سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تاريخ تصوف اسلام

باب:

صفحو:4 

فارسي تصوّف

 

ڪن ماڻهن جو هي خيال آهي ته، اسلام جو تصوّف، دراصل فارسي تصوّف جو آئينه دار آهي. انهن جو دليل هي آهي ته، عرب ۽ فارس جي وچ ۾ ٽقافتي ۽ ديني تعلقات موجود هئا. عرب پنهنجو کيسو خالي رکندا هئا، پر وقت بوقت هو فارسي علوم ۽ تصوّف جي خزاني سان پنهنجو دامن ڀري ڇڏيندا هئا. عربن ۽ فارسين جا اهي تعلقات ڪنهن هڪ دور سان تعلق نه ٿا رکن. بلڪه جيڪڏهن ڳولها ڪئي وڃي، ته معلوم ٿيندو ته، مختلف زمانن ۾ انهن جا هڪ ٻئي سان تعلقات ۽ لاڳاپا قائم رهيا. اهي دليل طور اها ڳالهه به پيش ڪن ٿا ته، صوفي سونهارن جو هڪ وڏو انگ، انهن ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي اصل نسل طور فارسي هئا. خاص طور پهرئين دور ۾ جيڪي صوفي سونهارا هئا، تن مان گهڻي ڀاڱي فارسي هئا.

پر اهو دليل ڪنهن به ريت قبول ڪري نه ٿو سگهجي. اهو صحيح آهي ته، عربن ۽ فارسين جا تعلقات ۽ لاڳاپا هڪ تاريخي حقيقت آهن. انهن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري انهن کي ڪُوڙ سڏڻ جي ڪا ضرورت آهي، پر ان هوندي به اهو بهرحال مڃڻو پوندو ته عربن ديني ۽ تهذيبي ۽ علمي اعتبار کان فارس کي متاثر ڪري، ان ۾ تبديلي آندي. ان جي جواب ۾ ڪو اهڙو مثال پيش ڪري نه ٿو سگهجي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت هجي ته فارس عرب جي دين، تهذيب ۽ علوم تي ڪنهن قسم جو اثر ڪيو هجي.

اهو چئي سگهجي ٿو ۽ ڪي چوڻ وارا چون به ٿا، ته توڙي جو فارس، عرب کان اثر پذير ٿيو ۽ ديني ۽ ثقافتي اعتبار کان ان جو فرمانبردار بڻجي ويو. پوءِ به عربن جي عقل ۽ ڏاهپ کي تيز ڪرڻ وارو فارس هو. ۽ هي تصوّف به فارس کان لڏ پلاڻ ڪري اچي عرب جي سرزمين ۾ پهتو. خود پروفيسر برائون جو به اهو ئي چوڻ آهي. موصوف ايران جي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخِ علوم جو خاص ماهر آهي. هن فارس جي عقلي زندگي، ادبي شعور ۽ اجتماعي حسِ جو تمام گهري نظر سان اڀياس ڪيو آهي، ۽ هن پنهنجو اهو اڀياس وڏي قابليت سان قلمبند ڪيو آهي. هڪ موقعي تي هن پنهنجي ڪمال سخنداني جو مظاهرو ڪندي چيو آهي ته:

”ساساني عهد ۾ جيڪي افڪار ۽ عقيدا عام طور مشهور هئا، ته اها غلطي ٿيندي جيڪڏهن اسان اهي نظرانداز ڪريون، يا انهن کي وساري ڇڏيون ته، انهن جو اثر ڪجھ بعد ۾ اچڻ واري زماني تي نه پيو.“(1)

ٻين لفظن ۾ پروفيسر برائون هي چوڻ چاهي ٿو ته، فارس جو اثر، عربن جي زندگيءَ تي پيو ۽ تمام گهرو پيو. پر ان ڏانهن توجهه نه ڏنو ويو. حالانڪه اسلام جي روحاني زندگي جنهن فيض جي چشمي مان سيراب ٿي، سو فارس جو چشمو هو. يعني اسلام فارس تي ايترو اثر نه وڌو، جيترو خود فارس اسلام جي ظاهري ۽ باطني علمن تي وڌو. خاص طور بنو عباس جي دور ۾ ته هي اثر اڃا وڌيڪ گهرو ۽ مضبوط ٿي ويو. ڇو ته هيءُ ئي زمانو هو جڏهن اصحاب نحو، اهلِ حديث، ارباب تفسير، اصحابِ ڪلام ۽ ان قسم جا ٻيا ڪارائتا ماڻهو فارس کان عرب وڃي رهيا هئا. اهي ماڻهو جيڪي حديث ۽ ڪلام، تفسير ۽ نَحو ۽ ٻين علمن جا ماهر هئا ۽ استادن واري حيثيت جا مالڪ هئا، سي سمورا يا انهن مان گهڻا فارس جا هئا، اهي اسلام جي پاڇي ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا هئا. پر اهي ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائي ۾ اسلام کان متاثر به ٿي رهيا هئا.

ان علمي ميل ميلاپ کان علاوه اهو به ياد رکڻ گهرجي ته، جنهن وقت جو اسان ذڪر ڪري رهيا آهيون، ان وقت فارس ۽ عرب جا گڏيل ۽ سياسي رابطا ۽ تعلقات به اوج تي هئا. فارس درحقيقت عربن جي ذهن ۽ دماغ تي ڇانيل هو. ۽ زندگيءَ جي هر موڙ ۽ هر مسئلي ۾ صرف ان جي ئي حيثيت دائم قائم ۽ ڪارفرما نظر ٿي آئي. اها هڪ اهڙي تاريخي حقيقت آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ جي ڪوبه جرئت نه ٿو ڪري سگهي. اها حقيقت تسليم ڪرڻ کان پوءِ لازمي طور اهو مڃڻو پوندو ته عربن جي ديني ۽ دنياوي زندگي تي جيڪڏهن ڪنهن جي حڪمراني هئي ته رڳو فارس جي ئي هئي.

ايوان حڪومت ۾، مڪتب ۽ خانقاه ۾، مسجد ۽ منبر تي، هر جڳهه، هر هنڌ ڪارفرما سڄي عرب تي، سڀني مسلمانن تي، مسلمانن جي عقيدن ۽ خيالن تي، افڪار ۽ نظرين تي، علم ۽ تحقيق تي، سواءِ فارس جي ڪو به نه هو. تنهن ڪري جهڙي ريت ٻين معاملن ۽ مسئلن تي، فارس عرب کي متاثر ڪيو، ساڳي ريت تصوّف ۾ به ٿيو.فارس جو تصوّف وارو نظريو عربن تي ڇانئجي ويو ۽ فارسي صوفين، عرب تصوّف کي پنهنجي رنگ ۾ مڪمل طور رڱي، پنهنجو ڪري ڇڏيو.

پر انهيءَ دليل جو بنياد انتهائي ڪريل ۽ ڪمزور آهي، جيڪو نتيجو ڪڍيو ويو آهي، سو سراسر غلط آهي. اهو ڪنهن به ريت مڃڻ جهڙو نه آهي. اسان اهو مڃون ٿا، ته فارس عرب کي متاثر ڪيو. فارس جي صوفين ديني زندگيءَ تي پنهنجو رنگ ڄمايو. معروف ڪرخي (المتوفي 200-201هه)، ابو يزيد بسطامي (المتوفي 261هه) اهي ۽ اهڙن ٻين بزرگن جي شخصيت ۽ انهن جي اثر کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. پر ياد رکڻ گهرجي ته اهي صرف فارس جا صوفي نه هئا، جيڪي مسلمانن جي زاهدانه زندگيءَ تي ڇانيل هئا، پر جن صوفي سونهارن جو تمام گهڻو اثر ٿيو، سي فارسي نه هئا. مثلاً ابو سليمان الداراني (المتوقي 215هه) خالص عربي صوفي هو ۽ اصل عراقي هو، ۽ واسط جو رهواسي هو، جيڪو ڪوفي ۽ بصري جي وچ تي آهي. ذوالنون مصري (المتوفي 245هه) مصر جو بلند پايه صوفي مشرب بزرگ هو. سندن بزرگي، تقدس، زهد ۽ باطني علمن جي ڪمال کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو؟ اهي مسلمانن جي ديني زندگيءَ تي مڪمل طور اثر انداز هئا. انهن کان سواءِ ٻيا به گهڻائي مقدس نالا ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا، پر انهن سڀني جو ذڪر ضروري نه آهي. مصر، عراق، شام وغيره جي صوفي بزرگن جي حالات ۽ سوانح جو جيڪڏهن اڀياس ڪيو وڃي، ته معلوم ٿيندو ته انهن جيڪي گهرا نقش ڇڏيا هئا، سي اڃا تائين قائم آهن. ۽ اهي نقش محدود نه، پر لامحدود هئا. اهي جهڙي ريت عربي عوام ۽ خواص تي پيا، بلڪل ساڳي ريت فارسي عوام ۽ خواص تي به پيا.

بلڪه جيڪڏهن غور جي نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته خالص عرب صوفين جا اثر، خود فارس جي وڏن صوفين تي به تمام گهڻا هئا. هتي اسان صرف مُحي الدين ابن عربيرح (المتوفي 638هه) ۽ شرف الدين عمر بن الفارض (المتوفي 632هه) جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا. اهي ٻئي بزرگ خالص عرب هئا. انهن جي عربيت هر قسم جي شڪ شبهي کان مٿاهين آهي، انهن فارس جي صوفين تي جيڪو اثر ڪيو، ان جي تفصيل جو هي موقعو نه آهي. پر شايد ايترو ذڪر ڪرڻ نامناسب نه ٿيندو، ته عراقي (المتوفي 686هه) اوحدالدين الڪرماني (المتوفي 697هه) عبدالرحمان جالي (المتوفي 898هه) انهن مڙني خالص عربي ميخاني مان مڌ پيتو هو. شيخ ابوبڪر جي مؤلفات ۽ ڪتابن اهلِ فارس تي جيڪي اثرات مرتب ڪيا، اهو هڪ اهڙو روشن واقعو آهي، جنهن کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. خاص طور حضرت موصوف جو ڪتاب فصوص الحڪم ته فارس جي خانقاهن ۽ درگاهن ۾ درسي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي شرح ۽ تفسير ۾ خاص اهتمام ڪيو ويندو هو.(2)

مٿين سِٽن ۾ اسان جيڪي حقيقتون ۽ واقعا پيش ڪيا آهن، تن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اسلامي تصوّف تي فارس ڪو به اثر نه وڌو. البت فارس تي اسلامي تصوّف ضرور گهرو اثر وڌو، جنهن جا اثر اڄ تائين قائم آهن. ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ جو اهو مقصد نه آهي، ته اسلام جي روحي زندگيءَ تي فارس جي صوفين سٺو ۽ ڪافي اثر وڌو. پر اهو وسارڻ نه کپي ته هنن هي جو ڪجھ ڪيو، سو اسلام قبول ڪرڻ ۽ اسلامي تعليمات تسليم ڪرڻ کان پوءِ اسلام جي اصل امور حقيقي تصوّف کان آشنا هئڻ کان پوءِ ڪيو، ان کان اڳ نه!

فارس جي انهن صوفين آڏو داعيءِ اسلام جي زندگيءَ جا روشن ۽ چمڪندڙ واقعا هئا. صحابي سڳورن ۽ تابعين جي زندگيءَ جو ڪامل نمونو هو. زاهدن ۽ عابدن جي زندگيءَ جي پوري تاريخ هئي. اهو هو اُهو سارو سامان، جيڪو آڏو رکي، هنن پنهنجي عمارت جي اڏاوت ڪئي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن سهڻي عمارت اڏي.

عرب فارس کان ۽ فارس عرب کان فائدو حاصل ڪيو. ۽ ان فائدي اسلام کي ۽ اسلام جي نظريي کي به فائدو پهچايو. پر اهو سڀ ان وقت ٿيو، جڏهن فارس مڪمل طور اسلام جي سانچي ۾ ڍلجي چڪو هو. ان مڪمل طور اسلام قبول ڪيو ۽ اسلام جي اعليٰ نظام ۽ ڏسيل واٽ کي قبول ڪيو ۽ ان کان سواءِ جيڪڏهن فارس ڪجھ ڪري ها، ته اهو ڪجھ ٻيو هجي ها. ڪو لڳاءُ يا واسطو هجي ها. اصل تصوّف اهو ئي آهي، جيڪو اسلام جي صدر اول (شروعاتي دور) ۾ ظاهر ٿيو هو. جنهن جي تڪميل ۾ اسلام جي داعي جي مبارڪ حياتيءَ مان مدد ملي. ان کان پوءِ جيڪي گُل ٽڙيا، انهن جي سونهن سوڀيا کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي، بهرحال اهي اسلام جي وڻ جي ئي پيداوار هئا.

قديم فارس جي ڪن عقيدن ۽ خيالن کي ڪي ماڻهو اسلام جي فلسفي ۽ تعليم سان چنبڙائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪي ته ان حد تائين اڳتي وڌي وڃن ٿا، جو اسلامي تصوّف جي زهد ۽ دنيا تياڳڻ کي ماني(3) جي ترڪ ۽ تياڳ سان، يا اسلامي تصوّف جي قناعت ۽ حيوان کي ذبح کان احتراز کي مزدڪ(4) جي فلسفي ۽ تعليم سان مشابهت ڏيڻ لڳن ٿا. يا شيعن جي عقيدن مثلاً ’حلول الله في الامام‘ وغيره کي ايران جي قديم عقيدن جو هُوبهو نقل سمجھن ٿا.

پر اهي سڀ هوائي ڳالهيون آهن. انهن جو ڪو اصل ۽ بنياد ڪو نه آهي. انهن ۾ واقعيت ۽ حقيقت ڪا نه آهي. فرض ڪيو ته قديم ايران جون ڪي ڳالهيون ارادي سان يا ارادي کان سواءِ ڪن مسلمان فرقن ۽ طبقن ۾ ڪنهن حد تائين پهچي به ويون، ته پوءِ اهو لازمي نه آهي ته، اهي اسلام جي ظاهري يا باطني علوم جو جزو بڻجي ويون. اصل سوال هي آهي ته، اسلام جو تصوّف ڇا آهي؟ اسلام جو تصوّف جو ڪجھ آهي، سو ئي حقيقت آهي. ان جا اطلاعات (جيڪڏهن اهي هجن) سراسر ناقلِ يقين، ناقابلِ قبول ۽ ناقابلِ شهادت آهن. اسلام جو اصل تصوّف تصوّف محمدي آهي. هي اهو آهي، جنهن جي نسبت الله جي طرف ڪري سگهجي ٿي. اِها ئي اُها شيءِ آهي، جنهن مان ٻيون شيون ڦُٽي نڪتيون ۽ پکڙيون. زرتشتي ڪتاب ’زند اوستا‘ جو اهو تصور، ته نيڪي جو خدا سڌي ريت ڪا شيءِ عالم وجود ۾ نه ٿو آڻي. البت پنهنجي ڪلمئه الاهيه جي واسطي سان اهو ڪم ڪري ٿو.(5) اها ڳالهه به هڪ قسم جو تصوّف آهي، توڙي جو اهو حقيقت کان ڏور آهي.

بهرحال، جيڪڏهن ڪٿي ڪا هڪجهڙائي نظر به اچي ٿي، ته ان مان اهو لازمي نه ٿو ٿئي ته، اسلام جو تصوّف، فارس مان ورتل آهي. اهو هر لحاظ کان الڳ ۽ ڌار آهي. اهو هو طرف کان مستقل ۽ مڪمل علم آهي. ٿي سگهي ٿو، ته ڪن شين ۾ اهو فارس جي ماني يا زرتشت يا ڪنهن ٻئي سان اشتراڪ (ڳانڍاپو) رکندڙ هجي، پر اشتراڪ ۽ ورتل ۾ تمام وڏو فرق آهي، جيڪو ارباب نظر ۽ اهلِ علم کان لڪل نه آهي.

 

حاشيا ۽ حوالا

 

1.      Literary History of Persia

2.      ڏسو برائون جو ڪتاب: Literary History of Persia Vol. I, P-419

3.      ماني: ايران جو مشهور بانيءِ مذهب، 215ع ۾ پيدا ٿيو، (ڏسو بيروني جو آثار باقيه)

4.      مزدڪ: مشهور اشتراڪي داعيءِ مذهب، ان جي جنم جو سال 487ع آهي.

5.      ابن الفارض، والحب الالهي، از ڊاڪٽر مصطفيٰ حلمي.

 

 

عيسائي تصوّف

 

جيئن ڪن صوفين جو خيال آهي ته، اسلام جي ’روحاني زندگي‘، هندي ۽ فارسي تصوّف جو اولڙو آهي. تيئن هڪ ٽولي جو هيءُ به خيال آهي ته، اسلام جي تصوّف ۽ روحاني زندگيءَ تي نصراني تصوّف جو به تمام گهرو اثر آهي.

اهو ٽولو پنهنجي خيال جي تائيد ۾ هيءُ دليل پيش ڪري ٿو ته، اسلام کان اڳ ۽ اسلام کان پوءِ عربن ۽ عيسائين جا پاڻ ۾ گهرا تعلقات هئا. عيسائي پنهنجي علم جي آڌار تي تمام مٿاهان هئا، ۽ عرب گهٽ علم هئڻ سبب انهن جا محتاج هئا. ۽ انهن کان متاثر به هئا. پنهنجي علمي برتري سبب نصراني خيال ۽ عقيدا عربن جي خيالن ۽ عقيدن تي تمام سولائيءَ سان اثر انداز ٿيندا رهندا هئا. جاهليت واري دور ۾ يعني اسلام جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به اهائي ڪيفيت رهي ۽ اسلام اچڻ کان پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو. انهن ٻنهن زمانن ۾ برابر عيسائي، مسلمانن کي يعني عربن کي پنهنجي ذهن ۽ دماغ جي نتيجن کان متاثر ڪندا رهيا.

تنهن ڪري مسلمان صوفين، عابدن ۽ زاهدن ۾ تصوّف جو، جيڪو اصول موجود آهي، سو جنهن قسم جي رياضت سان، پنهنجي روحاني تربيت ۽ اوسر لاءِ ڪم وٺن ٿا. جهڙي ريت اهي جلوت تي خلوت کي، هجوم کي تنهائي تي، عام زندگيءَ تي ڪُنڊائتي ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا، انهن سمورين شين جي، جيڪڏهن اسان مسيح عليہ السلام جي حياتيءَ سان ڀيٽ ڪيون، ته معلوم ٿيندو، ته هي سڀ ڳالهيون يا گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ٿورو گهڻو حصّو مسيحي زندگيءَ تان ورتل آهي. اهوئي اصل آهي، باقي سڀ شاخون آهن.

صرف اهو ئي نه، پر جيڪڏهن عيسائين جي راهبن ۽ پادرين جي اساس، طرز معاشرت، عام عادتن ۽ خاصيتن ’اصولِ زندگي‘ احوال ۽ آثار کي چڱيءَ طرح ڏٺو وڃي، ته چٽيءَ ريت معلوم ٿيندو ته، انهن شين کان به مسلمان صوفي متاثر ٿيا آهن ۽ عيسائين جون ڪيتريون ئي شيون آهن، جن کان متاثر ٿي، هنن انهن کي قبول ڪيو آهي ۽ اها ئي ڳالهه ان جو واضح ۽ چٽو ثبوت آهي ته، اسلام جي روحاني زندگي يعني تصوّف تي نصراني رهبانيت جو چڱو خاصو اثر پيو آهي.

وان ڪريمر، گولڊ زيهر، نولڊيڪي، نڪلسن، ونسنڪ، آسين پلاسيوس، اندري ۽ اوليري انهن مڙني جي فڪر ۽ خيالن جو جيڪڏهن اڀياس ڪيو وڃي، ته معلوم ٿيندو، ته اهي سڀ سمجھن ٿا، ته اسلام جي روحاني زندگي، نصراني رهبانيت ۽ تصوّف جي بنياد قائم آهي.

پر اسان جو صرف ايترو چوڻ ڪافي نه آهي، اهو ضروري ۽ مناسب آهي ته، اسان پنهنجي خيال جي تائيد ۾ انهن جي خيالن ۽ راين جو ڪجھ حصّو به پيش ڪريون، ته جيئن پڙهندڙ پاڻ ئي اها راءِ قائم ڪري سگهن، ته اسان جو ڪجھ چيو آهي، سو صرف بدظني يا خيال آرائي نه آهي، بلڪه سچ ۽ حقيقت آهي.

وان ڪريمر جو چوڻ آهي ته:

”اسلامي تصوّف ۾ جيڪي قول عام ۽ مشهور آهن. ۽ جيڪي خيال مروج آهن، سي گهڻي ڀاڱي جاهليت واري دور، يعني اسلام کان اڳ جا يادگار آهن ۽ اها سڀني کي خبر آهي ته، جاهليت واري دور ۾ عرب گهڻي ڀاڱي عيسيٰ عليہ السلام جي دين جا پيروڪار هئا ۽ انهن عرب عيسائين جي هڪ وڏي جماعت دنيا کان بيزار، نفرت ڪندڙ ۽ الڳ هئي. هي اهي ئي ماڻهو هئا، جن کي راهب ۽ پادري سڏيو ويندو هو.“

ساڳي ريت گولڊ زيهر جو خيال آهي ته:

”اسلامي تصوّف ۾ ايثار ۽ قناعت جي جيڪا خوبي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، دولت ۽ سرمايه دارن تي فقر ۽ فقرا جو جيڪو روح موجود آهي، سو خالص اسلامي نه آهي، بلڪه نصرانيت ۽ عيسائيت جي مطالعي ۽ شغف جو سڌي ريت نتيجو آهي. ان سلسلي ۾ جيڪي حديثون بيان ڪيون وڃن ٿيون. سي به دراصل عيسائي راهبن ۽ پادرين جي ئي عقيدن ۽ اعمالن جو جلوو آهن. تنهن ڪري فقر کي اسلام ۾ جيڪا اهميت حاصل آهي، اهائي عيسائيت ۾ به آهي ۽ عيسائيت اسلام کان اڳ آهي.“

نولڊيڪي جو چوڻ آهي ته: ”صوف واري پوشاڪ (يعني اوني ڪپڙو) به دراصل نصراني آهي، صوفين ماٺ ۽ ذڪر جا جيڪي مشغلا ايجاد ڪيا آهن يا انهن تي عمل ڪيو آهي، سي به نصرانيت مان ورتا ويا آهن.“

پروفيسر نڪلسن به گهڻن ئي موقعن تي اسلام جي تصوّف بابت جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، سي به گولڊ زيهر ۽ وان ڪريمر جي خيالن جي خلاف نه، بلڪه سڀ انهن جي تائيد ۽ توثيق ۾ آهن. چٽي ريت معلوم ٿئي ٿو ته، نڪلسن جي خيال ۾ به اسلامي تصوّف به نصراني تصوّف جي هڪ شاخ يا ڪڙي آهي.

هيستائين نصراني تصوّف ۽ اسلامي تصوّف جي مشابهت ۽ هڪجهڙائي بابت جو ڪجھ چيو ويو آهي، سو عبادت ۽ رياضت جي طريقن ۾ هڪ هڪجهڙائي، پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ هڪ رنگي ۽ هڪجهڙائي تي مشتمل هو.

ان کان علاوه هڪ ٻيو گروهه به آهي، جنهن جو خيال آهي ته، جيڪي روايتون ۽ قول اسلامي صوفين جي ڪتابن ۾ موجود آهن، تن جي جيڪڏهن ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته، گهڻي ڀاڱي هي اهي روايتون ۽ قول آهن، جن جي خود مسيح عليہ السلام  روايت ڪئي آهي ۽ انهن جي عيسائين وٽ ديني توڙي تصوّفي وڏي اهميت آهي. تنهن ڪري ان بنياد تي اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته ڪن مسلمان حلقن جا تصوّف وارا نظريا، تصور، خيال ۽ عقيدا خود انهن جا نه آهن، بلڪه اهي نصراني مذهب تان ورتا ويا آهن.

اهوئي سبب آهي جو، چيو وڃي ٿو ته، هڪ ڀيرو حضرت عيسيٰ عليہ السلام، عابدن جي هڪ ٽولي وٽان گذريو. پاڻ انهن ڏانهن نهاري کانئن پڇيائون ته، ”توهان ڪير آهيو؟“

هنن جواب ڏنو ته، ”اسان عابد ۽ زاهد آهيون“، حضرت مسيح عليہ السلام کانئن چيو ته، ”توهان ڪنهن جي عبادت ڪندا آهيو؟“

هنن جواب ڏنو ته، ”اسان الله جي باهه کان ڊڄي، ان کان لِڪڻ ۽ بچڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.“

حضرت مسيح عليہ السلام کين چيو ته، ”الله تي توهان جو حق آهي ته، جنهن باهه کان اوهان ڊڄو ٿا ۽ بچڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا، ان کان اوهان کي پناهه ۾ رکي.“

پوءِ پاڻ اڳتي روانا ٿيا ته، کين هڪ ٻيو ٽولو نظر آيو. اهو ٽولو عبادت، رياضت ۽ مجاهدي جي سلسلي ۾ پهرين ٽولي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت هو. پاڻ انهيءَ ٽولي جي ماڻهن ڏانهن نهاري کانئن پڇيائون ته، ”توهان ڪنهن جي عبادت ڪندا آهيو؟“

هنن جواب ڏنو ته، ”اسان خدا جي ديدار جا تمنائي آهيون.“ اسان ان جي ٺاهيل جنت ۾ رهڻ چاهيون ٿا ۽ انهن نعمتن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرون ٿا، جيڪي هن پنهنجي پيارن لاءِ پيدا ڪيون آهن. بس اسان جو هر عمل انهيءَ اُميد ۽ شوق جو نتيجو آهي.“

حضرت عيسيٰ عليہ السلام کين چيو ته، ”الله تي توهان جو حق آهي ته، جو ڪجھ اوهان چاهيو ٿا، سو توهان کي عطا ڪري.“

حضرت مسيح عليہ السلام پوءِ اڳتي روانو ٿيو، هلندي هلندي عابدن ۽ زاهدن جي هڪ ٻئي ٽولي وٽ اچي پهتو. اڳين وانگر انهن کان به پڇيائون ته، ”توهان ڪير آهيو؟“

هنن جواب ڏنو ته، ”اسان الله جا مُحب آهيون، اسان دوزخ جي ڊپ کان ان جي عبادت نه ٿا ڪريون. اسان جنت جي لالچ ۾ به ان جي پوڄا نه ٿا ڪريون. اسان صرف ان سان محبت ڪريون ٿا. اسان ان جي عظمت آڏو سر جهڪايون ٿا.“

اهي سڀ ڳالهيون حضرت مسيح عليہ السلام غور سان ٻڌيون پوءِ فرمايائون: ”توهان ئي خدا جا سچا دوست آهيو. مون کي حڪم ٿيو آهي ته، توهان سان گڏ رهان.“ پوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام انهن سان گڏ رهڻ لڳو.

ابو طالب مڪي، حضرت مسيح عليہ السلام جي اها روايت ٿوري اختلاف سان بيان ڪئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته، جڏهن عيسيٰ عليہ السلام پهرين ٽولي سان ملاقات ڪئي ۽ کانئن عبادت بابت پڇا ڪئي، ته هنن جو جواب ٻڌي فرمايائون ته، ”توهان جنهن کان ڊڄو ٿا، سو به مخلوق آهي. (يعني جهنم)“

پوءِ پاڻ جڏهن ٻئي ٽولي سان صفا آخر ۾ مليا، ته انهن سان سوال جواب کان پوءِ فرمايائون: ”صحيح معنيٰ ۾ توهان بارگاهِ الاهي جي ويجھن مان آهيو.“(1)

حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي انهيءَ حڪايت تي غور ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، دوزخ جو خوف ۽ جنت جي طمع، اصل تصوّف نه آهي. اصل تصوّف فقط حُبِ الاهي آهي. ۽ اهو ئي اسلامي تصوّف جو نچوڙ آهي. ته پوءِ ڇا اهو ثابت نه ٿو ٿئي ته، اسلام جو تصوّف، جيڪڏهن لفظي طور نه، ته معنيٰ طور ڪافي حد تائين عيسائيت ۽ نصرانيت جي تخيل تان ورتل آهي.

اسان فرض ڪري وٺون ته، نصراني رهبانيت ۽ تصوّف ۾، ۽ اسلام جي تصوّف ۽ روحاني زندگيءَ ۾ مشابهت ۽ هڪجهڙائي آهي، پوشاڪ ۾ به، رهڻي ڪهڻي ۾ به، اقوال ۽ خيالن ۾ به، ۽ روايتن ۽ عقيدن ۾ به، پر اُهو تسليم ڪرڻ کان پوءِ به اها ڳالهه ڪنهن به ريت ثابت نه ٿي ٿئي ته، اسلام جو تصوّف، عيسائيت جي حُبِ الاهي، راهبانه زندگي، حياتِ مسيح عليہ السلام ۽ حَوارين جي آثارن ۾ محبت ۽ صرف محبت ئي آهي! اسلام جي تصوّف وارو نظام، پنهنجي روحاني زندگي، تڪميل، تربيت ۽ تفصيل جي اعتبار کان هڪ بلڪل الڳ ۽ ڌار سراسر ممتاز ۽ منفرد شيءِ آهي.

هي صحيح آهي ته، جاهل عرب، گهڻي ڀاڱي عيسيٰ عليہ السلام جي دين جا پوئلڳ هئا. ۽ هي به سچ آهي ته، انصارن جو وڏو گروهه رهبانيت تي مشتمل هو. ۽ اهو به صحيح آهي ته، انهن مان جيڪو رهبانيت ڏانهن مائل ٿيندو هو ته، هڪ ڪليسا ٺاهي ويٺو هوندو هو. ۽ اتي ئي اڪيلائي ۾ پنهنجي زندگي گذاريندو هو. حنظله طائي جي باري ۾ روايت آهي ته، هُو پنهنجي قوم کان الڳ ٿيو ۽ زهد و عبادت واري زندگي گذارڻ لڳو. پوءِ هن فرات جي ڪناري هڪ ڪليسا ٺاهي ۽ اتي اڪيلو رهڻ لڳو. اُتي هو سڄي زندگي هڪ راهب جي حيثيت ۾ رهيو. ساڳي ريت قيس بن ساعده بابت روايت آهي ته، هُو ويرانن ۾ زندگي گذاريندو هو. گهر گهاٽ کان نفرت ڪندو هو. کاڌي پيتي جو کيس ڪو شوق ڪونه هوندو هو. سندس دوستي جانورن سان هوندي هئي ۽ انهن جو تمام گهڻو خيال ڪندو هو. اسان اها ڳالهه به صحيح سمجھون ٿا، ته اُميه بن ابي الصلت رڳو عبادت خاطر رهبانيت واري زندگي گذاريندو هو. هُو دنيا کان نفرت ڪندو هو ۽ دنيا وارن کان ڌار رهندو هو. ۽ دنيا جي حقيقت ۽ ماهيت تي غور ڪندو رهندو هو. انهن مڙني ڳالهين سان گڏوگڏ اسان اهو به مڃون ٿا، ته عيسائين جا پادري ۽ راهب سڄي عرب ۾ ٽڙيل پکڙيل هئا. هُو ماڻهن کي نصيحت ڪندا هئا. وعظ ڪندا هئا، خدا کان ڊڄندا هئا ۽ دنيا تياڳڻ جي تلقين ڪندا رهندا هئا. نيڪ ٻانهن کي جنت جي خوشخبري ڏيندا هئا ۽ بُڇڙا ڪم ڪرڻ وارن کي دوزخ جي عذاب کان ڊيڄاريندا هئا. ۽ کين دوزخ جي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيندا هئا. هُو حشر جو پرچار ڪندا هئا. حشر جي ميدان ۾ حساب ڪتاب جي ياد ڏياري، ماڻهن ۾ رئارڻ واري ڪيفيت پيدا ڪندا هئا. هُو جنت جو ذڪر ڪندا هئا. دوزخ جو ذڪر ڪرڻ مهل پاڻ به رُئندا هئا ۽ ٻڌڻ وارن کي به رُئاريندا هئا. خود قرآن ۾ به انهن جون ڪي حڪايتون ۽ قول ٻڌايا ويا آهن. قرآن جي انهن آيتن مان اهو به اندازو ٿي وڃي ٿو ته، ڪاهنن (اڳ ڪٿي ڪرڻ وارن) جي تعليم ڪيتري حد تائين ۽ ڪيتري درجي تائين عرب ۾ پکڙيل ۽ رائج هئي.

پر اهو صحيح ۽ درست مڃڻ جي باوجود اهو تسليم ڪرڻ جو ڪو سبب موجود نه آهي ته، مسلمان صوفين جي رياضت ۽ مجاهدي جا طور طريقا، سندن پوشاڪ، سندن رهڻي ڪهڻي، سندن مختلف مذهب ۽ مسلڪ، سندن ذوق، سندن وجدان ۽ مشاهدا، اهي سڀ شيون عيسائين ۽ نصرانين تان ورتل آهن. خاص طور انهن جي زاهدن ۽ راهبن کان.

اهو خيال درحقيقت نه فقط اسلامي تصوّف جي مطالعي نه هئڻ جو نتيجو آهي، پر اهو خود نصرانيت جي صحيح مطالعي نه ڪرڻ جو پڻ نتيجو آهي. يعني اسلام ۽ ان جي تصوّف کان ايتري گهڻي اڻڄاڻائي نه آهي، جيتري خود عيسائيت ۽ رهبانيت جي اصل ۽ اساس کان آهي. اهو سڀ اڻڄاڻائي، بلڪه صحيح لفظن ۾ جهالت جو ئي نتيجو آهي.

سڀ کان پهريون اسان کي عرب جاهليت جي ميلان ۽ فطرت تي نظر وجھڻ کپي. هي اهو زمانو هو جڏهن زندگي خود سادگي ئي سادگي هئي. ان ۾ اها تمدني ۽ مالي برتري موجود نه هئي. جيڪا غريب ۽ شاهوڪار جو لازمي نتيجو آهي. اهو ته چئي سگهجي ٿو ته اسلام جو تصوّف انهيءَ سادگي ۽ غربت واري زندگيءَ جو اولڙو آهي، جيڪا عربن ۾ عملي طور جاهليت واري زماني ۾ نظر ايندي هئي. پر ان کي نصراني وعظ ۽ تلقين ۽ ارشاد ۽ هدايت جو نتيجو هر گز سڏي نه ٿو سگهجي. ڇو ته عربن جي زندگيءَ جو هي اهو دور هو، جڏهن اهي دنيوي ساز و سامان ۽ دنيا جي نعمتن کان واقف نه هئا، بلڪه انهن وٽ انهن شين جي ڪا اهميت به نه هئي.

صرف اهو نه، پر هيءَ ڳالهه به هئي ته، هو پاڻ ئي خير ۽ حڪمت جي ڳولا ۾ ماٺ ۽ اڪيلائي واري زندگي گذارڻ جا تمنائي هوندا هئا ۽ انهن مان ڪي ته خاص طور انهيءَ سلسلي ۾ مشهور آهن.

جيڪڏهن اسان کي اهو تسليم ئي ڪرڻو آهي ته، اسلام جو تصوّف ٻين کان ورتل آهي ته، پوءِ اسان اهو ڇو نه تسليم ڪريون ته، اهو عرب جي جاهليه تان ورتل آهي، توڙي جو اها به حقيقت نه آهي.

عيسائين کان ٿورو به متاثر ٿيڻ کان سواءِ دور جاهليت ۽ عرب ۾ بني صوفه(2) هئا، جيڪي پنهنجي زندگي صرف بيت الحرام جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪا هئا ۽ دنيا کان پنهنجو ناتو ٽوڙي چڪا هئا.

هينئر ڪو اعتراض ڪرڻ وارو اهو چئي سگهي ٿو ته، پوءِ اسلامي تصوّف ڄڻ عرب جي جاهليت واري دور جي ڪجھ روايتن جو مجموعو ٿيو. ڇو ته جيڪڏهن اهو عيسائيت ۽ نصرانيت کان ورتل نه مڃيو وڃي، ته پوءِ لامحاله ان کي عرب جاهليت جو فيض ئي سڏيو ويندو. پر اهي ٻئي خيال غلط آهن.

اسلام جو تصوّف جهڙي ريت نصرانيت سان ڪا نسبت نه ٿو رکي، تهڙيءَ ريت اهو عرب جاهليت سان به ڪا مناسبت نه ٿو رکي. اسلام جي روحاني زندگي ذري جيتري به ڪنهن ٻئي مذهب يا طريقي تان ورتل نه آهي، ان جو ماخذ صرف محمد ﷺ جي ذات آهي. ۽ انهيءَ مبارڪ ذات انساني زندگيءَ جا جيڪي اصول ۽ قاعدا پيش ڪيا، تن جو مثال ڪنهن به دور ۾ ڪنهن به مذهب ۾ نه ٿو ملي. نه عيسائين وٽ، نه جاهل عربن وٽ ۽ نه ڪنهن ٻئي وٽ. ان سلسلي ۾ تاريخ اسان کي جو ڪجھ ٻڌائي ٿي، سو هي آهي:

”جاهل عربن جي عادت هوندي هئي ته هر سال اهي عبادت لاءِ ڪُنڊائتا ٿي ويندا هئا. ماڻهن کان پري رهي، اڪيلائي واري زندگي گذاريندا هئا. پنهنجن معبودن ۽ بُتن سان قرب رکندا هئا. ۽ گهڻين دعائن ۽ مناجاتن ذريعي انهن سان ويجھڙائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. دل سان پنهنجن معبودن ڏانهن متوجه ٿيندا هئا ۽ انهن کان خير ۽ نيڪي طلب ڪندا هئا ۽ ڀلائي ۽ دانائي گهرندا هئا.“(3)

پر رسول ﷺ جيڪو تصوّف سيکاريو ۽ جنهن تصوّف جي تعليم ڏني، سو خالص هو، هر قسم جي ملاوٽ کان پاڪ هو. پاڻ سڳورن ﷺ تصفيه نفس تي زور ڏنو. رياضت جا اصول ۽ قانون مقرر ڪيا. تفڪر ۽ عبادت جا آداب سيکاريا ۽ انهن جي هڪ خاص ترتيب ۽ طريقو قائم ڪيو. انهيءَ اصول تي اسلام جي روحاني زندگيءَ جي شروعات ٿي. اسلام هڪ خدا طرف دليون متوجه ڪيون. هن دنيا ۾ رهي، دنيا سان تعلق قائم رکندي، دنيا کان الڳ رهڻ ان جي ساز و سامان کان متاثر نه ٿيڻ ۽ ان جي دلڪشي کان بي پرواهه ٿي، ان کان منهن موڙڻ جو گُرُ سيکاريو. اهو تصوّف خالص اسلام جي پيداوار آهي. ان ۾ دنيا جو ڪو به مذهب ۽ ڪو به تصوّف، اسلام سان شريڪ نه آهي. نه هندن جي ويدانت، نه زرتشت جي ڪهانت، نه عيسائين جي رهبانيت ۽ نه ڪنهن حلقي جو زهد ۽ عبادت جو قانون شامل آهي.

ڪي ماڻهو چون ٿا ۽ چئي سگهن ٿا ته، صُوف جو لباسُ ته خالص نصراني آهي. ڪيترن ئي روايتن ۽ حڪايتن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته، اهو لباس به قديم زماني کان عام طور جاري هو. رسول الله ﷺ جي زماني ۾ به اهو عام جام استعمال ٿيندو هو ۽ خود پاڻ سڳورن ﷺ به اهو استعمال ڪيو.

يافعي کان روايت آهي ته، هڪ ڀيري رسول ﷺ خچر تي سوار هئا ۽ سندن جسم مبارڪ تي صوف جو لباس پهريل هو. ان کان علاوه ٻيا به آثار آهن، جن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته، رسول الله ﷺ صُوف جو لباس استعمال ڪندا رهندا هئا. ان مان پاڻ سڳورن ﷺ جو جيڪڏهن ڪو مقصد ٿي سگهي ٿو ته اهو صرف زهد ۽ انڪساري آهي.

حضرت عمر ﷦ بابت نقل آهي ته، پاڻ هڪ ڀيرو رسول ﷺ کي عرض ڪيائون:

”يارسول الله ﷺ! منهنجا ماءُ پيءُ توهان تان قربان، اوهان صُوف واري پوشاڪ پهري، خچر تي سوار هئا، مان اوهان جي پٺيان ويٺس. اوهان ماني زمين تي رکي کاڌي، مون ادب سان اوهان جون آڱريون چٽيون.“(4)

ان مان ثابت ٿيو ته، رسول الله ﷺ صُوف پهريو ۽ ان مان هُو اهو نتيجو ڪڍن ٿا ته، صوفين صُوف جو لباس صرف ان لاءِ پهريو ته، اهو رسول الله ﷺ استعمال ڪندا هئا. صوفين جو اهو اصول آهي ته، اهي زندگيءَ جي ظاهر باطن، سمورن معاملن ۽ حالتن ۾ رسول الله ﷺ جي اسوه حسنه جي پيروي پنهنجي زندگيءَ جو اصل مقصد ۽ منزل سمجھندا آهن. ان لباس جو ڪنهن به طرح نصرانيت سان ڪو تعلق نه آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته، عرب عام طور صُوف استعمال ڪندا رهندا هئا.

هي سچ آهي ته، زاهدن ۽ صوفين جي هڪ ٽولي، راهبن واري زندگي اختيار ڪئي هئي. يعني دنيا تياڳڻ ۽ دنيا جي بکيڙن کان دور رهڻ. هي به سچ آهي ته، صوفين ڪنهن حد تائين مسيح عليہ السلام جي زندگيءَ جو اثر قبوليو هو. پر ڇا حضرت مسيح عليہ السلام جو جلال ۽ احترام مسلمان صوفي جي دل ۾ ناهي؟ مبرد پنهنجي ڪتاب ’الڪامل‘ ۾ لکيو آهي ته:

”شام کان ٻه راهب بصري ۾ آيا ۽ هڪ ٻئي سان ويهي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳا. هڪ ٻئي کي چيو ته، ”اسان حسن بصري جي زيارت نه ڪريون. حالانڪه ان جي زندگي هوبهو حضرت مسيح عليہ السلام جي زندگي نظر ايندي آهي!“

ساڳي ريت ذهبي ابونصر سراج الطوسي، ڪتاب ’اللمع في التصوّف‘ جي مصنف سان ذڪر ڪيو آهي ته: ” مان ابو عبدالله الروذباري سان گڏجي هڪ راهب سان ملڻ ويس، جيڪو ان وقت تمام گهڻو مشهور هو. اسان ٻئي جڏهن ڪليسا ۾ پهتاسون ته کانئس پڇيوسون ته: ”توکي ڪهڙي شيءِ هتي پابند ۽ مجبور ڪيو آهي؟“

راهب جواب ڏنو ته، ”ماڻهن جي انهن مٺڙين ڳالهين، ته هو مون کي ’راهب‘ سڏين ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org