فصل چوٿون
تصوف، وسطي
ايشيا ۽ قفقاز ۾
خراسان ۾ تصوف، ٽين صدي هجريءَ کان ڇهين صدي
هجريءَ تائين نيشاپور جي مرڪزيت ذريعي آهستي،
آهستي اهميت حاصل ڪري چڪو هو.
ان ئي دؤر ۾ خراسان جي انهن بزرگ مشائخن ذريعي،
جيڪي درحقيقت خراسان ۽ ماوراءُ النهر جي تصوف جي
وچ ۾ هڪ پُل وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا، عظيم
خراسان جي ڏاکڻين علائقن ۽ ماوراءُ النهر طرف ڪاهي
پيو. ماوراءُ النهر، مختلف دينن، مکيه ايشيائي
تهذيبن
جي سنگم جو علائقو هو. پڻ فرغانه واري واديءَ ۾
ماني تهذيب جو وارث به هو ته ٻڌ ڌرم جي پيروڪارن
جي سڪونت واري سرزمين جي بلڪل الهندي سرحد به هو.
ماوراءُ النهر ۽ خراسان واري تصوف ۾ ڪن مشترڪ
ڳالهين هجڻ جي باوجود، مرڪزي ايشيا جي مخصوص
ثقافتي ۽ تهذيبي رنگ جي ڪري ڪي جداگانه خصوصيتون
به هيون، جن مان ٻڌ مذهب مٿس خاصو اثر ڇڏيو. شايد
ان اثر جي ئي ڪري هو جو ابراهيم بن ادهم (متوفيٰ
161هه) جهڙي نامور صوفيءَ جنهن جو زندگي نامو،
توڙي ڏانهس منسوب ڪي ڳالهيون گوتم ٻُڌ واري زندگي
۽ ڳالهين سان هڪجهڙائي رکن ٿيون. تصوف ۾ ان بزرگ
جي شخصيت وڏي عظمت ٿي رکي، ايتريقدر جو وچ ايشيا ۾
رهندڙ قومن جي ادبيات توڙي شعر ۾ به ان ڏانهن چٽا
اشارا ملن ٿا. اهڙن منظومن مان ترڪي ٻوليءَ ۾ چيل
يوسف خاص حاجب جو ”قوتاد غوبيليڪ“ نالي سان منظوم
ڪلام ۽ عبداللطيف بلخيءَ جو ”ادهم نامه“ ۽ ازبڪي
زبان ۾ لکيل ”قصهءِ ابراهيم ادهم“ قابل ذڪر آهن.
بخارا، ماوراءُ النهر ۾ تصوف جو مکيه مرڪز هو.
اهو شهر جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ”بخارا شريف“ سڏيو
ويندو هو، بقول جوينيءَ
جي: اڀرندن ملڪن ۾ ـ بخارا ـ ”قبهءِ اسلام“ هوندو
هو ۽ اسلامي علمن جي وڏن مرڪزن ۾ شمار ڪيو ويندو
هو.
ڪن صوفين جو چوڻ هو: اتي کين خضر نبيءَ جو ديدار
نصيب ٿيو آهي ۽ اُن جي چوڻ سان هتي تصوف جي تبلغ
ڪري رهيا آهن.
بخارا جو ”امير نشين“ محلو ته ڪيترن ئي درويشن يا
انهن جي مشائخن جي پيدائش جو ماڳ رهيو آهي، جهڙوڪ
ابوتراب نخشبي (متوفيٰ 250هه)، فضيل بن عياض،
ابوبڪر محمد ڪلاباذي، ابوبڪر وراق ترمذي، عزيز
الدين نسفي، مؤيدالدين جَندي (فصوص الحڪم جو
شارح)، برهان الدين محقق ترمذي، سعيدالدين فرغاني
(ابن فارض جي ”تائية“ جو شارح)، مستملي بخاري
(”التعرف“ جو شارح)، سيد محمد بخاري (”مناهج
الطالبين“ جو ليکڪ)
بهاءُ الدين محمد ولد پدر مولوي، نظام الدين
اولياء، سيد جلال الدين حسين بخاري ۽ قادري طريقي
جو وڏو مبلغ، مشائخ، عالم ۽ محدث، شيخ عبدالحق
محدث دهلوي، جنهن ڏهين صدي هجريءَ ۾ هندستان جي
سرزمين ۾ تصوف جي تعليم پکيڙڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي.
ماوراءُ النهر جو تصوف، هندستان کان علاوه
چين جي ”سين ڪيانگ“، قفقاز ۽ داغستان تائين وڃي
پهتو. اهڙي طرح ننڍي کنڊ ايشيا ۽ اناتوليا ۾ به
”بڪتاشيه“
۽ ٻين صوفي طريقن جي ظهور جو ڪارڻ بڻيو.
تصوف،
ماوراءُ النهر ۾ تدريجي نفوذ ڪرڻ سان گڏ، ٻين
سرزمينن ۾ وڃي ڪي تبديليون به اختيار ڪري ورتيون.
جيئن قفقاز ۽ داغستان ۾ پهچي حماسي ۽ ويڙھه وارو
رنگ اختيار ڪري ورتائين، جيئن چچنيا ۽ آلان ۾ وري
روس خلاف ويڙهاڪ دستن واري سياسي طور طريقي وارو
روپ اختيار ڪري ورتائين. اتان وارو تصوف، ماورءُ
النهر واري تصوف کان جيڪو سمرقند، بخارا ۽ خوازرم
جي پيشه ورن ۾ ايجاد ٿي چڪو هو، گهڻو متفاوت هو.
لڳي ٿو ته ماوراءُ النهر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو
اٺين صدي هجريءَ کان به اڳ موجود هو، جڏهن ته ان
جا مختلف طريقا يا سلسلا اٺين صدي هجريءَ کان پوءِ
پيدا ٿيا. جن مان وچ ايشيا ۾ اثر جي اعتبار کان
وڌيڪ مکيه، نقشبنديه، قادريه، يسويه ۽ ڪبرويه ڳڻي
ٿا سگهجن.
ڪن جي چوڻ موجب: عوام ۾ انهن سلسلن جي
مقبوليت، تيمورين واري دؤر ۾ پنهنجي اوج کي پهتي.
انڪري جو تيموري سلاطين توڙي شهزادا، تان جو انهن
جا امير به انهن جا مريد ۽ معتقد هوندا هئا، ان
ڪري، ان دؤر ۾ عالمن ۽ صوفين وارا پاڻ ۾ اختلاف به
ختم يا ماٺ ٿي ويا هئا.
نقشبنديه سلسلو، ماوراءُ النهر جو مکيه ۽
پهريون صوفي سلسلو آهي ۽ هن سلسلي جي نسبت خواجه
بهاءُ الدين نقشبند (متوفيٰ 791هه)
سان ۽ خواجگان سلسلي جو تسلسل آهي. خواجگان طريقي
جا باني خواجه يوسف همداني (متوفيٰ 535هه)
۽ خواجه عبدالحق غجدواني يا
”خواجهءِ بزرگ“ يا ”ڪلان“ (متوفيٰ 575هه) هئا.
ان طريقي جي ڪن ٻين صوفين جا نالا هن طرح ٿا
ملن: خواجه احمد صديق،
خواجه اولياءِ ڪبير،
خواجه سليمان/سلمان ڪَرميني،
خواجه عارف رِيوِ گِرَوي،
خواجه محمود انجير فَغنَوي،
خواجه علي راميتَني عرف حضرت عزيزان (متوفيٰ
715هه)
خواجه محمد بابا سماسي (متوفيٰ 755هه)،
سيد امير ڪلال بن حمزه (متوفيٰ 772هه)
۽ عارف ديگ گراني.
اهي سڀ جا سڀ بخارا يا ان جي ڀر پاسي وارن ڳوٺن جا
هئا. بهاءُ الدين نقشبند به بخارا کان هڪ فرسنگ جي
فاصلي تي واقع ڳوٺ ”قصر عافان“ ۾ ڄائو هو ۽ دفن به
اتي ئي ٿيو. سندس مزار تڏهن کان وٺي اڄ تائين تصوف
جي تعليم جو مرڪز ۽ سندس معتقدن جي زيارتگاھه
رهندي پئي اچي. نقشبندي طريقو شروع کان ئي ماوراءُ
النهر ۽ خراسان جي علائقن ۾ رائج ٿي ويو.
ان جي ترويج جو بنيادي سبب ـ روحاني سير ۽ سلوڪ ۾
ميانه روي، شريعت جي پابندي ۽ خانقاهي نظام
جي پابندين کان آزادي، هو. خاص ڪري شريعت جي
پابنديءَ جي لازمي هجڻ وارو شرط ماوراءُ النهر ۽
خراسان جي اهل سنت جي اڪثر عالمن جي شموليت جو
باعث بڻيو.
بهاءُ الدين نقشبند کان پوءِ، ان طريقي جي
خلافت علاءُ الدين عطار (متوفيٰ 802هه)، خواجه
محمد پارسا،
يعقوب چرخي (متوفيٰ 851هه)
۽ خواجه عبيدالله احرار (متوفيٰ 895هه) هڪ ٻئي
پٺيان سنڀاليندا رهيا.
خواجه عبيد الله احرار جي خلافت واري دؤر ۾
نقشبندي طريقو، تاشقند (چاچ/شاش) ۾ روحاني، سياسي
توڙي اقتصادي ۽ معاشرتي ميدان ۾ هڪ مکيه عنصر ۾
تبديل ٿي چڪو هو. جيئن ته خواجه عبيدالله احرار
وقت جي حاڪمن سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ، پڻ دولتمند
هجڻ ۽ ڪيترين ئي وقف شده ملڪيتن جي مالڪ هجڻ جي
ڪري وڏو سرمائيدار ٿي چڪو هو، ان کان علاوه هارين
۽ مختلف ڪاروبار وارن لاءِ ”قانونِ الجاء“ (هڪ
حمايتي قانون) تي عمل ڪرائڻ جي ڪري به ڪافي دولت
ڪري هڪ با اثر شخصيت بڻجي پيو هو، انڪري پنهنجي ان
حيثيت جي بنياد تي ماوراءُ النهر، خاص ڪري سمرقند،
تاشقند ۽ هرات جي اجتماعي توڙي اقتصادي حالتن تي
وڏو اثر انداز ٿيو، نه رڳو ايترو بلڪه پير (شيخ) ۽
مريد وارن رابطن ۾ به تبديليون ايجاد ڪيائين.
تيموري دؤر ۾ نقشبندي طريقي جو وڏو سياسي ۽
اقتصادي ڪردار هوندو هو، پر ان طريقي جي مشائخن
مان خواجه عبدالله احرار ئي پنهنجي منفرد ۽ مٿڀري
حيثيت جو مالڪ هو جنهن هڪ نئين اقتصادي رٿابنديءَ
نظام جو بنياد رکڻ ۽ پنهنجي مذهبي اثر رسوخ جي
بنياد تي
حاڪمن، هارين ۽ ٻين ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ ثالثي
ڪرڻ لڳو، جنهن جي بنياد تي ڍل جي شرح گهٽائڻ ۾
ڪامياب ويو.
نقشبندي سلسلي جا اڪثر مشائخ ڪاروباري ماڻهو هوندا
هئا.
خواجه عبدالله احرار ان طريقي جو پهريون شخص هو،
جنهن پنهنجي مريدن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ هڪ علمي
مرڪز قائم ڪيو، جيڪو سمرقند ويجهو ”محوطه مُلايان“
نالي هڪ محلي ۾ تعمير ڪيو ويو هو، هن وقت خواجه
عبدالله احرار جي مزار جي مزار به ان ۾ ئي آهي.
ڏهين صدي هجريءَ ۾ نقشبندي طريقي، ده بيديه
طريقي جي پوئلڳ جويباري
مشائخن جي صورت ۾ وڏي ترقي ماڻي ۽ اهي سڀ مشائخ،
خواجه عبدالله احرار
جي پونئير مان هئا. ذهبيديه طريقي جو رهبر مخدوم
اعظم سيد احمد خواجگي ڪاساني (متوفيٰ 949هه)
پنهنجي طريقي کي ده بيديه ڳوٺ ۾، جيڪو سمرقند کان
يارهن ڪلوميٽر پري هو، قائم ڪيو. سنه 1028هه ۾
ينگلتوش بي (متوفيٰ 1066هه) جيڪو خواجه هاشم جو
مريد هو، تنهن پنهنجي ڏاڏي (مخدوم اعظم) هڪ مسجد
تعمير ڪرائي.
ده بيديه طريقي جا پوئلڳ بلخ، بدخشان ۽ جوزان (فيض
آباد) ۾ پنهنجي طريقي جي تبليغي فعاليت ۾ لڳي ويا
۽ خواجه آق داغليڪ ۽ قره داغليڪ نالن سان اڀرندي
ترڪستان چين جي سرزمين تائين هڪ اثرائتو نفوذ ڪري
ويا.
نقشبندي، تيرهين صدي هجريءَ يا اڻويهين صدي
عيسويءَ ۾ ماوراءُ النهر جي استقلال وارين تحريڪن
۾ شامل هئا؛ جن ۾ سنه 1289هه مطابق 1872ع ۾ ”دره
چرچيڪ“ واري تحريڪ، جنهن ۾ ان طريقي جو شيخ ”قول
قره“ سرواڻ هو. اهڙي طرح سنه 1298هه مطابق 1881ع ۾
”آخال تَکه“ جي ترڪمان تحريڪ ۾ شيخ قربان مراد
نقشبندي عرف ”قربان مررات“ يا ”دوڪچي ايشان“ جي
سربراهي هئي، جنهن شڪست کاڌي. اهڙي طرح سنه 1316هه
مطابق 1898ع واري بغاوت واري تحريڪ به محمد علي
(مَدلي) ايشان جي سربراهيءَ ۾ ”اَنديجان“ ۾ شروع
ٿي هئي.
تصوف، پر خاص ڪري نقشبندي طريقي جو،
قرخيزستان جي سرزمين ۾ اسلام جي اشاعت ۾ به وڏو
ڪردار رهيو آهي. ان سرزمين ۾ تصوف جي قدمت
ترڪستاني خرقه پوشن جي نفوذ واري دؤر سان ٿي ٺهڪي.
تصوف خاص ڪري تڏهن پکڙيو جڏهن سنه 1939ع کان 1945ع
ڌاري مهاڀاري لڙائي دؤران چچنين کي ملڪ بدر ڪيو
ويو. قرخيزستان ۾ ان طريقي جا اڄ به معتقد موجود
آهن.
ماوراءُ النهر وارو تصوف، خاص ڪري نقشبندي طريقو،
ٻارهين صدي هجري يا ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ داغستان
۽ قفقاز وارين تحريڪن جي اڳواڻن تائين به وڃي
پهتو، جنهن اتان جي قومن ۾ روسين جي تسلط جي خلاف
اٿڻ جو فڪر ايجاد ڪيو. چيو ٿو وڃي ته هڪ بخارائي
نقشبندي صوفيءَ، داغستان واري پهرين هلچل جي اڳواڻ
نالي شيخ منصوراُشُرمه (متوفيٰ 1207هه، 1793ع)، کي
مڪي جي سفر دؤران نقشبندي طريقي ۾ آڻي ورتو هو.
شيخ منصور جي تحريڪ ناڪام وئي، جنهن جي نتيجي ۾
قيدي ٿي پيو ۽ اشلسبورگ جي جيل ۾ موت جي سزا تحت
مارجي ويو، پر سندس تحريڪ کي، سندس مريدن جاري
رکيو.
ٻارهين ۽ تيرهين صدي هجري، ارڙهين ۽ اڻويهين
صدي عيسوي، قفقاز توڙي ان جي اڀرندي حصي ۽
داغستان ۾ نقشبندي طريقي جي نئين طرح وڌڻ جو دؤر
هو.
نقشبندي جي مشائخن جهڙوڪ: شروان ۾ شيخ اسماعيل
ڪردمير، سليمانيه ۾ شيخ خالد ڪرد ۽ داغستان جي ڏکڻ
۾ شيخ محمد شرواني يا محمد ير اقلار ته وڌ ۾ وڌ
اثرائتا ثابت ٿيا، ايتريقدر جو سنه 1240 ــــ
1241هه تائين (1825ع) ۾ ”خانات ڪُرَن“ ۾ محمد ير
اقلار باقائده جهاد جو اعلان ڪيو ۽ جمال الدين
قاضي قمونيءَ کي نقشبندي طريقي جي دعوت به ڏنائين.
ان تحريڪ سنه 1275 ـــ 1276ھ، 1859ع شڪست کاڌي،
جنهن جي نتيجي ۾ جمال الدين ۽ سندس معتقد عثماني
حڪومت جي سرحدن ڏانهن لڏي هليا ويا.
جمال الدين، محمد غازيءَ ۽ سندس نائب نالي ”شامل“
جو مرشد هو.
شامل ”مريدان“ تحريڪ جو اڳواڻ هو. سندس زور شور
واري اڳواڻيءَ جي نتيجي ۾، قفقاز جي جابلو علائقي
جي رهواسين، آوارن ۽ چچين باشندن ۾ تصوف وڏو زور ۽
وسعت حاصل ڪئي.
حقيقت ۾ سنه 1239 کان 1272هه تائين يعني 1824ع کان
1855ع تائين جي عرصي ۾ قفقاز جي جابلو نقشبندين جي
تحريڪن جو، پنهنجي مقصد سان سچائي ۽ اصولن جي
پابنديءَ جي بنياد تي، چچن قومن کي مسلمان ڪرڻ ۾
وڏو ڪردار هو. ورنه ان کان پهريان اهي چچنيائي
قومون روح پرستيءَ
(Animism)
جون پوئلڳ هيون.
تيرهين صدي هجري/اڻويهين
صدي عيسويءَ ۾ تاتارين ۾ صوفي تحريڪ پنهنجي اوج تي
هئي. سنه 1277 ـــ 1278هه، 1861ع ڌاري ”سرف“
تاتارين (روس جي هارين) جي آزاديءَ کان پوءِ جيڪي
علائقي ۾ گوڙ ايجاد ٿيا تن ۾ نقشبندين، تاتارن ۾
روس خلاف شديد نفرت ايجاد ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
جنهن ڪري تاتارين جا وڏا پڙهيا لکيا ماڻهو، خاص
طور تي اِرنبورگ ۾ نقشبندين ڏانهن پنهنجي لاڙي کي
سرعام ظاهر ڪرڻ لڳا. جن ۾ ابو نصر ڪرسوي (متوفيٰ
1229هه/1812ع)، شهاب الدين مرجاني (متوفيٰ 1317هه/
1899ع)، شيخ زين الدين رسولي (متوفيٰ
1335هه/1917ع)۽ شيخ عالم جان بارودي
(متوفيٰ 1300هه/1921ع)
جهڙن جا نالا اچي وڃن ٿا. بهاءُ الدين واسيوف
(واعظ اوف؟، متوفيٰ 1310 يا 1311ھ/1893ع)
نالي هڪ نقشبندي شخص، ڪازان
(Kazan)
۾ هڪ نئين نقشبندي شاخ ايجاد ڪئي، جنهن جو فڪر
سوشلزم ۽ ٽالسٽاءِ جي فڪر سان مخلوط هو.
ان سلسلي جو بعد واري رهبر پير بهاءُ الدين سنه
1336ھ، 1918ع ۾ بالشويڪِيِن (Bolsheviks)
سان اتحاد ڪيو، پر ٿوري ئي عرصي ۾ مارجي ويو ۽
سندس طريقو به هوريان هوريان ختم ٿي ويو.
نقشبندي، بسماچيان واري تحريڪ ۾ به ڀرپور
نموني شريڪ رهيا، جيڪا سنه 1336ھ، 1918ع ۾ شروع ٿي
۽ سنه 1349هه/1930ع تائين جاري رهي هئي.
ان تحريڪ جا اڳواڻ ٻه شخص نالي شير محمد بيگ يا
ڪور شيرمت ۽ جنيد خان نقشبندي هئا.
ان کان علاوه انهن ٻنهي شخصن روس خلاف هٿيار بند
جنگ به ڪئي، جيڪا (1335 کان 1340هه يعني 1917 کان
1921ع جي) غزوات جي نالي سان مشهور ٿي.
سنه 1355ھ، آگسٽ 1917ع ۾ ”مجمع علماي داغستان“
تشڪيل ٿيڻ کان پوءِ انهن غزون جي رهبري نقشبندي
شيخ نجم الدين هوتو يا گوتو (روسي زبان ۾:
گوٽسينسڪي) جي حوالي ڪئي وئي، جيڪو هڪ ٻئي
نقشبنديءَ شيخ نالي اوزن حاجيءَ سان گڏ سڀ کان
پهريان جنرل ڊنيڪن جي ڪمان ۾ روسي لشڪر خلاف
وڙهيو. جڏهن ته سنه 1338ھ، مئي 1920ع ۾ اوزن
حاجيءَ جي مرڻ کان پوءِ، بالشويڪين (Bolsheviks)
خلاف ويڙهه جو منصوبو جوڙيائين. هن جي ان عمل بين
الاقوامي سياست تي ۽ خاص ڪري ڏکڻ ايران ۾ (روسي)
ڳاڙهي فوج جي طاقت ۽ مداخلت کي محدود ڪرڻ ۾ وڏواثر
ڇڏيو.
ان ئي دؤر جي قابل ذڪر شخصيتن مان هڪ نقشبندي
شخصيت شيخ حاجي يانداراوف (هڪ چچني مشائخ، جيڪو
سنه 1346، 1347هه مطابق 1928ع ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو
۽ هڪ سال کان پوءِ سزاءِ موت مليس) ۽ ٻي شخصيت
مرڪزي داغستان جو ٻيو شيخ علي آقوشه هو،جيڪو
بالشويڪين جي مقابلي ۾ غيرجانبدار رهيو.
نقشبندين جي تحريڪن کي هڪ ٻئي پٺيان چٿيو ويون
انڪري قفقاز ۾ وري قادري طريقو رونق وٺڻ لڳو. (ان
بحث کي هن ئي فصل ۾ بيان ڪنداسين).
ماوراءُ النهر ۾ هڪ ٻيو طريقو ”يسويه“ جي
نالي سان به آهي.جنهن جو باني شيخ احمد يسوي
متوفيٰ (562هه) هو، جيڪو موجوده ترڪستان جي شهر
”يسيٰ“ ۾ پيدا ٿيو.
شيخ احمد، خواجه يوسف همداني کان پوءِ خواجگان
طريقي جو ٽيون خليفو هو.
ان حساب سان يسويه ۽ خواجگان طريقن ۾ ڪيئي ڳالهيون
مشترڪ هيون. جيئن ته خواجگان طريقو، نقشبنديه
طريقي جو سلف ۽ بنياد هو، انڪري يسويه ۽ نقشبنديه
طريقن جو به پاڻ ۾ گهاٽو رشتو هئو. اهو ئي سبب آهي
جو خواجگان طريقي جو ورثو ترڪ قبيلن کان علاوه وچ
ايشيا جي لاڏائو قبيلن ۾ محفوظ رهيو آهي، ان جي
ڪري ئي ”يسوي“ طريقيه جي ترڪي ادب توڙي ترڪي لکڻين
۾ نمودار ٿيڻ لڳو ۽ اتان جي شهرين، توڙي اتان جي
نقشبندي ايرانين، پڻ نقشبندي طريقي جي فارسي ادب ۾
به ان جا جلوا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
يسويه ۽ قديمي خواجگاني طريقن توڙي موجوده
نقشبندي طريقن ۾ مکيه فرق، فقط ذڪر جي محفلن
لڳرائڻ جي طور طريقي ۾ نمودار ٿيندو رهيو آهي.
يسويه طريقي وارا جلي (جهري) ذڪر جا متوالا
رهيا آهن. ان جي ڪري ئي انهن کي ”علانيه“ يا
”جهريه“ به سڏيو ويو آهي، جڏهن ته نقشبندي ۽
خواجگان طريقن جو وري خفي ذڪر تي زور رهيو آهي.
اهو ئي اختلاف اڳتي هلي ڪاشغر ۽ چيني صوفين ۾ وير
۽ اختلاف جو ڪارڻ بڻيو.
وچ ايشيا ۽ قزاقستان ۽ قرخيزستان جي لاڏائو
قبيلن کي مسلمان ڪرڻ ۾ يسوي طريقي جو وڏو ڪردار
رهيو آهي.
اهڙي طرح محققن، جهڙوڪ: فرانس بابينگر ۽ فؤاد
ڪوپرولو جي راءِ آهي ته يسويه طريقو ئي آهي جنهن
اناتوليا جي ترڪن ۾ تصوف جي ترويج جو ماحول فراهم
پئي ڪيو آهي
۽ ان ۾ احمد يسوي جي مريدن، خاص ڪري سليمان
باڪيرگان جو ڪردار، خاص ڪري وولگا جي تاتارين ۾ به
وڏو اثرائتو رهيو آهي.
ان جي باوجود وچ ايشيا جي حدن کان ٻاهر يسويه
طريقي روحاني ورثي کي اڪثر ڪري اڻ ڏٺو رکيو ويو
آهي، انڪري اهو طريقو رڳو وچ ايشيا جي ترڪ قومن
تائين محدود آهي.
احمد يسويءَ جا طريقتي اصول، سندس لکيل ڪتاب
نالي ”ديوان حڪمت“ ۾ درج ٿيل آهن.
سندس وفات کان پوءِ سندس خليفن
ان جي مخصوص صوفي فڪر (يسوي طريقي) کي وچ ايشيا جي
لاڏائو قبيلن ۽ ازبڪ شهزادن ۾ رائج ڪيو.
اڄڪلھه وري يسويه طريقي جي نفوذ جون حدون، وچ
ايشيا جي حدن کان علاوه ماوراءُ النهر جي شهرن ۽
نقشبندي طريقي جي رسمي فعاليتن جي سرحدن تائين
پهچي چڪيون آهن.
يارهين صدي هجري يا سورهين صدي عيسوي يسويه
طريقو، نقشبندي طريقي ۾ ضم ٿي ويو،
پر ٿوري عرصي کان پوءِ وري اُڀري پيو، جنهن جي
نتيجي ۾ يسويه جون ٻه افراطي شاخون: ”لاچي“ ۽
”گيسودراز ايشان“ فرغانه جي واديءَ ۾ جدوجهد ۾
مصروف رهيون.
تيرهين صدي هجريءَ يا اڻويهين صدي عيسويءَ جي
ٻئي اڌ کان پوءِ سَنيوَر (Sanivar)
نالي هڪ يسوي مشائخ ”لاچي“ طريقي جو بنياد رکيو،
جنهن کي ”خان خوقند“، مرتد ٿي وڃڻ جو ڏوهه ڏئي
ڦاهيءَ چاڙهائي ڇڏيو. روس هٿان مقامي حڪومتن جي
شڪست کائڻ کان پوءِ، جيڪي لاچي لڪي ويا هئا،
مرڪلان شهر جي هڪ قرخيزي اڳواڻ نالي بابا جان،
جيڪو رحمان قلي جو پڳدار هو، هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ۾
اچي ويا. بابا جان خلف، اوڀر فرغانه طرف لڏي هليو
ويو ۽ پنهنجي طريقت کي ”اُوش“ ۾ رائج ڪرڻ لڳو.
جيئن ته ”لاچي“ طريقي وارن تي تهمت لڳل هئي ته اهي
هڪ ته رات جو، عورتن سميت جلي ذڪر جون محفلون ڪندا
آهن جن ۾ احمد يسويءَ جي ديوان مان ڪي شعر پڙهي
سماع ۽ رقص ڪندا آهن، ٻيو ته اورجي [Orgy]
(گڏيل شادي، عيش عشرت يا رنگ رليون) به ڪندا آهن،
انڪري مسلمانن مان اهو ختم ٿي ويو. جنهن جي نتيجي
۾ لاچين آڪٽومبر واري انقلاب جو استقبال ڪيو.
بنيگسن ۽ وينبش جي لکڻيءَ موجب:
جن ڳوٺن ۾ لاچي رهن ٿا سي قرخيز آهن ۽ انهن جو
محدود معاشرو آهي ۽ سڱ به پاڻ ۾ ئي ڏيندا وٺندا
آهن.
يسويه طريقي واري ”دراز گيسو ايشان“ شاخ،
تصوف جي هڪ وڏي جاکوڙي ۽ انتها پسند شاخ رهي آهي،
پوين سالن ۾ انهن جي جدوجهد ڪافي حد تائي گهٽجي
وئي آهي. ان طريقي جو بنياد ”ابو مطلب،
ساتيبالديف“ رکيو هو، جنهن کي 1936ع ۾ سزاءِ موت
ملي هئي ۽ ان جو مرڪز قرخيزستان جي ”چلگيزي“ ۾ هو.
ان کان علاوه ڏکڻ قرخيزستان وارن پهاڙي علائقن سان
گڏ اُوش، جلال آباد، ارسلان آباد ۽ قرخيزي، ازبڪ ۽
تاجڪ اقليتن ۾ به ان طريقي جا معتقد هئا.
سنه 1963ع ۾ گيسو دراز اوشان جو هڪ ٽولو، مسلمان
حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي ڏوهه ۾ بيشڪڪ
(فرونزه) ۾ ڪيس دائر ڪيو ويو.
لکڻ جوڳي ڳالهه آهي ته يسويه جي ٻنهي ڌڙن ۾ ڪي
مخصوص ٽولا عورتن جا به شامل هوندا هئا.
ماورآءُ النهر، خاص ڪري خوازرم ۾ ڪبرويه
طريقو، قدمت جي لحاظ کان پهريون، جڏهن ته اثر رسوخ
جي اعتبار کان، نقشبنديه ۽ يسويه کان پوءِ ۽ ٽئين
نمبر تي آهي. ان جو باني نجم الدين ڪبريٰ (متوفيٰ
618هه) هو، جنهن جي مغلن هٿان مارجي وڃڻ کان پوءِ
سندس ٻن مريدن هر هڪ نالي: سيف الدين باخرزي،
ماوراءُ النهر ۾ ۽ بابا ڪمال جَندي ترڪستان ۾ سندس
طريقي جي ترويج ڪئي.
تنهن هوندي به خوازرم ڪبرويه طريقي جو مرڪز رهيو ۽
ان جي نفوذ جي حد ”آمو“ سمنڊ جي ڊيلٽا وارن ڪرا
ڪالپاڪ (Karakalpaks)
قبيلن تائين پکڙجي وئي.
ڪبروي طريقو، لوئر ”وولگا“ علائقي ۾، ”باتو“
ڪمانڊر جي ڪمان هيٺ منگولن جي ”گولڊن آرمي ريجمنٽ“
جي قبيلن ۾ اسلام پکڙجڻ ۾ به مؤثر هو.
بظاهر ڪبروي طريقو ڪڏهن پنهنجي رونق کان محروم به
رهيو، پر تنهن هوندي به تيرهين صدي هجري يا
اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ هيڪاري وري جيئرو به ٿيو.
سنه 1290ھ، 1873ع کان وري ان ئي طريقي جا پوئلڳ،
بخارا کان آيل نقشبندين سان ملي ويا.
جيتو ڻيڪ ڪبرويه طريقي جو ڪرا ڪالپڪ قوم ۾ اثر
رسوخ هو ۽ چوڏهين صدي هجريءَ ۽ ويهين صدي عيسويءَ
۾
ان جي ذڪر جون محفلون به منعقد ٿينديون هيون، تنهن
هوندي به ان سلسلي جو هينئر وچ ايشيا ۽ قفقاز ۾
سواءِ هاري طبقي جي ڪن ٿورن ماڻهن جي، ڪو خاص اثر
ناهي رهيو. البته خاص ڪري خوازرم ۽ ترڪمنستان جي
اورگنج واري علائقي ”قونيه“ ۾ ان طريقي جا طرفدار
موجود آهن.
بهرحال ڪبرويه طريقي متعلق ڪا پيرائتي معلومات
حاصل ڪرڻ لاءِ لکڻين جي تمام گهڻي اڻاٺ آهي.
ان علائقي ۾ صوفين جو هڪ ٻيو طريقو ”قادري“
جي نالي سان به مروج آهي، جيڪو عبدالقادر جيلاني
يا گيلاني (متوفيٰ 516هه) سان منسوب آهي. جيتوڻيڪ
قادري طريقي جي اسرڻ وارو بنيادي مرڪز بغداد هو،
پر تنهن هوندي وچ ايشيا ۾ به ڪاهي پيو. ڇهين صدي
هجريءَ ۾ بلغاريائي حاجي ۽ عرب واپارين تصوف جي ان
طريقي کي بغداد کان وولگا، ترڪستان ۽ خاص ڪري
فرغانه واري واديءَ ۾ آندو.
قادري طريقو ستين صدي هجريءَ کان نائين صدي هجريءَ
تائين نقشبندي ۽ يسوي طريقين جي نفوذ جي ڀيٽ ۾
پنهنجي رونق وڃائي ويٺو.
تيرهين صدي هجري/ اڻويهين صدي عيسويءَ ڌاري،
اتر قفقاز ۾ قادري هڪ ڀيرو وري اڀري پيو ۽ اسٽالن
جي حڪم تحت، قادري طريقي جي پيروڪار چچنيائي
باشندن جي، قزاقستان ۽ قرخيزستان طرف ملڪ بدر ٿيڻ
جي ڪري، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پهرئين مرڪز يعني
فرغانه طرف موٽي آيا.
قادرين جي نئين سر اڀرڻ جو اصلي ڪارڻ، قيموق قوم
جي هڪ ڌنار، نالي ”ڪونتا حاجي ڪيشيف“ هو. هڪ
روايت موجب: هي شخص بغداد جي سفر دؤران عبدالقادر
جيلانيءَ جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ قادري طريقي ۾
شامل ٿيو ۽ سنه 1278ھ/1862ع کان قفقاز ۾ ان طريقي
جي تبليغ شروع ڪيائين.
قادري طريقي جي پوئلڳن واري تحريڪ جي شڪست ۽
1276هه کان 797ھ/1859ع کان 1859ع تائين واري عرصي
دؤران نقشبندين جي فعاليت جي بيهجي وڃڻ واري وقفي
دؤران جيڪي قادري طريقي جا مريد هڪ ڊگهي جدوجهد
کان بيزار ٿي پيا هئا سي ڪونتا حاجيءَ جي لڳايل
نعري: ”برائي سان جهيڙو ناهي ڪرڻو“ طرف راغب ٿيڻ
لڳا. قدري صوفين ۽ وقت جي روسي حڪومت واري اها
مسالمت آميز ياري گهڻو وقت نه هلي سگهي ۽ قادرين
جي وڌندڙ اثر رسوخ جي خوف سببان سنه 1280هه/جنوري
1864ع ۾ ڪونتا حاجي ۽ سندس مريد، حڪومت ٻَڌي، جيل
حوالي ڪري ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪونتا حاجي سنه
1284هه/1867ع ۾ جيل ۾ ئي گذاري ويو.
توڙي جو ڪونتا حاجي وفات ڪري ويو ۽ ڪي قادري
ترڪيءَ طرف به لڏي هليا ويا تنهن هوندي به قادري
طريقي جي رونق ۾ ڪو به فرق نه آيو. جيئن ته هن
طريقي ۾ نقشبندي طريقي جي برعڪس عقيدتي نعرا سادا
۽ اندروني جوڙجڪ مضبوط ۽ جلي ذڪر جون محفلون پُر
ڪشش هيون انڪري اولهه طرف کان انگوش ۽ اُسٽيا
تائين ۽ اوڀر کان داغستان تائين پکڙجي ويو ۽ خاص
ڪري اتان جي غريب طبقي جي ماڻهن ۾ رائج ٿيڻ لڳو.
قادري طريقو چئن شاخن ۾ ورهائجي ويو: پهرين ۽ اصلي
شاخ، ڪنتا حاجيءَ واري، جيڪا چچن ۽ داغستان جي
پهاڙي علائقن ۾، انگوش ۾ اوترا جي پهاڙي ڳوٺ ۾، مت
گرا قوم سان، ميتائيف جي خاندان، بتل حاجي بلهورف
جي سرواڻيءَ هيٺ؛ انگوش وارن شهرن، سرححيٰ،
يانڊرڪا، اگاز، ۽ نزران ۾. چيم ميرزا يا طبالان،
چچن جي شالي واري ”ميرتوپ“ نالي جابلو ڳوٺ ۾.
اڄڪلهه چيم ميرزا واري شاخ (جيڪي در اصل ويس حاجي
جا پوئلڳ رهيا آهن) چچن، انگوش، داغستان، اسٽيا،
قبارطه، آذربائيجان ۽ قزاقستان ۾ پکڙيل آهن.
مختصر هي ته 1960 ۽ 1970ع ڌاري قادري طريقي جي ڀلي
ترويج ۽ توسيع ٿي.
پوئين دؤر ۾ نقشبندي، قادري، يسوي ۽ ڪبروي
طريقن جي صوفين کان علاوه وچ ايشيا ۽ قفقاز وارا
صوفي هڪ غير معروف ”قلندري“ نامي طريقي جا به
پوئلڳ رهيا آهن، ٻارهين صدي هجريءَ ۾ جن جي
موجودگيءَ جون خبرون ملن ٿيون. جيئن هڪ ”هنگري“
ملڪ جي سياح نالي ”وامبري“،
خيوه، خوڪند، شورخان جي آس پاس ۾ قائم انهن جي
”قلندرخانن“ جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي طرح شيروانيءَ
به پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ قلندري طريقي وارن جو ذڪر
ڪيو آهي، پر انهن کي نقشبندي طريقي جي شاخ ڄاڻايو
اٿس.
ان طريقي جو باني ”شيخ صفا سمرقندي“ ڄاڻايو اٿن.
قلندري صوفين کان علاوه، ڪي ٻيا صوفي به آهن،
جيڪي وري ڪنهن مخصوص طريقي سان منسوب هجڻ جا منڪر،
”مجذوب“ ۽ ”ملنگ“ طور مشهور ۽ اڪثر ڪري خوازرم ۾
پنهنجي فعاليت ۾ مصروف آهن.
اهڙي طرح هڪ ٻيو گروهه به آهي جيڪو اڌ صوفي ته اڌ
شمن آهن.
(1917ع کان 1991ع) تائين واري سوويت يونين
جي، مرڪزي ايشيا جي جمهوريتن جهڙوڪ: قفقاز ۽
داغستان تي حڪومت دؤران سمورا صوفي طريقا، ماحول
تي مسلط سياسي توڙي معاشرتي حالتن سان مقابلي کائڻ
وارين خصوصيتن ۾ هڪ ٻئي سان مشترڪ رهيون آهن، تن
مان ڪي هن طرح هيون: (1) ڪنهن به سياسي ۽ مزدؤر
اتحاد ۾ ميمبر شپ کان پرهيز. (2) پنهنجي مشائخن جو
حد کان وڌيڪ احترام ڪرڻ، خاص ڪري انهن جو جيڪي
تحريڪن ۾ مارجي چڪا هئا. (3) روسي زبان سکڻ کان
پرهيز.
(4) ذڪر جي محفلن منعقد ڪرڻ جو شوق.
(5) اجتماعي ماحول، جهڙوڪ: جيل ۽ فوجي بيرڪن ۾
مريد ٺاهڻ.
ٻين، سوويت يونين نظام مخالفن جيان، مخفي (Samizdat)
ادب تخليق ڪرڻ.
(6) قبيلائي نظام جي صوفي طريقن سان ويجهڙائي.
(7) صوفين جي مقبرن جو احترام ۽ انهن جي زيارت ڪرڻ.
(8) ابرڪ (Abrek)
بورڊ (باعزت ڌاڙيل) ۾ هٿياربند جدو جهد.
ان دؤر ۾ تصوف ڏانهن لاڙي جا بنيادي ڪارڻ به
هڪ جهڙائي رهيا آهن، جهڙوڪ: (1) ماڻهن جي، مسلمانن
جي موجود ادارن (خاص ڪري ماخاچ قلعه، باڪو، تاشقند
۽ اوفا ۾ موجود مسلمانن جي چئن ادارن) جي شريعت جي
تحفظ جي سگھه کان مايوسي. (2) سويت يونين جي
پريشان ڪُن ”يڪ آوازي“ ماحول مان آجپو چاهيندڙ
روشن خيال ۽ يونيورسٽين جي شاگردن توڙي پروفيسرن
کي، تصوف جو پاڻ ڏانهن جذب ڪرڻ. (3) نوراني ادبي
رسمن ڏانهن ٻيهر ڌيان ڏيڻ، جيڪي اڪثر ڪري تصوف سان
لاڳاپيل رهيون آهن. (4) ذڪر ۽ سماع جي محفلن جي
ڪشش. (5) نسلي ۽ مذهبي ميلاپ کان متاثر ٿيل
قومپرستيءَ پرستيءَ وارو رجحان.
روسي محققن جي تحقيقن ۾ تصوف جي مڙني صوفي
طريقن جي مشائخن جا ذري گهٽ هڪ جهڙا عنوان بيان
ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ: پير، ايشان، مريد، ذڪري،
طريقتي، شيپٽوني (Sheptuny
سُرٻاٽ ڪندڙ)، پريگوني (Priguny
پکي)، زير زمين علحدگي پسند، بلاجواز ملا،
دخونيڪي، (فارسي لفظ جي بگڙيل روسي شڪل).
پيوواروف جي بقول: سنه 1975ع ۾ چچن انگوش جي
مسلمانن جو سراسر اڌ صوفي هو.
ان جي با وجود ان دؤر جي رائج سمورن ذرائع ابلاغ
صوفين جي خلاف پروپيگنڊا پئي ڪئي.
سويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ، تازو استقلال
يافته ملڪن ۾ قديمي تصوف جي رسمن کي وري زنده ڪرڻ
جو رجحان وڌڻ لڳو. جنهن جي نتيجي ۾ صوفين جا ننڍا
وڏا ڪتاب، بروشر ۽ اخبارون ڇپجڻ لڳيون، نه رڳو
ايترو بلڪه ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تي پروگرام به نشر
ٿيڻ لڳا.
جمهوري ازبڪستان ته ان عمل ۾ مڙني کان وڌ تصوف جو
عاشق نڪري پيو، جو ان ملڪ، تصوف جي قديم ادبي
سرمائي توڙي تهذيب کي نئين سر اجاڳر ڪرڻ وارو عمل،
پنهنجي سونهري (Altin
meros)
۽ مکيه سياست جو حصو قرار ڏيندي، ان بابت تمام
گهڻو تاڪيد پئي ڪيو آهي، جنهن جي چٽي جهلڪ،
ازبڪستان ۾ پر ان کان به وڌ وچ ايشيا جي جمهوريتن
۽ قفقاز ۾، رائج اسلام توڙي مسلمان عالمن جي اڳ
کان به وڌ، تصوف کي ويجهي ٿيڻ جي صورت ۾ ظاهر آهي.
اهو ئي سبب آهي جو ڪي عالم، صوفين جو اولاد يا خود
صوفي نظر ايندا. جن مان بابا خان بن عبدالحميد
(متوفيٰ 1957ع)، سندس پٽ ضياءُ الدين باباخانوف
(متوفيٰ 1982ع) هئا، جيڪي ٻئي نقشبندي ۽ قزاقستان
جا مفتي به هئا.
مددي ڪتاب
1)
شيرين آڪير، اقوام مسلمان اتحاد جماهير شوروي،
ترجمو علي خزاعي فر، مشهد، ايران 1366هه ش.
2)
عبيداله بن محمود احرار، احوال و سخنان خواجه
عبيدالله احرار، مشتمل بر ملفوظات احرار، ليکڪ مير
عبدالاول نيشاپوري، (هڪ ٻيو مجموعو) ملفوظات
احرار، خوارق عادات احرار، تاليف مولانا شيخ، ڇاپو
عارف نوشاهي، تهران 1380هه ش.
3)
نسرين احمديان سالچي، ديار آشنا (ويجگي هاي
جغرافيايي کشورهاي آسياي مرکزي)، مشهد، ايران
1378هه ش.
4)
يوگي ايڊورڊ وچ برٽلس، تصوف و ادبيات تصوف، فارسي
ترجمو سيروس ايزدي، تهران، ايران 1356هه ش.
5)
اليگزانڊر بنيگن ۽ اينڊرز ويمبش، “صوفيان و کميسر
ها”، تصوف در اتحاد جماهير شوروي، فارسي ترجمو
افسانه منفرد، تهران، ايران 1378هه ش.
6)
محمد بن محمد پارسا، قدسيه کلمات بهاءُ الدين
نقشبند، ڇاپو احمد طاهري عراقي، تهران 1354هه ش.
7)
عبدالرحمان بن احمد جامي، نفحات الانس، ڇاپو محمود
عابدي، تهران، ايران 1370هه ش.
8)
عبدالحي حسني، نزهت الخواطر و بهجت المسامع و
السواطر، ج5، حيدر آباد دکن 1976ع.
9)
دانشنامه جهان اسلام، تحت نظر غلام علي حداد عادل،
تهران، بنياد دائره المعارف اسلامي، 1375هه ش.
10)ارار
محمد سارلي، ترکستان در تاريخ؛ نگرشي بر ترکستان،
در نيمهءِ دوم قرن نوزدهم، تهران، ايران 1362هه ش.
11)
زين العابدين بن اسڪندر شيراني، رياض السياحه،
ڇاپو اصغر حامد رباني، تهران (1361هه ش؟)
12)محمد
عالم صديقي علوي، لمحات من نفحات القدس، لاهور
1365هه ش.
13)ذبيح
الله صفا، تاريخ ادبيات در ايران، ج 3، 4، تهران،
ايران 1363هه ش.
14)عبدالخالق
بن عبدالجمل غجداولي، رساله صحابيه، ڇاپو سعد
نعيمي، در فرهنگ ايران زمين،، ج1، (1332هه ش)
15)
علي بن حسين فخرالدين صفي، رشحات عين الحيات، ڇاپو
علي اصغر مصيبان، تهران، ايران 1356هه ش.
16)جمال
گوڪچه، قفقاز و سياست امپراتوري عثماني، فارسي
ترجمو هواب ولي، تهران، ايران 1373هه ش.
17)معين
الدين نطنزي، منتخب التواريخ نطنزي، ڇاپو جان
اوون، تهران، ايران 1336هه ش.
18)زين
العابدين بن اسکندر شيرواني، رياض السياحه، ڇاپو
اصغر حامد رباني، (تهران، ايران 1361هه ش)
19)ميڪلين،
شيخ شامل داغستاني، ترجمو ۽ خلاصو ڪاوه بيات،
تهران، ايران 1370هه ش.
20)
نيڪلسن، پيدائش و سير تصوف، فارسي ترجمو محمد باقر
معين، تهران، ايران 1357هه ش.
21)آرمين
وامبري، سياحت درويشي دروغين در خانات آسياي
ميانه، فارسي ترجمو فتح علي خواجه نوريان، تهران،
ايران 1337هه ش.
22)
Hamid Algar, From Kashghar to Eyup; the lineages
and legacy of SheikhAbdullah Nidai", in Naqshbandis in Western and Central
Asla: change and continuity, ad. Elisabeth
Özdalgs,
Istanbul 1999.
23)
Alexandre Bennigsen and S. Enders Wimbush,
Muslims of the Soviet empire guide, London
1985.
24)
Devin De Weese, "Khojagani origins and the critique
of Sufisim: the rhetone of communal uniqueness
in the Manaqib of Khoja 'All 'Azizan
25)
Ramitani, in Islamic mysticism consested: thirteen
centuries of controversies and polemics ed.
Frederick de Jong and Bernd Radtke, Leiden:
Brill, 1999,
26)
___,The masha’ikh-i- Turk and the Khojagan:
rethinking the links between the Yasavi and
Naqshbandi Sufi traditions", Journal of
Islamic studies, Vol. 7. no. 2 (July 1996)
27)
Encyclopaedia Iranica.
s.v. Duhbidiya" (by Hamid Algar).
28)
The Encyclopaedia of Islam,
new ed, Leiden. Brill, 1960, s.vv. "Shamil" and
"U shur ma, Mansur' (both by A. Knysh).
29)
Jo-Ann Gross. "The polemic of 'official' and
'unofficial Islam: Sufism in Soviet Central
Asia", in islamic mysticism contested, ibied,
1999a.
30)
"The Waqf of Khoja Ubayd Allah Ahrar in nineteenth
century Central Asia: a preliminary study of the
Tsarist record", in western and Central Asia,
ibid, 1999b.
31)Jürgen
Paul. "Forming a faction: the Himayat system of
Middle East Khwaja Ahrar, International
journal of studies, vol. 23, no. 4
(Nov.1991)
32)
Vernon Schubel, "Post-Soviet haglography and the
reconstruction of Naqshbandi tradition in
contemporary Uzbekistan". in Naqshhandes in
Western und Central Aca, ibid.
33)
Isenbike Togan, "The Kafi,, Jahri controversy in
Central Asia revisited". in ibid .
|