سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تصوف

باب:

صفحو:4 

 ان دؤر ۾ نعمت اللٰهي طريقي ۾ مجذوب عليشاهه جي جانشينيءَ تي اختلاف جي ڪري هڪ نئون گروهه يا طريقو پيدا ٿي پيو، جيڪو وري ٻين طريقن جي ڦُٽڻ جو ڪارڻ بڻيو. اصلي طريقي جو قطب مست عليشاهه هو جڏهن ته ٻي شاخ جو قطب وري الحاج ملا محمد رضا همداني (متوفيٰ 1247هه)  لقب ڪوثر عليشاهه هو[1]. پويون طريقو ڪوثر عليشاهه جي پٽ (الحاج ميرزا علي نقي، لقب جنت عليشاھه، متوفيٰ 1296هه) کي رسيو ۽ اڳتي هلي ”نعمت اللٰهيه ڪوثريه“ جي نالي سان مشهور ٿيو[2]. جڏهن ته اصلي (نعمت اللٰهيه) شاخ جو قطب، مست علي شاهه کان پوءِ الحاج زين العابدين رحمت عليشاهه (متوفيٰ 1278هه) ٿيو، ان کي جيئن ته محمد شاهه قاچار فارس صوبي جو گورنر مقرر ڪيو هو، انڪري ان کي تڪليفون گهٽ پهتيون[3]. رحمت عليشاهه کان پوءِ نعمت اللهي طريقو ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويو: جنهن مان هڪ جو الحاج آقا محمد ڪاظم اصفهاني سعادت عليشاهه (متوفيٰ 1293هه) قطب بڻيو، جڏهن ته ٻي شاخ وارن وري رحمت علي شاهه (الحاج زين العابدين) جي چاچي (الحاج آقا محمد منورعليشاهه متوفيٰ 1301هه) جي پيروي ڪرڻ شروع ڪري ڏني.

     پهرين شاخ ۾ سعادت عليشاهه کان پوءِ، الحاج ملا سلطان محمد ملقب سلطان عليشاهه جيڪو ”گناباد“ جي ”بيدخت“ جو رهاڪو هو، سندس جانشين بڻيو ۽ سندس زماني ۾ نعمت اللٰهي طريقي سٺي مقبوليت ۽ شهرت ماڻي. سلطان علي شاهه حڪمت ۾ الحاج ملا هادي سبزواريءَ جو شاگرد هو. چوڏهين صدي هجريءَ جي اوائل جي وڏن ناليوارن عالمن مان ٿي گذريو آهي ۽ ڪيترائي شيعي عرفاني تحريرون لکيائين، جن مان  سعادت نامه، توضيح، تنبيه النائمين، مجمع السعادات، فارسيءَ ۾ ”ولايتنامه“ ۽ شيعه طرز تي قرآن شريف جي هڪ مڪلمل عربي ٻوليءَ ۾ تفسير ”بيان السعاده في مقامات العباده“ قابل ذڪر آهن[4]. پاڻ سنه 1327هه ۾ بيدخت ۾ قتل۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو. کانئس پوءِ اها شاخ ”نعمت اللٰهي، گنابادي، سلطان عليشاهي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳي[5].

     جڏهن ته ٻي شاخ، منور عليشاهه کان پوءِ سندس پٽ ۽ جانشين الحاج علي آقا ذوالرياستين، لقب وفا عليشاهه ۽ ان جي پٽ الحاج ميرزا عبد الحسين ذوالرياستين، لقب مونس عليشاهه جي نسبت سان، ”نعمت اللٰهي ذوالرياستين“ جي نالي سان مشهور ٿي[6].

     منور عليشاهه جو ”الحاج ميرزا حسن صفي، لقب صفي عليشاهه (متوفيٰ 1336هه) نالي هڪ مريد هو، جنهن جي مريدن وري نعمت اللٰهي طريقي ۾ هڪ نئين شاخ جوڙي[7]“. پاڻ تهران ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي هڪ خانقاه به اڏرايائين، جتي ويهي قرآن شريف جي ’منظوم تفسير‘ لکڻ لڳو ۽ مشهور ٿيو. سندس تهران ۾ وفات کان پوءِ سندس مريدن ۾ اختلاف ٿي پيو. سندس جانشين ظهير الدوله، لقب صفاعليشاهه (متوفيٰ 1342هه)، جيڪو ناصرالدين شاهه قاچار جو نياڻو هو، تنهن سنه 1317هه ۾ ”انجمن اخوت“ جو بنياد رکي ان طريقي کي فقر واري طريقن مان آجو ڪيو[8]. جنهن ڪري ڪي حڪومتي ماڻهو به ان جا ميمبر بڻجي پيا. عمر جي آخري ڏينهن ۾ پاڻ ڪنهن جي به مدد نه ڪيائين، نه ئي ڪو جانشين مقرر ڪيائين[9]. اڄڪلهه نعمت اللٰهي طريقي جي انهن ٽن شاخن يا طريقن مان، گنابادي شاخ جا طرفدار تمام گهڻا آهن ۽ سندن فعاليت به جاري آهي.

     ڪبرويه ۽ ان جون شاخون (ذهبيه ۽ نور بخشيه) تنهن زماني ۾ ٻين رائج صوفي طريقن جي ڀيٽ ۾ خود ڪبرويه طريقو وڌيڪ رائج هو. ان طريقي جي نسبت شيخ نجم الدين ڪبريٰ (شهادت 618هه) سان آهي.

     ڪبرويه جي، مغلن واري حملي ڀيري وڏي رونق هوندي هئي ۽ ان طريقي جي جن مشائخن خوازرم مشاهين ۽ ايلخانن جي شاهي واري زماني ۾ خراسان ۽ ماوراءُ النهر کان وٺي ننڍي کنڊ ايشيا تائين ان طريقت جي ترويج لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي[10]، تن مان شيخ مجدالدين بغدادي خوازري، جيڪو نجم الدين ڪبريٰ جي زماني (607هه) ۾ مارجي ويو، سيف الدين باخرزي (متوفيٰ 659هه) بخارا ۾، رضي الدين لالا (متوفيٰ ستين صدي هجريءَ جي اوائل ۾) خراسان ۾، سعدالدين حمويه (متوفيٰ 649هه) خراسان ۽ شام[11] ۾، قابل ذڪر آهن. انهن کان علاوه، ان طريقي جو ڪي ٻيون مکيه به ٿي گذريون آهن، جهڙوڪ: شيخ نجم الدين رازي (متوفيٰ 654هه)، جيڪو ”دايه“ نالي سان مشهور ۽ ڪتاب ”مرصاد العباد“ جو ليکڪ هو، عز الدين نسفي (متوفيٰ 680 کان 699هه جي وچ ۾)، جنهن ”انسان ڪامل“ لکيو، بهاءُ الدين محمد ولد، مولويءَ جو پيءُ؛ شيخ نور الدين عبدالرحمان اسفرائني (متوفيٰ 695هه)، شيخ علاءُ الدين سمناني (متوفيٰ 736هه) ۽ امير علي همداني عرف علي ثاني (متوفيٰ 786هه)[12].

     ڪبرويه جي باري ۾ جيڪا ڳالهه وڏي اهميت ٿي رکي اها هيءَ آهي ته ان جي خليفن کي تشيع سان منسوب يا مربوط ڄاڻايو ويو آهي[13]. جهڙي طرح سعدالدين حمويه جي هڪ ڪتاب ۾ ولايت ۽ نبوت جي وچ ۾ پيوند (ڳانڍاپو) جو اشارو ملي ٿو ۽ سندس مريد نسفيءَ[14] سعدالدين حمويه[15] کان نقل ڪيو آهي: محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي امت مان لقب ”ولي“ فقط ٻارهين امام جو آهي ۽ آخري ولي جيڪو ٻارهون ولي آهي، اهو خاتم الاولياءِ آهي. ”مهدي“ ۽ ”صاحبِ الزمان“ ان جو نالو آهي.

     علاءُ الدوله سمنانيءَ به اهلبيت عليھم السلام جا فضائل بيان ڪيا آهن ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي آهي[16]. ڏانهن منسوب ڪتاب نالي ”مناظر المحاضر للمناظر الحاضر“ ۾ خم غدير جي تشريح سان گڏ علي عليھ السلام جي وصايت کي ثابت ڪيو اٿس، ان کان علاوه حقيقي ۽ ظاهري شيعه ۾ فرق بابت بحث ڪندي حقيقي شيعو صوفين کي قرار ڏنو اٿس[17].

     مير سيد علي همدانيءَ جي جانشين (خواجه اسحاق ختلاني، مقتول 826هه) واري زماني ۾، ڪبرويه طريقي ۾ شاخون ڦٽي پيون. سندس ٻن مريدن يعني سيد محمد نوربخش (متوفيٰ 869هه) ۽ سيد عبدالله برزش آبادي[18] (متوفيٰ 890هه)  ۾ پڳ تان اختلاف ٿي پيو، جنهن ڪري ڪي سيد محمد نوربخش جا پاساڙي ٿي پيا[19] ته ڪي وري برزش آباديءَ جا. برزش آبادي گروهه آهستي، آهستي ”ذهبيه“ سڏجڻ لڳو[20]. توڙي جو ”بستان السياحه“ ۾ آهي: گهڻو وقت ناهي گذريو جو ان گروهه تي ”ذهبيه“ نالو رکيو اٿن، شايد سؤ سال به نه ٿيندس[21]. ان ترتيب سان نور بخشيه ۽ ذهبيه طريقا، ڪبرويه طريقي مان ئي ڦٽل آهن.

     نور بخشي (نور بخشيه). سيد محمد نور بخش، خراسان جي ”قائن“ شهر جو رهواسي، مير سيد شريف جرجاني ۽ شيعه عالم دين ابن فهد حلي جو شاگرد هو. سندس ۽ سندس جانشينن جو نائين صدي ڌاري توڙي ان کان پوءِ واري زماني ۾ شيعت جي تبليغ ۾ وڏو حصو رهيو آهي.صفوين کان پهريان، تنهن وقت جي بادشاهه شاه رخ گورڪانيءَ جي خلاف ۽ هڪ صوفي شيعي حڪومت قائم ڪرڻ کان جدوجهد جو آغاز ڪيائون. خواجه اسحاق ختلانيءَ انهن جي حمايت ڪئي، پر شڪست کائڻ کان پوءِ پڪڙجي پيو ۽ شارخ جي حڪم سان سنه 826هه ۾ قتل ڪيو ويو[22].

     جيڪي طريقا پنهنجي اصلي نسبت، نور بخشيه سان ٿا ملائن تن مان هڪ طريقو اويسي به آهي[23]. نور بخشيه طريقي جي بزرگن ۾ ناليواري شيعه فقيه سيد حيدر آملي (متوفيٰ 782هه) جو به نالو اچي وڃي ٿو، جنهن سرِعام شيعت ۽ صوفيت جي اتحاد جو نعرو هنيو هو. پاڻ ”آمل“ جي علوين ۽ فخرالمحققين حلي[24] جو شاگرد ۽ تصوف ۾ شيخ نورالدين تهراني اصفهاني[25] ۽ شايد محمد بن ابي بڪر سمنانيءَ[26] جو مريد هو، جڏهن ته  اهي ٻئي ڪبرويه طريقي جا مشائخ هئا. سيد حيدر آملي پنهنجي اڪثر لکڻين، خاص ڪري ”جامع الاسرار“[27] ۾ رسمي ۽ ظاهري شيعن ۽ صوفين سان مخاطب ٿي بيان ڪرڻ ٿو چاهي ته شيعن ۽ صوفين جو مرڪز ۽ سرچشمو هڪ ئي آهي.

     ذهبيه مٿي بيان ڪري آياسين ته هي طريقو سيد عبدالله برزش آباديءَ سان نسبت رکي ٿو. جيڪو صفوين جي ابتدائي دؤر ۾ خراسان ۾ ۽ ان کان پوءِ شيراز ۾ رائج ٿيو. هي طريقو به پنهنجي دؤر ۾ تشيع جي اظهار ۽ ان تي پابند رهڻ جي اعتبار کان ٻين طريقن کان نرالو هو. اهو ئي سبب هو جو ان ۾ ڪيترائي عالم ۽ حڪيم جن وڏا، وڏا ڪتاب لکيا، ان طريقي ۾ نمودار ٿيا؛ جن مان شيخ علي نقي اصطهباناتي (متوفيٰ 1126هه) ۽ سيد قطب الدين نيريزي (1173هه، نجف ۾)  جيڪو سندس جانشين، نياڻو ۽ صفوين جي آخري دؤر ۾ ان طريقي جو مجدد به هو، قابل ذڪر آهن.[28]

     ذهبيه طريقي ۾ قطب الدين نيريزيءَ کان پوءِ ٽن ڄڻن پڳ جي دعويٰ ڪئي، جيڪي سڀ جا سڀ حڪيم ۽ برک عالم هئا، سي هئا: ملا محراب گيلاني، آقا محمد بيدآبادي ۽ آقا محمد هاشم شيرازي. انهن مان هر هڪ وري پنهنجو جدا، جدا پڳدار مقرر ڪيو. پر انهن مڙني مان محمد هاشم ”درويش“ شيرازيءَ وڌيڪ مقبوليت ماڻي. ان کان پوءِ به وري ٻن ڄڻن سندس پڳ جي دعويٰ ڪئي، انهن ٻنهي مان وري ميرزا ابوالقاسم شريفي عرف ميرزا بابا تخلص ”راز“ (متوفيٰ 1286هه) وڌيڪ شهرت ماڻي. پاڻ پنهنجي دؤر ۾، ذهبي طريقي جو وڏو ناليوارو ٿي گذريو آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب به لکيائين، جن مان مکيه قرآن شريف جي تفسير جي موضوع تي ”آيات الولايه“ آهي. کانئس پوءِ سندس پٽ مجد الاشرف (متوفيٰ 1331هه) سندس پڳدار بڻيو. مجد الاشرف شاهه چراغ جي روضي جو متولي هو، ان جي به وفات کان پوءِ ڪي نوان طريقا ڦٽي پيا، جن مان هڪ ٽولي سندس ڀاءُ ميرزا محمد رضا لقب ”مجدالاشرف ثاني“ جو مريد ٿيو. پر جنهن شاخ وڌيڪ شهرت ماڻي جنهن جو واسطو ميرزا احمد تبريزي  عرف ”وحيد الاولياءِ“ (متوفيٰ 1351هه) سان هو[29].

     ذهبي طريقو، نعمت اللٰهي طريقي کان پوءِ ٻئي نمبر تي مکيه طريقو هو. ان جا مشائخ باشرع عالمن سان وڏي احتياط سان پيش ايندا هئا، انڪري انهن کي تڪليفون نه آيون[30]. الحاج زين العابدين شيرواني، جيڪو نعمت اللهي طريقي جي قطبن مان هو ۽ قاچارين جي دؤر واري وچين عرصي جو هو، تنهن ان طريقي جي ارشاد نه هئڻ جي ڳالهه ڪئي آهي[31]. لڳي ٿو ته انهن ئي ڏينهن ۾، جن ۾ ذهبي طريقي جا دعويدار گهڻا ٿي پيا هئا، ان فقدان ۽ گوڙ جي ڪري ئي اهو طريقو ”اغتشاشيه“ (درهم برهم) جي نالي سان سڏجڻ لڳو هوندو[32].

     نقشبنديه (نقشبندي). هي طريقو، ايران جي مشهور سُني صوفي طريقو آهي. تيمورين جي دؤر ۾ ان طريقي جي وڏي هلندي پڄندي هئي. اهي هنن جو وڏو احترام ڪندا هئا. هي طريقو بهاءُ الدين محمد نقشبند (متوفيٰ 791هه) سان نسبت جي ڪري ”نقشبندي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. جڏهن ته خود ”خواجگا“ طريقي جي شاخ آهي[33].

     نقشبندي طريقي جا مشائخ ٻن طريقن سان پنهنجي طريقي جي اجازت کي حضرت رسولِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم تائين پهچائيندا آهن. انهن مان هڪ ته مشهور آهي، جيڪو بايزيد بسطامي، ان کان امام صادق ۽ ان کان پوءِ ٻٽن واسطن سان حضرت رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان ملائيندا آهن. ٻيو وري بڪري طريقو آهي، جنهن ۾ حضرت ابوبڪر رضه تائين پهچائيندا آهن[34]. انهن ٻنهي طريقن مان ڪي پهرئين کي[35] ته ڪي وري ٻئي کي ترجيح ڏيندا آهن[36].

     نقشبندي طريقو تيمورين جي زماني ۾، سڀ کان پهريان بخارا ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ رائج ٿيو ۽ ان طريقي ۾ بهاءُ الدين جي پڳدارن، ان کي ٻين علائقن جهڙوڪ: ماوراءُ النهر ۽ خراسان تائين به پهچايو[37]. ان طريقي جا مشهور ايراني مشائخ خواجه محمد پارسا (متوفيٰ 822هه)، خواجه عبدالله احرار، سعدالدين ڪاشغري، ڪاشفي سبزواري ۽ عبدالرحمان جامي هئا[38]. انهن مڙني ۾ خواجه عبدالله احرار ۽ جاميءَ جو، علمي ۽ عقلي توڙي نقشبندي طريقي جي ترويج جي اعتبار کان، پهريان ايران ۾، ان کان پوءِ ننڍي کنڊ ايشيا ۽ بر صغير ۾، وڏو ڪردار رهيو آهي[39]. مولانا جاميءَ جون تصوف متعلق فارسي ٻوليءَ ۾ لکڻيون، صوفي ليکڪن جي ڌيان جو مرڪز رهيون آهن، خاص ڪري سندس ”لوائح“، جنهن جو چين ۾ تصوف جي نفوذ دؤران، چيني ٻوليءَ ۾ به ترجمو ٿيو هو[40].

     نقشبندي طريقو شيخ احمد سرهندي (971 کان 1034هه)، جنهن کي مجدد الف ثاني به سڏيندا آهن، جي ذريعي ”مجددي“ طريقي جي نالي سان نئين سر قائم ٿيو. پر ان ئي زماني ۾، جيڪو ايران ۾ صفوي حڪمرانن واري دؤر سان گڏ هو، اهو طريقو ايران ۾ پير پائي نه سگهيو[41].

     ان کان گهڻو وقت پوءِ، مولانا خالد نقشبندي (متوفيٰ 1342هه) ”نقشبنديه خالديه“ طريقو ايران جي ڪرمانشاهه ۽ ڪردستان ۾ پکڙجڻ لڳو ۽ مولانا خالد جي ذريعي عراق، شام ۽ ترڪيءَ به پهتو. جتي ڪيئي اهلسنت سان وابسته سرڪاري ملازم۽ حاڪم طبقي جون شخصيتون ان طريقي جون معتقد بڻجي پيون[42]. ان طريقي جي گهڻن مشائخن جو تعلق عراق جي علائقي ڪردستان سان هو. جن مان ڪن کي وري قادري طريقي جو اجازتنامو به مليل هو[43]. جيڪي اڪثر اهي نقشبندي جيڪي ڪرمان شاهه ۽ ڪردستان ۾ هئا، تنهن دؤر وارين سياسي حالتن جهڙوڪ: روس جي ايران تي حملي  خلاف ۽ ”مشروطه واري تحريڪ“ ۾ ڀرپور طريقي سان شامل هئا[44].

     سهرورديه (سهروردي). چيو ٿو وڃي: ان طريقي (طريقي) جي نسبت شيخ ابو نجيب عبدالقادر سهروردي يا سندس ڀائٽي شيخ شهاب الدين عمر بن محمد سهرورديءَ (متوفيٰ 632هه) ڏانهن آهي. ايران توڙي هندستان ۾ ڪيترائي بزرگ شيخ شهاب الدين عمر بن محمد سهرورديءَ جا مريد هئا، جن مان فخرالدين عراقي، اوحدالدين ڪرماني ۽ بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. سهروردي طريقو بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ (661هه) ذريعي[45] ايران جي بنسبت هندستان ۾ گهڻو رائج ۽ رونق ڀريو ٿيو[46].

     قادريه (قادري). هن طريقي جي نسبت شيخ عبدالقادر گيلاني يا جيلانيءَ (متوفيٰ 561هه) سان آهي، جيڪو ”گيلاني غوث“ طور مشهور ۽ حسني سادات مان آهي. هي طريقو سڀ کان پهريان عراق ۾، ان کان پوءِ مراڪش، بيت المقدس، ننڍي کنڊ ايشيا ۽ هندستان ۾ رائج ٿيو. نائين صدي هجريءَ تائين ايران ۾ به پوئلڳ هئس، پر پوءِ ٻارهين صدي هجريءَ کان پوءِ قادري برزنجي طريقي جي مبلغ، شيخ اسماعيل ولياني (متوفيٰ 1158هه) پنهنجي ڪوشش سان ڪرمان شاهه ۽ خاص ڪري ڪردستان ۾ تمام گهڻا پوئلڳ بڻائي ورتا[47]. ان طريقي جون سني علائقن ۾ الائجي ڪيتريون شاخون آهن، جن مان مکيه ”طالباني قادري“ آهي، جنهن جو باني ملا محمود زنگنه طالباني ڪرڪوڪي (متوفيٰ 1215هه) هو[48]. قاچارين جي دؤر ۾ وري ان ئي طريقي جي هڪ بزرگ، جنهن جو نالو شيخ عبدالله (متوفيٰ 1310هه) هو، تنهن، ايران ۽ عثماني حڪومتن جي حدن اندر، وقت جي حڪومت خلاف جيڪا تحريڪ هلي. ان جي سربراهي ڪندو رهيو. ٽن سالن تائين وڙهندو رهيو، پر پوءِ ايران ۽ ترڪيءَ جي مدد سان سندس تحريڪ پامال ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ جيل ۾ پيو ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ حجاز طرف ملڪ بدر ڪيو ويو[49].

    قادري طريقي جا معتقد اڪثر ڪري عراق جي ڪردستان ۾ آهن. جن مان ڪن کي وري ٻنهي طريقن (نقشبندي ۽ قادري) جي ارشاد جي اجازت آهي[50].

     خاڪسار جيلاني طريقو: هي طريقو پنهنجو طريقو، سلمان فارسيءَ تائين ۽ ان ذريعي حضرت رسولِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم تائين ٿو پهچائي. هن جا سڀ مشائخ پاڻ کي امامن سڳورن جو مريد سڏرائيندا ٿا اچن. خاڪسار طريقي وارا پاڻ کي وڏن عارفن جهڙوڪ: سيد محمد گيسو دراز، تاج الدين زاهد گيلاني ۽ سيد جلال الدين حيدر کي پنهنجو مشائخ ڄاڻائيندا آهن. خاص ڪري آخريءَ (سيد جلال الدين حيدر) جي تمام گهڻي عزت ڪندا آهن، ڪي ته ان کي خاڪسار جلالي طريقي جو پيشوا ڪوٺيندا آهن[51]. ان طريقي جا معتقد اڪثر ڪري هندستان ۽ ماوراءُ النهر ۾ رهندا هئا. خاڪسار طريقي جا جيڪي مشائخ ايران ۾ رهندا هئا، اهي صفوين جي سختگير پاليسين جي ڪري هندستان هليا ويا. پر قاچارين جي اوائلي دؤر ۾ انهن جو هڪ بزرگ شيخ جنهن جو نالو فتح علي خان لقب غلام عليشاهه هندي جلالي، پهريان بوشهر، ان کان پوءِ شيراز هليو ويو. ان کان پوءِ ڪرم عليشاهه تهران آيو ۽ محمد شاهه قاچار جو وزير مستوفي الممالڪ سندس مريد ٿيو، جنهن ”وَنَڪ“ نالي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ خانقاه ٺهرائي ڏني هئس[52].

     خاڪسار جلالي طريقو ٻن مکيه طريقن ۾ ورهايل آهي: 1) معصوم علي شاهي. 2) غلام علي شاهي.

     معصوم علي شاهي طريقي جي، مشهد ۽ اصفهان ۾ فعاليت هوندي هئي، پر هاڻي اهو حال نه اٿن ۽ هاڻي رڳو خاڪساري فقط غلام علي شاهي وڃي رهيا آهن. ان شاخ جو آخري پير طريقت (شيخ) علي محمد، لقب مطهر عليشاهه (متوفيٰ 1361هه) هو. ان ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ خانقاهون ٺهرايون هيون[53]. سندس قبر شيخ زاهد گيلانيءَ جي مزار جي ڀر ۾ لاهيجان جي شيخانه ۾ آهي[54]. مطهر عليشاهه پنهنجو ڪو جانشين مقرر نه ڪيو. سندس وفات کان پوءِ سندس جن مشائخن وٽ ارشاد جو اجازتنامو هو ته مختلف شهرن ۾ وڃي ان طريقي جي تبليغ ۽ ترويج شروع ڪري ڏني[55].

     اهلِ حق. ڇهين صدي هجريءَ تائين تصوف جي هن طريقي جو نالو ڪنهن به ملل نحل جي ڪتاب يا صوفين جي لکڻين ۾ نٿو ملي. چون ٿا: ان جو سبب اهو آهي جو ان طريقي جا پيروڪار هميشه لِڪَ جي ڪوشش ۾ هوندا هئا. ان طريقي جا آداب ۽ طور طريقا تقريباً غالين وارا آهن. انهن جو عقيدو آهي ته حضرت علي عليھ السلام پنهنجا راز حسن بصريءَ کي ڏنا هئا، جنهن وٽان معروف ڪرخيءَ وٽ پهتا[56]. ڪي وري ان طريقي جي سلسلي جي شروعات کي ٻي صدي هجريءَ تائين ٿاپهچائن. ان کي اٺين صدي هجريءَ ۾ ايران ۽ عراق جي ڪردن واري علائقي ۾ سلطان اسحاق (سلطان صحاڪ/سحاڪ) نالي هڪ شخص ٻيهر زندهه ڪيو[57]. ڪي وري سلطان اسحاق کي ان طريقي جو باني ٿا چون[58]. ان طريقي جا معتقد گهڻو ڪري صوبي ڪرمانشاهه ۽ لُرستان ۾ رهن ٿا، البته ڪن ٻين شهرن جهڙوڪ: تبريز، اسد آباد (همدان)، ڪرج (هشتگرد)، ماڪو ۽ ڪردستان جي مياندوآب ۾ ٿا رهن[59].    

مددي ڪتاب

1)     آقا بزرگ تهراني، محمد محسن آقا بزرگ تهراني، الذريعه اليٰ تصانيف الشيعه، ڇاپو: علي نقي مروي ۽ احمد منزوي، بيروت 1983ع، 25 جلد 28 مجلدن ۾.

2)    حيدر بن علي عاملي، تفسير المحيط الاعظم و البحر الخضم في تاويل کتاب الله العزيز الحکيم، ڇاپو: محسن موسوي تبريزي، تهران 1995ع.

3)    جامع الاسرار و منبع الانوار، ڇاپو هينري ڪربن ۽ عثمان اسماعيل يحيٰ، تهران 1368هه ش.

4)    ابن بزاز، صفوه الصفا، ڇاپو: غلام رضا طباطبائي مجد، تبريز 1373هه ش.

5)     عبيد الله بن محمود احرار، احوال و سخنان خوجه عبيد الله احرار، مشتمل بر ملفوظات احرار، بقلم مير عبدالاول نيشاپوري، ملفوظات احرار (هڪ ٻيو مجموعو)، مرقعات احرار، احرار جون ڪرامتون، مولانا شيخ جي تاليف، ڇاپو: عارف نوشاهي، تهران، 1380هه ش.

6)    احسان الله علي استخري؟، اصول تصوف، تهران، 1288هه ش؟

7)    محمد مهدي بن مرتضيٰ بحر العلوم، رساله سير و سلوڪ، فارسي ٻوليءَ ۾ سترهن رسالا، ڇاپو: رضا استادي، مشهد، آستان قدس رضوي، بنياد پجوهشهاي اسلامي، 1375هه ش.

8)    يوسف بن احمد بحريني، لؤ لؤة البحرين، ڇاپو: محمد صادق بحرالعلوم، ق، (بنا تاريخ).

9)    شيرين بياني، دين و دولت در ايران عهد مغول، تهران، 1367، 1375هه ش.

10)محمد بن محمد پارسا، قدسيه، کلمات بهاءُ الدين نقشبند، ڇاپو: احمد طاهري عراقي، تهران، 1354هه ش.

11) سلطان حسن تابنده، نابغه علم و عرفان در قرن چهاردهم، مرحوم الحاج ملا سلطان محمد گناباديءَ جو زندگي نامو، سلطان عليشاھ، تهران، 1350هه ش.

12)احمد تميم داري، عرفان و ادب در عصر صفوي، تهران 1373هه ش.

13)محمد رئوف موڪلي،  تاريخ تصوف در کردستان، تهران 1388هه ش.

14)عبدالرحمان بن احمد جامي، نفحات الانس، ڇاپو: محمود عابدي، تهران 1370هه ش.

15) هبت الله حلبي، رساله باب ولايت و راه هدايت، 1372هه ش.

16)رسول جعفريان، دين و سياست در دؤره صفوي، قم 1370هه ش.

17)محسن جهانگردي، محي الدين ابن عربي، چهره برجسته عرفان اسلامي، تهران 1375هه ش.

18)عبدالرحمان حسيني نقشبندي، سادات نقشبندي و جنبش هاي ملي در گذر تاريخ، ترجمو: محمد بانه اي، اروميه.1381هه ش.

19)حمد الله مستوفي، تاريخ گزيده، ڇاپو: عبدالحسين تواني، تهران 1339هه ش،

20)           اسدالله خاوري، ذهبيه: تصوف عملي ـ آثار ادبي، ج 1، تهران 1362هه ش.

21)محمد علي خواجه الدين، سر سپردگان تاريخ و شرح عقائد ديني اهل حق، تهران 1362هه ش.

22)           ڪشڪول خاڪساري، تاريخ و شرح عقائد ديني و آداب و رسوم خاڪساريه، تبريز 1360هه ش.

23)           خوانساري محمد باقر بن زين العابدين خوانساري، روضات الجنات في احوال العلماءِ و السادات، ڇاپو: اسدالله اسماعيليان 1392هه، 8 جلدي.

24)           دانشنامه جهان اسلام، زير نظر غلام علي حداد عادل، تهران، بنياد دائره المعارف اسلامي، 1375هه ش.

25)            روشن خاوي، حروفيه، تحقيق در تاريخ  و آراء و  عقائد، تهران 1379هه ش.

26)           شعر صوفيانه فارسي، فارسي ٻوليءَ ۾ شعر جي عرفاني استفاده متعلق هڪ تمهيدي لکڻي، ترجو مجدالدين ڪيواني، تهران 1378هه ش.

27)           احمد علي ديون بيگي، حديقه الشعراءِ، ڇاپو: عبدالحسين نوائي، تهران 1366هه ش.

28)           مکاتبات رشيدي، ڇاپو: محمد شفيع، لاهور 1945ع.

29)           عبدالحسين زرين ڪوب، دنباله جستجو در تصوف ايران، تهران، 1362هه ش.

30)           شميم محمود زيدي، احوال و آثار شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، راولپنڊي، 1353هه ش.

31)محمد بن مؤيد الدين حمويه، المصباح في التصوف، ڇاپو نجيب مائل هروي، تهران 1362هه ش.

32)           محمد علي سلطاني، جغرافياي تاريخي و تاريخ مفصل کرمانشاهان، ج 9، تاريخ تصوف در کرمانشاه، تهران 1380هه ش.

33)           محمد بن محمود شمس الدين آملي، نفائس الفنون في عرائس العيون، ج 2، ڇاپو: ابراهيم مانحي، تهران 1379هه ش.

34)           نور الله بن شريف الدين شوشتري، مجالس المؤمنين، تهران 1354هه ش.

35)            ڪامل مصطفيٰ شيبي، البکر الشيعي و النزعات الصوفيه حتيٰ مطلع القرن الثاني عشر الهجري، بغداد 1966ع.

36)           زين العابدين بن اسڪندر شيرواني، بستان السياحه، يا سياست نامه، ليٿو ڇاپو: تهران، 1351هه، آفسٽ ڇاپو (بنا تاريخ).

37)           حدائق السياسه، تهران 1348هه ش.

38)           کشف المعارف، ڇاپو جواد نوربخش، تهران 1350هه ش.

39)           محمد بن ابراهيم صدرالدين شيرازي، رساله سه اصل، ڇاپو: محمد جوادي، تهران 1376هه ش.

40)           منوچهر صدوقي سها، تاريخ حڪماء و عرفان متاخر بر صدرالمتالهين، تهران 1359هه ش.

41)ذبيح الله صفا، تاريخ ادبيات در ايران و در قلرو زبان پارسي، تهران، ج 4، حصه 5، بخش 1، 1378هه ش.

42)           ابراهيم صفائي، رهبران مشروطه، ج 1، تهران 1363هه ش.

43)           حسن طارمي، علامه مجلسي، تهران 1375هه ش.

44)           غلام رضا طباطبائي مجد، درد طلب،زندگاني شيخ صفي الدين اردبيلي، تبريز، 1376هه ش.

45)            عبدالرزاق سمرقندي، مطلع السعدين و مجمع بحرين، ج 1، ڇاپو: عبدالحسين نوائي، تهران 1353هه ش.

46)           احمد بن محمد علاءُ الدوله  سمناني، چهل مجلس يا رساله اقباليه، ليکڪ امير اقبال شاهه بن سابق سجستاني، مقدمو، تصحيح ۽ تعليقات نجيب مائل هروي، تهران 1366هه ش.

47)           مناظر المحاضر للمناظر الحاضر، ڇاپو: حسين حيدر خاني مشتاقعلي، تهران 1371هه ش.

48)           علي بن علي صفا، انوار قلوب سالڪين، ۽، حقائق المناقب، تهران 1360هه ش.

49)           قاسم غني، بحث در آثار و افکار و احوال حافظ، ج 2، حصو 1، تهران 1366هه ش.

50)            علي بن حسين فخر الدين صفي، رشحات عين الحيات، ڇاپو: علي اصغر معينيان، تهران 1356هه ش.

51) حميد فررام، تحقيق در احوال و نقد آثار و افکار شاهه نعمت الله ولي، تهران 1374هه ش.    

52)            محمد بن شاهه مرتضيٰ فيض ڪاشاني، دُ رسالهءِ محقق بزرگ فيض ڪاشاني، ڇاپو رسول جعفريان، شرح صدر، اصفهان 1371هه ش.

53)            کتاب الاصول الصليه ۽ رساله الحق المبين في تحقيق کيفيت التفقه في الدين، ڇاپو جلال الدين محدث ارموي  ـ تهران ـ 1349هه ش.

54)            محمد سعيد بن محمد مفيد قاضي سعيد قمي، اسرار العبادات و حقيقه الصلوٰه، ڇاپو محد باقر سبزواري، تهران 1339هه ش.

55)اسماعيل قبادي، تحقيقي پيرامون فرقهءِ اهل حق، رسالو “ڪلام اسلامي”، سال 4، شمارو 14، اونهارو، 1374هه ش.

56)            محمد علي بن صادقعلي ڪشميري، نجوم السماء في تراجم العلماءِ، قم مڪتبه بصيرتي، (بنا تاريخ).

57)            عبدالرزاق بن علي لاهيجي، گزيده گوهر مراد، ڇاپو صمد موحد، تهران 1364هه ش.

58)            رجبعلي صاف خانڪي، “ڪبرويه جوين”، علمي مقالن جي صورت ۾ جيڪي “شيخ نجم الدين ڪبريٰ” جي مان ۾ ڪوٺايل بين الاقوامي ترڪمنستان جي شهر عشق آباد ۾ قائم اسلامي جمهوريه ايران جي  سفارتخاني طرفان، 1380هه ش.

59)            فرٽيس مائر، ابو سعيد ابو الخير، حقيقت و افسانه، ترجمو مهر آفاق بايوردي، تهران 1378هه ش.

60)           نجيب مائل هروي، حامي، تهران 1377هه ش.

61)محمد جعفر بن صفر مجذوبعلي شاھ، رساله العقائد المجذوبيه، بيابات حضرت مجذوبعليشاهه ڪبودرآهنگي، ـ تهران ـ 1362هه ش.

62)           محمد باقر بن محمد تقي مجلسي، اجوبه، در محمد تقي بن مقصود علي مجلسي، رساله تشويق السالکين، تهران 1375هه ش.

63)           عين الحيات، ڇاپو مهدي رجائي، قم 1376هه ش.

64)           محمد تقي بن مقصود علي مجلسي، رساله تشويق السالکين، تهران 1375هه ش.

65)            محمد فضل الله، عمده المقامات، ڇاپو بهادر خان زکريا جان، ڪابل (1355هه ش ؟).

66)           محسن مدير شانه چي، حضور و نفوذ کبرويه در خراسان، مٿي ڄاڻايل نجم الدين جي مان ۾ ڪوڄايل بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل مقالن جي مجموعي ۾.

67)           محمد معصوم بن زين العابدينمعصوم علي شاهه، طرائق الحقائق، ڇاپو محمد جعفر محجوب، تهران، (1318هه ش؟).

68)           حسين منجمي، مباني سلوک در سلسله خاکسار جلالي و تصوف، تهران 1379هه ش.

69)           عبدالله بن محمد نجم رازي، مرصاد العباد، ڇاپو محمد امين رياحي، تهران1352هه ش.

70)           عزيز الدين بن محمد نسفي، مجموعه رسائل مشهور به کتاب الانسان الکامل، ڇاپو ماريزان موله، تهران 1341هه ش.

71)عبدالواسع بن جمال الدين نظامي باخرزي، مقامات جامي، گوشه هائي از تاريخ فرهنگي و اجتماعي خراسان در عصر تيموريان، ڇاپو نجيب مائل هروي، تهران 1371هه ش.

72)           جواد نور بخش، گلستان جاويد، ـ تهران ـ 1373هه ش.

73)           رضا قلي بن محمد هادي هدايت، تذکره رياض العارفين، ڇاپو مهر علي گرگاني، تهران (1344هه ش؟).

74)           مسعود همائي، تاريخ سلسله هاي طريقه نعمت اللٰهيه در ايران از سال 1190 هجري قمري تا سال 1399ههجري قمري، تهران 1358هه ش.

75)            جلال الدين همائي، مولوي نامه؛ مولوي چه مي گويد؟ تهران 1369هه ش.

A. Bausani, “Religion in the Saliuq period” in The Cambridge history of Iran, vol.5, cd, j, A. Boyle, Camdridge 1968.

The Encyclopaedia of Islam, newe ed, Leiden: Brill, 1960- ,  S.v. “Iran. V1: Religions” (by J. T. P. De Bruiin).

Sachiko Murata, Chinese gleams of sufi light Wang Tai –yu’s Greut learning of the pure and real realm .with a new translation of Jamis lawa ih from the Persian by William C.Chittick, New York 2000.

Bernd  Radtk, “The concept of wilaya in early Sufism”.in The Heritage of Sufism,vol.1.ed leonard Lewisohn,Oxford:oneworld, 1999.


 

[1]  شيرواني، 1348،هه ش، مقدمه از تابنده، ص ح، د.

[2]  همايوني، ص 95، 100.

[3]  ساڳيو، 181، 189، 194.

[4]  ان تفسير بابت ڏسو، دانشنامه جهان اسلامبيان السعاده جي ذيل ۾.

[5]  همايوني، ص 199، 207، 212، 216، 219، 220.

[6]  ساڳيو، ص 241، . ان جي مشائخن بابت معلومات لاءِ ڏسو، نور بخش، 1372هه ش.

[7]  همايوني، 205، 206.

[8]  همايوني، 135، 136، 138، 333.

[9]  صفائي، ص 167.

[10]  زرين ڪوب، ص 81.

[11]  ساڳيو، ص 98.

[12]  زرين ڪوب، ص 98، 105، 169. مدير شانه چي، ص 256، 260، لباف خانيڪي، ص 251.

[13]  زرين ڪوب، ص 88.

[14]  ص 137، 138.

[15]  ص 320، 321.

[16]  1366هه، ش، ص 223.

[17]  ص130، 145، 161.                                      

[18]  ان جي باري ۾ ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، برزش آبادي جي ذيل ۾.

[19] معصوم عليشاھ، ج2، ص 344.

[20]  ساڳيو.

[21]  شرولي، ص 292.

[22]  شوشتري، ج 2، ص 144، 148.

[23]  صفا، مقدمه از صادق صفا، ص 21، فٽ نوٽ.

[24]  آملي، 1416هه ق، ج 1، ص 531.

[25]  ساڳيو، ج 1، ص 530.

[26]  ساڳيو، ج1، ص 521.

[27]  ص 2.

[28]  خاوري، ج 1، ص 290، 307، 308.

[29]  خاوري، ج 1، ص 322، 325، 337. وحيد الاولياءِ جي باري ۾ ڏسو، استخري، ص 539، 560.

[30]  زرين ڪوب، ص 336.

[31]  شيرواني، 1348هه، ش، ص 251.

[32]  ڏسو معصوم علي شاھ، ج 2، ص 344. خاوري، ج 1،  ص 352، 355.

[33]  ڏسو، دانشانامه جهان اسلام، بهاءُ الدين نقشبند جي ذيل ۾.

[34]  پارسا، مقدمه از طاهري عراقي، ص 30، 31.

[35]  ڏسو، محمد فضل الله، ص 34.

[36]  ڏسو، پارسا، ساڳيو ئي مقدمو، ص 31.

[37]  ساڳيو، مقدمو، ص 20.

[38]  فخرالدين صفي، ج 1، ص 101، 121، 205. زرين ڪوب، ص 206، 209.

[39]  ڏسو، احرار، مقدمو از نو شاهي،  ص 301. مائل هروي،  ص 230، 231.

[40]  ڏسو، مورانا، ص 31، 35.

[41]  زرين ڪوب، ص 211، 213.

[42]  توڪلي، ص 223، 251، 252. سلطاني، ج 9، ص 151.

[43]  توڪلي، ص 260، 281، سلطاني، ج 9، ص 163، 234، 236.

[44]  ڏسو، حسيني نقشبندي، ص 40، 113، 116، 117. سلطاني ج 9، ص 163، 219، 223.

[45]  سندس باري ۾ ڏسو، دانشنامه جهان اسلام، بهاءُ الدين زڪريا جي ذيل ۾.

[46]  زرين ڪوب، ص 178، 179. زيدي، ص 8.

[47]  تفصيل لاءِ ڏسو، توڪلي، 183، 219. سلطاني، ج 9، ص 243، 246، 247.

[48]  سلطاني، ج 9، 256، 349.

[49]  توڪلي، ص 183، 187.

[50]  ساڳيو، 192، 193. سلطاني، ج 9، ص 255.

[51]  منجمي، ص 27، 35. سلطاني، ص 380.

[52]  منجمي، ص 40. سلطاني، ج9، 379، 385، 386.

[53]  منجمي، ص 44، 49. خواجه الدين 1360هه ش، ص 49.

[54]  منجمي، ص 49.

[55]  ساڳيو، ص 49، 50.

[56]  خواجه الدين، 1362هه ش، ص 1، 2. قبادي، ص 84، 89.

[57]  خواجه الدين، 1362هه ش، ص 2، 3. قبادي، ص 87، 88.

[58]  قبادي، ص 89.

[59]  خواجه الدين، 1362هه ش، ص 3، 4. قبادي، ص 85، 86.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org