خاص سولي سنڌي زبان ۾ باوجود ڪهنہ سالي ۽ خطرناڪ بيماري جي نازڪ حالت ۾ پاڻ کي تڪليفن ۾ پتوڙي به نهايت نوازش ۽ مهرباني فرمائي اسان واسطي راهبر حقيقي تيار ڪرڻ فرمايو آهي اميد ته انهي جي حصه دوم لاءِ پڻ هٿ همت جو وجهي ڪوشش ڪرڻ فرمائيندو. الله سائين شال کيس عمر دراز ۽ توفيق رفيق بخشي آمين ثم آمين

بنده مشڪين شير شاه از لاکا موندر 61-10-11

8. تصديق لائق تحقيق از قلم قابل عالم تحرير صاحب التحرير والتقرير جناب مولانا محمد عظيم صانه الڪريم عن خصومته الخصيم وذم الذميم المتخلص بشيدا نصير آبادي

جناب مولانا در محمد صديقي ڪاندهلوي صاحب متخلص بخاڪ جيڪو ڪتاب ناياب تصوف ۾ حضرت ولي ڪامل شاعر فاضل فخر سنڌ عبداللطيف شاه صاحب جي رساله جي جيڪا تشريح ۽ سندس بيتن جي تقرير ڪرڻ فرمائي آهي سا تقرير ساري عالمانه ۽ محققانه طرز تي تيار ٿيل آهي. تنهن جي تعريف ڪرڻ ڄڻ سج کي آئينو ڏيکارڻو آهي بلڪ زبان تعريف کان قاصر ۽ قلم لکڻ کان عاجز آهي، مطلب ته هي ڪتاب سالڪن لاءِ رهبر ڪامل ۽ مريدن مرشدن لاءِ مشعله راه هدايت آهي، شل الله تعالى مولانا موصوف کي اجر عظيم ۽ توفيق عميم عطا ڪرڻ فرمائي. آمين ثم آمين

مصدق محمد عظيم شيدا نصير آباد

1961-10-11

9. تصديق از جناب اديب لائق فهيم فائق مسٽر عبدالغفور صاحب ڀرڳڙي ايم-اي-ايل ايل-بي وڪيل لاڙڪاڻه

محترم جناب مولوي در محمد صاحب جن جي بيش بها ۽ عالمانه تصنيف بنام ”خزانته العارفين“ ڪنهن حد تائين منهنجي نظر مان گذري آهي، جنهن ۾ مولوي صاحب سنڌ جي عظيم الشان فلسفي ۽ شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي جي پنجاهه بيتن جي شرح هڪ نئين انداز سان ڪئي آهي. اسان جي اديبن هن وقت تائين ڪا اهڙي خاص ڪوشش هن ڏس ۾ ڪانه ڪئي آهي. مولوي صاحب هن ڪاوش ذريعه شاه صاحب جي ڪلام  جي  روحاني رازن ۽ اصلي معنى کي سنڌي عوام وٽ پيش ڪيو آهي جنهن لاءِ مبارڪ جو مستحق آهي.

مولوي صاحب نه صرف هڪ بلند پايه عالم آهي پر ساڳي وقت سنڌي علم ادب جو وڏو ڄاڻو ۽ ڪهنه مشق شاعر به آهي. شاه صاحب بابت سندس مطالعو وسيع ۽ عميق آهي ۽ هيءَ ڪتاب سندس سالها سال جي گهري مطالع جو نتيجو آهي. مون کي يقين آهي ته سنڌي ادب ۾ هيءُ ڪتاب اهم جڳهه والاريندو ۽ سنڌي اديب ۽ عوام ان کي قدر جي نگاهن سان ڏسندا ۽ پورو پورو فائدو وٺندا.

عبدالغفور ڀرڳڙي لاڙڪاڻه

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com