سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 7

حاصل ڪلام ته پوءِ جڏهن اهي ٻئي ڄڻا مرد توڙي عورتون ڪنهن به غير جي ڪاڻ رهاڻ کان بلڪل بي ڪاڻيا ٿي فقط هڪ سڄڻ سرمدي ۽ سلطان صمدي جي سڪ سوز ۾ پتنگن وانگي سڙي جلي فنا في الله جو درجو فوز عظيم وارو حاصل ڪري پوءِ حيات طيبه بقا باالله واري بشارت ماڻي مومن مشتاق جو منصب ماڻي-محبوب معنوي جي مشاهدي ۾ محسوس مستغرق هوندا آهن- ٻي ڪنهن به اغيار سان انهن کي انس الفت ۽ سودي صحبت جي ضرورت نه رهندي آهي جيئن جو انهي ڳالهه تي فقير خاڪ جو هيٺيون سارو شعر صادق اچي ٿو (شعر)

سر سڄڻ تنهنجو پرين سر واه بي تنهنجا پرين

وڻ وطن وحدت جون وايون واهه بي تنهنجا پرين

تنهنجي نيڻن ناز تي نرگس چمن نازان پڻ

سو ثنا گو يا ستارا ماه بي تنهنجا پرين

سونهه بي تنهنجي پرين سينگار بي تنهنجو پرين

چشم جو چمڪار چهچٽ چاه بي تنهنجا پرين

ٽهڪ ٽانگر وانگي ڏيئي پرچ پيارا پلڪ ۾

صلح سهڻو ٺاهه ڪر ڪو ٺاهه بي تنهنجا پرين

بره واري باغ جو تون باغبان بالا پرين

بره وارا باغ گلشن گاه بي تنهنجا پرين

عشق تنهنجي جي امانت عاشقن سر تي کئين

عشق تنهنجو عشق جا آڙاه بي تنهنجا پرين

زهر جو پيالو پيڻ تنهنجي هٿان ماکي مٺو

حوض ڪوثر ذوق زمزم چاه بي تنهنجا پرين

خاڪ کي خوش خيال تنهنجا حال استقبال ۾

روح دل کي روڊ رستا راه بي تنهنجا پرين

پر جي انصاف جي عينڪ اکين ۾ پائي ساري ڪائنات ۾ عبرتي اک سان نظر ڪري نهاريندو ته هر هڪ چيز جي مائنہ مان محبوب معنوي جو مطالع ميسر ٿيندو رهندو جيئن جو جناب سرتاج سنڌ کي سدائين سپرين ۽ محبوب معنوي جو مطالع حاصل هو جيئن جو پاڻ سڳورا انهي مطالع مدامي جا زيرين بيت ۾ پاڻ مقر ۽ اقراري آهن – لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين) تنهن ڪري تون به اي انسان غافل غفلت جي ڪپہ پنهنجن ڪنن مان ڪڍي ڀٽ ڌڻي جي مشوره موجب دنيا ۾ عمل پيرا رهه ته توکي به فنا في الله جي فوز عظيم حاصل هجڻ ڪري ڌڻي پاڪ جي دربار اقدس  مان حيات طيبہ ابدي جو عمدو تحفو انعام طور عطا ٿئي جيئن جو ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته (بيت) جيڻان اڳي جي جيا جڳ جڳ سي جين او موٽي ڪين مرن مرڻا اڳي جي مئا) پر جو به جيري جانب سان جڙ لڳائيندو اهو ڄڻ هن دنيا ۾ ئي مري جيرو ٿي چڪو آهي جنهن کي افطاري موت جو ڪو به فڪر ڪونه هوندو آهي. جيئن جو هيٺيون شعر خاڪ جو انهي بابت پتو ڏئي رهيو آهي (شعر) بعينہ لکجي ٿو:

جيري سان جڙ لڳائي جيرو به ٿي ويس

ديدار دلربا جو ديرو به ٿي ويس

نروار نحن اقرب ۾ نيهن ناز ڪن

غمزن جي گهير گهٽ جو  گهيرو به ٿي ويس

ذاتي ته ذوق اندر قربن جو اڳ ڪٺل

ڪاتي ڳڻن جي آڏو ڳيرو به ٿي ويس

لک لن تراني – چهبڪ دل جان تي جهلي

هيراڪ حسن هو تن هيرو به ٿي ويس

نمرود ناز ٻاري ڀل امتحان لئي

گلزار نار ڄاڻي گيرو به ٿي ويس

ٿي خاڪ پاڪ پاڪن جو پير ڇڏ ڪڙي

پڻ پيروي سان پاڪن پيرو به ٿي ويس

حاصل ڪلام ته جي به اولياءَ عاشق الاهي دنيادار آخرت مان کٽي ڇٽي ستا آهن اهي حياتي پاڪ ابدي ماڻڻ ڪري اهڙا ته جيرا جاڳندا اولياءَ الله ۽ عارف باالله آهن جي سڳورا قبر واري زمين لاءِ زينت ۽ سرمئه چشم خاڪ آهن تنهن ڪري هاڻي انهن جي آستانن تي پري پري کان پروانا ۽ زائر ايندا رهن ٿا پر زائرين بلبلن سندن مزار مبارڪ کي گلزار عبرت ڄاڻي زيارتون فيض بشارتون هميشان ڪندا رهندا آهن ڇو ته انهن عارفن ۽ سالڪن صادقن ساريون راتيون سجاڳ رهي سبحان سائين کي سرچائي پرچائي ستا آهن تنهن ڪري هنن جي مٽي مبارڪ کي مان خاطر سوين هزارين لکين ڇا بلڪ ڪروڙيين سندن اڱڻ تي سلامي ڪرڻ ۽ آداب بجاءِ آڻي رهيا آهن ۽ آڻيندا رهندا جيئن جو لطيف لعل فرمايو آهي ته (بيت)  سڄي رات سبحان جني ياد ڪيو انهن جي عبداللطيف چوي مٽي لڌو مان ڪوڙيين ڪن سلام اڱڻ اچي انهن جي) پر عجب ۽ عبرت پذير هي ڳالهه آهي ته هن بيت مذڪور جي پيشين گوئي ٻين اوليائن تي ته صادق ۽ سچي آهي پر پاڻ تي اهڙي ته پوري طرح صادق آهيس جو جٿ ڪٿ سندس سوين ورسيون ۽ بزمون ملهايون وڃن ٿيون. مطلب ته عاشق عفيف مرشد لعل لطيف جي روحاني رمزن ۽ سندس ابياتن جي قرآني آيتن جا گهڻي ڀاڱي ترجما آهن تن ته برپٽ ۾ بره جون بازاريون ۽ رندي غمزن جون گلزاريون لائي بلبلن سنڌ کي ڇا بلڪ ساري دنيا کي بوءِ بهار جي بخشي ڇڏي اٿن-

ٽيون وجہ انسانيت جو

13- (بيت)  اکيون اُهي ڌار جن سان پسين پرين

ٻي ڏي ڪين نهار جو راڻل ريسارو گهڻو

شرح- سرتاج سنڌ هتي به انسان ذات کي انهن اکين عبرت پذيرن ڌارڻ جو خطاب پرشوق شتاب جو ارشاد عالي فرمائي رهيو آهي- جڏهن اکيون ئي سچي انسان لاءِ آئينه عبرت وحدت نما آهن تڏهن هر شخص مرد توڙي عورت کي هادي لطيف جهڙي جي هدايت تي هشيار ٿي هڪدم اهڙيون عبرتي اکيون ڌارڻ گهرجن ڇو ته اهڙين اکين وارو ئي ڪائنات جي ڪثرت کي وحدت ڄاڻي يا آيات ۽ علامات معرفت محبوب معنوي ڄاڻي مشاهدو ماڻيندو آهي ۽ مدامي محبوب جي مطالع ڪرڻ ۾ محو ۽ مستغرق هوندو جيئن جو ڪنهن عرب عالي دماغ شاعر ڏاڍو عمدو چوڻ فڪر سليمه ۽ عبرت پذير عارف جي بابت فرمايو آهي (بيت) اذا لمرء ڪانت لہ فکرة ففي کل شييء لہ عبرة يعني جو به مرد فهيم فڪر سليم جو فائق آهي هر شئي جي ڏسڻ ۾ ان کي عبرت جي اک عطا آهي ) پر جناب مولانا شيخ سعدي صاحب وري انهي فڪر سليم وارن جي فهم فڪر ۽ تيز نظر جي تعريف هئن ڪرڻ فرمائي آهي (بيت) برگ درختان سبز در نظر هوشيار هر ورقي دفتري است معرفت ڪردگار) پر نظر هشيار جو ڪجهه پتو پرو هن هيٺين ڪلام مان پڻ پوي ٿو

(ڪلام) سڄڻ سونهن وارا سڄڻ سونهن وارا

جٿي ڪٿ نظر تنهنجا نوري نظارا، جلب بر جهنگل جر ۾ جلوو جمالي، جبل طور تي تنهنجي تجلي نرالي، پسان چوطرف حسن تنهنجو پيارا، همہ حور پريون به حيران توتي، قمر ماه ڪنعان مستان توتي، ڏئي سونهه تنهنجي جا سج ٿو اشارا، پنهل پرتوو تنهنجو پاڻي پڌر ۾، ٻري نور چمڪي ٿو ٻيرن ٻٻر ۾، اُٿن ٿا پٿرن مان اُلا آشڪارا، فلڪ تي فرشتا ڦرن پيا فراقي، اڀن کان مٿي عرش عاشق اوطاقي، نبي نور کي نور حاصل نيارا، پيو خاڪ تي پاڪ پرتو پنهل تو، تڏهن تانگهيان جهاڳيان ٿي جبل تو، جبل ۾ ڏسان توکي جي جيارا.

پر اهي اکيون عبرت پذير سڄڻ سونهه ڌڻي جي سڃاڻن واريون به ڪن ڪن پيارن عارفن کي بطور فضل ۽ وهب جي پاڻ وهاب ڪار ساز ڪريم رب رحيم عنايت ارزاني جذبئه جاوداني سان عطا ڪرڻ فرمائيندو آهي جيئن آيت شريف زيرين مان ارشاد ايزدي عيان آهي- سنريهم آياتنا في الافاق وفي الانفس حتي يتبين لهم الحق) جلد ڏيکارينداسون انهن کي اسان پنهنجون آيتون آفاق ۽ نفسن ۾ تان جو ظاهر ٿي ويندو، انهن جي لاءِ ديدار حق جو) هن ارشاد الاهي مان صريح ثابت آهي، ته جن عارفن کي ڌڻي پاڪ جي دربار اقدس مان عبرتي اکيون عطا ٿي وينديون آهن، اهي ڪائناتي ڪتاب ۽ نفسي نقاب مان محبوب معنوي جو مدامي مطالع ڪندا رهندا آهن. جيئن جو جناب ڀٽائي صاحب پاڻ به محبوب جي مطالع جو معشرف آهي، جنهن جي اقرار مان سندس ولايت ڪبرى ۽ قطبيت عظمى جو پتو پوي ٿو (بيت) لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين) حاصل ڪلام ته محبوب جي مطالع واريون تجليون ٽي قسم آهن، پهرين تجلي علمي آهي، ان تجلي جو صاحب برزخي احبابن مان ڳڻيل آهي مگر مرشدي درجہ جو مستحق نه آهي ۽ ٻي تجلي عيني آهي ۽ ٽي تجلي حقي آهي- انهن ٻنهي تجلين جا حقدار ارباب يقين ۽ ارباب وصول جا آهن، اهي ٻئي صاحب ارشاد ۽ مرشدي جو استحقاق ۽ جميع مراتبن طريقت ۾ اهليت جو حق رکڻ وارا آهن- اهي مرتبا طريقت وارا هي آهن 1- طبيعت جو مرتبو 2- نفس جو مرتبو 3- مرتبو قلبي 4- مرتبو روحي 5- مرتبو طريقت 6- مرتبو معرفت 7- مرتبو حقيقت. انهن مرتبن جي ماڻڻ وارن کي ازروئي شريعت ۽ طريقت جي اهل بصيرت جو عمدو لقب انعام ٿيل آهي- جن اهل بصيرت وارن عارفن ڏي هن آيت شريف هيٺ ايندڙ مان اشارو عيان آهي- قل هذه سبيلي ادعو الي الله على بصيرة انا ومن اتبعني) يعني چوُ تون اي محبوب مدني ته هي واٽ منهنجي اها آهي جنهن ڏي مان بصيرت رهي الله جي طرف سڏيان ٿو ۽ جو شخص منهنجو تابع آهي اهو به بصيرت تي آهي)  هن آيت جي ارشاد مان ثابت آهي ته اهل بصيرت وارن عارفن اوليائن کي مرشد وٺڻ گهرجي نه ٻين کي جي صاحب اڃان اهل بصيرت جي اعلى عهدي تي نه پهتا آهن- باقي رهي هي ڳالهه ته تجلي عيني ۽ تجلي حقي جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي- انهن ۾ باوجود اشتراڪ قطبيت جي هي فرق آهي ته تجلي عيني وارو فقط قطبيت ارشاد جو مستحق آهي نه قطبيت ڪبرى  جو انهي جو حقدار تجلي حقي جو صاحب ۽ مالڪ آهي نه غير- اهڙن ديدورن جي ديد کان دلدار حقيقي هڪ دم به دور نه ٿو رهي بلڪ هر زمان هر مڪان ۾ لامڪاني لاهوتي جي معيت ۽ معونة پنهنجي مشتاق صادق کان بعيد ۽ پري نه آهي- بفحوي الڪريمه وهو معکم اينما ڪنتم) يعني هو جٿ ڪٿ اوهان سان گڏ آهي) انهي حقيقت حال تي زيرين شعر مان ڪجهه روشني پوي ٿي (شعر) دم نه دم کان ڌار منهنجو دلربا دلدار آ، ساه وانگي ساه اندر ساه جو سينگار آ. 1- دم سڃاڻي دم کي ڄاڻي دم جو دم ٿي پاڻ تون، دم به صدقي دل به صدي دم دمن ديدار آ، 2- وهو معکم اينما ڪنتم جي مخفي مام ٿي نحن اقرب نيهن نازڪ جو نالو نروار آ. 3- وره واري وک وڌائي وڌ وڌي وڻڪار ڏس. ورءِ تنهنجي وچ ۾ ويچو ڪين هڪڙو وار آ. 4 – بره واري باه ڀڙڪي گاه ساڙي غير جا، غير غيرت غمز جي سان غار اندر آر آ. 5- بره باري باه دوزخ کان تکي نيهن نازڪ نار ڇا پر نار جي بي نار آ. 6- خاڪ ٿي افلاڪ ڇا پر عرش تي ڪر آشيان، عرش ڇا عرشي به توکان دم نه هڪڙو ڌار آ.

غرض ته تجليات حسن حقيقي هوت جو تذڪرو گهڻا عارف اولياءَ پنهنجي پنهنجي حال مذاق موجب ڪندا ويا آهن ۽ اڃان به ڪيترا ڪامل ۽ عارف عامل قيامت جي قيام تائين ڪندا رهندا جيئن جو پنهنجي ديوان ۾ حضرت خواجه اجميري صاحب فرمائي رهيو آهي- گرز انوار رخت يکه شعله تابد برفلک از حيا مستور گردد آفتاب اندر نقاب نور حق ست آن مجسم گشته درذات نبي صه همچو  نور ماه کز خورشيد کردست اکتساب در مقام لى مع الله از کمال اتصال از خدا نبود جدا همچو شعاع از آفتاب- پر خير محمد فقير وري حقيقي حسن جي هئن تعريف ڪري ٿو- جهلي تاب حسن جون ڪو تجليون جن سان طور جبل وڃي ڪوه جليون) پر ڪن عاملن جو قول آهي ته ساري ڪائنات هوتن جي حسن جو عمدو آئينو آهي، تنهن ڪري ڪائنات جي ذري ذري مان ذاتي محبوب جو مشاهدو ماڻن گهرجي جيئن جو حضرت جامي عليه الرحمته  فرمايو آهي ته (بيت)  جهان مرآة حسن شاهد ماست فشاهد وجهہ في کل ذرات) پر سلوڪ جي سالڪن کي بسط کان بعد ڪڏهن نه ڪڏهن قبض جي حالت پڻ طاري ٿيندي آهي ته انهي وقت جانب جي جوش جدائي سڪ سوز سدائي ۾ روئي رڙي هئن چوندا رهندا آهن ته (بيت) اڄ پڻ اکڙيون ساريون رئن سڄڻ کي، سي ڪئن ويهن وساري جي وهم پرين وڪڙيون.

تيز آهن تڪڙيون ملڻ ڪارڻ محب جي-

وري ٻيهر به لطيف لعل  هئن ٻاڏائي رهيو آهي ته (بيت) اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا، ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن، سندي سڪ پرين لوڪ ڏٺي نه لهي- پر وري به جدائي جي جهونگار افغاني اڇگار چاڪن چورڻ جي چونگار هئن چونگاري رهيا آهن (بيت) اڄ پڻ چڪن چاڪ وهين ويڙهيچن جا، سورن اچي سومرا اڏي اندر اوطاق، مارن جي فراق هڏ مئي جا ڪپيا) پر جناب سرتاج سنڌ جيئن جيئن سڄڻ جي سڪ سمنڊ تار ۾ تري رهيو آهي، تيئن تيئن سڪ جو سمنڊ تارون تار ٿيندو وڃي. جيئن سندس زيرين بيت مان ظاهر آهي. 14- (بيت) سڪ تنهنجي سپرين جيئن تران تيئن تار، تون رهين روح ۾ تون اکين ٺار، پرين تنهنجي پار مون کي واجهائيندي ورهه ٿيا) شرح – هن بيت ۾ ٻه ڳالهيون ڌيان طلب آهن هڪ ته جڏهن هوت حقيقي بفحوي لڪريمه نحن اقرب من حبل الوريد ساه جي رڳ کان به اقرب آهي  تڏهن سڪ جي سمنڊ ۾ ترڻ جي ڪهڙي ضرورت درپيش آهي. 2- موجب ارشاد آيت شريفه وفي انفسکم افلاتبصرون جي جڏهن جانب جي اندر آهي، پوءِ به تار ترڻ جي ڪا به ضرورت محسوس ٿيڻ نه گهرجي ڇچو ته پاڻ ڀٽ ڌڻي ساڳي بيت مذڪور ۾ قبول ڪري چڪو آهي ته- تون رهين روح ۾) انهي ٻنهي اعتراضن جو جواب هي آهي ته نيهن جي نانگي ۽ سالڪ مجذوب جي نيڻن کان قبض جي حالت طاري ٿيڻ سبب ناگاه نوري تجلي جو نظارو بند ٿي ويندو آهي تڏهن سالڪ پنهنجي دل ۾ ايڏو ته پريشان ٿيندو آهي جو وصل کان ويچي واري هڪ گهڙي به سال ۽ ورهه سمجهي سڄڻ کي سرچائڻ خاطر هئن چوڻ کان نه رهندو آهي ته – پرين تنهنجي  پار واجهائيندي ورهه ٿيا) پر سڄڻ سهڻي صورت جي سبحان کي سرچائڻ ۽ پرچائڻ بابت ويچارو خاڪ هئن واڪا ڪري رهيو آهي. (ڪافي)

 

پرچاعه تون پڙهي ڪر والکاظمين غيظ

نروار ٿي نظر ڌر والکاظمين غيظ

نالو وٺي ته تنهنجو توکي ڪيم نياز

نالو سڃاڻ پنهنجو ڪاوڙ ڪنا ٿي باز

پرچي وڃو ڪهين پر والکاظمين غيظ

توکي قسم آ تنهنجو ڪر پاڻ قدر پنهنجو

اهنجو هلي جو توسان سائين تون تنهن سان سهنجو

تون فيض سان ڀري ڀر والکاظمين غيظ

ويٺي ستي سوالي عرضدار عالي

پنهنجي نگهه نرالي کان ڇڏ نه مون کي خالي

ڪر تون حياعه هر هر والکاظمين غيظ

مون ڏي هزار مهڙيون ڪهڙيون ٻڌايان ڪهڙيون

تون بخش مون کي باري جهڙيون هجن به تهڙيون

تنهنجو وتو اٿم در والکاظمين غيظ

عاجز سان ٿي نه اولو سرچي سڄڻ ٿي سولو

پرچي پوين جي پل ۾ ڀو توکي ڪنهن جو ڀولو

واڪا ٻڌي تون ور ور والکاظمين غيظ

جي خاڪ آهه خاطي عيبن سان اختلاطي

توبهه سان تنهنجي در تي آيو ٿي احتياطي

روئندي اکيون ٿيون پر والکاظمين غيظ

حاصل ڪلام ته ايترن آهُن دردي دانهن تي من محبوب معنوي کي ڪاوڙجي بدران ڪهل اچي ۽ عاشقن صادقن جي سچي طلب تاس ۽ اداس اڃ تي رحم اچي پر اهڙي معنوي محبوب جي اُڃ ۾ فقط ڀٽائي ڇا پر ساري ڪائنات اُڃاري آهي موجب ارشاد قرآني وان من شييءِ الا ان يسبح بحمده) يعني ڪو به ٽول ڪائنات ۾ نه آهي مگر جو هوتن جي حمد ۽ تسبيح سان پنهنجي تن جي تاس اجهائيندو آهي) جيئن جو زيرين بيت مان پڻ ظاهر آهي (بيت) محبت جن جي تن تشنگي تار پي پيالو اڃ جو اڃ سان اڃا ٿار پنهل پاڻ پيار ته اڃ سان اڃ اجهائيان) پر هن بيت ڀٽ ڌڻي جي ۾ آهي ته  پنهل پاڪ پاڻ پنهنجن پاڪن هٿن قدرتي سان جڏهن به جام وصل ڀري پاريندو آهي، تڏهن عاشق صادق جي اڃ بک دور ٿي ويندي آهي. انهي حقيقت جي تائيد ۾ هي آيت الاهي ڪافي ثبوت آهي وسقاهم ربهم شرابا طهورا) يعني پاڻ پنهنجي هٿ پاڪ سان پنهل پاڻي پاڪ پياريندو)  انهي اڃ جو اڃارو فقط لطيف لاثاني نه آهي پر ساري ڪائنات سڄڻ جي سڪ ۽ عشق ۾ اڃاري آهي جيئن زيرين جذبات خاڪ جي مان ظاهر آهي.(جذبات خاڪ)

سڪ سير ۾ رهان جيئن تئن تئين اندر ۾ آ اُڃ

نازڪ نظر نه تنهنڪر نيڻن نظر ۾ آ اڃ

اڃ عشق جي اُلي آ عاشق جي دل جهلي آ

نروار ٿي نلي آ اک ۾ ڇپر ۾ آ اڃ

درياءَ ۾ رهان ٿو پاڻي سدا پيان ٿو

دل جي لهي نه آتش پاڻي پڌر ۾ آ اڃ

مون کي فقط نه آهي هر چيز ٿي مري اُڃ

ڏس آسمان تارن شمسو قمر ۾ آ اڃ

عرشي هلاڪ اڃ ۾ فرشي فراق اڃ ۾

وڻ ٽڻ پکي به اڃ ۾ شاخو شجر ۾ آ اڃ

غواص بحر وارا اُڃ جا ڏئي اشارا

ويڙا وڄائي وارا رڃ آب ڇر ۾ آ اڃ

برٿر ۾ خاڪ وائي اڃ عشق جي سدائي

وڃ اڃ سان ڪر وفائي ڏونگر پٿر ۾ آ اڃ

4- وجہ انسانيت جوڪن قلبي آهي نه مٿي جو)

15- (بيت) ڪن ڇڏي گاڏوان ٻيا ڪن کڻيج،

تني ساڻ سڻيج سنيها ته سڄڻ جا) شرح- جناب سرتاج سنڌ ساري قرآن ڪريم رب رحيم جي ڪلام کي پرت جو پيغام ۽ سڄڻ جو سنيهو سلام سڏي رهيو آهي، تنهن ڪري سندس نظريه موجب هر هڪ آيت الاهي سرڪار نامدار حقيقي طرفان اسان ايماندارن عاشقن عاقلن ۽ اقٻوجهن مردن توڙي عورتن ڏي پورو پورو نيهن جو نياپو ۽ سڪ جو سنيهو سلام آهي. پوءِ اسان سامعن ۽ ٻڌندڙن کي گهرجي ته پنهنجي سهڻي سڄڻ صورت جي سبحان محبوب مهربان کان اهو سڪ جو سنيهو سلام قلب وارو ڪن ڏئي چپ چاپ ۾ رهي ڪري سڪ ۽ سوچ سان ٻڌون نه غفلتي گوش مٿي واري سان ڇو ته مٿي وارو گوش سان ٻڌڻ جو ڪم ته حيوانن کي به حاصل آهي- پر انسان اشرف المخلوقات کي ڪن گاڏوان ڇڏي فقط قلبي ڪنن سان سٻاجهي سرڪار جو سنيهو ٻڌڻ گهرجي ته ڪجهه ڪاميابي جو ڪارڻ بڻي هن بيت مذڪور جي شرح ۾ هي هيٺين آيت الاهي شرح جو ڪم ڏئي رهي آهي.

فاذ اقراعه القرآن فاستمعو الہ و النصتوا لعلکم ترحمون) يعني جڏهن به قدوسي ڪلام پرهيو وڃي ته چپ چاپ سان قلبي ڪن ڏئي ٻڌو ته شايد رحمت ياب ٿي وڃو) مطلب ته هي اهو ڪلام پاڪ مالڪ عرش افلاڪ جو آهي جنهن جي چند ڪلمن پاڪن جي فضيلت ۽ ڀلائي بابت جي ساري دنيا جي دريائن کي لکڻ لاءِ مس بنايو وڃي ۽ ساري دنيا جي وڻن ٽڻن کي قلم بنائي ۽ سندن برگ پنن کي ڪاغذ بنائي ملائڪن ۽ جنن حڪم ايزدي لکڻ بابت ٿئي ته اهي ڪونين جا ملائڪ ۽ جن لکي لکي نيٺ لکڻ کان عاجز ٿيندا ۽ دريائن جي مس سڪي کپي خسڪ ٿي ويندي، مگر قادر ڪريم رب رحيم جي چند ڪلمات قرآني جو قدر ۽ شان پورو ٿي نه سگهندو – اهڙي قدر واري قران ڪريم جي ننڍڙي آيت سونهاري جا مٿي آيل آهي تنهن جو هوبهو ترجمو ترجمان قرآني جناب سرتاج سنڌ هن هيٺين بيت ۾ ڪرڻ فرمايو آهي ته (بيت) ڪن ٿي ڪيچن ڪڇيو ڪڇ متان ڪڇن اشارتون ان جون سڪو نان سجهن، وٽان ويهي تن سڻ ته سوز پرائين)  هن بيت مان هڪ ته پهريون بيت مذڪور جي حقيقت هالي جي پٺ ڀرائي ثابت آهي 2- هن بيت ۾ لفظ ڪيچن مان ٻه مرادون قابل ذڪر آهن هڪ ڪيچي مان مراد مولا پاڪ عرش افلاڪ جو پنهنجن ٻانهن عاجزن کي قران ڪريم جي ذريعي پنهنجو پاڻ سنيهو سلام سڻائي رهيو آهي 2- ٻيو مرشد ڪريم يا استاد عليم ٻڌائيندڙ مراد آهي جو پڻ هڪ هڪ آيت سونهاري جا آيت ڄڻ ته سنيهو سرڪار سرمدي جو آهي جو عام ماڻهن کي علي الاعلان ٻڌايو ويندو آهي، پوءِ ٻڌندڙن ٻانهن کي هئن ڄاڻڻ گهرجي ته جو به هنن کي الاهي آيتن جو سهڻو سنيهو سڻائي ته گويا هو ٻڌندڙ ائين سمجهي ته مان هن ٻڌائيندڙ قاصد جي واتان پنهنجي پاڪ پروردگار جو پيغام ۽ سڪ جو سنيهو سڻي رهيو آهيان پر اهو قرآني سنيهو دل جي ڪنن سان ٻڌي عمل پيرا نه ٿيندو ته جهڙو ٻڌائين تهڙو نه ٻڌائين ڇو ته قران ڪريم ڪن قلبي ٻڌڻ سان ئي فائده رسان ٿيندو آهي نه ڪن مٿي جي سان جيئن جو حضرت مولانا رومي صاحب انهي بابت عمدو فيصلو ڏنو آهي ته (بيت)  اين سخن از گوش دل بايد شنود گوش گل اينجا ندارن هيچ سود گوش سربا جمله حيوان همدم ست گوش سر مخصوص نسل آدم ست) تنهن ڪري جو شخص به دل جي ڪنن کي ڇڏي فقط مٿي جي ڪنن تي ٻڌڻ جو دارو مدار رکندو ته انهن تي ڏاتار ڏمرجي سندن دلين تي ڏمر ۽ غضب جي مهر هڻي ڇڏيندو آهي، جيئن هيٺين آيت شريف انهي ڳالهه تي چٽي چٽي دلالت ڪري رهي آهي ونطبع على قلوبهم فهم لايسمعون) يعني اسان هنن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي ته هو نه ٻڌن) مطلب ته جيئن هو هدايت ۽ سڪ سنيهو نه ٻڌن ته وڌيڪ عذاب عظيم جا حقدار ٿين تنهن ڪري جناب ڀٽ ڌڻي انسان ذات اٻوجهه تي رحم ۽ ڪهل ڪرڻ فرمائي هنن کي مذڪور بيت جي ذريعي خواب غفلت کان بيدار ڪري رهيو آهي- ڇو ته قلبي ڪن سان سنيهو سڻڻ نهايت نافع ۽ اثر وارو آهي، جيئن جو مولانا حسين ڪاشفي صاحب فرمايو آهي ته گوش دل از استماع سخن حق فائده دارد نه گوش آب و گل)حاصل ڪلام ته ڪا شفي صاحب جي تحقيق مان پڻ جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور جي تائيد مزيد ثابت آهي ته برابر انسان ذات کي هر حال ۾ ڪن قلبي سان سنيهو سڄڻ سرمدي ۽ عجيب الستي جو ٻڌڻ فائدي وارو آهي، نه مٿي جي ڪنن وارو جن سان ٻڌڻ همه حيوانن کي به حاصل آهي- تنهن ڪري انسان ته اهو آهي جو قلبي ڪنن سان ٻڌي ٻڌڻ سان پرين جي پيغام کي اکين رکي قلب سان قبول ڪري هڪدم عمل پيرائي ٿي رهي پر جي فقط ٻڌڻ  جو ڪم ڪيائين ۽ عمل ڪرڻ جي ويجهو نه ويو ته ڄڻ انهي سڄڻ سرمدي جو سنيهو سلام ٻڌو ئي ڪونه سنيهي ٻڌڻ لاءِ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ هي جهان ئي آهي نه هو جهان جيئن جو انهي بابت ڪنهن عربي ۾ شعر چوڻ فرمايو آهي ته (ابيات) يا سا معاليس السماع بنافع اذا انت لم تفعل فما انت صامع اذا کنت في الدنيا عن الخير عاجزا.

فما انت في يوم القيامته صانع

يعني اي ٻڌندڙ ٻڌڻ نفعي وارو نه آهي، جڏهن جو عمل نه ڪرين ته پوءِ ڄڻ تون ٻڌندڙ ئي نه آهين جڏهن دنيا ۾ تون خير ڪم کان عاجز آهين ته قيامت ۾ ڪم ڪرڻ جو وقت ڪٿي آهي، حاصل ڪلام ته قلبي ڪن سان ٻڌڻ بلڪل ڪمائتو ۽ ڪارامد آهي پر جي سڪ جو سنيهو قلبي ڪن سان ڪن ڏئي ڪو به نه ٿو ٻڌي ته انهي جي درميان ۽ حيوان جي ڪو تفاوت ڪونه آهي، قلبي ڪنن سان پرت جي پيغام کي ٻڌڻ بابت هيٺيون ڪلام خاڪ جو پڌرو پتو ٻڌائي ٿو (ڪلام)  قلبي ڪنن سان ڪانگل جو اڄ ڪلام ٻڌ ٻڌ، سهڻي سڄڻ جي سڪ جو سهڻو سلام ٻڌ ٻڌ. 1- واڪا ڪري وڻن جي لامن مٿي لوي ٿو، ظاهر زبان کولي توکي ته ڪجهه چوي ٿو، خاموش ٿي محبت مخفي جي مام ٻڌ ٻڌ.

2- چپ چاپ سان چوڻ جي ڪا چاس تون چکي وٺ

سڪ جو سنيهو سهڻو سهڻي طرح سکي وٺ

ماکي مٺائي مصري جهڙو پيام ٻڌ بڌ

3- ڪو نيهن جو نياپو نازڪ جو آ نرالو

نيڻن نظر تي رک رک نازڪ جو نور نالو

نيهن ۾ نيهن وارو نروار نام ٻڌ بڌ

4- محبوب پاڻ پنهنجو پيغام موڪليو اڄ

قرآن قل هوا الله انعام موڪليو اڄ

نروار نيهن واري نوبت نظام ٻڌ ٻڌ

5- ڪانگل قدم مبارڪ پنهنجا ڀري ڀلي اڄ

خوش خاڪ تو اڱڻ تي آيو اجهو ٽلي اڄ

ڪن سن ۾ ڪن جون ڳالهيون مخفي مدام ٻڌ ٻڌ

مٿئين ساري تحقيق انيق مان هي حقيقت عيان آهي ته جنهن به آدمي ۾ اِهي چار وجهه مذڪور انسانيت وارا موجود نه هوندا، اهو حقيقت ۾ انسان نه آهي. بلڪ حيوان کان به مرتبي ۾ ۽ مانَ ۾ هيٺاهون ۽ گهٽ آهي. مٿين چئن وجهن مذڪورن جو شرح شافي ۽ جامع ڪافي هي هيٺين آيت الاهي طويله آهي، جا آيت سونهاري هتي بطور سند حجت وافي جي پيش ڪئي وڃي ٿي.  ولقد ذراعه نالجهنم کثير امن الجن والانس لهم قلوب لايفقهون بهاولهم اعين لايبصرون بها ولهم آذان لايسمعون بها اولائڪ کالانعام بل هم اضل سبيلا واولائڪ هم الغافلون) يعني تحقيق اسان جنن ۽ انسانن مان گهڻن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي اُهي اُهي آهن جن جون دليون مولا جي معرفت ڏي متوجهه نه آهن انهن جون اکيون عبرت جي نظر سان قدوسي ڪائنات ڏي نه ٿيون نهارن انهن کي ڪن آهي پر فڪري سماع سان الاهي آيتن کي نه ٿا ٻڌن اهي همہ حيوانن جهڙا آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه آهن ۽ اهي آخرت جي ڪاروبار کان غافل آهن) هن آيت جي حڪم موجب ڪيترا انسان حيوان صفت آهن نه ماڻهو.

شريعت ۽ طريقت ۾ قلبي ڪن جو لقب اذن واعيہ آهي

16 – (بيت) سڻ ته سوز پرائيين آءُ چيائون اڄ، ٻولي ٻي نه سکيا پاڻان چوندئي ڀڄ، واڄي وٽ م وڄ ٻڌ ته ٻيائي لهي) شرح- سرتاج سنڌ  جي نظريه موجب هن بيت جي مطالع واري لفظ سهڻي (سڻ) مان مراد سڻڻ ۽ ٻڌڻ ڪن قلبي جو آهي نه ڪن مٿي جو ڇو ته اهو ڪن قلبي جيڪو جو ٻڌي سو ڪڏهن به ڪين وساري بلڪ حافظي ۽ يادگيري جي لحاظ سان دل تي اهڙو ته نقش ٿي وڃي جو ڄڻ ته حجر پٿر تي چٽ چٽيل آهي پوءِ جيئن جو پٿر تان چٽ وارو نقش نه ويندو آهي، تهڙي طرح قلبي ڪن سان ٻڌڻ واري جي قلبي ڦرحي تان ٻڌل ٻول جو نقش چٽيل نه ويندو آهي، اهڙي چٽ چٽيندڙ کي نيهن وارا نقش بند جو لقب ڏيندا آهن، تنهن ڪري هڪڙي خاص طريقه ذڪر جي تي نالو ئي نقشبندي پيو آهي ڇو ته اهو نالو مبارڪ نقشبندي جناب حضرت خواجه نقشبند کان نروار آهي، هاڻي هر هڪ هادي ۽ رهبر مرشد ڪامل کي انهي طريقه جي طربيت موجب نقشبندي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي ڇو ته انهي طريقه جا مرشد به خواجه نقشبند وانگي پنهنجن مريدن جي قلب واري پٽي ۽ ڦرحي تي اسم اعظم ذاتي جو پنهنجي تلقين جذبه خيز سان چٽ چٽيندا رهندا آهن

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com