(غزل)
عاشقن جو عشق ذاتي سان علمبردار ٿي
سور جي اقليم جو سڪ سوز سان سردار ٿي
قلب واري ڪوڪ سان تون قلب جو پڻ قلب ٿي
روح روحي راز اندر روح جو رهدار ٿي
سير سري سون ليڪن خير خفي خوب آ
عين اخفى ۾ عجيبن جو عجب اسرار ٿي
نفس ناسو تي نفي اثبات سان نابود ڪر
نور نفي نور نظري نور ۾ نروار ٿي
درد جو پڻ درد ٿي تا داس دردن جا ٻرن
ٻر ٻري ٻاري ٻيائي ٻاڻ جو بي ٻار ٿي
جان جوشن ۾ جياري جوش جو پڻ جوش ٿي
گوش جو بي گوش ٿي پر گفت جي گفتار ٿي
هوش جو بي هوش ٿي تون هل هيئين سان هوت ڏي
هوڏ هستي کان هٽي پو هوش جو حقدار ٿي
خيم وحدت جا پيالا پر ڪري ميخانه مون
ساقي ڪوثر هٿان هردم وٺي ميخوار ٿي
طالب المولى تکو تک تار ۾ ترندو رهي
تون به تنهن وانگي تري اغيار جو اغيار ٿي
خاڪ آهين خاڪ ٿي افلاڪ جو معراج ڪر
سير سري جي صفت سان عرش جو سينگار ٿي
هن غزل
مذڪور مان صحيح ثابت آهي ته جڏهن به سا لک سلوڪي
سڀني لطائفن کان فراغت نامه حاصل ڪري فکرات جي
مراقبن ۾ مستغرق ٿيندو آهي تڏهن هُن کي بيخودي جي
حالت طاري هجڻ ڪري فقط فکر ذڪري جي محويت ۾ مداوت
هوندي آهي ته ڪنهن ٻي شغل اشغال ۾ هميشہ سندس حالت
خالي هوندي آهي نه قاني جيئن جو زيرين ڪافي مان
انهي ڳالهه جو ڪجهه پتو پوي ٿو.
(ڪافي)
فڪر تنهنجي ۾ فنا ٻي فڪر کي مان ڇا ڪندس
اجر اعظم عشق جو ٻي اجر کي مان ڇا ڪندس
عشق تنهنجي جو نه مٽ مشڪ ختن کي ڀائيان
عطر اعلى عشق جو ٻي عطر کي مان ڇا ڪندس
فاذڪروني گوش تي آواز اذڪر ڪم پيو
ذوق تنهنجي ذڪر جو ٻي ذڪر کي مان ڇا ڪندس
پاڻ پنهنجي پاڪ هٿ سان جام ڏي جاني ڀري
خمر پاڪيز پيان ٻي خمر کي مان ڇا ڪندس
ابر رحمت رات ڏيهان رات وارن تي وسي
ابر سوئي ماڻيان ٻي ابر کي مان ڇا ڪندس
خاڪ ڪر پرواز تون افلاڪ ڇا عرشن مٿي
اُدُن مِنّي امر آ ٻي امر کي مان ڇا ڪندس.
حاصل ڪلام ته رسالي ”خزانتہ العارفين“ جي ٺاهڻ جو
اهو هرگز مطلب نه آهي ته رسالي مذڪور ڇا پرائي فقط
پاڻ کي عوام ۾ پڌرو ڪجي بلڪ رسالي جي ڇاپائڻ ۽
شهرت ۾ فدوي جو فقط هي مطلب آهي ته جيئن تيئن
لطيفي لات سان سهڻي پيرائي ۾ ساري سنڌ کي ڇا بلڪ
دنيا کي روشناس ڪرائڻ جو خيال آهي اهو خيال عديم
المثال حال توڙي استقبال ۾ ساراهه جو سزاوار آهي-
شل اهڙو خيال اديبن ۽ عالمن کي ابد الاباد هجي
آمين- ٻيو ته فدوي سرتاج سنڌ جي سيرت پاڪ جو
اختصار کان ڪم وٺي فقط چند بيتن جي تشريح تي ڌيان
ڏيڻ وڌيڪ مناسب ۽ موزون ڄاتو ڇو ته سيرت تي گهڻن
صاحبن چڱو تحقيق ڪرڻ فرمايو آهي باقي شرح شافي جي
حصول ۾ ڪوشش ڪثير جي اشد ضرورت هئي – تنهن ڪري
تشريح نامه تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي نه سيرت ڏي –
پر تنهن هوندي به بيماري جي هر هر حملن هجڻ سبب
رسالي ۾ ثاني نظر ڪرڻ جو پورو پورو وجهه نه ملي
سگهيو آهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته ڪي نه ڪي خيالي
يا قلمي خاميون منجهس رهجي ويون هجن- تنهن ڪري
حضرات اديبن ۽ معرفت جي ماهرن جي خدمت ۾ مؤدبانه
گذارش آهي ته اصلاح فرمائي همدردي ڪرڻ جو ثبوت
ڏيندا ۽ عيب جوئي کي نظر انداز ڪرڻ فرمائيندا ڇو
ته دانائن جي دائمي هنر تي نظر هوندي آهي نه عيب
اوڻاين تي جيئن هن بيت مان عيان آهي
الا اي خرد مند فرخنده خوئي
هنرمند نه شينده ام عيب جوئي
(پنهنجي پچار)
ڪاندهله قديم جي ڪيفيت تاريخي روشنائي موجب روشن
ڪجي ٿي جا وڏن کان تواتر جي طريقه سان اسان جي ڪنن
تائين پهتل آهي سا هيٺين ريت آهي ته-
هندستان اندر ضلع مظفر نگر جي گردنواحي ۾ هڪ وڏو
جبل توڦ زني ۽ گولي ماري جي گولي سان نيشانن هجڻ
ڪري کنڊ کنڊ ۽ گهير واٽون ٿي رهيو هو – اتي قسمت
سانگي هڪ عرب امير دهلي شهر شاندار جي عرب سرائي
محله مان نالي قاضي ضياءُ الدين سنامي صديقي قريشي
آيو- جنهن امير صاحب اچي جبل مذڪور جا کنڊر کرڙا ۽
گهير گهٽ ڀنڃي ڀورا ڪرائي ۽ هيٺ مٿاهيون مارائي
مٿاڇري مقام تي هڪ شهر بادشاهه تغلق جي يادگار ۾
تغلق آباد جي نالي سان ٻڌايو – جنهن شهر جي شهرت
عوام جي ڪثرت استعمال ڪري ۽ قدرتي عزم ايراده موجب
کانڊره
نالي سان نروار ٿي وئي – تان جو گهڻي زماني گذرڻ
کان پوءِ اهو ساڳو
کانڊره
نالو بدل سدل ٿي
ڪاندهله
ٿيو جنهن جي نالي اهڙي ته شهرت پذيري حاصل ڪئي
جو ڪن ايامن بعد ريلوي وارن ڪاندهله جي ايڏي شهرت
ڏسي ٻڌي ڪاندهله جي نالي سان اسٽيشن ڪاندهله برپا
ڪرڻ فرمائي جا اسٽيسن اڃان تائين موجود آهي اهو
اسٽيشن جو ذڪر تذڪره الياس عليه الرحمته ۾ پڻ ثابت
آهي پردين اسلام جي اشاعت سبب اهو شهر اهڙو ته
شهرهء آفاق ٿي چڪو هو جو مذهبي مرڪز ۽ دارالافتاعه
جو عمدو لقب ماڻي رهيو هو جنهن مان هزارين ماڻهو
فيضياب ۽ مستفيد ٿي ويندا هوا ڪاندهلوي بزرگن جي
خاندان نسل مان قابل ذڪر بزرگ هيٺين نالن وارا
آهن.
1- پهريون مولانا علامته العصر مفتي الهيٰ بخش
صاحب صديقي ڪاندهلوي آهي جنهن صاحب مثنوي رومي جو
شرح ڪامل ٺاهي تيار ڪرڻ فرمايو ۽ قصيده برده جو
شرح شافي ٺاهڻ فرمايو آهي وغيره. هن بزرگ جو شجرو
مبارڪ جو ڇاپيل فدوي وٽ آهي حضرت امام رازي صاحب
تفسير کبير واري سان ملي پوءِ حضرت ابابڪر صديق
رضي الله عنه سان ملي ٿو- 2 فرد فريد باني تبليغي
جماعت جو جناب مولانا محمد الياس ولد مولانا محمد
اسماعيل آهي جنهن بزرگ جي مزار پرانوار دهلي شهر
جي محله نظامي ۾ آهي- جا عام خاص جي زيارت گاه
آهي- هن ثاني بزرگ جو خلف رشيد پراخلاق حميد
مولانا محمد يوسف آهي جو اڃان تائين زنده حيات
آهي. 3- مولانا محمد ذڪريا صديق صاحب شيخ الحديث
داماد مولانا محمد الياس صاحب جو آهي. انهي
ڪاندهله گهراڻي ۽ خاندان جو هڪ هيرو ۽ گوهر گرامي
نالي شاه احمد احسن انجامي صديقي ڪاندهلوي تغلق جي
زماني ۾ تغلق سان گڏجي سنڌ ۾ آيو اچڻ کان پوءِ سنڌ
۾ رهڻ جو پڪو پهه پچائي هڪ ڳوٺ نالي ڪاندهله جديد
ڪاندهله قديم جي يادگار ۾ ٻڌايو جتي هن صاحب سعيد
کي ٻه پٽ پيدا ٿيا. 1- هڪ خيال احمد 2- مجتهد
احمد- فدوي خيال احمد صاحب جي نسل جي نيشاني آهي
تنهن ڪري فدوي خيالاڻي پاڙي پڌرو هوندو آهي. آخر
گهڻي زماني گذرڻ بعد رڳي ڪاندهله جو ترجمو ڪانڌڙه
مشهور ٿيڻ لڳو جو اڄ تائين سرڪاري نقشه تي به ڳوٺ
ڪانڌڙهه لکيل آهي ۽ سدائين سڏجي پيو- ڳوٺ جا رهاڪو
جي ابتدا ۾ ڪاندهلوي سڏبا هوا سي ڪانڌڙا سڏجڻ ۾
آيا مگر نه ڪاندهله نسبت شهر ڪاندهله قديم سان آهي
نه ذات سان- پر هي ڪاندهله جديد به تاريخي روشني
موجب ڪلهوڙن جي حڪومت کان به ڪجهه قديم نظر اچي ٿو
جنهن ۾ قديم زمانه کان وٺي اڄ تائين ٻي ڪا به قوم
ڪانه آهي- هن ڳوٺ ۾ ڪاندهله قديم وانگي هر ماه جي
ٻي جمعه تي نوري جلسو تبليغي طور تي ملهايو ويندو
آهي جتي هر قسم مداحي ۽ حضرات علماء ڪرام واعظين
ايندا رهندا آهن- ايندڙن جو انتظام طعام قيام بابت
تبارڪ و تعاليٰ جي توفيق سان پنهنجي جيب گريبان
مان ڪيو ويندو آهي ته ڦندي ڦرڙي چندي چوڙي مان.
ماني کارائڻ ۾ غني غريب کي هڪ نظر سان ڏٺو ويندو
آهي هن جلسي ۾ هر هڪ حبدار حبيب الله کي اچڻ جو حق
آهي.
داعي الي الخير
فقير در محمد خاڪ صديقي ڪاندهلوي
نظم ڪاندهله قديم جي ياد ۾
ڪاندهله کان شان وارو شاه احمد آيو
سنڌ ۾ تغلق سان گڏجي پير تنهن پائيو
ڳوٺ تنهن پنهنجو ٻڌو هت ڪاندهله نالي جديد
ڪانڌڙهه ٿي ترجمو ويو وات وائي وائيو
پهريون پٽ خيال احمد مجتهد نالي ٻيو
ٿي ٻئي پيدا ويا اولاد صالح ڄائو
پهريون پاڙو خيالاڻي پيو سڏجي سدا
ٻيو مجتهداڻي بڻيو پاڙو ڀلارا ڀائيو
ڪجهه ڪلهوڙن کان قديمي ڪاندهله جو ڳوٺ هي
جنهن مٿي رحمت رباني جو رهي ٿو سائيو
نور نرمل ياد جو جنهن ڳوٺ ۾ جلسو ٿئي
اهڙي نوري ڳوٺ ڏي رحمت جي ڪڪرن ڪاهيو
خود خيالي سان رهي هي خيال دامن گير ٿيو
ڪر پچر پنهنجي پڌر آ روح دل جو رائيو
خاڪ پيدا وار نالي خيال احمد آل مان
هيئن وڏن فرمان فدوي کي چٽو فرمائيو
ڪاتب الحروف فقير خاڪ عاشق احمد آرياڻي
مستفيد مجاز درگاه ملڪاڻي
بِسٌمِ اللهِ اَلٌرَّحِمٰنِّ اَلٌرَّحِيٌمِ.
حَمَدُهٌ وَ نُصَلِيٌّ وَ نُسَلِمٌّ
سيرت سرتاج سنڌ جو اختصار
(حسب ۽ نسب)
سنڌ جي صوفين ڪرامن جي سردار ۽ شاعرن جي شاه ۽
مهدار- جناب حضرت شاه
عبداللطيف
ڀٽائي عليه الرحمة جي نجيب طرفين نسب جو 23 –
پيڙهي ۾ اٺين امام موسى رضا سان ڳنڍجي حضرت علي
ڪرم الله وجهہ سان وڃي پهچي ٿو.
سندس نسب شريف جو اختصار هن نموني سان نروار آهي-
حضرت شاهه عبداللطيف تارڪ ڀٽائي بن سيد حبيب الله
عرف سيد حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد
عبدالڪريم جو شاه ڪريم بُلڙي واري نالي سان نروار
آهي سنه 1398ع ۾ امير تيمور گورگان جڏهن هندستان
تي ڪاهه ڪرڻ جي عزم ايرادي سان هڪ وڏي لشڪر سميت
فرات ۾ پهتو تڏهن ڀٽائي ڀوتار جي ڏاڏن مان (14)
چوڏهين نمبر نالي مير علي تيمور جي مرحبا مزيد ڪرڻ
فرمائي ۽ بادشاهي سپاه لاءِ مهمان نوازي واسطي وڏي
رقم پيش ڪئي- امير تيمور اهڙي مهمان نوازي کان
ايترو ته خوش خورم ٿيو جو سيد صاحب موصوف کي انعام
اعلى شاهاڻان عطا ڪرڻ فرمايائين ۽ اڳتي هلي سندس
ڇهن پٽن کي جدا جدا ملڪن جو حاڪم مقرر ڪيائين.
(1) مير عبدالباقي جو اجمير جو حاڪم ٿيو (2) مير
عبدالواحد جنهن کي حڪومت ملتان جي عطا ڪئي وئي (3)
مير عبدالرزاق جو بکر جو حاڪم بنايو ويو (4) مير
ابوبڪر جو سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿيو (5) مير شرف
الدين جو پنهنجي ڳوٺ رهڻ ۾ راضي بازي رهيو (6) سيد
حيدر هروي ڀٽائي جي ڏاڏن مان تيرهون نمبر جنهن کي
پڻ حڪومت جي آڇ ڪئي وئي مگر اُن صاحب نوڪري کان
نابري واري پنهنجي والد ماجد مير علي جي خدمت ۾
رهڻ پسند ڪيائين.
امير تيمور جڏهن هندستان تي ڪاهه جو قصد ڪيو ته
اُن سفر ۾ سيد حيدر ۽ سندس والد مير علي امير
تيمور سان همرڪاب هوا- هندستان پهچڻ بعد ستت سيد
حيدر پنهنجي والد بزرگ ۽ امير تيمور کان اجازت
گهري ته جيئن پنهنجي ڀائرن کي ڏسي اچي ان سان گڏ
هندستان جي جدا جدا ڀاڱن جو پڻ سير ڪري- سيد سڳورو
سير سفر پر ظفر ڪندي سنڌ جي پراڻن هالن جي ڳوٺ ۾
ڳوٺ جي هڪ معزز ماڻهو وڏيره شاه محمد پٽ دريا خان
هالي وٽ اچي مهمان ٿيو جنهن صاحب سندس سهڻي خدمت
ڪئي – سيد حيدر صاحب ٿوري عرصي ۽ مدڪت ۾ غريب
پروري ۽ همدردي ڪري اهڙو ته مشهور ٿي چڪو هو گهڻا
ماڻهو سندس سهڻي صحبت ۽ سنگت ۾ سڪ ساڻ رهڻ لڳا پاڻ
اهنجي سهنجي وقت غريبن جي غمخواري ڪرڻ سان سار
سنڀال لهي مسڪينن جون مددون ڪندو هو – انهي عرصي
اندر اتي جي حاڪم نالي مير محمد ڪنهن سبب ڪري هالن
جي ماڻهن تي ڪجهه رقم ڏنڊ وڌو هو- جنهن کي غريبي ۽
مسڪيني ڪري ڀري نه ٿي سگهيا- سيد حيدر صاحب کي
جڏهن انهي معاملي جي خبر پئي تڏهن غريبن تي ڏاڍي
ڪهل ڪري اها رقم پنهنجي هڙان ڀري ڏني- پر انهي کان
سواءِ انهن ماڻهن سان ٻيا به گهڻا ڀال ڀلايا- ۽
اوکي سوکي ۾ قدم قربن جا ڀريا- ان ڪري اهي ماڻهو
شاه صاحب جا گهڻو ڪري شڪرمند رهندا هوا – نيٺ اهو
لاڳاپو وڃي هن ڪڙي تي پهتو جو ٿوري مدت کان پوءِ
سيد حيدر جي شادي خانه آبادي وڏيره شاه محمد
پنهنجي نياڻي نماڻي نالي بي بي فاطمه ساڻ ڪرائي-
ڳالهه ڪن ٿا ته حيدر شاه کي هالن ۾ رهي اڃان ٽي
سال 7 اٺ مهينا مس گذريا ته کيس والد جي وفات حسرت
آيات جي خبر ملي- جنهن ڪري هرات ڏي وڃڻ واجب ڄاڻي
سفر جو سانباهو ڪيو، انهي وقت سندس بي بي کي پورا
مهينا هوا. جنهن ڪري لاچار کيس مائٽن ۾ رهائي پاڻ
هرات روانو ٿيو- ۽ بيبي وٽ نشاني طور ٽي شيون ڇڏي
ويو- هڪ سهڻي منڊي جنهن تي سندس نالو اڪريل هو ٻيو
هڪ جڙدار خنجر ٽيون هڪ ٻانهي جا هرات کان آندي
هئائين ۽ وصيعت ڪيائين ته جيڪڏهن پٽ ڄمي ته ان کي
منهنجي والد مير علي جي نالي سان سڏجو ۽ جڏهن پاڻ
ڀرو ٿئي ته ٽيئي نشانيون سندس حوالي ڪري هرات
روانو ڪجوس- پر جيڪڏهن نياڻي ڄمي ته ان کي منهنجي
والده بي بي فاطمه جي نالي سان سڏجو- سيد حيدر
هرات مان به پنهنجي بيبي سان وقت بوقت لکپڙهه پيو
ڪندو هو- جڏهن هرات ۾ اٽڪل چار ورهيه ٿيس تڏهن روح
ريلو ڏنس ته ٻيهر وڃي سنڌ جا وڻ وطن وارا ڏسي
اچان- اڃان پورو تيار ئي نه ٿيو ته اوچتو بيماري
جو شڪار ٿي پيو ۽ هن جهان فاني مان رحلت ڪري جنت
جاوداني ماڻڻ واسطي دار البقا ڏي روانو ٿيو- کيس
اتي به اهل عيال هو – ٻي گهر مان ٻه پٽ هوا (1)
سيد محمد (2) سيد حسن- جن پنهنجي پيءَ جي وفات
حسرت آيات کان پوءِ سڀ دولت ۽ مال ٻه ڀاڱا ڪري هر
هڪ ورهاڱو کنيو هو – سيد حيدر جي هالن واري بي بي
کي سيد صاحب جي هرات ڏانهن وڃڻ کان بعد ستت ئي پٽ
ڄائو- جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو جڏهن هي
نينگر جوان ٿيو تڏهن کيس پيءُ واريون ٽيئي نشانيون
جي سندس والد ڇڏي ويو هو حوالي ڪيون ويون ٿورن
ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پيءُ جي ٻڍڙي ٻانهي کي ساڻ
کڻي مير علي هرات روانو ٿيو- اتي پنهنجن ڀائرن کان
پيءُ جي مال ملڪيت مان پنهنجو ڀاڱو گهر ڪيائين پر
ڀائرن ڀاڱي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائون ته پنهنجي
حسب نسب جي شاهدي ڏيئي پنهنجو حق ثابت ڪر- جواب ۾
مير علي پيءُ جي هٿ واري منڊي ۽ خنجر ڏيکاري ۽
ٻڍڙي ٻانهي پڻ شاهدي ڏني- تڏهن ڀائر ڀاڱي ڏيڻ کان
نابري واري ويٺا- آخر اهو فيصلو قاضي وٽ نبيرڻ
واسطي ويو نيٺ قاضي مير علي کي ڀائرن کان ٽئين پتي
حصو وٺي ڏنو- حصو هٿ ڪرڻ کان پوءِ هو هرات ۾ ڪو
گهڻو عرصو ڪونه رهيو پر جلد ئي سنڌ ڏي موٽڻ جو رخ
رکيائين ۽ پاڻ پنهنجو چاچو سيد شرف الدين ساڻ ڪري
هالن ۾ آيو- مير علي سگهوئي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٻه
شاديون هڪ هالا ذات مان ٻي ترڪن مان ڪيون پهرين
زال مان کيس هڪ فرزند ڄائو جنهن جو نالو شرف الدين
رکيائين ۽ ٻي مان به هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو احمد
شاه رکيائين مير علي جي ٻنهي فرزندن جي اولاد اڃان
تائين مٽيارن ۾ موجود آهي جنهن مان سيد شرف الدين
جو اولاد شرف پوٽا ۽ ٻي جو اولاد ميرڻ پوٽا سڏبو
آهي پر اها خبر نه ٿي پوي ته اهي سادات ڪهڙي سبب
ڪري ۽ ڪڏهن مٽيارن ۾ لڏي پلاڻي آيا انهي خاندان
مان رڳو شاه عبدالڪريم بلڙي واري جي حالات جي خبر
ملي سگهي ٿي. جنهن کي سنڌ جي نالي وارن ولين مان
شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ جنهن جو بيان وضاحت ۽ چٽائي سان
بيان العارفين ۾ ڏنل آهي جو ڪتاب شاه ڪريم جي وفات
حسرت آيات کان پوءِ مير محمد رضا ٺٽوي جو جوڙيل
آهي- شاه ڪريم بلڙي وارو شرف پوٽا سيدن مان آهي
جنهن جي پشت مبارڪ مان اسان جو بزرگ ولي ڪامل ۽
شاه شعراء سنڌ شاه صاحب عبداللطيف تارڪ پيدا ٿيو
جنهن کي جهان وارا هاڻي سرتاج سنڌ جي لقب لائق سان
سڏيندا آهن.
ولادت پرسعادت
شاه عبداللطيف تارڪ عليه الرحمته جي ولادت باسعادت
سنه سعيد هجري 1102 ۾ مطابق سنه 1690 عيسوي ۾
تعلقه هالا جي ڳوٺ ڀئي پور ۾ ٿي جو ڳوٺ ڀٽ کان 9
ڪوه پري آهي- سندس ڦٽل نشان راه گيرن واٽهڙن کي
اڃان به ڏسڻ ۾ پيا اچن- شاه صاحب جنهن گهر سڳوري ۾
ڄائو هو اتي گهڻي عرصي کان پوءِ لونگ فقير لوڙهه
واري نصير واه جي ڪپ تي هڪ مسجد شريف جوڙائي ڇڏي
جا اڄ تائين قائم آهي- معتبر ذريعي سان مروي آهي
ته شاه صاحب عبداللطيف جي والد سڳوري شاه حبيب کي
ٽن شادين هوندي به اولاد اصل ڪونه ٿيو هوڏانهن هڪ
خداءِ واري فقير کيس هي خوشخبري ڏني هئي ته توکي
پٽ ڄمندو جو زماني جو قطب ٿيندو ۽ سندس نالو
عبداللطيف رکجاءِ آخر شاه حبيب کي مخدوم عربي
خاندان واري پهرين بي بي مان هڪ پٽ ڄائو جنهن جو
نالو درويش جي وصيعت موجب عبداللطيف رکيائين- پر
هو طفلي حالت ۾ هو جو گذاري ويو. وري ٻي گهر مان
هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو جمال شاه رکيائين
جنهن جو اولاد اڃان ڀٽ شريف جي گادي گلزار جو گادي
ڌڻي بڻيو اچي- وري ٻيهر پهرين گهر مان ٻيو پٽ ڄائو
جنهن جو نالو پڻ عبداللطيف رکيائين- اهو آهي امل
ماڻڪ اسان جو سرتاج سنڌ عبداللطيف جنهن جي حياتي
پاڪ جو احوال خير مقال اوهان جي اڳيان عيان آهي-
شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو نه پر تڙ ڏاڏو جناب شاه
عبدالڪريم بلڙي وارو ڳوٺ مٽياري ۾ ڄائو نپنو- اڳتي
هلي جناب غوث زمان مخدوم نوح هالائي جي حڪم موجب
مٽيارين مان لڏي وڃي بلڙي جي سر زمين کي فيض ۽
عرفان سان سرسبز ۽ آباد ڪيائين- شاه ڪريم جي وفات
بعد سندس ڪي فرزند ارجمند بلڙي ۾ رهيا، ڪي ٻيا ٻين
ڳوٺن ڏانهن لڏي ويا- شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو سيد
جمال شاه بلڙي مان لڏي مٽيارين ۾ وڃي رهيو ۽ ان
کان پوءِ سيد حبيب شاه عبداللطيف ڀٽائي عليه
الرحمته جو پيءُ سڳورو سخي هاشم شاه قلندر جي
ارشاد موجب مٽيارن مان ڪوچ ڪري ڳوٺ ڀئي پور ۾ اچي
رهيو- اڳتي هلي اتان به لڏ پلاڻ جي صورت اختيار
ڪري ڪوٽڙي مغل ۾ اچي ساڪن ۽ مقيم ٿيو- جتي جناب
شاه ڀٽائي سرتاج سنڌ پرورش پائي جواني جي عروج اوج
تي پهتو- هي ڳوٺ ڀٽ شريف کان چئن ميلن جي پنڌ تي
ويران صورت ۾ ڦٽو پيو آهي جنهن ۾ ڪا به آبادي نه
آهي-
سرتاج سنڌ جي تعليم ۽ تربيت تي
تحقيقي تبصرو
پيشوائي پرت وارن سرتاج سنڌ سردار سالڪن جي منڍ ۾
ئي پرورش جسماني اهڙي گهر روحاني ۾ ٿي جو اصل کان
الله وارن بزرگن ۽ صوفين سڳورن جو گهراڻو هو جتي
پرورش ۽ سنڀال جسماني سان گڏوگڏ پرورش روحاني به
عام جام جاري هئي – شاه ڀٽائي جي تڙ ڏاڏي شاه
عبدالڪريم بلڙي واري جو مختصر احوال ته اڳ پڙهي
آيا ته هو هڪ نالي واري وڏو ولي الله ۽ عارف انسان
هو شاه بلڙي واري جو فرزند شاه ڀٽائي جو پڙ ڏاڏو
سيد جمال به هڪ ولي الله ۽ ڪامل بزرگ هو جنهن بابت
مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام فارسي
۾ هيئن فرمايو آهي ته
عابد روزگار آمده
يعني پنهنجي زماني جو وڏو عابد ۽ پارسا هو- هي
بزرگ پنهنجي والد ماجد جي حياتي ۾ ئي هالن جي
ڀرسان هڪ رن زال جي حمايت ۽ همدردي ڪندي آخر چورن
۽ رهزنن جي هٿان شهيد ٿي شهادت جي اعلى عهدي کي
ماڻي وڃي پنهنجي محبوب حقيقي سان مليو- شاه ڀٽائي
عليه الرحمته نجيب طرفين يعني پيءُ ۽ ماءُ ٻنهي
طرفان برگزيدو هو- سندس والد شاه حبيب هڪ خدا پرست
پرهيزگار صوفي علمي ۽ عملي ڪمال جو صاحب هو- شاه
ڀٽائي رحه جي والده سڳوري مخدوم عربي ڌياڻي جي
خاندان عالي شان مان هئي- جنهن ڪري شاه ڀٽائي کي
ٻاراڻي وقت کان وٺي ڏاڍي سهڻي سيکت ۽ تربيت عطا
ٿي- جنهن صوفي صحبت شاه جي فطري ڪمال کي ۽ استعداد
ازلي کي سون تي سهاڳي جو ڪم ڏئي ڄمندي ڄام بنايو-
تنهن هوندي به زماني جي رسم رواج موجب هن نيڪ نالي
نيڪ صورت ۽ سيرت واري سندوري سعيد ٻار کي سندس
والد شريف ڪوٽڙي مغل جي هڪ قابل آخوند نالي نور
محمد رائي واري وٽ پاڙهڻ وهاريو- آخوند نور محمد
ذات جو ڀٽي هو ۽ وائي جو ويٺل هو جا ڀٽ کان 6- ڪوه
۽ اڏيري لعل کان 2- ڪوه پري آهي- ڀٽائي عليه
الرحمته جي تعليم بابت ڪا خاص صفائي قابل اعتبار
ٿيل ڪانه آهي فقط مٿئي واقعه سان گڏ هي قصو به
لکيو وڃي ٿو ته جڏهن آخوند نور محمد هن نيڪ بخت
ٻار کي (الف- بي) سيکارڻ شروع ڪيو تڏهن شاه صاحب
(الف) کان مٿي پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو ۽ ٺهه
پهه آخوند کي وراڻي ڏني ته سائين (ب) وري ڇا جي
(الف) کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي- نيٺ نينگر کي
شاه حبيب وٽ وٺي ويا ۽ کيس ساري حقيقت کان واقف
ڪيو ويو سيد حبيب رمز رندي کي پروڙي ورتو ۽ نينگر
کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳو ته پٽ تون حق ٿو چوين) زماني
۾ ظاهري علم پرائڻ جو دستور اهو ئي آهي- ان کان
پوءِ جو تعليم بابت ڪو به احوال بيان ٿيل نه آهي
تنهن ڪري صفائي سان ڪنهن به مؤرخ رايو نه ڏنو آهي
ته شاه صاحب ڪيترو وقت پڙهيو ۽ درسي تعليم ڪيتري
قدر پرايائين مگر سيد مير علي شير قانع ٺٽوي مؤلف
ڪتاب تحفته الڪرام – شاه صاحب جو وڏو معتقد آهي
ڄمار جي لحاظ کان توڻيڪ ڀٽائي کان ننڍو آهي تاهم
شاه جو هم عصر ۽ شاه جي خاص دوست دلي ۽ معتقد
مخدوم محمد معين جو شاگرد آهي، سو صاحب تحفته
الڪرام فارسي ۾ لکي ٿو ته
آثار کرامات و اخبار قاتش اظهر من الشمش
درين مختصر چه قدر گنجايش پذير دبانکه اهي بود، حق
تعالى تمام علوم بر لوح سينه اش مثبت (اشته) يعني ان جي ڪرامتن جون نشانيون ۽ خارق عادتن
جون خبرون سج کان وڌيڪ روشن آهن. هن مختصر بيان ۾
سڀئي سمائجي نه سگهنديون انهي کان سواءِ ته هو
اُمي هو حق تعالى سمورا علم ان جي سيني واري ڦرحي
تي اڪيري ڇڏيا هوا) تاريخ تحفته الڪرام وارو ٻين
مورخن متاعه خرن غير محققن کان گهڻن وجهن ڪري
معتبر آهي هڪ ته هو صاحب شاه جي معاصرن مان قابل
اعتبار فرد آهي 2- معتقد مين مان معتمد عليہ هجڻ
ڪري ممتاز درجو رکي ٿو تنهن ڪري اسان هن صاحب جي
شهادت ۽ گواهي کي قابل اعتبار ڄاڻي چئون ٿا ته شاه
ڀٽائي برابر امي هو جنهن جي دل واري پٽي تي
پروردگار جي طرفان علم لدني جي پالوٽ ٿيندي رهندي
هئي- ڇو ته تحفته الڪرام جي عمدي عبارت پر بشارت
مان ٻه ڳالهيون صريح ثابت آهن. 1- هڪ ته سرتاج سنڌ
ولي ڪامل ڪرامت جو صاحب هو 2- ان جي ڪرامتن مان
سندس امي هجڻ نمايان حقيقت ۽ علامت ولايت آهي،
تنهنڪري سرتاج سنڌ صاحب جو توجه نامه ۽ استعداد
فطري اهڙو ته اعلى درجه جو هو جو ٻاراڻي وقت کان
وٺي محبوب معنوي جي مطالعه ڪرڻ ۾ محو هو تنهن ڪري
استاد جي اڳيان الف کان مٿي پڙهڻ جو انڪار ڪري
ويٺو اڳتي هلي جواني جي اوج اچڻ بعد پنهنجي اُمي
هجڻ جو اقرار هيٺين بيتن جي ذريعي چٽو ڪرڻ فرمايو
اٿس تنهن سان گڏ پرين پسڻ جو پاسو ٻيو ٻڌايو اٿس-
جيئن زيرين بيتن مان ظاهر آهي-
1- ڪنز قدوري ڪافيہ ڪو ڪونه پڙهيوم
جتان پرين ڏٺوم او پاڙو ئي ڪو ٻيو
2- لوڪان نحو صرف مون مطالعي سپرين
سوئي سو حرف پڙهيون پڙهان من ۾
3- ڪيو مطالع مون هو جو ورق وصال جو
تنهن ۾ تون ئي تون ٻي لات نه لحظي جيتري
ٻيو ته جناب سرتاج سنڌ جيئن قدرتي مادر داد شاعر
شيرين زبان هو تيئن تيئن قدرتي مادر زاد امي
اولياعه ڪامل ترجمان الهام رحمان هو ڇو ته ڪو به
امي جڏهن ولايت درجه تي پهچندو آهي ته انهي کي
الله تعالى پنهنجي علم لدني جي پالوٽ ۽ الهام جي
روحي روٽ سان نوازيندو رهندو آهي هن ڳالهه تي جميع
اوليائن جو اتفاق آهي، جيئن جو تفسير معتبر روح
البيان جي زيرين عبارت مان ظاهر آهي
وقد اتفق اهل الله تعالى علي ان العبد اذا وصل الي
الله فالله تعالى يعلمہ ويلهمہ فيميز بين الحق
والباطل ولايکون مايتکلمہ خارجا عن الشريعته واليہ
يثير قول من قال ما اتخذالله من ولي جاهل ولو
اتخذه لعلمہ) يعني الله وارن جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته
ٻانهي کي جڏهن الله تعالى جو وصال ٿئي ٿو ته الله
تعالى انهي کي علم لدني سيکاري ٿو ۽ الهام
فرمائيندو رهي ٿو پوءِ هو علم لدني جي ذريعي سان
حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪري ٿو ۽ ان جو ڪو به ڪلام
اهڙو نه هوندو جو شريعت احمدي کان ٻاهر هجي ان ڏي
ڪنهن قائل جي قول زيرين جو اشارو آهي
ما اتخذالله من ولي جاهل ولو اتخذه لعلمہ)
يعني نه وٺندو الله تعالى جاهل ولي کي دوست ڪري
پر جيڪڏهن وٺندو ته انهي کي ضرور علم لدني جي
عنايت سان عالم بڻائيندو. پوءِ جڏهن ائين آهي ته
جناب لطيف لاثاني جي علم لدني ۾ ڪهڙو شڪ ڇو ته
سندس قلب واري پٽي پرورش کان وٺي اجريل آهي جنهن
جي ذريعي دائي ڌڻي جي ديدار ۽ محبوب معنوي جي
مشاهدي جون موجون ماڻي رهيو آهي جيئن سندس زيرين
بيت مان ظاهر آهي (بيت)
اندر آئينو ڪري پرين سو پسيج
انهي راه رسيج نه مشاهدو ماڻين
پر جڏهن ڀٽائي صاحب کان مولا پاڪ جي مشاهدي جي
مطالع مخفي نه آهي ته تڏهن هن صاحب کان علم الافاق
۽ علم الا نفس ڪيئن مخفي رهندا سندس دل واري پٽي
تي
بفموي الکريم علمڪ مالم تکن تعليم الايه- توکي تنهنجي رب سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيو
جيڪي تو نه ٿي ڄاتو)
هي حڪم اگرچ سئون سڌو سرور ڪائنات ستوده صفات جي
ذات سان وابسته آهي ته به على سبيل العلوم سندس
وارثن ولين تي به صادق آهي جيئن مٿي تحقيق روح
البيان جي مان ثابت ٿي چڪو آهي ته اهو ولي توڙي جو
امي هوندو ته به جو به ڳالهائيندو ته شريعت کان
ٻاهر نه هوندو اها روح البيان واري جي پيشين گوئي
جناب شاه صاحب تي پوري طرح صادق آهي جو باوجود امي
هجڻ جي سندس سارو رسالو قرآن ڪريم جي آيتن سان
ڀرپور آهي جيئن پاڻ پنهنجي زبان فيض ترجمان مان
چٽو فرمائي رهيا آهن ته (بيت)
بيت نه ڀايون ڀائرو هي آيتون آهين
وڃيون پڄائين
پرين سندي پار ڏي
هن بيت لفظ آيتون جمع آيته جو آهي سي آيتون ٽن
قسمن ۾ ورهايل آهن هڪڙيون آيتون تنزيلي جنهن کي
الهام آسماني سڏبو آهي جن تي قران ڪريم جو اطلاق
على سبيل الشرع آهي ان ڪري ڀٽائي صاحب قران ڪريم
کي سنڌي جو لباس پهرائي هر هڪ آيت جي ترجماني
پنهنجن بيتن سان ڪرڻ فرمائي آهي جن بيتن جو ڪجهه
قدر شرح اڳتي خلاصي طرح سان ايندو- جيئن حضرت
مولانا رومي صاحب قران ڪريم کي لباس زبان پهلوي جو
پارايو آهي تيئن اسان جي سرتاج سنڌ قران مجيد کي
لباس سنڌي جو پهرائڻ فرمايو آهي. 2- ٻيون آيتون
تکو يعني آفاقي آهن 3- ٽيون آيتون انفسي آهن –
جناب شاه صاحب جي نزديڪ ٽنهي قسمن جون آيتون مراد
آهن ڇو ته معرفت جي ماهرن وٽ هر شيءَ ڪائنات جي
محبوب معنوي جي مشاهدي ماڻڻ لاءِ آيته آهي تنهن
ڪري اهل بصيرت جا هر چيز کي دفتر معرفت جو ڄاڻندا
آهن جيئن مولانا سعدي عليه الرحمته فرمايو آهي
(بيت)
برگ در ختان سبزدر نظر هوشيار هر ورق دفتري ست
معرفت کردگار-
پر انهي بابت حضرت لطيف سائين پڻ ڏاڍو عمدو فرمايو
آهي ته (بيت)
ايکه قصه درلکه ڪوڙيين سهسين ڳڙکيون
جاڏي ڪريان پرکه تاڏهون سڄڻ سامهان
فقط شاه صاحب سرتاج سنڌ امي ولي نه آهي پر ڪيترا
ٻيا به ولي امي هوا ڪي شاه جي زمانه کان اڳ ٿي
گذريا آهن جن جو ذڪر جناب عطار صاحب جي ڪتاب تذڪرت
الاولياعه ۾ موجود آهي ۽ ڪي صاحب سرتاج سنڌ جا
معاصر هوا جهڙو جناب مخدوم محمديه کهڙن وارو جو پڻ
اومي هوندي به ولي ڪامل ٿي گذريو آهي جيئن جو
تحفته الڪرام وارو لکي ٿو ته مخدوم محمد واسطي
هڪڙو وڏو عالم پري کان آڻي پگهار تي مقرر ڪرڻ سان
وهاريائون سبق ڏيڻ جي وقت بزرگ کان پڇندو ويو ڪنهن
به ڪتاب جي مقام ۾ بزرگ مخدوم محمد نه اٽڪيو آخر
مولوي گهرايل عاجز ٿي چيو ته هي مخدوم علم لدني
سان مالا مال آهي هن کي ظاهري علم جي استاد جي ڪا
به ضرورت ڪانه آهي ڇو ته قدرتي ڪاليج جو پڙهيل آهي
هن کي مان ڇا پڙهايان- ائين چئي ٽپڙ ٽيشن تي اماڻي
واپس وري ويو- هاڻي هتي باقي انهن مؤرخن متاعخرن
جا رايا ڏجن ٿا جن صاحبن پڻ تحفته الڪرام جي روايت
کي قابل اعتماد ڄاتو آهي تن مان هڪ قابل ذڪر لطف
الله بدوي آهي جنهن صاحب پڻ متاعخرن جي قولن ۽
راين جي ترديد ڪندي پڇاڙي ۾ پنهنجو رايو هيٺين ريت
لکڻ فرمايو آهي ته:
متقدمين مان آءٌ ٻين سڀني کي ڇڏي تاريخ تحفة
الڪرام جي شهادت کي پيش ڪريان ٿو- آثار ڪرامات و
اخبار خوار قاتش اظهر من الشمس درين مختصر چه
قدر گنجايش پذيرد بانکه امي بود حق تعالى تمام
علم بر لوح سينه اش مثبت داشته 12
آخر گهڻي بحث کان پوءِ متاعخرن مان مرزا قليج بيگ ۽ ڊاڪٽر
گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر ايڇ- ٽي سورلي ۽ ٻين جي ترديد
تام ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو آخرين رايو هن طرح
پيش ڪرڻ فرمايو آهي ته مٿين حقيقت جي مطالع کان
پوءِ تحفته الڪرام جي روايت کان ڪنهن کي به انڪار
ٿي نه ٿو سگهي جيڪڏهن هن روايت جو اسان انڪار ڪيون
ٿا ته پوءِ تحفته الڪرام جي هر روايت ۾ شبهو ٿي
سگهي ٿو جنهن نڪتي کي هڪ تاريخ جو
طالب ئي سمجهي سگهي ٿو) 2- ٻيو مولانا
وفائي
صاحب گهڻي بحث ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو آخرين رايو ڀٽائي صاحب جي
امي هجڻ بابت لطف اللطيف ۾ هن طرح ڏنو آهي ته
اسان جي
ڄاڻ
۽ تحقيق موجب شاه صاحب رواجي نموني ۾ ڪنهن به
استاد وٽ تعليم ڪانه ورتي هئي پر هو پنهنجو پاڻ
مطالع ڪندو ۽ علم پرائيندو ويو لکڻ نه سکي سگهيو
پر پڙهڻ جو پاڻ ۾ چڱو محاورو پيدا ڪري ورتائين هو
فطري شاعر ۽ ڏاڍو تيز فهم ۽ هوشيار ماڻهو هو جنهن
ڪري هڪ هڪ شئي جو جدا جدا رنگ ۽ اصلي روپ ۾ نظارو
ڪندو رهيو- ۽ ان نظاري کي وري پنهنجي ڪلام ۾ هڪ
خاص من موهندڙ انداز ۾ پيش ڪندو آيو- سندس ڪلام جو
ايڏو بلند انداز ۽ بلند بيهڪ آهي جو ڪو به ماڻهو
اعتبار نه ڪري سگهندو ته شاه صاحب ڪو اڻ پڙهيل هو
يا معمولي پڙهيل هو پر جن ماڻهن کي خبر آهي ته دل
جي صفائي ۽ رياضت ڪرڻ کان پوءِ انسان جو اندر اجري
ٿو ۽ مٿس ڪيترائي اهڙا مخفي راز پڌرا ٿي پوندا آهن
(جن رازن ۽ رمزن جي عام ماڻهن کي سمجهه ٻوجهه ئي
ڪانه هوندي آهي) سيئي ويساه ڪري سگهن ٿا ته الله
تعاليٰ ڪيترن اڻ پڙهيل ماڻهن کي ڳجهي علم جا خزانا
عطا ڪري ٿو جنهن کي ڏسندي هڪ عاقل عالم ماڻهو دل
جو دل ۾ دنگ رهجي وڃي ٿو- |