سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: خزانته العارفين

باب: 1

صفحو : 4

شاه جي شادي خانہ آبادي

سرتاج سنڌ سدائين جواني جي اوج ۽ عمر گرامي جي ڦوه کان وٺي روحي رياضتن ۽ عبادتن ۽ مجاهدن محنتن سان مولا پاڪ جي ذڪر فڪر ۾ مشغول رهندو هو ۽ سناسين ۽ سامين سان سفر پر ظفر ۾ سرگردان هوندو هو- تنهن ڪري زال ذات سان سندس من جو ميلان نه هو ان ڪري پنهنجي والد ماجد جناب سيد حبيب شاه کي به ڪڏهن شادي مبارڪ جو عزم ۽ ايرادو نه ڏيکاريندو هو-  اوچتو شاه جي جديد عشق مجازي جو ڪارڻ هن صورت سان عيان ٿيو جو مرزا بيگ مغل جي ارغون جي وڏي نياڻي مسماه سعيده بيگم عليله ۽ بي خوش ٿي پئي مرزا جو شاه حبيب جو وڏو معتقد ۽ سچو ارادتمند هر هميشان حبيب شاه کان دعا تعويذ وٺندو ۽ دعا ڦيڻو ڪرائيندو هو – ان قديم ارادتمندي موجب مرزا مذڪور جو ماڻهو شاه حبيب کي دعا ڦيڻي لاءِ وٺڻ آيو- سيد حبيب پاڻ انهي وقت طبيعت ۾ ذرا ناخوش هو- تنهن ڪري پنهنجي عوض پنهنجي فرزند ارجمند شاه عبداللطيف کي حڪم ڪيو ته تون وڃي دعا ڪري اچ حڪم موجب لطيف سائين حويلي جي در وٽ پهتو – مغل  اميرن ۾ بنيادي طرح پردي جو رواج چالو هوندو هو-  ڪنهن به بيگاني ۽ ڌاري ماڻهو کي مجال ۽ طاقت نه هئي جو حويلي جي چائٺ به لتاڙي سگهي. ساداتن سان خاص ارادتمندي ڪري- هي مروت هوندي هئي- جو کين پرده جي پيرايہ ۾ اندر اچڻ ڏيندا هوا نينگري پرده ۽ حجاب جي حالت ۾ ڪپڙن سان ڍڪيل ۽ ويڙهيل هئي فقط سندس چيچ کليل هئي- جنهن کي جناب شاه صاحب پنهنجي هٿ ۾ جهلي فرمائڻ لڳو- جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو)  مصرعه جو مطلب ۽ مقصد ۽ ظاهر باهر هو ته هن نماڻي نينگري کي سيد سڳوري کان سواءِ ٻيو ڪو به هٿ نه لائيندو- قلم قضا جي ڪو لوح محفوظ تي اڳ ۾ ئي نينگري جو ميلاپ شاه سان لکي ڇڏيو هو جو شاه جهڙي عارف ڪامل ڄمندي ڄام کان اوچتو مصرعه مذڪور نڪري نروار ٿيو بفحوي لحديث (جف القلم بما هوکائن) جنهن حديث جو ترجمو شاه لطيف هن بيت  زيرين ۾ ڪرڻ فرمايو آهي ته (توڙي وڃي تڪڙي توڙي وڃي وک لکيي منجهان لک لهي ڪين لطيف چئي) آخر انهي پيشين گوئي شاه جي هڻي هنڌ ڪيو جيئن اڳتي اچي ٿو ان ۾ اڻ سڌي طرح سنڱ گهرڻ جي رمز رچايل هئي- پر اڄ ڪلهه وانگي انهي زماني جي وڏيرن ۽ اميرن ۾ به وڏائي جو مرض منتشر ۽ پکڙيل هو- نڪاح شادي جي معاملن ۾ نخوت ۽ وڏائي ڪري ڪنهن کي به پنهنجو مٽ ثاني نه سمجهندا هوا ان ڪري مغلن کي ڏاڍي مٺيان لڳي جنهن ڪري ساداتن سان مودت موافقت جي پاران مخالفت ۽ دشمني ظاهر ڪري طرحين طرحين ايذائن ۽ تڪليفن پهچائڻ جون سٽون سٽي رهيا هوا – ڀٽائي صاحب به اوچتو ئي اوچتو اڻ ڏٺي عجيب جي عشق جو شڪار ٿي چڪو هو. جنهن کي ناگاه نينگري جي نيهن لغار لڳي ويل هئي سو هاڻي بي اختيار ٿي بره جا باب پڙهڻ لڳو رات ڏيهان محبت محبوبن ۾ مست مخمور رهي جهنگ جهر جانب ڪاڻ جوڳي ٿي جهونگاريندو رهندو هو ۽ ڪشالن جا ڪوه ڪاٽيندو ۽ ٽاڪيندو هو ۽ حال جي زبان سان هيٺيون شعر شوق مان پرهندو رهندو ته (ڪافي) ٿينديس پار پنهل جي پانڌياڻي وٺي رهبر احمد آرياڻي 1- ڏسي رند پنهل جا روئنديس مان پيرا خان پنهل جا کڻنديس مان ڳولي ڦولي لڪن مان لهنديس مان چون ڏونگر ڏوري ٿي ڏوٿياڻي. 2- ويهان ڪيئن ڀنڀور ۾ وربنا پنهنجي پاڪ پرين پيغمبر بنا سردار سچي سرور بنا جاچان جانب کي ٿي جوڳياڻي 3- جيڏيون ناهه جبل ڏونگر جو ڏر ڀايان پر  به پنهل لئي پنهنجو گهر توڙي  سر وڃي ٿئي ٻيڻو ڪر چون سڪ اندر مئي سانگياڻي 4- راتيان ڏينهن خطائي ساري ٿو. ڪيون پنهل پنهل ته پڪاري ٿو روئي رت هنجهون ڳل هاري ٿو، ٿيندي نيٺ پنهل سان پرچاڻي) آخر مرزا بيگه هڪ حادثي ۾ دلن جي هٿان مارجي مات ٿي ويو. ان جي پوين پشيمان ٿي ساڳي نينگري جو سنڱ سچي سڪ سان سرتاج سنڌ کي آڇيو- سيد سڳوري غـمخوار محبوب جي گهوري سڪ سان اهو سهڻو سنيهو قبول ڪرڻ فرمايو- نيٺ شاه جي شادي خانه آبادي ان نينگري نالي سعيده بيگم سان ٿي ۽ سهڻي سرتاج سنڌ لاڏي ڪوڏي ٿي ڪنوار مذڪوره سان لائون لڌيون ۽ سائين لطيف جي لائن ويلي ڪنهن خاڪ جهڙي شاعر هي هيٺيون سهرو حال واري زبان سان هيئن چئي ٻڌايو (سهرو) ٻئي گڏيا ٿم گل اڄ ڪا رات معراج جي 1- چمن کي چو طرف چوڌاري ڏسي باغن بيش بهاري ڦرن پيا بلبل، 2- پرڻي رات لعل لطيفي ڪاج جي بهتر حالت ڪيفي حورن ڏسي ڪيا هل. 3- چارئي يار رسول جا رهبر ٿيا گهوٽ لطيف جي واهر پنجتن پاڪ امل 4- خاڪ خوشي سان ڪاج ڪريمن اچي ملهايو پاڻ امامن شادي ۾ ٿيا شغل- شادي مبارڪ جي گذرڻ کان بعد بيبي سڳوري کي شاه صاحب جا مريد ۽ معتقد (تاج الخد رات) پردي وارن جو زالن جو ڇٽ ڪري سڏيندا هوا- بي بي صاحبہ نهايت پرهيزگار پاڪ دامن نماز روزي جي سخت پابند هئي، امير گهراڻي جي ڇوڪري هوندي به گهر جو ڪاروبار سڀ پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندي هئي. ڪوٽڙي مغل جو ڳوٺ ويران ۽ ڦٽل ٿي رهيو هو، تنهن ڪري شاه صاحب شاده گذرڻ کان پوءِ اتان لڏي اچي نئين سر ڀٽ وسائي. شاه صاحب .کي ان بيبي سڳوري مان ڪا به اولاد پيدا نه ٿي. بي بي صاحبه شاه جي حياتي ۾ ئي رحلت فرمائي وئي ان کان پوءِ شاه صاحب شادي جو ڪڏهن به ايرادو ڪونه ڪيو.

شاه جي وفات حسرت آيات

شاه صاحب سرتاج سنڌ جي وفات جو واقعو به هڪ عجيب غريب آهي. ڪي مؤرخ لکن ٿا ته جناب ڀٽ ڌڻي عمر جي اخير ايامن ۾ مراقبي ۾ ذڪر فڪر واسطي هڪ جاءِ تي پورا 21 ڏينهن ويهي رهيا ان سموري مدت ۽ عرصي ۾ کاڌو فقط ٻن ويلن جو واپرايون هڪ ڏينهن مراقبي واري ڪوٺيءَ مان نڪري شايد جوش جذبي حرارت کي هٽائڻ خاطر هڪ سئو دلن پاڻي سان وهنجي ٻيهر اندر ساڳي ڪوٺي ۾ هليا ويا. ٻاهران سنڌي ٻولي ۾ فقيرن جو رندي راڳ ٿيندو رهيو. برابر ٽين ڏينهن ساندهه راڳ جي محفل گرم رهي فقير فقراءَ به ايڏو ته محو هوا جو کين خبر ئي نه ٿي پئي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي جڏهن جوش جذبو ڍرو ٿين ۽ ٿورو سڌير ۾ آيا تڏهن وڃي ڏسن ته رهبر روحاني جو روح پر فتوح پرواز ڪري وڃي رهو پرور کي حظيره القدس ۾ رسيو آهي. کين اهو پتو پروڙ نه پئي ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت فوت ٿي ويا آهن. سندن حالت اها ئي مراقبي واري هئي. اهو واقعو وفات وارو سنه 1165 هه مطابق سنه 1752ع جي 14 صفر جي ٿي گذريو. انا لله و انا اليه راجعون.

جناب ڀٽ ڌڻي جي چند ابياتن جو شرح الاهي آيتن سان

بيت 1- ڪوڙيين ڪتابن ۾ حرف مڙو ئي هيڪ جي نظر هجي نيڪ ته بسم الله ئي بس آ- شرح- جناب سرتاج سنڌ فرمائي رهيو آهي ته حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي جناب محبوب مدني صلي الله عليه وسلم تائين- جيڪي به انبيائن ۽ مرسلن تي صحيفا ۽ ڪتاب آسماني نازل ٿيا تن سڀني ڪتابن ۾ ذڪر ذاتي اسم الله جو هو- جو اهو ساڳو اسم ذاتي بسم الله شريف ۾ موجود آهي پوءِ جو شخص گهري ته مون کي سڀني ڪتابن جي پڙهڻ جو اجر ۽ برڪت حاصل ٿئي ته انهي کي نيڪ نيت ۽ نيڪ نظر هجڻ ڪري هڪ بسم الله شريف جو پڙهڻ ئي ڪافي ۽ بس آهي ڇو ته بسم الله شريف سارن ڪتابن آسماني جي برڪتن سان ڀرپور آهي. اها بسم الله شريف اها پهرين آيت الاهي آهي، جا زمين جي مهن تي حضرت آدم ابو البشر عليہ السلام تي نازل ٿي. پوءِ حضرت آدم فرمايو ته هاڻي مون ڄاتو ته جيستائين زمين تي بسم الله هوندي ۽ منهنجو اولاد انهي کي وظيفو ڄاڻي پڙهندو ته دوزخ جي عذاب اليم کان امن ۾ رهندو ڇو ته بسم الله شريف رحمت ۽ امان واري آيت آهي. جنهن جي نور برڪت سان حضرت ابراهيم خليل الله نمرودي باه کان بچيو ۽ حضرت موسى ڪليم الله فرعون بي عون جي حمله کان بچي امن سان درياءَ کان پار پهتو. جڏهن حضرت سليمان عليہ السلام تي نازل ٿي آئي ته ملائڪن الله پاڪ جو قسم کڻي فرمايو ته هاڻي تنهنجي بادشاهي برقرار ٿي ڪامل رهندي. ڇو ته هي آيته رحمت ۽ امان واري نموني نازل ٿي آهي پر جڏهن وري محبوب مدني عربي عدني تي سوره نمل ۾ نازل ٿي ته کيس انهيءَ جي برڪت ڀرپور سان فتح عظيم حاصل ٿي گويا ڄڻ بسم الله ئي فتح عظيم آهي. اها نمل واري آيته هن طرح آهي ته انہ من سليمان وانہ بسم الله الرحمان الرحيم) انهي ڏينهن کان وٺي سيد الڪونين صلي الله عليه وسلم جن پنهنجن اصحابن احبابن کي حڪم فرمايو ته سڀ ڪنهن سورت جي اول ۾ بسم الله الرحمان الرحيم لکو ۽ هر ڪتاب ۽ هر دفتر جي اول ۾ بسم الله شريف لکڻ گهرجي. ۽ الله پاڪ جو قسم کڻي فرمايائين ته جو به ٻانهو مؤمن ڪنهن به ٽول حلال تي بسم الله پرهندو ته ان ۾ باري تعالى گهڻي برڪت وجهڻ فرمائيندو. ۽ فرمايائين ته بسم الله پڙهندڙن لاءِ دوزخ کان حجاب ۽ پردو ٿيندي انهي جا جمله حرف 19 آهن جي اڻويهن دربانن دوزخ جي کان بچائي وٺندا ۽ ٻي حديث ۾ آهي ته هي بسم الله شريف ترازو جي هڪ پڙ ۾ رکجي ۽ ٻي پڙ ۾ 7- ست آسمان ۽ ست زمينون ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ شيون رکجن ته بسم الله وارو پڙ ڳورو ٿي پوندو ڇو ته بسم الله شان ۽ برڪت ۾ سڀني شين کان ڀلاري آهي. بفحوي الحديث  مفتاح القرآن بسم الله الرحمان الرحيم يعني بسم الله شريف ساري قرآن ڪريم جي ڪنجي آهي) پر سورتن قرآن ڪريم جي پهرين سورت جا سرور ڪائنات مفخر موجودات تي نازل ٿي، اها سورت علق آهي. جنهن ۾ سبحان سائين سردار ڪريم کي پهريان حڪم بسم الله جي پڙهڻ جو فرمايو ته اقراء باسم ربڪ الذي خلق الايه اي محمد چؤ تون بسم الله الرحمان الرحيم تنهن کان پوءِ پڙهه تون) هن مان ثابت آهي ته اقراء باسم ربڪ- بسم الله کان سواءِ نازل ٿي آهي. امام بخاي رحمته الله عليه ان ۾ هن طرح تصريح ڪرڻ فرمائي آهي ته هادي حڪيم پنهنجي حبيب رئوف رحيم کي بسم الله پڙهڻ جو حڪم ٻن سببن جي ڪري ڪرڻ فرمايو هڪ ته بسم الله جي پڙهڻ سان قرآت ۾ قوت حاصل ٿيندي 2. ته بسم الله پڙهڻ ڪري پنهنجي مولا پاڪ سان اُنس جو اظهار ٿئي ٿو ڇو ته اسم جو انس مسمى جي انس الفت ڏي مفضي ۽ موصل هوندو آهي. هکذافي تفسير روح البيان.

نعت بسم الله شريف

از طبع خاڪ صديقي ڪاندهلوي ثم نصير آباد

ڪنجي قرآن ساري جي ڀلاري پاڪ بسم الله

ابن عباس کان آهي روايت ٿي رسول الله

ٻيو اهڙو نه آهي ڪو وطيفو ڪنهن ڪتابن ۾

مڪي اول مٺي مولا مٿي آدم صفي الله

اسم اعظم اهو ئي آ وڌائي ساڻ برڪت جي

دنيا اولاد مالن کي قسم آهي ڪلام الله

ڪمايو هن وظيفي کي محبت سان مڙي مومن

عجب اسرار ان اندر رکايو رمز سان الله

سبق استاد کان طالب وٺي بسمي ڇٽن چارئي

معلم ماءُ پيءُ تنهنجي چيو حضرت حبيب الله

حروف 19 –اڻويهه جي بسمي طفيلي تن ته دوزخ جا

ٽرن اڳواڻ اڻويهئي چيو نرمل نبي الله

بدن ۾ ورد بسمي جو رکج تون ”خاڪ“ خوشدل ٿي

ڪرم ۽ فضل پنهنجي سان ڪري واحد ولي الله

توحيد جي تعريف ۾ پنهنجي نامدار جو نظريو

نمبر 2- 1 (بيت) چو ته الله هيڪڙو وائي ٻي ۾ سک

لکيون پيو لک سچو اکر من ۾)

شرح- هن بيت جو شرح شافي ٻن پهلن تي مشتمل آهي هڪ ظاهري شرعي پهلو ٻيو باطني پهلو شرعي پهلو سان هي بيت ڀٽ ڌڻي جو سورة اخلاص جي پهرين آيت جو هوبهو ترجمو آهي-  سورت اخلاص مڪي آهي نه مدني انهي سورت سونهاري ۾ چار آيتون آهن هر هڪ آيت سرتاج سنڌ جي هن بيت مذڪور ۽ هيٺين نمبر وار بيتن جو پورو پورو شرح آهي. نمبر اول بيت جو شرح هي پهرين آيت اخلاص جي (قل هوالله احد) آهي يعني چئو ته اهو الله هڪڙو آهي) شان نزول ان سورت سونهاري جو ٻن روايتن سان مروي آهي. 1- قريشن جي هڪ گروه محبوب مدني کي چيو ته تون اسان کي انهي الله جي وصف واکان ٻڌاءِ جنهن جي عبادت ڏي اسان کي سڏي رهيو آهين پوءِ  اها سورت سونهاري نازل ٿي. 2- تفسير معلم ۾ آهي ته يهودن جي هڪ ٽولي چيو ته اي ابو القاسم پنهنجي پروردگار جي اسان کي صفت ساراه ٻڌايو ته اسان توتي ايمان آڻيون ڇو ته اسان تورات ۾ ان الله جي صفت لکيل ڏٺي اهي پوءِ اها سورت نازل ٿي. حديث ۾ آهي ته اخلاص سورت کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ثواب ڏهن سيپارن جو حاصل ٿيندو آهي ۽ ٽن ڀيرن پڙهڻ سان ساري قرآن ڪريم جي ختم ڪرڻ جو ثواب ۽ اجر پڙهندڙ کي درگاه پاڪ جي مان پلئو پوندو آهي. شيخ ابو علي رودباري جو چوڻ آهي ته شرڪت دائر آهي عدد ۽ تلقب ۽ علت ۽ معلول ۽ شڪل ۽ ضد ۾ پوءِ الله تعالى هو الله احد فرمائي عدد ۽ ڪثرت جي نفي ڪرڻ فرمائي ۽ الله الصمد فرمائي تقلب ۽ تنقص کان پاڻ کي پاڪ ڪيائين ۽ لم يلد ولم يولد فرمائي علت ۽ معلول کي نفي ڪرڻ فرمايائين ۽ ولم يکن له ڪفواً احد فرمائي اضداد ۽ اشڪال جي نفي ڪرڻ فرمائيان. 2- باطني پهلو سان انهي سورت سونهاري کي اخلاص جي امتيازي لقب سان نروار ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اها سورت سونهاري عاشقن عارفن واسطي خاص درس معرفت حق جو آهي تنهن ڪري سدائين سالڪ سورت اخلاق کي نماز تهجد واري ۾ فاتح پڙهڻ کان پوءِ بطور تڪرار پڙهندا رهندا آهن. تنهن ڪري جناب سرتاج سنڌ به هر هڪ آيت اخلاص جي ۾ بطور معنى ۽ تشريح جي چار بيت نمبروار چوڻ فرمايا آهن جن جو بيان ترتيب سان تفصيل وار ٿيندو رهندو.

پهرين نمبر بيت ۾ ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته اي انسان تون اُنس ۽ الفت سان سچو انسان بڻي هڪ الله جو درس دل جي دهلن ۽ زبان کي چوراءِ نه فقط چوراءِ پر انهي اسم ذات کي پنهنجي قلب واري پٽي تي لکي لکي اهڙي ته مشق ڪر جو تنهنجو اندر اجرو ٿي آئينده ديد ار نما جو لائق ٿئي غير الله کي ڪڏهن به دل ۾ رهڻ جو دنگو نه ڏي ۽ نه زبان سان غير جي ٻولي ٻول هن بيت جي تائيد تقويت ۾ اخلاص جي پهرين آيت مذڪوره شرح جو ڪم ڏئي چڪي آهي انهي آيت جي ٽن اسمن مان صوفين جي اصطلاح موجب ٽن مقامن ڏي اشارو آهي. هو جو اشارو مقام اول ڏي آهي جو مقام مشتاقن مقربن جو آهي ۽ اسم الله جو اشارو ٻي مقام ڏي آهي جو مقام اصحاب اليمين جو آهي جو مقام اولى کان ڪجهه گهٽ آهي ۽ اسم احد جو اشارو مقام ثالث ڏي آهي جو مقام اصحاب الشمال جو آهي، هي مقام سڀني مقامن کان گهٽ ۽ خسيس آهي. لطيف لاثاني لاڏلو لامڪاني ٻي مقام کان مافوق ٿي مقام اولى جو مصداق ۽ مستحق نظر اچي ٿو ڇو ته سندس ابيات ترجمئه آيات مان سندس قرب ۽ ڪماليت واري تصوير اهل بصيرت وارن اڳيان نروار ٿي رهي آهي موجب قول  ديوان مخفي جي. هر که ديدن ميل دارد درسخن بيند مرا درسخن مخفي چنالم بوئي چون در برگ گل هن ساري تحقيق انيق مان ظاهر آهي ته لطيفي لات جي نظريه اقدس موجب سچو انسان اهو آهي جنهن جي دل واري پٽي تي الله جو اسم ذاتي اڪريل ۽ لکيل آهي جنهن اسم ذات جي انس الفت کان انسان گهڙي به غافل نه رهي وگر نه انسان جي عالي درجه کان هٽي حيواني درجه جو حقدار رهندو جيئن جو ڀٽائي رحه جي نظريه جي تائيد مزيد فقير خاڪ جي زيرين مخمس مان پڻ ظاهر آهي جو مخمس هوبهو هيٺ درج ڪجي ٿو.

آس الف اُنس سان انسان ٿي حيوان نه ٿي

قرب وڙ سڪ سرس سان انسان ٿي حيوان نه ٿي

جوش جذبي جنس سان انسان ٿي حيوان نه ٿي

پي پيالو پرت جو پير مغان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

ميٺ سک ميٺاج سک ماکي جي مک جي ماٽ سک

کير کنڊ ٿي پاڻ ۾ پائڻ ڳراٽي ڳاٽ سک

ميٺ مان ماکي بڻي اڃ عشق جي اوساٽ سک

پرت سک جو پرت وارن پاسبان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

فڪر ڦرحي تي لکي ڪو انگ عبرت خيز ٿي

رمز وحدت جي رڱڻ سان روح جي رنگريز ٿي

انگ اڪرائي اندر ۾ پاڻ وڃ انگريز ٿي

راه وحدت رمز جو روح و روان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

دل به هڪ دلدار هڪ دل ڏي فقط دلدار کي

يار سان ياري رکي دل ڏي نه ڪنهن اغيار کي

ديد دل سان ماڻ پو منٺار جي ديدار کي

نحن اقرب نيهن جو نالو نشان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

هوت هڪ هر هنڌ حاضر وات وائي ٻي نه سک

ٿي نه ٽيڏو وجهه ٻيائي کي نه انڌي وانگي ٻک

جسم جي ۾ جان هڪڙي روح رهبر ساڻ رک

درد دل جو درد افزا داستان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

عبرتي اک ساڻ اچ تون انجمن اوطاق ۾

ڳول پنهنجو يار وڻ ٽڻ ۽ زمين افلاڪ ۾

فرش عرشي انفسي ايوان ۾ آفاق ۾

آفتاب عشق جو آ آسمان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

عشق وارن جي اڳيان اشياءَ عالم آيتون

رمز وارن لاءِ دنيا ۾ رموزي راحتون

سوز سڪ وارن جون عبرت جي اندر سڀ ساعتون

ذوق ذاتي جي ڪري زينت زمان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

وره جي وائي سدائي ورهه واڻن کي وڻي

ورهه وارن کي وسيلو ڄاڻ ٿي پيرن پڻي

بره جي شهباز سان برميچي ڇا اڏندي چڻي

ورهه واري وات جي ظاهر زبان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

سور سک ڇا پور ۾ پلپل پنهل جو پور رک

سور سارا سڀ سٽي سيني سڄڻ جو سور رک

دلربا ديدار دي ديدار ٻيا سڀ دور رک

سالڪن جي سوز سڪ جو ساريان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

سنڌ ٿي سر سبز ساري سنڌ جي سردار سان

باغ ۾ آئي بهاري باغبان بيدار سان

وئي ٽڙي ٽانگر جي ٽاري ڀٽ ڌڻي ڀوتار سان

بلبلن جي ڏڻ جو سونهون ۽ شبان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

سنڌ جي سرتاج تي اڄ سنڌ کي پڻ ناز آ

جا بجا ورسي ملهائڻ جو عيان آواز آ

سنڌ ڇا ٻي هنڌ جٿ ڪٿ ڀٽ ڌڻي ممتاز آ

پاڪ پاڪستان ۾ آ آستان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

موج دريا جي سپن جو گهوٽ گوهر آ لطيف

سنڌ جي صوفين سندو سرتاج سرور آ لطيف

بخت ۽ اقبال جو اقبال برتر آ لطيف

لاڏلو لاهوت جو ۽ لامڪان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

رمز روحاني سان ڀريل آ رسالو شاه جو

مي محبت سان پيالو پير مقالو شاه جو

نيهن وارن ڏي نياپو آ نرالو شاه جو

ڪاپڙن جي ڪاروان جو ڪاربان عبداللطيف

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

خاڪ ڀٽ ڇا سنڌ ساري باغ ٿي سرتاج سان

رات گوندر جي گذر ٿي روز شادي ڪاج سان

ويو لطيفي ٿي لقا محبوب جو معراج سان

غرق رحمت هو به- هردم بيگمان عبداللطيف        

    1961ع

باغ سڪ سنڌي سخن جو باغبان عبداللطيف

3- بيت نمبر 2- دوست ڪهائي دادلا محب مارائي

خاص خليلن کي ٿو سختيون سهائي

الله الصمد بي نياز سان ڪري جا چاهي

انهي ۾ آهي اونهي ڳالهه اسرار جي-

شرح:- ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته الله تعالى باري بي پرواه پنهنجي صفت صمدي بي نيازي واري سان اهڙو ته مستقل ممتاز آهي جو ساري ڪائنات ڇا بلڪ ڪائنات دنيا جا دادلا ۽ محبوب ۽ خليل پڻ سندس درگاه جا نياز ڪيش ۽ محتاج آهن. پاڻ ڪلي اختيار اٿس جو ڪجهه به ڪرڻ چاهي ته ڪرڻ تي قدرت ڪامله سان پوري طرح قادر آهي، تنهن ڪري جي پنهنجي قدرت ڪامله ڪن ڪاملن ولين چاهي پيارن پيغمبرن ۽ خليلن خاصن تي هلائي ته کيس آڏو اچڻ وارو ڪو به ڪونه آهي. پر درگاه جي دادلن ۽ خاصن خليلن کي سختيون سهائڻ ۾ سندس اسرار جي اونهي ڳالهه رکيل آهي  جنهن کي فقط پاڻ ٿو ڄاڻي ٻي کي سندس ڄاڻائڻ کان سواءِ ڪو به پتو پرو ڪونه آهي. هن ٻي نمبر بيت جو پورو پورو شرح هي ٻي آيته اخلاص جي آهي (الله الصمد) يعني الله بي نياز آهي) آيت شريف ڏسڻ ۾ ننڍي آهي مگر مٿئين ساري نظريه شاه جي کي حاوي ۽ محيط آهي طوالت جي خوف کان سندس تشريح تي زياده توجهه نه ڏنو ويو آهي ڇو ته اسان جو غرض فقط شاه جي هر هڪ بيت کي آيت سان ربط ڏيکارڻ جو نه ڊگهي تفسير جو. 4 بيت نمبر 3) نه ڪنهن ڄائو ڄام کي نڪو ڄام وياء، ننڍي وڏي گندري سڀن آهه سياءُ، لم يلد ولم يولد اي نجابت نياءُ، ڪبر ڪبرياءُ تخت تماچي ڄام جو) سر ڪاموڏ) شرح: ڀٽ ڌڻي فرمائي رهيو آهي ته منهنجي محبوب  ڄام هردم همام کي نه ڪنهن ڄڻيو آهي نه ڪنهن کي ڄام ڄڻيو آهي بلڪ ننڍي وڏي گندري يعني ننڍن وڏن نوري حضوري جي هم جنسن سان سندس روحاني رابطو بفحوي الکريمہ ونفخت فيہ من روحي وارو آهي جنهن نسبت نروار کي بيت جو جملو- سڀن اُهه سياء  چٽي پٽي دلانت ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري ننڍن مان مراد عام آدمزاد ۽ وڏن مان مراد وڏا اولي العزم  انبياءَ وغيره آهن گندري مطلق آمدزاد کي هن ڪري ڀٽ ڌڻي پنهنجي نظريه موجب فرمايو آهي جو گناهن جي ارتڪاب سبب فقط بندو گندوئي گندري جي اطلاق جو مصداق ٿي سگهي ٿو نه غير باقي رهي گندري جنس مان اتم اعزاز واري نوري حضوري جا پنهنجي پاڪائي ۽ سيرت صورت سان سينگاريل هجڻ ڪري لولاڪ لما خلقت الافلاڪ جو تاج مٿي تي ڌري ۽ لقب نوري جو بفحوي الکريمہ  قدجاء کم من الله نور) ماڻي ڄام تماچي جي روحي راڻي ٿي رهي جنهن کي سڀني گذرن وچان رفرف واري گاڏي تي چاڙهي ملڪوتي معراج ماڻايائين تنهن کي تماچي تخت ڌڻي صحي سنڃاڻي نور جو لقب مٿس موهجي ڏيڻ فرمائي پنهنجي ٻاجهه جو ٻيڙو عرشن تي آڻائڻ وارو فقط نوري جي ٻانهن ۾ ٻڌو جنهن ڳالهه ڏي هيٺيون بيت ڀٽائي جو اشارو ڪري رهيو آهي(بيت) هٿين پيرين ارکڻين مهن نه مهاڻي جئن سڳو وچ سرندڙي تيئن راڻن ۾ راڻي اصل هئي ان کي اهل ڄاماڻي سمي سنڃاڻي ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾. هن بيت مان به ظاهر آهي ته نوري لقب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو آهي ڇو ته حقيقت محمدي کي پوري پوري نسبت نور ذاتي سان آهي جنهن جو اشارو جمله- اصل هئي ان کي اهل ڄاماڻي) مان اظهر من الشمس آهي، هتي هن بحث کولڻ جو موضوع نه هو پر گندري جي لفظ تي ٿوري روشني وجهڻ خاطر ڪجهه نه ڪجهه  اشاري طرح بيان ڪرڻ ۾ آيو آهي و گر نه تحقيق انيق سان تفصيل انشاءَ الله تعالى بشرط بقاءِ حياتي جي ٻي رساله جي هٿ ۾ کڻڻ وقت گندري جي  بحث ۾ ڪيو ويندو. آمدم بر موضوع خود. هي آيت الاهي سورت اخلاص جي ٽي آيته آهي ته لم يلد ولم يولد) يعني نه ڄڻيائين ۽ نه ڄڻيو ويو آهي) انهي آيت کي جا سندس بيت جو پورو پورو شرح آهي تنهن کي جناب ڀٽ ڌڻي بطور تضمين جي پاڻ پنهنجي بيت مذڪور ۾ درج ڪرڻ فرمايو آهي جنهن آيته جو ماحصل هي آهي ته برابر ڀٽائي صاحب جي نظر موافق اهو حقيقي هوت تماچي ڄام جيئن زال ۽ اولاد کان پاڪ آهي تيئن پنهنجي پاڪ ذات هجڻ ڪري ماءُ پيءُ  جي ڌارڻ کان پڻ منزه ۽ پاڪ آهي بلڪ اهو عرش ڌڻي ازل کان ابد تائين هميشه قديم ۽ عيبن نقصانن کان منزه ۽ پاڪ آهي ۽ هوندو- آيت جي لفظ لم يلد ۾ يهودين جو رد آهي جو انهن حضرت عزيز عليه السلام کي پروردگار جو پٽ سڏيو هو- ۽ ولم يولد ۾ رد نصارن جو نروار آهي جن حضرت عيسى ابن مريم کي پنهنجي اونڌي اعتقاد ۽ ٺلهي ويساه موجب خداء ٺهرايو هو- باقي سندس بيت جي آخرين سٽ (ڪبر ڪبرياءُ تخت تماچي ڄام جو) هي هيٺين حديث قدسي پورو پورو شرح آهي (حديث) الکبرياءُ ردائي) يعني چائت ۽ تڪبر منهنجي چادر آهي) پر هتي حضرت سرتاج سنڌ شاعرن جي شاه اهڙي ته نازڪ خيالي ڏيکارڻ فرمائي حديث جو ترجمو ڪرڻ فرمايو آهي جو دنيا جو ڪو به ديدور يا شاعر اهڙي نازڪ خيالي سان حديث جو ترجمو تحسين جوڳي طرز تي لطيف لاثاني وانگي ڪڏهن به ڪو نه ڪري سگهي هان ڇو ته جناب سرتاج سنڌ جو اهڙو ته ادب عشق وارو پنهنجي پاڪ پنهل سان آهي جو سڄڻ حقيقي پاڻ بذات خود اقراري آهي ته چائت جي چادر فقط پنهنجي مٿي تي ٺهي ٿي- پاڻ ڀٽ ڌڻي ادب کي آڏو آڻي حديث جو ترجمو مٽائي هئن سهڻي پيرايه ادب سان بيان ڪري رهيو آهي ته ڪبر ڪبرياء تماچي ڄام جي قدمن پاڪن جي رکڻ جي جاءِ تخت آهي جو منهنجي محبوب پاڪ جي قدم مبارڪ هيٺ ٺهي ٿو نه محبوب جي مٿي تي اگرچه محاوره اتفاقيه موجب هٺ ۽ ڪبر گهڻو مٿي ۾ جاء گزين ئي موج زن هوندو آهي پر تنهن هوندي به لطيف سائين ادب ناڪ نازڪ خيالي موجب پنهنجي پنهل پاڪ تي ڪک به نه سهي ادب ۽ عشق جي هڪ نئين راه ايجاد ڪرڻ سان پاڻ کي ممتاز فرمايو آهي ان سان گڏوگڏ حديث قدسي جي ترجمي ۾ به تر جو تفاوت ضرر پذير سرزد نه ٿيو آهي بلڪ وڌيڪ تحسين جوڳو ثابت ٿيو آهي-

 5. بيت نمبر 4- وحده لاشريڪ لہ ٻڌئي نه ٻوڙا

يا تو ڪنين نه سڻوء گهٽ اندر گهوڙا

ڳاڙيندين ڳوڙها جڏهن شاهد ٿيندئي سامهان-

شرح:- سرتاج سنڌ سمجهائي ٿو ته اي ڌڻي پاڪ مالڪ الا افلاڪ جا سچا صادق ٻانهان تون غفلت جي ڪپہ ڪنن مان ڪڍي ڇڏ - لاشريڪ لاؤبالي  سرڪار جي سڏ ٻڌڻ کان ٻوڙو ٿي نه ويهه پر جي اڃان تائين سڏ سرڪاري تنهنجي ڪن نه ٻڌو آهي بلڪ شتريي مهار وانگي غفلت جي گردب ۾ پنهنجي عمر گذاري رهيو آهين ته پوءِ تنهنجي ايڏي گهري غفلت تي گهوڙا گهوڙا ۽ ارمان ڪرڻ گهرجي- هاڻي به هشيار ٿي پاڻ سنڀالي انهي الله پاڪ جو سڏ سهڻو قلب جي ڪن سان ٻڌي وٺ جنهن جهان جي باني مباني جو ڪو به شريڪ ثاني ڪونه آهي- پر جي اڃان به ويل حياتي تي حسرت کائي هشيار ۽ بيدار نه ٿيندين ته حشر حساب جي ڏينهن زبردست ذات واري حاڪم جي آڏو حساب ڪتاب ٿيڻ وارو آهي، جٿي تنهنجا پنهنجا عضوا به توتي شاهدي ڏيندا ته انهي مهل توڙي پشيمان ٿي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندين ته به ڪمائتا نه ٿيندا. ڇو ته رت روئي منٿ ڪرڻ جو ماڳ هي جهان آهي نه هو جهان- هن چوٿين نمبر بيت جي شرح ۾ هي آيت شريف سورت اخلاص جي آخرين آيته پورو پورو شرح شافي ۽ حجت ڪافي جو ڪم ڏئي رهي آهي. ولم يکن لہ ڪفواً احد) يعني نه آهي الله پاڪ جو ڪو به شريڪ)  هن آيت ڪريمه ۾ عرب جي مشرڪن کي جواب آهي جي مشرڪ بتن ۽ ابرهن کي ذات باري جو شريڪ بنائي پوڄيندا هوا. حاصل ڪلام ته اهو الله ڪريم رئوف رحيم جو سورت اخلاص جي سمورين صفتن سان سينگاريل لا شريڪ آهي تنهن هوت جي ذاتي حقيقت جي ڪنهه تي لکين فڪري فرس ڊوڙائي ٿڪا آهن مگر ڪو به معرفت جي منتهيٰ تي نه پهتو آهي- باقي تنهنجي ۽ منهنجي فڪر فهم ۾ جا معرفت محبوب معنوي جي موج زن آهي انهي فهم فراست کان محبوب قمدس اڃان گهڻو مٿاهون ۽ منزه پاڪ آهي.- انهي ذات ستوده صفات جي ڪنہ بحث ۾ عقل جو اسپ عاجز ۽ فڪر فهم جو فرس وڌائڻ وک کان لنگ آهي انهي ذاتي ڪنهه کي ڪما حقہ ماپڻ ۽ ڪڇڻ ائين آهي جيئن جو – منڊي ڪاموڙي کوه ۾ ويٺي ڪڇي اڀ)  مطلب ته انهي ذات پاڪ جي ڪما حقہ ادراڪ کان هر چيز عاجز آهي فقط اها ذات با برڪت ئي عبادت ۽ سجدي ڪرڻ جي لائق آهي جنهن جي معرفت ۾ هزارين ڇا پر لکين ڪروڙين معرفت جا ماهر به پنهنجي عاجزي جا اقراري  آهن جيئن جو زيرين عربي شعر مان سندن عجز جو اظهار ثابت آهي- اعتصام الورى بمعرفتک عجز الواصفون هن صفتڪ- تب علينا واننا بشرماعرفناڪ حق معرفتڪ) هاڻي جڏهن ڪمال عفان کي حاصل ڪرڻ سولو ۽ سهنجو ڪم نه آهي تڏهن هي اوليا  عارف ڪئن ٿا معرفت جي منزل مان- هائو سوڀ سر جي هن ڀر آهي- تنهن ڪري عارف ڪامل اهي آهن جي فقط معرفت ذات جي فڪر فهم ۾ پنهنجي استعداد علمي موجب مستغرق ٿي- پاڻ کي پوري طرح پنهنجي پاڪ پنهل ۾ فنا ئي ڏين ۽ نابودي  نيستي کي پنهنجو پورو پورو مذهب ۽ دين ڄاڻي معراج آسماني جا مستحق ٿيندا آهن جيئن جو هن ڳالهه کي حضرت مولانا رومي صاحب جي مثنوي واري بيتن هيٺين مان ٽيڪو ملي ٿو- هر ک از هستي نگردد او فنا نيست ره در بارگاه کبريا يست معراج فلک اين نيستي عاشقا نرا مذهب و دين نيستي)  پر جناب سرتاج سنڌ نيهن جي نامدار شاعر قدرتي شاندار نيستي ۽ ڪين هجڻ بابت نيهن وارن ڏي زيرين بيت جي ذريعه نياپو نروار ڪرڻ فرمايو آهي (بيت)  جنين ڀايون پاڻ کي هڏهن ڪري ڪين اهڙا ئي مسڪين در لنگهندا دوست جو) ۽ وري ٻي هنڌ پڻ فرمائن ٿا ته (بيت) نابودي نيئي عبد کي اعلى ڪيو مورت ۾ مخفي ٿيا صورت ۾ سيئي ڪبي اِت ڪيهي ڳالهه پريان جي ڳجهه جي- پر خاڪ ڪاندهلوي وري هيئن نيستي ۽ فنائي بابت پنهنجو نظريو نروار ڪري رهيو آهي- فڪر تنهن ۾ فنا ٻي فڪر کي مان ڇا ڪندس. اجر اعظم عشق جو ٻي اجر کي مان ڇا ڪندس- مطلب ته جيستائين سلوڪي سالڪ ۽ صوفي صادق فڪر جون سڀ فنايون نه وٺندو تيستائين معرفتي معراج ماڻڻ محال آهي باقي جناب شاه صاحب جي بيت مذڪور جي آخرين سٽ يعني ڳاڙيندين ڳوڙها جڏهن شاهد ٿيندئي سامهان)  جو پورو پورو شرح هي آيت الاهي آهي ته يوم تشهد عليهم السنتهم وايديهم وار جهلم بما کانوا يکسبون) يعني انهي ڏينهن ڏوهين جي مٿان سندن زبانون ۽ هٿ ۽ پير شاهدي ڏيندا تن ڏوهن بابت جي ڏوهه ڪيائون ٿي) تنهن ڪري توکي ۽ مون کي اڄ کان وٺي غفلت جي گهري ننڊ مان بيدار ٿي سچي نيت ۽ سچي عزم ايرادي سان توبهه تائب ٿي پنهنجي رٺل رب کي رجهائي ڪيل ڪوتاهن جي معافي وٺن گهرجي ڇو ته هي جهان ئي ماڳ منٿ ۽ زاري نيزاري جو آهي ته هو جهان وگر نه حساب جي ڏينهن هم عضون جي گواهي  گذرڻ بعد بادشاه بي پرواه حاڪم حقيقي- حاضرين ملڪن کي حڪم فرمائيندو ته هن مجرم ڏوهي کي جهنم جي جبل ڏي جلد وٺي وڃو اتي هو ڏوهي پشيمان ٿي-پنهنجن عضون- انگڙن تي ملامت ڪندو ته توهان پاڻ تي پاڻ ڇو شاهدي ڏني- هو جواب  ۾ چوندا ته اسان جو انهي ۾ ڪو به اختيار نه هو – اسان کي انهي الله ڳالهرايو آهي جو سائين سڀ ڪنهن شئي کي ڳالهرائي سگهي ٿو – اهڙي طرح هر زمان ۽ مڪان ۽ ڏيهن رات وڻ ٽڻ وغيره به حڪم حاڪم حاڪمن جي سان شاهدي ڀري ڀري ڏيندا – تڏهن انهن جي گواهي کان رهائي ۽ ڇوٽڪارو هن ڳالهه ۾ آهي ته اسان اڄ ڏينهن کان وٺي ڪيل قصورن جي مولا پاڪ کان معافي وٺي پنهنجي الله ارحم راحمين سان  هي نئون عهد انجام ٻڌون ته اي الله ارحم اسان تنهنجي توفيق رحمت رفيق موجب تنهنجو نيهن نروار ٿي نباهينداسون ۽ غير الله جي دوستي کي دم ۾ دور ڪري تنهنجي درپاڪ تي دردن جي داس جو دونهون دکائي ويهي رهنداسون انهي سان گڏ فقط تنهنجي ذڪر فڪر ۾ محو ۽ فنا ٿي گذارينداسون مگر مداحي تنهنجي مدد ۽ معاونت جا اشد محتاج آهيون- ڌڻي جي درٻار اڳيان دود دکائي ويهڻ بابت ويچاري خاڪ پڻ چڱو مشورو ڏنو آهي (غزل) دود دردن داس جو دل ۾ دکائي دود ويهه سوزسڪ سانڍڻ سوا ساعت نه هڪ بي سود ويهه 1- ساه ۾ سوغات سڪ جي سانڍيون پيو سانڍ تون ورنه اي بدڪار تون ٿي باد جو پيمود ويهه 2-  باد جي پيمود مان حاصل نه حظ دمڙي هجي قلب اُجريل ساڻ تون ٿي يار وٽ مسعود ويهه، 3- سوز سڪ سودي برابر سون چاندي ڇا ٿئي سون سر صدقي سڄڻ تون ڪر ڪري آسود ويهه. 4- نفس اماره ايازي نياز نوڙت جڏ ڪري  تون سدا تنهن جي مٿان سلطان ٿي محمود ويهه، 5- فڪر جون ماڻي فنايون رهه فنا جي فوز ۾ با بقا باقي بڻي موجود سان  موجود ويهه 6- جود جذبي جسم سان تون جود جو پڻ جود ٿي مان منصب ۾ وڌي ملڪن جو ٿي مسجود ويهه 7- عشق ذاتي سان اڃابت ۾ عبادت ٿي اچي بود کان بيزار رهه ۽ خاڪ ٿي نابود ويهه) وگر نه جي پنهنجي انجام جي پوءِ واري نه ڪئي سون ۽ ڌڻي پاڪ جي دوستي ۾ ڪاهل رهي ويو ملعون جي دوستي ۾ پنهنجي ڪيل پيمان ۽ عهد انجام کي ڇني غير سان بي غيرت ٿي ڳنڍيوسون ته پوءِ اسان جي حال بدخصال تي جيترو ٿي سگهي اوترو رت جا ڳوڙها ڳاڙڻ  گهرجن جيئن ڪنهن ڪامل شاعر فارسي زبان ۾ فرمايو آهي ته (بيت) بقول دشمن پيمان دوست بشکستي به بين کز بزيدي وبا که پيو ستي)  اهڙي خواجه سعدي رحمته الله عليه اسان جي بدتر حال تي حشرت کائي هيئن چوڻ فرمايو آهي ته (بيت)  دريغ ست که فرموده ديوزشت که دست ملک برتو خواهد نوشت- رواداري از جهل ونا پکيت که پاکان نويسند ناپاکيت طريقي بدست آرو صلحي بجوئي شفيعي برانگيز و  عذر بگوئي که يک لحظ صورت نه بندد امان چو پيمانه پرشد بدور زمان – ايضا- در خير بازست و طاعت وليک نرکس تواناست برفعل نيک- مٿين بيتن جي ترتيب وار معنى پوري طرح هيٺ نمبر وار ڏجي ٿي 1- دشمن جي چوڻ سان دوست جي دوستي جو انجام ڇنو ٿي انصاف سان ڏسي ٻڌاءِ ته ڪنهن سان ڇني رهيو آهين ۽ ڪنهن سان ڳنڍي چڪو آهين 2- افسوس آهي جو شيطان جو ڪرايل ڪم توتي ملڪ جو هٿ پاڪ لکندو 3- جهل ۽ ناپاڪائي کان تون هي ڳالهه جائز ڄاڻي ٿو ته پاڪ فرشتا تنهنجي پليدي لکن 4- صلح جي واسطي ڪو طريقو هٿ ڪر اڳ ۾ سفارشي ساڻ ڪري پوءِ گناهن جي معافي گهر 5- جڏهن دنيا جي دور ۾ تنهنجي حياتي جو پيالو ڀرجي پورو ٿيندو ته هت هڪ گهڙي به توکي امن جي صورت نظر نه ايندي 6- دروازو خير ۽ عبادت جو کليل آهي پر هر شخص چڱي ڪم جي ڪرڻ تي قادر نه آهي جيئن جو زيرين بيت ۾ آهي ته (بيت) اين سعادت بزور بازو نيست تانه بخشد خداءِ بخشنده 6- بيت ايک قصر در لک ڪوڙيين سهسين ڳڙکيون جا ڏي ڪيان پرک تاڏهون سڄڻ سامهان) شرح:- سرتاج سنڌ جي هن بيت جو مطلب آهي ته سارو جهان هڪ ماڙي جي مثال آهي جنهن ماڙي کي لکين ڪروڙيي دريون آهن پوءِ ديد عبر تي جنهن به دري مان جهاتي پائي ڏسان ته سڄڻ سامهون ٿي پنهنجو ديدار پاڪ پسائي ٿو- غرض ته جناب شاه صاحب ايڏو ته محبوب معنوي جي معرفت ۾ محو جو هرچيز ڪائنات جي ان لاءِ آئينو وصال وحدت جو ۽ هر دري ديد نما آهي جيئن سچل سرمست پڻ فرمايو آهي ته دري منجهارون دوست ڏٺوسون لالن ليڙو پايو تو) پر مولانا سعدي عليه الرحمته جو پڻ قديمي اولي العزم شاعرن مان هڪ فرد فريد آهي تنهن صاحب فرمايو آهي ته- برک درختان سبز در نظر هوشيار هر ورقي دفتري ست هرفت کردگار) پر اڄوڪي وقت جي خاڪسار خاڪ ڪاندهلوي پڻ ذري گهٽ قابل قبول چوڻ چيو آهي (چوڻ) چشم منهنجي تي چٽو ديدار جو چمڪار آ- هر دري دنيا منجهان دلدار جو ديدار آ) حاصل ڪلام ته جناب سرتاج سنڌ جي بيت مذڪور جو شرح شافي ۽ بينا ڪافي ۽ سندس هر چيز مان وصال وافي جي گواهي هن هيٺين آيت شريفه مان بلڪل عيان ۽ آشڪار آهي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com