سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تاريخ تصوف اسلام

باب:

صفحو:8 

وحدت الوجود

مُحي الدينرح عربيءَ جي نظر ۾

ابنِ عربيرح جي مسلڪ ۽ مذهب جو، حضرت سهرورديرح جي مذهب ۽ مسلڪ سان ڪو تعلق نه هو. سندن پورو نالو محمد بن احمد بن عبدالله هو. ڪنيت ابوبڪر، لقب مُحي الدين، عرف حاتمي، ابن عربيرح جي نالي سان مشهور آهي. هي ابن عربيرح بغير ’الف لام‘ جي آهي. ته جيئن قاضي ابوبڪر ابن العربيءَ کان کين برتري رهي. اهو امتياز صرف مشرق تائين محدود آهي. مغرب ۾ کين ابن العربي ئي چيو وڃي ٿو.

سندن ولادت 500هه ۾ اندلس جي هڪ ماڳ مرسيا ۾ ٿي. حديث ۽ فقه جي تعليم اشبيله ۾ حاصل ڪيائون. ۽ انهن علمن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائون. تنهن ڪري سندن شمار وڏن عالمن ۾ ٿيڻ لڳو.

598هه ۾ مشرق طرف روانو ٿيو ڪيترن ئي شهرن ۾ ويو. مصر، حجاز، ايشاءِ ڪوچڪ جا ڪيترائي شهر گهمي ڦري ڏٺائين. ۽ معلومات حاصل ڪيائين. علمي ڪيفيت جو مشاهدو ڪيائين ۽ روحاني مجلس جو سير ڪيائين. پڇاڙي ۾ شام ۾ مستقل طور رهائش اختيار ڪيائين. سندن وفات 638هه ۾ دمشق ۾ ٿي.

ابن عربيرح نظم ۽ نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن جو انگ لڳ ڀڳ ٻه سئو کن آهي. بروڪلمان پنهنجي ڪتاب تاريخ الادب العربي ۾ سندن تصنيفات جو تعداد ڏيڍ سئو ٻڌايو آهي.

ابن عربيرح جا خاص ڪتاب هي آهن:

1.      الفتوحات المڪيه: هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي لحاظ کان بيحد اهم آهي. هن ۾ مختلف مذهبن، مُلڪن ۽ مسلڪن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.

2.     فصوص الحڪم: هيءُ ڪتاب تصوّف بابت آهي. جيڪڏهن ايئن چيو وڃي ته، هي ڪتاب انهيءَ فن ۾ تمام اهم ۽ اعليٰ آهي ته، ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو. هن ڪتاب ۾ تصوّف ۽ فلسفي جا مسئلا سهڻي نموني سمجھايا ويا آهن.

3.     ذخائر الاعلاق: هي شاعريءَ جو ديوان آهي. هن ۾ شاعر حُبِّ الاهي جون ڪيفيتون بيان ڪيون آهن. سمورو ڪلام فتوحات الاهي ۽ الهاماتِ روحي جي سچين ڪيفيتن تي مشتمل آهي. ابن عربيرح پنهنجون اصل ڪيفيتون مخفي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن خاص طور اسرارِ الاهي بيان ڪرڻ ۾ ڪنجوسيءَ کان ڪم ورتو آهي جو ڪجھ ٿورو گهڻو بيان ڪيو اٿس، سو به اشاري ۽ ڪنايي ۾ بيان ڪيو اٿائين، جنهن کي عام ماڻهو چڱيءَ طرح سمجھي نه ٿو سگهي. ۽ نه وري صحيح نموني ان جي ڪيفيتن کان واقف ٿي سگهي ٿو.

مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان علاوه ابن عربيءَ جا جيڪي ڪتاب آهن، سي فصاحت ۽ بلاغت جي لحاظ کان هڪ خاص رنگ جا حامل آهن. انهن تاليفن ۾ مختلف جُزن کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي. انهن ۾ دين، تصوّف ۽ فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي. انهن ڪتابن ۾ مختلف رنگ آهن، پر پوءِ به انهن مڙني جي هڪ رنگي ڏاڍي سهڻي لڳي ٿي. سچي ڳالهه اها آهي ته، جيڪڏهن ابن عربيرح کي ’شيخ الاڪبر‘ ۽ ’الڪبريت الاحمر‘ (وڏو شيخ ۽ خالص سون) سڏيو وڃي ته، بلڪل صحيح ٿيندو.

ابن عربيرح به صوفين جي مخالفت کان بچي نه سگهيو. ٽين صدي هجريءَ جي آخري اڌ ۾ اسان صوفين ۽ فقيهن جي جهيڙي ۽ دشمني واري جيڪا ڪيفيت ڏٺي هئي، سا هن دؤر ۾ به نظر اچي ٿي. انهيءَ جهيڙي ۽ مخالفت جي ڀوائتي صورت اها هئي، جيڪا منصور حلاجرح کي پيش آئي هئي، جنهن جو اسان هن کان اڳ تفصيل سان ذڪر ڪر چڪا آهيون.

ابن عربيرح جو مسلڪ ۽ مذهب، جنهن مرڪز جي پيروي ڪندڙ هو ۽ جنهن محور تي ڦري رهيو هو، سو ’وحدت الوجود‘ جو مسئلو هو. فقيهن محسوس ڪيو ته اهو مسلڪ اسلامي تعليم جي خلاف آهي. اهو ئي سبب آهي، جو فقيهن ابن عربيءَ جي ڪتابن خلاف وڏو فساد مچايو، ۽ مٿس تهمتون مڙهيون ۽ الزام لڳايا، ۽ مٿس ڪفر ۽ گمراهي جون فتوائون جاري ڪيون. مصر ۾ ته باقاعده کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي.

پر جيڪي ماڻهو ابن عربيرح جي مقام کان واقف هئا، سي سندن شخصيت ۽ مسلڪ کان گهڻو متاثر ٿيا ۽ ٻيا مخالفت ڪندا رهيا. پر هيءَ حقيقت آهي ته، سندن وفات کان پوءِ سندن مخالف ٿورا، پر ماتم ڪرڻ وارا تمام گهڻا هئا. سندن مخالفن ۾ به اهڙا ماڻهو نظر اچن ٿا، جيڪي ابن عربيرح جي وفات کان پوءِ به پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيا. اهڙن ماڻهن ۾ اسان کي وڏيون وڏيون شخصيتون نظر اچن ٿيون. مثلاً علامه ابن تيميه المتوفي 728هه، ابن خلدون، المتوفي 808هه، علامه ابن حجر العسقلاني المتوفي 852هه، ابراهيم البقاعي، المتوفي 858هه ۽ انهن کان سواءِ ٻيا به گهڻائي عالم آهن، جن جو تفصيل بيان ڪرڻ جوهي موقعو نه آهي.

بقاعي ۽ ابن عربيرح:

ابن عربيرح جي مڙني دشمنن ۽ مخالفن مان ڪنهن به ابن عربيرح سان اهڙو سلوڪ نه ڪيو، جيڪو بقاعي ڪيو. بقاعي خاص طور ٻه ڪتاب لکيا.

1.      تنبيہ النبي، عليٰ تڪفير ابن عربي.

2.     تحذير العباد، من اهل العناد، بدعة الاتحاد.

انهن ڪتابن ۾ بقاعي ابن عربيرح خلاف ملامتن جو هڪ طوفان کڙو ڪيو. ان جي عقيدي کي ڪفر ۽ گمراهي سڏيو. ۽ سندس سمورن ڪتابن کي گمراهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پر گڏوگڏ هڪ اهڙي جماعت به آهي ۽ ان ۾ به وڏيون هستيون شامل آهن، جن ابن عربيرح کي جوڳي اهميت ڏني آهي، جيڪي سندس منزل کان واقف آهن، اهي سندن نظريو ۽ مسلڪ مڃين ٿا ۽ ان جي ٻڌايل رستي تي هلندا رهن ٿا.

اهڙن ماڻهن ۾ قابلِ ذڪر مجدالدين الفيروزآبادي، قطب الدين الحموي، صلاح الدين الصفدي، شهاب الدين سهروردي، فخرالدين رازي، جلال الدين سيوطي ۽ ٻيا وڏا عالم فاضل اچي وڃن ٿا.

جلال الدين سيوطي ابن عربيرح جي بچاءُ ۾ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي: تنبيہ النبي في تبرئة ابن عربي.

عبدالرزاق قاشاني ۽ عبدالغني تابلسي به ابن عربيءَ جي حمايت ۾ ڪتاب لکيا.

ابن عربيءَ جي خوبين ۽ خاصيتن تي هونئن ته گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ۽ سچي ڳالهه آهي ته، ان جو احاطو ڪرڻ به آسان نه آهي. پر ان جي خوبين ۽ خاصيتن ۾ هڪ ڳالهه صاف ۽ واضح آهي. اها هيءَ ته توڙي جو ابن عربيرح تمام وڏو صوفي هو. سندن شمار ذوق جي صاحبن ۾ هو. رياضتن ۽ مجاهدن ۾ سندس خاص درجو هو، هو ان ذوق ۽ وجدان وارو هو، جيڪو ڪشفِ حقيقت جو سبب هوندو آهي، پر ان هوندي به کيس فلسفي سان به گهڻي دلچسپي هئي. اهو ئي سبب آهي جو سندس تصنيفن ۽ تاليفن ۾ تمام گهڻا فلسفياڻا اصطلاح نظر اچن ٿا.

وحدت الوجود جو مسلڪ:

ابن عربيءَ جو مذهب ذوق شوق تي مضبوطي سان قائم هو، ان ۾ فلسفي جو به ڪافي ميلاپ هو. انهيءَ ڪري هُو فقيهن جي عتاب هيٺ آيو، هن جو اصل مسلڪ ’وحدت الوجود‘ هو.

ابن عربيرح جو خيال هو ته، وجود واحد (هڪ) آهي، ۽ مخلوقات جو وجود عين وجود خالق آهي. حقيقت ۾ خالق ۽ مخلوق ۾ ڪو فرق نه آهي، جيڪو خالق ۽ مخلوق جو وجود ۾ امتياز جو قائل آهي، ابن عربيرح جي نظر ۾ اهو صحيح حقيقت کان اڻڄاڻ آهي، جيڪا سندس ذات ۾ موجود آهي. هُو پنهنجي ان قول جو دليل ’سبحان من خلق الاشياءِ وهُو عينها.‘(2) مان وٺي ٿو.

پوءِ جڏهن وجود حق، عين وجود خلق آهي، ته پوءِ حقيقت به هڪ آهي. ته پوءِ ان ۾ فرق ۽ امتياز ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

وحدت الوجود جي سلسلي ۾ ابن عربيرح جا ٻه نظريا آهن:

1. حقيقت محمدي        2. وحدتِ اديان

حقيقت محمدي جي باري ۾ ابن عربيرح ٻه لفظ استعمال ڪري ٿو. ڪڏهن قطب ته ڪڏهن روح خاتم. سندس خيال موجب علمي ۽ عملي ڪمالن جو اهو قديم ترين سرچشمو آهي. حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي رسول الله ﷺ تائين اها ئي حقيقت، جيڪا حقيقت محمدي ﷺ جي پيروي ڪرڻ وارن اوّلين ۾ نظر اچي ٿي. ان مسلڪ جو ذڪر اسان حلاج جي سلسلي ۾ هن کان اڳ ڪجھ وضاحت سان ڪري چڪا آهيون.

وحدتِ اديان جي باري ۾ ابن عربيرح جو هي نظريو آهي ته، مڙني مذهبن جو اصل ۽ حقيقت هڪ آهي، ۽ اهو بلڪل اهو ئي مسلڪ آهي، جيڪو حلاج جو هو. جڏهن هر دين جو مقصد ۽ منتها ذاتِ الاهي آهي، ته پوءِ ان جي حقيقت به هڪ ئي آهي.

حاشيا ۽ حوالا

1.       نفس المرجع.

2.      الفتوحات المڪيه.

حُبِّ الاهي

عمر ابن الفارض جو جوشِ حُبِّ الاهي

ڇهين ۽ ستين صدي هجريءَ جي شاعري ۾ عمر بن الفارض، هڪ وڏي مرتبي تي فائز آهي. هي صوفي هو. سندس شعرن ۾ اها روحاني حياتي جهلڪندي نظر اچي ٿي، جيڪا سندس زندگيءَ ۾ پيٺل هئي. اهو اولڙو صاف صاف نظر اچي ٿو. جيڪو سندس زندگيءَ جو آئينو هو.

سندس پورو نالو ابو حفص، شرف الدين عمر بن الفارض آهي. مصر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. سندس ولادت 576هه ۾ قاهره ۾ ٿي ۽ 632هه ۾ فوت ٿيو، پنهنجي حياتيءَ جا پندرهن سال حجاز مقدس ۾ گذاريائين ۽ اتي رياضت ۽ مجاهده نفس ۾ ڪمال حاصل ڪيائين.

ابن فارض هڪ صوفي بزرگ هو، رياضت ۽ مجاهدو سندس زندگيءَ جو شيوو هو، ذوق شوق ۽ احوال جو صاحب هو. تمام وڏو شاعر هو، سندس شاعريءَ جو موضوع حُبّ الاهي هو. هُو هر وقت حُبِّ الاهي جي جذبي ۾ سرشار رهندوهو. هن جي تن بدن ۾ اها ئي شيءِ رچيل رهي. پنهنجي محبوب يعني خدا کان سواءِ، هُو ٻي هر شيءِ کان بي نياز ۽ بي پرواهه هو. هي به اتحادِ ذاتِ الاهي جو قائل هو.

هن جيڪي شعر حُبِّ الاهي جي جذبي بلڪه نشي ۾ سرشار ٿي چيا آهن، ان آڌار تي هو ’سلطان العاشقين‘ ۽ ’امام المحبين‘ سڏائڻ جو مستحق آهي.

پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو اٿس:

سمورا عاشق حشر جي ميدان ۾ منهنجي جھنڊي هيٺان گڏ ٿيندا.

ڪن شعرن ۾ هن پنهنجي عشق جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

پنهنجي وجود کان پهريون

سموريون عشق جون آيتون مون منسُوخ ڪري ڇڏيون

بس اهلِ محبت منهنجو لشڪر آهن

۽ منهنجو حڪم مڙني تي حاوي آهي

هر محبت ڪرڻ واري جو مان امام آهيان

۽ ان نواجوان سان منهنجو ڪو تعلق ناهي

جو عشق کان محروم آهي

مان فَنِ عشق جو ماهر آهيان، ان جي خوبين کان واقف آهيان.

جيڪو محبت کان اڻڄاڻ آهي

سو جاهل مطلق آهي

چؤ انهن ماڻهن کي

جيڪي مون کان اڳ هئا، جيڪي مون کان پوءِ آيا ۽ ايندا

مون کان حاصل ڪيو

منهنجي پيروي ڪيو

۽ دنيا جي آڏو

منهنجي عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪيو.

’شاعرِ محبت‘ واري عنوان هيٺ چوي ٿو:

هي محبت جو پيامبر شاعر

محبت ۾ صرف احساس جي قيد جو پابند ناهي

هي نفس سان جهاد ڪري چڪو آهي

دل کي پاڪ ڪري چڪو آهي

رياضت ۽ عبادت جو عادي آهي

هي دنيا کان منهن موڙي چڪو آهي

دنيا جي ڏيک ويک کان پاسيرو ٿي چڪو آهي

هُو جمالِ مطلق جو پرستار آهي.

ابن الفارض ذاتِ الاهي کي پنهنجي محبت جو موضوع بڻايو. هُو مخلتف مرحلن ۽ منزلن مان گذري، سمورا مرحلا طئي ڪري اتحادِ الاهي واري مرڪز يعني پنهنجي منزلِ مقصود تي پهچي ويو.

وحدتِ مطلق

عبدالحقرح بن سبعين جا ويچار

صوفين ۾ وحدتِ مطلق (خودمختيار) واري نظريي جو باني عبدالحقرح بن سبعين هو. هُو اندلسي هو. سندس پورو نالو قطب الدين آهي. 613هه ۾ مرسيا ۾ پيدا ٿيو ۽ 667هه ۾ مڪي ۾ فوت ٿيو.

شيخ عبدالرؤف منادي پنهنجي طبقات ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته، ”عبدالحقرح بن سبعين عربي زبان ۽ ادب جي تعليم اندلس ۾ حاصل ڪئي. پوءِ اتان کان سبته هليو ويو. اتي هن فلسفي ۽ تصوّف جي تعليم حاصل ڪئي، وڏو عرصو مطالعي ۽ تحقيق ۾ مصروف رهيو، صرف ڪتاب پڙهندو رهيو. تمام ذهين انسان هو. مغرب جي ملڪن جو سير سفر ڪرڻ کان پوءِ حجاز هليو ويو ۽ حج ڪيائين. بعد ۾ سندس مشهوري وڌي ۽ ڪيترائي ماڻهو سندس معتقد بڻيا. هن انهيءَ مسلڪ تي پنهنجي شاگردن کي ڪيترائي ڪتاب لکرايا.(1)

اڪثر سوانح نگار ان ڳالهه تي متفق آهن ته، عبدالحقرح هڪ وڏو صوفي ۽ فلسفي هو. وحدت الوجود مطلق سندس مسلڪ هو. بلڪه ايئن چوڻ گهرجي ته هو فلسفي صوفي هو. هن ڪيترن ئي فلسفياڻي مسئلن تي پنهنجا ويچار پڌار ڪيا آهن، جن مان سندن ذهانت ۽ علمي وسعت جو اندازو ٿئي ٿو. هُو ارسطو جي نظرين کان گهڻو متاثر هو.

ابن سبعينرح سدائين حبّ الاهي جي نشي ۾ مدهوش ۽ سرمست رهندو هو. اهو نشو مٿس ايترو ڇانيل هو، جو چٽي ريت معلوم ٿيندو هو ته سندس حُبّ رابعه عدويهرح جي مذهب مان ورتل هئي. ابوالحسن شستري جي هڪ سوال جي جواب ۾ ابن سبعينرح چيو، ”جيڪڏهن عبادت مان تنهنجو مطلب جنت حاصل ڪرڻ آهي ته، تون ڄاڻ ۽ تنهنجو ڪم ڄاڻي، پر جيڪڏهن مقصد جنت حاصل ڪرڻ بجاءِ، ربِ جنت آهي، ته اچ ته مان ۽ تون هڪ ٻئي سان گڏجي هلون.“

ابن سبعينرح پنهنجو مطلب ظاهر ڪرڻ ۾ عام طور اشاري ڪنايي واري زبان استعمال ڪندو هو. سندس متعلق ابن دقيق ڏاڍي مزيدار ڳالهه چئي آهي:

”هڪ ڀيرو ابن سبعينرح ڪنهن محفل ۾ ويٺو هو ۽ ڳالهين ۾ مصروف هو، پر سندس ڳالهيون اهڙيون هيون، جو ان جي مفرد لفظن جي معنيٰ ته سمجھ ۾ آئي ٿي، پر مرڪب سمجھ کان ٻاهر هئا.“(2)

ابن سبعينرح پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ سهروردي المقتول سان گهڻو ملندڙ جلندڙ هو، سندس افڪار ۽ خيالات ابن عربي، ابن فارض، عفيف الدين التلمساني ۽ صدرالدين قونوي وغيره جي افڪار ۽ خيالات جهڙا هئا.

حاشيا ۽ حوالا

1.       جلاء العينين.

2.      ايضاً.

صوفي مذهبن تي فقيهن جي تنقيد

گذريل صفحن ۾ اسان تفصيل سان ٻڌائي چڪا آهيون ته، صوفين جي ڪن نظرين ۽ مذهبن سان فقيهن کي اختلاف هو. ۽ اهو اختلاف وڌندي وڌندي ايترو وڌي ويو، جو ان ڪفر ۽ گمراهي واري الزام جي صورت اختيار ڪئي. اها ڪيفيت ٽين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ جي هئي.

ان کان پوءِ امام غزاليرح هڪ صوفي جي حيثيت سان نروار ٿيو، سندس شخصيت ايڏي وڏي ۽ مؤثر ثابت ٿي، جو هن پنهنجي روح جي صفائي، دل جي چمڪ، عقل فهم، ايماني قوت ۽ قابليت سان فقيهن کي متاثر ڪيو ۽ فقيهن جو صوفين جي خلاف جيڪو مخالفت ۽ دشمنيءَ جو طوفان تيار ٿي رهيو هو، تنهن کي ڪمزور ڪيو ۽ اهلِ سنت جي دلين ۾ به تصوّف جي محبت پيدا ٿيڻ لڳي.

امام غزاليرح کان پوءِ جيڪي صوفي تصوّف جي ميدان ۾ نروار ٿيا، تن علمِ ڪلام جي مسئلن ۽ فلسفئه الاهي کي به پنهنجي علم ۽ فن جي مدد سان تصوّف ۾ ملائي ڇڏيو. انهن جي مذهب ۽ مسلڪ ۾ اتحاد، حلول، تجلي، وحدت الوجود، حُب الاهي، وحدت شهود ۽ ان نموني جا مسئلا شامل هئا. جڏهن ته فقها ان قسم جي سمورين ڳالهين کان بيزار هئا. هنن انهن کي اسلامي تعليم جي خلاف ٿي سمجھيو، تنهن ڪري ان جي مخالفت ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو هو هڪدم ڪفر، گمراهي ۽ الحاد جي فتويٰ ڏيندا هئا. فقيهن ۽ صوفين جي هڪ ٻئي سان دشمني، مخالفت ۽ جنگ جو سلسلو ستين صدي هجري، بلڪه ان کان به پوءِ جاري رهيو.

اها جنگ ڪڏهن وڌي ويندي هئي ته، ڪڏهن وري ٿورو گهٽجي ويندي هئي. پر ان جو سرچشمو شڪ شُبها ئي هئا، فقيهن، صوفين جي ذوق ۽ مسلڪ جي ڪڏهن به ڪنهن به حالت ۾ تائيد ڪا نه ڪئي. انهيءَ اختلاف تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن تمام نازڪ ۽ مشڪل صورتون پيدا ڪيون. پر ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ هي هر دور ۾ قائم رهيو. ان اختلاف جو سڀ کان وڏو سرچشمو وحدت الوجود جو مسئلو هو. اهو فقيهن ڪڏهن به معاف نه ڪيو، ۽ اهو مختلف وقتن تي نئين نئين رنگ سان اڀرندو رهيو.

صوفين جي مذهب ۽ مسلڪ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت حنبلي فقيهه تقي الدين بن تيميه المتوفي 728هه ڪئي. هن صوفين جي تعليم ۽ تلقين تي لڳاتار سخت حملا ڪيا. ابن تيميه صوفين جي خلاف ڪيترائي ننڍا وڏا ڪتاب لکيا، معقول ۽ منقول هر نقطئه نظر کان هن صوفين تي حملا ڪيا. هن پنهنجن ڪن ڪتابن ۾ حلول، اتحاد ۽ وحدت الوجود، جهڙن مسئلن جي خاص طور تمام گهڻي مخالفت ڪئي. ۽ ان کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

726هه ۾ هن ضريح (تعزيه وغيره) جي زيارت کي حرام سڏيندي فتويٰ جاري ڪئي. اولياءَ جي وسيلي کي به ناجائز ۽ شريعت جي خلاف سڏيو. ان ڳالهه جي ڪري صوفين ۽ فقيهن ۾ هڪ ٻئي جي مخالفت ۽ دشمني شدت اختيار ڪئي. ۽ ان جهيڙي ڪيتريون ئي صورتون اختيار ڪيون.

فقيهن صوفين جي خلاف ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ هنن ڪنهن نه ڪنهن صوفي جي خلاف ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه لکي، جيئن ان صوفي جو مانُ ۽ شانُ گهٽجي وڃي. مطلب ته هنن صوفين جي مذهب ۽ مسلڪ تي تمام سخت لهجي ۾ تنقيد ڪئي ۽ ان تي جرح ڪئي.

فقيهن، جن صوفين جي مخالفت ڪئي، تن ۾ خاص طور هنن ابن عربيرح ۽ ابن فارض وغيره جي تمام سخت لهجي ۾ مخالفت ڪئي، بلڪه انهن جي سلوڪ ۽ خُلق تي به ملامت ڪئي. ۽ مٿن تهمت مڙهي ته هو ڀنگ ۽ چرس جا موالي آهن. پر ابن تيميه گهڻو زور ڪفر ۽ گمراهي تي ڏنو، يعني کين ڪافر ۽ گمراهه سڏيو.

هينئر ضروري آهي ته، ابن تيمميه جي ڪن تنقيدي پهلوئن تي گفتگو ڪريون. ابن تيميه، ابن عربيرح، صدرالدين قونويرح، ابن الفارض، ابن سبعينرح، عامر البويصيريرح، نجم الدين اسرائيلرح ۽ عفيف الدين التلمسانيرح وغيره تي هي اعتراض ڪيو ته، اهي وحدت الوجود جا قائل آهن. حالانڪه معقولي ۽ منقولي نقطئه نظر کان اهي عقيدا اسلام جي تعليم جي برخلاف آهن انهن ۾ جيڪڏهن ڪا هڪجهڙائي آهي ته، يهودين ۽ نصارن جي مذهب سان آهي، پر اسلام سان نه آهي. ڇو ته صوفين جو عقيدو آهي ته، وجود واحد آهي ۽ خالق جي وجود واجب ۽ مخلوق جي وجود ممڪن هئڻ ۾ ڪو به فرق نه آهي.(1) جيڪي ماڻهو وجود جي واحد هئڻ جا قائل آهن، سي نصارن ۽ غالي شيعن سان مشابهت رکن ٿا. ڇو ته هُو به اتحاد ۽ حلول جا قائل آهن. فرق صرف ايترو آهي ته، عيسائي حلول کي حضرت مسيح عليہ السلام تائين ۽ شيعه حضرت علي ﷦ تائين محدود رکن ٿا ۽ صوفي حلول مطلق ۽ عام جا قائل آهن. تنهن ڪري اهي عقيدا نه نصارن جا آهن ۽ نه اسلام جا آهن.(2)

ابن تيميه جو صوفين تي هڪ اعتراض هي به آهي ته هُو قدر (تقدير) تي احتجاج ڪن ٿا. حالانڪه قدر تي ايمان آڻڻ گهرجي، ان تي احتجاج نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان ريت الله جي امر ۽ نهي، واعدي ۽ وعيد جو انڪار ٿئي ٿو.(3)

حاشيا ۽ حوالا

1.       مجموعة الرسائل والمسائل.

2.      نفس المرجع.

3.      ايضاً.

صوفين جا طريقا (مسلڪ)

هينئر اسان صوفين جا اهي طريقا ٻڌائينداسين، جيڪي ڇهين ۽ ستين صدي هجريءَ م رائج هئا. ان دؤر ۾ رياضت جا به گھڻائي طور طريقا هوندا هئا. هتي اسان صرف انهن طريقن ۽ مسلڪن جو ذڪر ڪنداسون، جيڪي عملي صورت جي اظهار لاءِ ڪافي آهن.

1.     قادري مسلڪ:

هن مسلڪ جي نسبت، ابو صالح عبدالقادر رحه الجيلي، المتوفي 561هه سان آهي. انهيءَ طريقي جي سلوڪ جو محور آهي اسمِ الله جو لڳاتار ذڪر ۽ ترديد دائم.

2.    رفاعي مسلڪ:

هن مسلڪ جي نسبت، احمدرح بن ابي الحسين الرفاعي، المتوفي 570هه سان آهي. هي علوم طريق (مسلڪ) جو ماهر هو. هن منزلن جون مشڪلون کولي بيان ڪيون. انهن جا مُريد باهه کائي ويندا هئا ۽ پاڻ کي نانگن کان ڏنگرائيندا هئا. ان قسم جا عجيب و غريب ڪرتب ڪري ڏيکاريندا هئا. اهي ان قسم جي ڪمن جو سبب هن ريت بيان ڪندا هئا، ته نفس تي ذڪِر الاهي غالب ٿي ويو. جڏهن هي ٿي ويو ته ان جو روح ملاء اعليٰ تائين اڏامي وڃي ۽ بدن ايئن ٿي وڃي، ڄڻ اهو زندگيءَ کان خالي آهي. پوءِ ٽانڊا کائڻ واري تڪليف کيس محسوس نه ٿيندي. نه نانگ ڏنگڻ سان کيس ڪو نقصان پهچندو. ۽ نه وري ٻئي ڪنهن ايذاء سان کيس ڪا تڪليف پهچي سگهي ٿي.

 

3.    سهروردي مسلڪ:

هن مسلڪ جي نسبت ابو حفص عمرو السهرورديرح سان آهي، جيڪو عوارف المعارف ڪتاب جو مصنف آهي. سندس وفات 638هه ۾ ٿي. پروفيسر اوليري جي هيءَ راءِ غلط آهي ته، هن مسلڪ جي نسبت بغداد جي صوفي شهاب الدين سهرورديرح سان آهي، جو وحدت الوجود جي علمبردارن مان هڪ هو، جنهن کي صلاح الدين ايوبي جي حڪم سان 587هه ۾ قتل ڪيو ويو.(1)

4.    شاذلي مسلڪ:

هن مسلڪ جي نسبت ابوالحسن عليرح بن عبدالله بن عبدالجبار الشاذلي، المتوفي 656هه سان آهي. ابن عطاءَ الله القندري پنهنجي ڪتاب ’لطائف المنن‘ ۾ ان بابت تفصيل سان لکيو آهي.

هو لکي ٿو ته:

”شاذلي پنهنجي زماني جو قطب هو. وڏو عالم ۽ عارف هو رمز شناس ۽ روشنيءَ جي کاڻ هو. وقت جو غوث هو. اهم ماڻهن جو عَلم ان جي هٿ ۾ هو.“

ابن دقيق العيد شاذلي جي باري ۾ چيو آهي ته:

”مون شيخ ابوالحسن شاذليرح کان وڏو عارف بالله ڪو نه ڏٺو.“(2)

شاذليرح جا شاگرد به تمام گهڻا هئا، جن ماڻهن شاذلي کان اهو طريقو سکيو، تن ۾ ابوالعباس احمد المرسيرح المتوفي 686هه خاص طور قابلِ ذڪر آهي. اهڙيءَ ريت تاج الدين بن عطاءَ الله سڪندري المتوفي 707هه جو شمار به سندن شاگردن ۾ ٿئي ٿو.“

5.    فارسي مسلڪ:

هي اهو ئي مسلڪ آهي، جو طريقه مولويه جي نالي سان مشهور آهي. ان جي نسبت حضرت جلال الدين روميرح (صاحبِ مثنوي) المتوفي 672هه سان آهي. هن مسلڪ کي درويشي مسلڪ ۽ راقصي (رقص وارو) مسلڪ به چيو وڃي ٿو. تنهن ڪري هن مسلڪ ۾ راڳ، موسيقي ۽ رقص به مجلس جو هڪ ضروري جزو هو. مولوي طريقي جي پيروي ڪندڙ، تمام ڪشادي دل وارا درويش هئا. هي تسامح (سَهو) جا قائل هئا، سنت ڪبريٰ جا قائل نه هئا.

6.    عربي مسلڪ:

هي بدوي طريقو سڏيو وڃي ٿو. هي ابوالعباس احمدرح البدوي ڏانهن منسوب آهي، جنهن جي وفات 675هه ۾ ٿي.

مٿي جيترن مسلڪن جو ذڪر ڪيو ويوآهي، انهن مان هر هڪ جو ذڪر اذڪار ۽ ورد وظيفن واري گروهه جو پنهنجو پنهنجو هڪ خاص طريقو هوندو هو. جنهن تي مُريد پنهنجي مجلس ۾ عمل ڪندا هئا. انهن مسلڪن جي تلقين وعظ ۽ نصيحت جي ذريعي ٿيندي هئي.

اهي اسباقي (اڳوڻا) ورد وظيفا ۽ ذڪر فڪر ڪتابن ۽ رسالن ۾ به موجود آهن، ته قصيدن جي صورت ۾ به موجود آهن، جيڪي يا ته خود مسلڪ جي مُرشد ٺاهيا جوڙيا، يا ان کان اڳ ٺهي جُڙي چڪا هئا. پر ان دؤر ۾ به انهن تي عمل جاري رهيو. ۽ ان پنهنجن مُريدن کي ان طرف متوجه ڪيو، ۽ هنن ان تي عمل ڪيو.

هتي جيترن به طريقن (مسلڪن) جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي گھڻن طريقن مان، ڪي چند آهن. سمورن جو تفصيل ٻڌائڻ جي ضرورت ڪا نه هئي، تنهن ڪري هتي ڪن خاص طريقن جو مختصر طور ذڪر ڪيو ويو آهي.

تصوّف ستين هجريءَ کان پوءِ

شروح ۽ ملخصات (شرحون ۽ خلاصا)

ستين صدي هجريءَ کان پوءِ واري تصوّف ۾ هڪ خاص ڳالهه اسان اها ڏسون ٿا ته، اڳيان صوفي جو ڪجھ چئي ويا هئا ۽ لکي ويا هئا، تنهن ۾ ڪو خاص ۽ قابلِ ذڪر واڌارو ڪو نه ٿيو. ان زماني جون تصنيفون به ڪنهن جديد نظريي واريون نه هيون. بلڪه اهي سموريون شروح ۽ ملخصات (شرحن ۽ خلاصن) جي حد تائين محدود آهن. يا جيڪڏهن ڪجھ آهي ته، اڳين صوفين جي تعليم ۽ قولن جي ترديد، پر ان ۾ به ڪا نواڻ نظر نه ٿي اچي.

اٺين صديءَ ۾ اسان کي عبدالرزاق قاشائي المتوفي 739هه نظر اچي ٿو. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، پر گهڻين تصنيفن جي باوجود اسان کي سندس ڪتابن ۾ ڪا نئين ڳالهه نظر نه ٿي اچي. سواءِ ان جي ته اهي سڀ ابن عربيرح جي ڪتاب فصوص الحڪم ۽ ابن الفارض جي قصيدي (التائته الڪبريٰ) جي شرح تي مشتمل آهن. جيڪڏهن هن ڪن مسئلن تي لکيو به آهي ته، ان ۾ ڪا نئين ڳالهه نظر نه ٿي اچي. عبارت مختلف آهي، پر مطلب هڪ ئي آهي.

اٺين صديءَ جي آخر ۽ نائين صديءَ جي شروع ۾ اسان کي هڪ بزرگ عبدالڪريم الجيليرح نظر اچي ٿو. ’الانسان الڪامل‘ سندس ڪتاب آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ان ڪتاب جي مطالعي مان مصنف جي قابليت ۽ مهارت جو اندازو ٿئي ٿو. پر ظاهر ٿئي ٿو ته، مصنف ابن عربيءَ جي مسلڪ کان تمام گهڻو متاثر آهي، ۽ انهيءَ جي تاثر جو رنگ چٽيءَ ريت جھلڪندو نظر اچي ٿو. نتيجي ۽ مقصد ۾ به مڪمل اتحاد نظر اچي ٿو. اختلاف ڪنهن سان به نه آهي. جدت جو نشان نظر نه ٿو اچي. ڄڻ اهائي ساڳي شرح ۽ خلاصو آهي.

ڏهين صدي هجريءَ ۾ اسان کي عبدالوهاب الشعرانيرح گهڻو مٿاهون نظر اچي ٿو.سندس وفات 973هه ۾ ٿي. هي به مُحي الدين ابن عربيرح جو پوئلڳ هو. هن به ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن ۾ روحاني ۽ قدرتي ذوق شوق ۽ عقلي مشاهدن جي جھلڪ دلڪش نموني نظر اچي ٿي. پر هُو به شرح ۽ خلاصي واري حد کان اڳتي نه وڌيو. اهو ئي ابن عربيرح جو مذهب ۽ ان جي تشريح ۽ تفسير، بغير ڪنهن نواڻ جي نظر اچي ٿو.

شعراني جو ڪتاب ’الڪبريت الاحمر‘ گهڻو مشهور آهي ۽ ان جي ڪائنات اها آهي ته، اهو ابن عربيرح جي ڪتاب فتوحاتِ مڪي جو خلاصو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ’اليواقيت و الجواهر‘ آهي، جيڪواڳين صوفين جي قولن جي وضاحت ۽  تقسير تي مشتمل آهي.

عبدالغني نابلسي:

يارهين ۽ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ اسان کي عبدالغني نابلسي نظر اچي ٿو. سندس وفات 1143هه ۾ ٿي. هي به ابن عربيرح جو شيدائي هو. هن نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. پر ابن عربيرح جيڪو بنياد قائم ڪيو هو، هي ان جي سونهن ۽ سينگار ۾ مصروف رهيو. هو پنهنجي پاران ڪو واڌارو ڪري نه سگهيو. ابن عربيءَ سان هن جي بي پناهه عقيدت هئي.

نابلسي به ابن الفارض جي ديوان جي شرح ڪشف السِّرالفارض جي نالي سان لکي.

 

انحطاط ۽ زوال جو دؤر

تصوّف پنهنجي عروج تي پهچي زوال ۽ انحطاط جو شڪار ٿيو. هيءَ هڪ وڏي عبرت واري ۽ افسوسناڪ حقيقت آهي، هڪ اهڙي حقيقت جنهن کي نه ڪُوڙي سڏي سگهجي ٿي ۽ نه وري ان کي رد ڪري سگهجي ٿو.

تصوّف جي شروعات ڇا هئي؟

اها ته اهو قرآن ۽ سنت تان ورتل هو. نبي سڳوري ﷺ جي مثالي زندگيءَ جو ان تي اثر هو. ان دؤر کان پوءِ اهو دور آيو، جڏهن ٻين قومن جي ميل ميلاپ، ٻين مذهبن ۽ عقيدن جي ميلاپ، ٻين علمن ۽ فنن جي مطالعي، ان ۾ ڪنهن حدتائين لچڪ پيدا ڪئي. ان ۾ ڪيتريون ئي نيون شيون اچي ويون، نوان عقيدا آيا. نوان خيال پيدا ٿيا، نوان نظريا بڻيا، نوان ويچار وجود ۾ آيا.

ان دؤر کان پوءِ پوءِ اسان ڏسون ٿا ته، ذهني زوال شروع ٿيو، ۽ معاملو صرف شرح ۽ تفسير جي حد تائين محدود ٿي ويو. ڪا نئين ڳالهه وجود ۾ نه آئي، جو ڪجھ پهرين کان هلندو ٿي آيو، ان کي نئين رنگ ڍنگ سان پيش ڪيو ويو. ائين معلوم ٿئي ٿو ته، هي آخري دؤر ذهن ۽ دماغ جي بيڪار ٿيڻ جو دؤر آهي، جنهن ۾ ڪا نئين ڳالهه نظر نه ٿي اچي.

ان دماغ جي بيڪار ٿيڻ جي پڇاڙي زوال ۽ انحطاط کان سواءِ ٻي ٿي نه ٿي سگهي، تنهن ڪري ائين ئي ٿيو. اهو تصوّف جيڪو دل ۽ روح جي صفائي جو بهترين ذريعو ۽ وسيلو هو، سو هڪ اهڙو ڪَٽُ لڳل ۽ ڪاراٽيل ادارو بڻجي ويو، جيڪو پاڻ به صيقل (ڪَٽُ ۽ ڪارهن لاهڻ جو اوزار) کان محروم هو، جنهن مان ٻين کي به صفائي ۽ روشني عطا ٿي نه ٿي سگهي. انهيءَ زوال واري دور تصوّف جي معيار کي گهڻو هيٺ ڪيرائي ڇڏيو.

هن سلسلي ۾ يعني تصوّف جي زوال جي سلسلي ۾ هڪ دلچسپ قول دهرائڻ وقتائتو ثابت ٿيندو.

”تصوّف حال هو، پر زوال واري دور ۾ ان جو بُرو حال ٿي ويو. اهو احتساب هو، پر پوءِ ان اڪتساب واري صورت اختيار ڪئي. اهو استقصار (پوري ڪوشش وارو) هو، پر پوءِ اشتهار نظر اچڻ لڳو. هُو اڳين صوفين جو ٻيو نالو هو، پر پوءِ اهو خودسري ۽ بي عملي بڻجي ويو، اڳ اهو صدور (اڳوڻن) جي عمارت هو، پر پوءِ غرور جو مرڪز بڻجي ويو. اڳ اهو تقشّف (سادي زندگي) بسر ڪرڻ وارو هو، پوءِ اُن تڪلف جو جُبو پهريو. اڳ اهو تخلّق (سهڻي سلوڪ) وارو هو. پوءِ تملق (چاپلوسي) بڻجي ويو. اڳ اهو قناعت هو، پوءِ اُن لوڀ لالچ وارو روپ اختيار ڪيو.

مٿين اقتباس ۾ ڪو به وڌاءُ ڪو نه آهي، جو ڪجھ چيو ويو آهي، ان جو هر هڪ حرف صحيح ۽ درست آهي، جيڪڏهن اها حالت نه هجي ها، ته تصوّف اڃا به ترقي ڪري ها ۽ ان جو ڪڏهن به زوال نه ٿئي ها.

پر ان جو هرگ ز اهو مطلب نه آهي ته، سمورا صوفي انهيءَ رنگ ۾ رڱجي ويا هئا. انفرادي طور هر دؤر ۾ اهڙا صوفي موجود رهيا، جيڪي ذاتي طور وڏين خوبين وارا هئا. پر زوال وارو دور شروع ٿيڻ کان پوءِ تصوّف جو گڏيل نظام درهم برهم ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org