فصل ٽيون
تصوف ايران ۾؛ ڇهين صدي هجريءَ کان پوءِ
(الف) صفوين جي دؤر تائين
سلجوقين وارو آخري دؤر، ايران ۽ تڏهوڪي
اسلامي مملڪت جي ٻين سرزمينن ۾ تصوف جي تاريخ جو
تمام مکيه دؤر رهيو آهي. انڪري جو ان دؤر ۾ تصوف
مخالفتون ۽ سختيون سهي نيٺ پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽
هڪ منظم شڪل، صورت حاصل ڪري ورتائين. خاص ڪري ابو
حامد غزاليءَ ايران جي اهلسنت واري معاشري ۾، جيڪو
ان وقت اڪثريت ۾ هو، ڀلو مان مرتبو حاصل ڪري ورتو
هو.
ان دؤر وارا صوفي پنهنجي عقيدن جي اظهار توڙي
پنهنجي رسمن جي بجا آوريءَ ۾ آزاد هئا ۽ عوام ۾
اثر رسوخ پيدا ڪرڻ سان گڏ حڪومتي ماڻهن ۾ به
پنهنجي لاءِ حامي پيدا ڪري ورتا هئائون. انهن مان
خواجه نظام الملڪ، جيڪو سلجوقي حڪومت جو وزير هو،
تصوف ۽ خاص ڪري ابو سعيد ابوالخير جو حامي هوندو
هو.
اها ئي صورتحال خوازرمشاهي دؤر کان وٺي مغلن واري
حملي تائين قائم رهي. مغلن واري حملي ڀيري ته
ايران جي اڪثر علائقن ۾ صوفين جون خانقاهون ۽
آستانا موجود هئا.
باوجود ان جي جو مغلن ڪيترن ئي صوفين کي قتل
ڪيائون، جن ۾ نجم الدين ڪبريٰ ۽ شايد عطار
به شامل هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي صوفي هيڏي
هوڏي لڏي هليا ويا، جن ۾ نجم الدين رازي
به شامل هو. تنهن هوندي به ان جي رونق هيڪاري وڌي
پئي. انڪري جو ان ويراني ۽ تباهيءَ واري دؤر ۾، هڪ
ته تصوف عوام لاءِ هڪ قسم جو روحاني ۽ فڪري
پناھگاهه بڻجي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي
ماڻهن جو ان ڏانهن لاڙو ٿيڻ لڳو، ٻئي طرف وري گهڻو
وقت نه گذريو ته مغلن جا ايلخان به تصوف ڏانهن
مائل ٿيڻ لڳا. ڪي مغل حڪمران جهڙوڪ غازان خان
(حڪومت 694 کان 703)، اُلجايتو خان (حڪومت 703
کان 716) ۽ ابو سعيد (حڪومت 717 کان 736)، پڻ انهن
جا ڪي امير ۽ وزير جهڙوڪ رشيدالدين (متوفيٰ 718ھه)
۽ سندس پٽ غياث الدين (متوفيٰ 736ھه) صوفين ۽
انهن جي مشائخن سان محبت جو اظهار پيا ڪندا هئا ۽
خاص ڪري صوفين جي خانقاهن پنهنجون عنايتون پيا
ڪندا هئا.
عباسين جي حڪومت جي خاتمي ۽ بغداد جي زوال
کان پوءِ، هلاڪو خان هٿان شيعا بزرگ پنهنجي وجود
جو اظهار ڪرڻ لڳا. اهڙي طرح وزيرن طرفان صوفين جي
حمايت جي ڪري تصوف به رونق حاصل ڪري ورتي.
شايد اهو ئي دؤر هو جنهن ۾ تشيع ۽ تصوف جي باهمي
رابطي جو ميدان فراهم ٿيو.
تصوف جي باقائده ڦُلڻ، ڦَلڻ وارو دؤر تيمورين
واري دؤر کان صفوين جي اقتدار ۾ اچڻ واري دؤر
تائين جاري رهيو. ان دؤر ۾ ڪي تيموري حاڪم، صوفين
جي ڪن فرقن ۽ طريقن سان پنهنجي مخصوص ديني تعصب جي
بنياد تحت سلوڪ ڪندا هئا، تنهن هوندي به عمومي طرح
صوفي مشائخن تي تمام گهڻو اعتقاد هوندو هئن. اهڙي
طرح اٺين ۽ نائين صدي هجري به تصوف جي رونق وارو
عرصو هو. انڪري ان دؤر ۾ ڪي ٿورا ئي عالم يا شاعر
ملندا جيڪي عرفاني ذوق کان وانجهيل رهيا هجن ۽
پنهنجي لکڻين ۾ ان جو اثر نه ڏيکاريو هُجينِ.
ان جي باوجود به ڪي صوفي بزرگ، خاص ڪري تيمورين
واري دؤر ۾ ڪن ظاهري باشرع ماڻهن هٿان پيا ستائبا
۽ پريشان ٿيندا هئا.
ان دؤر واري تصوف جي مکيه صفتن مان هڪ صفت
صوفي مشائخن ۾ شيعي تعلقات جو پيدا ٿيڻ آهي، جنهن
ڪري شيعي صوفي طريقن جهڙوڪ صفويه، نوربخشيه ۽ نعمت
اللٰهيه طاقت ۽ ترويج حاصل ڪري ورتي.
شايد اهو سڀ ڪجهه عباسي حڪومت جي خاتمي ۽ عوام جي
مذهبن مان آجپي ۽ هڪ اهل سنت حڪو مت جي طاقت جي
ڪمزور ٿيڻ جي ڪري ٿيو.
ولايت ۽ ان جي واسطيدار موضوعن متعلق بحث،
جيڪو اڳواٽ ئي صوفين ۾ جاري هو، تنهن به خاص ڪري
تشيع جي تصوف ۾ رائج ٿيڻ جي ڪري ئي پکيڙ اختيار
ڪئي.
عزالدين نسفي جي بقول: ان موضوع متعلق بحث، سندس
واري دؤر ۾، خراسان ۽ ماوراءُ النهر ۾ رائج هو.
هي ڳالهه به بيان ڪرڻ جهڙي آهي ته ان دؤر وارن ڪن
صوفين جو شيعه هجڻ، ڪلامي بنياد تي نه هو، بلڪه
فقط ولايت (محبت اهلبيت عليھم السلام) کي مڃڻ جي
حد تائين هو ۽ بعض خليفن کان تبراء جي حد تائين به
نه هو
، نه ئي وري ڪو عمومي ۽
سياسي تعصب هئس.
انهن مشائخن جي شيعه هجڻ کي سمجهڻ لاءِ عبدالرحمان
جاميءَ کي ڏسي سگهجي ٿو، جيڪو تيمورين جي دؤر ۾
هو. سندس چوڻ آهي: هرات ۾ مولا علي عليھ السلام جي
مدح ڪرڻ جي ڪري خراسان جي اهلسنت وارن کان ڊڄندو
پيو هو ته متان کيس رافضي ڪوٺي ويهن. جيتوڻيڪ
بغداد ۾ ڪن رافضن جي ڏمر جو شڪار به بڻجي چڪو هو.
ان ئي دؤر ۾ شيعه صوفين جون اجتماعي سياسي
تحريڪون، تشيع ۽ سماجي عدالت کي قائم رکڻ خاطر،
حڪومت جي خلاف شروع ٿيون. جن مان اهم شيخ خليفه
مازندراني (مقتول 736ھه)، سندس مريد شيخ حسن جوري
(مقتول 743هه) جي تحريڪ هئي، جيڪا اڳتي هلي،
خراسان ۾ ”نهضت سربداران“ جي نالي سان تحريڪ جي
قيام جو ڪارڻ بڻي.
اهڙي طرح مازندران جي انهن صوفي سيدن واري تحريڪ
به هئي، جيڪي مير قوام الدين مرعشي جا مريد هئا ۽
”مرعشيان“ جي نالي سان مشهور هئا. انهن جو
”سربداران“ تحريڪ سان سڌو سنئون تعلق هو ۽ ان
تحريڪ جي بزرگن سان ئي نسبت رکندا هئا. انهن جي
حڪومت کي امير تيمور گورڪانيءَ سنه 795هه ۾ اچي
ختم ڪيو. ”حروفيه تحريڪ“، جنهن جو باني شيخ فضل
الله حروفي استر آبادي هو، تنهن به اهلسنت حاڪمن ۽
فقيهن خلاف وٺ پڪڙ ڪئي، جنهن کي امير تيمور جي پٽ
سنه 796هه ۾ قتل ڪيو.
ان دؤر واري تصوف جي هڪ ٻي خصوصيت اُها پکيڙ
هئي جيڪي کي مغلن طرفان مختلف علائقن تي ٿيندڙ
حملن واري هڻ مار دؤران صوفي مشائخن جهڙوڪ: بهاء
ولد مولوي ۽ شيخ نجم الدين رازيءَ جي ننڍي کنڊ
ايشيا ۽ هندستان طرف لڏ پلاڻ جي ڪري حاصل ٿي. جنهن
جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مسلمان به ٿيا. تنهن دؤر
۾ هندسان جي سرزمين به صوفين جو وڏو مرڪز هو. ان
تصوف، جنهن جو هندستان ۾ اچڻ غزنوين جي دؤر کان
شروع ٿيو، انهن صدين دؤران پنهنجي اوج ڀري ترقيءَ
تي پهتو. اهي صوفي طريقا جيڪي ايران کان بر صغير ۾
ويا، تن ۾ چشتيه، سهرورديه، نعمت اللهيه، نقشبنديه
۽ قادريه شامل هئا، ترقي ۽ اوج حاصل ڪرڻ ۾ انهن جو
تمام گهڻو حصو هو.
مغلن وارو دؤر فارسي صوفي ادبيات جو تمام
زبردست رهيو آهي. ان دؤر ۾ صوفي بزرگن جي لکڻين دل
وڻندڙ روپ اختيار ڪري ورتو. نثري تحريرن ڀلي پختگي
حاصل ڪئي. ڪي لکڻيون ته تعليمي، روائي ۽ تذڪره
واري روپ مان نڪري فڪري ۽ استدلالي ڍنگ تي لکجڻ
لڳيون ۽ معتبر علمن جي زمري ۾ ڳڻجڻ لڳيون. اهڙي
طرح جو اٺين صدي هجريءَ ۾ شمس الدين عامليءَ
پنهنجي ڪتاب ”نفائس الفنون“ ۾ هڪ حصو، علم تصوف،
ان جي باري ۾ ڪي بحث ۽ ڪن اصطلاحن متعلق مخصوص ڪيو.
صوفين جي منظوم لکڻين ۾ به ڪافي تبديلون آيون.
اهڙي قسم جا قلمي آثار جيڪي سنائي کان شروع ٿي چڪا
هئا، عطار ۽ مولانا روميءَ ذريعي ته پنهنجي بي
مثال ڇيهه کي پهتا.
اهو زمانو انهن طريقن جي سڃاڻڻ وارو دؤر به
آهي، جيڪي آهستي، آهستي چوٿين ۽ پنجين صدي هجريءَ
۾ جڙي چڪا هئا. تصوف ۾ ارشاد ۽ تربيت جي اجازت جو
وڏو عمل دخل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سمورن صوفي
طريقن جا مشائخ اڪثر ڪري علي عليھ السلام ذريعي
پاڻ کي حضرت رسولِ خدا صلي الله عليھ وآلھ وسلم
سان ملائين ٿا. هر طريقي جي ذڪر ڏيڻ توڙي وٺڻ ۾
اجازت نامو بيان ڪرڻ، اڳي ته زباني هوندو هو، پر
ٽي چار صديون پوءِ جڏهن تصوف چڱي طرح رونق حاصل
ڪري ورتي ته اهڙي قسم جي اجازت نامي متعلق مشائخن
طرفان دعوائون ٿيڻ لڳيون ۽ انهن جي سچي يا ڪوڙي
هجڻ جو مسئلو پيش آيو ته هڪ شيخ کان ٻئي شيخ لاءِ
باقائده هڪ اجازت نامي صادر ڪرڻ جهڙي مسئلي به
اهميت حاصل ڪري ورتي. هڪ اهڙو اجازت نامو جنهن ۾
ڪن صوفياڻن اصطلاحن ۽ شيخ پاران ٻئي شيخ کي خرقه
(ويس) پارائڻ جي به پڌرائي ٿيل هجي. ان دؤر وارا
صوفي پنهنجو تعارف پنهنجي روحاني نسب (پيڙهيءَ)
ذريعي ڪرائيندا هئا. انڪري صوفين جا مڙئي طريقا
پنهنجي باني شيخ جي نالن پٺيان سڏجڻ لڳا. مکيه
طريقن جهڙوڪ: ڪبرويه، سهرورديه، نعمت اللٰهيه،
نقشبنديه، قدريه ۽ نوربخشيه ان عرصي دؤران چڱي
خاصي رونق حاصل ڪري ورتي. انهن مان ڪن صوفي طريقن
کي معروف ڪرخي سان منسوب ”معروفيه“ طريقي جون
شاخون ٿا ڄاڻن.
انهن طريقن جو تاريخي سفر، خود تصوف جي ان دؤر
واري تڪاملي سفر کي چٽو ٿو ڪري.
ان دؤر ۾ تصوف جي مکيه خاصيت، ستين هجريءَ
کان پوءِ ابن عربيءَ جو ايراني تصوف تي زبردست اثر
پوڻ آهي. ان جون لکڻيون ۽ سِکيائون ٻٽن رخن کان
ايران ۾ تصوف جي تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ جي راهه ۾ اهميت
رکن ٿيون:
پهريون، هي ته ان جو ايراني مشائخ
جهڙوڪ: شهاب الدين عمر سهروردي، شيخ سعدالدين
حمويه ۽ شيخ اوحد الدين ڪرمانيءَ سان رابطو.
ٻيو، ولايت ۽ انسانِ ڪامل جهڙن موضوعن
بابت تفصيلي بحث ذريعي شيعي عرفاني حڪمت تي سندس
اثر.
ٽيون، ان جي فڪر ۽ نظرين جو فارسي
ٻوليءَ جي عرفاني نظم (شاعريءَ) ۽ نثر تي اثر.
چوٿون، خود ان جو ۽ ان جي لکڻين جي
شارحن جو ايران ۾ نظري (ٿئوريڪل) عرفان جي بنياد
پوڻ ۾ اثر.
تصوف، ابن عربيءَ ذريعي هڪ حڪمتي ۽ فلسفي رنگ
اختيار ڪري ورتو ۽ جيڪي مفهوم تصوف ۾ هئا ته ضرور
پر انهن جو ڪو نالو نه هو. ابن عربيءَ تصوف جي
مرڪز ۾ وڏو مقام جوڙي ورتو ۽ سندس ذريعي ”وحدت
الوجود“ ۽ ”اعيان ثابته“ جهڙيون اصطلاحون رائج ٿيڻ
لڳيون. نه رڳو ايترو بلڪه تصوف پنهنجو موضوع ۽ ان
سان گڏ مبادي ۽ مسائل به هٿ ڪري ورتا ۽ هڪ نظرياتي
جهان ۾ به پير پائي ورتائين.
اهڙي طرح هن اسلامي علمن جي جهرمٽ ۾ شامل ٿي پيو.
جنهن اڳتي هلي ”علم تصوف“ يا ”عرفان نظري“ جي
نالي سان سڏجڻ لڳو. تصوف کي اهڙي قسم جي ترقي ابن
عربي جي شارحن، خاص ڪري صدرالدين قونيوي (متوفيٰ
673هه) جي هٿان پلئه پئي. اهڙي طرح جو ابن عربي جو
فڪر قونيويءَ جي هٿان هندستان کان روم تائين پکڙيو
. هن جي وڏي علمي حيثيت هئي جنهن ڪري وڏا وڏا
مشائخ جهڙوڪ فخرالدين عراقي ۽ مؤيد الدين جُندي
(متوفيٰ 700هه) به وٽس پڙهندا هئا، جيڪي ابن عربي
جي صوفي نظرين جا وارث ۽ ايران ۾ انهن جي ترويج جو
سبب بڻيا.
ڏيڍ سؤ (150) جي لڳ ڀڳ جيڪي ابن عربيءَ جي جڳ
مشهور ڪتاب ”فصوص الحڪم“ مڪمل، يا ان جي ڪجهه حصي
جون شرحون لکيون ويون آهن ۽ عثمان يحيٰ انهن جي
فهرست لکي آهي، تن مان هڪ سؤ ٽيھه شرحون ايراني
صوفين عربيءَ يا فارسيءَ ۾ لکيون آهن.
جن مان هيٺ ڏنل شرحون قابل ذڪر آهن: عبدالرزاق
ڪاشاني، ابن ترڪه اصفهاني ۽ سيد حيدر آملي جون
عربي ٻوليءَ ۾ لکيل، ۽ شاهه نعمت الله ولي جي
مختصر فارسي شرح، رڪن الدين مسعود بن عبدالله
شيرازي (بابا رڪنا، متوفيٰ 769هه، اصفهان) جي
تفصيلي فارسي شرح، خواجه محمد پارسا (متوفيٰ
882هه) جي مفصل فارسي شرح، عبد الرحمان جامي، فصوص
جي خلاصي بنام ”نقدالنصوص في شرح الفصوص“ جي شرح
بنام ”شرح جامي“ وغيره. جامي پنهنجي ٻين فارسي
ڪتابن جهڙوڪ ”لوائح، اشعة اللمعات و لوامع“ ۾ هڪ
نرالي طرح ابن عربي جي صوفياڻن نظرين جي تابع نظر
ٿو اچي. لڳي ايئن ٿو ته اهو آخري فارسي سخن گو آهي
جنهن جا ايران ۾، ابن عربي جي مڪتب متعلق، تقريري
توڙي تحريري آثار ڪثرت سان موجود آهن.
ايران ۾ ابن عربي جو اثر، سو به صفوين جي دؤر
۾، خاص ڪري ملا صدرا جي قلمي آثارن ۾ چٽو ڏسڻ ۾ ٿو
اچي. ملا صدرا جي ابن عربي ۽ قونيوي سان تمام گهڻي
دلي اردتمندي هوندي هئي. اهو ئي سبب هو جو سندس
لکڻيون، خاص ڪري ”اسفار“ ته سندس اقوال ۽ عرفاني
بحثن جهڙوڪ: ”وحدت الوجود“ يا ”علم حضوري“ سان
ڀريل آهي.
ان کان پوءِ شيعه مملڪت ايران ۾ هڪ خاص قسم جو
تصوف ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جنهن کي اڪثر ڪري ”عرفان“ ٿو
سڏجي، جنهن جو ابن عربي جي افڪار ۽ تعليمات سان
تعلق نظر ٿو اچي ته ڪٿي وري ان ۾ ملا صدرا جا
فلسفي رايا به شامل نظر اچن ٿا. ان طريقي جا پوئلڳ
جهڙوڪ آقا محمد رضا قُمشه اِي (1241-1306هه) ۽ ڪي
ٻيا ته خاص ڪري ابن عربيءَ جي ڪتاب ”فصوص الحڪم“
جي ترويج ۽ تدريس پيا ڪندا هئا، نه رڳو ايترو بلڪه
سير و سلوڪ جا صاحب به هئا. البته تصوف جي ڪنهن
مخصوص طريقي سان واڳيل هجڻ جو به اظهار نه ڪندا
هئا، نه ئي وري رسمي طرح ڪنهن اهڙي طريقي سان جڙيل
هئا.
(ب) صفوي دؤر
صفوي دؤر (حڪومت 906 کان 1135هه) تصوف جي
تمام پيچيده صورتحال هئي. صفوي، در اصل شيخ صفي
الدين اسحاق اردبيلي (متوفيٰ 735هه) سان نسبت
رکندڙ هڪ صوفي طريقو هو. شيخ صفي الدين، الجايتو
خان ۽ ابو سعيد ايلخاني جي دؤر جو صوفي مشائخ هو
جيڪو ڪتاب ”صفوة الصفا“
جي شاهديءَ موجب، شيخ زاهد گيلاني (متوفيٰ 700هه)
جو مريد ۽ سندس نياڻو هو. صفي الدين اردبيليءَ جو
روحاني اثر رسوخ ۽ سندس پنجٽيھه (35) ساله ارشاد
وارو دؤر هڪ طولاني دؤر هو. جڏهن مغل سندس مريد
ٿيا ته پنهنجي اڪثر مغل مريدن کي انسانن کي ستائڻ
کان جهليندو رهندو هو.
ان جي وفات کان پوءِ سندس اولاد ۽ پوٽا، صفوي
طريقي هيٺ مريدن کي ارشاد ڪرڻ جي درجي تي پهتا.
شيخ صفي الدين جي پٽ شيخ صدرالدين اردبيل ۾،
پنهنجي پيءُ جي مزار جي ويجهو هڪ وڏي ۽ شاندار
خانقاه جوڙائي جنهن ۾ سندس مريد پيا رهندا هئا.
شيخ صفي الدين جو ڇهون پڙ پوٽو، شاهه اسماعيل
(صفوي حڪومت جو باني) هو، جيڪو حاڪم به بڻيو ته
ساڳئي وقت شيخ صفي الدين جو روحاني پاڳارو به.
انڪري اهي صفوي لشڪري جيڪي ان طريقي کي پنهنجو
مرشد ڀائيندا هئا، تن دلي عقيدي تحت صفوي حڪومت جي
حمايت ۾ تلوار هلائي ۽ ايئن ڪرڻ پاڻ تي لازمي
سمجهندا هئا. اها ئي عقيدت ساسانين کان پوءِ هڪ
وسيع ايراني حڪومت قائم ٿيڻ جو سبب بڻي. صفوي
بادشاھ، شاهه اسماعيل صفوي جيان ”صوفي اعظم“ يا
”مرشد ڪامل“ سڏيا ويندا هئا.
چون ٿا: تشيع ۽ تصوف جي پاڻ ۾ رابطي جو هڪ تاريخي
ثبوت هي آهي ته جڏهن صوفي نظريي وارن صفوين اقتدار
حاصل ڪيو ته تشيع جي سرڪاري مذهب طور نفاذ جو
اعلان ڪيائون، جنهن جي، ايران ۾ واڌ ويجھه جو
ميدان ستين هجريءَ جي اوائل کان تصوف ئي فراهم ڪيو
هو. ان کان علاوه صفوي تحريڪ کان اڳ جيڪي به ٻيون
صوفي تحريڪون جهڙوڪ: ”سربداران“، ”حروفيه“،
”نوربخشيه“ ۽ ”مشعشعي“ ٿي گذريون هيون، سي به سڀ
جون سڀ شيعه هيون.
ان دؤر ۾ ايران جي سرزمين ۾ تصوف ايتري ته
شهرت ۽ ترويج ماڻي جو بقول بحراني جي: ايرانين جو
ان ڏانهن تمام گهڻو لاڙو ٿي پيو، جنهن ڪري ان
ڏانهن لاڙي ڏيکارڻ ۾ بيحد وڌاءُ ڪرڻ لڳا.
ان جي باوجود به ڪن سببن جي ڪري تصوف جي مقبوليت
واري سطح ۾ ڪمي اچڻ لڳي، جهڙوڪ:
1) قزلباش صوفين ۾ ڇڙواڳي ۽ بڇڙائين جو ڪاهي
پوڻ، جيڪا حڪومت لاءِ هڪ قسم جو خطرو محسوس ٿيڻ
لڳو.
2) ڇڙواڳ ۽ رولاڪ صوفين جي ڪثرت جيڪي اڪثر ڪري
هندستان مان ٿي آيا ۽ جيئن ته انهن جو مقامي صوفي
طريقن سان تعلق نه هو، انڪري انهن کي بي شرع درويش
(ملنگ) سڏيو ٿي ويو.
3) صفوي صوفين طرفان فقط پاڻ کي ئي صوفي
سمجهڻ ۽ ٻين سمورن صوفي طريقن کي ڌڪي خارج ڪرڻ جي
ڪوشس ڪرڻ.
4) تصوف جي مخالف عالمن ۽ فقيهن جو اثر رسوخ.
قزلباشن ۾ اقتدار واري رسا ڪشي به حڪومت جي ڪمزوري
۽ صفوي اقتدار جي خاتمي جو ڪارڻ بڻجي پئي.
ايتريقدر جو صفوي خاندان جي اقتدار وارو دؤر شاهه
عباس کي پهتو ته ايتري تائين صوفي قزلباشن ۽ خاص
ڪري خود تصوف جي طاقت گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪي
هئي.
صوفي مؤرخ نالي ”ابن ڪربلائي“ جيڪو ڏهين صدي
هجريءَ ۾ هو۽ سندس لکيل تذڪرو مکيه تذڪرن ۾ ليکيو
ٿو وڃي، تبريز جي آس پاس جي هڪ صوفيءَ جي نقطئه
نگاه متعلق لکندي لکيو اٿس: اتي هاڻي هڪ به صوفي
ناهي بلڪه ڪٿي به صوفي ڪونهي.
اهڙي ماحول ۾، جن جو حقيقي تصوف سان تعلق هو
۽ زماني جي حالتن کان رنج ۽ بيزار هئا، تن جو انگ
گهڻو هو. اهڙا اڪثر ڪري ايران مان لڏي هليا ويا،
جنهن ڪري ڪيترائي نعمت اللٰهي هندستان هليا ويا،
يا وري جيڪي ايران ۾ ئي رهي پيا ته سي وري پنهنجي
لکڻين ۾ زماني واري رائج تصوف کان نفرت جو اظهار
ڪرڻ لڳا، نه رڳو ايترو بلڪه حقيقي ۽ شريعت سان ٽڪر
نه کائيندڙ تصوف جي دفاع لاءِ به پاڻ پتوڙيندا
رهيا.
جن ۾ پڪي اڪثريت تنهن دؤر جي وڏن ڏاهن ۽ فيلسوفن
جهڙوڪ: مير داماد جا تصوف سان تعلقات چِٽا ڏسڻ ۾
ٿا اچن، خاص طور تي اشراقي فلسفي ذريعي، جنهن جو
پاڻ (مير داماد) مفسر هو. اهڙي طرح ميرزا
ابوالقاسم فُندُرسڪي (متوفيٰ 1050هه)، جيڪو مير
فندرسڪي جي نالي سان مشهور ۽ پنهنجي وقت جو هڪ وڏو
فيلسوف هو، سو به زاهدن واري زندگي گذاريندو هو،
سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون بيان ڪيون ويون آهن.
سيلاني قسم جو ماڻهو هو. هندستان جا ڪيترائي سير
سفر ڪيائين ۽ پنهنجي طريقت واري زندگيءَ جو ڳچ حصو
اتان جي عابدن ۽ زاهدن سان گڏ گذاريائين. مير
فندرسڪي، پنهنجي ان ڪتاب لکڻ جي ڪري شهرت ماڻي
جيڪو هن ”جوڳ“ نالي ڪتاب جي تفصيلي شرح ۾ لکيو،
جيڪو سٺ عرفاني قصيدن تي مشتمل آهي، ان جي به
ڪيترائي دفعا شرح لکي وئي آهي.
صفوين جي دؤر جو وڏو نامور فيلسوف ’ملا صدرا‘
آهي، جنهن جون اڪثر لکڻيون حڪمت ۽ فلسفي متعلق، پر
صوفي مشائخن جي تجليل، تڪريم تي مشتمل هئڻ سان گڏ
ائمه اهلبيت عليھم السلام جي ڏسيل حقيقتن جي بيان
سان لبريز آهن. سندس هڪ مفصل ڪتاب ”اسفار“ جيڪو هن
”اسفار اربعه سلوڪ“ جي طرز تي لکيو، تمام گهڻو
مشهور آهي، سندس لکڻين ۾ صوفين جا ڪيئي نظريا
جهڙوڪ: ”وحدت الوجود“ يا ”علم حضوري“ کولي، تفسير۽
مضبوط دليلن سان بيان ڪيا ويا آهن.
مير فندرسڪي پنهنجي هڪ رسالي نالي ” سه اصل“ ۾
(جيڪو سندس اڪيلو ئي فارسيءَ ۾ لکيل رسالو اٿس)
وقت جي انهن با شرع فقيهن ۽ متڪلمن جي شڪايت ڪئي
آهي، جن تصوف جي نندا ڪئي آهي، نه رڳو انهن جي
شڪايت ڪئي اٿس، بلڪه حقيقي صوفين جو دفاع ڪندي
ايمان جي وصف صوفياڻي نقطهءِ نظر کان ڪئي اٿس.
بظاهر سندس رسالي ”سه اصل“ کي فارسيءَ ۾ لکڻ جو
اصلي ڪارڻ هي هو ته هن اهو رسالو دراصل عام ماڻهن
لاءِ لکيو هو، انڪري ته جيئن عام ماڻهن کي، تصوف
جي حقيقت کان آگاهه ڪري سگهي.
ملا صدرا جو نياڻو، شاگرد ۽ شيخ بهائي عليھم
الرحمه جو مريد، فيض ڪاشاني، جنهن جا قرآن مجيد جي
تفسير، علم ڪلام، حديث، فقه، عرفان ۽ تصوف جي
موضوع تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، پنهنجي هڪ ڪتاب
نالي ”المحاڪمه“ ۾ انهن صوفي نما ۽ انهن بي خبر
عالمن تي تنقيد ڪئي آهي، جيڪي حقيقي صوفين کي تنگ
پيا ڪندا آهن. اهڙي طرح پنهنجي ڪن ٻين لکڻين
جهڙوڪ: ”شرح صدر“ ۾ پنهنجي حقيقي تصوف ۽ سير سلوڪ
جو دفاع ڪيو اٿس ۽ علم تصوف کي ”علم جو گوهر“ ۽
”نبين جي ميراث“ سڏيو اٿس.
فيص ڪاشانيءَ ان نظريي موجب جيڪو ”رسالة الحق
المبين“ ۾ درج ڪيو اٿس، ديني علم حاصل ڪرڻ هڪ
اهڙي بصيرت حاصل ڪرڻ جو نالو آهي، جنهن جو مرڪز
عقل نه بلڪه ”قلب سليم“ آهي.
پاڻ هڪ ٻيو ڪتاب نالي ”المحجة البيضآء“ غزاليءَ جي
ڪتاب ”ڪيمياءِ سعادت“ جي تهذيب ۽ تنقيح طور
لکيائين. فيض ڪاشاني شعر به چوندو هو.تمام لطيف،
صوفياڻا ۽ عاشقاڻا شعرچيا اٿس. تصوف جي اهڙي
اظهار جي ڪري ئي تنهن دؤر جي فقيه شيخ يوسف
بحرانيءَ جي تنقيد ۽ مخالفت جو نشانو بڻيو.
ان فقيه فيض ڪاشانيءَ جو شاگرد نالي سيد نعمت الله
جزائريءَ وري پنهنجي استاد جو دفاع ڪيو ۽ ڏانهن
تصوف جي نسبت جي نفي ڪئي (انها فرية بلا فرية =
اها هڪ بي بنياد تهمت آهي).
اهڙي طرح فيض ڪاشانيءَ جا ٻه هم خيال ۽ هم
طرز شخص نالي ملا عبدالرزاق لاهيجي ۽ قاضي سعيد
قمي به ٿي گذريا آهن. ملا عبدالرزاق لاهيجي ملا
صدرا جو ٻيو نياڻو هو ۽ لقب ”فياض“ (متوفيٰ
1072هه) هئس، فياض پنهنجي شيعي علم ڪلام تي مشتمل
ڪتابن جهڙوڪ: ”شوارق الالهام“، ”سرمايهء ايمان“ ۽
”گوهر مراد“ جي ڪري ڪافي شهرت ماڻيائين.
پنهنجي ڪتاب ”گوهر مراد“ جي مقدمي ۾،
خدائي راهه کي ٻن قسمن ظاهري ۽ باطنيءَ ۾ تقسيم
ڪندي لکيو آهي: نبين جي بعثت ان باطني ارشاد ۽
هدايت لاءِ آهي، جنهن ذريعي خدا تائين پهچي سگهجي
ٿو، نه ڪي ظاهري هدايت جنهن سان خدا کي رڳو ڄاڻ
حاصل ڪري سگهجي ٿي. تفصيل سان لکيو اٿس ته صوفي
محقق جو ”وحدت الوجود“ ۽ ”فنا“ جي درجي واري دعويٰ
جو مطلب به اهو ئي آهي. ان ئي ڪتاب جي خاتمي ۾
زماني جي صوفين ۾ رائج رسمن کي غلط ڄاڻائيندي، لکي
ٿو: شريعت جا محقق عالم ئي سچا صوفي ۽ عارف آهن،
پوءِ ڀلي ان نالي سان نه به سڏيا وڃن، پڻ تفصيل
سان لکيو اٿس: عرفان وارو درجو تمام اعليٰ ۽ اُتم
درجو آهي.
قاضي سعيد قمي (متوفيٰ 1103هه) جيڪو فيض ڪاشانيءَ
جو شاگرد هو ۽ ڪن جي چوڻ موجب لاهيجيءَ جو شاگرد
هو،
پنهنجي استاد کان به وڌيڪ تصوف ڏانهن مائل هوندو
هو. ائمه معصومين (ع) جي حديثن جون سندس لکيل
عرفاني شرحون جهڙوڪ: ”ڪتاب اربعين“ يا شيخ صدوق
واري ڪتاب ”توحيد“ يا جيڪي ڳالهيون ڪتاب ”اسرار
العبادات“ ۾ درج ڪيون اٿس، سڀ جون سڀ ائمه معصومين
(ع) وٽان نقل ٿيل حديثن جو عرفاني رخ ٿيون ڏيکارين.
انهن کان علاوه به جن ٻين عالمن جو تصوف
ڏانهن لاڙو هو، انهن جي به ساڳي ئي حالت هئي.
بهاءُ الدين العاملي (متوفيٰ 1030) جيڪو شيخ
بهائي جي نالي سان مشهور هو، پنهنجي دؤر جي ڪيترن
ئي ڏاهن، فيلسوفن ۽ فقيهن جو استاد هو. پاڻ توڙي
سندس پيءُ وقت جا نامور فقيه هئا، نه رڳو ايترو
بلڪه پاڻ (شيخ بهائي) اصفهان ۾ شيخ الاسلام جي
درجي تي فائز هو، سو به تصوف ڏانهن مائل هو.
ان ئي زماني جو هڪ ٻيو فقيه نالي محمد تقي مجلسي
(متوفيٰ 1070هه) به شيخ بهائي جو شاگرد هو. سندس
فرزند محمد باقر مجلسي (متوفيٰ 1110هه) جي بقول:
پنهنجي ” رساله اجوبة“
۾ جيڪو ذڪر ۽ فڪر جو طريقو درج ڪيو اٿس، اهو شيخ
بهائي کان ورتو هئائين. ان کان علاوه ڪي ٻيا رساله
به محمد تقي مجلسي سان منسوب آهن، جهڙوڪ: ”تشويق
السالڪين“ (جيڪو حقيقي صوفين جي دفاع ۽ نقلي صوفين
جي نندا ۽ تنقيد ۾ لکيو هئس). اهڙي طرح هڪ رسالو
تصوف جي دفاع ۽ ملا محمد طاهر قمي جي رسالي جي رد
طور هڪ رسالو نالي ”الفوائد الدينيه“ به لکيو.
لڳي ايئن ٿو ته ان سان خط و ڪتابت به ڪندو هو،
جيڪا اڳتي هلي ڦِٽَ جو باعث بڻي.
بهر حال ان کي ڪن عالمن صوفي سڏيو آهي، جڏهن ته
سندس پٽ علامه محمد باقر مجلسي وري صوفين جي رد ۾
ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ پنهنجي پيءُ ڏانهن اهڙي نسبت ڏيڻ
کي رد ڪرڻ ۾ پڻ ڪين گهٽايائين. (چوٿين فصل ۾ ان
بابت بيان ڪنداسين).
ملا باقر مجلسي، پنهنجي دؤر جي ”ملا خليل
قزويني“ نالي هڪ عالم جي خط جي جواب ۾ لکيل ’رساله
اجوبة‘ ۾ حقيقي تصوف جو دفاع ڪيو آهي ۽ جن تصوف جي
هر طرح کان نفي ڪئي آهي، تن کي بصيرت کان وانجهيل
ڪوٺيو اٿس.
با وجود ان جي، پنهنجي ڪتاب ”عين الحياة“ ۾ ڪيترين
ئي جاين تي، مخلف مناسبتن سان جهڙوڪ: ذڪر،
اوني ڪپڙن پائڻ
واري بيان ۾، تصوف ۽ ان جي بزرگن جهڙوڪ: غزالي،
مولوي ۽ ابن عربي تي ڇتي تنقيد ڪئي اٿس. مجلسي،
صفوي دؤر (1098هه کان 1110هه) جو هڪ سگهارو، اثر
رسوخ وارو ۽ اصفهان جو شيخ الاسلام عالم هو. ان
لاءِ مشهور ٿيل آهي ته تصوف جي مخالفت جي ڪري ملا
صادق اردستانيءَ کي اصفهان مان ڪڍرائڻ ۾ ان جو هٿ
هو،
جڏهن ته علامه مجلسيءَ ڏانهن اهڙي نسبت جي سختيءَ
سان ترديد به ڪئي وئي آهي.
ان سڀڪجهه جي باوجود، مجلسيءَ پنهنجي ڪتاب ”عين
الحيات“
۾ چٽو لکيو آهي: سندس، صوفين سان ڪابه دنياوي
عداوت ناهي. البته اهو به گمان ظاهر ٿو ڪري ته
انهن جي عالمن ۽ عام ماڻهن طرفان مخالفت جو سبب ڪو
دنياوي مقصد به هجي.
شايد انهن ئي ڪشمڪش وارين حالتن ۽ صوفي هجڻ
جي تهمت کان بچڻ خاطر، ان دؤر ۾ ايران ۾ رهندڙ
صوفي سوچ رکڻ وارا، اتان جي رائج صوفي طريقن سان
کلم کلا رابطو نه رکندا هئا، يا اهڙي قسم جي
تعلقات کي ڳجهو رکندا هئا؛ انڪري اهو سمجهڻ ته
ڪهڙي طريقي تحت سلوڪ ۾ مصروف هئا ۽ ڪنهن جا مريد
هئا، سمجهڻ ڏکيو آهي. ها، جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان
منسوب هئا به ته نعمت اللٰهيه، ذهبيه يا نور
بخشيه، مان ڪنهن هڪ سان هوندا، انڪري جو تصوف جا
اهي ئي ٽي طريقا ايران ۾ رائج هئا. اهڙين حالتن
تحت شيعه عالمن طرفان صوفين جي مخالفت، سا به صفوي
بادشاهن جي ٽيڪ تي، خاص ڪري شاهه عباس اول (996
کان 1038هه) جي دؤر ۾ شروع ٿي.تان جو ان کان پوءِ
وارن دؤرن ۾ به جاري رهي. لڳ ڀڳ شاهه طهماسب اول
(930 کان 984هه) واري زماني کان تصوف توڙي ان حڪمت
جي رد ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جنهن ملا صدرا
ذريعي، اشراقين جي علمي مرڪز ۾ عرفاني رنگ اختيار
ڪري ورتو هو.
اهي ڪتاب پنهنجي مضمونن جي اعتبار کان اهڙا ته آهن
جو ابن جوزي واري ڪتاب ”تلبيس ابليس“ جي ياد ٿا
ڏيارين ۽ انهن جي اڪثريت هڪ ٻئي مان ورتل آهي.
انهن حالتن کان پوءِ جڏهن ته تصوف هڪ بُڇڙي معنيٰ
وارو بڻجي پيو هو، هوريان هوريان پنهنجي جاءِ لفظ
”عرفان“ کي ڏيندو ويو، انڪري صوفي بزرگن جي لکڻين
۾ تصوف بجاءِ عرفان لکجڻ لڳو. اهو عرفان اڪثر ڪري
ملا صدرا يا ان جي پوئلڳن جي عرفاني لکڻين مان ڦٽي
نڪتل هو. جڏهن ته اهي خود ابن عربيءَ جي نظري
عرفان کان متاثر هئا.
(ج) صفوين کان پوءِ
صفوين جي اقتدار جي خاتمي کان پوءِ ۽ نادر
شاهه جي اقتدار ۾ اچڻ واري دؤر (1148 کان 1160هه)
۾، حڪومت طرفان عالمن ڏانهن گهٽ ڌيان ڏيڻ پڻ ڪريم
خان زند طرفان تصوف واري مسئلي ۾ هٿ نه وجهڻ جي
ڪري تصوف جي مخالفن جو نفوذ ۽ اثر رسوخ هيڪاري
گهٽجي ويو. ان جي با وجود سلطان حسين صفوي جي
سلطنت واري زماني (1105 کان 1135هه) تان جو ڪريم
خان زند جي حڪومت جي آخر تائين تصوف جي حالت مڪمل
طرح گڙٻڙ جو شڪار هئي. ايران مان طريقت جون رسمون
لڏي چڪيون هيون ۽ مملڪتي نظام جي درست نه هئڻ ڪري،
حڪمرانن جي آزارڻ ۽ ڪن عالمن جي غلبي ۽ اثر رسوخ
جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن تصوف ڏانهن اچڻ به چاهيو پئي
ته ان کي روڪيو ٿي ويو. اهڙين حالتن جي ڪري صوفي
طريقن جا مشائخ يا ته ايران مان لڏي هليا ويا يا
وري ڪنڊڙي وٺي ويهجي ويا. اهڙي طرح جو مشهد ۾
سواءِ ڪن ٿورن نوربخشي طريقي وارن يا شيراز ۾ ذهبي
طريقي جي چند معتقدن جي، باقي سڀ گمناميءَ واري
زندگي گذارڻ لڳا.
قاچار خاندان جي اقتدار واري دؤر (1210 کان
1344هه) جي شروعات ۾ نعمت اللٰهي طريقي جي مشائخن
جي فعاليت وري شروع ٿي وئي. تنهن وقت جي نور بخشي
طريقي جي قطب نالي شاهه علي رضا دکني (متوفيٰ
1214هه) جيڪو هندستان جو رهاڪو هو، جي اجازت سان
ٻه شخص ايران روانا ٿي ويا، پر انهن ئي سالن ۾
عالمن جو اثر رسوخ پنهنجي اوج کي پهچي چڪو هو،
انڪري انهن مان ڪن جي مخالفت باعث قاچار جي دؤر ۾
تصوف جي ماٺار ۾ اچي وڃڻ جو ڪارڻ بڻيو.
انهن مخالفتن ڪيترو اثر ڪيو؟ ان بابت هن ڪتاب ۾
اڳتي هلي بيان ڪنداسين. بهرحال انهن ايڏين سارين
مخالفتن ۽ هيٺ مٿاهين جي باوجود به تصوف پنهنجي
سمورن طريقن ۽ ڌڙن سميت جيئرو رهندو آيو، البته
ايترو ضرور هو ته ان جديد فڪر جي غالب اچي وڃڻ جي
ڪري منجهس قابلِ ديد تهذيبي ۽ ثقافتي جلوا به نه
هئا ته اها پکيڙ ۽ واڌ ويجھه به نه هئس. ٻين لفظن
۾ ايئن کڻي چئجي: هاڻوڪي ايران ۾ تصوف جي موجوده
صورتحال انهن معاشرتي ۽ ديني حالتن جو نتيجو آهي،
جيڪي صفوي دؤر جي آخر کان حاڪم رهيون آهن. انهن
حالتن جو هڪ نتيجو، ”تصوف“ کي برو قرار ڏيڻ ۽ ان
لفظ ”عرفان“ کي ان جي جاءِ تي ويهارڻ آهي، سو به
اهڙي طرح جو ڪي ته عرفان کي مورڳو تصوف جي حدن کان
خارج ۽ ان جو ضد سمجهڻ لڳا. جڏهن ته عرفان جي عام
معنيٰ آهي: سڃاڻڻ، جڏهن ته خاص معنيٰ اٿس: خدا جي
قلبي معرفت. صوفين جي نظر ۾: تصوف جي اعليٰ مقامن
مان هڪ مقام، سلوڪ اليٰ الله، تصوف جو ڦل.
موجوده ايران ۾ تصوف ۽ عرفان جا چاهيندڙ ٻن
قسمن ۾ ورهائجن ٿا:
1) هڪ اهو ڌڙو جنهن جو تعلق تصوف جي
رسمي طريقن مان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آهي. مکيه
طريقا جيڪي هن وقت ايران ۾ موجود آهن، سي آهن:
نعمت اللٰهي ۽ ان جا شعبا. خاص ڪري نعمت اللٰهي
سلطان عليشاهي يا نعمت اللٰهي گنابادي، هڪ اهڙو
صوفي طريقو آهي جنهن جا پوئلڳ ٻين طريقن جي بنسبت
گهڻا ۽ مريدن جي مختلف طبقن ۾ اثر رسوخ به گهڻو
اٿس.
ان طريقي ۾ اڳئين شيخ طرفان پوئين شيخ لاءِ پڌرو ۽
سرعام اجازتنامو جاري ڪرڻ تمام گهڻي اهميت ٿو رکي.
ان کان علاوه ٻيا طريقا ذهبيه، خاڪساريه ۽ اهل حق
آهن، جيڪي اڪثر ڪرمان شاھه ۾ ٿا رهن. جڏهن ته
قادريه ۽ نقشبنديه گهڻو ڪري ڪردستان ۾ ٿا رهن.
2) اهڙا ٽولا جيڪي ڪنهن خاص طريقي سان
وابسته ناهن، پر تنهن هوندي به سلوڪ جي راهه ۾
مرشد يا شيخ وٺڻ لازمي ٿا سمجهن. تن ۾
اڪثريت انهن جي آهي جيڪي پاڻ کي سيد علي قاضي
طباطبائي (متوفيٰ 1366هه) ۽ ان کان پوءِ ٻٽن
واسطن سان سيد علي شوشتري
(متوفيٰ 1284هه) سان ۽ ان کان اڳتي هڪ شخص نالي
”ملا قلي جولا“ ذريعي، يا ان کان بغير، سيد بحر
العلوم سان ٿا ملائن.
ان ٻئي طريقي ۾ اڪثر ڪري فقيه، حڪيم ۽ ابن عربيءَ
جي مسلڪ وارن عرفاني ڪتابن پڙهائڻ وارا استاد شامل
آهن.
(د) ايران ۾ موجود صوفي طريقا
نعمت اللٰهي طريقو. هي ايران ۾ رائج
مشهور صوفي طريقو آهي، جيڪو شاهه سيد نورالدين
نعمت الله ولي جي واسطي سان ان جي ئي نالي پٺيان
سڏيو ٿو وڃي. پاڻ ايران جي نامور صوفي مشائخن مان
ٿي گذريو آهي. مريدن جي ڪثرت ۽ روحاني تربيت جي
اعتبار کان شايد ڪو ٻيو طريقو هن جي مقابلي ۾ اچي
سگهي.
جيتوڻيڪ شاهه نعمت الله ولي جي شيعه هجڻ ۾ پڪ
ناهي، تنهن هوندي به هي طريقو اٺين صدي هجريءَ کان
هڪ شيعه طريقي طور سڃاپجڻ لڳو ۽ نائين صدي هجريءَ
۾ اهو ئي طريقو شيعت جي پکڙجڻ جو هڪ اثرائتو ڪارڻ
بڻيو.
ان جو الله جي راهه ۾ سلوڪ بابت مخصوص ڏس ”صورت ۽
معنيٰ کي ڪٺي ڪرڻ“ يعني هٿ ڪم ۾ دل يار سان رُڌل
رکڻ، تي مشتمل هو، سو ان واٽ جي طالبن ۾ بيحد
مقبول ٿيو.
شاهه نعمت الله ولي جي وفات کان پوءِ، سندس حڪم
تحت سندس اڪيلو پٽ شاهه برهان الدين خليل الله،
سندس جانشين بڻيو. ان کان پوءِ ان جي اولاد مان اٺ
ڄڻا ان جي جاءِ تي ارشاد ۽ هدايت جي مسند تي ويٺا.
جيڪي سڀ جا سڀ سلطان احمد شاهه ۽ ٻين بهمني حاڪمن
جي دعوت تي هندستان جي شهر حيدرآباد دکن هليا ويا
۽ اتي ئي هميشه لاءِ رهي پيا.
هنن جي ان لڏپلاڻ جو بنيادي ڪارڻ شايد تيموري
بادشاهن خاص ڪري شاه رخ ۽ خراسان جي حنفي سُني
فقيهن جو شيعه صوفين جي وڌڻ کان راضي نه هجڻ هو.
مثال طور شاهه قاسم انوار، جيڪو هڪ شيعو صوفي ۽
شاهه نعمت الله ولي جو معتقد هو، تنهن کي ڏاڍو
ستايائون.
بهرحال هندستان ۾ نعمت اللٰهي صوفين جو پکڙجڻ
هندستان، خاص ڪري دکن واري علائقي ۾ شيعت ۽ صوفيت
جي مروج ٿيڻ جو ڪارڻ بڻيو. ان جي ئي ذريعي فارسي
ٻوليءَ سان گڏ شيعت به پکڙجڻ لڳي (ان متعلق پنجين
فصل ۾ بحث ڪنداسين).
شاهه نعمت الله جي زماني کان لفظ ”شاھه“ ان
طريقي جي طريقتي عنوانن ۾ ڪتب اچڻ رائج ٿيڻ لڳو.
ان جو مطلب اها بادشاهي آهي جيڪا خدا جي ٻانهپ ۽
ان جي درجي گداگريءَ ذريعي ملي ٿي. جڏهن وري شيعه
مذهب ايران جو سرڪاري مذهب بڻيو ته شيعه صوفي
مشائخن حضرت علي عليھ السلام سان دلي عقيدتمندي جي
پڌري اعلان طور، جن لقبن جي آخر ۾،ان کان اڳ
”الله“ يا ”دين“ ايندو هو، تن جي جاءِ تي ”علي“
ڪتب آڻڻ لڳا.
بيان ڪري آياسين ته ايران ۾ اهو مذهب هيڪاري ٻيهر
جيئرو ٿي پيو. نعمت اللٰهي طريقي جي قطب علي رضا
شاهه دکني جيڪو حيدرآباد دکن جو رهاڪو هو، جي حڪم
سان، ڪريم خان زند جي حڪومت جي آخري ڏينهن (سنه
1190ھه) ۾ سيد مير عبدالحميد معصوم علي شاهه ۽ سيد
طاهر دکني ان طريقي کي وري زندهه ڪرڻ جي ارادي سان
ايران آيا. شاهه طاهر دکني ته شروع وارن ئي سالن ۾
گذاري ويو، انڪري پنهنجي طريقي جي واڌاري ۽ تبليغ
وارو عمل معصوم عليشاهه انجام ڏيڻ لڳو. معصوم
عليشاهه جيئن ئي ايران ۾ آيو هو ته ماڻهن وڏو
استقبال ڪيو هئس. هن جي اچڻ سان جن مکيه ماڻهن
سندس ارشاد قبولي ساڻس سلوڪ وارو رستو اختيار ڪيو،
تن مان ميرزا محمد علي اصفهاني (لقب نور عليشاهه)
۽ سندس پيءُ ميرزا عبدالحسين (لقب فيض عليشاهه)
جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
معصوم عليشاھ، تنهن وقت جي وڏي اثر رسوخ رکڻ
واري مجتهد فقيه آقامحمد علي بهبهاني (صوفين جي رد
۾ لکيل ڪتاب ”خيراتيه“ جي مؤلف) جي فتويٰ سان سنه
1212هه ۾ قتل ٿيڻ
کان پهريان، شاهه علي رضا دکني هٿان مليل اختيارن
جي بنياد تي ”نور عليشاھ“ کي پنهنجو پڳدار مقرر
ڪري ويو.
نور عليشاهه روحاني ڪشش کان علاوه مذهبي
معلومات جو به ماهر ۽ شاعر به ڀلوڙ هو. اچڻ سان ئي
ڪيترن کي پنهنجو معتقد بڻائي ورتائين. ايتريقدر جو
چيو ٿو وڃي ته برک عالم، ڪتاب ”بحر المعارف، در
حکمت اربعه عمليه“ جو ليکڪ شيخ عبدالصمد همداني به
سندس معتقد هو. جيڪو سنه 1216هه ۾ ڪربلا تي وهابين
واري حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.
البته هڪ طرف، صفوين جي آخري دؤر وارين تصوف خلاف
ڪشيده حالتن جي ڪري اهو واضح ناهي ته عالمن مان
ڪهڙا عالم سچ پچ ۾ تصوف جا طرفدار هئا. ٻئي طرف
وري، ان نسبت ۾ به شڪ آهي جيڪا تصوف سان مشابھت
رکندڙ لکڻين ۽ ڪتابن جي ڪن عالمن ڏانهن ڏني وئي
آهي. مثال طور: ڪَنِ، ”رساله سير و سلوڪ“ جي نسبت
سيد بحر العلوم ڏانهن ڏني آهي، جنهن ۾ نعمت اللٰهي
طريقي سان مشابھ، سير اليٰ الله جا طريقا بيان ڪيل
آهن، ته ڪن وري ان نسبت جي مخالفت ڪئي آهي.
نور عليشاهه مرڻ کان اڳ ڪن ٻٽن کي ارشاد ۽
تربيت جي اجازت ڏئي ويو هو ۽ عتبات عاليات ۾ شيخ
زين الدين حسين عليشاهه اصفهانيءَ (متوفيٰ 1234هه)
کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويو هو.
شاهه علي رضا دکنيءَ جي، دکن ۾ سنه 1214هه ۾وفات
کان پوءِ، حسين عليشاهه نعمت اللٰهي طريقي جو
باقائده قطب بڻجي ويٺو. ان سموري عرصي ۾ فقيهن جي
تصوف سان مخالفت جاري رهي ۽ فقيه ڪڏهن، ڪڏهن حاڪمن
ذريعي صوفين کي ڌڪي ڪڍرائيندا هئا ته ڪن کي وري
ستايو ويندو هو. تنهن هوندي به قاچاريه بادشاهن
مان ڪي، جيئن محمد شاهه (1250 کان 1264هه) وري
صوفي بزرگن جا معتقد هوندا هئا.
ان ئي دؤر ۾ مشتاق عليشاھ، واعظي ڪرمانيءَ جي بَڇ
تي سنه 1206هه ۾ ڪرمان شاهه ۾ مارجي ويو
۽ سندس مريد ميرزا محمد تقي ڪرماني جنهن جو لقب
”مظفر عليشاھ“ هو، جنهن ”ديوان مشتاقيه“ پنهنجي
مرشد بابت لکي جوڙيو هو، آقامحمد علي بهبهاني جي
اصرار تي فتح علي شاهه قاچار جي دربار ۾ طلب ڪيو
ويو ۽ نيٺ سنه 1215هه ۾ زهر مليس ۽ سندس مڙهه کي
ڪرمان شاهه ۾ دفنايو ويو.
اهڙي قسم جون تڪليفن ڏيڻ ۽ شهر بدر ڪرڻ وارو سلوڪ
حسين عليشاهه سان به روا رکيو ويو. سندس جانشين
الحاج محمد جعفر ڪبودرآهنگي لقب، مجذوب عليشاهه
(متوفي 1238 يا 1239هه) به اهڙين وارتائن کان بچيل
نه هو.
جڏهن ته پاڻ عالم هو ۽ تصوف جي باري ۾ ڪيترن ئي
ڪتابن جو ليکڪ هيو، سو به ڪن تهمتن جي ڪري پنهنجي
عقيدن کي پنهنجي هڪ رسالي نالي ”رسالة العقائد
المجذوبية“ ۾ وضاحت سان بيان ڪرڻ تي مجبور ٿيو.
ان کان پوءِ الحاج زين العابدين شيرواني لقب مست
عليشاهه ـــ (متوفيٰ 1253هه) به اهڙين ئي سختين ۾
مبتلا ٿيو.
|