انتساب
انتهائي خلوص ۽ محبت سان پنهنجو هي ڪتاب تعليمي
ماهر، صوفي يونيورسٽي جي وائس چانسلر، پروفيسر
ڊاڪٽر پروين منشي صاحبه جي نالي منسوب ڪندي بيحد
خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
نواز علي شوق
ڇپائيندڙ پاران
اسلام ۾ روحي زندگيءَ جي شروعات نبي ڪريم ﷺ ۽ سندن
صحابه ڪرام جي دؤر کان ٿي. نبي ڪريم ﷺ جن جي پاڪ
زندگيءَ جي شروعات ان ريت ٿي ته پاڻ وحيّ نازل ٿيڻ
کان اڳ دنيا وارن کان الڳ ٿي ”غارِ حرا“ ۾ اڪيلائي
۾ گذاريندا هئا. اهڙيءَ طرح سندن روحاني زندگيءَ
جي شروعات ٿي چڪي هئي ۽ سندن اڪثر صحابي سڳورا
روحاني رنگ ۾ رتل هئا. اهي الله پاڪ جي عبادت ڪندا
هئا، نفس سان جنگ ڪندا هئا، شيطان جا دشمن هئا ۽
جهاد جا مشتاق هوندا هئا. اهائي زندگي هئي، جيڪا
حضور ﷺ جن کان صحابي سونهارن کي ملي ۽ صحابه ڪرام
کان پوءِ جن کي عابد ۽ زاهد سڏيو ويو، انهن جي
زندگي به پاڪ زندگي هئي. اها زندگي ڇا هئي؟ الله
هڪ آهي، وحدانيت به نبي ڪريم ﷺ جن جي زندگيءَ جو
سرچشمو هئي. اهوئي سندن رياضت ۽ مجاهدي جو اصول
هو. اهائي شيءِ هئي، جيڪا حضور پاڪ ﷺ جن اسان جي
آڏو پيش ڪئي، اهوئي بنيادي تصوف هو، بعد ۾ مختلف
ويس پهريا آهن.
هن ڪتاب ۾ تصوف جي ابتدا ۽ ان کان پوءِ اُن جا
مختلف دور ۽ ان دؤر جي صوفين ۽ سندن خاص خصوصيتن
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. خاص طور پهرين صدي هجريءَ کان
ستين صدي هجريءَ تائين جي صوفين جو تاريخوار ذڪر
ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ”تاريخِ تصوف اسلام“ تصوف جي
حوالي سان هڪ اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. جنهن کي
اسان جي هاڪاري اسڪالر ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب
سوليءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، بورڊ جي حوالي ڪيو آهي
۽ هن ڪتاب جي ”مقدمي“ ۾ تفصيل سان ذڪر ڪري ”تاريخِ
تصوف اسلام“ بابت ڀرپور ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جنهن لاءِ ادارو ڊاڪٽر صاحب جو ٿورائتو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ هن کان اڳ به علم تصوف بابت ڪتاب
ڇپرايا آهن، جن ۾ خاص طرح ”ڪشف المحجوب“، ”ڪيمياءِ
سعادت“، ”پکين جي پارليامينٽ“، ”بيان العارفين“،
”رسالئه فتحيه“ ”ينابيع الحياة الابديه في طريق
طلاب النقشبنديه“، ”شاهه جو رسالو“، ”معارف سلطان
الاولياء خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو“، ”احوال
و آثار عبدالقادر بيدل صوفي القادري“ ۽ ”گلشن راز“
شامل آهن، جيڪي سنڌ ۾ صوفي فڪر جا اهم ماخذ شمار
ٿين ٿا. اهڙي طرح علمِ تصوف جي تاريخ بابت هن ڪتاب
کي به خاص مقبوليت حاصل رهي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته
مختلف موضوعن تي اعليٰ درجي جا ڪتاب شايع ڪرائي
منظرِ عام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري
چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن
خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي
رهيا آهن. بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا ويا
آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريريءَ ۾
رکيل قلمي نسخن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل
مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشس ڪئي پئي وڃي.
هن ڪتاب ”تاريخِ تصوف اسلام“ جي سنڌي ترجمي جو
پهريون ڇاپو بورڊ جي هر دلعزيز چيئرمين عزتمآب
مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب جن جي رهنمائيءَ ۾
شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهي آهيان.
اميد آهي ته سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش خاص طور
تي تصوف سان دلچسپي رکندڙن ۽ پڙهندڙن وٽ مڃتا
ماڻيندي.
21 رمضان المبارڪ 1444هه
گلبدن جاويد مرزا
12- اپريل 2023ع
سيڪريٽري
مقدمو
هن ڪتاب بابت ڪجهه لکڻ کان اڳ اردو مترجم جي مختصر
سوانح ڏني وڃي ٿي. مشهور عالم ۽ اديب رئيس احمد
جعفري جو جنم 1912ع ۾ خيرآباد ضلع سيتاپور
(هندوستان) ۾ ٿيو. سندس تعلق شاعر خمريات حضرت
رياض خيرآبادي مرحوم جي خاندان سان هو. حضرت رياض
جو ننڍو ڀاءُ سيد نياز احمد سندس نانو هو. رئيس
احمد اڃان ننڍڙو ئي هو ته سندس والد ناظرحسين جي
وفات ٿي. تنهن ڪري هو ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو.
سندس تربيت ناناڻن ۾ ٿي. هن پنهنجي زندگيءَ جا
ابتدائي ڏهه ٻارهن سال خيرآباد ۽ ڀوپال ۾ گذاريا.
ان کان پوءِ مشهور درسگاه ندوة العلماء لکنو ۾
داخلا ورتائين، جتي عربي، فارسي ۽ اسلامي علوم جي
تعليم حاصل ڪيائين. اتي کيس سيد سليمان ندوي مرحوم
جي رهنمائي، شفقت ۽ محبت حاصل ٿي. ان کان پوءِ
جامع مليه دهلي ۾ داخلا ورتائين، جتي انگريزي ۽
ٻين جديد علمن جي تعليم حاصل ڪيائين. اتي کيس
ڊاڪٽر ذاڪرحسين ۽ ٻين مشفق ۽ مهربان استادن جي
شفقت ۽ محبت حاصل ٿي، جعفري صاحب گهڻ پهلو شخصيت
جو مالڪ هو، پر سندس گهڻي دلچسپي تحريڪ خلافت سان
هئي. سندس ٻي دلچسپي تاريخ ۽ ناول نگاريءَ سان
هئي، باقي ٻيا ڪتاب دوستن جي فرمائش ۽ گذر سفر
لاءِ لکيائين.
جيئن ته سندس پرورش علمي ادبي ماحول ۾ ٿي هئي،
تنهن ڪري ننڍپڻ کان ئي کيس ڪتابن پڙهڻ جو تمام
گهڻو شوق هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ دارالعلوم ندوه ۾
هڪ انجمن اصلاح هوندي هئي. هي اتي وڃي اخبارن ۽
رسالن جو مطالعو ڪندو رهندو هو. 1934ع ۾ هو ان
انجمن جو ميمبر بڻيو. پوءِ نائب ناظم ۽ ناظم بڻيو.
سندس دور ۾ انجمن تمام گهڻي ترقي ڪئي سندس ذهانت
سبب استاد کيس تمام گهڻو پيارو گهرندا هئا.
4 جنوري 1931ع جڏهن مولانا محمد علي لنڊن ۾ گذاري
ويو، ته ان جي سوانح عمري لکڻ لاءِ رئيس احمد
جعفري کي چيو ويو. هن اهڙي سوانح عمري لکي، جو
اهڙي سوانح عمري اڄ تائين ڪو به لکي نه سگهيو آهي.
مولانا شوڪت علي جي اخبار ’خلافت‘ آل انڊيا خلافت
ڪميٽي جي ترجمان هوندي هئي. جڏهن مالي مشڪلاتن سبب
اها بند ٿي وئي، ته اها اخبار ٻيهر جاري ڪرڻ لاءِ
جعفري صاحب کي ان اخبار جو ايڊيٽر بڻجڻ لاءِ چيو
ويو. پهريائين ته هن انڪار ڪيو، پر پوءِ مولانا
شوڪت علي جي اصرار تي هن اها دعوت قبول ڪئي. اها
پهرين جنوري 1934ع جي ڳالهه آهي، ان وقت جعفري
صاحب جي عمر 26 ورهيه هئي.
اخبار جاري ٿي، پر نقصان ۾ وڃڻ لڳي. نيٺ مجبور ٿي،
مولانا شوڪت علي اخبار بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تنهن
تي جعفري صاحب مولانا شوڪت علي کي چيو ته جيڪڏهن
اخبار جو مڪمل انتظام منهنجي حوالي ڪيو ته اخبار
نقصان کان بچي ويندي. مولانا جي به مرضي هئي، ته
اخبار جاري رهي، تنهن ڪري هن اها ڳالهه قبول ڪئي.
پوءِ واقعي اها اخبار نه فقط نقصان کان بچي وئي،
پر ڪجهه منافعو به ڏيڻ لڳي.
1938ع ۾ جڏهن مولانا شوڪت علي فوت ٿيو، ته جعفري
صاحب به تحريڪ خلافت کان ڌار ٿي، پنهنجي هڪ اخبار
جاري ڪئي. ان دوران هن ڪيترائي ڪتاب لکيا. اهڙي
ريت هو هڪ ڪامياب صحافي ۽ مصنف جي حيثيت سان مشهور
ٿيو. جڏهن ورهاڱو ٿيو ته هي پاڪستان آيو. اتي سندس
علمي ادبي ساک سبب کيس وڏي عزت ملي. جيئن ته شروع
کان ئي کيس صحافت سان دلچسپي هوندي هئي ۽ ان جو
تجريو به هو، تنهن ڪري هن هڪ روزاني اخبار
”خورشيد“ ۽ هڪ ادبي رسالو ”رياض“ جاري ڪيو. پر
مالي مشڪلاتن سبب اخبار ۽ رسالو بند ڪرڻ تي مجبور
ٿيو. ان کان پوءِ لاهور وڃي اداره ثقافت اسلاميه ۾
علمي، ادبي ڪم شروع ڪيائين.
رئيس احمد جعفري تيز رفتاريءَ سان لکڻ وارو ۽ گهڻو
لکڻ وارو انسان هو، اهوئي سبب آهي جو هن سَوَن جي
تعداد ۾ مختلف موضوعن تي شاندار ڪتاب تصنيف، تاليف
۽ ترجمو ڪيا. کيس لکڻ پڙهڻ جوا يترو ته شوق هو، جو
هن پنهنجي صحت جي به پرواهه نه ڪئي. لڳاتار لکندو
رهيو، نتيجي ۾ بيمار ٿي پيو ٻه ڀيرا کيس دل جو
دورو پيو. آخر جڏهن 27 آڪٽوبر 1968ع لاهور اسٽيشن
تي پهتو، ته کيس ٽيون ڀيرو دل جو دورو پيو ۽ هڪدم
فوت ٿي ويو. سندس لاش هوائي جهاز ذريعي ڪراچي آندو
ويو ۽ کيس پي.اي.سي ايڇ هائوسنگ سوسائٽي جي
قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
رئيس احمد مرحوم جي ڪتابن جو تعداد ٻه سئو کن آهي،
جن جا موضوع هي آهن:
ادب ۽ ادبي شخصيتون، تاريخ ۽ سياست ، اسلاميات،
سيرت النبي، سيرت و سوانح ائمه ڪرام، بندگان دين ۽
ناول وغيره. هُو هڪ ڪامياب مترجم هو. عربي، فارسي
۽ انگريزي مان سٺ کن ڪتاب ترجمو ڪيائين. 35 ناول
لکيائين. ان کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾
سوين مضمون ۽ مقالا لکيائين. بيشڪ هو بلند پايه
اديب، عالم فاضل مصنف، مؤلف، مترجم، صحافي، ناول
نگار، قومي ڪارڪن ۽ اعليٰ ظرف انسان هو.
هتي سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”تاريخ تصوّف اسلام“ جو
مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ تصوّف جي ابتدا ۽ ان کان پوءِ انجا
مختلف دور ۽ ان دور جي صوفين ۽ سندن خاص خصوصتين
جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پهرين صدي هجري کان ستين صدي
هجري جي صوفين جو تاريخ وار ذڪر ڪيو ويو آهي.
منهنجي ذاتي ڪتب خاني ۾ مصر جي وڏي عالم ۽ فلسفي
مصطفي حِلمي جي ڪتاب ”تاريخ تصوّف اسلام“ جو اردو
ترجمو موجود هو. اصل ڪتاب عربي ۾ لکيو ويو هو،
جنهن جو اردو ترجمو رئيس احمد جعفري ڪيو هو. اهو
ڪتاب مون ’اداره قرطاس‘ جي ناظمه ڊاڪٽر نگار سجاد
ظهير کي ڏنو هو، ته هُوءَ هي ڪتاب پنهنجي اداري
پاران شايع ڪرائي. هن اهو ڪتاب نئين سرڪمپوز ڪرائي
اداري پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو. اهڙي ريت ان جو نئون
ايڊيشن 65 ورهين کان پوءِ ’قرطاس‘ پاران ڇپيو آهي.
ايران جي مشهور شاعر ۽ فلسفي ڊاڪٽر قاسم غني جو
ڪتاب ’تاريخ تصوّف دراسلام‘ فارسي زبان ۾ شايع ٿيو
هو. ڊاڪٽر قاسم غني ان ڪتاب ۾ تصوّف جي ابتدا کان
تاريخ وار تصوّف ۽ صوفين جو ذڪر ڪيو آهي. پهرين
صدي کان حافظ شيرازي جي دور تصّوف جي تاريخ لکي
آهي. (727هه کان 792هه) تائين يعني اَٺين صدي هجري
تائين. ٻنهن ڪتابن کي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو
ته مصطفيٰ حِلمي ان ڪتاب کان متاتر ٿي عربي زبان ۾
هي ڪتاب لکيو، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر حِلمي واري ڪتاب جا
عنوان به تقريباً ساڳيا آهن، جيڪي ڊاڪٽر قاسم غني
واري ڪتاب جا آهن.
رئيس احمد جعفري واري اردو ترجمي کان اڳ، ان قسم
جو ڪتاب اردو زبان ۾ موجود نه هو. سنڌي ۾ به هن
قسم جو ڪتاب پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾
صدي وار تصوّف ۽ صوفين بابت بحث ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر حِلمي مرحلي وار تصوّف بابت مدلل نموني
معلومات ڏني آهي.
هو ٻڌائي ٿو ته، ”ستين صدي هجري کان پوءِ تصوّف جو
زوال شروع ٿيو. يعني تصوّف نه اهو اڳوڻو تصوّف
رهيو ۽ نه وري پوءِ ان قسم جا صوفي رهيا.
ڊاڪٽر حِلمي جي هن ڪتاب جو پهريون عنوان آهي:
’اسلام ۾ تصوّف جي شروعات‘ ان عنوان جي شروع ۾ هو
لکي ٿو ته ”اسلام ۾ روحاني زندگي يا تصوّف جي
شروعات ڪئين ٿي؟ اهو هڪ سوال آهي، جيڪو بيحد اهم
سوال آهي ۽ ان جو جواب به چِٽو ۽ صاف آهي. اهو هي
آهي ته: اسلام ۾ روحي زندگيءَ جي شروعات حضور ﷺ
۽ سندن صحابين جي دور کان ٿي.
نبي ڪريم ﷺ جي پاڪ زندگيءَ جي شروعات ان ريت ٿي،
ته پاڻ وحي نازل ٿيڻ کان اڳ دنيا وارن کان ڌار ٿي
”غارحرا“ ۾ اڪيلائي ۾ گذاريندا هئا. پر سندن
روحاني زندگيءَ جي شروعات ٿي چڪي هئي. اهڙي ريت
سندن اڪثر صحابي سڳورا روحاني رنگ ۾ رتل هئا. اهي
الله جي عبادت ڪندا هئا. نفس سان جنگ ڪندا هئا.
شيطان جا دشمنن هئا. ۽ جهاد جا مشتاق هوندا هئا.
اها ئي زندگي هئي، جيڪا نبي ڪريم ﷺ کان صحابي
سونهارن کي ملي. پوءِ اها زندگي تابعين تائين
پهتي، تبع تابعين به ان کان متاثر ٿيا.
صحابا کان پوءِ جن کي عابد ۽ زاهد سڏيو ويو، انهن
جي زندگي به پاڪ زندگي هئي. اها پاڪ زندگي ڇا هئي؟
الله هڪ آهي. وحدانيت به نبي ڪريم ﷺ جي زندگيءَ جو
سرچشمو هئي. اهوئي پاڻ سڳورن ﷺ جي رياضت ۽ مجاهدي
جو اصل الاصول هو. اهائي شيءِ هئي، جيڪا اسلام جي
نبي ﷺ اسان جي آڏو پيش ڪئي هئي. اهو ئي تصوّف هو.
بعد ۾ تصوّف مختلف ويس پهريا. هي هندي تصوّف آهي.
هي فارسي، هو مسيحي تصوّف آهي، هو يوناني. انهن
ڌارين جزن اسلامي تصوّف کي اسلام جي ابتڙ ۽ مخالف
بڻائي ڇڏيو. حالانڪ تصوّف اهو آهي، جيڪو نبي سڳوري
ﷺ جي حياتيءَ جو هوبهو عڪس هجي، جيڪو قرآن ۽ سنت
جي تابع هجي.
ڊاڪٽر حِلمي اڳتي هلي لکيو آهي ته، ان ڳالهه جي
ضرورت آهي ته اسان حضور ﷺ جن جي پاڪ زندگيءَ جي ان
رخ تي به هڪ نظر وجهون، جيڪا پاڻ سڳورن ﷺ غار حرا
۾ اڪيلائي ۽ پاڪائي جي دائري ۾ بسر ڪئي. جيڪڏهن
اسان ان زندگيءَ جي عابدن، زاهدن، ۽ صوفين جي انهن
مختلف طبقن جي زندگيءَ سان ڀيٽ ڪيون، جن ڪيترن ئي
قسمن جون رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، ته انهن ٻنهن جي
زندگين ۾ هڪ جهڙائي وارو رنگ صاف ۽ چٽو نظر ايندو.
گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ته يقيني ٿي ويندي، ته غار حرا
۾ پاڻ سڳورن ﷺ جيڪا اڪيلائي ۾ رندگي گذاري هئي،
اهو ئي دراصل تصوّف جو پهريون ٻج آهي. جنهن مان
زاهدن جو زُهد، عابدن جي عبادت ۽ صوفين جو تصوّف
وڌيو ويجهيو.
خلفاءِ راشدين کان علاوه ٻيا به ڪيترائي صحابي
دنيا کان نفرت ڪندا هئا ۽ رضاءِ الاهي جا طالب
هوندا هئا. ان جو وڏو مثال اصحابه صُفه آهن. اصحاب
صُفه اسلام جي روحاني تاريخ تي تمام گهرو اثر ڪيو.
تصوّف جي تاريخ شروع ئي اتان کان ٿئي ٿي. ڪن ماڻهن
جو خيال آهي ته لفظ ’صوفي‘ صُفه مان ورتو ويو آهي
صُفه جي پاڪ ٽولي ۾ انصار ۽ مهاجر شامل هئا، جيڪي
غريب ۽ مسڪين هئا ۽ مسجد جي ڀر ۾ هڪ چبوتري ۾
رهندا هئا. سمورو وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندا
هئا. نبي ڪريمﷺ کين تمام گهڻو پيارو گهرندو هو ۽
ساڻن ڪچهريون ڪندو هو. حديث جو مشهور راوي حضرت
ابوهريره رضه به ان مشهور مقدس گروهه ۾ شامل هو.
اصحابِ صُفه کان علاوه ڪي اصحابي پنهنجي زهد ۽ ورع
جي ڪري مشهور هئا. حضرت تميم داري جو تهجد مشهور
آهي. حضرت ابوذر غفاري جي دنيا کان بيزاري ۽ عبادت
۽ رياضت ۾ سندن بلند مقام هو. حضرت حذيفه بن
اليمان جي فقر ۽ فاقي سان دوستي هئي.
ڊاڪٽر مصطفيٰ حِلمي ’تصوّف جا در جا ۽ مرحلا‘
عنوان هيٺ ٻڌايو آهي ته، ”اسلام جي روحاني زندگيءَ
جو مرڪز ۽ سرچشمو ڪهڙو آهي؟ ان بابت عالمن جا
مختلف رايا آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته تصوّف عين اسلام
آهي ۽ ان جو مرڪز صرف اسلام آهي. پاڻ سڳورنؐ نبوت
کان اڳ ۽ نبوت کان پوءِ جيڪا زندگي گذاري، سا هن
دعويٰ جو چٽو دليل آهي. ڪن عالمن جي راءِ آهي ته
روحاني زندگيءَ جو مرڪز هندي، فارسي، يوناني ۽
مسيحي فڪر آهي.
ڊاڪٽر حِلمي جي راءِ آهي ته تصوّف ٻاهر کان ڪونه
آيو آهي، اسلام کان ئي آيو آهي. اسلام جي روحي
زندگيءَ جو مرڪز اسلام آهي. ان قول جا وڏا دعويدار
خود صوفي آهن. توڙي جو اهي صوفين جي ڪهڙي به ملڪ
سان تعلق رکندڙ هجن. مسلمانن جا اهڙا به طبقا آهن،
جيڪي پاڻ صوفي نه آهن، پر صوفين سان عقيدت رکن ٿا
۽ ساڻن محبت ڪن ٿا.
صوفي سونهارن قرآن پاڪ جي ڪن آيتن ۽ ڪن قدسي حديثن
کي پنهنجي مذهب ۽ مسلڪ جو بنياد ۽ اساس سڏيو آهي.
مثال طور الله پاڪ رسول ﷺ جي زبان سان چيو آهي:
کُنت کنزاً مخفياً فاحببت ان اعرف، فخلقت الخلق
فبي عرفوني.
ترجمو: مان ڳجهو خزانو هوس، مون چاهيو ته سڃاتو
وڃان، تنهن ڪري مون خلق پيدا ڪئي. ماڻهن تڏهن کان
مون کي سڃاتو.
هن قُدسي حديث مان صوفي پنهنجي مسلڪ جو هي مطلب
وٺن ٿا ته حُب الاهي ئي دنيا جي تخليق جي پهرين
ابتدا آهي. ڇو ته الله هو ۽ ان سان گڏ ٻي ڪا شيءِ
ڪانه هئي. پوءِ الله پنهنجي ذات جو مشاهدو غير ذات
۾ ڪرڻ چاهيو، تنهن ڪري خلق پيدا ڪئي. هينئر دنيا ۾
الله جي نسبت اها آهي، جيڪا عڪس ۽ آئيني جي هوندي
آهي. انهيءَ فرع (اصل سان جڙيل شاخ) تي صوفين
ڪيتريون ئي تشريحون ڪيون آهن، جن مان وحدت الوجود
جي مسلڪ جي تائيد ٿئي ٿي.
هڪ ٻي قدسي حديث آهي جنهن ۾ خدا، رسول الله ﷺ جي
زباني چيو آهي، ”ٻانهو نفلن ذريعي منهنجو قرب حاصل
ڪري ٿو. پوءِ مان ان کي پيارو گهرندو آهيان، پوءِ
هو جو ٻڌي ٿو، مان ٻڌان ٿو، هُو جو ڏسي ٿو، مان
ڏسان ٿو. هو جو ڳالهائيندو آهي، مان ڳالهائيندو
آهيان. ۽ مان ان جو هٿ بڻجي ويندو آهيان، جنهن سان
هُو جهلي ٿو، ۽ مان ان جو پير بڻجي وڃان ٿو، جنهن
سان هو ڊوڙي ٿو. هو مون کان ٻڌي ٿو، هو مون کان
ڏسي ٿو. منهنجو گفتو ڳالهائي ٿو، منهنجو عقل سمجهي
ٿو، منهنجي پڪڙ ان جي پڪڙ آهي. منهنجي هلت، ان جي
هلت آهي.
هيءَ اها حديث آهي، جيڪا صوفين جي ان عقيدي جو
مرڪز ۽ محور آهي. جنهن مان هو فنا في الله جو مسلڪ
ڪڍن ٿا. يا ٻين لفظن ۾ ائين سمجهو ته، محب جو
محبوب ۾ فنا ٿيڻ، خلق جو حق ۾ فنا ٿي وڃڻ، انهيءَ
قدسي حديث تان ورتل آهي. سندن چوڻ آهي ته انسان
اهڙي روحي حالت تي پهچي وڃي ٿو، جو محسوس ڪرڻ لڳي
ٿو، ته محب جي حيثيت سان محب جي ذات غالب اچي وڃي
ٿي. محب ڪير آهي؟ انسان جو محبوب ڪير آهي؟ الله!
پوءِ ٻه ذاتيون هڪ ٿي وڃن، ان ريت هڪ ٿي وڃن، جو
اهي هڪ وجود ۽ هڪ ذات بڻجي وڃن، ته اهائي ڄڻ وحدت
وجود آهي ۽ اها اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا هر باشعور
انسان محسوس ڪري ٿو.
غير قدسي حديثن ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي حديثون
موجود آهن، جيڪي نبوي زبان تي جاري ٿيون. جن کي
صوفين پنهنجي ڪيترين ئي رياضتن جو بنياد ۽ اساس
سمجهي پنهنجو مسلڪ قائم ڪيو. رسول الله ﷺ فرمايو:
من عرف نفسہ، فقد عرف ربہ يعني جنهن پنهنجي نفس کي
سڃاتو تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو. انهيءَ حديث مان
صوفي هي مطلب وٺن ٿا، ته انسان جڏهن پاڻ کي سڃاڻي
ورتو، حالانڪ اهو عدم (فقير ۽ محتاج) آهي ته هو
پنهنجي رب کي به سڃاڻي ٿو، جيڪو سربسر وجود آهي.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر حِلمي هندي، فارسي، عيسائي ۽
يوناني تصوّف تي مدلل نموني روشني وڌي آهي. بعد ۾
مذاهب روحيه جو مقصد سمجهائيندي ٻڌايو آهي ته:
جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته روحي مذهبن جو مقصد صرف
هڪ ئي هوندو آهي. اُهو اِهو آهي ته حقيقتون پڌريون
ڪيون وڃن ۽ واقعن جي ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ۽ وجود جو
اصل مقصد سمجهيو وڃي ۽ نفس جي تربيت ڪري، ان کي
بڇڙاين کان پاڪ ڪيو وڃي. رب جي معرفت حاصل ڪئي وڃي
۽ ان تائين پهچڻ ۽ ان جو قرب حاصل ڪرڻ جا وسيلا
ڳولهيا وڃن.
ڊاڪٽر حِلمي پهرين ۽ ٻي صدي هجريءَ جي زاهدن ۽
عابدن جي ڪيفيت واري عنوان هيٺ ٻڌايو آهي ته ”ان
دور (پهرين ۽ ٻي صدي هجري) ۾ تصوّف جو ڪو خاص
مربوط ۽ مرتب نظام موجود نه هو ۽ نه وري عبادت ۽
رياضت جو ڪو اهڙو علمي نظام هو، جنهن کي تصّوف جو
هڪ ادارو سڏيو وڃي. ان زماني ۾ هر شيءِ صرف دين
سان وابسته هئي ۽ ان ۾ سڀ هڪ جيترا شريڪ هئا. ذاتي
۽ شخصي طور جيڪو زهد ۽ عبادت طرف مائل ٿيندو هو،
سو زاهدن ۽ عابدن ۾ ڳڻيو ويندو هو.
روحاني حقيقتن تي روشني وجهندي ڊاڪٽر حِلمي لکيو
آهي ته ڪوفي، بصري، مديني ۽ خراسان ۾ جيڪي عابد ۽
زاهد هئا، تن ۾ دنيا کان بيزاري جو لاڙو ڇو ۽ ڇا
لاءِ هو؟
ڇا ان جو بنياد خوف تي ٻڌل هو؟
ڇا انهن جي اساس آخرت جي اميد تي هئي؟
ڇا ان جو بنياد خوف ۽ اميد، جنت ۽ جهنم کان بلڪل
بي پرواهه ٿي صرف حُبِ الاهي تي هو؟
انهن سوالن جا جواب ڊاڪٽر حِلمي ڪن وڏن صوفين جي
حالات ۽ اقوال جي روشني ۾ ڏنا آهن. هن ’زهد ۽ خوف
جوميلاپ‘ عنوان هيٺ حضرت حسن بصري رحه جي سوانح
ڏيڻ سان گڏ ٻڌايو آهي، ته پهرين صدي هجري ۽ ٻي صدي
هجري جي شروعات تائين اسلام جو تصوّف هي هو:
1- دنيا ۾ رهي، دنيا کي تياڳڻ.
2- حُبِ دنيا کان نفرت.
3- يادِ الاهي.
4- خوفِ خدا.
5- ذاتِ حق ۽ ذاتِ خود جي وچ ۾ دائمي فڪر.
6- معرفتِ نفس لاءِ ڪامل سوچ ويچار.
اهي ڳالهيون آڏو رکي خاص طور ’زهد و خوف سان گڏ‘
واري ڪيفيت تي هڪ نظر وجهي، جيڪڏهن حسن بصري رحه
واري واٽ تي غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته هو
خوفِ خدا جي تصوير هو. سندن متعلق ابونعيم اصبهاني
لکيو آهي ته ، حضرت حسن بصري خوف الاهي جو مثالي
نمونو هو. هو ڏک ۽ غم کي دوست رکندو هو. هو راتين
جو جاڳي عبادت ڪندو رهندو هو ۽ ڏينهن رياضت ۽
مجاهدي ۾ گذاريندو هو. هُو فقيہ به هو، ته زاهد به
هو. هُو عابد به هو ته دنيا کان بيزار به هو. هُو
دنيا کي فضول سمجهندو هو. هو نفس جي خواهش کان
بغاوت ڪرڻ جو عادي هو. هو نفس جي تمنائن سان غرور
سان پيش ايندو هو.“ يعني ان کي ليکيندو ئي نه هو.
مطلب ته حسن بصري رحه زهد ۽ رياضت ۾ ڏک ۽ الم جو
باني هو. ڇاڪاڻ ته حسن بصري رحه جو هي عقيدو هو ته
غور ۽ فڪر ايمان تائين پهچڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو
آهي. اهي ٻئي شيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ انسان رضوان
الله ۽ جنت جي نعمتن جو حقدار بڻجي سگهي ٿو.
پهرين صدي هجري ۾ اسان کي صرف حسن بصري رحه نظر
اچي ٿو. جنهن جي زهد جو بنياد ۽ اساس ڏک ۽ غم هو.
سندس روحاني زندگيءَ جو نظام مڪمل طور انهيءَ اصول
تي ٻڌل هو. يعني تصوّف ۾ خوف ۽ ڏک جو مسلڪ حضرت
حسن بصري رحه جي ذات سان جڙيل آهي. پر ٻي صدي هجري
۾ اسان کي هڪ ٻيو مڪتبئه خيال نمايان نظر اچي ٿو.
اهو آهي زهد ۽ محبت جو ميلاپ. اهو اصول حضرت رابعه
رحه جي ايجاد آهي. هُوءَ وڏي عابده ۽ زاهده عورت
هئي. هن زهد ۽ عبادت سان گڏ جنهن نئين مسلڪ جو
بنياد وڌو، سو آهي حُبِ الاهي.
حضرت رابعه رحه جي زندگيءَ ۾ ڏک ۽ روئڻ جا عناصر
تمام گهڻا نظر اچن ٿا، مگر جنت جي لالچ ۽ دوزخ جي
خوف کان سواءِ هڪ ٻيو جذبو به موجود هو، سو هيو
حُبِ الاهي. ان محبت جي حقيقت هيءَ آهي: دوزخ جي
خوف ۽ جنت جي تمنا کان بي نياز ٿي خدا کي صرف ان
ڪري ياد ڪيو وڃي ته اهو خدا آهي. ان سان محبت ڪئي
وڃي. اها محبت صرف ان جي ذات لاءِ مخصوص هجي. ان
جو مقصد صرف ان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۽ ان جي جلوي
جو ديدار ڪرڻ هجي.
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته اسلامي تصوّف جي عبادت گاهه
۾ جنهن هستي سڀ کان پهرين حُبِ الاهي کي هڪ مستقل
۽ محڪم مسلڪ جي صورت ۾ پيش ڪيو، سا صرف رابعه رحه
آهي. سيده رابعه عدويه جو شمار اسلام جي عاشقن ۽
غمگينن ۾ ڪيو وڃي ٿو. هن صوفياڻي ادب جي شروعات
ڪئي ۽ نثر ۽ نظم جا اهڙا موتي عطا ڪيا، جن جو چلڪو
چمڪو اڃان تائين قائم آهي ۽ سدائين قائم رهندو.
هيٺ سندس ڪن شعرن جو ترجمو پيش ڪجن ٿو، جن ۾ هُوءَ
پنهنجي رب سان مخاطب آهي:
مان توسان محبت ڪريان ٿي
ٻن قسمن جي محبت
هڪ محبت آهي آرزو ۽ تمنا جي
۽ ٻي آهي، صرف تنهنجي ذات جي
منهنجي اها محبت، جيڪا آرزو ۽ تمنا سان ٽمٽار آهي.
اها ڪا اهميت نه ٿي رکي.
پر اها محبت جيڪا صرف تنهنجي ذات سان آهي
تون ان جي واسطي، حجاب دور ڪر
ته جيئن اکيون تنهنجو جلوو ڏسي سگهن.
حضرت حسن بصري رحه زهد ۾ خوف خدا جي ميلاپ کي سڀ
کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. پر حضرت رابعه رحه زُهد
۾ حُبِ الاهي جي ميلاپ کي اصل الاصول سڏيو.
يعني زُهد سان گڏ حُبِ الاهي به ضروري آهي.
بيبي رابعه رحه جا شعر ٻن قسمن جا آهن. پهريون قسم
اهو آهي، جنهن ۾ الله جي محبت جو ذڪر آهي. جنهن ۾
آرزو ۽ تمنا ظاهر ڪئي وئي آهي. ٻيو قسم اهو آهي،
جنهن ۾ الله سان صرف ان ڪري محبت جو اظهار ڪيو ويو
آهي ته اهو الله آهي، رب آهي، زمين ۽ آسمانن جو
خالق آهي: اها محبت ڪنهن خوف يا لالچ جي ڪري نه
آهي. پر ان جو مقصد صرف جمال الاهي جو ديدار آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته حضرت رابعه رحه جي زندگيءَ تي
محبت جو اهو ٻيو قسم حاوي هو. جنهن جو ثبوت سندس
هن مناجات مان ملي ٿو، جنهن ۾ هُوءَ پنهنجي رب سان
مخاطب ٿيندي چئي ٿي:
اي منهنجا معبود!
مان جيڪڏهن تنهنجي عبادت جهنم جي خوف کان ڪريان
ٿي، ته تون مون کي جهنم جي باهه ۾ اڇلي ڇڏ.
مان جيڪڏهن تنهنجي عبادت جنت جي لالچ ۾ ڪريان ٿي
ته تون مون کي هميشه لاءِ ان کان محروم ڪري ڇڏ.
پر مان جيڪڏهن صرف تو سان، تنهنجي ذات سان
فقط تنهنجي لاءِ محبت ڪريان ٿي.
ته اي منهنجا موليٰ مون کي پنهنجي جمال ازلي کان
محروم نه ڪجانءِ.
ڊاڪٽر حِلمي لکيو آهي ته، ”توڙي جو حضرت رابعه رحه
کان سواءِ ٻين صوفين وٽ به حُبِ الاهي نظر اچي ٿي
۽ اهي جمال الاهي جا مشتاق آهن، پر اهو مڃڻو پوندو
ته، ان لفظ جي صاف ۽ چٽي ريت شروعات صرف بيبي
رابعه رحه ڪئي، تنهن ڪري ان معاملي ۾ اوليت جو
سهرو سندس سر تي آهي، بلڪ ان معاملي ۾ هُوءَ
پنهنجي وقت جي ٻين عابدن ۽ زاهدن کان گهڻو اڳتي
آهي. ان جي ئي هڪ هستي آهي، جنهن پنهنجي نثر ۽ نظم
۾ حُبِ الاهي جا گيت ڳايا ۽ سڀ کان پهرين حُبِ
الاهي جو لفظ استعمال ڪيو. اهوئي سبب آهي جو، ان
مسلڪ ۾ اوليت جو سهرو سندس ئي سر تي آهي. ٻيا ان
جي پيروي ڪرڻ وارا نظر ايندا.
ان مان هي نڪتو نروار ٿئي ٿو ته لفظ حُبَ صوفين جي
اصطلاحي لغت ۾ ان وقت تائين هڪ راز رهيو، جيستائين
بيبي رابعه رحه هن دنيا ۾ ڪونه آئي، نه ته ڪو سبب
نه هو جو کانئس اڳ اهو لفظ استعمال ٿئي ها ۽ اهو
اصطلاح جي ڪا صورت اختيار نه ڪري ها. پوءِ جڏهن
حضرت رابعه آئي ته اهو لفظ اڀريو ۽ سندس نظم ۽ نثر
جي سونهن بڻيو.
حقيقت هيءَ آهي ته هي لفظ اسلام جي روحاني زندگيءَ
جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو سبب بڻيو. ۽ بيبي رابعه
رحه کان پوءِ هي لفظ صوفين ۽ زاهدن ۾ عام طور رائج
ٿي ويو. ۽ بعد جي صوفين ان کي وڏي اهميت ڏني.
ڊاڪٽر حِلمي لکيو آهي ته: ٻي صدي هجري ۾ تصوّف هڪ
علم ۽ اداري جي صورت ۾ مرتب ۽ منظم ٿيو. ان نئين
تنظيم کان پوءِ اهو وڌيڪ سگهارو ۽ مستحڪم ٿيو. ۽
وقت جا عابد، زاهد ۽ خدا جا نيڪ ٻانها هڪ ئي نالي
سان سڃاتا ۽ ياد ڪيا ويا. اهو نالو هو صُوفي!
توڙي جو ان تنظيم کان پوءِ اعتقادي اختلاف وڌي
ويا. ۽ خود صوفي به مختلف مسلڪن ۽ فرقن ۾ ورهائجي
ويا. پر اختلافن جي باوجود لفظ ’صُوفي‘ قائم رهيو.
سمورا مختلف مسلڪن وارا عابد ۽ زاهد صُوفي سڏجڻ
لڳا.
تصوّف بابت مشهور موُرخ ابن خلدون چيو آهي ته؛
تصوّف کي شرعي علمن ۾ شمار ڪرڻ گهرجي، توڙي جو اهو
ملت اسلاميه ۾ هڪ نئون روپ اختيار ڪري چڪو هو. ڇو
ته ان جو اصل اهو ئي آهي، جيڪو صالح بزرگن جو هو.
يعني صحابا ۽ تابعين جو هو. ان جو اصول به هميشه
هڪ ئي رهيو. يعني حق ۽ هدايت جي پيروي، عبادت ۽
رياضت، سڀني رشتن ناتن کان منهن موڙي، صرف الله
سان محبت ڪرڻ. دنيا جي دلڪشي کان منهن موڙي ڇڏڻ،
دل مان ڌن دولت جي محبت ڪڍي ڇڏڻ، عبادت لاءِ
اڪيلائي ۾ رهڻ ۽ عام خلق جا لهه لاڳاپا ٽوڙي ڇڏڻ.
ڊاڪٽر حِلمي لکي ٿو ته: جڏهن مسلمانن گهڻائي ملڪ
فتح ڪيا ۽ جڏهن عربن کي غير عرب قومن ۽ قبيلن سان
گڏ رهڻ جو موقعو مليو، جن جي هڪ خاص تهذيب ۽ ثقافت
هئي، جن جي زندگيءَ جو هڪ نرالو رنگ ۽ ڍنگ هو. جدت
۽ انفراديت هئي، جن جي زندگيءَ جو اصول ۽ نظريو
ٻيو هو. جيڪي حرص ۽ هوس جا پوڄاري هئا ۽ عيش و
عشرت جي زندگي گذاريندا هئا، جن جي نظر ۾ دين ۽
مذهب جي اها اهميت نه هئي، جيڪا مسلمانن جي نظر ۾
هئي. گهڻو مال ملڪيت هٿ اچڻ ۽ غير عربن جي صحبت ۾
رهڻ سبب عربن جي زندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ لڳي. سادگي
هلي وئي ۽ اميري اچي وئي. |