مال اولاد جي محبت ۾ مبتلا ٿي ڪيچ ڌڻي
وٽ ڪاڻيارو ٿيڻ
34- (بيت)
ٻڌو ڪنهن ٻڌياڻ هئنڙو هوتاڻن سان
ڪا جو پئي ڪاڻ نبيريان ته نه نبري
شرح-
سهڻو سرتاج سنڌ پاڻ کي پاڻ خوش خطاب ڪري رهيو آهي
مگر حقيقت ۾ هر هڪ طالب المولى کي انتباه جو اشارو
ڏنل آهي ته اي طالب حق جا تون الست بربکم جي ارشاد
وقت
قالوا بلى
جي ٻول سان ميثاق جي ڏينهن ۾ جو روحاني رمز سبب ڄڻ
ٻنڌڻن جو زمانو هو پنهنجي ٻاروچل ٻاجهاري سان ٻجهي
آيو آهين هاڻي هتي دنيا جي بري بنڀور ۾ سندس بازار
۽ فريب ده رونق ۽ مال متاع تي ڀلي ڪيچ ڌڻي ڏهون
ڪاڻيارو ٿيو آهين انهي ڪاڻ رهاڻ پوڻ ڪري ڪيچ ڌڻي
توکان مهن مٽائي رسي ويل آهي – تنهن ڪري جيستائين
غفلت جي خواب گران کان بيدار ٿي غير جا تعلقات نه
ٽوڙيندي تيستائين نيهن جو نبيرڻ ڏکيو ۽ دشوار آهي،
انهي بيداري کان سوا ڪيتري به ڪوشش ڪرڻ ۾ ايندي ته
نيهن نبري نه سگهندو بلڪ رهندو عتاب ۽ ڏوراپي جهلڻ
جو جوڳو ٿيندي تنهن ڪري جيستائين سسئي وانگي
سرانگي عاجزي زاري نيزاري ڳل ڳاري سان پنهنجي پنهل
پاڪ کي پرچائڻ ۽ سرچائڻ جي ڪوشش ڪري انهي جي در
پاڪ تي عاجزي سان آڻ نه آڻيندي ته پوءِ پنهل بي
پرواهه کي تنهنجي ڪهڙي پرواهه آهي تنهن ڪري آڻ ۽
ڪاڻ ڪڍڻ کان سوا هو بي ڪاڻيو ڪڏهن به ڪونه پرچندو
جيئن جو فقير خاڪ جي هيٺين ڪلام مان آڻ آڻڻ بابت
پوري پوري هدايت ڏنل عيان آهي
(ڪلام آڻ وارا آڻ آڻن هو نه آڻي آڻ ٿو
ڪين ڪنهن وانگي ڪڍي ڪنهنجي ڪڏهن به ڪاڻ ٿو
ڏيهه جي ڏاتار کي ڪنهن جي نه آ پرواهه ڪا
جي پوي پرچي ڏئي ڏاتيون ۽ ڏوڙا ڏاڻ ٿو
تاڻ تن من ۾ تهين جي پاڻ بي تاڻيو رهي
فاذڪروني سان فقط تن ۾ رکي سو تاڻ ٿو
پاڻ ڏيندو پاڻ لاهيندو ڳجهون بيماريون
ويج دنيا جا نه ڄاڻن پاڻ ڄاڻي ڄاڻ ٿو
حاذقن جي هوش کان آ هوش اعلى هوت جو
پاڻ پنهنجو راز مخفي پاڻ ڄاڻي پاڻ ٿو
سور جون سو سوکڙيون آيون ڀلي سوغات ٿي
صابرن سان سو سڄڻ ساڻي رهي ۽ ساڻ ٿو
انفسي آيات سان تو ۾ ۽ مون ۾ موج زن
خاڪ ۾ مخفي رهي سو کاڻ وانگي کاڻ ٿو
انهي ساري تحقيق انيق ۽ ڀٽ ڌڻي جي بيت مذڪور جي پٺ
ڀرائي هن آيت شريف مان بطور شرح شافي جي ظاهر آهي
لاتلهکم اموا لکم واولادکم عن ذڪر الله) يعني نه روڪي اوهان کي مال ۽ اولاد جي محبت منهنجي ذڪر ذاتي کان) تنهن ڪري
هن آيت ارشاد اعلى موجب انسان کي غافل ٿي مال ۽
اولاد جي محبت ماکي جي مک وانگي ڦاسڻ نه گهرجي پر
جي مال ۽ اولاد جي محبت باطل ۾ ڦاسي پيا ۽ انهن جي
اندر مان ذڪر جو ذوق ذاتي هليو ويو ته پوءِ اهي
ڪيچ ڌڻي کان ڪاڻيارا ٿي ساري ڄمار نقصان ۾ نراور
ڪري گذاريندا جيئن جو انهي حقيقت تي هيٺين آيت
شاهدي ڏئي رهي آهي
ومن يفعل ذلک فاولئڪ هم الخاسرون)
يعني جن مال الاد جي عشق ۾ عمر وڃائي اهي نقصان
پرائڻ وارا آهن) تنهن ڪري طالب صادق کي گهرجي ته
هر طاعت ۽ عبادت ۽ الحاج ۾ تبارڪ تعلى جي توفيق
پاڻ سان رفيق ڪري ته انشاءَ الله تعالى نيهن به
نبري پوندو ڇو ته سعادت سرمدي باري تعالى جي
بخشيش ۽ عنايت ارزاني جو ثمرو آهي جئين جو زيرين
بيت فارسي مان ثابت آهي (بيت) اين سعادت بزور بازو
نيست تانه بخشد خدائي بخشنده)
نفس مڇ جو مصداق آهي
35- (بيت) جڏهن واهڙ کي هو وهه تڏهن مڇ
موٽڻ جي نه ڪئي ڇر ڇنيي ڇوڪرين مونڻ
جو پهه هاڻي سر مٽي ئي سهه مهميزون ملاحن جون)
شرح-
جناب نيهن جو نامدار ورهه جو وڻجار فرمائي رهيو
آهي رهدار ته اي نفس نامراد تون جو محبوب ڪريم جو
رزق روزي کائي مچي مچي فربهه مڇ ٿيو آهين جڏهن
تنهنجي جواني جو ڦوهه ۽ وهي واري واهڙ جو وهه هو
تڏهن تون پنهنجي پروردگار ڏي پشيمان ٿي نه موٽ
کاڌي بلڪ رهندو باري بي پرواهه سان باغي ۽ بي
فرمان بڻي ٿلائي جو ٿونا هڻندو هئين هاڻي جڏهن
تنهنجي عمر واري ڇر جو پاڻي تانگهو ٿيو آهي ۽ پورو
ٿي ڇڄي ڌار ٿيڻ وارو آهي ته تون پوئتي موٽڻ جا پهه
۽ پور پچائي رهيو آهين جي پهه پچائڻ هينئر بلڪل
ڪار آمد نه آهن ڇو ته تنهنجي عمر عزيز وارو پاڻي
کٽي چڪو آهي هاڻي حاڪمن جي حاڪم ڪرڙي کان موٽڻ جي
مهلت گهرڻ عبث ۽ اجائي آهي موجب پهاڪي پديد جي –
ميو ماريندي مڇڙا ڪڏهن ميو مٿان به آئي) هاڻي حضرت
عزرائل جنهن کي سرتاج سنڌ ملاح جو ممتاز لقب ڏنو
آهي اهو صاحب تهدل تيار ٿي تنهنجي روح بي فتوح جي
قبض ڪرڻ لاءِ آيو آهي، تنهن ملاح جي پهرين مهميز
سڪرات سخت واري سر تي سهه تنهن کان بعد ٻيون
مهميزون نمبروار سهندو رهندين جهڙوڪ منڪر لڪير جون
مهيمزون ۽ قبر جي ڀيڙ ڀڪير جون مهيمزون تنهن ڪري
تنهنجي عمر جي مدي ختم هجڻ ڪري توکي ڪڏهن به مهلت
موٽڻ جي نه ملندي، انهي ڪري اجايا پهه پچائڻ ڇڏي
ڏي- انهي ساري حقيقت حال تي هي آيت هيٺين بطور شرح
شافي پوري طرح ٺهڪي ڦهڪي اچي ٿي-
ان ياتي احدکم الموت فيقول رب لواحرتني الى اجل
قريب فاصدق واکن من الصالحين ولن يؤ حز الله نفسا
اذا جاءَ اجلها والله خبير بما تعملون
الايه)
جڏهن اوهان مان ڪنهن به هڪڙي وٽ موت منزل ڪري ته
پوءِ هو چوي ٿو اي پروردگار جيڪڏهن موت اقرب کي
هٽائي مون کي مهلت پوئتي موٽڻ جي ڏين ته مان ڏاڍو
سخي ٿي صدقن کي جاري رکندس ۽ ڏاڍو نيڪ ٿي صالحن ۾
شمار ٿيندس پر جڏهن ته اجل پوي معين وقت تي ايندو
ته انهي مقرر وقت کي هرگز نه هٽايو ويندو باقي
جيڪي اوهان عمل ڪيا آهن تن کان الله آگاه آهي) هن
آيت الاهي جي ارشاد پاڪ مان پديد ۽ عيان آهي ته ڀٽ
ڌڻي جو بيت مذڪور هن آيت الاهي جو پورو پورو
ترجمو ڇا بلڪ عمده پيرايه ۾ آيت الاهي جو شرح آهي
مگر سمجهڻ لاءِ دل ۽ دماغ اعلى جي ضرورت ۽ گهرج
آهي مطلب ته جيستائين نفس سرڪش کي جو مچي مچي مڇ
جي مثال مغرور ٿيو آهي، ماري نه مڃائبو تيستائين
عبد عاجز کي عارفاني اعلى عهدي تي فائز ٿيڻ محال
آهي تنهن ڪري طلب حق جي کي گهرجي ته پهريون مجاهدن
۽ رياضتن جي ڪاتي تکي سان متل مڇ ڪهي ۽ دنيا
دورنگي جا زال زينت واري جي مثال آهي تنهن کي هڪدم
طلاق بائنہ ڏئي پنهنجي هستي هوڏ وڃائي پاڻ کي
باوجود جيئري هجڻ جي مئل ڄاڻي قبر مادر جي گود ۽
جهولي ۾ وهاري ته واحد جي وصال لايزال کي ويجهو ٿي
وڃي وگرنه اها منزل مبارڪ ماڻڻ ڏاڍي دشوار ۽ ڏکي
آهي جيئن جو ڀٽ ڌڻي جو زيرين بيت انهي حقيقت حال
تي صادق آهي (بيت) جي ڀائين جوڳي ٿيان ته ڪهه سڳو
تون ڀاءُ، طلاق ڏئي زال کي سمهه وٽ نئين ماءُ،
انهي پر ٿي آءُ ته ويجهو ٿئين وصال کي) هن بيت ۾
ڀاءُ مان مراد نفس امارو آهي جنهن کي ڪهڻ صوفين
صديقن جي اصطلاح موجب ثواب آهي ۽ زال مان مراد
دنيا دورنگي آهي جنهن جي دام ۾ ڦاسڻ ڏاهن واسطي
ڏوهه آهي- لفظ طلاق مان مراد سندس صحبت ۽ الفت کي
ڇڏي ڏيڻ ۾ وڏو فائدو فلاح آهي ۽ ماءُ مان مراد قبر
آهي جنهن جي جي جهولي ۾ آخرڪار هلي ويهڻو پوندو
تنهن قبر کي هردم ياد ڪرڻ عين ايمان آهي پوءِ جي
شخص موجب حديث
(موتوا قبل ان تمتوا)
جي مرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي نفس سرڪش کي ماري مڃائيندا
اهي ڄڻ ته جيئري ئي قبر مادر جي گود ۾ گذاريندا
آهن جو به اهڙي عجيب روش اختيار ڪندو رهندو اهو
ڀٽائي جي حڪم موجب نيٺ وصال لايزال کي ڪڏهن نه
ڪڏهن ويجهو ٿي ويندو – تنهن ڪي هي هيٺيون ڪلام
فقير خاڪ جو پڻ لطيفي لات جو پورو پورو شرح نظر اچي ٿو.
(ڪلام) منڇر ۾ مچي مڇ ٿي مروان متو آهي
گيرپ سان گڏهه گانڊو گاري ۾ گتو آهي
1- واهڙ ٿو وهي وهه ۾ ڇو هو ته ڇُهي ڇهه ۾
لهڪار لهي لهه ۾ لوڀي ته لتو آهي
2- جو تار ٿيو تانگهو لنگهندي نه لڪي
لانگهو
موٽڻ جو لٿو سانگو پاڻي جو کتو آهي
3- جنسار سڄڻ جوڙيو تنهن کان تو ٽهي
ٽوڙيو
ٻوڙي تو پتو ٻوڙيو ڏوڏي کي پتو آهي
4- درياء دلي اندر لهرين سان لڙي تر تر
گوندر مان لهي گوهر روحي ڪورتو آهي
5- موجن ۾ ملن موجون اوجن ۾ اچن اوجون
فرقت جون ڏسي فوجون جونجهار جتو آهي
6- جو خاڪ کٿي پائي ڦلهار لڱن لائي
سينو نه ڪڏهن ساهي ستين ۾ ستو آهي
هڪ گنج ڌڻي غني آهي ٻيا سڀ گداگر ۽ فقير آهن
36- (بيت)
ڏاتار ته تون ٻيا سڀئي مڱڻان وسن ميهن
مدائتا سدا وسين تون جي اڱڻ اچين مون ته ميريائي
مانُ لهان)
شرح –
جناب سرتاج سنڌ پنهنجي سرڪار حقيقي ڏيهه جي ڏاتار
کي هئن عرض اپيل ڪري چوي ٿو اي ڏيهه جا ڏاتار ساري
ڏيهه جو رزاق رزق ڏيندڙ فقط تون ئي هڪ ڏاتار آهين
ٻيا جيڪي به جهان ۾ جائداد وارا آهن سي به گداگرن
وانگي تنهنجي درپاڪ جا محتاج ۽ فقير آهن تنهنجي
سخاوت سرمدي جو سمنڊ اهڙو ته سدائي وهي ٿو جو ميهن
جي برساتن کي به مجال نه آهي جو تنهنجي سخاوت بي
پايان سان برابري ڪن ڇو ته ميهن جون برساتيون ڪڏهن
ڪڏهن پنهنجي موسم ۽ مد تي وسنديون آهن مگر تنهنجي
سخاوت واري بارش سدائين ساوڻ توڙي سياري ۾ عام جام
پئي وسي ڇاڪاڻ ته تنهنجي وسڻ واري رحمت ۽ سخاوت
ساري ملڪ جي مخلوقات کي محيط آهي ڪو به تنهنجي
رحمت مطلقه کان محروم نه آهي جيئن جو مولانا سعدي
رحه فرمايو آهي- اي کريمه که از خزانه غيب گبرتر
سا وظيفه خورداري دوستانرا کجا کن محروم توکه
بادشمنان نظرداري) پوءِ باوجود اهڙي وسيع رحمت جي
مون عاشق اڀري جي اڱڻ تي اچڻ فرمائي وصال جو ورق
ورائين ته مون ميري مدي ڪيڏو نه مانُ ملي وڃي-
جنهن مانَ ماڻڻ ڪري تنهنجي ڳڻن جا گيت ڳلي ڳلي ۾
ڳائيندو وتان ۽ هئن چوندو رهان جيئن جو سچل فقير
چيو آهي (مصرعه) ڳلي ڳلي ۾ يار سچل کي بازار ۾ ته
بيهاريو تو) انهي بيت مذڪور جو پورو پورو شرح شافي
۽ برهان ڪافي هي آيت ڪريم آهي
يا ايها الناس انتم الفقر اعوالله غني حميد) اي انسانو توهان سڀ فقير ۽ پنهار آهيو ۽ الله غني لائق حمد ڪرڻ
جي آهي) هن آيت الاهي مان هي عمدو اشارو عيان آهي
جو ڪجهه توهان گداگرن کي گهرڻو هجي ته انهي هڪ غني
کان گهرو جنهن جو گنج ۽ خزانو اڻ کٽ آهي ۽ جي ڪجهه
پنڻو اٿو ته فقط انهي پروردگار ڏيهه جي ڏاتار کان
پنو جو ڏئي پرڏرمائي به ڪين جيئن جو زيرين بيت مان
ظاهر آهي (بيت) پنيادر نه پن جو پنيي پورائو نه
ٿئي ناء انهي جو ڳنهه جو ڏئي پر ڏر مائي ڪينڪي) پر
ارمان صد ارمان جو انسان غافل غفلت جي گرداب عميق
۾ غريق رهي پنهنجي رب رحمان ڪريم ڪار ساز جهان جي
مالڪ ممتاز جي درڪرم کان مهن موڙي ٻين درن تي ڀٽڪي
ڀٽڪي در بدر خاڪ برسر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري سندس
نه اُوري نه پوري آهي بلڪ باري جي پاڻ ڪريمي کان
ڀلڻ واري کي سدائين دردن دنيوي جا دست ۽ سنڃائي جي
سورن جي سوري آهي پر هاڻي به اڃان وقت هٿان نه ويو
آهي جي اڄ به ڪو انسان سهڻي سرتاج سنڌ جي نصيحت
نافع ۽ صلاح شافع تي عمل پيرا ٿي ڀُلي ڀلي ڀاڻ اچي
ته ڀلي جون ڀلايون ۽ برڪتون کيس ڀرپور ڪري ڇڏن-
پوءِ جڏهن به ڀلي جي ڀلاين سان ڀرپور ٿي وڃي ته
شڪر گذاري جا گيت هئن ڳائيندو رهي جيئن جو ويچاري
فقير خاڪ پنهنجي ڪلام زيرين ۾ ڳايا آهن – (ڪلام
خاڪم)
ڀلي جا ڀال لک ڀايان ڀلي جو ڀال مون سان ٿيو
پنهل ڪو پيچ نو پاتو نه طلسم تال مون سان ٿيو
سڄڻ سڏيو وٺي نالو لقب لائق ڪري پنهنجو
ٻڌم ٻوڙو نه آهيان نيهن نازڪ نال مون سان ٿيو
ٻروچل ٻاجهه واري ٻانه ڏيئي ٻانهه ٻيلي ٿيو
رجهي راحت رسائي حال ڀائي حال مون سان ٿيو
هينون منهنجو هينون هوتن ٻئي ٻڌياڻ ۾ ٻڌجي
ويا آهن نسورو نيهن جو ناتال مون سان ٿيو
محبت منهنجي ٿي منظور وئي منظور منهنجي کي
ڏسي اقبال منهنجي کي اچي اقبال مون سان ٿيو
نظر نازڪ جي نازن تي نذر ٿي دل نثار آهي
ڪليم الله وانگي قرب جو ڪو قال مون سان ٿيو
خليل الله وانگي خاڪ بي ٿي ويو خليل الله
فلا حاجة الى غيرڪ خليلي خيال مون سان ٿيو
مطلب ته مولا پاڪ ڪريم جي خزانه غيبي مان مشرڪ
مجوسي ڪافر يهودي ڇا مگر هر چرندڙ پرندڙ شي به
محروم نه آهي تڏهن پنهنجن پيارن دوستن فرمان
بردارن ڪيئن پنهنجي فراغ خزانه غيبي کان مهروم
فرمائيندو ڇو ته هر چرندڙ ڦرندڙ چيز جو رزق پڻ
انهي هڪ رزاق تي آهي جيئن جو هن آيت الاهي مان
عيان آهي،
ومامن رابته الا علي الله رزقها)
يعني ڪا به چرندڙ چيز نه آهي مگر انهي جو رزق هڪ
رزاق تي آهي) پر افسوس صد افسوس انهن ٻانهن جي بري
حال تي آهي جي باغي بي فرمان باري تعالى جو رزق
روزي کان به بي شڪر ٿيندا آهن ۽ پنهنجي مولا پاڪ
کان مهن موڙي مال اولاد تي مغرور ٿي موت کي فراموش
ڪندا آهن ۽ غفلت گيرپ ۾ عبث عمر گزاري رهيا آهن تن
کي نيٺ هڪ ڏينهن حاڪمن جي حاڪم آڏو حشر ۾ حاضر ٿي
روبرو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو پوءِ چاهي تونگر خواه
گداگر خواه ظالم هجي خواه مظلوم هر ڪنهن کي حق
حساب ضرور بلضرور ڏيڻو پوندو جيئن جو خاڪ جي زيرين
ڪافي مان ثابت آهي (ڪافي)
جڏ تونگر ۽ گدا هلندو خدا جي بروبرو
نيڪ بد هر ڪو جزا لهندو خدا جي روبرو
1- تون ته ظالم ظلم ڪر بي ڏوهه مون مظلوم سان
تنهنجو منهنجو فيصلو ٿيندو خدا جي روبرو
2- جي دنيا جي دور ۾ ويٺا وساري موت کي
موت تن کي زور سان نيندو خدا جي روبرو
3- هن دنيا جي آشياني ۾ نه رهندو ڪو پکي
پر اُڏي هر ڪو وري ويندو خدا جي روبرو
4- ڏس سڪندر بادشاه دارا ڇڏي دنيا هتي
ويا هليا هر ڪو هلي رهندو خدا جي روبرو
5- جٿ فقيرو پير شاهو مير ٿيندا گڏ اچي
خاڪ هر ڪو حق اُتي ڏيندو خدا جي روبرو
نوٽ:- هي ڪافي جواني ۾ خطائي تخلص سان نروار هئي
جا هينئر خاڪ جي نالي سان نروار ڪئي وئي آهي.
ڏيهه ڌڻي جو ديدار ڏورڻ سان ٿيندو نه ويهڻ سان
37- (بيت) ڏورينديون ڏسن جڏهن ڪڏهن جت کي
جي هت نه هوت پسن سي ڪئن ڪيچ پسنديون-
شرح-
هن بيت ڀٽ ڌڻي جي مان ٻاهر ۽ پڌرو آهي ته جي به
طالب مشتاق مولائي ۽ شمس حسن حقيقي جا شيدائي شوق
۽ ذاتي ذوق سان ڏيهه ڌڻي کي هن دنيا جي ڏيهه ۾
ڏوريندا رهندا سي نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن ڏکن جا ڏونگر
ڏوري وڻڪار جا وڻ ٽڻ ووڙي پنهنجي پاڪ ور جو وصال ۽
محبوب معنوي جو مشاهدو ماڻي ممتاز ٿيندا ۽ دلدار
جو دلڪش ديدار دل جي دري مان دلي ديد سان ڏسندا
رهندا پر جي هن دنيا ۾ دلدار جي ديدار جي دولت پاڪ
ماڻڻ لاءِ ڪوشش وٺي ڪامياب نه ٿيندا ته اهي ڪيچ ۾
يعني فردوس برين ۾ به ڌڻي پاڪ جي ديدار عشرت آثار
کان محروم رهندا باقي جي به جوڳي ٿي، هن جوءِ دنيا
۾ ڏونگر ڏوري دلدار جو ديدار ماڻيندا ته اتي به
ديدار کان نااميد ۽ محروم نه رهندا، جيئن جو هيٺين
حديث مبارڪ مان ثابت آهي
سترون ربکم ڪماترون القمر ليلته البدر)
يعني جلد ڏسندو توهان رب پنهنجي کي جيئن جو چوڏهين
جي چنڊ کي ڏسو ٿا) پر باوجود انهي جي ڀٽ ڌڻي جي
بيت جي شرح شافي ۾ هي آيت ڪريم پڻ وڏي تائيد جو ڪم
ڏئي ٿي
من کان في هذه اعمى فهوفي الا آخرت اعمى) جو هن دنيا ۾ انڌو آهي پوءِ اهو آخرت ۾ به
انڌو هوندو) باقي رهي ڳالهه هي ته دل جي ديد سان
ديدار ڌڻي پاڪ جو هن دنيا ۾ بالاتفاق ماڻڻ جائز
آهي نه ديد مٿي سان ڇو ته مٿي جي اکين سان ديدار
ڌڻي پاڪ جو هن دنيا ۾ فقط محبوب مدني کي حاصل آهي
نه ٻي ڪنهن کي باقي دل جي دري وارو ديدار درست آهي
جنهن تي صوفين صديقن جو اتفاق آهي نه اختلاف جيئن
جو هيٺين لات لطيفي مان ظاهر آهي ته (بيت) اندر
آئينو ڪري پرين سو پسيج انهي راه رسيج ته مشاهدو
ماڻيي) پر انهي حقيقت تي سچل فقير جي هن هيٺين
ڪلام واري مصرعه مان پڻ پتو پوي ٿو (مصرعه) دري
منجهارون دوست ڏٺو سون لالن ليڙو پايو تو) پر هن
حديث ۾ جا حديث صوفين وٽ مشهور آهي تنهن ۾ پڻ قلب
کي عرش جي عزت ڏني وئي آهي
قلب المؤمن عرش الله تعالى) مؤمن جي دل ڌڻي پاڪ جو تخت آهي) هاڻي جڏهن
مومن جي دل پاڪ ڌڻي پاڪ جو تخت آهي ته ڪڏهن نه
ڪڏهن ڪيچ ڌڻي پنهنجي تخت پاڪ تي فضل جو ڦيرو ڪرڻ
فرمائيندو ته ذاتي ظهور جي زيارت فيض بشارت پڻ عطا
ٿي ويندي ته ممڪن آهي ته ممتنع جيئن جو خواجه
اجميري صاحب پنهنجي دل کي دلدار جي ديدار لاءِ هئن
هشيار ڪري رهيو آهي- دلابچشم حقيقت جمال دوست به
بين ز مظهر همه اشيا ظهور اوست به بين- دلا تو حسن
خدا ديدهء غلط نه کني که در جمال خدا جلوه گر
هموست به بين) پر ٻي هنڌ ساڳي ديوان جي صف 7 ۾
فرمائي ٿو ته (بيت) حسنش چو آيد جلوه گر طاقت نيا
رد چشمه تر از ديدهء دل کن نظر تابنگري ديدار او)
پر فقير نجفي جي ندا مان هئن نروار آهي (مصرعه)
ڇاتي دي وچ جهاتي پائي ويکه ظهورا ذات دا تجلات
دا) پر فقير خاڪ جي ڪلام ۾ قلبي عرش کي ٻين عرشن
تي فوقيت ڏني وئي آهي جيئن جو زيرين ڪلام مان ظاهر
آهي.
(ڪلام)عرشن تي عرش منهنجو دل منهنجي عرش تنهنجو
تو ۾ حصو آ منهنجو مون ۾ حصو نه ڪنهن جو
1- ذڪرن ۾ ذڪر تنهنجو فڪرن ۾ فڪر تنهنجو
منهنجو به ذڪر ذاتي تون ڄاڻ ورد پنهنجو
2- فرشي فراق اندر عرشي به عشق ۾
سهنجو سڄڻ گذارين عاشق رهي ٿو اهنجو
3- مون کي قرار ڪونهي توکي قرار ڪهڙو
عرشي ڇڏي هتي اچ دل منهنجو هنڌ سهنجو
4- ويجهي کي ويجهو آهين پر کان پري رهين ڇو
پر بي پري نه توکان سهنجو هجي ڇا لهنجو
5- سڪ سار يار تنهنجي ويٺي ستي سدائين
سو يار ڪئن وسري جي ۾ آ جار جنهن جو
6- ٿي خاڪ پيچ پاتم توکي صحي سڃاتم
وحدت جي وادي اندر وهنجان اوهان به وهنجو
وحدت جي واٽ وٺي ويهڻ
38- (بيت)
الله عاشقن جي ڪهڙي خلاقي ذات
هڪ ويهن واٽن تي ٻيو جاڳن سار ي رات
پرهه ڦٽي پرڀات ويجهو ٿين وصال کي
شرح-
هن بيت جو مقصد آهي ته اي
الله سائين تو پنهنجي ساري ڪائنات ۾ عاشقن صادقن
جي اهڙي اعلى احترام واري ذات پيدا ڪئي آهي جن جي
صادق هجڻ جون هي هيٺيون علامتون امتيازي درجو رکن
ٿيون هڪ ته هو هميشہ وصال ووڙڻ واسطي وحدتي واٽن
تي ويهڻ واجب ڄاڻي ويهي ويندا آهن 2- ٻيو ته
پنهنجن پلنگن ۽ سيجن کي ڇڏي ساري رات جاڳي جاڳي
سبحان کي سرچائيندا ۽ بفحوي
الڪريمه المستغفرين بالاسحار)
جي استغفار ڪرڻ سان پنهنجي پاڪ پنهل کي پرچائيندا
آهن 3- ٽيون پرهه ڦٽي پرڀات تائين جاڳي جاڳي نيٺ
وصال وحدتي کي ويجهو ٿي ويندا آهن حاصل ڪلام ته
جناب سرتاج سنڌ جي نظريه نروار موجب وحدت واري واٽ
بابت هي هيٺين آيت الاهي بطور شرح جي آڻڻ مناسب ۽
موزون آهي.
ان هذه صراطي مستيقما
فاتبعوه تحقيق
هي واٽ منهنجي سڌي آهي پوءِ انهي
وحدتي واٽ تي ويهي وڃو) باقي رهي جاڳڻ ۽ اٿڻ جي
عادت خاص طرح اونداهن راتن ۾ تن بابت هي آيت ڪريمه
هيٺين بطور شرح شافي جي نص نروار ڪافي آهي
ياايها المزمل قم الليل)
اي ڪنبل ويڙهيندڙ اٿي جاڳ رات ۾ ) هن آيت الاهي ۾ حڪم
حضور جن لاءِ خاص پرعاشقن الاهي واسطي عام جام آهي
تنهن ڪري عاشق صادق ساريون راتيون جاڳي جاڳي روئي
رڙي روحاني رمز رندي سان راتين جون راتيون ملهائي
پنهنجي رانجهن کي ريجهائيندا آهن ۽ سهڻن سيجن ۽
پيارن پلنگن کان پنهنجا پاسا پاڪ ۽ آزاد رکندا آهن
جن جي شان ۽ شوڪت جو بيان هن هيٺين آيت الاهي مان
پديد ۽ پڌرو آهي
تتجافي جنوبهم عن المضاجع)
يعني خالي ڪندا آهن پاسن پنهنجن کي سمهڻ جي سيجن
کان) پر جي جوان جونجهار عادتي استغفار سدائين سحر
جو مرغن جون مناديون ٻڌي پاڻ به خواب غفلت کان
بيدار ٿي محبوب معنوي جي درپاڪ تي استغفار پڙهڻ
سان گڏ مخفي مناجات ۾ مشغول ٿي ويندا آهن بفحوي
الحديث المصلي يناجي ربہ
يعني نمازي پنهنجي رب سان راز روحاني بيان ڪري ٿو)
باقي استغفار جي بابت آيت الاهي مٿي بيان ٿي چڪي
آهي- غرض ته جن عاشقن صادقن جي جاڳڻ اٿڻ ويهڻ
توبهه ڪرڻ جي تعريف پاڻ بذات خود تبارڪ تعالى
فرمائي تن کان پنهنجو وصال پاڪ ڪئن واريندو پر جي
شخص انهي راه رندي ۽ واٽ وحدتي وٺڻ کان غافل ٿي
ويا.اهي بلاشڪ ڀليل ۽ راه روحاني کان رليل آهن جن
جي الله تعالى وٽ ڪا به عزت ڪانه آهي ۽ نه هجڻ
گهرجي – تنهن ڪري جو به ڪن قبوليت ساڻ ڪو قول
حڪمتي ٻڌڻ گهري ته هيٺيون ڪلام سڪ جو سنيهو سلام
فقير خاڪ جو تنبيہ تمام لاءِ ڀلي ٻڌي عمل پيرا رهي
(ڪلام) وڪڙ ڪري وٺ واٽ اچي متان راه ڇڏي رلجي
وڃين.
1-
ڀل نه ڀلڻ جو ڀولو ڇڏ
تون راه ڏنگي جو رولو ڇڏ تون
سولو دڳ وٺ اولو ڇڏ تون
متان پاڻ ڇڏي ڀلجي وڃين
2-
ڇوه ڇڏي ڏي هوڏ هڏا سڀ
ڦونڊ ڦٽي ڪر گوڙ ڦڏا سڀ
کڏ وجهي ڇڏ ڪم ڀڏا سڀ متان سيلهه جهلي سلجهي وڃين
3- واٽ وٺين جي سڻڪ سڌي وٺ
ڪنبڻ ڪهڻي ڪڻڪ سڌي وٺ هٽ نه دڳ
کان ڌڻڪ سڌي وٺ متان ڏونگر ۾ ڏلجي وڃين
4- عشق الستي جو چل چارو سوز سيني رکه ساوڻ سيارو
گرمي سردي توڙي پارو جوش ۾ جلجي وڃين
5- خاڪ خوشي جا خيال ڇڏي ڪجل سڪ محبت
مال ڇڏي ڪل عشق عزيز عيال ڇڏي ڪل پاڻ پلي پلجي
وڃين
هجري جي حالت ۾ درد وارن جي دانهه ۽ پٽڪو
39- (بيت)
پٽڻ واريون پڌريون ڳل جني ڳاڙها
ڳاڙن سي ڳوڙها ويو هوت جن جي هنج مون)
شرح-هن
بيت ۾ لطيف لعل پنهنجي تمثيل جو طريقو نموني جديد
لذيذ سان نروار ڪرڻ فرمائي رهيو آهي ته اي سلوڪي
سالڪ ۽ صوفي صادق تون پنهنجي تجربه قديم موجب ڏسي
وائسي رهيو آهين ته جٿي ڪٿي جو پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ
واريون گڏجي سڏجي پٿر ڀائي ٿي پنهنجون توڙي پرايون
پار ڪڍنديون آهن پوءِ پار ڪڍڻ وارن جا ٻه قسم آهن
هڪ اهي جيڪي فقط پٿر ڀائي ٿيڻ خاطر پنهنجن مٿن تي
هٿ ميار کڻي هڻنديون آهن. 2- ٻيو اهي ويچاريون
واعن ڪرڻ واريون جن جي هنجن مان هوت جدا ٿي هليو
ويو يا ڪو به سندن عزيز قريب ڇڏي ويل هوندو ته اهي
ويچاريون سچي پچي پٽڪو ڪري هٿن هڻڻ سان پنهنجا ڳل
۽ رخسار ڳاڙها ڪري ڇڏينديون آهن ۽ وڏ ڦڙي ميهن
وانگي سندن ڳلن تان ڳوڙها ڳڙندا رهندا آهن ڇو ته
هي مقولو مشهور آهي ته – هنڌ اهو سڙي جٿي باهه
ٻري) باقي ٻيون ويچاريون پرايون جي فقط ميار لاهڻ
خاطر پٿر ڀائي ٿي پنهجن مٿن تي هٿ ميار جا هڻنديون
آهن جيئن جو انهن بابت به هيٺيون پهاڪو پڌرو آهي
ته – ٻيون مڙوئي هڻن هٿ ميار جا تنهن وانگي سچو
سالڪ اهو آهي جنهن کان جانب جدا ٿي ويل آهي پوءِ
هو هن هوت جي هِجر ۽ فراق ۾ پايداري سان پٽڻ جو
پٿر پڌرو ڪري ائين روئندو آهي جيئن جو ميهن برسات
جون بوندو وسڻ کان بس نه ڪنديون آهن اها حالت
تيستائين طاري رهندي آهي جيستائين دوباري جمال يا
ڪمال جاني جي جيار جو نصيب نه ٿئي- انهن کان فرقتي
پڌري پٿر ۽ سڄڻ جي سوداء ۾ ايتري قدر نه روڄ راڙو
پيدا ٿيندو آهي جو ڄڻ ته اکين جي ابر مان ميهن جي
بوندن جي برسات برسي رهي آهي ڇو ته هن عاشق اداسي
پنهل جي پياسي کان لوڪ جي ڏسڻ ۽ پسڻ مان سڪ سڄڻ جي
نه لهندي آهي جيئن جو انهي حقيقت تي هيٺيون بيت
صادق ۽ سچو آهي (بيت) اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا
ساريا ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن، سندي سڪ
پرين لوڪ ڏٺي نه لهي) مطلب ته سڀئي سالڪ ۽ عاشق
صادق سوز فراق ۾ عام جام محبوب معنوي جي محبت مزيد
۾ مست ٿي پٽڻ ۾ پڌرا هوندا آهن جن جي محبت مزيد
بابت قرآن ڪريم جي زيرين آيت جي شهادت ڪافي آهي
والذين آمنوا اشد حبالله) يعني مومن صادق الله جي محبت مزيد ۾ شديد شيدا آهن) هن آيت
الاهي مان مشتاقن جي محبت مزيد جو ثبوت ثابت آهي
باقي رهيو عاشقن صادقن جو سڄڻ سرمدي جي سڪ سوز جان
گداز ۾ روڄ رارو ڪرڻ تنهن روڄ راڙي بابت هن هيٺين
آيت الاهي ۾ گهڻي گريه ڪرڻ بابت عاشقن کي تاڪيدي
اشارو آيل آهي فليفحکوا فيلاوليبکواڪثيرا) ڀلي ته
رئن گهڻو ۽ کلن ٿورو) هن آيت جي ارشاد عيان رئڻ
واري ۾ هي رمز رندي رکيل آهي ته جيئن ڪڪر جي رئڻ
واري بارش سان چمن ۽ باغ دنيا جا بهاري وٺندا آهن
۽ ٻار جي اُڇڪار واري ڪوڪار سان مادر مشفقه جو ببو
جوش پذير هوندو آهي تنهن وانگي سالڪ جي جوش فراق
واري روڄ ۽ راڙي سان سينو بي ڪينو سڄڻ جي سوز سڪ
سان سرسبز ٿي سارو بدن باغ ٻهار ٿي ويندو آهي –
جيئن جو مولانا رومي صاحب فرمايو آهي ته (بيت)
تانه گريد ابرکي خنذد چمن تان گريدطفل کي جوشد
لبن) پر اڃان به وڌيڪ رئڻ جي رمز رنداني فقير خاڪ
جي زيرين ڪافي مان پروڙڻ گهرجي (ڪافي) ڪيڏو اثر نه
آهه فنان ٻار ۾ سڱجي ببو ٿو مادر پٽ جي پيار ۾
1- سهڻي سبق جي سيکت از خود ٿي ٻار کي
تنهنجو عقل آ ڪٿ ڪٿ ڪهڙي قطار ۾
2- سک فهم ڪو فهيم ٻچي ٻار ٻاڪ کان
دردن جي دانهن دلڪش دلبر يار ۾
3- اٺ جو اڇو مٿو تب سکيو نه ڪو مٽڻ
گمراهه تون رهين ڪٿ ڪهڙي ٿو غار ۾
4- غفلت جي گوش هوش کان ڪڍ ڪا ڪپہ ڪني
بيدار ٿي سجاڳ فقط ياد يار ۾
5- سڪ سوز جي سمندر سيرين جو سير ڪر
ڦاسين ڪڏهن نه فائق دنيا جي ڄار ۾
6- جهڙي آ اڃ عجيبن تهڙي نه ڪنهن جي اڃ
اُڃ جي مري نه آتش درياءَ تار ۾
7- جهڙو مزو محبت منٺار منجهه آ
اهڙو مزو نه جنت فردوس زار ۾
8- رو خاڪ رات ڏينهن سکي ٻاڪ ٻار کان
پستان پاڪ رحمت سڱجي پوڪار ۾
نوٽ:- اوليائن اڪملن جي هي امتيازي علامت آهي جو
سمنڊ سڪ واري جي وچ تار ۾ رهي به سندن اندروني اڃ
اوساٽ نه لهي بلڪ تيئن تاس ۽ اداس وڌندي رهي، جيئن
جو انهي بابت تفصيل سان بحث مٿي گذري آيو آهي،
تنهن ڪري هتي ساڳو بحث ورائي ڪرڻ مناسب نه آهي.
وات سان ورندي ڏيڻ وبال آهي
40- (بيت)
هو چون تون نه چؤ واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو
ڪري خطا سو کائي
پاند ۾ پائي
ويو ڪيني وارو ڪينڪي)
شرح – سهڻو سرتاج سنڌ سهڻي سمجهاڻي ڏيئي فرمائي رهيو آهي ته اي
انسان عاقل فهيم فاضل پنهنجي عقل ۽ فهم ڪامل کان
ڪم وٺي پنهنجي زبان پر زيان تي پورو پورو ڪنٽرول
رکي کيس ورندي ڏيڻ جي وبال کان روڪي رهاءِ ڇو ته
روحاني رمز رندي موجب الله تعالى جو حڪيم مطلق
روحاني ۽ جسماني آهي تنهن تبارڪ و تعالى پنهنجي هر
فعل ۽ ضعت سهڻي ۾ حڪمت بالغه رکائي آهي تنهن ڪري
سندس ڪو به فعل حڪمت کان خالي نه آهي انهي قانون
قدر تي جي مد نظر تي انسان جي هر هڪ اندام ۽ عضوي
جي بنا ۽ بيهڪ پڻ سندس حڪمت تي مبني آهي- انسان
ذات کي ٻه اکيون ۽ ٻه ڪن هن ڪري ڏنا ويا آهن جو
انسان کي گهڻو ڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو وڏو احتياج آهي نه
ڳالهائڻ جو ڇو ته ڏسڻ ۽ ٻڌڻ خير ۽ شر کي شامل آهي
۽ ڳالهائڻ نيڪي کان سواءِ هرگز چڱو نه آهي تنهن
ڪري انسان ذات کي هڪ زبان ڏئي مٿس ٻه پهريدار
حفاظت ڪرڻ لاءِ رکيا ويا جي اهي ٻه چپ آهن جن جي
حفاظت هيٺ زبان دهان اندر قيد ۾ آهي ۽ ناجائز
ڳالهائڻ کان کيس لوهو لگام ڏنل آهي پر اڃان انهي
کان به وڌيڪ ٻيا به پهريدار ۽ سياڊي سرڪار حقيقي
جا پڻ حڪيم مطلق مقرر ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن انسان
جي زبان مان لفظ نڪري نروار ٿين تيئن هو صاحب
سياڊي لکڻ لاءِ ترت تيار ٿي ويٺا آهن تنهن ڪري
جناب سرتاج سنڌ پنهنجي نظريه موجب انسان کي خواب
غفلت کان بيدار ڪرڻ خاطر فرمائي رهيو آهي ته اي
انسان توکي جو به آدمي آڳرائي ڪري ڳالهائي ته تون
تنهن کي تڪڙ ڪري ورندي نه ڏي بلڪ تحمل ۽ بردباري
کان ڪم وٺي سڀ ڪجهه سهه ۽ ماٺ جا منڱ پائي ويهي
رهه پوءِ عبرت جي اک سان ڏس ته سرڪار سرمدي جا
سياڊي تنهنجي فائدي ۾ پوري طرح ڪيس ڀري ڪئن ٿا
هائي ڪورٽ ۾ چالان ڪرڻ فرمائن ۽ تنهنجو تحمل توکي
عتاب خطاب کان بلڪل آزاد رکندو جيئن جو سرڪاري
سياڊن جي ثبوت تي هي هيٺيون ٻه آيتون الاهي پوري
پوري گواهي ڏئي رهيون آهن 1-
وما يلفظ من قول الالديہ رقيب عتيد) يعني ڪجهه به نه ٿو ڳالهائي آدمي
مگر جو انهي وٽ نگهبان تيار آهن) 2- ٻي آيت هي آهي
ته
ان عليکم لحافظين ڪراما ڪاتبين يعلمون ما تفعلون)
يعني اوهان جي مٿان ٻه نگهبان مقرر آهن هڪ ڪرامن
ٻيو ڪاتبين جيڪي ڪيو ٿا سو سڀ ڄاڻن ٿا) مطلب ته
هنن آيتن مان عيان آهي ته برابر بشر ذات جي ڪمن ۽
لفطن لکڻ تي سرڪاري سياڊي مقرر ڪري رکيا ويا آهن
جن جي سياڊپ سخت کان ڊڄي پنهنجي زبان پر زيان مان
چڱا چڱا لفظ چونڊي ڪڍڻ گهرجن نه خراب پوءِ جي آدمي
لطيفي صلاح تي هلي چڱن لفطن ڳالهائڻ تي چاه رکندا
ته انهن کي هر هڪ چڱي لفظ پٺيان ڏهوڻو اجر لکيل
پلئي پوندو بفحوي الڪريم
من جاء بالحسنته فلہ عشرا مثالها)
يعني جنهن هڪ چڱائي آندي تنهن کي ڏهن چڱاين جو اجر
عطا ٿيندو) ۽ بڇڙي لفظ جو هيڪڻو ڏوهه لکندا تنهن
ڪري ڌڻي پاڪ پنهنجي حڪمت بالغه موجب زبان کي جنهن
جي لفظي صورت زيان جهڙي آهي فقط هڪ نقطي زائد جو
فرق آهي تنهن زبان پر زيان کي انساني دهان اندر
قيد قابو ڪري مٿس ٻه پهريدار چپ ۽ ملڪ مقرر ڪيا ته
ڀلي انسان بيدار ٿي انهن سياڊن سرڪاري کان خوف زده
ٿي اجاين لفظن گارن ۽ غيبت ۽ گلا وارن ڳالهائڻ سان
پنهنجي زبان تان بندش وارو لگام نه لاهي بلڪ هميشه
سوچ ۽ غور ڪرڻ سان سخن کي سينگاري – انسان لاءِ ٻن
اکين جو ۽ هڪ زبان جو ثبوت هن هيٺين آيت الاهي مان
ثابت آهي
الم نجعل لہ عينين ولسانا وشفتين) ڇا اسان نه ڪيون انسان لاءِ ٻه اکيون ۽
ٻه چپ ۽ هڪ زبان) هن آيت الاهي جي هيٺان گهڻي بحث
ڪرڻ کان پوءِ تفسير روح البيان وارو هئن فرمائي
رهيو آهي ته قادر قدوس جو زبان کي انسان جي دهان
اندر ٻن چپن جي حفاظت سان قيد رکڻ فرمايو آهي تنهن
۾ هي رمز مخفي رچايل آهي جنهن رمز رندي مان فقط
عاقل کي اشارو آهي ته جڏهن به هو چڱي لفظ چوڻ تي
چاه رکي ته ڀلي پنهنجا ٻئي چپ کولي زبان کي
ڳالهائڻ لاءِ اجازت ڏئي آزاد رکي پر جي زبان بڇڙي
لفط چوڻ تي تيار ٿئي ته پنهنجا ٻئي چپ نه کولي ۽
زبان تان بندش وارو لگام هرگز نه لاهي- پر انهي
زبان جي بندش تي هي هيٺين رباعي ۽ ٻيا ابيات فارسي
پڻ دلالت ڪري رهيا آهن – رباعي – ايزد چون بنا
کرد بحکمت تن وجان درهر عضوي مصلحت کرد نهان
کرزمفسدي لديده بودي ز زبان مجوس نمي کرد بزندان
دهان) گرخبرداري زحي لايموت بردهان خود بنهه مهر
سکوت – روزبان را در دهان مجوس داز وز خلائق خويش
زامايوس دار) پر باوجود تحقيق قرآني جي زبان بابت
حديثن ۾ به وعيد شديد آيل آهن ترمذي شريف ۾ حضرت
عقبه پٽ عامر رضه کان روايت آهي ته مون حضور پر
نور کان پڇيو ته ڇوٽڪارو ڪهڙي چيز ۾ آهي پاڻ ڪريمن
فرمايو زبان بند ڪر ۽ پنهنجن بد ڪمن تي پشيمان ٿي
رو ۽ گهر ۾ گوشه نشيني اختيار ڪر) پر جو به آدمي
بي پرواهي سان زبان تي بندش ته نه ٿو وجهي پر
رهندو زبان جي ڏاٽي تکي سان خراب لفظن گارن گندن
گلائن غيبت سان لفظي لابارو ڪري گناهن جي بار گڏ
ڪري رکي ٿو اهو هيٺين حديث شريف جي وعيد ۽ ڀلڪار
جو مصداق آهي.
هل يکب الناس على مناخر هم في النار الا حصائد
السنتهم)
يعني نه مهن ڀر اونڌو ڪري دوزخ ۾ وجهندا ماڻهن کي
مگر سندن زبانن جا لابارا) حاصل ڪلام ته زبان مثل
نانگ ازدها جي آهي جي نانگ پنهنجي سوراخ کان نڪري
نروار ٿيو ته ضرور ڪاٽي کائي وجهندو تنهن ڪري زبان
به جي وات جي قيد کان ٻاهر نڪتي ڪنهن واجبي سبب
کان سوا ته ضرور نانگ وانگي باعث زيان جي ٿيندي
جيئن جو هيٺين رباعي خاڪ جي مٿس صادق آهي (رباعي)
سدا نانگ سوراخ اندر رهي، لڪايو زبان کي نه ظاهر
رهي، ڪڍڻ سان متان توکي ڪاٽي رکي، رهي خاڪ اندر نه
ٻاهر رهي.) پر هن رباعي خاڪ واري جو هوبهو شرح هي
حديث شريف هيٺين آهي
احفظ لسانک ايتها الانسان لايلد غنڪ انہ ثعبان)
يعني اي آدمي پنهنجي زبان کي هميشہ حفاظت هيٺ رک
خبردار اها هڪ ازدها نانگ آهي جو توکي ڏنگي کائي
نه وجهي) تنهن ڪري جنهن زبان زيان ڪار کي حضرت جن
نانگ خطرناڪ جو لقب ڏنو آهي تنهن جي ڏنگ کان هر
وقت هشيار رهڻ گهرجي حضرت امام شافعي کان منقول
آهي ته جڏهن به آدمي ڳالهائڻ جو ايرادو ڪري ته
پهريون سوچڻ گهرجيس پوءِ جڏهن ڄاڻي ته هن منهنجي
ڪلام ۾ سراسر دين دنيا جي مصلحت آهي ته پوءِ ڀلي
ڪلام ڪري - ۽ پڻ حديث حبيب الله ۾ ثابت آهي ته
جڏهن به آدمي صبح جو اٿندو آهي ته انهي جا سڀئي
عضوا زبان جي آڏو عاجزي ڪري عرض ڪندا آهن ته اي
زبان جيڪڏهن تون سڌي رهندي ته اسان به سڌا
رهنداسون پر جيڪڏهن تو ڪجروي ڪئي ته اسان تنهنجا
مقلد مقيد آهيون) هن حديث پاڪ مان هي ڳالهه پڌري
پديد آهي ته فقط زبان ئي دل جي رازن جي ترجمان آهي
ظاهر توڙي باطن جي سارن معاملن جو دارو مدار زبان
تي آهي شرعي حق جي شاهدي پڻ زبان تي موقوف آهي هر
چيز جي ڪوڙي مٺي هجڻ جو مدار پڻ زبان تي هوندو آهي
تنهن ڪري قادر قدوس جي پنهنجي قدرت ڪامله سان
انسان ذات کي زبان ڳالهائڻ لاءِ عطا ڪرڻ نه فرمائي
ها ته ويچارو انسان اشارن ۽ لکڻ کان ڪم وٺي وڏي
مشڪل ۾ ڦاسي پوي ها تنهن ڪري انسان ذات کي پنهنجي
پاڪ پروردگار جو هر دم شڪر گزار ٿي رهڻ گهرجي ۽
انهي زبان رازن جي ترجمان سان جيڪڏهن ڪي راز
روحاني ظاهر ڪرڻا هجن ته فقط پنهنجي رب رازدار سان
راز ظاهر ڪجن نه اغيارن ۽ بيگانن سان پر جي غيرن
سان گفتار سر زد ٿي ته هي زيرين عبارت فارسي وارو
عتاب ايزدي آڏو عيان ٿيندو (عتاب) زبان داديم تراتابا مار از گوئي در
خلوت وقرآن خواني در عبادت وصدق دروي فروآري وبا
دوستان ماسخن گوئي تو خود زبان کي بساط غيبت ساختي
ور وزنامئه جدل وديوان خصومت کردي- تو امر وز
بکدام زبان حديث ماخواه کرد 12 – پر جناب مولانا سعدي عليه الرحمته وري زبان بابت هئن
فرمائي رهيو آهي (ابيات) زبان آمد از بهر شکرو
سپاس بغيبت نگر داندش حق شناس گذرگاه قرآن و پند
ست گوش به بهتان وباطل شيندن مکوش دو چشم از پئي
ضع باري نکوست زعيب برادر فروگير دوست) هن بيتن
سعدي جي مان پڻ ظاهر آهي ته زبان سان فقط شڪر گوئي
ڪرڻ جي اجازت آهي پوءِ زبان سان سدائين سهڻا سخن
بيان ڪرڻ پڻ شڪريه ڪرڻ ۾ داخل آهن مگر غيبت گلا
ڪرڻ اهڙو عظيم ڏوهه آهي جو جيئن ڪو ڀاءُ بي حياءُ
پنهنجي ڀاءُ مئل جو گوشت کائي بفحوي الڪريم
ان ياکل لحم اخيہ ميتا) تنهن ڪري ڄاڻڻ گهرجي ته غيبت ڪرڻ ۽ ڪنهن جا ڪارناما ۽ عيب
اوڻايون بيان ڪرڻ هرگز جائز نه آهن مگر انهي ظالم
جا جنهن جو ظلم تمام وڏو عوام تي عيان هجي ته انهي
جا عيب على سبيل الا علان والاخبار بيان ڪجن ته هو
ٻڌي سڌي من پشيمان ٿي ظلم ضرور ڇڏي ڏئي – جيئن جو
هن هيٺين حديث ۾ اهڙي ظالم فاسق جي پچر ڪرڻ ثابت
آهي
اذڪرو الفاسق بما فيہ کي يحذره الناس)
يعني ياد ڪريو فاسق کي انهي ٽول سان جو انهي ۾
موجود آهي تان جو ماڻهو انهي کان پاسو ڪن) ۽ پڻ هڪ
اثر ۾ وارد آهي
ثلاثته ليست لهم الغيبته الامام
الجائر والفاسق المعلن بفسقہ والمسبدع الذي يدعو
الناس الى بدعة)
يعني ٽي شخص آهن جن جي غيبة ڪرڻ مباح آهي 1- هڪ
امير ظالم 2- ٻيو اهو فاسق گنهگار جو پنهنجو گناه
پاڻ فخر سان پڌرو ڪري 3- اهو بدعتي جو ماڻهن کي
پنهنجي بدعت ڏي سڏي) مطلب ته جا زبان جسم ۽ جرم
ڪري ڏسڻ ۾ ننڍي نظر اچي ٿي سا زبان حقيقت ۾ جو به
بدسخن بيان ڪري بنا ڪنهن اجازت شرعي ۽ مصلحت دنوي
جي- تنهن جو جرم ۽ گناهه ته بلڪل وڏو آهي پر پاڻ
خود اهڙي زبان جرم ڪبير آهي جيئن جو هيٺين عبارت
تفسير روح البيان مان ثابت آهي
ان اکثر السوء قولي فان اللسان صغير الجرم کبير
الجرم)
يعني گفتي ۾ گهڻو بد گفتگو منهنجي زبان جو آهي ڇو
ته زبان جو جسم ننڍو آهي پر سندس گناهه ڪبير ۽ وڏو
آهي) پر حديث شريف ۾ آهي ته
البلاء مؤکل بالمنطق) يعني بلاسو پيل آهي سخن ڪرڻ سان) تنهن ڪري انسان عاقل
سوچي سمجهي پوءِ سخن پنهنجي زبان تي ظاهر ڪرڻ
گهرجي وگر نه سندس زبان بي ڌيان بلاء مصيبت ساڻ
کنيون ٿي وتي جيئن جو مولانا رومي صاحب جي بيتن
هيٺين مان پڌرو آهي. (ابيات مثنوي)
اين زبان چون سنگ وهم آهن وشست
آنچه بجهد از زبان چون آتشد ست
سنگ و آهن رامزن برهم گزاف
که زروئي نقل و که از روئي لاف
زانکه تاريک ست هرسو پنبہ زار
درميان پنبہ چون باشد شراز
عالمي رايک سخن ويران کند
روبهان مرده راشيران کند
انهي ساري تحقيق انيق مان ظاهر ٿيو ته زبان جي
بدگفتن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ عاقلن تي اخلاقي فرض آهي
پر جي اڃان به ڪو انسان عاقل بيدار ٿي زبان پنهنجي
تي ضابطو نه رکندو ۽ شاه مقبول درگاه جي مشوره
مفيد تي نه هوندو ته هن هيٺين آيت الاهي جي عتاب
هيٺ اچي ويندو.
ان الله لايحب الجهر بالسوء من القول) يعني تحقيق الله سائين بڇڙي بات ظاهر ڪرڻ کي پسند نه ٿو ڪري هتان صفا ثابت
آهي ته جڏهن حڪيم مطلق بڇڙي بات نٿو پسند ڪرڻ
فرمائي ته پوءِ بدگفتار بدڪردار کي ڪهڙي طرح پسند
ڪرڻ فرمائيندو- هن آيت الاهي مان ٽي اشارا نظر اچن
ٿا
1- پهريون ته ڌڻي پاڪ عوام کان سخن پاڪ ٻڌڻ پسند
فرمائي ٿو نه ناپاڪ سخن
2- خاصن کان خيالي تحدث فقط پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو
نه تحدث نفس سان.
3- اخص الخواص جو توجه تام فقط پاڻ ۾ پسند فرمائي
ٿو نه خطرن خام دل وارن ۾ پر زبان تي جمله آفتن جو
ظهورو مولانا محمد يوسف تحفه نصايح وارو هئن ٻڌائي
رهيو آهي
داني موڪل بر زبان جمله بلا آفات را جرم زبان گرا
ندي ست دان جرم اورا بيشتر
توبہ جي قبوليت ۾
41- (بيت)جي
ڪارون آڻي ڪانڌ کي ته روئي ريجهائج
ليلان ليلهائيج اٿي ماڳ منٿ جو
شرح –
هن بيت مان چٽو ظاهر باهر آهي ته انسان عاقل ۽ فهيم فاصل ۽
طالب صادق صداقتي صورت سان رب ڪريم رؤف رحيم جي
رحم ڪرم واري دروازي تي روئي رڙي فغان فرياد ۽
دردناڪ دانهه قابل داد زاري نيزاري سان ڪندو رهندو
۽ ليلان وانگي رات ڏيهان ليلهائيندو وتندو ته انهي
تي ڪڏهن نه ڪڏهن رافت ۽ رحم سان رب راضي بازي ٿي
سندس توبه تام قبول ڪرڻ فرمائيندو ڇو ته دعا قبول
پوڻ جو ماڳ هي دنيا دار المحن آهي نه دار آخرت
تنهن ڪري توبهه تام ڪرڻ جو حيلو وسيلو هت هجڻ
گهرجي جو فقط هي جهان ئي منٿ ۽ آزي ڪرڻ جو ماڳ آهي
گناهن جي هر قسم بيماري جو مجرب ۽ اڪسير علاج تو
به تام جهڙو ٻيو ڪو به ڪو نه آهي توبهه ڪرڻ جي
علاج سان بندو گندو بدين جي بيمارين کان اهڙو ته
پاڪ ۽ آزاد ٿئي ٿو جو ڄڻ ته هن ڪو به گناه اڳ نه
ڪيو هو جيئن جو هن حديث شريف هيٺين مان ثابت آهي
التائب من الذنب کمن لاذنب لہ)
يعني گناهن کان پشيمان ٿيندڙ اهڙو ته پاڪدامن رهي
ٿو ڄڻ ته مٿس ڪو نگاه ئي ڪونه هو ) پر هيٺين بيت
فارسي مان پڻ بدين جي بيماري جو علاج توبهه ۽
استغفار عيان آهي (بيت) درد مندان گنهه زا روز شب
شربت بهتر زاستغفار نيست) يعني مٺاين جي مريض
واسطي توبهه ۽ استغفار کان وڌيڪ ۽ بهتر ڪو به شربت
نه آهي) پر اڃان انهن مثالن تمثيلن کان سواءِ خود
قرآن ڪريم جي هي هيٺين آيت ڪريمه بيت مذڪور جي شرح
بطور شافي ۽ حجت ڪافي جو ڪم ڏئي رهي آهي
وهوالذي يقبل التوبته عن عباده)
يعني هو اهو الله آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبهه
قبول ڪرڻ فرمائي ٿو – هن آيت الاهي ۾ لفظ توبه جو
عام آهي جو مومن- مشرڪ دوست دشمن تي صادق آهي جيئن
جو حضرت سيد المفسرين ابن عباس رضه کان مروي آهي
هي عامته للمؤمن والکافر والولي
والعدو ومن تاب منهم قبل الله توبتہ)
يعني توبهه عام آهي مومن ۽ ڪافر ۽ دوست دشمن لاءِ
انهن مان جو به توبه تائب ٿيندو انهي جي توبه الله
قبول ڪرڻ فرمائيندو) توبهه جي لفظ جي لغوي معنى
پشيمان ٿي موٽڻ کي چئبو آهي ۽ عزم جي لفظي معنى
پڪي ايرادي سان پنهنجي رب رحيم ڏي رجوع ٿيڻ کي
چئبو آهي- حاصل ڪلام ته جيئن جو ڏڌل کير ٿڻن ۾
واپس نه ويندو آهي تيئن توبه تام جو عازم پڪي
ايرادي سان وري گناهن ڏي ورڻ نه واريندو آهي- جناب
سري بوشنجي رحمته الله عليه چوي ٿو ته توبه جي هي
نشاني آهي جو گناهن جي گفتار ۽ ذڪر اذڪار ٻڌڻ سان
مَن ۾ مٺاڻ ۽ روح کي رهاڻ ۽ لذت ڏوهه جي محسوس نه
ٿئي ته پوءِ برابر اها توبه صادق ۽ سچي آهي جيئن
جو روح البيان واري اها عبارت بعينہ هيٺين ريت آڻڻ
فرمائي آهي
هوالذي لاتجد حلاوة الذنب في القلب عند ذڪره)
يعني هو گناهن جي گفتار وقت پنهنجي قلب ۾ مٺاين جو
مٺاڻ محسوس نه ڪري) پر باقي ڪوڙي توبهه جي تڪذيب
تي هي روايت هيٺين زجر ۽ تنبيہ جو ڪم ڏئي رهي آهي.
حضرت جابر کان روايت آهي ته هڪ اعرابي رسول الله
صلي الله عليه وسلم جي مسجد مبارڪ ۾ آيو، اچڻ سان
چيائين
اللهم اني استغفرڪ واتوب اليڪ وکبر فلما فرغ)
اي رب توبه ڪريان ٿو ۽ توکان بخشيش گهران ٿو اڃان
تڪبير چئي نماز کان فارغ ٿيو ته حضرت علي ڪرم الله
وجہ فرمايس اي اعرابي زبان سان تڪڙو تڪڙو توبهه جو
تذڪرو ڪرڻ توبه ڪوڙن جي آهي نه سچن صادقن جي
– اها توبه تنهنجي اڃان توبه جديد صادق جي محتاج
آهي اعرابي عرض ڪيو ته اي امير المؤمنين اها توبه
صادق ڪهڙي آهي حضرت علي ڪرم الله وجهہ فرمايو ته
توبه جو اسم 6- ڇهن معنائن تي مشتمل آهي. 1- ماضي
جي گناهن تي پشيماني جو ظهور 2- ڇڏي ڏنل فرض
موٽائي پڙهڻ 3- مظلوم جو حق موٽائي ڏيڻ 4- جيئن
نفس کي نافرماني ۽ معصية جي پليدي سان پاليو اٿئي
تئين طاعت الاهي سان انهي کي ڳڻتن ۾ ڳار 5- جئين
جو مٺاين جو مٺاڻ نفس سرڪش کي چکايو ٿي تيئن طاعت
ايزدي جي تلخي ۽ ڪوڙائي به چکائيس 6- جيترو نفس کي
کلايو ٿي اوترو کيس روئڻ سان راحت وٺاءِ- انهن
علامتن واري توبه صادق جنهن به طالب حق جي کي
نصيب ٿي ته سندس ٻيڙائي پار آهن پر انهي
توبه صادق جي توفيق روارڻ ۽ کلائڻ جي واڳ به انهي
هادي حڪيم جي هٿ ۾ آهي جو اهو رب رحيم پنهنجي رحم
ڪرم سان روئندن کي کلائيندو آهي ۽ کلندڙن تي خشم
آلوده ٿي کين رواريندو آهي. جنهن جبار جابر ۽ قدوس
قادر کي جيرن جي مارڻ ۽ مئن جي جيارڻ تي پوري پوري
قدرت ڪامله آهي فقط مارڻ جيارڻ تي ڇا پر هر چيز تي
هر قسم جو احاطو سندس قدرت محيطه جو آهي جيئن جو
هن آيت الاهي مان عيان آهي
ان الله على ڪل شييءِ قدير)
يعني تحقيق هر چيز تي الله کي قدرت آهي) مطلب ته
روئن روارڻ کلائڻ مارڻ جيارڻ ۽ بکاين جون بکون ۽
اڃاين جون اڃون وسائڻ ۽ ڏوهارن کي
ڏوهه معاف فرمائي رهندو ڏاڻ ڏاتيون ڏيڻ انهي هڪ
هوت حقيقي جي هٿ جو ادنى ڪرشمو آهي جيئن جو انهي
بيان عيان تي هيٺين ڪافي خاڪ جي مان پڌري روشني
پوي ٿي. |