فصل اٺون
تصوف،
ننڍي کنڊ ايشيا ۽ بالقان ۾
تاريخ جي ڪتابن ۾ جنهن سرزمين کي مختلف نالن
جهڙوڪ: ننڍو کنڊ ايشيا، ديار روم يا اناتوليا نالن
سان ياد ڪيو ويو آهي، سا اڄڪلهه جمهوريه ترڪي جي
حڪومت واري سرزمين آهي. اها سرزمين مسلمانن هٿان
فتح ٿيڻ کان اڳ به ان جي وڏي روحاني تاريخ آهي.
پهاڙن ۾ کوٽي ٺاهيل سوين عبادتگاهون، مذبح
(قربانگاهون)، گِرجا گهر ۽ لا تعداد چله ڪشيءَ ۽
اعتڪاف جون جايون، اهو ٻڌائن ٿيون ته هي علائقو
انهن ماڻهن جي لاءِ نهايت ئي مناسب ماڳ هو، جيڪي
عرفاني، روحاني ۽ دنيا کي ترڪ ڏيڻ جو خيال رکندا
هئا. مسلمانن به انهن علائقن، خاص ڪري استنبول کي
فتح ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حملا ڪيا. تنهن هوندي به
ننڍي کنڊ ايشيا جي مسلمانن جي مڪمل فتح پهريان
سلجوقين ۽ انهن پٺيان عثمانين هٿان ٿي. انڪري
صوفين جي شروعاتي ٽولن جي جدوجهد سنه 463هه کان
شروع ٿي. هن سرزمين تي صوفين جي ڪهڙي ٽولي مڙني
کان اڳ قدم رکيو؟ ان بابت ڪا ٿوري ئي معلومات ملي
ٿي، جنهن جي بنياد تي پتو پوي ٿو ته سڀ کان پهريان
صوفي درويش ”آلپ آرن“ (مجاهد صوفي) هئا، جيڪي اوڀر
طرف کان يعني خراسان ۽ ان جي آس پاس کان اناتوليا
جي علائقن طرف پيا ايندا ۽ اسلام جي تبليغ ۽ ترويج
پيا ڪندا هئا. هڪ طرف، روم جي سلجوقين جي رسمي
ٻولي، فارسي هئي، ٻئي طرف وري جيئن ته اناتوليا
سلجوقين جو واسطو بغداد جي عباسين سان هو، انڪري
مسلمانن جي فتحن جي نتيجي ۾ ڪي عربي زبان صوفي به
اتان کان اناتوليا علائقن ۾ آيا ۽ ڪي عربي ٻوليءَ
۾ ڪتاب به لکيائون.
انهن مان ڪي ”وفائي درويش“ جي لقب سان مشهور
رهيا آهن، انهن کي اهو لقب ان ڪري مليو جو سيد ابو
الوفا بغدادي (متوفيٰ 500هه) سان سندن نسبت هئي،
جيڪو ”تاج العارفين“ جي لقب سان مشهور هو. جيتوڻيڪ
اناتوليا ۾ تصوف متعلق انجام ڏنل تحقيقن ۾ ان
عنوان طرف ڪا خاص اهميت ناهي ڏني وئي، تنهن هوندي
به ان دؤر کان پوءِ واري دؤر ۾ ان مسلڪ جو مٿي
ڄاڻايل خطي ۾ وڏو اثر رهيو آهي. ايتريقدر جو بعد
۾ اچڻ وران دؤرن ۾ مٿي ڄاڻايل صوفين، اتان جي
بابائين سان به ناتو جوڙي ورتو هو،
جنهن جي نتيجي ۾ ”اخي/اخيان“، ”بڪتاشي“ ۽ ”قلندري“
طريقا جوڙي ورتائون. ٻئي طرف وري مغلن وارو حملو،
ڪن ڪبروي صوفين جي اولهه طرف نقل مڪاني ڪرڻ جو
ڪارڻ بڻيو، جن اچي آناتوليءَ کي پنهنجو مسڪن
بڻايو. ان وچ ۾ خاص ڪري جيڪي ٽي شخصيتون پاڻ ڏانهن
ڌيان ڇڪرائن ٿيون، سي هيون هڪ: مولانا روميءَ جو
بابو ”بهاءُ الدين ولد“ ۽ ٻيو هو ”نجم الدين رازي“
۽ ٽيون هيو ”مجدالدين بغدادي“. شيخ نجم الدين رازي
جنهن جو لقب ”نجم رازي“ يا ”نجم دايه“ هو، سنه
617هه ۾ منگولن جي تسلط ڀيري پنهنجي ڪن مريدن سان
گڏ ايران جي شهر همدان مان نڪري پيو ۽ عراق جي شهر
اربيل ۽ موصل مان ٿيندو اناتوليا وڃي نڪتو. پهريان
ته ”قيصريه“ ۾ رهيو، جتي پنهنجو فارسي ٻوليءَ ۾
لکيل ڪتاب ”مرصاد العباد“ لکڻ شروع ڪيائين. وري
سنه 628هه ۾ جڏهن ”سيواس“ ۾ رهيل هو ته اتي
مذڪوره ڪتاب لکي پورو ڪيائين. ان ڪتاب جي شروع
وارن صفحن ۾،اناتوليا جي ڪيترن ئي بادشاهن طرفان
تصوف جي حمايت ۽ خانقاهن جي موجودگيءَ بابت لکيو
آهي.
سلجوقي حڪمران جيترو صوفي مشائخن جو اهڙو
احترام ڪندا هئا جهڙو هڪ مريد پنهنجي مرشد جو ڪندو
آهي. جيئن ملي ٿو: جڏهن غياث الدين ڪيخسرو اول
(متوفيٰ 608هه) ٻيو گهمرو تخت نشين ٿيو ته سندس
پهريون قدم شيخ مجد الدين اسحاق (متوفيٰ 616هه) کي
دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايائين، انوقت هو شام ملڪ جي
سفر تي ويل هو. ڪيخسرو کيس نه رڳو پنهنجو بهترين
مشير مقرر ڪيائين، بلڪه پنهنجي پٽن جو استاد به
ڪري رکيائينس. ڪيترن ئي سالن کان پوءِ جڏهن سندس
پٽ عزالدين ڪيڪائوس تخت نشين ٿيو ته پنهنجي پيءُ ۽
پنهنجي استاد يعني مجد الدين اسحاق کي خليفي
الناصر لدين الله ڏانهن موڪليائين. جڏهن مجد الدين
اتان موٽيو ته ڪيڪائوس کي ”سروال فتوت“ (فقيريءَ
جو چوغو) اچي پرايائين. مٿي ڄاڻايل شيخ مجدالدين،
صدرالدين قونيويءَ جو پيءُ ۽ شيخ الاڪبر محي الدين
ابن عربيءَ جو دوست هو، انڪري مجدالدين جي وفات
کان پوءِ، ابن عربيءَ صدرالدين جي پالنا پنهنجي
ذمي کنئي. ان، صدرالدين قونيويءَ ذريعي ئي ابن
عربيءَ جو فڪر اناتوليا ۽ ايران ۾ پکڙيو.
سنه 602 هجريءَ جي اوائل ۾ خود ابن عربي به
قونيه ۾ هو ته اتي ئي شيخ اوحد الدين ڪرمانيءَ سان
ملاقات ٿيس، ان کان گهڻو عرصو ”رساله الانوار“ ۽
”ڪتاب العظمه و الامر المحڪم“ رسالا لکيائين. ان
کان پوءِ سلجوقي حڪومت جي مرڪز کان گهڻو ڏور ۽
تنهن وقت جي علم ۽ عرفان جي مرڪز ”ملطيه“ ڏانهن
هليو ويو، جتي پورا پنج سال رهيو. جڏهن سنه 612هه
۾ سيواس ۾ هو ته هڪ خواب ڏٺائين. اُتان وري جڏهن
ملطيه موٽي رهيو هو ته پنهنجي ان خواب جي تعبير:
مستقبل ۾، انطاڪيه، ڪيڪائوس هٿان فتح ٿيڻ طور
ڪيائين ۽ پنهنجي ان خواب بابت ڄاڻ خطن وسيلي سلطان
عزالدين ڪيڪائوس کي لکي موڪليندو رهيو.
ان ترتيب سان سلجوقين ۽ ان کان پوءَ عثمانين
جي دؤر ۾، اناتوليا ۾ صوفياڻن خيالن، ابن عربيءَ
جو اثر قبولي ورتو. ايتريقدر جو سندس لکڻيون نه
رڳو صوفين جي خانقاهن ۾ بلڪه مدرسن، تان جو درٻار
جي محفلن ۾ پڙهڻ لڳا. سندس شاگرد قونيوي پڙهائيندو
هو، انڪري سندس درس جي محفل ۾ وسطي ايشيا ۽ ايران
جا شاگرد به شامل ٿيندا هئا. جن ۾ سعيد الدين
فرغاني، مؤالدين جَندي، عبدالرزاق ڪاشاني،
فخرالدين عراقي ۽ قطب الدين شيرازي جهڙن جا نالا
اچي وڃن ٿا، جيڪي مختلف وقتن ۾ وٽس پڙهندا رهيا.
انهن مڙني ۾ قطب الدين شيرازي جي شخصيت مٿڀري هئي
جو منجهس شيخ شهاب الدين سهرورديءَ ۽ ابن عربيءَ
جو فڪر موجود هو.شيخ اشراق شهاب الدين سهروردي
مقتول پڻ حلب ڏانهن اسهڻ کان پهريان ڪجهه عرصو
اناتوليا ۾ رهيو هو، پاڻ وارو ڪتاب ”الواح
العماديه“، سلجوقي حڪمران خرپوت، عمادالدين قره
ارسلان لاءِ، اتي ئي لکيو هئائين. سندس نظريا
اناتوليا ۾ فلسفي محفلن کان وڌيڪ صوياڻين ڪچهرين ۾
پڙهيا ويندا هئا. ان کان گهڻو عرصو پوءِ اسماعيل
رسوخي انقروي (متوفيٰ 1041هه)، جيڪو مثنوي مولانا
روميءَ جو مشهور شارح ٿي گذريو آهي، تنهن سندس
”حڪمت اشراق“ کي ٿورين گهڻين وضاحتن سان، ترڪي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان زماني جي مشهور صوفين مان
هڪ فخرالدين عراقي به ٿي گذريو آهي، جنهن قونيويءَ
واري فصوص جي درس کان متاثر ٿي قونيه ۾ ئي ڪتاب
”لمعات“ لکيو. اهڙي طرح ڪي ٻيا جهڙوڪ: سعيدالدين
فرغاني ۽ مؤيد الدين جندي به صدرالدين جي درس ۾
شريڪ ٿيندا هئا، تن به ڪي ڪتاب، ”شرح فصوص“ ۽ ”شرح
تائيه“ اناتوليا ۾ ئي لکيا. جيڪي به، صدرالدين
قونيوي يا سندس شاگردن جي تدريس جي ڪري ابن عربيءَ
جي فڪر کان واقف ٿيا هئا سي اڳتي هلي عثماني دؤر
حڪومت جا وڏا روشن فڪر بڻيا.
هڪ ٻي صوفي شخصيت جيڪو اناتوليا ۾، سنه 601هه
۾ خليفه الناصر لدين الله جو سفير ٿي آيو هو، اهو
”اوحد الدين ڪرماني“ هو. اهو جيتوڻيڪ ملطيه، سيواس
۽ قونيه ۾ به رهي چڪو هو پر گهڻو وقت قيصريه ۾
گذاريو هئائين ۽ پرڻيو به اتي ئي هو. اناتوليا ۾
رهڻ دؤران هن، حاڪم طبقي توڙي عوام ۾ وڏو مقام ۽
اعتبار ماڻي ورتو هو، جڏهن اتان بغداد سانگي نڪتو
ته زين الدين صدقي کي قونيه ۾ پنهنجو نائب مقرر
ڪري نڪتو. توڙي جو ڪي صوفي جهڙوڪ شمس تبريزي،
اوحدالدين جا مخالف هئا، تنهن هوندي به ابن عربي ۽
سندس شاگرد صدرالدين قونيوي جهڙن جي سندس ڀر ۾
منزلت هوندي هئي.
اناتوليا ۾ هڪ ٻيو صوفي لاڙو ”يسويه“ هو،
جنهن ان طريقي جو بنياد ماوراءُ النهر ۾ احمد
يسوي، عرف ”پير ترڪستان“ وڌو هو. توڙي جو احمد
يسويءَ جو فڪر سڀ کان پهريان وچ اوڀر ۾ پکڙيو، پر
اوليا چلبيءَ جي بقول: ڪيترائي يسوي طريقي جا
مشائخ
منگولن جي ظلم کان ڀڄي نڪتا ۽ اناتوليا ۾ رهڻ
لڳا، ان ترتيب سان يسويءَ جو فڪر هوريان هوريان
اولهه طرف، اناتوليا تائين پکڙجڻ لڳو.
تنهن زماني واري اناتوليا ۾ هڪ ٽيون صوفي
طريقو، بقول ابن بطوطه جي: ”رفاعيه“ هٿان به پيدا
ٿيو هو.
تنهن زماني ۾ انهن کي ”احمديه“ سڏيو ويندو هو، خاص
ڪري ان طريقي جي بانيءَ جي پوٽي پير سيد احمد
رفاعي (سيد احمد ڪوچڪ رفاعي) هٿان پکڙيو، جنهن جو
”آماسيه“ رياست جي ”لاديق“ ضلعي ۾ خانقاه هوندو
هو. ڪن ڪتابن ۾ ملي ٿو: اهو شخص ابن عربيءَ سان
مليو هو ۽ ان جو مريد به ٿيو هو. ان کان علاوه
ستين صدي هجريءَ ۾، يوسف خلوتيءَ نيغده/نيڪده
(Nigde)
شهر ۾ خانقاه به هوندو هو، ان جي موجودگيءَ مان
پروڙ پوي ٿي ته عثماني حڪومت قائم ٿيڻ کان ٿورو
وقت اڳ ”خلوتي“ طريقو اناتولين ۾ اچي چڪو هو.
اناتوليا ۾ بزرگ صوفيءَ مولانا جلال الدين
روميءَ جي اثر جا ٻه ذريعا رهيا آهن:
هڪ، ان جي فڪر جو اهو اثر جيڪو هن پنهنجي عشق
۽ سوز ڀري شاعريءَ ذريعي، تڏهن کان وٺي اڄ تائين
جي هر صوفي طريقي جي عارف ۽ عاشق تي ڇڏيو. هن جو
شاعرانه ڪلام اناتوليا ۾ شعر جي الهام جو سرچشمو
رهيو آهي. سندس شعر، صوفي توڙي غير صوفي شاعرن تي
هميشه پنهنجو اثر ڇڏيندو رهيو آهي، جنهن ڪري
اناتوليا ۽ بالقان جي اڪثر ملڪن ۾ سندس مڪمل شعر
يا ان جي ڪجهه حصي ۽ خاص ڪري مثنويءَ جون ڪيتريون
ئي شرحون لکيون ويون آهن. جن مان مکيه اسماعيل
آنقروي، صاري عبدالله افندي ۽ احمد غوني بيگ جون
لکيل شرحون آهن.
ٻيو، خاص ڪري اناتوليا ۾ سندس مخصوص طريقي
ذريعي، جيڪو ”طريقت مولويه“ طور به معروف هو، جنهن
جو باني سندس پٽ ”ولد چلبي (بهاءُ الدين سلطان
ولد) ۽ سندس پوٽي ”اولو عارف بيگ“ هئا. مولانا جي
وفات کان پوءِ لڳ ڀڳ سنه 672هه جي، شايد ”سلطان
ولد“ مولوي طريقي جي پهرئين خانقاه جو باني بڻيو.
سنه 712هه ۾ سلطان ولد جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ
اولو عارف چلبي نه رڳو هن طريقي کي پري پري وارن
علائقن تائين متعارف ڪرايو، بلڪه شرط به مقرر
ڪيائين ته هن طريقي جو شيخ فقط اهو ئي ٿيندو جيڪو
مولانا جي اولاد مان ۽ ”چلبي“ لقب وارو هوندو. ان
طريقي جو مرڪز قونيه کي بڻايائين. اهڙي طرح مولوي
طريقو هڪ موروثي ۽ هڪ ئي مرڪزيت جي صورت ۾ اولو
عارف چلبيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ مقرر ٿي پيو.
جيتوڻيڪ سلجوقي، قره ماني ۽ سارو خاني حڪومتون ان
طريقي جي حمايت ڪنديون هيون، پر ٿوري وقت گذرڻ کان
پوءِ عثماني حڪومت جي به حمايت حاصل ٿي پيس.
مولانا جو نظريو، باقائده هڪ ترتيب ڏنل طريقي جي
صورت ۾، جنهن کي پٽ ۽ ڏوهٽي قائم ڪري ورتو هو، فقط
عثماني شهنشاهيت جي سرحدن تائين محدود ٿي ويو.
ان دؤر وارين صوفياڻين جدوجهدن جي پاسي ۾ هڪ
خوني ويڙهه به شروع ٿي پئي جنهن جو سرواڻ ”بابا
الياس“ نالي هڪ صوفي درويش هو. اڄڪلهه ان ويڙهه جي
بنيادي ڪارڻ جي سياسي يا ديني هجڻ متعلق وڏو
اختلاف آهي. نه رڳو ايترو بلڪه خود بابا الياس جي
شخصيت بابت به اختلاف آهي ته اهو صوفي به هئو يا
نه. گهڻن شڪ ڏيکاريو آهي ته شايد وفائي درويشن مان
هو، يا ڪو مجذوب ۽ مهدويت جو دعويدار، يا شايد
غالي فرقي ”اهل حق“ سان تعلق رکندو هو. بهرحال،
سلجوقي سلاطين جي اڪثر درويشن ۽ عارفن سان سهڻي ۽
سهپ سان پيش اچڻ، ڪيترن ئي صوفي درويشن کي سندن
علائقي ڏانهن ڇڪي ورتو. نه رڳو ايترو بلڪه انهن
سان گڏ ڪي بدعتي قسم جا ماڻهو به اچي پهتا، جيڪي
ڪنهن نه ڪنهن مهل اناتوليا ۾ ڪو مسئلو يا ڪو اهنج
ضرور کڙو ڪري وجهندا هئا. مربوط ڪتابن مان ملي ٿو:
بابا الياس جي خليفن جي اٿڻي ويهڻي عام طرح، عوام
۾ قابل قبول هئي. تن ڏينهن واري اناتوليا ۾ وري هڪ
اهڙو ٽولو به هو جيڪي ”حيدري يا حيدريه“ جي نالي
سان ۽ قطب الدين حيدر جا مريد ڄاتا ويندا هئا.
انهن جو نظريو ساڳيو ”قلندري“ نظريو هو، ڳچيءَ ۾
وڏو لوهي طوق پايون وتندا هئا، جنهن کي ”حيدري
طوق“ سڏيندا هئا. ”افلاڪيءَ“ هڪ حيدري طريقي جي
مشائخ نالي حاجي مبارڪ حيدريءَ بابت لکيو آهي ته
اهو قونيه ۾، هڪ خانقاه ۾ رهندو هو ۽ مولانا سان
به ڏيٺ ويٺ هئس.
ان ٽولي ۽ بڪتاشيه طريقي جي پوئلڳن تصوف جي مڙني
طريقن کي پاڻ ۾ گڏائڻ لاءِ ڀلو ميدان فراهم ڪيو.
هڪ ٻيو درويش جنهن ستين هجريءَ ڌاري اناتوليا
وارو مرڪز پنهنجي اکئين ڏٺو، اهو يونس ايمري
(متوفيٰ 720هه) هو. هي درويش ”ترڪمن“ قبيلي جو ۽
”مولانا خداوندگار“ (مولوي) ۽ همت ثبتوق
/طاپدق
آمره جي عقيدن جو مظهر هو. لوڪ ۾ رائج ساز آواز
سان ۽ عاشقانه مزاج وارا شعر پيو ڳائندو هو. اهو
ئي اناتوليا ۾ عرفاني شعر جو باني بڻيو. ان صوفي
شاعر جي شعر جون، تڏهن کان وٺي اڄ تائين، ٻين
شاعرن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻيون گائڪيءَ جون ڌُنون
ٺاهيون ويون آهن ۽ اڄ تائين ان جا ئي شعر،
صوفياڻين محفلن ۾ ڪثرت سان پڙهيا ويا آهن. ان جي
شاعريءَ جو اثر (خاص ڪري اناتوليا جي عرفاني
شاعريءَ تي) ايترو ته هيو/آهي جيترو عطار جو پاڻ
واري زماني ۾ هو ۽ خود يونس ايمري به ان کان متاثر
هو، پر ان کان پوءِ واري دؤر ۾ نهايت ئي مؤثر رهيو
ايتريقدر جو ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو تخلص ”يونس“ ۽
”ايمري“ پنهنجي لاءِ انتخاب ڪيو. جيئن ته پاڻ يونس
ايمري وري اناتوليا جي ٻين شاعرن جيان ايران جي
صوفي شاعرن کان متاثر هيو، انڪري سندس چيل مثنويءَ
جي فارسي عروضي گهاڙيٽي ۾ هجڻ تي تعجب جي ڪا به
گنجائش ناهي.
ان ئي دؤر جي واقعن مان هڪ واقعو ”اخيان“
(اهل اخوت/فتوت)
تنظيم جو قائم ٿيڻ هو. جنهن جو فڪر اهڙين صوفي
ڳالهين تي هو، جيڪي در حقيقت خراسان جي ملامتين ۽
بغداد جي فِتيان طريقين تي قائم هيون ۽ ان جو
باني ”اخي اِورن“ هو. ڪجهه تاريخ نويسن جو چوڻ
آهي: اهو اخي ارون جنهن اناتوليا ۾ ”جوان مردان يا
فِتيان“ طريقي جي عقيدن کي قائم رکيو، اهو دراصل،
اهو ”نصيرالدين محمود بن احمد خوئي“ ئي آهي، جنهن
جي صدرالدين قونيويءَ سان خط و ڪتابت هوندي هئي.
هڪ ٻي روايت موجب: اناتوليا ۾ ”جوان مردان“ طريقي
کي سڀ کان پهريان ”اخي ترڪ اروميه اِي“ (مولانا
روميءَ جي مريد حسام الدين چلبيءَ جي پڙ ڏاڏي)
پکيڙيو هو. ابن بطوطه جي بقول: اناتوليا جي کوڙ
سارن علائقن ۾ گهُميو ڦريو هو، اُخيان طريقي لاءِ
تمام گهڻيون خانقاهون ۽ تڪيا موجود هئا.
ابن بطوطه، انهن مان هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن ڌنڌي
سان وابسته لکيو آهي. اخيان ۾ ڪي زائفون به هيون،
جيڪي ”باجيان روم“ سڌيون وينديون هيون، انهن به
منظم ٽولو جوڙي ورتو هو. جيئين ته ”اخيان“ طريقو
هڪ ڪاروباري طريقو هو، انڪري اناتوليا جي
اقتصاديات ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري ڏيکاريائين.
ايتريقدر جو اڄڪلهه به اتان جي ڪاروباري ماڻهن ۾
”اخيان“ جو اثر چڱي طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو.
سلجوقي حڪمرانن جي آس پاس ۾ اناتوليا جون ڪي
اهڙيون رياستون به هيون، جن جو تصوف سان سڌو سنئون
واسطو هو. جيئن، مانيسا (مغنيسا) ۾ ساروخانيان جي
رياست، جنهن جي هڪ امير گهراڻي لڳ ڀڳ هڪ صدي
حڪمراني ڪئي، جيڪا پنهنجي دؤر ۾ هڪ ”مولوي حڪومت“
ڄاتي ويندي هئي. ان رياست جو حاڪم اسحاق چلبي،
مولوي به هو، شيخ به هو ته مولانا روميءَ جي نسل
مان به هو. قاضي برهان الدين به ٿي گذريو آهي،
جنهن پنهنجي نالي تي هڪ رياست قائم ڪئي ۽ نه رڳو
هڪ حاڪم بلڪه صوفي ۽ ڀلوڙ صوفي شاعر به هو.
ڪيترن ئي مؤرخن عثماني حڪومت جي قائم ٿيڻ ۾،
مٿي ڄاڻايل چئن طريقن جي بانين جو ڪردار وڏو مؤثر
ڄاڻايو آهي، تن کي تنهن دؤر ۾ ”غازيان روم“،
”اخيان روم“، باجيان روم“ ۽ ”ابدالان روم“ جي لقب
سان سڏيو ويندو هو. عثماني حڪومت جي قائم ٿيڻ واري
ابتدائي سالن ۾، خاص ڪري ”شخ ادھه بالي“ ۽ سندس
مريدن جهڙوڪ: ابدال قوموال، گيڪلي بابا/گيڪلو
بابا ۽ موسيٰ ابدال جهڙن جا نا لا سامهون اچن ٿا،
(جن جو عثماني حڪومت جي قيام ۾ وڏو هٿ رهيو هو).
شيخ ادهه بالي ”مرو“ ۾ ڄائو هو ۽ شام ملڪ ۾ رائج
تعليم پرائڻ دؤران تصوف اختيار ڪيو هئائين ۽ لڳي
ايئن ٿو ته ٻٽن طريقن کي ملائي ورتو هئائين، جن ۾
وفائي طريقو ۽ فتوت سان نسبت رکندڙ طريقا به شامل
هئا. هي به گمان آهي ته جڏهن شام ۾ پڙهندو هو، ان
دؤران ابن عربي ۽ صدرالدين قونيويءَ جي فڪر کان به
واقف ٿيو هوندو. عثمان غازي (عثمان اول) جنهن جي
نالي پٺيان ان حڪومتي سلسلي تي نالو پيو، جيڪو
خواب ڏٺو هو، اهو هن شيخ کي ٻڌايو هئائين. تنهن،
کيس خواب جي تعبير ڪندي چيو هو: جيڪو نسل عثمان
غازيءَ ۽ شيخ ادهه باليءَ جي نياڻيءَ ذريعي پيدا
ٿيندو، انهن کي خدا تعاليٰ سلطنت عطا ڪندو. ان تي
عثمان غازيءَ، شيخ ادهه باليءَ جي نياڻيءَ سان
پرڻيو. ان جي ڪري ئي عثماني، شيخ ادهه باليءَ کي
پنهنجي حڪومتي سلسلي جو روحاني باني ڪوٺيندا هئا.
ٻئي طرف وري هيءَ روايت به آهي: شيخ ادهه بالي،
ابن عربيءَ جو شاگرد هو. هي به خيال آهي ته ابن
عربيءَ ڏانهن منسوب ڪتاب ”الشجرة
النعمانيه“
۾ اهڙي قسم جي حڪومت قائم ٿيڻ جي خوشخبري ڏنل آهي.
هي نظريو به قائم ڪيل آهي ته عثماني حڪومت جو
روحاني حمايتي، ابن عربي هو. عثماني حڪومت جي،
ازنبيق ۾ قائم پهرين درگاهه ۾ شيخ دائود قيصريءَ
کي
”رئيس
المدرسين“
مقرر ٿيڻ پڻ ان ڳالهه جي تائيد ٿو ڪري. انڪري جو
تنهن زماني ۾ ازنبيق واري درسگاهه جو رئيس
المدرسين حڪومت جو شيخ الاسلام به سمجهيو ويندو
هو. اهڙي طرح دائود قيصريءَ کان پوءِ شيخ الاسلام
واري منصب کي رسمي صورت ڏئي، ان تي ملاحمزه
فناريءَ جي نگران طور تقرري، مٿي ڪيل ڳالهه جي
تائيد ٿي ڪري. شيخ حمزه فناري هڪ ڪامل شخصيت ۽
نامور فقيه ۽
”زينيه“
طريقي جي مشائخ ۾ ڳڻيو ويندو هو.
اهي صوفي تنظيمون جيڪي سلجوقين کان پوءِ،
عثماني حڪومتن جي سرحدن اندر پاڻ کي قائم رکي سگهيون،
تن کان علاوه اٺين، نائين صدي هجريءَ ڌاري ڪي ٻيا
نوان صوفي مسلڪ به ماوراءُ النهر ۽ ايران مان
مذڪوره سرزمين ۾ داخل ٿيا، جن مان
”اسحاقيه“
يا
”ڪازرونيه“
طريقو جيڪو شيخ ابو اسحاق ڪازروني (متوفيٰ 426هه)
ايران ۾ قائم ڪيو هو، ٻين مڙني طريقن کان اڳرا
هئا. ڪازرونيءَ جو، عثماني سرحد اندر، سڀ کان
پهريون خانقاه، بورسه/
بروسه ۾ ايلدرم بايزيد جي حڪم سان کوليو ويو هو.
سنه 821هه جي لکيل هڪ ڪتبي جي عبارت مان پڌرو ٿو
ٿئي ته قونيه ۾، قره مانين طرفان هڪ اسحاقي طريقي
جو خانقاه به قائم هو. ان طريقي جا فقير، جيڪي
جنگجو ۽ مبلغ قسم جا ماڻهو هئا،
تن جو عثماني فتحن ۾ مکيه ڪردار رهيو هو. اهو
طريقو ڏهين صدي هجريءَ کان پوءِ هوريان هوريان
نقشبندي طريقي ۾ ضم ٿي، ختم ٿي ويو.
اٺين صدي هجريءَ جي آخر ۾ شمس الدين محمد بن
علي حسيني بخاري عرف امير سلطان، جيڪو نوربخشيه
طريقي جو مشائخ هو، جنهن جي شخصيت وڏي مانائتي
هئي، مڪي ۽ بغداد رستي، بورسه ۾ پهتو هو. سلطان
ايلدرم بايزيد ان سان مٽي
مائٽي
قائم ڪري کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنو. بايزيد جي
فوتگيءَ کان پوءِ سندس جانشين مراد دوم به اوتري
ئي عزت ڪندو هو. امير سلطان جو روحاني درجو، جنهن
جي بنياد تي سندس ڪرامتون نسل در نسل منتقل
ٿينديون رهيون آهن، تان جو اڄ به سندس مقبرو عام
زيارتگاهه بڻيل آهي، فقهي لحاظ کان سندس جو
”جعفري“
(مذهب جو پوئلڳ) هجڻ، ان ڳالهه جو باعث بڻيو ته
خاص ڪري اهلسنت معاشري ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي.
زينيه طريقو، جنهن جو باني مشهور صوفي نالي
زين الدين خوافي (متوفيٰ 839هه، مدفن هرات) هو،
نائين صدي هجريءَ کان ٽن ڌار ڌار شاخن جي صورت ۾،
عثماني سلطنت جي سرحدن اندر پکڙيو. بورسه ۾
عبداللطيف مقدسي، مرزيفون ۾ شيخ عبدالرحيم ۽
آماسيا ۾ پير الياس اناتوليا اندر ان طريقت جا
شروعاتي اڳواڻ ٿي رهيا. اڳتي هلي، استنبول ۾ ان
طريقت جي نمائندي شيخ وفا جي فوتگيءَ کان پوءِ،
اها طريقت ڪمزور ٿيندي وئي،
تان جو هلي، هلي ختم ٿي وئي.
ان دؤر جي مکيه صوفي طريقن مان هڪ طريقو
”بيراميه“
به آهي، جنهن جو باني “بيرام ولي” (متوفيٰ 833هه)
هو.
ان طريقي کي سندس ٻن خليفن، ڌار ڌار انداز ۾ جاري
رکيو،
جن مان هڪ آق شمس الدين هو،
جنهن ان طريقي کي اصولي طرح جاري رکيو،
جنهن ڪري نه رڳو استنبول
جي فاتح سلطان محمد خان جي
ڌيان
جو مرڪز بڻجي رهيو،
بلڪه ان جو مرشد به بڻجي پيو ۽ استنبول جي فتح ۾
سندس وڏو روحاني ڪردار هو. ٻيو خليفو حاجي بيرام
ولي (عمر دده سڪيني) هو، جنهن آق شمس الدين جي
برخلاف، ملامتين جي طرز تي مذڪوره طريقت کي هلايو.
ان طريقي جي پوئلڳ
”ملاميه
بيراميه“
جيئن پنهنجن عقيدن ۾ ميانه روي برقرار رکي نه
سگهيا،
انڪري وقت جي حڪومت جيڪا هڪ شريعت جي پابند حڪومت
هئي،
مسئلا
پيدا
ڪري وڌائون. ان عمل جي نتيجي ۾ ئي شيخ اسماعيل کي
سندس ٻارهن مريدن سميت وقت جي شيخ الاسلام جي
فتويٰ تحت موت جي سزا ملي. ان واقعي کان لڳ ڀڳ ويھه
سال پوءِ (سنه 946هه ۾) حمزوي طريقي جو باني شيخ
حمزه بالي بوسنوي پنهنجي مريدن سميت موت جي سزا
تحت مارجي ويو. جيڪي تهمتون مٿس هنيون ويون تن مان
هڪ هيءَ هئي ته
”بي
نمازي آهي، شريعت کي بي اهميت ٿو سمجهي ۽ سلطان جي
پيروي بجاءِ پاڻ کي سلطان ٿو سڏرائي“.
پر اهي تهمتون اڄ تائين پڌريون ناهن ٿي سگهيون ۽
اڃا به مزيد تحقيق جي ضرورت آهي.ڪيترا ئي وڏا عالم
جهڙوڪ: مثنويءَ جو شارح صاري عبدالله افندي
(متوفيٰ 1071هه)، شيخ الاسلام پاشمقچي زاده، علي
افندي، فصوص جو شارح عبدالله بوسنوي (متوفيٰ
1054هه)، ڪتاب
”محمديه“
جو ليکڪ ۽ فصوص جي
”شرح
برجندي“
تي عربي ٻوليءَ ۾ حاشيو لکندڙ بازيجي زاده محمد،
”انوار
العاشقين“
جو مؤلف ۽
”المنتهيٰ“
(تعليقيه بازيجي زاده) جو ترڪي مترجم احمد بيجان،
جيڪو فصوص جو پهريون ترڪي مترجم بڻيو، اهي سڀ ننڍي
کنڊ ايشيا ۾
”بيراميه“
طريقي جون وڏيون شخصيتون ٿي گذريا آهن. تنهن دؤر ۾
اهڙين شخصيتن جي هجڻ ۽ سندن آثارن مان واضح ايئن
ٿو ٿئي ته اڳتي هلي ان طريقي جا پوئلڳ شريعت جي
پيروي ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا هئا.
حاجي بيرام وليءَ وٽان پيدا ٿيل انهن ٻنهي
بيراميه طريقن جي ڀر ۾ وري
”اشرفيه“
نالي هڪ ٽيون طريقو به هو،
جيڪو بيراميه ۽ قادريه طريقي جو امتزاج هو. حاجي
بيرام جو ڄاٽو، اشرف علي اوغلي روميءُ ان جو بنياد
وڌو هو. اشرف علي اوغلي رومي جيڪو ان طريقي وارن
وٽ
”عبدالقادر
گيلاني ثاني“
جي لقب سان مشهور آهي، سندس پيڙهي علي
عليھ السلام
کي ٿي پهچي. سندس لکيل ڪتاب
”مزڪي
النفوس“
جيڪو تزڪيه نفس جي باري ۾ لکيو هئس، اڄڪلهه
اناتوليا ۾ تصوف جي مڙني قديمي (Classical)
ڪتابن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ٿو وڃي. سندس
لکيل
”طريقت
نامو“
به هڪ ڀلوڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ طريقت جا مول متا درج
ڪيل آهن. ان ڪتاب جي درويشن جي صحيح عقيدن واري
باب ۾ لکي ٿو:
”انهن
کي خلفاءِ راشدين سان محبت ڪرڻ گهرجي، تنهن هوندي
به کين
کپي ته
علي
عليھ السلام
سان گهڻي محبت ڪن.
اشرف اوغلي جي شاعريءَ جو هڪ ديوان به آهي. هن سنه
874هه ۾ ازنبيق ۾ وفات ڪئي. سندس وارو
”اشرفي“
طريقو قادري طريقي جي شاخ ڄاتو ٿو وڃي ۽ ويهين صدي
عيسويءَ تائين موجود هو.
اناتوليا ۾ خلوتي طريقو، پيروڪارن جي تعداد ۽
خانقاهن جي پري پري تائين پکڙيل هجڻ جي لحاظ کان
ٻين طريقن جي ڀيٽ ۾ پهرئين نمبر تي آهي. انڪري
موجوده دؤر جي ڪن محققن ان طريقي کي طريقت جو
ڪارخانو ڪوٺيو آهي،
انڪري جو انا توليا ۾ پنجاهه کان به مٿي شاخون
هئس. ڪن وري ان کي گهاٽي وڻ سان به مشابهت ڏني
آهي، انڪري جو خلوتي طريقي جو هر شخص ارشاد جي
درجي تي پهتل هو ۽ اها شاخ به ان جي نالي پٺيان
سڏبي هئي. نيغده/
نيڪده ۾ اخي يوسف جي خو خانقاه ۽ ان کان هڪ سؤ سال
بعد پير الياس آماسيه اي (متوفيٰ 837هه) انا توليا
۾ خلوتي طريقي لاءِ جاکوڙ ڪندا رهيا. خلوتي طريقي
جو بنياد ابوعبدالله خلوتي لاهيجي (متوفيٰ 750هه)
ايران ۾ وڌو هو،
پر ان جي باقائده ترويج جو ڪم خلوتين جي
”پير
ثاني“
سيد يحيٰ شيرواني باڪوئي (متوفيٰ 869هه) انجام
ڏنو. شيرواني جا لاتعداد خليفا هئا، تن مان جن کي
هن آناتوليا ۽ آذر بائيجان جي علائقن ۾ موڪليو،
تن کي چئن ٽولن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1) ملا حبيب الله قره ماني (متوفيٰ 902هه)
واري شاخ، جنهن مان اڳتي هلي
”شمسيه“
۽ ”سيواسيه“
شاخون نڪتيون. انهن ٻن شاخن جو عثماني دؤر تي هي
اثر ٿيو ته جن عالمن کي تنهن
دؤر جو ابن تيميه سڏيو ويندو هو،
انهن جي مقابلي ۾ تصوف ۽ صوفين جو تمام گهڻو دفاع
ٿيڻ لڳو.
(2) جمال الدين اسحاق قره ماني (متوفيٰ
933هه) واري شاخ. جيڪو پاڻ هڪ
وڏو فقيه هو ۽ هڪ ديني مدرسي ۾ پڙهائيندو هو.
زباني روايتن ۾ ملي ٿو: منجهس
جيڪا سچائي ۽ شفقت ڀريل هئي،
ان جي بنياد تي ڪيترن ئي ڏوهارين توبه ڪئي ۽ الائي
جي ڪيترا مسلمان به ٿيا هئا. ان سان گڏ هڪ وڏو
خطاط به هو ۽ ڪتريون ئي تحريرون جهڙوڪ:
”شرح
چهل حديث“،
”رساله
في اطوار السلوڪ“
۽
”رساله
وحدت الوجود“
به پنهنجي پٺيان ڇڏيائين. سندس واري شاخ مان ٻه
ٻيون شاخون
”سنبليه“
۽ ”شعبانيه“
ڦٽي نڪتيون. وري شعبانيه مان به خاص ڪري عرب
سرزمين ۾ بڪريه، حفنيه، ساويه، رحمانيه ۽ تيجانيه
به پيدا ٿيون،
جيڪي اڄ تائين قائم رهنديون آيون آهن.
(3) اها شاخ جنهن جو
”دده
عمر روشني (متوفيٰ 829هه، مدفن تبريز، زيران) هو.
کانئس پوءِ سندس واري شاخ مان ٻه ٻيون شاخون
”گلشنيه“
۽
”دَميرداشيه“
نڪتيون.
(4) احمديه نالي هڪ شاخ، جنهن جو باني يگيت
باشي احمد شمس الدين (متوفيٰ 910هه) هو، جيڪو
خليفه يحيٰ شيروانيءَ جي خليفي پير بهاءُ الدين
ارزنجاني (متوفيٰ 869هه) جي خليفن مان هو. چئي
سگهجي ٿو ته عثماني دؤر ۾ اُن
شاخ جون تمام گهڻيون شاخون هيون، ايتريقدر جو
سموري عثماني مملڪت ۾ پکڙيل هيون. ان شاخ جون وري
ڪي
ذيلي
شاخون به هيون جهڙوڪ:
”سنانيه“،
”عشاقيه“،
”مصريه“
۽ ”جراحيه“.
ان جي ڪري ئي شيخ احمد کي
”يگيت
باشي“
(جوانن جو سردار) لقب ڏنو ويو. کيس عثماني خليفي
دعوت ڏئي استنبول گهرايو هو ته جيئن ٻين صوفي
بزرگن کي پرکي ڏسي. بهرحال خلوتي طريقي جون ڪيئي
شخصيتون ٿي گذريون آهن، جهڙوڪ: شاعر ۽ مؤلف
اسماعيل حقي بروسوي، عالم، صوفي ۽ مثنويءَ جو شارح
شيخ عبدالله عشاقي عرف
”ابن
عربي عثماني“.
جيئن ته سلطان محمد فاتح (محمد دوم) جي
سرواڻيءَ ۾ استنبول جي فتح جو ديني رخ به هو ته
صوفياڻو رخ به هئس، انڪري ڪيترن ئي صوفي فقيرن ان
۾ شرڪت ڪئي هئي. محمد فاتح هڪ ئي وقت هڪ روشن خيال
بادشاهه به هو ته هڪ صوفي فقير به هو. عبدالرحمان
جاميءَ کان اسلام جي ٽن فڪري مڪتبن: تصوف، ڪلام ۽
فلسفي جي مشترڪات متعلق هڪ ڪتاب لکڻ جي گهر ڪئي
هئي. جنهن تي جاميءَ مشهور ڪتاب ”الدرة
الفاخرة
“
لکيو هئائين.
سلطان محمد فاتح جو مرشد آق شمس الدين هو جنهن جو
ذڪر مٿي گذري چڪو آهي ۽ آق شمس الدين اهو صوفي
بزرگ هو جيڪو استنبول جي فتح واري جنگ ۾ شريڪ هو ۽
ابو ايوب انصاريءَ جي مزار به ان ئي ڳولهي لڌي
هئي. ان کان علاوه مناقب نامن ۾ استنبول واري فتح
واري تذڪري ۾ ڪيترن ئي ”غيب ارن“ (غيب سان جڙيل) ۽
خراسان جي ”ارن“ (جڙيل) صوفين جو به ذڪر ملي ٿو.
اڄ به استنبول ۾ اهڙيون قبرون ۽ مزارون موجود آهن
جيڪي ”يدي امير لر“ (ست امير) يا ”خراساني بابا“
جي نالن سان مشهور آهن، انهن کي استنبول جي فتح جي
غيب مان بشارت ملي هئي، انڪري بشارت ملڻ سان ئي
استنبول راهي ٿي پيا هئا. انهن مان اڪثر، جيئن
شيراز جا ”هفت تنان“ (ست ڄڻا) گم نام هوندا هئا،
جن متعلق روايت آهي: اوڀر (خراسان) کان آيا هئا.
بهرحال استنبول فتح ٿيو ۽ ان ۾ مڪمل آزاديءَ سان
تصوف پنهنجي آبياري ڪرڻ لڳو، ان دؤران جنهن صوفي
خانقاه سڀ کان پهريان پنهنجي جدوجهد جو آغاز ڪيو
اها “خلوتيه” طريقي جي هئي.
ڏهين صدي هجريءَ تائين ته خانقاهن ۽ مدرسن ۾
ڪو خاص اختلاف نه هو. يعني جيئن صوفين ۾ به ڪي
اهڙا هوندا هئا، جيڪي عارف ۽ عالم هجڻ سان گڏ
ظاهري علم به پڙهائيندا هئا، ايئن ئي مدرسن جي
عالمن ۾ به ڪي اهڙا هئا، جيڪي عالم هجڻ سان گڏ
عارف به هئا. ايتريقدر جو سڀ عثماني شيخ الاسلام
ڪنهن نه ڪنهن طريقي جا پوئلڳ ضرور هئا. نه رڳو
ايترو بلڪه سلاطين ۽ حڪومتي امير به ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان واڳيل هوندا هئا ۽ ان جو باقائده احترام
ڪندا هئا. (سلطان سليمان قانونيءَ ته هڪ شعر ۾
ڪنهن وليءَ جي بندگي ڪرڻ کي، پوري جهان جي سلطان
هجڻ کان به وڌيڪ مانائتو ڄاڻايو آهي). نه رڳو
ايترو بلڪه عثماني حڪمران اسلام جي تبليغ ۽ ماڻهن
۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ صوفين کي، پنهنجي مملڪت
جي ڏورانهن علائقن ڏانهن موڪليندا هئا. جيڪي به
خانقاهون هونديون هيون، تن تان ڍل سان گڏ فوجي
خدمت به معاف هوندي هئي. تنهن هوندي به ڪڏهن ڪڏهن
ڪي صوفي پاڻمرادو به جنگين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. پر
ڏهين صدي هجريءَ کان پوءِ اها جوڙجڪ به ختم ٿي
وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪن صوفين ۽ ڪن عالمن، جن کي
تڏهن جي اصطلاح ۾ قاضي زاده سڏيو ويندو هو، تن جي
وچ ۾ بحث مباحثا شروع ٿي ويا. اهي عالم يا قاضي
زاده عام طرح ايڪيهن (21) موضوعن جي بنياد تي
صوفين تي تنقيد يا انهن جي تڪفير ڪندا رهندا هئا.
جن موضوعن تي اختلاف هوندو هو، تن مان ڪي هن ريت
هئا: (1) صوفين جو سماع ۽ گول ڦيري ڏيڻ بدعت آهي.
(2) مولود يا نعت وغيره پڙهڻ جائز ناهي. (3) سُر ۾
قرآن پڙهڻ بدعت آهي. (4) برات ۽ قدر وارين راتين ۾
نفل نمازون پڙهڻ بدعت آهن. (5) حضرت خضر عليھ
السلام جيئرو ڪونهي. (6) چانھه ۽ سگريٽ پيئڻ جائز
ناهي. (7) قبرن جي زيارت جائز ناهي. (8) بزرگن جي
احترام خاطر اُٿڻ هڪ قسم جو شرڪ آهي. (9) فرعون
ڪفر جي حالت ۾ مئو هو. (10) يزيد تي لعنت ڪرڻ جائز
ناهي. (11) امام حسن ۽ امام حسين عليھما السلام
شمر هٿان پنهنجي ڏاڏي جي تلوار سان شهيد ٿيل آهن.
قاضي زاده انهن مسئلن ۾ ڪڏهن ته ايترو وڌي ويندا
هئا، جو خلوتين جي خانقاهن تي حملو به ڪري ڏيندا
هئا ۽ صوفي درويشن کي مارڪٽ ڪرڻ سان گڏ کين گارگند
به ڪندا هئا، نه رڳو ايترو بلڪه انهن جي خانقاهن
کي باهيون به ڏيندا هئا ۽ جيڪي قهوو (سليماني
چانھه) پيئندا هئا انهن کي به ڦيھه ڏيندا هئا.
اهڙن قاضي زادن جي مخالفن ۾ ڪي صوفي مشائخ به
هوندا هئا ته ڪي عالم به شامل هوندا هئا. اهڙن ۾
هڪ خلوتي طريقي جو سربراھه شيخ عبدالمجيد سيواسي
(متوفيٰ 1049هه) به هو، جيڪو هڪ طرف تقرير توڙي
تحرير ذريعي قاضي زادن سان پيو جهيڙيندو هو، ته
ٻئي طرف انهن افراطي صوفي نما شخصن سان پيو مقابلو
ڪندو هو، جيڪي عملي اعتبار کان ڇڙواڳ ۽ قاضي زادن
کي صحيح سمجهندا هئا. بهرحال هڪ صديءَ تائين انهن
ٻنهي گروهن جي وچ ۾ ڇڪ ڇڪان هلندي رهي. تان جو
حڪومت مداخلت ڪئي ۽ بادشاهه جي درخواست تي، وڏي
عام شيخ الاسلام ڪمال پاشازاده (متوفيٰ 940هه)
فتويٰ جاري ڪئي: ڀلي ابن عربيءَ جا نظريا ماڻهن کي
سمجهه ۾ نه به اچن تنهن هوندي به ان کي ڪافر نٿو
چئي سگهجي ۽ جيڪو به ان کي ڪافر سڏيندو اهو پاڻ
ڪافر هوندو.
عثمانين جي دؤر ۾ ”خلوتيه“ طريقي کان پوءِ
جيڪو ٻيو طريقو چڱي طرح پکڙيو اهو ”نقشبندي“ طريقو
هو. بظاهر شاهه نقشبند جي خليفن مان خواجه رڪن
الدين محمود بخاري اناتوليا ۾ اچي، سنه 807هه ۾
آماسيه ۾ محمود چلبيءَ جي خانقاه قائم ڪئي هئي. ان
کان پوءِ خواجه عبدالله احرار جي خليفن مان، نالي
ملا عبدالله الٰهي سِماوي (متوفيٰ 896هه) نالي هڪ
خليفو پنهنجي ديس يعني ”سماو“ ۾ واپس اچي نقشبندي
طريقي جي هڪ ٻي خانقاه قائم ڪئي. جيئن ته ملا
عبدالله سماويءَ جو نالو پري پري تائين مشهور ٿي
ويو، انڪري کيس استنبول اچڻ جو دعوتنامو مليو.
جنهن جي نتيجي ۾ استنبول آيو ۽ اتي به هڪ ٻي
خانقاه قائم ڪيائين، جنهن جو متولي حضرت امام حسين
عليھ السلام جي نسل مان هڪ سيد نالي امير احمد
بخاري نقشبنديءَ (متوفيٰ 922هه) کي مقرر ڪيائين ۽
پاڻ يونان جي شهر ”ينيجي“ (Yenige،
هاڻوڪو يونان جو جيرسٽا
Jerista)
هليو ويو ۽ اتي به هڪ خانقاه قائم ڪيائين، جتي
بدرالدين بن قاضي سماونه جي ڪتاب ”واردات“ جي عربي
ٻوليءَ ۾ شرح لکيائين.
سيد امير احمد بخاريءَ جا جڏهن استنبول ۾ مريد وڌي
ويا ته هڪ ٻئي خانقاه جو افتتاح ڪيائين. سندس وفات
کان پوءِ، ترتيبوار محمود چلبي (متوفيٰ 938هه) ۽
عبداللطيف افندي (متوفيٰ 971هه) ان خانقاه جا گادي
ڌڻي يا مهتمم بڻبا رهيا. عبدالله افنديءَ جي خليفن
مان هڪ خليفو نالي شيخ نعمت الله (متوفيٰ 969هه)
به هو، جنهن هڪ فارسي لغت سهيڙي هئي، اهڙي طرح
سندس هڪ خليفو شيخ عبدالرحمٰن غباري (متوفيٰ
974هه) به هو جنهن فارسي ٻوليءَ ۾ ”نظيرهءِ شبستان
خيال“ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو ۽ ماهر خطاط به هو.
انهن کان علاوه بابا نعمت الله نخجواني (متوفيٰ
920هه) جو به نالو ملي ٿو، جنهن جي پڻ نقشبندين ۾
هڪ خاص حيثيت هئي. جڏهن تبريز ۾ رهندو هو ته ٻه
جلد صوفياڻي تفسير ”الفواتح الالٰهيه“ لکي هئائين.
تنهن کان کان پوءِ ”آق“ شهر ڏانهن هليو ويو، اتي
ئي رهي پيو ۽ مرندي گهڙيءَ تائين جدو جهد ۾ رڌل
رهيو. تنهن دؤر ۾ شيخ محمود افندي جو به تذڪرو
ملي ٿو، جيڪو اصل ۾ ايران جي شهر اروميه جو رهاڪو
هو، سندس نظريا نوربخشي ۽ نقشبندي طريقن سان مليل
جليل هوندا هئا. ان به پاڻ ڏانهن ڪيترائي ماڻهو
جذب ڪيا، انڪري ته متان بغاوت ڪري وجهي، وقت جي
حڪومت طرفان سنه 1048هه ۾ موت جي سزا تحت ماريو
ويو. جڏهن سلطان مراد چوٿين کي خبر پئي ته شيخ تي
لڳل تهمت بي بنياد ۽ دشمنن طرفان لڳايل هئي ته کيس
بي انتها ڏک ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڌرنگو ٿي
پَيُس. ان ئي زماني ۾ سيد مراد بخاري (متوفيٰ
1132هه)، شيخ احمد فاروق سرهنديءَ جو پٽ الحاج
محمد معصوم (متوفيٰ 1079هه) جي خليفي طور استنبول
روانو ٿي ويو، جتي وڃي نقشبندي طريقي جي نهايت ئي
اثرائتي شاخ ”مجددي“ جو بنياد رکيائين، جنهن جي
سلطان محمد چوٿين حمايت ڪئي ۽ حڪومت جا ڪي اعليٰ
عهديدار، خاص ڪري عالم ۽ شيخ الاسلام فيض الله
افندي به ان طريقي سان واڳجي ويو. ملامتي طريقي جي
لعلي زاده افنديءَ جي نقشبندي طريقي سان واڳجڻ ۽
مراد بخاريءَ جي، ملامتين جي شيخ باشمقچي زاده سان
واڳجڻ، نقشبندي ۽ ملامتي طريقن جي نظرين جو مٿي
ڄاڻايل طريقي ۾ شامل ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجي پيو. ڪجهه
عرصي کان پوءِ مشهور ڪتاب ”ينابيع الموده“ جو ليکڪ
سيد سليمان بلخي پنهنجي پٽ سيد عبدالقادر بلخيءَ
سميت افغانستان مان استنبول آيو ۽ ان طريقي جو پير
بڻيو، ايتريقدر جو سيد جمال الدين استر آبادي به
سيد عبدالقادر بلخيءَ جي ارادت ۽ پيري مريديءَ
واري سڳي ۾ پوئجي، ان واري خانقاه ۾ ئي رهي پيو.
اناتوليا جي ٻين نقشبندي صوفين ۾ حمزه نگاري افندي
۽ احمد حسام الدين افندي داغستاني به ٿي گذريا
آهن، جيڪي اهلبيت عليھم السلام جا وڏا محب هئا.
تصوف جو ”مولوي“ طريقو، ٻين طريقن جي ڀيٽ ۾
ڪجهه دير سان عثماني حڪومت جي سرحدن ۾ پهتو ۽ وقت
گذرڻ سان علائقي ۾ رائج صوفي طريقن ۾ ٽيون نمبر
حاصل ڪري ورتائين. هي طريقو به عقيدتي اعتبار کان
ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويو، جن مان هڪ شاخ ”ولد“ واري
هئي، جنهن جا پوئلڳ، زهد ۽ شريعت جي حڪمن جي
پابنديءَ کي بنيادي حيثيت ڏيندا هئا. ٻي شاخ “شمس”
هئي، جنهن جا پوئلڳ قلندرين جيان، باطنين وارو
طريقو رکندا هئا، يعني شريعت کي خاص اهميت ڪو نه
ڏيندا هئا ۽ وڏيون مُڇون رکندا هئا، پر ڏاڙهي،
مٿو، تان جو ڀروون به ڪوڙائيندا هئا.
ان دؤر جي اهڙن صوفين جو چٽو مثال ديوانو محمد
چلبي (متوفيٰ 951هه) هو، قلندري گودڙي پاتل هوندي
هئس، پر مٿي تي وري عالمن واري ٽوپي رکندو هو ۽
مستن جيان جهنگ جهر ۾ پيو رولاڪيون ڪندو هو. شراب
جو شيشو به هٿ ۾ هوندو هئس، انڪري ماڻهو کانئس
نفرت پيا ڪندا هئا. انڪري پنهنجي حيثيت کي لوڪئون
پيو لڪائيندو هو. انهيءَ ئي حالت ۾ پنهنجي مريدن
سميت عراق ۾ امامن سڳورن جون زيارتون ڪري مشهد
مقدس به ويو. ان دؤران ”گلاتا“ ۾ پهريون ”مولوي
خانو“ به سندس ئي ڪوششن سان قائم ٿيو. ان مولوي
خاني جو مشهورشيخ اسماعيل رسوخي انقروي دَدَه هو،
جيڪو مثنويءَ جو به شارح هو، ٻاويھه سال شيخيت جي
مسند تي سرفراز رهيو. سندس لکيل مثنويءَ واري شرح
ايتري ته مقبول ٿي جو وقت جا مدرس ان جي طريقي جي
پيروي ڪندا هئا. ان شرح کان علاوه قاضي زادن سان
مقابلي طور سماع جي جواز متعلق هڪ رسالو به لکيو
هئائين. شيخ غالب (متوفيٰ 1213هه) ان خانقاه جو
ٽيويهون ”پوست نشين“ مشائخ هو، جيڪو عثماني دؤر جو
هڪ برجستو شاعر به هو. جڏهن ڇويهن سالن جو هو ته
ٻه هزار هڪ سؤ هڪ (20101) بيتن تي مشتمل ”حسن و
عشق“ نالي هڪ مثنوي چئي هئائين. استنبول ۾ مولوي
طريقي جو ٻيو مرڪز ”يني قاپي“ وارو مولوي خانو هو،
جيڪو ويجهر واري عرصي تائين قائم هو، پر 1998ع ۾
ڦٽل هجڻ جي ڪري باهه لڳڻ سبب سڙي ويو. ان کان
علاوه بشيڪ تاش، بهاريه ۽ قاسم پاشا نالي به
استنبول ۾ مولوي خانا آهن. اهي مولوي خانا پنهنجي
دؤر ۾ وڏا جاکوڙي هنري مرڪز طور ڄاتا ويندا هئا.
اهڙي طرح استنبول کي ڇڏي، قونيه جي لڳ ڀڳ پنجاهه
شهرن ۾ پڻ مولوي خانا هئا، جن مان خاص ڪري بورسا،
مگنيسا، ڪوتاهيه، توڪات ۽ حلب جا مشهور هوندا هئا.
هڪ ٻيو صوفي طريقو جنهن عثماني تهذيب تي خاصو
اثر ڇڏيو، اهو بلاشڪ ”بڪتاشي“ طريقو آهي. بايزيد
ٻي جي وفات کان پوءِ ان طريقي جا عثمانين سان
تعلقات خراب ٿيندا ويا، خاص ڪري سلطان سليم
(ياووز) سان، جنهن جا ايران جي صفوي حڪمرانن سان
اختلاف هوندا هئا، تنهن خاص ڪري رافضين جي اهڙن
ڪيترن ئي ٽولن سان سخت رويو اختيار ڪيو جن جي باري
۾ کيس اناتوليا ۾ ايراني حاڪم جي جاسوس هئڻ جو شڪ
هو. اهڙا باطني ٽرا جيڪي عقيدي جي لحاظ کان ايران
جي ”اهل حق“ طريقي سان مشابهت رکندا هئا، بڪتاشي
خانقاهن ۾ پنهنجوايترو ته اثر رسوخ پيدا ڪري ويا
جو هلندي، هلندي ان کي پنهنجو ڪري ويا، جنهن جي
نتيجي ۾ حاجي بڪتاش وليءَ جي ڳالهين ڏانهن ڌيان ئي
نه ڏنو ويندو هو. اڳتي هلي ان طريقي سان نسبت رکڻ
وارن، فوج ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري ورتو پر
سندن قانون جي خلاف ورزين ۽ شريعت جي خلاف حرڪتن
جي مرتڪب ٿيڻ جي ڏوهه ۾ سلطان محمود دوم ان جي
تحقيقات لاءِ امينن جو هڪ جٿو مقرر ڪيو، جن پنهنجي
تحقيقات کان پوءِ سلطان کي راءِ ڏني: اهي بڪتاشي
خانقاهون جيڪي سٺ سال کان مٿي قديمي آهن، تن کي
ڇڏي باقي ڪل مسمار ڪيون وڃن ۽ ڪن بڪتاشي فقيرن جو
احتساب به ڪيو وڃي،
پر سلطان انهن جي راءِ کي ڪافي نه ڄاتو انڪري، بنا
ڪنهن قدمت جي لحاظ جي، انهن جا سمورين ننڍين وڏين
خانقاهن ڊاهڻ ۽ سندن ملڪيتون ضبط ڪري مستحقن ۾
ورهائي ڇڏڻ، پڻ خانقاهن جي قابل استعمال عمارتن کي
شهرن ۽ محلن لاءِ مسجدين ۾ تبديل ڪرڻ جو پڪو پھه
ڪيو. ان شاهي حڪم تحت بڪتاشي خانقاهون ڊهڻ شروع ٿي
ويون. تاريخي دستاويزن ۾ ان واقعه کي ”وقعه خيريه“
نالو ڏنو ويو آهي. جيڪي بڪتاشي پڪڙيا ٿي ويا تن کي
جوڙي، جوڙيءَ جي صورت ۾ سزا ڏني ٿي وئي. ان وٺ
وٺان واري ماحول ۾ ڪيترن ئي بڪتاشين پاڻ کي اهل
سنت سان وابسته ۽ شريعت جو پابند ٿي ڄاڻايو، اهڙن
جي ظاهري وضع قطع کي ڏسي، پڻ شاهدن جي شاهديءَ جي
بنياد تي، عثماني حڪومت جي ڪن دؤرداراز شهرن ڏانهن
تڙي ڪڍيو ويو. ڪيترن ئي بڪتاشين جا ته سر قلم ڪيا
ويا. سندن ڪي خانقاهون جن ۾ حاجي بڪتاش واري
خانقاه سر فهرست هئي، نقشبندين حوالي ڪئي وئي،
انڪري جو اهي ٻين طريقن کان وڌيڪ شريعت جا پابند
هئا. بڪتاشين کي قابو ۾ رکڻ وارين انهن سخت
رٿابندين سان گڏ، نقشبندين جي ”خالدي“ نالي هڪ ڌڙي
جي افراطي پوئلڳن لاءِ به وٺ وٺان شروع ٿي وئي.
جنهن جي نتيجي ۾ سلطان محمود ٻي ان ٽولي کي به
استنبول مان تڙائي ڇڏيو. اهو ٽولو اهلسنت جو هڪ
ڪٽر ٽولو هو، جيڪي ”اهل ظاهر“ وارن جيان شريعت جي
حڪمن جو لحاظ ڪندا هئا. جيئن ته اهي، هڪ ته
بڪتاشين واري تاديبي ڪاروائيءَ تي بيحد خوش هئا،
ٻيو ته پاڻ کي ئي حق تي سمجهندا هئا، تنهن ڪري
ڪيترائي وري انهن کان سخت تنگ به هئا. ان طريقي جا
پوئلڳ نه رڳو بڪتاشين بلڪه ٻين طريقن جي پوئلڳ
صوفين تي به ڪفر جون فتوائون پيا مڙهيندا هئا ۽
چوندا هئا: اهي دين مان خارج آهن، انڪري رڳو پاڻ
کي ئي صراط مستقيم تي قائم ڄاڻندا هئا. اهي مشائخ،
جن ۾ اڪثريت ٻهراڙيءَ جي ـــ اڻ سڌريل ـــ ماڻهن
جي هوندي هئي، گاديءَ واري هنڌ (استنبول) جي ترقي
يافته ۽ مهذب ماڻهن کي پريشان ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
بڪتاشي طريقي جي پوئلڳن کي ملڪ بدر ڪرڻ کان ويھه
سال پوءِ، جيئن ته هن فرقي وارا به ليڪو لنگهي چڪا
هئا، انڪري سلطان جي حڪم سان ملڪ بدر ڪيا ويا.
جڏهن سنه 1225هه ۾ جڏهن سلطان محمود ٻي وفات ڪئي
ته بڪتاشين خلاف کنيل سخت قدمن ۾ ڪجهه نرمي آئي،
جنهن جي نتيجي ۾ سندن ڪن خانقاهن وري ٻيهر پنهنجي
هلچل شروع ڪري ڏني ۽ بدلي وٺڻ جي باهه دل ۾
سانڍيندي، عثماني خاندان جي خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي
حمايت ڪرڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾، عثمانين جي زوال
پويان، سنه 1923ع ۾ مصطفيٰ ڪمال (ڪماليزم) جي
سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ جمهوريت خواهه هلچل جا وڏا
طرفدار بڻجي پيا.
عثماني دؤر ۾ تصوف جي مشهور طريقن کان علاوه،
ڪي ٻيا طريقا جهڙوڪ: قادريه، رفاعيه، شاذليه،
بدويه، سعديه ۽ ملاميه/
ملامتيه پڻ پنهنجي مريدن جي گهٽ تعداد جي هجڻ
باوجود به وسيع اثر رسوخ رکندا هئا.
”علوي“ طريقو، جيڪو اڄڪلهه به اتي موجود آهي،
ان جي جوڙ جڪ بابت اختلاف آهي. ڪجهه علوي شناس
محقق، ان طريقي کي مڪتب اهلبيت (ع) جي هڪ قسم جي
بگڙيل صورت ٿا ڪوٺين ته ڪي وري انهن کي جعفري
شيعو، اهڙي طرح ڪي وري غير جعفري، ۽ ڪي کين نصيري
ٿا ڄاڻن. ڪي علوي محقق انهن کي اسلام مان ئي خارج
۽ زرتشتي عقيدن ۽ (مزدا پرستيءَ) جو پوئلڳ
ڄاڻائيندي چون ٿا: انهن جي عقيدن جو اسلام سان ڪو
به تعلق ناهي. جڏهن ته ڪن تاريخي دستاويزن ۽
مشاهدن مان پروڙ پوي ٿي ته انا توليا ۾ ان طريقي
جا پوئلڳ در اصل ترڪمن قبيلي جا حيدري، قلندري ۽
جولقي هئا، جيڪي اڳتي هلي صفوي طريقي جي مرشدن ـــ
جن کي ”داعي“ ڪوٺيو ويندو هو، جي تبليغ جي اثر ۾
اچي ويا ۽ نتيجي ۾ باطني ۽ غالي شيعن وارو رنگ
اختيار ڪري ورتائون ۽ ايران ۾ موجود صوفي طريقن
”خاڪساري“ ۽ ”اهل حق“ سان مشابهت ٿا رکن. انهن جا
عقيدتي اصول مخصوص طرح جا آهن ۽ پنهنجي مرشد يا
پير کي ”دده“ سڏيندا آهن ۽ جتي ڪٺا ٿيندا آهن ان
کي ”درگاهه يا ”جمع اِوي“ ۽ پنهنجي طريقتي رسم کي
”سماع“ يا ”آئيم جمع، ڪوٺيندا آهن. غير مقرر وقت
تي نماز پيا پڙهندا يا روزو رکندا آهن، زڪات به
ڏيندا آهن، جنهن کي ”دده حقي“ يا ”حق دده“ سڏيندا
آهن. اڄڪلهه اهو ٽولو اقليت جي صورت ۾ موجود آهي ۽
چوندا آهن ته اسان جو مذهب جعفري آهي. انهن جو هڪ
ٻيو ٽولو به آهي جنهن جا اڪثر ماڻهو شام جي ڀر
پاسي وارن ڳوٺن ۾ رهن ٿا ۽ نصيري سڏائيندا آهن. ڪي
وري بڪتاشي به سڏرائيندا آهن، انڪري انهن لاءِ
علوي ۽ بڪتاشي لفظ ڪتب ايندا رهندا آهن. ڪي بڪتاشي
شيخ وري ان صورتحال تي ڏمريل به هوندا آهن ۽ چوندا
آهن ته علوي اسان جي نالي ”بڪتاشي“ کي غلط استعمال
ڪيو آهي.
عثماني سلطنت جي آخري دؤر ۾ خانقاهن سان گڏ
صوفي طريقا به زوال جو شڪار ٿي ويا. طريقي جي
سربراهه جو موروثي هجڻ ۽ صوفي پيرن جو رائج علمن
ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ، انهن جي مريدن کي غير شرعي
حرڪتن ۾ لاهي وڌو. ايتريقدر جو شيخيت (پير طريقت
جي عهدي) وڪامڻ جو رواج پئجي ويو ۽ مختلف طريقن جا
ٺلها فقير هڪ ٻئي سان بحث مباحثي ۾ الجهڻ لڳا.
خانقاهون عام طرح معاشري جي رولو، واندن، بدمعاشن،
فوجي سکيا کان ڀڄندڙن ۽ بيهودن ماڻهن جو مرڪز بڻجي
پيون، جنهن ڪري خانقاهن هڪ قسم جي فساد جي مرڪز
واري صورت اختيار ڪري ورتي. نتيجي ۾ حڪومتي امير
امراءَ ۽ خاص ڪري صوفي بزرگ ان صورتحال کان رنج ٿي
خانقاهن جي طور طريقن تي نظر ثاني ۽ اصلاح ڪرڻ تي
مجبور ٿي پيا. اهو ئي سبب هو جو ”محبان“، ”جريدهءِ
صوفيه“، ”حڪمت“، ”محراب و تصوف“ جهڙن سلسليوار
رسالن پڻ جديد قائم ڪيل انجمنن جهڙوڪ: ”جمعيت
اتحاديه صوفيه“ جي ڪارگذارين ۾ خانقاهن جي اصلاح
تي خاص زور ڏنو ويو. اهڙي قسم جون انجمنون جن
اصلاحن ۽ سڌارن جو مطالبو ڪرڻ لڳيون تن جو مختصر
ذڪر هن طرح آهي:
هڪ: پير طريقت هجڻ پيءُ کان پٽ کي ورثي طور
نٿو ملي سگهي، بلڪه ان لاءِ اهليت کي مد نظر رکيو
ويندو. جيڪڏهن هڪ پير طريقت جو پٽ مڪمل طرح طريقتي
رستي تي نه هوندو ته اهو پنهنجي پيءُ جي فيض ۽
ڪمال جو وارث ۽ جانشين نه ٿي سگهندو.
ٻه: خانقاه جي اندروني نظام جي جاچ پڙتال
لاءِ، اهل طريقت مان ئي ڪي سگهارا ۽ وس وارا کوجي
مقرر ٿيڻ گهرجن، جيڪي نه رڳو استنبول جي خانقاهن
جي پڙتال ڪندا رهندا ۽ انهن تي نظر به رکندا بلڪه
سموري عثماني مملڪت جي متعلقه ماڳن متعلق به اهڙي
ئي قسم جو اختيار رکندا ته جيئن خرابيءَ جو خاتمو
۽ کوٽ جو پورائو ڪري سگهجي.
ٽي: لازم آهي ته مشائخ جي هڪ انجمن/
تنظيم جوڙي وڃي، جيڪا سموري عثماني مملڪت جي اهل
طريقت وارن لاءِ رجوع ڪرڻ جو هڪ مخصوص مرڪز هجي.
چار: مشائخن کي دنياوي تعليم کان روشناس
ڪرائڻ لاءِ هڪ تعليمي مرڪز ”مدرسه المشاخ“ جي نالي
سان لازمي قائم ڪيو وڃي.
نتيجي ۾ مٿي ڄاڻايل سڌارا سنه 1280هه ۾ تصويب
ڪيا ويا ۽ شيخ الاسلامي مرڪز سان لاڳاپيل مشائخن
جي هڪ تنظيم نالي ”مجلس مشائخ“ به تشڪيل ڏني وئي.
ان تنظيم نه رڳو ملڪ جي مڙني خانقاهن ۽ صوفي طريقن
جي مسئلن ۽ خانقاهن جي نظارت کي پنهنجي ذمي کنيو،
بلڪه صوفي افڪار جي توسيع، طريقن جي جوڙجڪ ۽ انهن
جي داخلي انتظام جي درستيءَ جي عمل ۾ پڻ ڪوشان رهڻ
لڳي. ان سان گڏ مشائخن جي تقرريءَ واري مسئلي کي
به درست ڪرڻ لڳي. مذڪوره تنظيم، مختلف طريقن جي
قديمي ۽ نالي وارين ستن شخصيتن تي جوڙي وئي هئي،
جن مان هڪ کي تنظيم جو صدر مقرر ڪندا هئا. جن کي
ان تنظيم جي تائيد ۽ تصديق نه هوندي هئي، اهي
خانقاه تعمير نه ڪرائي سگهندا هئا. اها تنظيم ڪڏهن
ڪڏهن استنبول، اناتوليا ۽ ايلي روم جي خانقاهن جي
جاچ پڙتال به ڪري وٺندي هئي. ان طريقي سان خانقاهن
جي ڪن عيبن ۽ اوڻاين ختم ڪرڻ ۽ انهن ۾ هڪ نظم
ايجاد ڪرڻ جي عملي ڪوشش شروع ڪئي وئي. مذڪوره
تنظيم، باوجود ان جي جو نيڪ نيتيءَ جي بنياد تي
جوڙي وئي هئي، پر جيئن ته شيخ الاسلامي سسٽم سان
لاڳاپيل هئي، انڪري اهل طريقت ۾ عالمن جي مداخلت
جي ڪري ڪي اهنج به پيدا ٿي پيا. ڪي استقلال جا
طرفدار مشائخ، حڪومت طرفان زير نظر هجڻ ۽ سندن
فعاليت جي محدود هجڻ جي ڪري ان تنظيم جي مخالفت
ڪرڻ لڳا. سنه 1334هه ۾ جيڪي طريقا ان تنظيم جي
نظرداريءَ هيٺ هئا، تن جو تعداد پندرهن تائين
محدود هو ۽ انهن سان ئي وابسته خانقاهن کي مرڪزي
حيثيت ڏني وئي هئي. ان روءِ سان استنبول ۽ سموري
مملڪت جي ٻين خانقاهن کي انهن سان منسلڪ رهڻ جو
پابند ڪيو ويو هو.
جڏهن عثماني حڪومت مڪمل طرح ڪمزور ٿي وئي ۽
ڌاريون حڪومتون ان فرصت مان فائدو وٺندي عثماني
سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ارادي سان جنگ ۾ لهي
پيون ته صوفي مشائخ به پنهنجي وطن جي دفاع خاطر
هٿيار هٿ ۾ ڪري، جنگ کي ”آزاديءَ جي جنگ“ جو نالو
ڏئي ميدان ۾ لهي پيا. عثماني حاڪم، ٽن کنڊن،
ايشيا، يورپ ۽ آفريقا جي مختلف سرزمينن ۾ پکڙيل
ملڪن کي هڪ ٻئي پٺيان هٿان وڃائيندا رهيا، جنهن جي
بدلي مصطفيٰ ڪمال پاشا اتا ترڪ سنه 1923ع ۾ صوفي
مشائخ جي ڀرپور تعاون سان جمهوريت قائم ڪري ورتي.
ترڪيءَ واري ان نئين قائم ٿيل جمهوريت جي بانين جي
قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيترائي صوفي مشائخ فعال رڪن
هئا. نئين قومي اسيمبليءَ جو افتتاح ڪجهه دعائن
پڙهڻ سان ڪيو ويو ۽ ان جا ڪيترائي ميمبر، بيراميه
طريقي جي پير حاجي بيرام وليءَ جي، انقره شهر ۾
مزار جي زيارت به ڪرڻ ويا. اتاترڪ اعلان ڪري چڪو
ته سندس نئين قائم ڪيل حڪومت ملڪ ۾ نواڻ آڻڻ جي
سياست نافذ ڪندي، انڪري شروعات ئي ثقافتي ۽ تهذيبي
تبديلين کان ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ديندار طبقي
کي اهو خوف ٿي پيو ته هي شخص معاشري کي بي دينيءَ
طرف وٺي ويندو، انڪري ان جي پاليسين جي مخالفت ڪرڻ
لڳا.
1925ع جي شروع ۾ خالدي طريقي جي هڪ مشائخ
نالي شيخ سعيد ڪرد، اعلان ڪيو ته دين خطري ۾ آهي،
انڪري پنهنجي مريدن سان گڏجي ويڙهاند شروع ڪيائين،
پر وڏي خونريزيءَ کان پوءِ سندس اها هلچل چٿجي وئي
۽ کيس اڻونجاهه (49) مريدن سميت ڦاهيءَ تي چاڙهيو
ويو. اهڙن واقعن پٺيان صوفين جي مخالفت ۾ شدت
ايندي وئي ۽ ان واقعي کان لڳ ڀڳ ڏهه مهينا پوءِ،
ٽيھه نومبر 1925ع ۾ ملڪي آئين جي شق 677 تحت
خانقاهن جي فعاليت جو سد باب ڪيو ويو، جڏهن ته
ترڪن جي هزار ساله تاريخ واري عرصي ۾ انهن جو وڏو
ڪردار رهي چڪو هو. ان شق تحت انهن جون ملڪيتون ضبط
ڪيون ويون، نه رڳو ايترو بلڪه شيخ، خليفه يا مريد
جهڙن عنوانن کي استعمال ڪرڻ پڻ ممنوع ٿي ويو. تنهن
دؤر ۾ رڳو استنبول ۾ ٽي سؤ فعال خانقاهون هيون. ان
کان پنج سال پوءِ يعني سنه 1930ع ۾ صوفين هٿان
منيمن (Menemen)
شهر ۾ هڪ آفيسر جي مارجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ڪشمڪش
شروع ٿي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو ٻڌا ويا
۽ اٺاويهن ڄڻن کي موت جي سزا به ڏني وئي. اهو
قانون اڄ به موجود آهي ۽ ترڪيءَ جي قانون ۾ صوفي
طريقن جي فعاليت جرم آهي. ان قانوني پابنديءَ جي
هوندي به ڪن ڇپجندڙ رسالن جي مطالعي مان پتو پوي
ٿو ته صوفي طريقا عملي طرح ختم ناهن ٿيا، بلڪه
ڳجهي طرح پنهنجي فعاليت جاري رکيون ٿا اچن. جيئن
ته انهن جي فعاليت عام رواجي طرح ناهي انڪري انهن
تي نظر رکڻ ڏکيو ڪم آهي، انڪري جتي فعاليت ڪندا
آهن، اهي جايون عام طرح تعويذن لکڻ وارن، ٺڳن جو
مرڪز بڻجي ويون آهن جيڪي عام طرح ماڻهن کي پنهنجي
ذاتي مفادن لاءِ بيوقوف ڪري ڦاسائيندا پيا رهندا
آهن. اڄڪلهه ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ عام طرح اهڙن
ٺڳ فقيرن ۽ مشائخن کي خوار خراب ڪيو ويندو آهي.
نه رڳو ايترو بلڪه ڪي فوجي آفيسر به صوفين جي ڪنهن
نه ڪنهن طريقي سان وابستگيءَ جي ڏوهه ۾ ملازمت مان
خارج به ڪيا ويندا آهن. ان جي باوجود حڪومت جي
ثقافت کاتي طرفان مولوي ۽ بڪتاشي طريقن جي سماع جا
پروگرام، تفريح طور منعقد ڪرايا ويندا آهن. ڪجهه
رسالن جي لکڻين موجب: مولوي طريقي جا ڪي دده
(مشائخ) پنهنجي خانقاهن ۾ سر عام ”آئين جمع“
(مولوي طريقي جي درويش فقيرن جو ميڙاڪو) به منعقد
ڪرائيندا آهن. ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته اهو
قانون جيڪو 1925ع ۾ لاڳو ڪيو ويو هو ۽ اڄ تائين
جاري به آهي، ان ۾ ڪا ڦوٽ شروع ٿي پئي آهي.
بالقان
جيتوڻيڪ چيو ٿو وڃي: عثمانين کان پهريان
بالقان جي خطي ۾ تصوف، اتر آفريقا جي واپارين ۽ ڪن
هڪ، هڪ ٿي آيل سيلاني صوفي درويشن ذريعي پهتو، پر
ان دعويٰ جي ثبوت لاءِ فقط هڪ يا ٻه مثال ملن ٿا.
جڏهن ته حقيقت اها آهي ته تصوف، عثمانين جي فتح
کان پوءِ مختلف ٽولن جي صورت ۾ آيل صوفين ذريعي
ٿيو. جيئن بالقان خطي ۾ رائج ڪجهه اڌ افسانوي
مناقب جي ڪتابن ۾ هڪ ”ولي“ شخص نالي صاري سالتوق/
صالتوق جو ذڪر ملي ٿو، ان متعلق لکيو اٿن: بالقان
جي علائقن ۾ پيو سير سفر ڪندو هو ۽ ڪيترن ئي
عيسائين کي مسلمان ڪيو هئائين. مناقب ۾ آهي: سندس
مرتئي کان پوءِ ان جون ستن ڌار، ڌار جاين تي قبرون
جوڙيون ويون. ان مان ڀليءَ ڀت اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته ان جي بالقاني قومن ۾ ڪيتري نه مڃتا هئي.
موجوده وقت ۾ به بوسنيا هرزيگوينا جي صوبي موستار
۾ بلاگيج (Blagaj)
واري خانقاه جي احاطي ۾ سندس نالي ڪيل مقبرو، پڻ
رومانيا جي شهر دوبروڪا (Dobruca)
۾ سندس نالي سان منسوب موجود مقبرو ”ساري سالتوڪ“
جون مشهور درگاهون آهن. بلاگرج واري خانقاه پهاڙي
ڇُپن ۾ جي اوٽ ۾ ۽ ”بوتا“ درياهه جي ڪپ تي هجڻ
جهڙين خصوصيتن جي ڪري نهايت ئي خوبصورت خانقاهن ۾
شمار ڪئي وڃي ٿي. ڀلي ڳالهه ته اها آهي جو هي
خانقاه ايڏين سارين جنگين جي باوجود اڄ تائين
محفوظ رهي آهي. هي خانقاه ان کان اڳ هڪ عيسائي
گرجا گهر هوندو هو، عثمانين هٿان ان علائقي جي فتح
ٿيڻ کان پوءِ ترتيبوار پهريان بڪتاشي، ان کان پوءِ
خلوتي، تنهن کان پوءِ نقشبندي طريقن جي خانقاه طور
تبديل ٿيندي آئي.
بالقان خطي جا ماڻهو اسلام قبولڻ کان اڳ مزدا
پرست ۽ عيسائي عقيدن تي مشتمل مليل جليل مذهب
رکندا هئا، جنهن کي ”بوگو ملڪ“ (Bogomillik)
ڪوٺيندا هئا. تنهن دؤر ۾ جيڪي مسلمان سياح ايندا
هئا، اهي انهن کي اسلام جي نظريي موجب توحيد
واريون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، جنهن کان متاثر ٿي
آسانيءَ سان مسلمان ٿيندا ويا. عثمانين هٿان،
795هه ۾ اسڪپ (Oskup)
۽ 864هه ۾ بوسنيا جي فتح ۽ پوري علائقي تي قابض
ٿيڻ کان پوءِ، حڪمرانن انهن نون حاصل ڪيل علائقن
جي ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ واري عمل ۾ صوفي درويشن
کان ڪم ورتو. انهن دؤر دراز علائقن ۾ تعمير ٿيل
خانقاهون نه رڳو اسلام جي تبليغ جو مرڪز هونديون
هيون، بلڪه پاڙيسري مغربي شهنشاهيت جي مقابلي لاءِ
هڪ قسم جو سرحدي مورچو به هونديون هيون. بالقان جي
سرزمين تي عثمانين جي باقائدي قابض ٿيڻ کان پوءِ،
هوريان هوريان ترڪن جي صوفي طريقن جهڙوڪ: خلوتي،
بڪتاشي، نقشبندي، ۽ انهن پٺيان: قادري، رفاعي ۽
سعدي، مذڪوره خطي ۾ وڌڻ شروع ڪيو. ان وچ ۾ بالقان
جي ماڻهن جي نرم رويي، صوفي طريقن ذريعي اسلام جي
پکڙجڻ ۾ ڪافي حد تائين مدد ڪئي.
بالقان جي خطي ۾ اڀرندڙ صوفين جي شهرت فقط
اتان واري سرزمين جي حدن تائين محدود نه هئي، بلڪه
انهن جي شهرت جو پڙاڏو استنبول ۽ ٻين علائقن تائين
پهتل هو. انهن مان ڪيترا ئي مشائخ، ابتدائي تعليم
حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ علم پرائڻ لاءِ استنبول به
وڃي چڪا هئا، جن ۾ شيخ بدرالدين، عبدالله بُسنوي،
اسماعيل حقي بروسوي، عبدالله صلاح الدين عشاقي ۽
سودي بُسنوي جهڙن جا نالا اچي وڃن ٿا، جيڪي سڀ جا
سڀ بالقان جي سرزمين مان ئي اڀريا. انهن، تصوف
متعلق ڪيترائي ارزشمند ڪتاب لکيا. مثال طور:
عبدالله بسنويءَ پنهنجي ٻن ڪتابن، فصوص الحڪم، هڪ
عربيءَ ۾ ته ٻيو عثمانيءَ ۾ ۽ ان کان علاوه عرفان
۽ ما فوق فطرت (Supernatural)
علمن متعلق ويهن کان مٿي لکيل رسالن جي بنياد تي
اڄ به خاصو مشهور آهي. سنه 1054هه ۾ وفات کان پوءِ
سندس مڙهه کي قونيه ۾ صدالدين قونيويءَ جي ڀر ۾
دفن ڪيو ويو. بسنوي، ملاميه حمزويه طريقي سان نسبت
رکندو هو، جنهن جو پير طريقت حمزه بالي افندي به
بوسنيا جو رهاڪو هو. اهڙي طرح خلوتي طريقي جو پير
طريقت شيخ اسماعيل حقي بسنوي (متوفيٰ 1137هه) جيڪو
هاڻوڪي بلغاريه جي شهر آئدوس (Aydos)
۾ ڄائو هو، تنهن به هڪ سؤ
جي لڳ ڀڳ تصوف متعلق ڪتاب ۽ رسالا لکيا، ان جي ڪري
ئي اهڙن صوفي مشائخن ۾ شمار ٿو ٿئي جن تمام گهڻي
کان گهڻا ڪتاب لکيا.
خاص ڪري صوفي مزاج موجب عربي ٻوليءَ ۾ سندس لکيل
تفسير ”روح البيان“ تمام گهڻي مشهور آهي. عبدالله
صلاح الدين عشاقي (متوفيٰ 1197هه)، جيڪو هاڻو ڪي
يونان جي شهر ڪيسٽوريا (Castoria)
جي بوسنيڪ (Bosnak)
خاندان ۾ ڄائو، تنهن به تصوف متعلق مختلف لکڻين
کان علاوه پنهنجي شاعريءَ جو هڪ ديوان به پنهنجي
پٺيان ڇڏيو. سودي بسنويءَ به ديوان حافظ ۽ شيخ
سعديءَ جي گلستان ۽ بوستان جون شرحون لکيون. ان
کان علاوه شمعي پور زرينيءَ به جيڪا مولانا روميءَ
جي مثنويءَ جي شرح لکي آهي، اها به وڏي اهميت ٿي
رکي. شيخ سليمان افندي ڪوستينديلي (متوفيٰ 1235هه)
به پنهنجي پويان ڀلوڙ لکڻيون ڇڏيون آهن ۽ سندس
تعلق نقشبندي طريقي جي مشائخن سان هو.
عثماني حڪومت جو بالقان جي مردم خيز ۽ سرسبز
سرزمين تي ٻين علائقن جي بنسبت وڌيڪ ڌيان هوندو
هو، انڪري جو مملڪت جا وزير اعظم اڪثر ڪري بالقان
سرزمين جا ئي هوندا هئا. اڪثر تعميراتي منصوبا به
اتي ئي جاري پيا ٿيندا هئا. اهو ئي سبب هو جو
ڪيترن ئي تاريخنويسن ”عثماني شهنشاهيت“ کي،
”بالقان شهنشاهيت“ به ڪوٺيو آهي. ان جي ڪري ئي سنه
1900ع صديءَ تائين، بالقان جي علائقن وارا جيڪي
صوفي نشين ماڳ عثمانين هٿان نڪري ويا، تن متعلق
ڌار تحقيق ڪرڻ هڪ ناممڪن عمل آهي. اتان جي هر هڪ
رائج طريقي جي پکيڙ بابت کوج مان پڌرو ٿو ٿئي ته
انهن مان هر هڪ (مثال طور مولوي طريقو) مکيه طريقو
ليکيو ويندو هو، جن مان بالقان جي شهرن جهڙوڪ
اسڪوب، تيران (Tiran)،
پيڪاءِ (Pecoy)،
بلگراد، ڪرٽ نس، سائروز (Siroz)،
سرائيوو، موستار، سلانڪ، جينتسا ۽ ادرنا ۾ مولوي
طريقي جون خانقاهون يا مولوي خانا قائم ٿيا. انهن
مان سرائيوو ۾ جيڪو مولوي خانو هو، اهو هڪ درياءِ
جي ڪنڌيءَ تي، هڪ ڊيم جي ويجهو ۽ نهايت ئي خوبصورت
هنڌ تي تعمير ٿيل هو، جيڪو عيسيٰ بيگ جي حڪم سان
تعمير ڪيو ويو هو. ان جي وقف نامي ۾ هي شرط لکيل
هو: هتي سيدن، طالب علمن، مسفرن، فقيرن ۽ غازين جي
گوشت، چانورن، گيھه ۽ ڪَڙهي کارائي خدمت ڪئي
ويندي. ان خانقاه جي عمارت انگريزي تاج سان ۽ تمام
سهڻي هوندي هئي، منجهس سرڪاري ملازم ۽ مختلف
ڪاروباري ماڻهو اچي رهندا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا ۽
اتان جي رسم موجب نون ڪاروباري ماڻهن کي سندرو
ٻڌندا هئا ۽ اهڙي قسم جي ويهڪ کي ”قوشمانه“
ڪوٺيندا هئا. هنن جي اها روش مهاڀاري جنگ تائين
جاري رهي. هڪ ٻيو صوفي طريقو جيڪو بالقان جي
سرزمين ۽ خاص ڪري آلبانيائي قومن ۾ رائج هو، اهو
”بڪتاشي“ هو. اهو طريقو سڀ کان پهريان مشرقي
يونان، مشرقي بلغاريا ۽ ڏکڻ رومانيا ۾ رائج ٿي چڪو
هو، پر اڳتي هلي هنگريءَ جي شهر بڊاپسٽ تائين وڃي
پهتو. هنگريءَ ۾ هڪ بڪتاشي خانقاه، هڪ بڪتاشي بزرگ
نالي گل بابا قائم ڪئي، جيڪا اڄ سوڌي اتان جي
ماڻهن لاءِ عام زيارتگاهه آهي. اهڙي طرح هڪ ٻي
بڪتاشي خانقاه ڊيمٽوڪا شهر ۾ به تعمير ڪرايائين،
جيڪو حاجي بڪتاش علائقي ۾ بڪتاشين جي مکيه خانقاه
سمجهي ٿي وڃي. مقدونيه جي ٽيڊوا ۾ خراباتي بابا
واري خانقاه به بڪتاشين جي هڪ مشهور خانقاه آهي.
البانيا جو علائقو، مرڪزي حڪومت جي نظرداريءَ کان
ڏور هجڻ جي ڪري ملڪ بدر ٿيل بڪتاشين لاءَ هڪ قسم
جي پناهگاهه بڻجي پيو. عثماني شهنشاهيت جي زوال
وقت بڪتاشي فقيرن، البانيا ۾ بڪتاشي حڪومت قائم
ڪرڻ جي رٿ رٿي. سنه 1925ع ۾ جڏهن مصطفيٰ ڪمال پاشا
اتاترڪ سموريون خانقاهون بند ڪرايون ته البانيائي
بڪتاشين دعويٰ ڪندي چيو: جيئن ته حاجي بڪتاش واري
خانقاه واري مرڪزي حيثيت، تيران بڪتاش ڏانهن منتقل
ٿي چڪي آهي، انڪري بڪتاشي طريقي جي مڪمل رهبري
انهن وٽ ئي آهي.
بالقان ۾ رائج صوفي طريقن مان هڪ طريقو
”ملامي/
ملامتي“ به هو. ان طريقي کي ٽئين دؤر جو ملامي
طريقو يا قبيلائي روم وارو ملامي طريقو به سڏيندا
رهيا آهن. محمد نور العربي (متوفيٰ 1305هه) نالي
جامعه الازهر جو هڪ شاگرد، جنهن کي پنهنجي استاد
قبيلائي روم طرف تبليغ لاءِ موڪليو هو، اهو اتان
جي ڪجهه مدرسن ۾ پڙهائڻ دؤران ڪجهه نقشبندي، خلوتي
۽ اڪبري مشائخن سان به واقف ٿيو هو ۽ اڳتي هلي شيخ
جي درجي تي به پهتو ۽ پنهنجي نالي سان منسوب هڪ
ملامتي طريقو به قائم ڪيائين. ڪيترائي ڪتاب
لکيائين ۽ پنهنجا جانشين به جام تربيت ڪيائين، ان
جي ڪري ئي سندس طريقو قبيلائي روم کان استنبول ۽
الهندي اناتوليا تائين پکڙجي ويو ۽ هينئر به هلي
پيو.
عثماني حڪومت جي زوال کان پوءِ مٿي ڄاڻايل
علائقا هڪ ٻئي پٺيان ٽٽندا ويا، نتيجي ۾ اتان جو
تصوف به نون ايجاد ٿيل حڪومتن جي پاليسين مطابق
تبديل ٿيندو ويو. جڏهن بالقاني سرزمينن تي ڪميونسٽ
حڪومتون قائم ٿيون ته اڪثر مشائخن ترڪيءَ طرف لڏي
وڃڻ ۽ اتي وڃي پنهنجي فعاليت کي مخفي طرح جاري رکڻ
کي بهتر سمجهيو. البته جيڪي اتي ئي رهي پيا، انهن
پنجاهه سال جي ڊگھي دؤر
کان پوءِ پنهنجي تڪين کي ٻيهر کولي ۽ پنهنجي
فعاليت کي شروع ڪري ورتو، پر جيئن ته هڪ ڊگهو عرصو
ڪميونسٽ حڪومت جي تسلط هيٺ رهڻ ڪري مذهبي تعليم
کان محروم رهي چڪا هئا، انڪري ڪجهه صوفين جي، دين
۽ حقيقي تصوف جي علم کان وانجهيل صوفياڻي تبليغ،
انهن نوجوانن جي تنقيد جو شڪار ٿيندو پئي رهيو
آهي، جيڪي عربي ملڪن مان پڙهي موٽندا رهيا آهن.
اهو اختلاف اڃا سوڌو ڪڏهن، ڪڏهن ته جهيڙن جو ڪارڻ
به بڻجندو ٿو
رهي.
منابع
1.
ابن بطوطه، ”رحله ابن بطوطه“ ڇاپو علي ... ڪتابي،
بيروت،1395هه ق/1975ع.
2.
ابن عربي ”الشجرة النعمانية“ ڇاپو ابن قومي، قاهره
1996ع.
3.
احمد بن اخي ناطور افلاڪي ”مناقب العارفين“ ڇاپو
تحسين بازيجي، انڪرا، 1959 ــ 1961ع.
4.
اولياء چلبي، محمد ظلي بن دروش اوليا چلبي، اوليا
چلبي، سياحتنامه سي ج 1ـــ 6، ڇاپو احمد جودت،
استنبول، 1314هه ق ـــ 1318هه ش. ج 7 ۽ 8، استنبول
1928ع، ج 9 ۽ 10، استنبول، 1938ع (ج 9 ۽ 10، ليٽن
ٻوليءَ ۾).
5.
احمد منيب باندر معليٰ زاده، ”مجموعه تکايا“،
استنبول، 1307هه ق.
6.
دانشنامه جهان اسلام، زير نظر غلام علي حداد عادل،
تهران، بنياد دائرت المعارف اسلامي، 1375هه ش.
7.
احمد بن مصطفيٰ طاشڪويري زاده، ”الشقائق
النعمانيه“ ڇاپو احمد صبحي فرات، استنبول 1405هه
ش.
8.
سيد محمد شکري طبيب زاده، ”سلسله نامة العلية
السادات الصوفية“، 1291هه ق.ورق 17.
9.
عبد الله بن محمد نجم رازي، ”مرصاد العباد“، چاپ
محمد امين رياحي، تهران 1352هه ش.
10.
حسن وصاف، ”سفينة
أولياء“
قلمي نسخو، کتابخانه سليمانيه، کتابهاي خطي
اهدائي، شمارو 2309.
11.
Yahya Agah Hfendi, Tarikat kiyafetleri ve
sembolleri, ed M. Serhan Tayşi,
Istanbul 2002.
12.
Samuel Anderson, "Dervish orders of
Constantinople". The Moslem world,vol.
12 (1922), 53-61
13.
Mustafa Askar, "Bir Türk
tarikat olarak Halvetiyy’nin tarihi gelişimi
ve Halvetiyye silsilesinin tahlili", Ankara
Üniversitesi
lehkut Fakültesi
dergisi vol. 39 (1999), 535-563.
i.
Nurban Atasoy, Derviş
Çeyizi
Turkiye'de tarikat giyim kusam tarihi, Istambul
2000..
14.
Bilgin Aydın,
"Osmanlı
develetinde tekkeler reformu ve meelis-i
mesayihlin seyhülislamlık'a
bajı
olarak kurulu su, faaliyetleri varşivi".Istanbul
oraştırmatan,
vol.7 (1998), 93-109.
15.
Mikail Bayram, Evhadhye tarikati, Konya 1995..
16.
The Encyclopaedia of Islam,
new ed. Leiden: Brill, 1960, s.v. "Kemal
Pasha-Za de" (by V. Ménage):
Abdülbaki
Gölpinarli,
Melamdik ve Melamder, Istanbul 1999.
17.
Irfan Gündüz,
Omanlilarda devlet-tekke müna
sebetier, Istanbul 1984..
18.
Mustafa Kara, Metinlerie günümuz
tasuvvuf hureketleri Istanbul 2002..
19.
Mahmud Erol Kihç,
"Adim uşsak
sehrinden alan bir Osmanlı
tasavvuf okulu: Pir Hüsa
müddin
IIasan-i Useahkive Usşakilik".
21 Yüzvi
eşijande
usak sempozyumu vol1 (25-27 Oct. 2001), 435-450
20.
"Yedi
tepeli sehrin tekkelen ve Muhyiddin Efendi'nin
Tomur- tekäyası",istanbul
Armagant, vol.3 (1997) 259-274.
21.
M. Fuad Köprülü,
Anadolu da islamiyet, ed. Mehmed Kanar. Istanbul
1996..
22.
Turk edebiyanda llk mulatavi ular, Ankara: 1966
23.
Cernal Kurnaz, Anadolu'da Orta Asyak
şairler,
Ankara 1997. B.G. Martin, "A short history of
the Khalwan order of dervishes", in Sholars.
saints and sufis, ed. N.R. Keddie Berkeley:
University of California Press. 1972, 275-305.
24.
Hans Georg Mayer, "Ictimai tarih açısından
osmanlı
devleti'nde lemá-mesayih
müna
sebetlen, tr. Hüseyin
Zament di. Kubbeahiti, vol 9, no 4(1980), 48-68
25.
Ramazan Muslu, Osmanlı
toplumunda tasavvuf (XVII yizu), Istanbul 2003.
26.
Bedri Noyan, Bütün
yönleriyle
Bektaşilik
ve Alevilik, vol. 1-4, Istanbul 1998-2000
27.
Sädeddin
Nüzher
Ergun, Bektasilik ve Alevilk, vol.
1-4,1998-2000.
28.
nefesleri (XIX asra kadar), 2 nd ed. Istanbul
1955, vol. 3. XIX. Asırtunheri
Bektaşi-Kızılbaş
Alevi säteleri
ve nejesleri 2nd ed. Istanbul 1956.
29.
Ahmet Yaşar
Ocak, Babailer
İsyanı,
Istanbul 1996.
30.
Osmanlı
toplumunda zandıklar
ve mülhidler
(15.-17 yüzyıllar),
Istanbul 1998.
31.
Reşat
Öngören.
Osmanlılarda
tasavvuf (XVI. yüzy),
Istanbul 2000.
32.
Alexandre Popoviç,
Le derviches haikuniques hier et d'aujourd hui.
Istanbul 1994.
33.
"Eski
Muharremlerde Cemâleddîn
mersiye ve Aşûre".
En son dakika, 6/11 (1951).
34.
Baha Server, Revnakoglu, Said Bey, Turkiye'de
Alevi-Bektaşi.
Aht ve Nusayri zümreleri,
ed. Ismail Görkem,
Ankara 2000.
35.
Enver Rehnån
Sapolyo, Mezhepler ve tarikatlar tarihi,
Istanbul 1964. Rahmi Serin, Istanbul ve Anadolu
eviivalan, Istanbul 1999.
36.
Murat Sertoğlu,
Bektaşilik,
Istanbul 1969.
37.
Osman Turan, Selçuklular
zamanında
Türkiye,
Istanbul 1993.
38.
Turkaye Diyanet vukfi Islam Ansiklopedisi,
s vv. "Ibn al-Arabi, Muhyiddin" and "Fusfüsü'l-likem",
(by Mahmud Erol Kılıç).
39.
Tahsın
Yazıcı,
Fetihten sonra Istanbul'da ilk ilalveti
şeyhleri
çelebi
Muhammed Cemâleddin.
Sünbül
Sinün
ve Merkez Efendi", Istanbul Enstitüsü
dergisi vol.2 (1956), 87-113.
40.
Necdet Yılmaz,
Osmanlı
toplumunda tasavvuf (XVII Yüzy).
Istanbul 2001. Hür
Malunud Yücer,
Oramani toplumunda usarv(NZX vizul), Istanbul,2003
|