تصوّف جا درجا ۽ مرحلا
اسلام جي روحاني زندگيءَ جو مرڪز ۽ سرچشمو ڪهڙو
آهي؟ ڇا اهو اسلامي آهي به يا نه؟ ان ڳالهه تي هڪ
عرصي کان جهيڙو ٿيندو رهيو آهي. آڳاٽن ۽ نَون
عالمن جا ان بابت مختلف رايا آهن. فڪر و نظر جي
انهيءَ اختلاف جي سلسلي ۾ هڪ گروهه جي اها ئي راءِ
آهي، جيڪا اسان مٿي بيان ڪري چڪا آهيون. يعني
تصوّف عين اسلام آهي. ان جو مرڪز صرف اسلام آهي،
پاڻ سڳورن ﷺ نبوت کان اڳ ۽ نبوت کان پوءِ جيڪا
زندگي گذاري، سا اسان جي هن دعويٰ جو بهترين ثبوت
آهي. عالمن سڳورن جو هڪ ٻيو گروهه ان روحاني
زندگيءَ جو مرڪز هندي، فارسي، يوناني، مسيحي فڪر
سمجھي ٿو.
پروفيسر ماسينيون ان ڳالهه تي حيران آهي ته،
اسلاميات جا عالم هن چٽي ۽ سادي مسئلي تي ان حد
تائين اختلاف ڪن ٿا. هو لکي ٿو ته:
”اسلام جي روحاني زندگيءَ جي مختلف فڪر رکڻ وارن
ٽولن ۾ ڪن جو هي خيال آهي ته، تصوّف اسلام کان ڪو
نه آيو آهي، اهو ٻاهران آيو آهي. يا ته اهو شام جي
رهبانيت مان ورتل آهي (اها راءِ مرڪس جي آهي.) يا
يونان جي افلاطوني فلسفي کان يا فارس جي زرتشت کان
يا هندن کان (جونس جي راءِ موجب) آيل آهي. نڪلسن
جو خيال آهي ته هيءَ راءِ ته، تصوّف اسلام کان آيو
آهي، بلڪل ناقابلِ لحاظ آهي. سچي ڳالهه اها آهي
ته، اسان اسلام جي ظهور کان ئي مسلمانن ۾ تصوّف جو
رنگ ۽ چاشني ڏسي رهيا آهيون. ۽ اها شيءِ ٻاهر کان
ڪٿان نه آئي آهي. بلڪه اهو قرآن ۽ حديث جي تلاوت
جو نتيجو آهي. اسلامي جماعتن ۾ تصوّف جوذوق ۽
وجدان ٻاهر جو نه آهي، پر اهو اسلامي تعليمات جو
نتيجو آهي.“(1)
اهو چوڻ صحيح آهي ته اسلامي تصوّف ٻاهر جي پيداوار
نه آهي، خالص قرآن ۽ حديث تان ورتل آهي، ڇو ته
قدم قدم تي ان جون شاهديون ملن ٿيون. پاڻ سڳورا ﷺ
اڃا منصب نبوت تي سرفراز ڪو نه ٿيا هئا، ته به خدا
جي ياد ۾ مشغول رهندا هئا. پوءِ جڏهن منصبِ رسالت
تي فائز ٿيا، تڏهن به سندن اهو ئي مشغلو هو.
اهڙيءَ ريت صحابي سڳورن جي زندگيءَ جو جيڪڏهن
مطالعو ڪيو وڃي، ته اتي به چٽيءَ ريت اهو ئي رنگ
جھلڪندو نظر ايندو.
اسلام جي روحي زندگيءَ جو مرڪز اسلام آهي. ان قول
جا وڏا دعويدار خود صوفي آهن. توڙي جو اهي صوفين
جي ڪنهن به ٽولي يا طبقي سان تعلق رکندا هجن.
مسلمانن جا اهڙا طبقا به آهن، جيڪي پاڻ صوفي نه
آهن، پر صوفين سان عقيدت رکن ٿا يا ڪنهن ريت انهن
طرف مائل آهن.
هي صوفي ۽ غير صوفي سڀ پاڻ سڳورن ﷺ ۽ سندن صحابين
سڳورن ۾ تصوّف جو رنگ ۽ اثر ڏسن ٿا. ان ڪري انهن
کي مڃين ٿا. هو ڏسن ٿا ۽ ڄاڻن ٿا ته ڪتاب ۽ سنت
مان قدم قدم تي ان مسلڪ جي تائيد ٿئي ٿي. انهن جو
زهد انهن جو تصوّف، انهن جي رياضت، انهن جا
مجاهدا، سڀ اسلام کان ئي ورتل آهن.
هن سلسلي ۾ سڀ کان پهرين شيءِ پاڻ سڳورن ﷺ جي پاڪ
زندگي آهي. ۽ ان ۾ اسان کي زهد ۽ تقويٰ جا تمام
گهڻا مثال ملن ٿا. ان کان پوءِ قرآن جون آيتون،
قدسي ۽ غير قدسي حديثون آهن. انهن جي تلاوت ۽
مطالعي مان اسان جي خيال جي تائيد ٿئي ٿي. ۽ اهو
ئي ان ڳالهه جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي ته، اسلام ۾
تصوّف ٻاهر کان نه آيو آهي. بلڪه خالص اسلامي
تعليمات ۽ احڪامات ۽ سنت نبوي ﷺ جو نتيجو آهي.
ان سلسلي ۾ هينئر اسان ڌار ڌار قرآن ۽ حديث مان
پنهنجي خيال جي تائيد ۾ ثبوت پيش ڪريون ٿا. قرآني
آيتن جا ڪجھ مثال هي آهن.
هندي تصوّف
عالمن جي هڪ ٽولي جو خيال آهي ته، اسلام ۾ حيات
روحيه جو مصدر (سرچشمو) هندي تصوّف آهي. ان نظريي
جي تائيد هو انهن نظري ۽ عملي مظاهرِ تصوّف کان ڪن
ٿا، جيڪي اسلامي تصوّف ۽ هندي تصوّف ٻنهن ۾ مشترڪ
آهن. يا هڪ ٻئي سان مشابهت رکن ٿا. يا جيڪي هندن
جي مذهبي ڪتابن ۾ عقيدن، دعائن ۽ ڀڄن جي صورت ۾
ملن ٿا، يا اهي طريقا، جيڪي هندو فقيرن ۽ جوڳين ۾
رياضت، عبادت، ذڪر ۽ معرفت جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.
ابو ريحان محمد بن احمد البيروني (351 – 440هه
مطابق 962 – 1048ع) هند بابت گهڻو ڪجھ لکيو آهي.
هن پنهنجي انهن لکتن ۾ هندن جا احوال، عقيدا، علوم
۽ ديني ۽ فلسفي مسلڪن ۽ مذهبن تي گهرائي سان نظر
وڌي آهي. بيروني سنسڪرت زبان جو وڏو عالم هو. هُو
هندستان ۾ وڏو عرصو رهيو. هن پنهنجا مشاهدا ۽
تاثرات ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪيا.
بيروني پنهنجي ڪتاب ۾ ان ڳالهه تي اڪتفا نه ڪئي
آهي جو رڳو عبارتن جي نقل ۽ بيان تي قناعت ڪئي
هجي، پر هن موازني ۽ ڀيٽ جا به فرض ادا ڪيا آهن.
هن هندن جي عقيدن ۽ ڏاهپ جو يوناني فلسفي سان
موازنو به ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت هن هندن جي عقيدن ۽
ڏاهپ جي مسلمان صوفين جي اقوال ۽ طريقي سان ڀيٽ پڻ
ڪئي آهي.
هتي اسان رڳو ان حد تائين گفتگو ڪنداسون ته هندن
جي عبادت، رياضت، مجاهدي ۽ معرفت جي مسلمان صوفين
۾ ڪيتري هڪجهڙائي آهي؟ ڪيتري حد تائين آهي؟ اهو ئي
غلط فهمي جو اهو مرڪز ۽ مصدر آهي، جنهن کان
مستشرقين دوکو کاڌو ۽ هنن اهو سمجهيو ته اسلام جي
روحي زندگي هندي اصول ۽ فلسفي تان ورتل آهي.
هند ۽ يونان جي ڏاهن مسلمان صوفين جي وچ ۾ جيڪي
شيون هڪ جهڙيون بيان ڪيون، تن ۾ هونئن ته ڪيتريون
ئي شيون شامل آهن، پر انهن مان ڪجھ خاص طور قابلِ
ذڪر آهن. مثلاً وسيلا ۽ ذريعا ترڪ ڪرڻ ۽ مونجھارن
کي ڇڏي ڏيڻ.
اهڙيءَ ريت تناسخ (آواگون) جو مسئلو پڻ آهي، جنهن
موجب روح هڪ بدن کان ٻئي بدن ۾ ويندو رهي ٿو.
بيروني جي خيال موجب هندن جو هي اهم ديني مسئلو
آهي، جيڪو ان مسئلي کي نه ٿو مڃي، ان جي هندو هئڻ
۾ شڪ آهي. بيروني جو چوڻ آهي ته:
”صوفين به اهو مسئلو ڪنهن حد تائين هندن کان ورتو
آهي. ڪن صوفين جو عقيدو آهي ته، هيءَ دنيا هڪ نفس
مان آهي. (يعني وجود خواب) ۽ آخرت نفس يقظانه آهي
(يعني وجود بيداري). صوفي امڪنه ۾ حلولِ حق جا
قائل آهن. مثلاً آسمان، عرش، ڪرسي وغيره. ڪي صوفي
ته ان حلول جو جلوو وڻن ٻوٽن، سڀني حيوانن ۾ ڏسن
ٿا ۽ ان کي ئي هُو ڪلي ظهور سڏين ٿا. جڏهن اهي
ڳالهيون مڃين ٿا ته پوءِ کين حلول ارواح مڃڻ ۾
ڪهڙي ڏکيائي ٿي سگهي ٿي؟“
بيروني جو چوڻ آهي ته:
”نفس جو دنيا سان رشتو ناتو قائم رهندو اچي. ان
ناتي جو بنياد جِهل تي ٻڌل آهي. انسان جڏهن هن
دنيا کان ڪنارو ڪري ٿو ته سندس علم جِهل جو احاطو
ڪري ڇڏيندو آهي.“
پانجل جو قول آهي ته: ”الله جي وحدانيت ۾ استغراق
۽ تفڪر انسان کي اهڙو شعور عطا ڪري ٿو، جيڪو هن
لاءِ بلڪل نئون هوندو آهي.“ اهو ئي سبب آهي، جو هو
چوي ٿو ته: ”جيڪو ان درجي تائين پهچي وڃي ٿو ته ان
جي نفسيه سگهه، بدني سگهه تي سوڀاري ٿي ويندي
آهي.“
بيروني انهيءَ نظريي تي پنهنجي راءِ ظاهر ڪندي
لکيو آهي ته:
”هن قسم جا اشارا صوفين وٽ به ملن ٿا. مثلاً هي ته
عارف جڏهن معرفت واري مقام تي پهچي ٿو، ته پوءِ
هُو روحن جو مالڪ بڻجي وڃي ٿو. هڪ روح قدسي هوندو
آهي. جنهن تي تبديلي يا اختلاف جو ڪو اثر ڪو نه
ٿيندو آهي، ان جي آڌار هُو غيب جون ڳالهيون ڄاڻندو
آهي. ۽ ان جي ذريعي معجزا ظاهر ٿين ٿا. ۽ ٻيو روح،
بشري روح هوندو آهي، جو تبديلي ۽ تڪوين (نئون جنم)
قبول ڪندو آهي.“
ان نظريي تي اتحاد نفس جو نظريو قائم آهي. انهيءَ
مسلڪ جي آڌار انسان لاءِ ضروري نه آهي ته، هُو
ديني فرض ادا ڪرڻ ۽ عبادت ڪرڻ ۾ مشغول رهي، بلڪه
اشد ضروري هي آهي ته، انسان الله جي نالي جو دائمي
ذڪر ڪندو رهي. ۽ قُرب الاهي جي مسئلي تي غور ڪندو
رهي. ان لاءِ جو ذڪر ۽ تامل (غور ۽ فڪر) سان اهو
ئي مطلب حاصل ٿيندو آهي، جيڪو عبادت ۽ ديني فرض
ادا ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. ۽ وحدتِ الاهي ۾ گم ٿيڻ
جو موقعو ملي ٿو. روحانيت جي مسلڪ جو بنياد،
اڪيلائي ۽ هر شيءِ کان تعلق ترڪ ڪرڻ آهي. هر شيءِ
کان پري رهڻ ۽ بيزاري آهي. انسان جي روحاني رياضت
کيس هر شيءِ ايستائين جو خود پنهنجي نفس کان به بي
نياز ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ هُو جڏهن ان درجي تي
پهچي وڃي ٿو ته اها ئي اُها سعادت آهي، جنهن کي
حاصل ڪرڻ لاءِ هُو ڪوشش ڪندو رهي ٿو. ۽ اها ئي
تسلي ۽ اطمينان آهي، جنهن جي ڀيٽ م هر ٻي طمانيت
(اطمينان ۽ تسلي) ڪا حيثيت نه ٿي رکي.
بيروني، پانجل ۽ صوفين جي خيالن جي وضاحت ۽ مطابقت
هن ريت ڏني آهي ته:
”ان نظريي موجب صوفي حق سان مشغول رهڻ واري واٽ تي
هلن ٿا. جيئن هڪ ڀيرو ابو يزيد بُسطاميرح
کان پڇيو ويو، ”ڇا حاصل ڪيئه؟ ڪنهن کان حاصل
ڪيئه؟“
هن جواب ڏنو ته، ”مان پنهنجي نفس کان ان ريت ٻاهر
نڪري آيس، جهڙي ريت نانگ کل کان ٻاهر نڪري ايندو
آهي. پوءِ مون پاڻ کي ڏٺو ته معلوم ٿيو ته مان خود
اُهو آهيان، جو هُو آهي.“(1)
انهيءَ اصول جي آڌار تي اسان ڏسون ٿا ته بيروني
هندي فلسفئه مذهب ۽ الله تعاليٰ متعلق ان جا ڪيترن
ئي خيالن وارن طبقن موجودات حسّيه ۽ عقليه، مادي
سان نفس جي تعلق ۽ ربطه، تناسخ ارواح، سعادت ۽
معرفت جي طريقن، دنيا جي دستبرداريءَ جي ڪيفيت ۽
ان طرح جي ٻين خيالن ۾ تاثرن جو تمام سهڻو تجزيو
ڪيو آهي. هن نصرانيت ۽ هندو مت، يوناني فلسفي ۽
اسلام، ان کان علاوه افلاطوني فلسفي ۽ تصوّف جي
عقيدن ۽ خيالن تي به گهري نظر وڌي آهي.
هندو مت جو سڀ کان اهم عقيدو، جنهن اسلامي تصوّف ۾
عمل دخل ڪنهن حد تائين قائم ڪيو، سو تناسخ آهي.
يعني روح جو هڪ جسم کان ٻئي جسم ۾ جنم وٺڻ ۽ وري
وري جنم وٺڻ. ڪي ماڻهو ان مان اهو نتيجو ڪڍن ٿا،
ته حلول ۽ وحدت الوجود، دراصل هڪ ئي شيءِ آهن.
عقل، عاقل ۽ معقول، اهي سڀ درحقيقت هڪ ئي صورت جا
مختلف پهلو آهن.
بيروني جي نظريي ۽ مسلڪ جي تائيد يورپ جي مستشرقن
جي هڪ وڏي ۽ معقول طبقي پڻ ڪئي آهي. مثلاً هارٽن (Horton)
۽ بلوشت (Blochet)
۽ ماسينون (Massignon)
ان کان علاوه گولڊ زيهر (Goldziher)
۽ برائون (Brown)
۽ اوليري (Oleary)
۽ ان پايي جي ٻين مستشرقن جي افڪار، خيالات ۽
تاثرات ۽ ڪيفيات جو جيڪڏهن تجزيو ڪيو وڃي، ته
معلوم ٿيندو، ته انهن مڙني ۾ بيروني جي ڪڍيل نتيجن
۾ وڏي حد تائين هڪجهڙائي، هم آهنگي ۽ هڪ رنگي نظر
ايندي. انهن مڙني جي افڪار ۽ خيالن تي مختصر وقت ۾
بحث ۽ گفتگو ڪرڻ مشڪل آهي. پر ڪن جي خيالن تي
جيڪڏهن اسان نظر وجھون ته ڪو حرج نه آهي.
* پروفيسر ماسينيون
جو خيال آهي ته، صوفين جو ذڪر دراصل هندو تصوّف
کان ورتل آهي. ساڳي ريت پروفيسر برائون جو خيال
آهي ته ظاهر جي مشابهت جي آڌار تي اهو اندازو ٿئي
ٿو، ته صوفين جي مسلڪ ۽ هندن جي ’قيد انتا سارا‘
(2) ۾ وڏي حد تائين هڪجهڙائي ۽ مطابقت
آهي.
* پروفيسر برائون
جو خيال به اهو آهي ته، اها مشابهت وڌاءُ جي
باوجود گهڻي ڀاڱي سطحي وجود تي مشتمل آهي، نه ڪه
اصلي ۽ جوهري بنيادن تي.
* گولڊ زيهر
جو خيال آهي ته، حضرت ابراهيم بن اڌم جي زندگيءَ
جو هي واقعو ته هن بادشاهي ۽ اميري واري زندگي
ڇڏي، فقر ۽ فاقي واري زندگي اختيار ڪئي هئي. هوبهو
مهاتما ٻُڌ جي زندگيءَ تان ورتل آهي. دنيا کي
تياڳڻ وارو جيڪو رنگ ٻُڌ ۾ نظر اچي ٿو، اهو ئي هتي
به نظر اچي ٿو.
* پروفيسر اوليري
جو به اهو ئي خيال آهي ته، دنيا تياڳڻ ڏاهپ واري
زندگيءَ کان بيپرواهه رهڻ، دنيا جي معاملن کان بي
پرواهه رهڻ. اهي سڀ شيون ٻُڌمت جي اثر سان اسلامي
تصوّف ۾ داخل ٿيون آهن. جاهلي دور ۾ جڏهن ٻڌمت
فارس ۽ ماوراءِ النهر ۾ پکڙيو ۽ وڌيو ويجھيو، ته
اُن اسلامي تصوّف تي به پنهنجو اثر ڇڏيو. ان جو
ثبوت هي آهي ته، خراسان جي شهر بلخ ۾ ٻُڌمت جي
عبادت گاهن ۽ خانقاهن جو ڏس ملي ٿو.
پروفيسر اوليري جو اهو به خيال آهي ته، اها مشابهت
توڙي جو موجود آهي، پر حقيقت ۾ اها سطحي آهي. ڇو
ته ٻُڌمت موجب نفسِ انساني ئي سڀ ڪجھ آهي، ان ۾
فرد جي طمانيت (اطمينان) جو ڪو شڪ نه آهي. جيڪو
احساس ۽ خيال جي اُبتڙ آهي، ۽ تصوّف ۾ جو ڪجھ آهي،
سو فنا آهي. توڙي جو تصوّف به انفراديت ۽ اڪيلائي
جي ڪمي طرف مائل نظر اچي ٿو. بلڪه سچ پڇو ته اهو
بقا ۽ دوام جو علم بردار آهي، جو جمالِ الاهي ۾
محو ٿي وڃڻ ۽ گم ٿي وڃڻ جو ٻيو نالو آهي. انهن
ڳالهين مان اندازو ٿئي ٿو، ته پروفيسر اوليري جي
نظر ۾ جيڪو فنائيت جو جذبو تصوّف ۾ ملي ٿو، سو هن
جذبي کان بلڪل الڳ آهي، جيڪو ٻُڌمت ۾ نظر اچي ٿو.
اهو ئي اهو وحدت الوجود آهي، جنهن جو نمونو ’قيدا‘
۾ نظر اچي ٿو.
اسلامي تصوّف ۽ هندي تصوّف ۾ جيڪو اشتراڪ نظر اچي
ٿو، سو وحدت الوجود واري عقيدي جي حد تائين آهي.
ڪن جو چوڻ آهي ته، ٽيو زوني (ٽمورتي) رنگِ اسلام
جي رنگ سان بلڪل مشابهت ۽ مماثلت نه ٿو رکي. اهو
خيال دراصل ان بنياد تي قائم آهي ته، وحدت الوجود
۽ توحيد جي مسئلن ۾ ظاهري طور مخالفت نظرا چي ٿي.
پهريون تصوّف جو اصل ۽ اساس آهي. جڏهن ته ٻيو
اسلام جو اساسي نظريو آهي. پر جيڪڏهن ان تعارف تي
سنجيدگيءَ سان نظر وڌي وڃي، ته معلوم ٿيندو ته اهو
به حقيقت نه آهي، سڄو سارو ظاهري ۽ عارضي آهي. ڇو
ته وحدت الوجود جي مسئلي تي کڻي ڪيڏو به زور ڏنو
وڃي، درحقيقت هي به توحيد جي هڪ شاخ آهي ۽ اهوئي
عين اسلام آهي. ايئن کڻي سمجھو ته حقيقت هڪ ۽ صرف
هڪ آهي. البت ان جون تعبيرون ۽ تشريحون الڳ الڳ ۽
ڌار ڌار آهن. انهن تعبيرن ۽ تشريحن ۾ رنگا رنگي ۽
نواڻ وارو رنگ نظر اچي ٿو، ان بابت فقط اهو چئي
سگهجي ٿو ته، هي هندو تصوّف جي مطالعي جي اثر جو
نتيجو آهي، ته اها ڪا اهڙي نئين ڳالهه نه آهي،
جنهن کي گهڻي اهميت ڏني وڃي، بلڪه جيڪڏهن نظر کي
اڃا وڌيڪ وسعت ڏني وڃي، ته ان ۾ يونان جي فلسفي جي
اثر وارو رنگ به جاري ۽ ساري نظر ايندو، ڇو ته
قديم قومون به بهرحال تهذيب ۽ ثقافت جون مالڪ
هيون. انهن ۾ انفراديت به هئي. ۽ ڪجھ ڏيڻ وٺڻ به
هو. يعني انهن اثر به ڪيو، تان جو مسلمانن جو دور
آيو ۽ ان دؤر ۾ قديم خيالن جي ڪجھ جھلڪ نظر اچڻ
اڻٽر هو.
عباسي عهد جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر وڌي وڃي ته اها
دعويٰ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم نظر ايندي، ڇو ته تاريخ
اسلام ۾ به هي اهو دؤر آهي، جڏهن غير زبانن جو ادب
عربي ۾ منتقل ٿيو ۽ا ان جي ڪري ٻين خيالن تائين
رسائي ۾ آساني ٿي.
اهي آهن رايا ۽ ويچار جيڪي عالمن ۽ صوفين جي خيالن
۽ تاثرن تان ورتل آهن. انهن مان ڪي ته بلڪل صحيح ۽
درست آهن. ڪي وڌيڪ تحقيق ۽ تشريح گهرن ٿا. پر انهن
مان ڪنهن به حالت ۾ ڪا به راءِ اهڙي نه آهي، جنهن
مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ته اسلامي تصوّف، دنيا جي
بيزاري کان الڳ ڪا شيءِ آهي. اسلامي تصوّف ۽ دنيا
تياڳڻ جو عقيدو، اهي ٻئي هڪ ٻئي سان مليل جليل
آهن. ۽ اهو عقيدو وڏي حد تائين هندن جي تصوّف مان
ورتل آهي. جيڪڏهن برهما جي فلسفي ۽ ٻُڌ جي تعليم
جو غور سان مطالعو ڪيو وڃي، ته معلوم ٿيندو ته
هندن جا مڪاتيب خيال، ترڪِ ماسوا جي تعليم کان
علاوه ڪجھ به نه آهن. پر ان مرحلي تي هڪ ڳالهه ذهن
۾ رکڻ گهرجي ته اسلامي تصوّف جا ٻه دور آهن.
1.
هڪ اهو جيڪو رسالت جي دور سان تعلق رکي ٿو.
2.
ٻيو اهو جو بعد جي ميل جول سان عمل ۾ آيو.
پهريون دور خالص اسلامي آهي. ان ۾ ڪنهن قسم جي
آميزش نه آهي. پهرئين دور جي زاهدن آڏو زهد ۽
تصوّف جو جيڪو نمونو هو، سو پاڻ سڳورن ﷺ جي ذات
والا صفات هئي، ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه هو.
اسلامي دور جا مصطلحات (اصطلاح) سمورا ڪتاب ۽ سنت
يعني قرآن ۽ حديث جا مصطلحات آهن. قرآن ۽ حديث، بس
اهي ئي ٻه سرچشما آهن، جن مان هر شيءِ نڪتي ۽ ان
جي شڪل بڻي.
جيڪڏهن اسان اهو مڃون ته پهرئين دور ۾ برهمڻيت يا
ٻُڌيت جا اثر هئا، ته پوءِ اسان کي هي به مڃڻو
پوندو، ته پاڻ سڳورن ﷺ جنهن ماحول ۾ زندگي گذاري،
سو ٻُڌ ۽ برهما جي تعليمات ۽ افڪار، عقائد ۽
نظريات کان متاثر هو (اهو تاثر خواهه اسلام جي
دعوت کان اڳ جو هو يا بعد جو، ان تي بحث جي ڪا
ضرورت نه آهي) توڙي جو اها ڳالهه بلڪل غلط ۽
ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته مسلمان، هندن جي علمن،
فلسفي، خيالن، افڪار ۽ عقيدن کان ان وقت تائين ذرو
به واقف نه هئا، جيستائين بيروني پنهنجو زبردست
ڪتاب، خود هندستان وڃي اتي رهي، اتان سڌي ريت ڄاڻ
حاصل ڪري، هند تي نه لکيو هو. هندن جي علمن ۽
فلسفي ۽ عقيدن جو عربي ۾ اڪيلو ماخذ بيروني جي ذات
۽ ان جي تصنيف آهي.
بيروني جي اها علمي تحقيق پنجين صدي هجري جو
ڪارنامو آهي، ان کان اڳ جو ناهي. اهو زمانو پاڻ
سڳورن ﷺ جي زماني کان گهڻو بعد جو زمانو آهي. ۽ ان
کان پوءِ جي زماني کان زاهدن ۽ عابدن جي انگ ۾ غير
معمولي واڌارو ٿيو، ۽ نه صرف صدر اول يعني اسلام
جي ابتدائي زماني ۾ تصوّف پنهنجي قدرتي ذوق شوق،
مجاهداتي، حقائق ۽ مشاهدات جي لحاظ سان هڪ مستقل
فن ڪو نه بڻيو هو. تنهن ڪري ان جو هڪ نالو مقرر ڪو
نه ٿيو هو. ڪڏهن ان کي علم تصوّف سڏيو ويندو هو،
ته ڪڏهن وري ان کي علم باطن جي نالي سان ياد ڪيو
ٿي ويو. مطلب ته ڪڏهن ڪهڙي نالي سان ته ڪڏهن ڪهڙي
نالي سان سڏيو ٿي ويو.
ٿوري دير لاءِ اهو فرض ڪيو، ته براهمه جي وحدت
وجود ۽ صوفياءِ اسلام جي وحدت وجود ۾ بلڪل
هڪجهڙائي ۽ ڳانڍاپو آهي. يا ٿوري دير لاءِ اهو به
تسليم ڪريون ته ٻُڌمت جو فلسفو ۽ اسلام هڪ ئي شيءِ
جا ٻه نالا آهن، ته هي به قطعي ضروري ۽ لازمي نه
آهي ته، اسان اهو به مڃيون ته توحيد، وحدت الوجود،
حلول (تناسخ) بابت صوفين جا جيڪي عقيدا ۽ خيال
آهن، سي برهما کان ورتل آهن. ڇو ته فنا يا احساس
سان غيبيت يا روح جو هيڏي هوڏي منتقل ٿيڻ، جيڪڏهن
صوفين وٽ ڪو درجو رکي ٿو ته، ٻُڌمت ۾ ان جي ڪا
اهميت ۽ حيثيت نه آهي. بلڪه جيڪڏهن غور جي نظر سان
ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو، ته انهن ٻنهن مسلڪن ۾ اهو
تمام وڏو ۽ بنيادي فرق موجود آهي. ڇو ته اصولي
ڳالهه اها آهي ته، جيڪڏهن ٻه مذهب يا ٻه مسلڪ ڪنهن
هڪ نتيجي تي گڏ ٿين، يا ٻه مشابهت رکڻ وارن نتيجن
جا حامل هجن، ته ان جي اها معنيٰ هرگز نه ورتي
ويندي، ته اهي هڪ ٻئي کان متاثر آهن. ٻه مختلف فڪر
به نتيجي ۾ هڪ ٿي سگهن ٿا. ۽ ان وحدت لاءِ هڪ ٻئي
تي اثرانداز ٿيڻ هرگز ضروري نه آهي.
مختصر طور هيئن سمجھو ته اسلامي تصوّف تي هندي
علوم ۽ تصوّف جو اثر يا اسلام جي عقلي ۽ روحي نظام
حيات تي هندن جي عقلي ۽ روحي نظام جو ڪڏهن به ڪو
مستقل ۽ قابل ذڪر اثر نه پيو، بلڪه ان جي اُبتڙ
ضرور پنهنجا اثر ٻين مذهبن ۽ انهن جي علمن تي وڌا.
چوٿين صدي هجري يعني ڏهين صدي عيسويءَ ۾نصراني علم
۽ تصوّف ضرور اسلام جي آڏو آيا، پر اهي به ڪمزور ۽
ضعيف هئا.
هڪ ڳالهه بهرحال طئي ٿيل آهي ته، اسلام جو تصوّف
جيستائين داعي اسلام جي سرچشمئه فيض کان مستفيد
ٿيندو رهيو، ان وقت تائين ان جي حيثيت بلڪل الڳ
هئي. ان ۾ سادگي هئي، اهو صاف ۽ شفاف هو. ان ۾
ڪنهن قسم جي آميزش نه هئي. اهو جيڪڏهن ماخذ هو ته
قرآن کان، اهو جيڪڏهن ورتل هو ته سنتِ نبوي کان،
اهو جيڪڏهن نمونو هو ته مڪمل طور نبي سڳوري ﷺ جي
مبارڪ حياتيءَ جو نمونو هو.
پوءِ جڏهن زماني پاسو ورايو، صديون گذريون. برهمڻن
جا علوم، ٻُڌ جو فلسفو ۽ عيساين جا خيال عربي زبان
۾ منتقل ٿيا. اهو وقت به اهڙو نه هو جو مسلمان
سولائي سان متاثر ٿين ها. ڇو ته مختلف علمن جا
عربي زبان ۾ ترجمن جا باني ۽ مُوجدخود مسلمان هئا.
جنهن زماني ۾ هي علم ٻين زبانن مان عربي زبان ۾
منتقل ٿي رهيا هئا، ان وقت مسلمان هڪ شاندار
تهذيب، هڪ يادگار تمدن، هڪ ناقابلِ تسخير دين جا
مالڪ هئا. انهن ۾ اثر وٺڻ جي ايتري صلاحيت نه هئي.
جيتري اثر ڏيڻ جي هئي. اهي ٻين کان ايترو حاصل نه
ڪندا هئا، جيترو ٻين جي جھولي ۾ وجھندا هئا. اهي
خود دنيا جا معلم هئا. هنن دنيا کي گهڻو ڪجھ
سيکاريو، پڙهايو ۽ عطا ڪيو. ان دؤر ۾ به ظاهر آهي
ته، ڪو اهڙو سبب نه هو، جو هُو ٻين جي شاگردي قبول
ڪن ها.
ها، هي ضرور آهي ته، علم هڪ اهڙو سرچشمو آهي، جنهن
مان لڳاتار فيض حاصل ڪيو وڃي ٿو. مسلمانن ڏنو به،
ته ورتو به. هنن ٻين جي علمن ۽ فنن جو مطالعو ڪيو
۽ ان مطالعي کان پوءِ فراخ دليءَ سان هو ڪنهن حد
تائين ڪي شيون قبول ڪرڻ تي مجبور ٿيا. پر غير
محسوس طور خود دنيا جي علوم ۽ فلسفي تي ايترو اثر
وجھي رهيا هئا، جو خود دنيا بغير اعتراض، انهن جون
گهڻيون ئي شيون قبول ڪري رهي هئي. هيءَ هڪ تاريخي
حقيقت آهي ته، دنيا جي مختلف مذهبن ۽ علمن تي
مسلمانن مستقل، لازوال ۽ اهڙا يادگار اثر قائم
ڪيا، جيڪي اڄ تائين مختلف فڪر و نظر جي حلقن تي
پنهنجو اثر وجھي رهيا آهن. تنهن ڪري سچ ته صرف اهو
آهي ته، مسلمانن ٻين کي ڏنو ۽ ٻين انهن کان گهڻو
ڪجھ حاصل ڪيو. ڪن نام نهاد مؤرخن ۽ مستشرقن جي
شرارت آهي، جو هو حقيقتن ۽ واقعن کي ڄاڻي واڻي
نظرانداز ڪري يا انهن کي اهڙيءَ طرح ٽوڙي مروڙي
پيش ڪن ٿا، جو اصل حقيقت لڪي وڃي ٿي ۽ جِهل غالب
اچي وڃي ٿو، پر اهو عارضي طور آهي، جڏهن صحيح
تحقيق ڪئي ويندي، ته حقيقت نئين رنگ ڍنگ سان نِکري
نروار ٿي آڏو ايندي.
حاشيا ۽ حوالا
1.
تحقيق ماللهند.
2.
قيدانتا سارا، هندن جي هڪ تمام قديم خانقاه ۽
مدرسي جو نالو آهي. اهو نالو ’قيدا‘ مان نڪتل آهي.
هي هڪ مقدس آريائي ڪتاب جو نالو آهي، جيڪو سنسڪرت
زبان ۾ لکيو ويو. ’قيدا‘ جي معنيٰ آهي، دين جي
رستي حق جي معرفت، ’قيدانتا‘ جي معنيٰ آهي، قيدا
جي تڪميل. ڪتاب ’قيدا‘ انهن مذهبي دعائن ۽ گيتن،
جادو ۽ اڳ ڪٿين جي انهن ترڪيبن تي مشتمل آهي، جيڪي
ان زماني ۾ رائج هيون. قيدانتا، خانقاه ۽ مڪتب جي
تاريخ، پنجين صدي عيسويءَ کان شروع ٿئي ٿي. جتي
قيدا جي شرح ۽ تفسير جو ڪم ڪيو ويندو هو، جيڪو
خالص برهمڻي اصولن موجب ڪيو ويندو هو. ان جو اصل
الاصول به وحدت الوجود جو مسئلو آهي. ۽ ’برهما‘ جي
قدرت ۽ ربوبيت ڪامله جو اعتراف به ان جي بنيادي
اصولن ۾ داخل آهي. ان مسلڪ مطابق نجات ۽ سعادت جو
رستو اهو ناهي، ته ماڻهو رڳو عبادت ۽ رياضت ۾
زندگي گذاري. بلڪه ان لاءِ اهو به ضروري آهي ته،
هُو هر شيءِ ۾ ’برهما‘ جو جلوو ڏسي ۽ هر شيءَ کي
’برهما‘ جو اولڙو سمجھي.
تيوزوني تصوّف، دراصل اثراتي تصوّف جو ٻيو نالو
آهي. ان جو بنياد ’اتحاد العبد بالرب‘ آهي. |