تن جي طبيب جي بيان
30-(بيت)
تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا جانب منهنجي جي
۾ آزار جا انواع صاحب ڏي شفا ميان مريضن کي-
شرح-
هتي پيارو پيشوا ڀٽ ڌڻي پنهنجي درد جي دوا ۽ هر
قسم جي مرضن ۽ آزارن جو علاج شافي پنهنجي حڪيم
حاذق فهيم نائق حقيقي کان گهري رهيو آهي، جنهن
حڪيم مطلق جي هٿ حڪمت ۾ شفا جي واڳ آهي، جنهن کي
وڻيس شفا ڪري جنهن کي وڻيس جفا ۽ ابتلاءَ سان
آزمائيندو رهي- تنهن ڪري صوفين صديقن جي مشرب موجب
جيئن جسماني مرضن جا اقسام گهڻا آهن تيئن روحاني ۽
اندروني آزارن جا انواع ۽ اقسام گهڻا آهن- نيهن جي
نامدار شاه صاحب شاندار جي نظريه موجب سندس بيت
مذڪور ۾ روحاني مرضن ۽ آزارن جا انواع مراد آهن نه
مرضن جسماني جا اگرچه اطلاق انهن تي به صادق ۽ سچو
آهي- تنهن ڪري اسان فقط روحاني مرضن جا ڪي قسم
ٻڌائڻ گهرون ٿا. 1- جيڪڏهن ڪو به طالب صادق ۽
سلوڪي سالڪ ڪنهن گناه جي گرفتاري ۾ مبتلا ۽ بيمار
آهي ته اهڙي بيماري لاءِ دوا پر شفا توبہ جو تڪرار
۽ اظهار آهي جيئن جو حضرت امام همام حضرت جعفر
صادق عليه السلام منقول آهي
چون بيمار شوم بگناه مرا شفاد هد به توبہ) يعني جڏهن مان گناهن جي ڪري بيمار
ٿيان ته منهنجو حڪيم مون کي توبه جي توفيق سان شفا
ڏيندو آهي) اها حقيقت هن هيٺين شعر فارسي مان پڻ
پديد ۽ ظاهر آهي(بيت) درد مندان گنه را روز شب
شربت بهتر زا ستغفار نيست پر بدين جي بيماري شديد
جو علاج اڪسير توبه تام جي طريقه وارو قرآن ڪريم
وري هن طرح ٻڌائي رهيو آهي
ياايها الذين آمنوا توبوا الي الله توبته نصوحا
عسي ربکم ان يکفربکم سيئاتکم ويغفر لکم ذنوبکم) يعني اي مومنو توبه ڪيو الله وٽ تو به صادق اميد ته ميٽي
ڇڏيندو مٺايون اوهان جون ۽ بخشي ڇڏيندو بديون
اوهان جون) تنهن ڪري هر مومن صادق کي هشيار رهڻ
گهرجي ۽ انسان غافل کي غفلت جي خواب گران کان
بيدار ٿي سچي توبه جو علاج وٺڻ گهرجي ته سندس ساري
عمر جا گناه معاف ٿي وڃن پوءِ هو صاحب اهڙو ته
پاڪدامن ٿي رهندو جو ڄڻ ته ڪو به گناه مٿس ڪونه هو
جيئن جو هيٺين حديث شريف اها شاهدي ڏئي رهي آهي ته
التائب من الذنب کمن لاذنب لہ) يعني تائب گناهن کان اهڙو پاڪ ٿي رهندو جهڙو بي گناه بندو پاڪ
هوندو آهي) ڇو ته سچي توبہ جو گهوڙو هڪ ساعت اندر
زمين کان ڊوڙي واوَ کان وڌيڪ تکو تيز ٿي آسمان ڇا
بلڪ عرش عظيم تائين پهچي وڃي ٿو پر جيڪڏهن تو به
صادق سان گڏ آهون دانهون درد ناڪ ڪري ٿو ته اُنهن
آهُن جي ڪري پڻ عرش اعلى بي جوش جنبش ۾ اچي ڏڪڻ
لڳي ٿو – جيئن جو انهي حقيقت تي هيٺين بيتن مولانا
مثنوي جي مان روشني پوي ٿي (ابيات) مرڪب توبہ
عجائب مرڪب ست بر فلک تازد بيک لحاظ زپست گربر آ
رند از پشيماني انين عرش لرزدارز انين المذنبين)
پر بدين جي بيماري جي محبوب دوا خاڪ جي زيرين
مصرعه مان هن طرح عيان آهي (مصرعه) گناهن جي
بيماري کان دوا دارون وٺڻ گهرجي- ڏنو ڏاهن ڏيان
سان ڏس پُڙي توبہ پيڻ گهرجي) 2- ٻيو قسم مرض
رويته اغيارن جي الفت جو ازالو مشاهدهء انوار
الاهي صاحب واليل اولنهار جي شفا سان آهي جيئن جو
جناب سلمي رحمته الله عليه فرمايو آهي
سلمه رحه فرموده که مرض برويته اغيار ست و شفا
بمشاهدهء انوار واحد قهار) پر غير کان نفرت ۽ بيزاري فقير خاڪ جي هيٺين
مصرعه مان پڻ ظاهر باهر آهي- درس وحدت دل ۾ ڌر ڌر
غير سان ڪهڙو غرض سو رهي اندر ۽ ٻاهر غير سان ڪهڙو
غرض 3- مرض جو آهي ڪونين سان گهاٽا تعلقات پيدا
ڪرڻ شفا انهي جي تعلقات جو ڪپڻ ۽ انقطاع آهي ۽ اهو
انقطاع جذبئه عنايت ايزدي سان وابسته آهي جو جذبو
جڏهن پهچي ته سالڪ سڪ سوز واري کي ڪونين کان منقطع
ڪري هڪ هوت هادي سان پرت جو پيوند ڏئي ڇڏي ڇو ته
تجريد ۽ تنهائي تعلقات جي مرض کان ڇڏائي ڇوٽڪارو
ڏيندي آهي جيئن جو هن بيت هيٺين مان پوري طرح پديد
۽ پڌرو آهي (بيت) چه گويمت که چه خوش آمدي مسيح
صفت بيک نفس همه درد مرا داو گردد. 4- قسم مرض
محبت ۽ شوق لقاء ۽ وصال جو پوءِ محبت جي مريض جي
شفا محبوب معنوي جي مشاهدي ۽ ڪشف جمال ڪمال سان
هوندي آهي جيئن جو هن هيٺين عربي قول مان ظاهر
آهي- بمقدمک المبارڪ زال دائي وفي لقياڪ عجل لي
شفائي – يعني اي محبوب تنهنجي قدوم مبارڪ سان
منهنجو مرض زائل ٿي ويو ۽ تنهنجي ديدار سان تڪڙي
ٿي شفا منهنجي. انهن سڀني قسم جي مرضن تي ڀٽ ڌڻي
جو بيت مذڪور صادق ۽ سچو آهي جنهن بيت جي تائيد ۾
بطور شرح جي هي هيٺين آيت ڪريمه ڪافي حجت آهي
(واذا مرضت فهو يشفين) يعني جڏهن به مريض ٿيندو آهيان ته پوءِ هو هوت مون کي شفا
ڏيندو آهي) هن آيت الاهي مان چٽو اشارو آهي ته رب
الارب کان سوا غير ڏي هرگز رجوع نه ٿجي ۽ خدا کان
سواءِ ڪنهن به ٽول ۾ علاج معالجه جي اميد مستقله
آرام جوئي لاءِ نه رکجي، اهو تسليم جو درجو ڪماليت
وارو آهي جو درجو حضرت ابراهيم خليل الله جي ڪمال
تسليم تي دال آهي، ڇو ته حڪيم مطلق پاڻ حاڪي ٿي
حال ابراهيمي حڪايت ٻڌائي رهيو آهي ته جڏهن به مان
مريض ٿيندو آهيان ته منهنجي مرض جو شافي تون ئي
آهين) مطلب ته اي مولا پاڪ مالڪ عرش افلاڪ منهنجي
مرض خوفناڪ جي شفا تي قادر تو پرور پاڪ کان سواءِ
ڪو به ڪونه آهي پر جي ڪا به قدر ڪامله آهي ته فقط
تو حڪيم حاذق جي هٿ حڪمت ۾ آهي تنهن ڪري تون ئي
شفا جي اسبابن جو مسبب آهين توکان سوا ڪو به ڪار
ساز ڪونه آهي جيئن جو زيرين مصراعن ڪلام خاڪ جي
مان پڌرو پتو پوي ٿو (مصراعون) حاذقن جي هوش کان آ
هوش اعلى هوت جو پاڻ پنهنجو راز مخفي پاڻ ڄاڻي پاڻ
ٿو
پاڻ ڏيندو پاڻ لاهيندو ڳجهون بيماريون
ويج دنيا جا نه ڄاڻن پاڻ ڄاڻي ڄاڻ ٿو
ڏيهه جي ڏاتار کي ڪنهن جي نه آ پرواهه ڪا
جي پوي پرچي ڏئي ڏاتيون ۽ ڏوڙا ڏاڻ ٿو
تنهن ڪري هي جو عام طرح چوڻي آهي ته زماني جي
زهريلي هواءِ ۽ غذائن جي ڪري بيماري پيدا ٿيندي
آهي ۽ صحت شفا طبيبن ۽ دوائن کان سر زد ٿيندي آهي،
اهو چوڻ موقوف مجاز تي آهي وگرنه حقيقت ۾ شفا حڪيم
مطلق جي هٿ ۾ آهي، حڪيمن نه ٻين جي هٿ ۾ پر جڏهن
ته شفاءِ مرض ٻنهي جو اختيار حڪيم مطلق جي هٿ ۾
آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام مرض جي نسبت
نروار پاڻ ڏي ڇو ڪرڻ فرمائي آهي. هن صاحب کي گهربو
هو ته
مرضت
جي بدران
امرضني
آڻڻ فرمائي هان. هن اعتراص جو جواب هي آهي ته حضرت
ابراهيم عليه السلام حسن ادب جي رعايت موجب مرض جي
نسبت پاڻ ڏي ڪرڻ فرمائي نه رب ڪريم رئوف رحيم ڏي،
جيئن جو حضرت خضر عليه السلام پڻ عيب جي نسبت پاڻ
ڏي ڪرڻ فرمائي آهي نه رب رحيم ڏي ڇو ته اُتي به
رعايت حسن ادب جي زير لحاظ آندي وئي آهي. ڪما قد
قال الله في الکلام حاکيا عن الخضر عليه السلام
فاردت ان عيبها)
يعني پوءِ مون ايرادو ڪيو ته ٻيڙي کي عيبدار
ڪريان) جيڪڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام اهو حسن
ادب جو خيال دامنگير نه هجي هان ته جهڙي طرح کيس
شفا تي يقين تام هو تهڙي طرح مرض جي اعطاءَ ۽ ڏيڻ
تي يقين ڪامل هو جنهن يقين ۾ کيس تر جيترو به تردد
ڪونه هو جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور مان حصر جي
اختصاص سبب هويدا آهي ته سندس درجو تسليم حضرت
خليل الله وانگي ڪمال لازوال تي پهتل هو جيئن جو
سندس زيرين قول زرين مان پڻ اهو ثبوت ملي ٿو (بيت)
سڀيئي سبحان جي تون ڪر حوالي ڪم تحقيق ٿي تسليم ۾
لاهي غم و هم ته قادر ساڻ ڪرم حاصل ڪري هاج تو) 2-
ٻيو ته هي آيته الاهي زيرين پڻ لطيفي لات جي مزيد
تائيد فرمائي رهي آهي
علم ان سيکون منکم مرضى)
مرض مان مراد آهي انساني اعتدال خاص کان خروج ڪرڻ
پوءِ آيت پاڪ جو اشارو قلبي مرضن ڏي پڻ مائل آهي
جي قلب حب دنيا ۽ شهوات نفساني جي شغلن ۽ افاديت
جي حجاب ۾ مبتلا ٿي مريض ٿيندا آهن، انهن وقت مٿن
اسرار قرآني ۽ انهي جي حقيقت حقاني کان ڪو به ٽول
ظاهر باهر نه ٿيندو آهي چه جائيکه مشاهدات معرفت
محبوب معنوي جيئن جو شيخ سنائي فرمايو آهي (بيت)
عجب نبود گراز قرآن نصيبت نيست جز حرفي که از
خورشيد جز کرمي نيا بدچشمه نابينا) عروس حضرت قرآن
نقاب انگ بر اندازد که دار لملک ايمان زامجر يا بد
از غوفا) باقي معرفت محبوب جي انهي عارف الاهي کي
حاصل هوندي آهي جو عارف پنهنجي توجه تام کي سواءِ
حضرت ذات حق جي غير ڏي متوجهه نه ڪري جيئن جو
تفسير روح البيان واري هيٺين عبارت پر بشارت مان
عيان آهي
لن يکون عارفا الا بالتوجه الي الحضرت
العليا) يعني هرگز نه ٿو هجي ڪو به عارف مگر اهو جنهن جو توجهه فقط ذات
حق ڏي هجي) جيئن جو لطيفي لات – لوڪان نحو صرف مون
مطالع سپرين) مان نعرهء معرفت نروار آهي پر جناب
حضرت خواجه اجميري پنهنجي ديوان ۾ محبوب معنوي جو
مشاهدو پنهنجي چشمن اندروني کي هئن ڏيکاري رهيو
آهي ته
دلا بچشم حقيقت جمال دوست به بين
ز مظهر همه اشيا ظهور اوست به بين
دلا تو حسن خدا ديدهء غلط نه کني
که درجمال خدا جلوه کر هموست به بين
بگوش ظاهر وباطن حديث عشق شنو
بچشم صورت و معنى جمال دوست به بين
(نقل)
ذوالنون مصري قدس سره فرمائي رهيو آهي ته هڪ ڏينهن
سفر جي حالت سان هڪ شهر ۾ پهتس دل ۾ خيال ڪيم ته
اندر شهر ۾ وڃان اوچتو شهر جي در تي هڪ ماڙي نظر ۾
نروار ٿي ۽ هڪ نهر جاري، مان نزديڪ نهر جي وڃي وضو
ڪيم فراغت کان پوءِ ماڙي تي نظر ڦيرائي ڏٺم ته هڪ
ڪنيز خوب صورت نظر آئي جا ڪنيزڪ ماڙي تي بيٺل هئي-
جڏهن مون تي سندس نظر پئي ته چيائين اي ذوالنون
جڏهن پري کان توکي ڏٺم ته ڄاتم تون مجنون آهين پر
جڏهن تو طهارت ڪئي ته خيال آيو ته تون عالم آهين،
طهارت کان پوءِ جڏهن منهنجي اڳيان آئين ڀانيم ته
عارف آهين، هاڻي تحقيق تيقن تي پهتس ته نه تون
مجنون آهين ۽ نه عالم ۽ نه عارف چيم ڇاڪاڻ چيائين
جي ديوانو هجين ها ته طهارت نه ڪرين ها ۽ جي عالم
هجين ها ته نظر نا محرم ڏي ۽ خانه بيگانه ڏي نه
ڪرين ها ۽ جيڪڏهن عارف هجين ها ته دل تنهنجي ماسوي
الله جي طرف مائل نه هجي ها- جيئن جو خجندي عليه
الرحمته انهي بابت عمدو فرمايو آهي- سالک پاک رو
نخوانندش آنکه از ماسوي الله منزه نيست آستين
کوتهي چه سود آنراکه ردنياش دست کو ته نيست)
حاصل ڪلام ته آدمي عارف جي ديد دروازو معرفت محبوب
جو آهي نه غير ڇو ته عارفن کي اکه عبرتي عالم اڪبر
جي اشياعن ڏي نهارڻ لاءِ عطا ڪئي وئي آهي جيئن جو
زيرين آيته ڪريمه جي اشاره مان عيان آهي
وما خلقنا السموات والارض وما بينهما الا
بالحق) پوءِ ڀلي ته عارف عباد الرحمان عالم اڪبر ڏي اکه عبرتي سان نظر
نروار ڪندا رهن جيئن جناب سعدي عليه الرحمته
فرمايو آهي- دو چسم از پئي ضع باري نکوست زعيب
برادر فروگيردست در معرفت ديدهء آدمي ست که بکشوده
برآسمان وزمين است) پر اها عبرتي نعمت عظمى اُنهي
آدمي کي بطور تڪريم جي عطا ٿيندي آهي جنهن صاحب کي
فڪر سليم جو فوز عظيم حاصل هوندو جيئن جو زيرين
شعر عربي مان عيان آهي (اذا لمرء کانت لہ فکرة ففي
کل شيءِ لہ عبرة) پر حديث مبارڪ ۾ پڻ پديد آهي
تفکر ساعة خير من عبادة عمل الثقلين) باوجود ايڏي تحقيق جي انهي حقيقت تي مولانا
سعدي جو زيرين شعر مزيد تائيد جو ڪم ڏئي ٿو – برگ
درختان سبز در نظر هوشيار هر ورقي دفتري ست معرفت
کردگار) پر خود انسان جو مظهر حق آئينه ذات ۽ صفات
حق تعالى آهي تزڪيه ۽ تصفيه جي وقت مٿس انوار
الاهي ۽ مشاهدن معرفت جي پالوٽ رهي ٿي تان جو هو
شهود هويت پنهنجي سان نزديڪ تجلي ربوبيت پنهنجي
تجلي بالحق رهي پاڻ بيخودي ۾ انالحق چئي ويهي ٿو ۽
ڪي وري انانيت جي فنائي کان بعد بقاء سبحانية جي
نزديڪ پهچڻ سان
نعردء اعظم ثاني جو نروار ڪرڻ فرمائيندا رهندا آهن پر
جناب لطيف لاثاني بعد حصول فنائيت ڪامله جي هئن
فرمائي رهيو آهي (بيت) پيهي جان پاڻ ۾ ڪيم روح
رهاڻ ته نه ڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچن ڪاڻ، پنهون
ٿيس پاڻ سسئي تان بسور هوا) هن بيت ۾ ڀٽ ڌڻي جو
شرعي لحاظ موجب حسن ادب مرعي آهي وگرنه رنداني
رمز موجب ساڳي مام عارفانه اشاري سان آلاپي وئي
آهي قربان ٿجي سرتاج سنڌ جي اهڙي حسن ادب تان جنهن
مقام معلى تي پهچڻ وقت پڻ لحاظ شرعي کي زير نظر
آڻي شرعي ادب جي رعايته رکي آهي پر اهو مقام معلى
ڪن ڪن مقربن کي ڪثرت رياضت ۽ گهڻن مجاهدن کان ۽
گهڻن ورهين کان پوءِ حاصل ٿيندو آهي ۽ ڪن عاشقن کي
اهو مقام عنايت ارزاني ايزدي سان هڪ لحظ اندر
قيامت عشق جي تزڪيه سان حاصل رهندو آهي جو ورهين
جي مجاهدن سان به مس مس حاصل ٿئي ڇو ته عشق اسم
اعلى جذبته الحق جو آهي جيئن جو زيرين حديث حبيب
الله صلي الله عليه وسلم مان ثابت آهي
جذبة من جذبات الحق توازي عمل الثقلين) يعني هڪ جذبو حق جي جذبن مان ثقلين جي عمل
برابر رهي ٿو) انهي حقيقت مذڪوره تي هن آيت ڪريمه
هيٺين مان روشني هويدا رهي ٿي
وان الساعة التية) آيته جو اشارو آهي عارفن وٽ هن ڳالهه ڏي مشير آهي ته طالبن
صادقن جي نفس نابود ڪرڻ لاءِ قيامته العشق ضرور
اچڻ واري آهي جا رياضتن ۽ مجاهدن وارن کي فنائيت
جي درجه پهچائي ڇو ته طلب ۽ صداقت ۽ اجتهاد قلبي
عشق جي نتيجن مان آهن جنهن ڪري ڪثرت رياضت سبب نفس
سرڪش نابودي ۽ فنائيت جو درجو ماڻي قيامت عشق جي
ڪري مماتي جو منصب ماڻيندو آهي، جيئن جو خاڪ جي
زيرين مصرعه ڪافي مان عيان آهي- عشق جي ايوان ۾
مشتاق لکه مرندا ڏٺم شمع واري شعاع تي سوسو پتنگ
سڙندا ڏٺم) پر جناب خواجه اجميري فرمايو آهي ته
سوخت از بهر تو جان و جگر سو ختگان اين چه روز ست
که آمد بسر سو ختگان
نيهن جي نهان رکڻ ۾ احتياط آهي نه نروار ۾
31- (بيت)
نهائين کان نيهن سک منهنجا سپرين
سڙي سارو
ڏينهن تبه ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
شرح –
نيهن جي نامدار نانگي قرب قدوسي جي ڪانگي بره جي
بانگي جي نظريه موجب نيهن ايزدي ۽ عشق الستي کي
ائين اندر ۾ ساه وانگي سانڍجي جيئن جو نهائين ۽
آوي ڪنڀارن واري ٿانون کي ساه اندر سانڍهي ڇڏيندي
آهي جو سارو ڏينهن سڙندي به درد جي دونهاٽ واري
ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندي آهي- ائين ڪرڻ سان عشق جي ڪتمان
ڪرڻ سبب ڪمال درجه تي پهچي پهرين نمبر پروان وانگي
پاس ٿي پاڻ ته امتحان اندر پچي لعل ٿيندي آهي پر
سندس سوز ۽ مخفي مچ وارا ڪچي مٽي جا ٺهيل ٿانو به
پچي پچي ڳاڙها لعل ٿي ويندا آهن. تنهن ڪري طالبن
صادقن ۽ سلوڪي سالڪن کي به گهرجي ته گلالن جي
نهائين کان نيهن جو لڪائڻ سکي پاڻ به ٻاڦ ٻاهر نه
ڪڍي امتحان الستي ۾ پهرين نمبر پاس ٿيڻ جي ڪوشش
ڪندا رهن – عشق جي ڪتمان بابت بطور شرح شافي جي هي
حديث حبيب الله صلي الله عليه وسلم جي حجت ڪافي ۽
برهان وافي آهي
من عشق و کتم وعف فقدمات مات شهيدا)
يعني جنهن به عشق ڪيو ۽ لڪايائين ۽ پاڪدامن رهيو
پوءِ تحقيق مري ويو ته اهو شهادت جو درجو ماڻي مري
ويو) پر حديث مذڪور کان سوا مزيد تائيد ۾ بطور شرح
جي زيرين آيته ڪريمه قابل حجت آهي
ادعوا ربکم تضرعا وخفية
يعني سڏيو رب پنهنجي کي ڳجهي طرح زاري نيزاري سان)
ڇو ته رب الارباب کي هوريان هوريان نهاني نمونه
موجب گريه زاري سان سڏڻ افضل ۽ اعلى آهي ۽ اهو سري
سڏڻ رياء ۽ ڏيکاء جي عمل باطل کان وڏو بچاءُ آهي
جيئن جناب ڀٽ ڌڻي ٻي هنڌ چرخي کي مخفي طرح سان
چورڻ بابت تاڪيد شديد ڪرڻ فرمايو آهي – ائين چرخو
چور جئين ڀونئر به ڀڻڪو نه ٻڌي) حاصل ڪلام ته
ماڻهو ته تنهنجي چرخي چورڻ جو ڀڻڪو ۽ آواز نه ٻڌن
پر اهڙي هوريان اور عجيبن سان اور جو تنهنجي
اندروني اور جو آواز زمين به نه ٻڌي- تنهن ڪري
طالب صادق کي عشق جي ڪتمان ۽ نيهن جي لڪائڻ لاءِ
ڪيڏو نه تاڪيد ۽ احتياط آهي عجيبن سان اندروني اور
اورڻ تي هيٺيون ڪلام رستم فقير جو عجيب روشني وجهي
رهيو آهي.
(ڪلام)
حصئه قليل) اوران ڪنهن نال اوران تئن بن رانجهن
سائين 1- بره تيڏي بيمار جو ڪيتا مرندي نامئن
جيندي ڀر ڀر جام جدائي والا پر پر ڪر مئن پيندي
لايان درد ٽڪوران سڻ چا عرض اگهاوين- پر ويچارو
ورهه جو وينجهار شاه محمد ديدڙ دادلو دربار وري
هئن چرخي چورڻ ۽ اور اورڻ بابت فرمائي رهيو آهي-
الف اٿي تون چرخو چور آڌي رات الهه سان اور ترت
طلب جي تسبي سوز نفس ٿيو ٿي ظالم زور ڪوڙا ڪانه
لهين ٿو ڪل هي جڳ جاني ٿي چلپل- غرض ته جيئن چشم ۽
دل دائمي وحدت ۾ غرق ۽ محو رهي معرفت محبوب معنوي
جي معيت جو مشاهدو ۽ مزو ماڻينديون رهن جيئن جو
خاڪ جي زيرين ڪلام مان ظاهر آهي.
(ڪلام خاڪ)
چوڏهين جي رات روشن چنڊ ۽ اختر سان گڏ چرخ تي چمڪن
ستارا چشم دل اڪبر سان گڏ
1- غير سان دل ڪين ٻڌ دل دار آ دلدار جي
تن هجي دنيا سان گڏ پر دل هجي دلبر سان گڏ
2- بيهه تارن جان برابر رات هر طاعت اندر
تنهنجي قسمت جو ستارو تان رهي رهبر سان گڏ
3- ٽڙ عبادت ۾ ڏسي ٽيرو ڪتيون ڪت قلب سان
ور ڏئي وارو ته ساري عمر ويهين ور سان گڏ
4- غم الم ڪافور ٿي ويندو نه رهندي شب فراق
صبح اڀري ڄاڻ آئي سونهه سج انور سان گڏ
5- خاڪ جو خوش خوبرو جي خيال ۾ اقبال آ
ٿي فنا وڃ خيال ۾ رک پاڪ دل پرور سان گڏ
نفس کي مجاهدن جي ڪاتي سان ڪهڻ ۾
33- (بيت)
پهرين ڪاتي پاءِ پڇج پوءِ پريتڻو
ڏک پريان جو ڏيل ۾ واڄٽ جئن وڄاءِ
سيخن ماه پچاءِ جي نالو ڳيڙئي نيهن جو
شرح –
جناب سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي اي طالب صادق
پهريون پنهنجي نفس اماره ۽ سرڪش کي مجاهدن جي ڪاتي
سان ڪهي ۽ سندس جسماني پڃري وارا چارئي پکي جدا
جدا ڪهي پوءِ هادي حبيب جي پڇا ڪر ته جيئن هو ڪٺل
نفس نئين حياتي سان زنده ٿي هوت حقيقي جي حڪم جو
فرمانبردار رهي ۽ جنهن به وقت هن کي داعيئه شريعت
۽ طريقت ڏي سڏين ته مطيع ٿي ڊوڙندو اچي ڪڏهن به
اطاعات عشق جي کان نابري نه واري بلڪ نيهن ۾ نروار
ٿي امتحاني سيخن آتشي تي پاڻ پچائي پروان وانگي
پاس ٿي ڏيکاري جيئن جو حڪيم سنائي رحه مثنوي مان
انهي طرف اشارو عيان آهي (مثنوي) چار مرغ ست چار
طبع بدن جمله رابهر دين بزن گردن پس بايمان و عقل
و عشق و دليل.
زنده کن هر چهار راچو خليل- شريعت ۽ طريقت وارن جي
اتفاق موجب نفس ٽن قسمن تي مشتمل آهي 1- هڪ نفس
امارو 2- نفس لوامو 3- نفس مطمئنو پوءِ پهريون قسم
نفس فاجرن ۽ فاسقن جو آهي جنهن جي ڪهڻ تي عارفن جو
اتفاق آهي ٻيو قسم مومنن صالحن جو آهي ٽيون قسم
انبيائن ۽ اوليائن جو آهي جن جي نفس مطمئنه کان
مولا پاڪ راضي آهي ۽ سندن نفس رب کان راضي آهي
جيئن جو هي آيت الاهي انهي تي گواه آهي
يا ايتها النفس
المطمئنته ارجعي الى ربڪ راضيته مرضيته فادخلي في
عبادي وادخلي جنتي) يعني اي نفس مطمئنه تون پنهنجي رب ڏي موٽ راضي ٿي ۽ مرضي ٿي
پوءِ منهنجن ٻانهن سان گڏجي بهشت ۾ داخل ٿي وڃ) پر
نفس اماره کي ڪهڻ بابت هي آيته شريفه پڻ شرح جو ڪم
ڏئي رهي آهي
ليطمئن قلبي قال فخذا ربعته من الطير فصر هن اليڪ
واذبجهن الى-ثم ادعهن يا تينڪ سعيا) يعني تانجو منهنجو قلب اطمينان وٺي فرمايائين پوءِ پکين مان
چار پکي وٺ اُنهن کي ڪهي پاڻ ڏي سوڙهو ڪري گنڍ
تنهن کان پوءِ هنن کي سڏ ڪري ته توڏي ڊوڙندا
ايندا) تفسير حسيني وارو مولانا ڪاشفي صاحب هن
آيته جي هيٺان هئن فرمائي رهيو آهي ته در
انوارآمده که هر که خواهد که نفس خودرا به حيات
ابدي زنده گرد اندبا يد که قوائي بدني باتيغ رياضت
بسمل ساخته بعض رابه بعض بيا ميزدتا صورت ايسان
شکسته منقاد فرمان شوندو ايشانرا بداعيئه شرع و
عقل بخو اند تابطريق مطاوعت شتاب کنان باز آيند-
محققان گفته اند در ذبح طيور اربعه اشارت چنين
بوده که کبوتر راپيو سته بامردم مستانس ست بکش ور
شتئه الفت از خلق ببرو خروس راکه همواره
مائل شهوت ست ذبح کن وخودرا ازپند شهوت بازر رهان
وزاغ راکه نعب حرص ست بقتل ازو صفت حرص و
آزبگذارو طائوس راکه مجمع زينت ست سر بردارو ديدهء
همت را از آرايش دنيا فروبندکه هر که به تيخ
مجاهده اين چهار صفت مذمومه رابذبح. آرد حياتي
ابدي و زندگي سرمدي يا بدوگويند چهار صفت از تبايع
ارکان اربعه در آدمي پديد آيت و ذبح بانها به تيغ
مخالفت لازمه ست اول صولته کبرکه نتيجئه آتش ست
دوم داعيئه شهوت که ثمرهء هوا ست سيومه گاپوئي حرص
که عادت آب ست چهارم تيرگي امساک که صفت خاکه ست)
يعني ڪتاب انوار ۾ آندل آهي ته جو به گهري ته
پنهنجي نفس کي حيات ابدي سان ممتاز فرمائي ته انهي
کي گهرجي ته جسماني قوتن کي رياضت جي ترار تيز سان
اهڙو ته بسمل ڪري جو بعض قوت جسماني کي بعض سان
ملائي ڇڏي تانجو صورت انهن جي شکستگي حاصل ڪري
تابع فرمان جي ٿي وڃي ۽ انهن کي داعيئه عقل ۽ شرع
سان سڏي ته تابعداري طريقه سان ڊوڙندا موٽي اچن
محققن فرمايو آهي ته چئن پکين جي ذبح مان هن طرح
اشارو آهي ته ڪبوتر کي جو دائمي انسانن سان اُنس ۽
و روح آهي انهي کي ڪهه مراد رشتو الفت جو خلق کان
ڇن ۽ ڪڪڙ کي جو سراسر شهوت جو شائق آهي انهي کي
ذبح ڪر مراد پاڻ کي شهوت کان پاڪ ڪر ۽ ڪانگ کي قتل
ڪر جو حرص جو چشمو آهي مراد حرص جي سڌ ڇڏي ڏي ۽
مور پکي کي جو جامع زينت جو آهي انهي جو مٿو ڀنڃ
مراد همت جي اک دنيا جي زينت ۽ آرايش کان بند ڪري
ڇڏ- مطلب ته جو به مجاهدن جي تيز ترار سان انهن
چئن صفتن خرابن کي ذبح جو زيب ڏياري حياتي ابدي ۽
زندگي سرمدي سان سينگاريندو اهو سدائين سلوڪي سير
ڪرڻ سان سرفراز ٿيندو رهندو. چوندا آهن ته اهي
چار صفتون جي چئن عناصرن جي پٺي آدمي ۾ عيان ٿين-
اُنهن کي مخالفت جي تيز ترار سان ڪهڻ واجب آهي 1-
هٺ هستي کي جا نتيجو آتش جو آهي 2- اعيئه شهوت کي
جو ثمر و هوا ۽ باد جو آهي 3- هٻڇ حرص جي ۽ ڊڪ ڊوڙ
جا عادت آب ۽ پاڻي جي آهي 4- ميراڻ بيٺل جا صفت
خاڪ جي آهي) جيئن جو حڪيم سنائي صاحب انهي معنى ڏي
اشارو ڪرڻ فرمايو آهي (مثنوي) چار مرغ ست چار طبع
بدن جمله را بهر دين بزن گردن پس بايمان عقل عشق
دليل زنده کن هر چهارا راچو خليل) ترجمو سنڌي بيتن
۾ جي پکي چار سي عناصر چار دين جي واسطي ڳرين کي
ڳار عشق ايمان ساڻ عقل دليل چار جيرا ٿين بخوئي
خليل) پر روح البيان وارو آيته مذڪوره جي هيٺان
گهڻي بحث ڪرڻ بعد امام قشيري رحه جي راءِ انهن
چئن پکين بابت هئن نروار ڪري رهيو آهي ته قال
القشيري طلب ابراهيم عليه السلام بهذه حياته قلبہ
فاشير اليہ بذبح الطيو روفي الطيور الا ربعته
اربعته معان هي في النفس في الطاؤس زينته و في
الغراب امل وفي الديک شهوت والبط حرص فاشارالي انہ
مالم يذبح نفسہ بالمجاهدة لم يحي قلبہ بالمشاهدته)
قشيري فرمايو ته حضرت ابراهيم عليه السلام هن
آيته سان پنهنجي قلب جي حياتي طلب ڪئي پوءِ کيس
ڌڻي جي دربار مان پکين جي ڪهڻ جو اشارو ٿيو جي پکي
عدد چار هوا جن مان چار معنائون مراد آهي 1- نفس
مان مراد مور جي زينت 2- زاغ مان مراد نفس جي اميد
آهي 3- ڪڪڙ مان مراد نفس جي شهوت آهي 4- بط- آڙي
مان مراد نفس جو حرص آهي پوءِ جيستائين نفس سرڪش
کي مجاهدن جي قهري ڪاتي سان نه ڪهندو تيستائين
طالب حق جو قلب مشاهدن سان جيرو نه ٿيندو- پر
علامه سيد محمود آلوسي عليه الرحمته پنهنجي فسير
روح المعاني ۾ آيته مذڪوره جي هيٺان هئن فرمائي
رهيو آهي قال فخذا ربعته من الطير- اشار ته الى
طيور الباطن التي في قفص الجسم وهي اربعته من
اطيار الغيب العقل والقلب والنفس والروح فاذبح طير
العقل بسکين المحبة على باب الملکوت واذبح طير
النفس بسکين العشق في ميادين الفردنية واذبح
طيرالروح بسکين العجز في تيہ عزة اسرار
الربانية) اشارو آهي انهن باطن وارن پکين
ڏي جي جسم جي پڃري ۾ چار پکي غيبي آهن عقل ۽ قلب ۽
نفس ۽ روح- پوءِ عقل جي پکي کي ملڪوت جي دروازي تي
محبت جي ڪاتي سان ذبح ڪر ۽ قلبي پکي کي جبروت جي
در تي شوق جي ڪاتي سان ذبح ڪر ۽ نفس جي پکي کي
فردانيته جي ميدانن تي عشق جي ڪاتي سان ذبح ڪر ۽
روح جي پکي کي عزت رازن رباني جي صحرا تي عجز جي
ڪاتي سان ذبح ڪر.) انهي ساري تحقيق انيق مان
ڀٽائي جي بيت جي مراد آهي ته جو به طالب حق جو
سلوڪي سڻڪ جو سڌو رستو پڇڻ گهري ته پهريان پنهنجي
جسم وارن پکين کي مجاهدن جي تيز ڪاتي سان ڪهي پوءِ
محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ جي سڌ ڪري وگر نه ايڏي
ڪٺن ڪم ۾ ڪاميابي محال آهي موجب مصرعه معروف ماڻهن
ليکي عشق سهانگو آهي محبت چيز مهگاني) ٻي مراد بيت
مذڪور جي هن طرح به ٺيڪ ٺهڪي اچي ٿي ته اي طالب
جڏهن به تون تيار ٿي پرت جي پنڌ پاڪ ۾ پير پائڻ
گهرين ته پهريون ڪاتي پائڻ واري لاءِ ڪسڻ ڪاڻ ٻڪرو
بڻي سهي سنبري سر سهائي اچ ته نيهن جو نامدار
پرتيڻو نعرهء تکبير ذاتي سان قرب جي ڪاتي وهائي
ڪماليت جي درجه تي پهچائي ڇڏئي جيئن جو سنس بيت
زيرين مان اها مراد ظاهر آهي ( بيت) ڪڏهن پئجي ڪن
ٿي ڪڏهن ٿجي وات ڪڏهن ٿجي ٻڪرو ڪڏهن ٿجي ڪات) ڇو
ته سچو سالڪ ڪسڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو آهي بلڪ
ڪسي قربان ٿيڻ ۾ پنهنجي وڏي ڪاميابي محسوس ڪندو
آهي- پوءِ جي سر ڏني سڄڻ سرچي پوي ته اهو سودو سون
کان سرهو آهي جيئن جو ڪنهن شاعر چيو آهي ته – ساه
ڪيان قربان پياري پنهل تون گهوري گهوري – پر انهي
بابت مولانا شيخ سعدي رحه ڏاڍو عمدو فرمايو آهي-
عاشقان کشتگان معشوق اند برنيايدز کشتگان آواز)
يعني عاشق معشوق جي هٿ جا ڪٺل آهن ڪٺلن کان آواز
ٻاهر ايندو) بلڪ صبر ۽ سڪ سان سر ڏئي سرفراز ٿيندا
آهن- جناب مخدوم جهانيان رح پنهنجي ملفوظات ۾ هن
طرح بيت آندو آهي ته (بيت) گرميکشي بکش بيکبار تا
چند ز خويش داريم دور ۽ هي عربي بيت هيٺيون پڻ
مخدوم آندو آهي (بيت) وڪلت الي الحبيب امري ڪلہ ان
شاعء احياني دان شاء اتلفا) يعني مون سڀ ڪم سڄڻ کي
سوپيو آهي سوڻيس ته مون کي جياري وڻيس ته ماري) پر
ويچاري حاجي خانڻ چنجڻي پنهنجي ڪافي ۾ هوت جي حالت
هئن بيان ڪري رهيو آهي (ٿلهه ۽ مصرعو) ڪن سان ڪئن
ڪن سان ڪئن منهنجو هوت مون سان هئن 1- ڪڏهن ڪڏهن
هسندو ڏسان ري بهاني رسندو ڏسان هي ڪنڌ اُتي ڪسندو
ڏسان واهه وڻيس جئين- پر فقير خاڪ جو خيال سڄڻ جي
سودي بابت هئن آهي (مصرعه) سسي سر ساه دل جو مون
ڪيو سودو سڄڻ سان جڏ تڏهن ٻي يا رسان ٻيهر ٻيو
واپار نا گهرجي)
بيان ذبح حضرت اسماعيل جو
33- (بيت)
ڪاتي ڪهڙو ڏوهه جو ڳن وڍيندڙ هٿ ۾، پسي پر عظيم جي لرزيو وڃي لوهه، عاشق کي
اندوه سدا معشوقن جو) شرح- هن بيت ۾ اشارو حضرت
اسماعيل عليه السلام جي قصه شريف ڏي آهي ته جڏهن
حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي خواب جي ڳالهه
ٻڌائي ته ٻڌڻ سان حضرت اسماعيل عليه السلام فرمايو
ته الله جو امر اکين تي آهي تون دير نه ڪر مون کي
انشاء الله تعالى صبر وارن مان لهندين پر ان کان
اڳ ۾ حفظ حق ربوبيته ۽ رعايته ادب عبوديته جي ڪري
منهنجو هي التماس اديبانه اجابت ۾ آڻ ته پهريون هٿ
۽ پير منهنجا ٻڌڻ گهرجن جيئن ذبح جي عذاب کان لڇي
ڏوراپي هاب به نه ٿيان تنهن کان پوءِ حضرت ابراهيم
عليه السلام جڏهن سندس ڪهڻ جو عزم ۽ ايرادو ڪرڻ
فرمايو ته وري دوباري حضرت اسماعيل عرض ڪيو ته اي
بابا سائين منهنجو قيد مون کان کول ڇو ته مان
پنهنجي پروردگار کان ڊڄان ٿو ته مباده مون کي هئن
ڏوراپو ڏنو ڃي. اي دوست منهنجا پاڻ کي هٿ ٻڌل قيدي
بنائي – پوءِ امر جي اطاعت ڪيئي- تنهن ڪري مون کي
قيد کان آجو ڪري پوءِ ڪاتي سان ڪهه ته منهنجي صبر
۽ صداقت جي سڄڻ کي خبر پوي ڄڻ زبان حال سان هي
مصرعه زيرين ڳائي رهيو هو ته – ڪاتي ڪنڌ منهنجي تي
وهاءِ ابا ذرو دير نه دم هڪ لاءِ ابا- ڇو ته هوت
جي هٿ پاڪ کان زهر جو پيالو پيڻ به ماکي جي شربت
مثل آهي جيئن جو زيرين بيت مان ظاهر آهي- ولو
بيدالحبيب سيقت سما لکان من يده يطيب) يعني جي
حبيب جي هٿ کان زهر جو پيالو پيان ته اهو زهر حبيب
جي هٿ جو ماکي کان به مٺو آهي- پر محبوب جي مارڻ
بابت هي هيٺيون پهاڪو عربي ۾ مشهور آهي ته
ضرب الحبيب ذبيب)
محبوب جو مارڻ انگورن کارائڻ جي برابر آهي) ٻي
ڪنهن شاعر شائق وري هئن چوڻ فرمايو آهي ته محبوب
جي هٿ مبارڪ کان مهن تي مڪون کائڻ ائين آهي جيئن
جو هوت پنهنجي هٿ سان پڻ گره گره وات ۾ وجهي
پنهنجي مشتاق کي ماني کارائي رهيو آهي، جيئن جو
زيرين بيت فارسي مان ظاهر آهي (بيت) از دست تو مشت
بر دهان خوردن خوشترکه بدست خويش نانخوردن ڇو ته
عاشق صادق پرين پار جي تڪيلف ۽ ڪوڙاڻ کي ماکي مثل
مٺو شربت ڪري ڀائيندا آهن جيئن جو ڀٽ ڌڻي جي هيٺين
بيت مان عيان آهي (بيت) پرين سندي پار جي مڙئي
مٺائي ڪانهي ڪڙائي چکي جا چت ڪري) پر حضرت ابراهيم
ڪيترا ڀيرا ڪاتي وڏي زور ۽ طاقت سان سندس حلق
مبارڪ تي وهائي پر ڪارگر نه ٿي تنهن کان پوءِ
ڪاوڙجي دوباري سندس ڪياڙي تي وهائڻ لڳو ته ڪاتي
قهر قهار جي کان ڪنبي اُبتي ۽ مڏي ٿي پئي ڇو ته
سندس ڳن حقيقي وڍيندڙ جي حڪم هيٺ هو، هن کي ڪهڙي
طاقت جو حڪم حاڪم حقيقي جي انحرافي ڪري حضرت
اسماعيل عليه السلام جي نڙي مبارڪ ڇا بلڪ وار به
ڪپي سگهي، هرگز نه هرگز نه جيئن جو هي بيت اها خبر
ڏئي رهيو آهي (بيت) آن توکل تو خليلا نه ترا
تانبرد تيغت اسماعيل را) پوءِ ناگاه عين انهي وقت
هي ندا غيب کان حضرت ابراهيم عليه السلام جي گوش
گذار ٿي
ونا ديناه يا ابراهيم قد صدقت الرؤيا) يعني اسان سڏ ڪري چيو ته اي ابراهيم تنهنجو خواب سچو ٿي
چڪو) حديث ۾ آهي ته هڪ ڏينهن حضرت رسول ڪريم صلي
الله عليه وسلم جبرئيل عليه السلام کي فرمايو ته
اي جبرئيل ڪڏهن توکي آسمان کان نزول جي وقت ڪا
تڪليف به پهتي جبرئيل چيو ته هائو مون کي چئن
جاين تي سخت ۾ سخت تڪليف ٿي 1- هڪ جڏهن ابراهيم کي
نمرودي نار ۾ اڇلايو ويو، تڏهن مان عرش جي هيٺان
حضور ۾ حاضر هوس ڌڻي تعالى فرمايو ته پهچي وڃ
ٻانهي منهنجي کي پوءِ پهتس مان ۽ کيس چيم ته ڪا
حاجة اٿئي جواب ۾ چيائين ته تو ۾ منهنجو ڪو به ڪم
ڪونه آهي 2- ٻيو انهي وقت جو حضرت ابراهيم ڪاتي
اسماعيل جي حلق تي رکي مان عرش جي هيٺان حاضر هوس
فائق جو فرمان ٿيو ته پهچي وڃ ٻانهي منهنجي کي،
پوءِ اک ڇنڀ ۾ پهچي ويس پهچڻ سان ڪاتي کي ڦيرائي
ابتو ڪري ڇڏيم. 3- ٽيون احد واري ڏينهن ۾ جو ڪفارن
توکي زخمي تنهنجا ڏند مبارڪ شهيد ڪيائون فائق جو
فرمودو ٿيو ته جلد پهچي وڃ منهنجي محبوب کي جئن جو
سندس خون جو قطرو زمين تي نه ڪري وگرنه زمين مان
ڪو به وڻ ۽ سلو سائو پيدا نه ڪندس، پوءِ جلد پهچي
تنهنجي رت کي هٿ ۾ جهلي هوا ۾ اڇلي ڇڏيم. 4- انهي
وقت جو يوسف کي کوه ۾ وڌو ويو هو، فائق جو فرمان
پهتو پهچي وڃ ٻانهي منهنجي کي پوءِ پهچي ويس اڳي
هن کان جو هو کوه جي تري ۾ پهچي پوءِ هڪ پٿر کوه
جي تري مان ڪڍي انهي تي کيس وهاريم- حاصل ڪلام ته
توحيد جا ٽي قسم آهن يعني ٽي مرتبا آهن هڪ افعالي
2- صفاتي 3- ذاتي انهن مرتبن جي حصول کان حجاب به
ڪل ٽي قسم آهن. 1- مال 2- اولاد 3- جسم پوءِ توحيد
افعالي جو مرتبو فنائيت مال جي کان حاصل ٿيندو آهي
۽ توحيد صفاتي جو مرتبو فنائيت اولاد جي کان حاصل
هوندو آهي ۽ توحيد ذاتي جو مرتبو فنائيت جسم ۽ روح
جي سان حاصل ٿيندو آهي. پوءِ حضرت ابراهيم عليه
السلام کي اهي ٽئي مقام هيٺين طرح امتحان ايزدي
ڏيڻ سان حاصل ٿيا. پهريون مرتبو افعالي سموري مال
ڏيڻ سان ٻيو مرتبو پٽ جي ذبح ڪرڻ سان 3- مرتبو
ذاتي نمرودي نار ۾ جسم سوڌو ڪڏي پوڻ سان بفحوي
الڪريمه قلن يا نار کوني بردا وسلا مان على
ابراهيم) يعني فرمايو اسان اي باه تون ٿڌي ۽
سلامتي واري ٿي وڃ ابراهيم تي) پوءِ ظاهر ٿيو انهن
سڀني مقامن مان فناء انجو فناء في الله ۽ بقاء ان
جو بقاء في الله – ايڏو امتحان شديد خليل الله کان
هن ڪري ورتو ويو ته ملائڪن کي پتو پوي ته خليل
الله جو شان ۽ علامت امتيازي اها آهي جو حق جي
محبت کان سواءِ سندس قلب ۾ ڪجهه به نه ماپي تنهن
ڪري احب الاشياء حب اولاد جي آهي، ان سبب کيس حڪم
ذبح ولد جو ٿيو جنهن ۾ پهرين نمبر پاس ٿيو، مطلب
ته مٿس اهڙو ته حق جي محبت جو غلبو ٿيو جو حق جي
رضا ڪري پنهنجي والد ۽ قوم کان بيزار ٿيو ۽ پٽ جي
ذبح ڪرڻ لاءِ تهدل تيار ٿي چڪو ۽ ملائڪن جي امتحان
وقت پنهنجي ساري مال ڌڻ مان نڪري ٻاهر ٿيو محض
الله ڪارڻ اگرچه مالداري ۾ به وڏو مشهور مالدار هو
تنهن ڪري جو به سلوڪي سالڪ ٽن حجابن مذڪورن کان
ٽپي ويندو اهو انهن مقامن مذڪورن خليلي جي ماڻڻ جو
مصداق رهندو- انهي ساري تحقيق جو لطيفي نظريه موجب
هي هيٺين آيته الاهي بطور شرح شافي ۽ حجت ڪافي جي
ڪم ڏئي سگهي ٿي
قال يا بُني اني ارى في المنام اني اذبحڪ فانظر
ماذا ترى قال يا ابت افعل ماتؤمر ستجد ني انشاء
الله من الصابرين فلما اسلما وتلہ للجبين وناديناه
ان يا ابراهيم قدم صدقت الرؤيا ااناڪذالڪ نجزي
المحسنين ان هٰذالهوا لبلٰؤ المبين وفديناه بذبح
عظيم)
يعني چيائين اي منهنجا پٽڙا مان خواب ۾
ڏسان ٿو ته توکي ذبح ڪيان ٿو پوءِ اُن ۾ نهاري ڏس
ته توکي ڇا نظر ٿو اچي چيائين اي پيءُ منهنجا هڪدم
ڪري گذار جنهن جو تون مامور آهين مون کي جلد صابرن
جي سلڪ مان لهندين. پوءِ جڏهن ٻئي مطيع ٿي ويا ته
ليٽايائين هن کي پيشاني ڀر ۽ سڏي چيو اسان ابراهيم
کي ته تو سچو ڪري ڇڏيو، پنهنجي خواب کي تحقيق اسان
اهڙي طرح جزا ڏينداسون نيڪو ڪارن کي تحقيق هي
امتحان البتہ ظاهر آهي ۽ اسان انهي جو عوض ڏنو آهي
هڪ گهٽو جسم جو فربہ ۽ ٿلهو جو ذبح واسطي تيار ڪيل
هو)
بلاء مبين
مان مراد تفسير روح البيان جي تحقيق
انيق موجب هيٺين ريت آهي- بلاء مبين اهو آهي جنهن
جي آزمايش ۾ مخلص ۽ غير مخلص کان ممتاز رهي – بقلي
رحمته الله چوي ٿو ته جنهن بلاء جي خبر سبحانہ
وارن لاءِ وڏي راحت ۽ بشارت آهي- حقيقت انهي جي
مڪاشفن جي حقيقتن وارن رازن ۽ مشاهدن جي منزلن تي
پهچڻ جي آهي ۽ اهو مرتبو عظائم القربات ۾ شمار آهي
۽ اصل امتحان جو هي آه جو توکي هڪ ساعت محبوب جي
مشاهدي کان محبوب ۽ محروم ڪري پوءِ ڄڻ اهو بلاء
آهي جو بلاء امتحاني الله ۽ الله جي عاشقن جي وچ ۾
هرگز واقعو نه ٿو ٿئي ڇو ته بلاءِ عاشق لاءِ عين
ولاء الفت آهي – حريري فرمايو آهي ته بلاء امتحاني
ٽن قسمن تي مشتمل آهي پهريون مخالفن تي عذاب ۽
انتقام آهي 2- ٻيو صالحن تي گناهن جي ڪفارت 3-
اوليائن ۽ صديقن تي آزمايشي انواعن مان هڪ نوع
جئين جو زيرين بيت مولانا جامي جي مان ظاهر آهي
(بيت) جا ميادل بغم و درد نہ اندر ره عشق که نه شد
مرده ره آن کس که اين درد کشيد) پر جو به سالڪ
صادق عارف عاشق انهي درد کي دل جو ورد ڄاڻي دردي
ڪمال درجي تي رسي ڪري درد جو بي درد ٿي وڃي ٿو)
انهي صاحب حال تي هي هيٺيون ڪلام حقير خاڪ فقير جو
پورو پورو صادق ۽ سچو آهي (ڪلام)
درد وارن درد ڇا پر درد وارن درد ٿي
ورد وارن ورد ڇا پر ورد وارن ورد ٿي
فرديت جي فيض جا فائق فريدي فرد ڪي
فرد فردن ۾ ڦرن پر فرد جو بي فرد ٿي
درد دل جا ڌوڙ ڌويا گرد خاڪي ڇاڻ مان
سون سوڌن ٿا سدائين گرد جو بي گرد ٿي
نيهن نانگا نيهن ۾ نابود ٿي پو بود ٿيا
نيهن جي ڏاڪڻ نظر سان نرد جو بي نرد ٿي
خود خودي ۾ ٿي خدائي ڇا مگر آ خود خدا
خود خدا جو خانه تو ۾ خرد جو بي خرد ٿي
خاڪ آڏو سر نوائي نورين سجدو ڪيو
طاردن مطرود وانگي طرد جو بي طرد ٿي. |