سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تصوف

باب:

صفحو:6 

فصل پنجون

 

تصوف، ننڍي کنڊ ۾

     الف) تاريخ

     تصوف، ننڍي کنڊ ۾ ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ ظاهر ٿيو. ابو علي سنڌيءَ جي بايزيد بسطاميءَ (متوفيٰ 261هه يا 264هه)[1] سان ملاقات، منصور حلاج جي هندستان طرف تبليغي سفر[2]، شايد پهرئين صوفيءَ شيخ صفي الدين ڪازروني (متوفيٰ 398هه) جي پنهنجي مرشد شيخ ابو اسحاق ڪازروني (ابراهيم بن شهريار) جي حڪم سان سنڌ جي اُچ ۾[3] رهائش، شيخ حسين زنجاني (متوفيٰ 420) جي پنجاب ۾ تصوف جي تبليغ، ترويج ۽ سالڪن جي تربيت سانگي سان  رهائش ۽ علي بن عثمان هجويري جي پنهنجي مرشد ابو الفضل ختلي جي امر سان پنجاب طرف سفر متعلق ڪتابن ۾ تذڪرو ملي ٿو[4]. هجويريءَ ته لاهور ۾ پنهنجو خانقاهه قائم ڪري تصوف جي تعليم ۽ ارشاد ۾ لڳي ويو ۽ فوت به اتي ئي ٿيو[5].

صوفي طريقن جو ننڍي کنڊ ۾ اچڻ

     بر صغير ۾ صوفي طريقن جو اچڻ لڳ ڀڳ غوري خاندان جي حڪومت (543هه کان 612هه) واري عرصي ڌاري ٿيو. ڇهين صدي هجريءَ ڌاري وچ ايشيا جي ڪن صوفين هندستان طرف لڏ پلاڻ ڪئي، تن مان سڀ کان پهريان چشتي[6] ۽ سهروردي طريقا هندستان ۾ داخل ٿيا. چشتي گهڻو ڪري اجمير، پنجاب جي ڪن علائقن، دهلي ۽ اترپرديش جي بهار ۾، جڏهن ته سهروردي طريقي وري سنڌ، ملتان ۽ پنجاب ۾ تبليغ ڪرڻ لڳا. انهن کان پوءِ جيڪي طريقا آيا تن ۾ سڀ کان وڏيڪ مکيه نقشبندي، قادري ۽ شطاري هئا[7].

     سڀ کان پهريان خواجه معين الدين حسن سجزي چشتي[8] (متوفيٰ 633هه)، جنهن جو تعلق چشتي طريقي سان هو، سنه 561هه ڌاري اجمير ۾ اچي رهيو. جنهن جي وفات کان پوءِ قطب الدين بختيار ڪاڪي ٿيو ۽ ڪاڪيءَ جي فوتگيءَ کان پوءِ فريد الدين شڪر گنج، (متوفيٰ 664هه)  جيڪو بابا فريد جي نالي سان مشهور هو، سندس جانشين بڻيو. انهن ٻنهي چشتي طريقي کي دهليءَ ۽ پنجاب ۾ پکيڙيو[9].  هندستان ۾ بابا فريد جو مکي خليفو، شيخ نظام الدين اوليا (متوفيٰ 725هه) هو، جيڪو ”سلطان المشائخ“ سڏيو ويندو هو. فارسي ٻوليءَ جا ٻه نامور شاعر: امير خسرو دهلوي ۽ امير حسن سجزي، جيڪي نظام الدين اوليا جا مريد هئا، ايراني تصوف ۾ سندس شهرت جو ڪارڻ بڻيا[10]. نظام الدين اوليا جو مکيه خليفو شيخ نصير الدين محمود عرف ”چراغ دهلي“[11] (متوفيٰ 757هه) هو[12]، جيڪو هڪ اهڙي دؤر ۾ هو جنهن ۾ ابن تيميه جا شاگرد، صوفين تي  مذهبي دٻاءُ وجهي رهيا هئا، جڏهن ته سلطان محمد بن تغلق وري انهن تي سياسي دٻاءُ وجهي رهيو هو، ان ڪري هن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي شاگردن کي شريعت جي ابتدائي ڳالهين جي لحاظ ڪرڻ جو پابند ڪيو. ان طريقي سان هن پنهنجي طريقي کي ڇيڙ ڇاڙ کان بچائي ورتو. ان جي ئي ڪري تصوف جي ڪن رسمن جهڙوڪ: ”زمين بوسي“ کي منسوخ ڪري ڇڏيائين[13]. چشتي طريقي، ٻن بزرگ مشائخن: نظام الدين اوليا ۽ نصير الدين ”چراغ دهلي“ جي زماني ۾، شيخ سراج الدين (متوفيٰ 758هه) ذريعي بنگال تائين ۽ سيد محمد گيسو دراز (متوفيٰ 825هه) ذريعي گلبرگه (هڪ شيعه نشين شهر) تائين پکڙيو. جڏهن ته ڪي ٻيا چشتي مشائخ مالوه ۽ گجرات ۾ رهڻ لڳا[14].

     هندستان ۾ چشتي طريقي جون ڪي مکيه شاخون به آهن، جهڙوڪ: 1) ”نظامي“ جنهن جي نسبت نظام الدين اوليا ڏانهن نسبت هئي. 2) ”صابري“، جيڪو شيخ علي صابر (متوفيٰ 690هه) ڏانهن منسوب هو. انهن مان وري هرهڪ جون ذيلي شاخون آهن[15]. ”صابري“ طريقي جو مک نمائندو شيخ عبد القدوس گنگوهي (متوفيٰ 945هه) هو، جنهن ان طريقي کي نائين صدي هجريءَ ۾ هندستان ۾ رائج ڪيو[16]. ان طريقي جي تعليم ۽ ارشاد جو دارومدار هميشه، جلي ذڪر، مُرشد سان قلبي رابطي، چله ڪشي، سا به نماز روزي سميت، طعام، ڪلام ۽ منام (ننڊ) گهٽائڻ ۽ هر وقت وضو سان رهڻ تي رهيو آهي[17].

     چشتي طريقي جا مشائخ اميرن ۽ بادشاهن جي تحفن ۽ هدين قبول ڪرڻ کان گريز ڪندا هئا ۽ رڳو ”فتوح“ عام ماڻهن جا تحفا قبول ڪندا هئا. ڪي، ڪي چشتي صوفي پوکي راهي ڪرڻ تي به اعتراض ڪندا هئا ۽ ڪڏهن، ڪڏهن ته ٻڌ مذهب جي پوئلڳن وانگر ڇٻي هٿ ۾ ڪري، گهر گهر وڃي پنندا به هئا. وقت گذرڻ سان ان طريقي جيئن، جيئن ترقي ڪئي ۽ مختلف علائقن ۾ پکڙيو ته سندن زهد گهٽجي ويو ۽ اميراڻن تحفن وٺڻ کان پرهيز ڪرڻ به ڇڏي ڏنائون. اهڙي طرح پنهنجي هيٺين طبقي وارن مريدن لاءِ، گذر سفر خاطر سرڪاري نوڪري يا ڌنڌي ڪرڻ کي به جائز ڄاڻندا هئا[18]. ڏٺو وڃي ته چشتي طريقو صدين کان هندستان جي سرزمين ۾ هڪ نهايت ئي با اثر طريقو رهيو آهي[19].

     سهروردي طريقو، ابو نجيب عبدالقاهر بن عبدالله سهروردي يا ان جي ڀائٽي شهاب الدين عمر بن محمد سهروردي ڏانهن منسوب آهي. هي طريقو هندستان ۾ شهرت ۽ اثر رسوخ جي اعتبار کان ٻئي نمبر تي آهي. هندستان ۾ ان کي بهاءُ الدين زڪريا (متوفيٰ 661هه) رائج ڪيو، جيڪو خواجه معين الدين چشتيءَ جو معاصر هو. پنجاب جي علائقي ۾ اسلام پکيڙڻ لاءِ ان جون وڏيون اثرائتيون محنتون هيون. پاڻ ملتان ۾ رهندو هو ۽ سندس خانقاه تصوف جي تعليم ڏيڻ جو مرڪز هوندو هو. ان طريقي سنڌ توڙي پنجاب ۾ ڪافي مريد پيدا ڪيا[20]. کانئس پوءِ سندس پٽ صدرالدين محمد عارف (متوفيٰ 684هه)، صدرالدين کان پوءِ ان جو پٽ رڪن الدين عالم (متوفيٰ 735هه) هڪ ٻئي پٺيان خليفا ٿيندا ۽ سهروردي طريقي جي تبليغ ڪندا رهيا. رڪن الدين کان پوءِ خلافت سندس اولاد يا ساڻس نسبت رکڻ وارن ۾ جاري رهي[21]. سيد جلال الدين سرخ پوش بخاري ۽ سندس پوٽو جلال الدين مخدوم جهانيان جن ان طريقي کي اُچ ۾ رائج ڪيو. جلال الدين مخدوم جهانيان وري پنهنجي پيءُ جي نالي جي نسبت سان هڪ نئون سلسلو ”جلاليه“ رائج ڪيو[22]. جلال الدين تبريزي[23] (متوفيٰ 642هه) جيڪو هڪ سهروردي مشائخن مان ۽ ابو حفص عمر سهروردي جو شاگرد هو، ستين صدي هجريءَ ۾ بنگال ويو، اتي وڃي ان طريقي جي تبليغ ۽ ترويج ڪيائين ۽ وفات به اتي ئي ڪري ويو[24]. ان وارو رائج ڪيل سهروردي طريقو اڃا به بنگال ۾ رائج آهي. مير سيد عثمان عرف لعل شهباز قلندر (متوفيٰ 650هه) به ان ئي طريقي جي مبلغن ۽ بهاءُ الدين زڪريا جو خليفو هو. ان جو وري ”وحدت الوجود“ ڏانهن رجحان هو، انڪري ان وري سهروردي طريقي کي قلندري طريقي سان ملائي ڇڏيو[25].

     ڪبروي طريقو وري نجم الدين ڪبريٰ ڏانهن منسوب آهي. هندستان ۾ ان جون ٻه مکيه شاخون آهن: هڪ ”همداني“، ٻي ”فردوسي“. همداني هڪ ڪشميري شاخ (ڪبروي طريقي جي هڪ خراساني شاخ)، جنهن جي نسبت مير سيد علي بن شهاب همداني (متوفيٰ 785هه) ڏانهن نسبت آهي[26]. مير سيد علي همداني ڪيترائي ڀيرا ڪشمير ويو هو ۽ ان دؤران ئي ڪبرويه طريقي کي اتي رائج ڪيو هئائين. نه فقط ايترو بلڪه ڪشمير ۾ فارسي ٻولي ۽ ايراني هنر جي ترويج جو پڻ ميدان فراهم ڪيائين . پنهنجي شاگردن کي ڪشمير جي مختلف ماڳن تي تبليغ لاءِ موڪليندو هو. لکيل آهي ته ستٽيهه هزار (37000) ماڻهن کي مسلمان ڪيو هئائين. سندس دؤر ۾ ڪيتريون ئي مسجديون ۽ خانقاهون ”حضرت امير“ جي نالي سان تعمير ٿيون[27]. امير سيد علي همداني، ڪشمير ۾ هڪ لائبريري به قائم ڪئي، جنهن ۾ عربي توڙي فارسي ٻولين ۾ ڪيترائي ڪتاب هئا[28]. سندس پٽ سيد محمد همداني به اسلام جي تبليغ لاءِ ڪشمير ويو هو. مير سيد علي همدانيءَ جو هڪ مريد نالي اشرف جهانگير سمناني (متوفيٰ 808هه) به ڪبرويه طريقي مان هڪ نئين شاخ ”اشرفيه“ جي نالي سان قائم ڪئي[29].

     فردوسيه طريقي جو نالو ڪبرويه طريقي جي هڪ مشائخ نالي رڪن الدين فردوسيءَ جي نالي مان ورتو ويو آهي. اهو طريقو هندستان جي بِهار صوبي ۾ پکڙيو[30]. شرف الدين احمد بن يحيٰ منيري (متوفيٰ 782هه) ان طريقي جو هڪ بزرگ (مشائخ) هو، جنهن جي تغلق گهراڻي جي حاڪمن وٽ وڏي عزت هوندي هئي. ان، تصوف جي ترويج توڙي ايراني صوفي مشائخ جي هندستان ۾ واقفيت ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ڪيو[31].

     هندستان ۾ رائج صوفي طريقن مان هڪ طريقو ”قلندري“ به هو، جيڪو ستين صدي هجريءَ ۾ هندستان ۾ رائج ٿيو، جنهن کي وچ ايشيا ۽ ايران تي مغل قائم حڪومت، ترڪيءَ مان هندستان آڻڻ لاءِ ميدان فراهم ڪيو. قلندري طريقي جا اڪثر مشائخ چشتيه يا سهروردي طريقن سان رابطي ۾ هئا. مثال طور لعل شهباز قلندر شروع ۾ سهروردي هو، بعد ۾ قلندري طريقي ۾ آيو. جيڪو جلال الدين حسين بخاري (بخاري طريقي سلسلي جو هڪ بزرگ متوفيٰ 785هه) جي ڀاءُ صدر الدين راجو قتال جا ڪي مريد به قلندري سهروردي خريقي سان مشهور هئا. ڪي قلندر ته پنهنجي روحاني سلسله نسب کي شاهه نعمت الله ولي (متوفيٰ 730 يا 731هه)  تائين ٿا پهچائين. ان طريقي جا ڪي قلندر جيڪي ”نعمتي قلندري“ طور مشهور هئا، تن جي نائين صدي هجريءَ کان ڏهين صدي هجريءَ تائين وڏي اهميت هئي[32].         

     قلندرانه تصوف جي طريقي واري هڪ مشهور شخصيت ۽ شاعر نالي محمد سعيد سرمد ڪاشاني ٿي گذريو آهي، جنهن جي داراشڪوهه حمايت ڪندو هو. سرمد جڏهن وجد ۾ ايندو هو ته لٽا ڪپڙا لاهي ڦٽا ڪندو هو، کيس اورنگزيب (اقتدار 1068ھه کان 1118ھه) بدعت ايجاد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪرايو[33]. اڄڪلھه اتر هندستان ۾ لفظ ”قلندر“ پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو آهي، جيڪو عام طرح هڪ اهڙي پناگر يا رولاڪ لاءِ ڪتب اچي ٿو جيڪو گڏهه يا گهوڙي جي نمائش (يا انهن کي نچائڻ) ذريعي  پنهنجو گذر سفر ڪندو آهي[34].

     ”حيدري“ وري قلندريءَ جي شاخ آهن. هندستان جو مشهور حيدري ”شيخ ابوبڪر حيدري توسي“ ٿي گذريو آهي. جيڪو ستين صدي هجريءُ ۾ دهليءَ ۾ هوندو هو. جنهن جي وفات کان پوءِ اهو طريقو مشائخ ۽ قطب نه هجڻ ڪري ختم ٿي ويو. تنهن هوندي به ڪي هئا جيڪي ڪجهه صدين تائين ان طريقي جو پوئلڳ سڏرائيندا پئي رهيا[35]. ان طريقي ۾ رائج طور طريقا ۽ ريتون رسمون ”رفاعيه“ طريقي سان گهڻو ملنديون جلنديون هيون[36].

     اهڙن ئي صوفي طريقن مان هڪ طريقو ”مداريه“ آهي، جنهن جو ”بديع الدين قطب المدار“ عرف ”شاهه مدار“ باني هو. بنيادي طرح شام ملڪ جو هو، جتان نائين صدي هجريءَ ۾ هندستان آيو. ان جي پيروڪارن جو چوڻ هو ته سندن ان سلسلي جو تعلق، چشتي طريقي سان آهي. جڏهن ته انهن جون ريتون رسمون اسلام ۽ هندو مت  جو خمير هيون. ان طريقي وارا هندو سناسين وارو ويس پائيندا ۽ پاڻ کي ڇار مليندا هئا. چون ٿا: چرس به ڇڪيندا هئا. نماز روزن ڏانهن ڪنهن به قسم جو ڌيان ئي نه ڏيندا هئا[37]. ان طريقي جي پوئلڳن کي هميشه ڍيٻڪي کڻڻ جي ڪري ”دفلي“ ڪوٺيو ويندو هو. تيرهين صدي هجريءَ تائين اهو طريقو موجود هو[38].

     ”شطاري“ طريقو،عبدالله شطاريءَ ڏانهن منسوب آهي، جنهن ان طريقي کي اٺين صدي هجريءَ ڌاري مالوه ۽ جونپور ۾ مشهور ڪيو. ان طريقي جي مشهور شخصيت سيد محمد غوث غوالياري (متوفيٰ 970هه) هو جنهن گجرات ۾ ان طريقي کي پکيڙيو. سٺي اثر رسوخ وارو هو، اهو ئي سبب هو جو ظهير الدين بابر، همايون ۽ اڪبر شهنشاهه جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايائين[39]. ان جي ريتن رسمن تي نظر وڌي وڃي ته اهو طريقو ٻين طريقن جي بنسبت هندومت کان وڌيڪ متاثر نظر ايندو[40].

     نعمت اللٰهي صوفي به ان طريقي جي بانيءَ واري دؤر کان وٺي هندستان ۾ سرگرم هئا. شاهه خليل الله (شاهه نعمت الله وليءَ جو پٽ) ۽ ميرزا نورالله (سندس پوٽو) دکن جي بهمني حاڪم سلطان شهاب الدين احمد اول جي دعوت تي هندستان آيو هو[41]، جتي مذڪوره سلطان ۽ مير نورالله جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي به قائم ٿي هئي، جنهن ڪري اهي ٻئي اتي ئي رهي پيا. ان قرابت جي ڪري ئي مذڪوره سلطان انهن جي ڀرپور حمايت ڪئي[42].

     دکن ۾ نعمت اللٰهي طريقي جي موجودگيءَ جي ڪري، گيسو دراز جو پنهنجي پوئلڳن تي اثر گهٽجڻ لڳو. نه رڳو ايترو بلڪه دکن جي سلاطين جي مذهب تبديل ٿيڻ ۾ به گهڻو متاثر رهيو[43]. صفوين جي اقتدار ۾ اچڻ واري دؤر (906 کان 1135هه) جي شروعات کان ئي نعمت اللٰهي طريقي جو هندستان ۾ مضبوط ٺڪاڻو جُڙي پيو. جنهن جي هاشمشاهيه شاخ (جنهن جي نسبت هاشم شاهه جهانگير سان هئي) دهليءَ ۾ قائم ٿي ۽ ڪافي وقت تائين سرگرم رهي[44].

     هندستان ۾ قادري طريقي کي، عبدالقادر گيلانيءَ جي نسل مان محمد بن شهمير (متوفيٰ 923هه) عرف ميان مير، پهچايو. ملا شاهه يا شاهه محمد بدخشي (متوفيٰ 1072هه) نالي سندس جانشين، دارا شڪوهه جو مرشد هو. ان ميان مير ئي اُچ ۾ قادري خانقاه جوڙائي هئي[45]. ان طريقي جي جن مکيه پوئلڳن جا نالا ملن ٿا سي هن طرح آهن: بهاءُ الدين جنيدي (متوفيٰ 921هه)، شيخ قميص (متوفيٰ 992هه)، عبدالقادر جي اولاد مان[46]: ملا شاهه ۽ علامه محب الله الهه آبادي (متوفيٰ 1و58هه) انهن چئني تي ابن عربيءَ جي فڪر جو اثر هو[47]. اورنگزيب واري دؤر ۾ اهو سلسلو ماٺار ۾ اچي ويو هو، پر تنهن هوندي به اڄڪلهه اهو طريقو ٻين طريقن جي ڀيٽ ۾ سرس چاهيو ٿو وڃي[48].

     نقشبندي طريقو، وچ ايشيا مان اُٿيو. هندستان ۾ اهو طريقو گهڻو ڪري باقي بالله (متوفيٰ 971هه) ذريعي، اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ رائج ٿيو[49]. بابر (حڪومت 899 کان 937هه) ان طريقي جي حمايت ڪندو هو. ان طريقي جو مشهور صوفي سرواڻ احمد سرهندي  (متوفيٰ 1035هه) هو، جيڪو مجدد الف ثاني جي لقب سان مشهور هو، باقي بالله جو مريد ۽ سنت جو سختيءَ سان پابند هوندو هو، تصوف ۽ مڪاشفاتي علمن کي ڪتاب ۽ سنت سان مطابقت رکڻ واري صورت ۾ ئي قبول ڪندو هو. نه رڳو پاڻ ان جو سختيءَ سان پابند هو، بلڪه پنهنجي مريدن کي به مڪمل طرح سنت جو پابندي ۽ بدعتن جي مخالفت جو تاڪيد ڪندو هو[50]. وحدت الوجود واري نظريي ۾ ابن عربيءَ جو مخالف هو. جيڪي مشائخ ولايت کي نبوت کان افضل ڄاڻندا هئا، تن جو به مخالف هوندو هو ۽ ان عقيدي کي شريعت جي خلاف سمجهندو هو[51]. البته اهو به چيو ويو آهي ته عمر جي آخري عرصي ۾ ابن عربيءَ جي نظريي جي موافقت ڪئي هئائين[52]. ان پنهنجي زماني جي ڪيترن ئي سياسي شخصيتن کي خط لکيا هئا جن جي بنياد تي ڪيترن ئي مغل اميرن ۽ درٻارين کي، مغلن واري رائج رسم (اسلام ۽ هندو مت کي هڪ ٻئي سان ويجهي ڪرڻ) جي مخالفت واري عمل ۾ پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو هئائين[53]. ان دؤر وارا نقشبندي مشائخ ”وحدت الوجود“ واري نظريي (جيڪو هندو مذهب جي عقيدي سان مطابقت رکندو هو) جي ڀيٽ ۾ ”وحدت شهود“  وارو نظريو پيش ڪندا هئا[54].

      نقشبندي طريقي جي اهم شخصيتن مان هڪ شخصيت شاهه ولي الله دهلوي (متوفيٰ 1176هه) هو، جيڪو هميشه اسلام ۽ تصوف کي پاڻ ۾ ويجهي ڪرڻ واري جاکوڙ ۾ مصروف رهيو. ان پنهنجي خطن ۾ حڪومتي ملازمن کي سياسي ۽ حڪومتي معاملن درست ڪرڻ جا مشورا ڏيندو هو. جيڪي به مدرسا تعمير ڪرايائين، اهي سڀ سندس تحريڪ جو مرڪز ڄاتا ويندا هئا. تن ۾ پڙهڻ لاءِ هندستان جي دؤر دراز علائقن مان علم پرائڻ جا شائق ايندا هئا[55].

     سراسري طرح هندستان ۾ نقشبندين جي ڪوشش هوندي هئي ته مسلمانن کي هندن جي مذهب جي اثر کان بچايو وڃي[56]. ان جي باوجود مظهر جان جانان (محمد شمس الدين حبيب الله جان جانان) جيڪو هڪ نقشبندي صوفي شاعر هو، مٿس هندو مذهب جو اثر ٿيو ۽ ڪيتريون ئي شيون ان جون نقل به ڪيائين[57].  خود مظهر جان جانان ۽ سندس خليفو شاهه عبد الله غلام علي دهلوي ته هندستان جي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجا مريد ٺاهي ورتا. اهڙي طرح جو اهو طريقو هوريان، هوريان اناتوليا ۾ به رائج ٿي ويو[58]. مولانا خالد نقشبندي به ان طريقي کي ڪردن ۽ عربن ۾ پکيڙيو[59].

     نقشبندي طريقي جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، جهڙوڪ: باقي بالله سان منسوب ”باقيه“، احمد سرهندي سان منسوب ”مجدديه“، مظهر جان جانان سان منسوب ”مظهريه“، آدم بن اسماعليل بنوري سان منسوب ”احسنيه“، ابي العلاءَ بن ابي الوفاءِ حسيني اڪبر آبادي (جنهن نقشبندي طريقي کي چشتي طريقي سان ملايو هو) سان منسوب ”علانيه“. علانيه جون به وري شاخون آهن جهڙوڪ: محمديه، منعميه ۽ افضليه[60].

     سيد عفيف  الدين عبدالله عيدروس سان منسوب ”عيدروسيه“ طريقي جي تعليمات جو دارومدار امام غزالي جي ڪتاب ”احياءُ علوم الدين“ تي آهي. ان طريقي جي نامور شخصيتن مان عبدالقادر عيدروسي (متوفيٰ 1038) ٿي گذريو آهي، جيڪو عفيف الدين جو پوٽو ۽ گجرات جي عالمن ۽ عارفن ۾ شمار ٿيندو هو. اهو طريقو عبدالله عيدروس ذريعي گجرات ۽ دکن جي اڪثر شهرن ۾ پکڙيو[61].

     هندستان ۾ تصوف جي تاريخ جي هڪ حصي جو تعلق غازي اوليائن (جنگجو اولياء) سان آهي. جن متعلق اٺين صدي هجريءَ کان وٺي داستان جڙڻ لڳا. انهن مان پهريون شخص سپهه سالار مسعود غازي آهي، جيڪو غازي ميان (متوفيٰ 555هه) جي نالي سان مشهور هو. چون ٿا: اهو پنجاب جي بادشاهن يا غزنويءَ جي لشڪر جو هڪ غازي هو ۽ هندن هٿان هڪ جنگ ۾ شهيد ٿيو هو، سندس مزار اتر پرديش جي اوڀر ۾ عام زيارتگاهه آهي. هن جي شهادت، سندس زندگيءَ متعلق ڪيترن ئي داستانن تخليق ٿيڻ جو باعث بڻي، جن جو اڪثر حصو سلطان محمود تغلق جي دؤر ۾ جڙيو. انهن داستانن جي زور تي هڪ افسانوي جوڌو يا هڪ وڏو ولي بڻجي پيو آهي[62]. اڄڪلهه به اوڀر هندستان جي وڏن ولين ۾ شمار ٿو ٿئي ۽ هاڻي به ماڻهو وڏا تحفا، تحائف ۽ باسون کڻي سندس مزار تي پيش ٿيندا آهن. ٻارهين رجب کان چوڏهين تائين سندس مزار تي ميلو لڳندو آهي. ڏانهس منسوب ڪيئي روضا، الهندي اترپرديش کان وٺي بنگال تائين جڙيل آهن. جيڪي سندس اصلي مزار تي حاضري ڀرڻ جي سگهه ناهن رکندا، اُهي انهن (نسبتي) روضن مان ڪنهن هڪ جي زيارت ڪري وٺندا آهن[63].

     شيخ جلال سلهٽي (متوفيٰ 748هه) بنگال جي ولين مان ٿي گذريو آهي. چون ٿا: اصل ۾ خواجگان طريقي جو پوئلڳ هو ۽ سلهٽ ۾ هندن سان لڳل هڪ جنگ ۾ شامل ٿيو هو. سلهٽي، مغلن واري حملي ڀيري پهريان ملتان نڪري ويو ۽ اتان کان وري اُچ هليو ويو، جتي سهروردي طريقي ۾ شموليت اختيار ڪيائين، ان بعد وري بنگال موٽي آيو. بنگال ۾ ئي وفات ڪيائين، اتي ئي سندس مزار آهي[64]. لڳي ٿو ته هي اهو ئي شخص آهي جنهن کي ابن بطوطه، ”شيخ جلال الدين“ لکيو آهي، ان سان مليو به هو ۽ سندس ڪرامتن کان ڏاڍو متاثر ٿيو هو[65].

     شيخ بدرالدين ”بدر عالم“ يا پير بدر (متوفيٰ 844هه) بنگال جي غازي ولين مان ٿي گذريو آهي، جيڪو اوڀر بنگال جو رهواسي هو. سلطان محمد بن تغلق، سندس ڏاڏي ”شيخ شهاب الدين حق گو“ کي ساڻس تکي ٿيڻ جي ڏوهه ۾ مارائي ڇڏيو هو. پير بدر، يحيٰ منيريءَ جي دعوت تي بنگال مان هندستان هليو ويو، اتي ئي هميشه لاءِ رهي پيو ۽ وفات به اتي ئي ڪيائين. سندس مزار ”درگاهه ڪوچڪ“ (ننڍي درگاهه) جي نالي سان اڄ به مشهور آهي[66]. سندس رهڻي ڪهڻي ۽ سير سلوڪ متعلق ڪيترائي افسانوي قصا جوڙيا اٿن. جن مان هڪ هي آهي ته درياهه تي به حڪم هلائيندو هو. کيس ملاحن جو نگهبان به سڏيندا هئا. ملاح، کانئس مدد گهرڻ جون منظوم مناجاتون پيا پڙهندا هئا. سندس عقيدتمندن اوڀر بنگال ۾، درياهه جي ڪپ تي سندس عاليشان ۽ ڏسڻ وٽان مقبرو جوڙيو آهي. نه رڳو ايترو بلڪه جتي چلو ڪڍيو هئائين، اها جاءِ به عام زيارتگاهه بڻيل آهي. نه رڳو مسلمان بلڪه هندو به سندس احترام ڪندا آهن[67].

     ڪي صوفي طريقا جهڙوڪ چشتي ۽ قادري ته هندستان جي سرحدون به پار ڪري ويا ۽ اهو عمل ٻن صورتن ۾ انجام ٿيو:

     هڪ، انهن يورپي ماڻهن جي ذريعي جيڪي صوفين کي ڏسڻ ايندا هئا ۽ انهن جي ڳالهين تي موهت ٿي پوندا هئا. خاص طور تي چشتي طريقي جي مشائخ عنايت خان (متوفيٰ 1927ع) جي ڳالهيون ۽ تعليم جيڪا سندس مريدن جهڙوڪ: ربيعه مارٽين، مارٽن ساموئل لوئيس ذريعي يورپ ۽ آمريڪا پهتي.

     ٻيو، يونيورسٽين جي انهن شاگردن جي ذريعي جيڪي تعليم پرائڻ سانگي ڏکڻ ايشيا کان يورپ ۽ آمريڪا ويندا هئا. ان ترتيب سان مذڪوره علائقن يا ملڪن ۾ چشتي ۽ نقشبندي طريقن جي شاخن جو بنياد پيو[68]. اهي يورپي ۽ آمريڪي باشندا جيڪي مسلمان ٿي چڪا هئا، انهن شاخن سان منسلڪ ٿي ويا. مثال طور پاڪستان ۾ خليفو ذوقي شاھ، جيڪو شهيدالله فريدي (متوفيٰ 1978ع) نالي هڪ انگريز شخص هو. سندس لکڻيون اردوءَ ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ ڇپجي چڪيون آهن[69].

ننڍي کنڊ ۾ صوفين جا ميڙاڪا

     هندستان ۾ صوفين جي رهڻي ڪهڻي جماعت خانن، خانقاهن ۽ مڪانن ۾ هوندي هئي. چشتي طريقي وارن پنهنجيون خانقاهون ٺهرايون، جن ۾ سندن مشائخ رهڻ لڳا، اتي ئي طالبن جي تربيت ٿيڻ لڳي ۽ پنهنجون ريتون رسمون به انهن ۾ ئي انجام ڏيڻ لڳا. چشتي طريقي جا شروعاتي پوئلڳ ۽ خاص ڪري گنج شڪر ان ايڏي ساري ٺاهه ٺوهه جو مخالف هو. گنج شڪر کان پوءِ نظام الدين وري  خانقاهن جو مخالف ته نه بلڪه انهن کي سادي رکڻ جو قائل هو ۽ اهڙو ئي تاڪيد پنهنجي مريدن کي ڪندو رهندو هو. جڏهن ته سهروردي وري خانقاهون ۽ جماعت خانا ٺاهڻ لڳا جن کي ماڻهو اڳتي هلي خانقاهه سڏڻ لڳا[70].

     اٺين صدي هجريءَ ۾ ابن بطوطه[71] هندستان ۾ صوفين جي خانقاهن بابت لکيو آهي ۽ ڪاليڪوٽ ۾ شيخ شهاب الدين ڪازروني جو هڪ خانقاه ڏٺو هئائين، جنهن ڏانهن  هندستان ۽ چين مان به نذرانا ايندا هئا. ان کان علاوه سڄي هندستان ۾ صوفين جي مزارن ۽ روضن جي به وڏي اهميت هوندي هئي جو عام ماڻهن کان سواءِ امير امراءَ به اتان، طاقت پنڻ سانگي زيارت لاءِ ايندا هئا. اجمير ۾ خواجه معين الدين چشتيءَ جي مزار، سرينگر ۾[72] بلبل شاهه ۽ حمزه مخدوم (متوفيٰ 984هه) جون مزارون، اوڀر پنجاب ۾ شيخ احمد سرهنديءَ جو مقبرو، اترپرديش جي اوڀر ۾، غازي ميان جي مزار، ڪانپور ۾ شاهه مدار جو روضو ۽ بهار ۾ احمد بن يحيٰ منيري ۽ بدرالدين جا مقبرا، عام لاءِ زيارتگاهون آهن[73].

     انهن مزارن ۾ عرس ٿيندا آهن ۽ عرس، برصغير ۾ صوفين جي تمام مکيه رسم تصور ڪيو ويندو آهي. هندستان ۽ پاڪستان ۾ ته ساليانن ڪئلينڊرن ۾ درج ٿيل آهن. ڪن ماڻهن جي نظر ۾ ته اوليائن جي مزارن جي زيارت ڪرڻ مڪي جي زيارت برابر آهي[74]. ڪن بزرگن، جهڙوڪ عبدالقادر جيلاني، شاهه مدار ۽ گيسو دراز جا عرس ايتري ته اهميت رکن ٿا، جو انگريز به پنهنجي حڪومت واري دؤر ۾ مسلمان فوجين کي موڪل ڏئي ڇڏيندا هئا[75]. اڄڪلهه عرس دؤران، خاص ڪري چشتي صوفي، سماع جون محفلون به لڳرائيندا آهن[76].

ننڍي کنڊ ۾ تصوف ۽ سياست

     هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت قائم ٿيڻ وارن شروعاتي ڏينهن ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪري چڪا هئا. ڪن دؤرن، جهڙوڪ مغلن واري زماني ۾ باشرع عالمن جي دربار ۾ اثر رسوخ قائم ڪرڻ جي ڪري صوفين جو اثر هيڪاري گهٽجي ويو هو[77]. جيئن ته صوفي مشائخن جي عوام ۾ وڏي عزت هوندي هئي انڪري حڪمران انهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ رڌل هوندا هئا. پر ان جي باوجود به ڪي مشائخ، جهڙوڪ: چشتيه طريقي وارا حاڪمن جي درٻار کي ويجهي ٿيڻ کان به پرهيز ڪندا هئا[78].

     صوفي پاڻ کي روحاني خوشبختيءَ جو ذميوار سمجهندا هئا ۽ حڪمرانن جي مقابلي ۾ پاڻ کي ماڻهن جو روحاني حاڪم سمجهندا هئا.مثال طور خواجه معين الدين چشتي دهليءَ واري علائقي جي روحاني حڪومت پاڻ وري مريد بختيار ڪاڪيءَ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي هئي[79].

     اهڙي طرح ڪي صوفي طريقا وري پنهنجي اوليائن کي حاڪمن جو حامي ۽ مددگار سمجهندا هئا. عبدالرحمٰن چشتي جو عقيدو هو: چشتي خود بادشاهه جا به محافظ آهن ته سندس حڪومت جا به[80].

     حڪمران به صوفين جي عزت ڪندا هئا. جيئن قطب الدين ايبڪ (التمش) قطب الدين بختيار ڪاڪي جو وڏو استقبال ڪيو ۽ کيس “شيخ الاسلام” جو عهدو به ڏنو، پر ان قبول نه ڪيو[81]. البته ڪڏهن، ڪڏهن حاڪمن ۽ صوفين ۾ اڻ بڻت به ٿي پوندي هئي. مثال طور خلجين جي دؤر ۾ چشتي طريقو بيحد پکڙيو، پر تنهن هوندي به حاڪمن طرفان سندن متعلق سوچ سٺي نه هئي. محمد بن تغلق جيڏي صوفين جي عزت ڪندو هو ۽ معين الدين ۽ سالار مسعود جي مزارن جي زيارت تي به ويندو هو، اوتروئي وري صوفين، خاص ڪري چشتين جي وڌندڙ اثر رسوخ کان به پريشان هو[82].

     بابر جي دؤر کان وٺي چشتين ڏانهن ڌيان ٿيڻ لڳو ۽ چشتين به مغل حاڪمن سان ويجهو تعلق قائم ڪري ورتو. جڏهن ته چشتين جو ايئن ڪرڻ، سندن حاڪمن کان لاغرض ٿي گذارڻ واري روش سان نه ٿي ٺهيو[83]. اورنگزيب جي زماني ۾ ته ڪي صوفي طاقتور عهدن تائين به رسائي ڪري ويا هئا، جيئن خواجه نور محمد (نظامي چشتي طريقي جو مشائخ) بهاولپور جي حاڪم بهاءُ الحق تي پنهنجو اثر قائم ڪري چڪو هو ۽ سکن سان به وڙهيو[84].

     سهروردي، چشتين واري قديمي روش  جي ابتڙ، حڪومت جي سياسي مسئلن ۾ مداخلت ۽ حاڪمن سان دوستاڻا تعلقات به قائم پئي ڪيا ۽ ان روش تحت سيد نور الدين مبارڪ غزنوي، شهاب الدين غوريءَ کان شيخ الاسلام جو عهدو  ورتو. سنڌ ۾ وري بهاءُ الدين زڪريا ملتاني شيخ الاسلام هو. تنهن زماني ۾ شيخ الاسلام جو ڪم حڪومت جي روحاني مسئلن جي نگهباني هوندو هو[85]. بهاءُ الدين زڪريا جو مغلن جي گهيري مان ملتان کي آزاد ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار هو. سهروردي طريقي جا پوئلڳ حڪمرانن سان ڀلن ناتن جي بنياد تي اٺين صدي هجريءَ ۾ ٻاهرين شاهي درٻارن ۾ سفير به ٿي ويندا هئا[86].

     ڪشمير ۾ به، سهروردين جو، حاڪم طبقي ۾ اثر رسوخ هوندو هو. ايتريقدر جو رنچن شاھ، بلبل شاهه ڪشميريءَ جي اثر ۾ اچي، هندو مذهب ترڪ ڪري مسلمان ٿي پيو هو، جنهن ڪري ٻيا به سوين هندو مسلمان ٿيا[87].

     قادري وري حڪومتي معاملن ۾ مداخلت کان پرهيز ڪندا هئا. جڏهن ته نقشبندين وري پنهنجي سياسي ڪارگذارين ڪري وڏو مقام حاصل ڪري ورتو هو[88]. نقشبندي عوام جي مصلحت خاطر حاڪمن سان تعلقات کي جائز سمجهندا هئا ان جي ئي ڪري شيخ احمد سرهندي يا شاهه ولي الله جهڙن نقشبندين جو هندستان جي حاڪمن تي چڱو خاصو اثر هوندو هو[89]. قلندري طريقي وارن جي به لوڌي درٻار (حڪومت 855هه کان 932هه) ۾ سٺي بيٺلائي هوندي هئي[90].

     صوفي مشائخ ويجهر واري دؤر جي تبديلين ۾ به خاصا مؤثر هئا، جيئن امدادالله فاروقي (متوفيٰ 1317هه) چشتي طريقي جي شاخ ”صابريه“ جي پوئلڳ، انگريزن خلاف مزاحمتي تحريڪ ۾ وڏي جدوجهد ڪئي هئي[91]. شاهه عبدالعزيز (متوفيٰ 1239هه) شاهه ولي الله دهلويءَ جي پٽ، انگريزن جي مخالفت ۾ فتويٰ ڏئي  هندستان کي ”دارالحرب“ جو نالو ڏنو هو[92]. اهڙي طرح ڪي صوفي وري بريلوي طريقي وارن صوفين جيان[93] پاڪستان واري قومي تحريڪ جا به سوان سڌا حامي هئا[94].

ننڍي کنڊ جي تصوف جو تنقيدي جائزو

     ماضيءَ ۾ هندستاني تصوف تي ڪافي تنقيد ٿي آهي.شرعي احڪامن جي پابنديءَ کان وانجهيل قلندري صوفين جونمودار ٿيڻ، نشي آور شين جو استعمال، سماع جون محفلون منعقد ڪرائڻ ۽ خرافاتي عقيدن جهڙوڪ قبر جي خاڪ، شفا لاءِ ڪتب آڻڻ وغيره اهڙا مسئلا هئا جن تصوف تي تنقيد ٿيڻ جو ميدان فراهم ڪيو[95].  اهڙن تصوف جي مخالفن مان هڪ ”فرائضيه“ تحريڪ جو باني حاجي شريعت الله (متوفيٰ 1256هه) به هو جيڪو شاهه ولي الله دهلوي ۽ وهابين جي فڪر کان متاثر هو. سندس قائم ڪيل فرائضيه طريقي وارن بنگال ۾ صوفين جي ڪن عملن کي بدعت جو عنوان ڏئي، انهن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ لڳا[96]. اهڙي طرح ”تحريڪ مجاهدين“ سان وابسته صوفين جو هڪ ٻيو مخالف سيد احمد شهيد بريلوي[97] (متوفيٰ 1246هه) به ٿي گذريو آهي، جنهن پنجاب ۾ صوفين جي ڪن ڪردارن ۽ سکن خلاف هلچل جو آغاز ڪيو[98]. جماعت اسلامي جي بانيءَ ابو الاعليٰ مودودي (متوفيٰ 1979ع) جيڪو پاڻ تصوف جي چشتي طريقي جي پوئلڳ خاندان ۾ ڄائو هو[99]، سو به تصوف کي مسلمانن جي نيچ ٿيڻ جو ڪارڻ ڄاڻندو هو[100]. علامه اقبال به پنهنجي ڪتاب ”اسلام مين ديني فڪر ڪا احيا“ ۾ صوفين جي صرف آخرت ڏانهن لاڙي کي، اسلام جي معاشرتي پهلوءَ کان سندن اڻ ڄاڻ رهڻ جو بنيادي ڪارڻ ڄاڻايو آهي[101].

(ب) تعلقات

تصوف ۽ هندومت

     تصوف متعلق تحقيق ڪرڻ وارن صوفين ۽ هندن ۾، ڪن رسمن جي بجا آوريءَ جي روءِ سان، ڪي هڪجهڙايون ڳولهي لڌيون آهن. جهڙوڪ: مراقبو، پير جي خدمت، روزا رکڻ، ذڪر ۽ ٻين مذهبن جي پيروڪارن متعلق اک ٻوٽ ۽ خدا جي مخلوق تي شفقت ڪرڻ[102]. ابو ريحان البيرونيءَ پنهنجي ڪتاب ”تحقيق ماللهند“ ۾[103] صوفين جي ڪن اهڙين رياضتن ۽ نفس ڪُشين کي بيان ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي نفس کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ بجا آڻيندا آهن، اهڙي طرح انهن جا ڪي قول به نقل ڪيا آهن، جيڪي اتحاد جي باري ۾ چيا اٿن، تن جي پتنجلي تعليمات سان هڪ جهڙائي ڄاڻائي اٿس.

     ڪي صوفي جهڙوڪ حميد الدين ناگوري (متوفيٰ 673هه) گاهه کائيندا هئا، انهن جي ان عمل بابت ڪن جو چوڻ آهي ته هنن اهو ڪم هندو ساڌن سان گڏ رهڻ مان متاثر ٿي ڪيو هو[104]. چيو ويو آهي: عبدالقدوس گنگوهيءَ جون ڳالهيون ناٿ يوگين کان متاثر هيون[105]. اهڙي طرح چيو ويو آهي ته شطاريه جي شاخ ”غوثيه“ جي بانيءَ، ان طريقي جا ڪي عمل يوگا مان ورتا آهن[106]. هي به چيو ٿو وڃي: صوفين جي عقيدن جي، ڪشمير جي هڪ شِوِ جي پوڄاريءَ نالي ”لالايوگيش واري“ جي فڪر سان ملاوٽ، ”ريشي“ نالي هڪ نئين صوفي طريقي جي بنياد جو سبب بڻي. جنهن جو باني نورالدين ريشي (متوفيٰ 842 ؟) هو. سندس فڪر، شعرن جي صورت ۾ آهي، جيڪي لالا يوگيش واري جي شاعريءَ سان تمام گهڻو ملن جلن ٿا[107].

     هندن جي ديني ۽ ڪلامي ڪتابن جي ترجمن به صوفين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو. شهنشاهه اڪبر جي درٻار جي هڪ ڏاهي ۽ شاعر فيضيءَ (متوفيٰ 1004هه) مهاڀارت جو سنسڪرت مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اهڙي طرح دارا شڪوه اُپنشدن جي ڪجهه حصي جو سنسڪرت مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ان کان علاوه ”مجمع البحرين“ نالي هڪ رسالي ۾ هندن ۽ صوفين جي عقيدن ۾ هڪجهڙائي ڏيکاري آهي. ان کان علاوه دارا شڪوه جي همٿائڻ ۽ مالي سهائتا سان ”جوڪ باشست“ ۽ ڪجهه ٻين هندومت جي ڪتابن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو[108]. جوڪ باشست جو اثر ته ايترو هو جو ايران جي صفوي حڪمرانن جي دؤر جو مشهور ڏاهو ۽ صوفي مير ابوالقاسم فندرسڪي  (متوفيٰ 1050هه) ان تي تعليقو لڳايو ۽ ان جو اختصار به لکي ورتائين[109].

     ڪن محققن جو خيال آهي ته هندو مت جو اسلامي تصوف تي اثر ان جي شروعاتي جڙڻ واري دؤر ۾ نه ٿيو هو، بلڪه پوءِ واري زماني ۾ ٿيو آهي[110].

     اهڙي طرح اسلام جو به برصغير جي ديني عقيدن تي اثر ٿيو آهي. جن مان هڪ صوفين جون خدمتون ۽ انهن جي ذريعي اسلام جو پکڙجڻ به آهي. اڪثر محققن جو خيال آهي: باوجود ان جي جو مسلمانن سنه 92 يا 94هه ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ سلطان محمود غزنوي (حڪومت 389 کان 421هه) هندستان جا ڪي علائقا فتح ڪيا تنهن هوندي به اسلام جي تبليغ جو مکيه ڪارڻ صوفي رهيا آهن[111]. صوفي مشائخن جي ماڻهن ۾ مڃتا، انهن طرفان هدايت ۽ سماع جون فارسي ٻوليءَ يا اتان جي مقامي ٻولين ۾ محفلون لڳرائڻ ۽ سندن، مڙني انسانن کي هڪ جهڙي ڄاڻڻ واري نظريي، کين ان عمل جي راهه ۾ ڪامياب بڻائي ورتو هو[112]. چشتي، نقشبندي ۽ شطاري مشائخن جون هندن ۽ ملائيشيائي قومن ۾ اسلام پکيڙڻ واري عمل ۾ وڏيون خدمتون رهيون آهن. مشائخن جون تمام ساديون نصيحتون، جهڙوڪ: خدا سان عشق، پاڙي وارن سان پيار وغيره، هندن ۾، پر خاص ڪري نيچ طبقي سان تعلق رکڻ وارن  (شودرن) ۾ اسلام ڏانهن ڪشش ۽ رغبت جو ڪارڻ بڻيون[113]. ڪشمير جي صوفين مان، جن ۾ مير سيد علي همداني ۽ بلبل شاهه ڪشميري به اچي وڃن ٿا، ڪشمير جي سرزمين تي اسلام پکيڙڻ ۾ وڏا اثرائتا رهيا آهن[114].  بقول تاراچند جي: اسلامي عقيدا جهڙوڪ: الله جي وحدانيت، مڙني انسان جو برابر هجڻ جي اثر جي ڪري هندن ۾ ڀڳتي مذهب (Bhakti) پيدا ٿيو[115].

     صوفين جو هڪ ٻيو ڪم فارسي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ هو. مير سيد علي همداني، سندس پٽ ۽ پونئير، ڪشمير ۾ فارسي ٻوليءَ جي ترويج ۾  ايترو ته رڌل رهيا جو فارسي درٻاري  ۽ حاڪمن جي ٻولي بڻجي وئي[116].

      ڪي صوفي ته اڄ به جيڪو اجازت نامي لکي ڏيندا آهن اهو به فارسيءَ ۾ هوندو آهي، اهو عمل درحقيقت فارسي ٻوليءَ جي  برصغير ۾ اثر رسوخ جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. ڪي صوفي ته ڪجهه سال پهريان تائين پنهنجو طريقتي شجرو به فارسيءَ ۾ لکندا هئا.ان کان علاوه موجوده دؤر ۾ به صوفين جي درگاهن تي منعقد ٿيندڙ عرسن ۾ قوال فارسي شعر پڙهندا آهن[117].

تصوف ۽ تشيع، بر ننڍي کنڊ ۾

     سهروردي ۽ چشتي صوفي توڙي جو سني هئا تنهن هوندي به اهلبيت (ع) ۽ ٻارهن امامن (ع) سان محبت ڪندا هئا. ڪي چشتي مشائخ جهڙوڪ: نظام الدين اولياء، نصيرالدين چراغ دهلي ۽ خواجه محمد گيسو دراز حضرت علي عليھ السلام کي روحاني عظمت ۽ پهلوانيءَ جي اعتبار کان، اڳين خليفن کان مٿڀرو سمجهندا هئا[118]. سهروردي طريقي جو مشائخ سيد جلال الدين بخاري با وجود ان جي جو تشيع جو مخالف هو، تنهن هوندي به اهل بيت سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ اهلبيت سان محبت، اُچ جي خانقاهه جي سڃاڻپ سمجهي ويندي هئي. نائين صدي هجريءَ ۾ مخدوم جهانيان جي ڪن شاگردن[119]، خاص ڪري گجرات ۾ اثناعشري شيعه مذهب اختيار ڪري ورتو[120].

     شاهه ولي الله دهلوي توڙي جو تشيع کي سختيءَ سان رد ڪيو آهي تنهن هوندي به پنهنجي ملفوظات ۾ حضرت علي عليھ السلام، اهلبيت عليھم السلام ۽ خاص ڪري حضرت امام صادق عيلهه السلام جي اعليٰ مرتبي جو قائل هو[121].

     قلندر پڻ حضرت علي عليھ السلام جي شان تي مشتمل آواز ڪلام کي پسند ڪندا هئا. لعل شهباز قلندر، حضرت علي عليھ السلام جي شان ۾ ڪيترائي فارسي ۽ سنڌي شعر (مناقبا) چيا آهن. اهو ئي سبب هو جو قلندر ئي هئا جيڪي آهستي، آهستي اهلبيت عليھم السلام سان محبت جي ترويج ڪندا رهيا[122]. علاءُ الدوله سمناني ۽ مير سيد علي همدانيءَ جي مريدن ۽ شاهه نعمت الله ولي جي شاگردن جي هندستان ۾ اچڻ سان، هندستان ۽ ڪشمير ۾ شيعي تصوف سگهارو بڻجي پيو[123].       

ننڍي کنڊ جي تصوف جو ايران جي تصوف سان تعلق

     هندستان جي مکيه صوفي طريقن جهڙوڪ: چشتي، سهروردي، قادري، نقشبندي ۽ همداني (ڪبرويه جي هڪ شاخ) طريقن جا باني ايراني هئا[124] ۽ ايران جي ئي عرفاني ڪتابن جهڙوڪ: لمعات عراقي، مثنوي مولوي، عوارف سهروردي تي ڪيئي شرحون لکيون ويون آهن ۽ اهي ڪتاب هندستان جي تعليمي مرڪزن ۾ پڙهايا به ويندا رهيا آهن[125].

     سراسري طرح ايراني تصوف ٽن طريقن سان هندستاني تصوف تي پنهنجو اثر ڇڏيو:

     1) ايراني صوفين جهڙوڪ: هجويري، معين الدين چشتي، سيد علي همداني ۽ جلال الدين تبريزيءَ ذريعي، جيڪي تبليغ سانگي هندستان آيا هئا.

     2) ڪن اهڙن ايراني صوفين جي ذريعي جيڪي هندستان ته نه آيا هئا، پر سندن فڪر هندستان جي مسلمانن تي اڻ سڌي طرح پنهنجو اثر ڇڏيو، جيئن: ابو سعيد ابوالخير، بابا طاهر، خواجه عبدالله انصاري، سنائي، عطار ۽ مولانا رومي.

     3) ڪن اهڙن صوفين جي ذريعي جيڪي در اصل ايراني نه هئا، جيئن ابن عربي. انهن ايران جي صوفي فڪر تي پنهنجو اثر ڇڏيو ۽ انهن جا آثار ۽ لکڻيون ايرانين ذريعي هندستان پهتيون[126].

     نائين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ابن عربي جي نظرين وڏي ترويج حاصل ڪئي. سندس ڪتاب ”فصوص الحڪم“ جي ڪيترين ئي شرحن جو لکجڻ، ان ڳالهه جي تائيد ٿو ڪري[127]. چشتي مشائخن مان محب الله الهه آبادي انهن مشائخن مان ٿي گذريو آهي جن فصوص جون عربي توڙي فارسيءَ ۾ شرحون لکيون آهن[128]. اهڙي طرح عبدالقدوس گنگوهي به ٿي گذريو آهي جيڪو ابن عربيءَ جي “وحدت الوجود” واري نظريي کان تمام گهڻو متاثر هو[129].

ننڍي کنڊ ۾ صوفياڻو ادب

     ننڍي کنڊ جي صوفين هڪ مکيه ميراث سندن ”ادبيات“ آهي. جنهن جو اڪثر حصو فارسيءَ ۾ ته ڪجهه مقامي زبانن ۾ به آهي[130]. صوفين جي اهڙن يادگارن مان ڪجهه هن طرح آهن: 1) تصوف جي مکيه ڪتابن جهڙوڪ فصوص، مثنوي رومي، رساله قشيريه ۽ التعرف[131]، جون شرحون ۽ ان تي لڳايل حاشيا. 2) مکيه ڪتاب جهڙوڪ: هجويريءَ جو ”ڪشف المحجوب“، قاضي حميدالدين دهلوي ناگوريءَ جو ”طوالع الشموس“، ضياءُ الدين نخشبي [132](متوفيٰ 751هه) جو ”سلڪ السلوڪ“. ان کان علاوه ڪيترائي نظم توڙي نثر ۾ لکيل تذڪرا ۽ مشائخن جون سوانح حياتون، جيئن: سيد محمد بن مبارڪ ڪرماني عرف مير خورد (متوفيٰ 770هه) جو تذڪرو ”سِيرُّ الاوليآءِ“، حامد بن فضل الله جمالي دهلوي (متوفيٰ 942هه) جو تذڪرو ”سير العارفين“، عبدالحق محدث دهلويءَ (متوفيٰ 1052هه) جو ”اخبار الاخيار في اسرار الابرار“، محمد غوثي شطاري (متوفيٰ لڳ ڀڳ يارهين صدي هجري) جو ”تذڪره گلزار ابرار“، داراشڪوه جا ٻه ڪتاب: ”سفينت الاولياءِ“ ۽ ”سڪينت الاوليآءِ“،  بدرالدين سرهنديءَ[133] (متوفيٰ 1094هه) جو ”حضرات القدس“ وغيره. اهڙي طرح سوالن جي جوابن، وصيتن ۽ سير و سلوڪ متعلق ڪتبي وضاحتن، ديني ۽ معاشرتي مسئلن تي مشتمل ”مڪتوبات“. جن مان ڪجهه مکيه هن ريت آهن: مڪتوبات حميدالدين ناگوري، مڪتوبات سرهندي، مڪتوبات بو علي قلندر پاني پتي[134]، مڪتوبات شرف الدين يحيٰ منيري[135]. ايئن ئي ڪي لکڻيون وري ملفوظات جي نالن سان به آهن، جن ۾ ڪي اهي ڳالهيون درج ٿيل هونديون آهن، جيڪي مشائخن جون پنهنجي مريدن سان ڪنهن خاص ويهڪ ۾ ٿيل هونديون آهن[136]. اهڙي طرح شيخ (پير طريقت) کان مريدن طرفان پڇيل ڪن ديني، معاشرتي ۽ عرفاني پڇيل سوالن جا جوابن جي مجموعي کي به ”ملفوظات“ چيو ويندو آهي، جن کي بعد ۾ ڪو مريد لکي قلمبند ڪري وٺندو آهي، تن مان ڪي مکيه هن ريت آهن: انيس الارواح (مڪتوبات خواجه عثمان هاروني، متوفيٰ 617هه)، دليل العارفين (مڪتوبات معين الدين حسن سجزي، چشتي)، فوائد الفؤاد (ملفوظات نظام الدين اولياءِ) جنهن کي امير حسن سجزي لکي سهيڙيو هو[137].

     ننڍي کنڊ جي اهڙي صوفياڻي ادبيات جو ڪجهه حصو وري اتان جي مقامي ٻولين ۾ به لکيل آهي. بنگال ۾ ملا دائود (متوفيٰ 772هه) ۽ محمد شگهير انهن صوفين مان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي مقامي ٻوليءِ ۾ شاعري ڪئي آهي[138]. پنجاب ۽ سنڌ ۾ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي (متوفيٰ 1752ع) ۽ بلي شاھ[139] جهڙا ٿي گذريا آهن جن پنجابي ۽ سنڌي ٻولين ۾ شعر چيو آهي. مظهر جان جانان ۽ خواجه مير درد (متوفيٰ 1199هه) به اردوءَ جا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن[140].    

مددي ڪتاب

(الف) تاريخ

1)     صبر آفاقي، ”صوفيان کشمير و نقش آنان در نشر فرهنگ و ادب فارسي“، هنر و مردم، نئون سلسلو، شمارو 112، 113، بهمن و اسفند مهينا، 1350هه ش.

2)    ابن بطوطه، رحله ابن بطوطه، ڇاپو محمد عبدالمنعم عريان، بيروت، 1987ع.

3)    محمد اقبال لاهوري، احياي فکر ديني در اسلام، فارسي مترجم احمد آرام، تهران، 1346هه ش.

4)    محمد اڪرم، آب ڪوثر، لاهور، 1990ع.

5)     ممتاز بيگم چوڌري، تاثير صوفيان ايران در تصوف شبه قاره هند و پاکستان، در تاثير معنوي ايران در پاکستان، تاليف جعفر قاسمي، لاهور، اداره اوقاف پنجاب، 1350هه ش.

6)    عبدالحي حسني ”الثقافه الاسلاميه في الهند“ ڇاپو ابوالحسن علي حسني ندوي، دمشق1304هه ق/ 1983ع.

7)    نزهت الخواطر و بهجت المسامع و النواظر، حيدرآباد دکن، ج 1، 1382هه ق/ 1962ع، ج 8، 1402هه ق/1981ع.

8)    علي اصغر حکمت، ”از همدان تا کشمير“، يغما، سال 4، شمارو 18 آبان مهينو، 1330هه ش.

9)    دائره المعارف بزرگ اسلامي، زير نظر کاظم موسوي بجنوردي، تهران 1367هه ش، اسلام، اسلام در شبه قاره هند و پاکستاب (از فتح الله مجتبائي).

10)دانشنامه جهان اسلام، زي نظر غلام علي حداد عادل، تهران، بنياد دائره المعارف اسلامي، 1375هه ش.

11) رحمان علي، تذکره علماي هند، لکنئو، 1914ع.

12)محمد رياض، احوال و آثار و اشعار مير سيد علي همداني، اسلام آباد 1370هه ش.

13)عبدالحسين زرين کوب، ارزش ميراث صوفيه، تهران 1362هه ش.

14)دنبالهءِ جستجو در تصوف ايران، تهران 1362هه ش.

15) اينميري شمل، تبيين آيات خداوند، نگاهي پديدار شناسانه به اسلام، فارسي ترجمو عبدالرحيم گواهي، تهران 1376هه ش.

16)ظهور و دوام اسلام در هند، فارسي ترجمو حسن لاهوتي، کيهان انديشه، شمارو 23، (فروردين، ارديبهشت 1368هه ش).

17)عزيز احمد، تاريخ تفکر اسلامي در هند، فارسي ترجمو تقي لطفي و محمد جعفر ياحفي، تهران 1367هه ش.

18)غلام سرور لاهوري، خزينت الاصفياء، ڪانپور، 1914ع.

19)عبدالقادر مهربان فخري ميلاپوري، اصل الاصول في بيان مطابقه الکشف بالمعقول و المنقول، ڇاپو محمد يوسف گوڪي عمري، مدراس 1959ع.

20)           محمد فرمان، شيخ احمد سرهندي، فارسي ترجمو نصرالله پور جوادي، موضوع اسلام ۾ فلسفي جي تاريخ، تخريج ميان محمد شريف، ج 2، تهران مرکز نشر دانشگاهي 1365هه ش.

21)سيد مطيع الامام، شيخ شرف الدين احمد بن يحيٰ منيري و سهم او در نشر متصوفانه فارسي، اسلام آباد 1372هه ش.

22)           محمد سليم مظهر، ”بررسي احوال و آثار پارسي گويان ايراني در شبه قاره از دؤره غزنوي تا آغاز سده دهم هجري قمري“،  موضوع ادبيات فارسي و علوم انساني، دانشگاه تهران 1376هه ش.

23)           خالد نقشبندي، نقشي از مولانا خالد هندي و پيروان طريقت او، تحقيق و تصحيح ۽ ترجمو ميهندخت معتمدي، تهران 1368هه ش.

24)           The Encyclopaedia of Islam, new ed., Leiden: Uall, 1960-, sv "Tasawwuf. 7:In Muslim India" (by C. Ernst)

25)            The Encyclopedia of religion, ed. Mircea Eliade. New York 1987, s.v. "Islam. Islam in South Asia" (by Peter Hardy).

26)           Carl  W. Ernst, Eternal garden mystisim, history, and politics  at a South Aslan

27)           Sufi center, Albany, N.Y. 1992.

28)           K. S. Lal, Early Muslims in India, New Delhi 1984.

29)           Abul A'la Mawdudi, A short history of the revivallst movement in islam, tr. Al-Ash'ari, Delhi 1992.

30)           The Oxford encyclopedia of the modern Islamic world, ed. John L. Esposito, New York 1995, s.v. "Sufism and politics" (by J. E. A. Johansen  

31)Athar Abbes Rizvi, A history of Sufism in India. New Delhi 1978-1983,

32)           Annemarie Schimmel, Mystical dimensione of Islam, Chapel Hill, N. C. 1983.

33)           Wilfred Cantwell Smith, On understanding Islam: selected studies, Delhi 1985. 

1.      Spencer Trimingham, The Sofi orders in Islam, London 1973. 

(ب) تعلقات

34)           صابر آفاقي، صوفيان کشمير و نقش آنان در نشتر فرهنگ و ادب فاري” هنر و مردم، دؤرهءِ جديد، شمارو 112 و

35)            113 (بهمن و اسفند (1350هه ش)

36)           ابوريحان بيروني،  تحقيق ماللهند، ج، 1، فارسي ترجمو منوچهر صدوقي سها، تهران 1362هه ش.

37)           محمد اڪرم، آب کوثر، لاهور، 1990ع.

38)           تا را چند، ”نفوذ اسلام در هند“ مهينو، مهر، سال 8، شمارو 15، مرداد 1331هه ش.ساجد الله تفهيمي، ”نگاهي کوتاه بر تاريخچه زبان و ادبيات فارسي در شبه قاره“، فارسي ترجموعلي محمد مؤيدي در مجموعه سخنرانيهاي نخستين سمينار پيوستگيهاي فرهنگي ايران و شبه قاره، ج 2،  اسلام آباد مرکز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان 1372هه ش.

39)           اڪبر ثبوت، ”مدارس اسلامي هند در طول تاريخ و جاي گاه فرهنگي ايران در آنها، نئين دهلي، رايزني فرهنگي جمهوري اسلامي ايران 1376هه ش (هن جو نسخو نشر ناهي ٿيو).

40)           ممتازبيگ چودهري، ”تاثير صوفيان ايران در شبه قاره پاکستان و هند“،  در تاثير معنوي ايران در پاکستان، تاليف جعفر قاسمي، لاهور، اداره اوقاف پنجاب 1350هه ش.

41)عبدالحي حسني، ”نزهة الخواطر و بهجة المسامع و النواظر“ حيدر آباد دکن، ج 5، 1396هه ش/1976ع.

42)           طاهر (؟) عباس رضوي، ”شيعه در هند“، فارسي ترجمو، مرڪز مطالعات و تحقيقات اسلامي (مترجم ڪاميٽي) ج 1، قم 1376هه ش.

43)           عبد الحسين زرين کوب، ”ارزش ميراث صوفيه“، تهران 1362هه ش.

44)           در قلمرو وحدان، سيري در عقائد، مختلف مذهبن ۽ افسانوي نظرين جو مطالعو، تهران 1369هه ش.

45)            شميم محمود زيدي، ”زبان فارسي و صوفيان شبه قاره“، (ايران ۽ بر صغير جا ثقافتي تعلقات جي عنوان سان منعقد ڪيل پهرئين سيمينار ۾ ڪيل تقريرن جو مجموعو) ج 2، تهران، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاکستان، 1372هه ش.

46)           اينميري شمل تبين آيات خداوند، نگاهي پديدارشناسانه به اسلام، فارسي ترجمو عبدالرحيم گواهي، تهران 1376هه ش.

47)           محمد علي مدرس تبريزي،  ”ريحانة الادب“،  تهران 1369هه ش. 8 جلدي چئن مجلدن ۾، 1374هه ش.

48)           محمد سليم مظهر، ”بررسي احوال و آثار پارسي گويان ايراني در شبه قاره، از دؤره غزنوی تا آغاز سده دهم هجري قمري، تهران يونيورسٽيءَ جي  ادبيات ۽ انساني علوم واري شعبي ۾ فارسي ادبيات ۾ ڪيل ڊاڪٽريٽ جون ٿيسز، 1376هه ش.

49)           Athar Abbas Rizivi, A history of Sufism in India, New Delhi 1978-1983.

50)            Annemarie Schimmel, Mystical dimensions of Islam, Chapel Hill, N.C. 1983.

51) J. Spencer Triningham, The Sufi orders in Islam. London 1973


[1]  عزيز احمد، ص 51.

[2]  شمل، 1983ع، ص 67.

[3]  اڪرم، ص 72.

[4]  رضوي، ج 1، ص 112، رحمان علي، ص 59.

[5]  رحمان علي، ساڳئي هنڌ.

[6]  ان طريقي متعلق ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، چشتيه جي ذيل ۾.

[7]  ناري منگهم، ص 64، لال، ص 123.

[8]  ان بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، چشتي معين الدين جي ذيل ۾.

[9]  شمل، 1983ع، ص 245، 247.

[10]  غلام سرور لاهوري، ج 1، ص 328، 338. زرين ڪوب، 1362هه ش، ب، ص 218.

[11]  ان بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، چراغ دهلي جي ذيل ۾.

[12]  غلام سرور لاهوري، ج 1، ص 238.

[13]  زرين ڪوب، 1362هه ش، ص 220.

[14]  دائره المعارف دين (The encyclopedia of religion) ج 7، ص 394.

[15]  حسني، الثقافه الاسلاميه، ص 181.

[16]  عزيز احمد، ص 57.

[17]  حسني، الثقافه الاسلاميه، ص 180.

[18]  عزيز احمد، ص 52، 57.

[19]  شمل، 1983ع، ص 351.

[20]  ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، بهاءُ الدين زڪريا جي ذيل ۾.

[21]  زرين ڪوب، 1362هه ش، ص 215، 217.

[22]  شمل، 1983ع، ص 354، دائره المعارف دين، ساڳي هنڌ.

[23]  ان بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، جلال الدين تبريزيءَ جي ذيل ۾.

[24]  شمل، 1983ع، ص 351.

[25]  زرين ڪوب، 1362هه ش، ص 216.

[26]  ناري منگهم، ص 56، 57.

[27]  حڪمت، ص 341، 342، رياض، ص 48، 50، 58، 60.

[28]  رياض، ص 59.

[29]  مظهر، ص 35، ناري منگهم، ص 56، 57.

[30]  عزيز احمد، ص 62، 63.

[31]  ڏسو، مطيع الامام، 1372هه ش.

[32]  رضوي، ج 1، ص 304، 306.

[33]  عزيز احمد، ساڳئي هنڌ.

[34]  ساڳي جاءِ تي.

[35]  رضوي، ج 1، ص 307، 309.

[36] ساڳيو، ج 1، ص 310.

[37] ساڳيو، ج 1، ص 318، 319. عزيز احمد، ص 67.

[38]  عزيز احمد، ساڳئي هنڌ.

[39]  دائره المعارف دين،، ساڳئي هنڌ، عزيز احمد، ص 67.

[40] عزيز احمد، ساڳئي هنڌ.

[41]  انهن بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، بهمنيان دکن جي ذيل ۾.

[42]  رضوي، ج 2، ص 57، ناري منگهم، ص 101، 102.

[43]  ساڳيو.

[44]  زرين ڪوب، 1362هه ش، ص 215.

[45]  حسني، الثقافه الاسلاميه، ص 180، عزيز احمد، ص 61، 62، رضوي، ج 2، ص 57.

[46]  حسني، الثقافه الاسلاميه، ساڳي جاءِ تي.

[47]  عزيز احمد، ص 62.

[48]  ساڳيو.

[49]  ساڳيو، ي 59.

[50]  فرما، ص 399، 400، 405، عزيز احمد، ص 60.

[51] فرمان، ص 409، عزيز احمد، ساڳي جاءِ تي.

[52] فخري ميلاپوري، ص 221، 222.

[53]  دانشنامه جهان اسلام، آڪسفورڊ، ج 4، ص 129، فرمان، ص 399.

[54]  چوڌري، ص 23.

[55]  سمٽ، ص 206، ناري منگهم، ص 128. 

[56]  دائره المعارف بزرگ اسلامي، ج 8، ص 578.

[57]  عزيز احمد، ص 61.

[58]  ساڳيو.

[59]  نقشبندي، ص 36، 40، 41.

[60]  حسني، ثقافه الاسلاميه، ص 182، 183.

[61]  ساڳيو، ص 186، 187، رحمان علي، ص 129.

[62]  رضوي، ج 1، ص 313، لال، ص 126، 127.

[63]  رضوي، ج 1، ص 314.

[64]  ساڳيو، ج 1، ص 314، 315.

[65]  ابن بطوطه، ج 2، 624، 625.

[66]  رضوي، ج 1، ص 316، 317.

[67]  ساڳيو، ج 1، ص 317، تفصيل لاءِ ڏسو دانشنامه جهان اسلام بدر پير جي ذيل ۾.

[68]  دانشنامه جهان اسلام، ڇاپو ٻيو، ج 1، ص 336، 337.

[69] ساڳيو.

[70]  ارميسٽ، ص 132.

[71]  ج 2، ص 575.

[72]  شمل، 1376هه ش، ص 199، فاقي، ص 69، 73.

[73]  رضوي، ج 1، ص 314، 317، 319.

[74]  شمل، 1376هه ش، ص 199، عزيز احمد ص 68.

[75]  شمل، 1376، ص 200.

[76]  عزيز احمد، ساڳي جاءِ تي.

[77]  دائره المعارف جهان اسلام، آڪسفورڊ، ج 4، ص 128

[78]  ارنيسٽ، ص 191، 194.

[79]  عزيز احمد، ص 52.

[80]  رضوي، ج 2، ص 367.

[81]  شمل، 1368هه ش، ص 65، 68.

[82]  ساڳيو، ص 70، 72.

[83]  ساڳيو، 1983ع، ص 359.

[84]  دائره المعارف جهان اسلام، آڪسفورڊ، ج 4، ص 129.

[85]  حسني، نزهت الخواطر، ج 1، ص 155، شمل، 1368هه ش، ص 68.

[86]  رضوي، ج 1، ص 192.

[87]  دانشنامه جهان اسلام، “بلبل شاهه ڪشميريءَ” جي ذيل ۾.

[88]  دائره المعارف جهان اسلام، آڪسفورڊ، ج 4، ص 128.

[89]  زرين ڪوب، 1362هه ش، الف، ص 174.

[90] رضوي، ج 1، ص 310، 311.

[91]  حسني، نزهت الخواطر، ج 8، ص 70، 72.

[92]  سِمٿ، ص 207.

[93]  دانشنامه جهان اسلام، بريلوي احمد رضا جي ذيل ۾.

[94]  دائره المعارف جهان اسلام آڪسفورڊ، ڇاپو ٻيو، ج 10، ص 335.

[95]  عزيز احمد، ص 66، 70.

[96]  سمٽ، ص 209، 210.

[97]  ان بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، بريلوي، سيد احمد شهيد جي ذيل ۾.

[98]  ساڳيو، ص 208، 209.

[99]  دائره المعارف جهان اسلام، آڪسفورڊ، ڇاپو ٻيو، ج 10، ص 336.

[100]  مودودي، ص 58.

[101]  اقبال لاهوري، ص 172، 173.

[102]  چوڌري، ص 24، 26.

[103]  ج 1، ص 59، 62.

[104]  شمل، 1983ع، ص 358.

[105]  رضوي، 1978ــ 1983ع، ج 1، ص 334، 340.

[106]  ناري منگهم،ص 197.

[107]  رضوي، 1988 ـــ 1983ع، ج 1، ص 349، 351.

[108]  زرين ڪوب، 1369هه ش، ص 367، 368.

[109]  مدرس تبريزي، ج 2، ص 358.

[110]  شمل، 1983ع، 359.

[111]  ساڳيو، ص 344، 346، نصر، ص 96.

[112]  شمل، 1983ع، ص 345، 346، پڻ ڏسو، رضوي، 1978، 1983ع، ج 1، ص 291، 292، 326، 327.

[113]  اڪرم، ص 193، 194، زرين ڪوب، 1362هه ش، شمارو الف، ص 164، شمل 1983ع ساڳئي هنڌ.

[114]  مظهر، ص 35؛ اڪرم، ص 375؛ آفاقي، ص 72.

[115]  تاراچند، ص 288.

[116]  مظهر، ص 35، 305؛ زيدي، ص 209.

[117]  زيدي، ص 210، 211.

[118]  رضوي، 1376هه ش، ج 1، ص 252.

[119]  ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، جلال الدين حسين بخاري جي ذيل ۾.

[120]  ساڳيو، ج 1، ص 251، 252.

[121]  نبوت، ص 55.

[122]  رضوي، 1376، ج 1، ص 252.

[123]  ڏسو ساڳيو، ج 1، ص 261، 264، 276.

[124]  زيدي، ص 203.

[125]  نبوت، ص 4، 17، 33، 34.

[126]  چوڌري، ص 4.

[127]  شمل، 1983ع، ص 357.

[128]  حسني، ج 5، ص 335.

[129]  شمل، 1983ع، ساڳئي هنڌ.

[130]  تفهيمي، ص 13.

[131]  ڏسو ساڳيو، ص 17، مروي، ج 3، ص 1639، 1652، 1742، 1744.

[132]  تفهيمي، ص 15، 16.

[133]  ڏسو، تفهيمي، ص 41.

[134]  ان بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، پاني پتي، قلندر علي جي ذيل ۾.

[135]  ساڳيو، ص 17، 18.

[136]  ساڳيو، ص 18.

[137]  ساڳيو، ص 18، 19؛ منزوي، ج 3، ص 1294.

[138]  شمل، 1376هه ش، ص 281.

[139]  ان بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، “بلي شاھ” جي ذيل ۾.

[140]  ساڳيو، 1983ع، ص 372، 388، 389.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org