ڊاڪٽر حِلمي عبدالرزاق پاشا جي راءِ جي روشني ۾
لکيو آهي ته، ”استاد عبدالرزاق پاشا جي اها راءِ
مڃڻي پوندي، ته صوفي ۽ متصوّف جو مقصد اهي ماڻهو
آهن، جيڪي عام طور فقير، زاهد، عابد ۽ نيڪ ٻانها
سڏيا ويندا هئا ۽ انهن لفظن جو مطلب اهو هو ته هي
اهي ماڻهو آهن، جيڪي دين جي معاملي ۾ تمام گهڻو
سخت آهن ۽ شرعي حڪمن جي سختي سان پابندي ڪندا آهن.
پوءِ انهن لاءِ هڪ ئي لفظ صوفي بڻجي ويو. صوفي لفظ
مان اهوئي مطلب وٺڻ لڳا.
ان مان اهو ثابت ٿيو ته تصوّف جو مطلب اهوئي فقر ۽
زهد آهي، جيڪو پهرين ۽ ٻي صدي هجري ۾ اسلام جي
روحاني زندگيءَ لاءِ صحابي سڳورن، تابعين ۽ صالح
ٻانهن ۾ مشهور هو.
ڊاڪٽر حِلمي ٻڌائي ٿو ته توڙي جو اصطلاحي طور فقر،
زهد ۽ تصوّف تقريباً ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن، پر
ان جي باوجود اهي مختلف ۽ هڪ ٻئي جا مخالف نه آهن.
تصوّف: فقر ۽ زهد کان سواءِ هڪ شيءِ آهي.
زُهد: تصوّف ۽ فقر کان سواءِ هڪ شيءِ آهي.
فقر: زُهد ۽ تصوّف کان جدا آهي.
هن سلسلي ۾ عوارف المعارف جي مؤلف سهروردي، جيڪو
نڪتو نروار ڪيو آهي، سو سمجهه جوڳو آهي. هن فرمايو
آهي ته، ”تصوّف هڪ جامع لفظ آهي، جيڪو فقر ۽ زهد
سيني تي حاوي آهي، پر ان سان گڏوگڏ زهد ۽ فقر کان
علاوه ڪي ٻيون وصفون به آهن، جيستائين اهي موجود
نه هجن، صوفي صحيح معنيٰ ۾ صوفي سڏائڻ جو حقدار ٿي
نه ٿو سگهي، توڙي جو هو زاهد ۽ فقير ڇو نه هجي.“
تصوّف پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ سان زهد ۽ فقر
تي تمام گهڻي فوقيت رکي ٿو.
ساڳڻي ڪتاب يعني عوارف المعارف ۾ تصوّف جي هڪ ٻي
تعريف هنن لفظن ۾ ڪئي وئي آهي:
”جڏهن فقر پنهنجي سموري شرف ۽ ڪمال سان انتها تي
پهچي وڃي ٿو ته دراصل اتان ئي تصوّف جي شروعات ٿئي
ٿي.“
وري ٻئي هنڌ تصوّف جي تعريف هن ريت ڪئي وئي آهي:
فقر، تصوّف وارو منصب حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو ۽
وسيلو آهي. خود تصوّف ناهي. فقر جي وجود سان تصوّف
جو وجود لازم نه آهي، اهي ٻئي شيون هڪ ٻئي کان
بلڪل الڳ ۽ ڌار نوعيت ۽ حيثيت جون مالڪ آهن. ڇو ته
هر صوفي فقير نه هوندو آهي. پر ياد رهي ته، هر
صوفي لاءِ هي ضروري ۽ لازمي آهي ته هو فقير هجي.“
ڊاڪٽر حِلمي ’صوفي‘ لفظ بابت مختلف عالمن ۽ صوفي
بزرگن جي راين تي بحث ڪندي ٻڌايو آهي ته ”صوفي هڪ
لقب آهي. توڙي جو لغوي ۽ قياسي اعتبار کان ان جي
اشتقاق جي به تائيد ڪا نه ٿي ٿئي. ان لقب جي
مشهوري ائين ٿي ته صوفي صوف جو لباس استعمال ڪندا
هئا. ان ڪري صُوفي کي صوف سان نسبت ڏني وڃي ٿي.
اڪثر وڏا صوفي ان راءِ سان سهمت آهن ۽ انهن به
اهوئي تسليم ڪيو آهي. بلڪ انهن عالمن به انهيءَ
راءِ سان اتفاق ڪيو آهي، جيڪي صوفي نه هئا. سراج
طوُسي جو چوڻ آهي ته؛ جڏهن اسان صُوفي کي ’صوف‘
لفظ سان منسوب ڪريون ٿا، ته معلوم ٿئي ٿو ته هي هڪ
مجمل نالو آهي. جيڪو سڀني علمن، عملن، اخلاق،
سهڻين ۽ ساراهيل ڳالهين تي حاوي آهي، ڇو ته ڪنهن
جماعت کي ان جي لباس سان نسبت ڏيئي، انهن جون
فضيلتون تسليم ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. خود الله
تعاليٰ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي اصحاب کي لباس
جي ئي بنياد تي حواري جي نالي سان ياد ڪيو آهي.
حواري انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو، جيڪي سفيد لباس
پهريندا هئا. صُوفين کي سندن ظاهري لباس جي سبب
اها نسبت ڏني وئي، تنهن ڪري صُوف لباس، نبي سڳورن،
صديقن، ۽ الله پاڪ جي مسڪينن جي سڃاڻ ۽ طور طريقو
رهيو آهي. ڊاڪٽر حِلمي ”صوفي ۽ تصوّف جو مفهوم“
عنوان هيٺ صُوفي ۽ تصوّف بابت مختلف صوفي بزرگن جا
رايا ڏيڻ کان پوءِ واضح ڪيو آهي ته اهو ٻن قسمن ۽
ٻن معنائن تي حاوي آهي، هُن انهن ٻنهي قسمن تي هن
ريت روشني وڌي آهي:
پهرين قسم جو مفهوم
1- ان جي دل صاف هجي.
2- جنهن پنهنجو نفس ماري ڇڏيو هجي.
3- حرص هَوس ۽ لالچ سان جنگ جوٽي، ڪامياب ٿي چڪو
هجي.
4- سنت رسول ﷺ جو فرمان بردار هجي.
5- دنيا جي ٺاٺ باٺ کان بيزار ۽ نفرت ڪندڙ هجي.
6- سمورا رشتا ناتا ٽوڙي صرف الله سان رشتو جوڙيو
هجي.
7- هروقت ياد الاهي ۾ غرق هجي.
ٻئي قسم جو مفهوم
1- انسان پنهنجي نفس کي پاڻ لاءِ ماري ۽ خدا جي
خاطر زنده رکي.
2- فقر کي پنهنجو شيوو بڻائي.
3- تدبير ۽ اختيار کان پاسو ڪري.
4- اهي عمل ڪري، جيڪي قرآن ۽ سنت جي مخالف نه هجن.
ڊاڪٽر حِلمي ’تصوّف علم باطن‘ عنوان هيٺ ٻڌايو آهي
ته : اسلامي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته
اسلامي دور ۾ شرعي حڪم علمي حيثيت سان مرتب ۽ منظم
نه هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن تدوين جي شروعات
ٿي ته سڀ کان اڳ جنهن شيءِ تي توجه ڏنو ويو، سو
شريعت جو علم هو. فقيهن فِقه ۽ اُصول فِقه تي
ڪيترائي ڪتاب لکيا. قرآني علوم ۽ حديث جي فنون تي
به نظر رکي ۽ ان کي به علمي طور مرتب ڪيو ويو.
انهن مڙني علمن جو محور ۽ مرڪز هو اصولِ دِين.
هڪ طرف مُلا ظاهري اصول ۽ احڪامِ دين مرتب ڪري
رهيا هئا، ته ٻئي طرف وري صُوفي چُپ چاپ باطني
احڪام جي ترتيب ۽ تنظيم وارو ڪم ڪري رهيا هئا. هنن
ڏٺو ته ملان مولوي ڪتاب ۽ رسالا لکي رهيا آهن، ته
صوفين به سوچيو ته، تصوّف يعني علم باطن کي هڪ
نظام هيٺ علمي طور مرتب ڪيو وڃي. روحاني زندگيءَ
جا مرحلا ۽ ڪيفيتون قلمبند ڪيون وڃن. دل جي
پاڪيزگي ۽ روح جي صفائي جا ڪي اصول ۽ قانون جوڙيا
وڃن. اتان کان هو اسلام جي روحاني زندگي، زُهد ۽
زاهد، عبادت ۽ عابد، فقر ۽ فقراء جا اعمال ۽ افعال
عملي رنگ ۾ پيش ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
اتان کان ئي علم شريعت جا ٻه ممتاز قسم قائم ٿيا.
پهريون اهو قسم جيڪو فقيهن ۽ دنيا وارن لاءِ مخصوص
آهي، جنهن کي شريعت جو علمِ ظاهر سڏيو وڃي ٿو. ان
۾ عام حڪم، عبادتون، معاملا ۽ مسئلا شامل آهن.
ٻيو اهو قسم آهي، جيڪو صوفين ۽ اهلِ باطن لاءِ
مخصوص آهي. ان ۾ هي شيون شامل آهن:
مراقبا، محاسبا، رياضتون، مجاهدا، احوال، ۽ مقام ۽
ان قسم جون ٻيون شيون.
اڳتي هلي فقيهن جي فِقه ۽ صوفين جي تصوّف ۾ اختلاف
پيدا ٿيو. ان اختلاف جو مرڪز اهو هو ته عبادات،
عادات ۽ معاملات ۾ ظاهري حڪمت جو نالو فِقه هو،
نفسي رياضتن ۽ دل جي پاڪائي، ڳُجهن حُڪمن، خاص
اصطلاحن جي شرح جو نالو تصوّف هو.
مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته ٻي صدي هجريءَ ۾ تصوّف تي
حُب الاهي واري ڪيفيت ٻين ڪيفيتن کان وڌيڪ ڇانيل
رهي. ساڳي ريت ٽين ۽ چوٿين صدي هجري ۾ به رابعه
رحه وارو مسلڪ جاري ۽ ساري هو. مشهور صوفي بزرگ
جُنيد بغدادي رحه به سڀ کان گهڻو زور حُبِ الاهي
واري جذبي تي ڏنو آهي. ان دور جي ڪيترن ئي صوفين
وٽ اهو لفظ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملي ٿو. حضرت
ذوالنون مصري رحه به اهو لفظ گهڻائي ڀيرا استعمال
ڪيو آهي. ٽين صدي هجري جي سڄي تاريخِ تصوّف جو
مطالعو ڪيو وڃي معلوم ٿيندو ته جيڪو هڪ ئي لفظ بار
بار استعمال ٿيندو رهيو، جنهن کي تصوّف جو بنياد
يا اساس سڏي سگهجي ٿو، سو آهي محبت، تان جو حسين
بن منصور حلاج رحه جو دور آيو. هُن حُبِ الاهي کان
هٽي ’اتحاد ۽ حُلُول‘ تي زور ڏنو. پر ڪيترا اهڙا
صوفي به هئا، جيڪي بيبي رابعه رحه واري نظريي تي
قائم رهيا. هنن حُبِ الاهي کي هدايت جو سرچشمو ٿي
سمجهيو ۽ ان جي ئي تلقين ڪندا رهيا.
ڊاڪٽر حِلمي ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ جي صوفين ۽
سندن نظرين تي روشني وجهندي لکيو آهي ته: هن دور ۾
صوفين جو حلقو ڪافي وسيع ٿي چڪو هو، اهي صرف ڪُوفي
۽ بصري تائين محدود نه هئا، پر بغداد تائين پهچي
چڪا هئا، اهي اسلامي ملڪن جي مختلف حصن ۾ پنهنجي
جمالي شان سان پهتا، مصر، شام ۽ عرب وغيره ۾ صوفين
جا مختلف فرقا ۽ گروهه پکڙيل هئا، جتي هو تصوّف جي
تعليم ڏيندا رهيا، بغداد ۾ حضرت ابوالحسن سري سقطي
رحه (المتوفي 253هه) توحيد جو علم بلند ڪيو.
ابوحمزه صوفي رحه اهو صوفي هو، جنهن سڀ کان اڳ
صوفين جي اصطلاحن مثلاً صفا، ذڪر، همت، محبت، عشقِ
الاهي ۽ قُربِ خداوندي ۽ ان قسم جي ٻين مسئلن جي
سمجهاڻي ڏني.
حضرت معروف ڪرخي رحه جي وفات 200هه يا 201هه ۾ ٿي،
هُو هر وقت يادِ الاهي جي نشي ۾ مست رهندو هو،
سندس عقيدو هو ته مُتقين جو موت ڄڻ سندن بقا آهي.
اهي جڏهن فنا ٿين ٿا ته کين نئين زندگي ملي وڃي
ٿي. جيئن بِشر بن حارث، جيڪو بِشر حافي جي نالي
سان مشهور آهي، تنهن جو هڪ شعر آهي:
موت التقي حيات لانغاد لها
قد مات قوم و هم في الناس احيا
ترجمو: پرهيزگار ماڻهو جو موت اهڙي زندگي آهي،
جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. ڪي ماڻهو اهڙا هوندا
آهن، جيڪي مري ويندا آهن، پر اهي ماڻهن ۾ سدائين
زنده رهندا آهن.
ڊاڪٽر حِلمي لکيو آهي ته: ٽين صدي هجريءَ جو شايد
سڀ کان وڏو صوفي جيڪو اسلامي روحاني زندگيءَ جي
تاريخ ۾ خاص طور مٿاهون نظر اچي ٿو، سو حضرت
ابوعبدالله الحارث رحه بن اسر المحاسبي آهي. سندس
وفات 243هه ۾ ٿي. هن ٻڌايو آهي ته روحاني زندگيءَ
واري واٽ تي هلڻ جي سلسلي ۾ صوفي جي نفس تي ڇا ٿو
گذري ۽ کيس ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو ٿو پوي؟ کيس
حقيقتون ڪيئن معلوم ٿين ٿيون ۽ معارف جي جلون سان
هو ڪهڙي ريت فيضياب ٿئي ٿو.
حضرت ذوالنون، مصري رحه (المتوفي 245هه) اسلامي
روحاني زندگيءَ جي تاريخ ۾ پهريون شخص آهي، جنهن
روح کي الله تعاليٰ ڏانهن راغب ڪرڻ جا طريقا ٻڌايا
آهن، ۽ تصوّف جا احوال ۽ مقامات به مرتب ڪيا آهن.
جهڙي ريت حضرت ذوالنون رحه معرفتِ الاهي جي باري ۾
هڪ خاص نظريو رکندو هو، تهڙي ريت حُبِ الاهي جي
باري ۾ به سندس هڪ خاص مسلڪ هو. سندن قول آهي ته:
الله تعاليٰ سان جيڪا محبت ڪئي وڃي ٿي، سا انسان
کي پنهنجي پروردگار سان ملائي ٿي. انسان رب جي ذات
۾ غرق ٿي وڃي ٿو، ان جي ذات پوءِ ان جي ذات نه ٿي
رهي، بلڪه خود رب جي ذات جو هڪ حصو بڻجي وڃي ٿي.
اڳتي هلي نفس جي فنا، اتحادِ ذات رب ۽ استغراقِ
ذاتِ الاهي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو. اهو جذبو ايترو
اڀريو ۽ وڌيو جو انهن ماڻهن جو مسلڪ شرع سان
ٽڪرائجڻ لڳو ۽ ان قسم جون ڳالهيون ڪرڻ وارن کي
گمراهه ۽ ڪافر سڏيو ويو. ان سلسلي ۾ بايزيد بسطامي
رحه جو هي قول گهڻو مشهور آهي: ”سبحاني ما اعظم
شاني“ (مان پاڪ آهيان منهنجو شان ڪيڏو نه بلند
آهي).
بايزيد بسطامي جي همعصر صوفين ۾ يحيٰ رحه بن معاذ
الرازي، خاص قابلِ ذڪر آهي. سندن وفات 258هه ۾ ٿي.
هو وَجد ۽ سُڪر جي ملڪ جو بادشاهه هو.
جتي هڪ طرف بايزيد بسطامي رحه ۽ يحيٰ رحه بن معاذ
الرازي جي مسلڪِ فنا ۽ سُڪر، مسلڪِ حُب ۽ وجد،
تصوّف اسلام جي تاريخ ۾ هڪ نئون باب بڻجي رهيو هو،
اتي هڪ ٻي شخصيت به ان ميدان ۾ نروار ٿي، جنهن هڪ
ٻي واٽ گهڙي. هن انهن ٻنهي بزرگن کان هٽي پنهنجو
هڪ نئون مسلڪ پيش ڪيو. اهو مسلڪ به اسلام جي تاريخ
تصوّف ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. اها شخصيت هئي حضرت
ابوالقاسم جُنيد رحه بغدادي جي، سندن مسلڪ سُڪر ۽
فنا کان هٽي صَحو (هشياري) هو، حضرت جنيد رحه جي
وفات 297هه ۾ ٿي.
حضرت جنيد رحه ج قول آهي ته، ”صَحو (هشياري) سُڪر
(مدهوشي) کان مٿاهين آهي، ان مان واضح ٿيو ته
بايزيد بسطامي رحه ۽ جنيد رحه بغدادي جي مسلڪن ۾
اهم ۽ بنيادي فرق آهي، اهوئي فرق جيڪو سُڪر ۽ صَحو
۾ آهي، جو هوش ۽ بيهوش ۾ آهي، جو احساس ۽ لاشعوري
۾ آهي، جو بيخودي ۽ احساس ۾ آهي.
حصرت جنيد رحه بغدادي نه صرف سُڪر واري نظريي جي
خلاف صَحو وارو مسلڪ اختيار ڪيو، پر ان کان گهڻي
مٿاهين خصوصيت هيءَ آهي ته هن تصوّف جي تعليم ۽
تدريس کي به اهميت ڏني. نه صرف اهميت ڏني، پر ان
تي عمل به ڪيو. هن اها تدريس عام نه ڪئي، پر اها
فقط پنهنجي مريدن تائين محدود ڪئي.
ٽين صدي هجري ۾ حُب، فنا، استغراق، بقا ۽ اتحادِ
ذات رب وغيره گهڻن ئي قسمن جا مسلڪ وجود ۾ آيا. پر
بيبي رابعه رحه واري مسلڪ حُبِ الاهي جي چڻنگ اڃان
دُکي رهي هئي. سندس مسلڪ هو ته خدا سان محبت نه
جهنم جي خوف کان ڪئي وڃي ۽ نه وري جنت جي لالچ ۾
ڪئي وڃي. ان مسلڪ کي علي بن موفق (المتوفي 265هه)
وڌيڪ تيز ڪيو. بيبي رابعه رحه جي مناجات اسان اڳ ۾
ڏئي چڪا آهيون، هتي علي بن موفق جي هڪ مناجات پيش
ڪجي ٿي.
فرمائي ٿو:
اي منهنجا موليٰ! تون ڄاڻين ٿو ته،
مان تنهنجي عبادت، تنهنجي ٺاهيل جهنم جي خوف کان
ڪريانٿو ته، تون مون کي ان جو ٻَلُ بڻاءِ.
جيڪڏهن تون ڄاڻين ٿو ته، مان تنهنجي عبادت
تنهنجي ٺاهيل جنت جي لالچ ۾ ڪريان ٿو ته،
مون کي ان کان محروم ڪري ڇڏ.
۽ جيڪڏهن تون ڄاڻين ٿو ته منهنجي عبادت
صرف تنهنجي ديدار جي شوق لاءِ آهي، ته پوءِ تون
جيڪو سلوڪ چاهين، سو مون سان ڪر.
هن ساڳئي دور ۾ هڪ ٻيو وڏو صوفي موجود هو، جنهن جو
نالو آهي ابوصالح حمزون رحه تيشاپوري (المتوفي
271هه) جيڪو تصوّف ۾ هڪ نئين مسلڪ جو باني هو،
جنهن کي ملامتيه يا ملاميه جي نالي سان سڏيو وڃي
ٿو. سندس پوئلڳ پنهنجا عقيدا ڳُجها رکندا هئا. هُو
اهو ڪافي سمجهندا هئا ته انهن جي ۽ الله جي وچ ۾
جو ڪجهه آهي، سو ڳُجهه رهي. اسلام جي تاريخِ تصوّف
۾ کين هڪ خاص مقام حاصل آهي.
ڊاڪٽر حِلمي لکيو آهي ته: ٽين صدي هجري کان چوٿين
صدي هجري واري عرصي ۾ صوفين جي طبقن ۾ نيون نيون
شخصيتون نظر اچن ٿيون. نوان نوان مسلڪ ۽ نوان نوان
عقيدا نظر اچن ٿا. اسلام جي روحاني زندگي، علمي،
نظري ۽ عملي اعتبار کان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي ۽
اها نئين لهر اسلامي دنيا جي مختلف شهرن ۾ پکڙجي
وئي، ٽين صدي هجري جي آخر ۾ سِري سقطي رحه جا دوست
۽ شاگرد بغداد وارو مسلڪ کڻي، اسلامي دنيا جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا.
چوٿين صدي هجري ۾ صوفين جو هڪ ٽولو موجود هو، جيڪو
روحاني تعليم ۽ تربيت وارو ڪم نهايت سهڻي نموني
ڪري رهيو هو، هن دور ۾ هيٺيان صوفي موجود هئا:
1.
حضرت ابوبڪر شبلي رحه سندس وفات 334هه ۾ ٿي، هُو
پنهنجي وقت جو وڏو صوفي هو.
2.
حضرت ابومحمد عبدالله رحه المرتعش سندس وفات 328هه
۾ بغداد ۾ ٿي، هو حضرت ابوحفص رحه ۽ ابوعثمان رحه
جو دوست هو، کيس جُنيد رحه بغدادي جي زيارت جو به
شرف حاصل ٿيو هو.
3.
حضرت خلدي رحه سندس وفات 328هه ۾ ٿي، هي پهريون
شخص آهي، جنهن صوفي بزرگن جو تذڪرو لکيو. سندن
مفيد ڳالهيون ۽ قول لکيا.
ڊاڪٽر حِلمي ’تصوّف جي واڌ ويجهه‘ واري عنوان هيٺ
لکيو آهي ته، ”ٽين ۽ چوٿين صدي هجري فني ۽ علمي
اعتبار کان تصوّف جي واڌ ويجهه ۾ تمام گهڻو مددگار
۽ سازگار ثابت ٿي. هن دور ۾ نه صرف صوفين جا مختلف
مذهب ۽ مسلڪ وجود ۾ آيا، پر صوفي ۽ مشائخ به گهڻو
مشهور ٿيا ۽ فني لحاظ کان تصوّف جي پيڙهه رکي وئي.
هن دور جي خاص خصوصيت اها آهي ته ٽين صدي هجري جي
پوئين اڌ کان صوفين پاڻ کي هڪ جماعت ۽ ٽولي جي
حيثيت سان باقاعده منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي
طريقي ۽ مسلڪ جي ترتيب ۽ تدوين ڪئي.
ان دور ۾ مرشد وچ ۾ ويهندو هو ۽ سندن مريد چوڌاري
ويهندا هئا، هو کين ذڪر اذڪار جا طور طريقا
ٻڌائيندو هو، جيڪا تعليم مرشد، پنهنجن مريدن کي
ڏيندو هو، سا ڪيترن ئي مسلڪن ۾ ورهايل هوندي هئي،
جهڙوڪ:
1.
سقطي طريقو: ان جي نسبت، حضرت سِري سقطي رحه ڏانهن
آهي.
2.
طيفوري طريقو: ان جي نسبت، حضرت بايزيد بسطامي رحه
سان آهي.
3.
جُنيدي طريقو: ان جي نسبت، حضرت جنيد رحه بغدادي
سان آهي.
4.
خرازي طريقو: ان جي نسبت، حضرت سعيد رحه الخراز
سان آهي.
5.
نُوري طريقو: هن جي نسبت، حضرت ابوحسين رحه النوري
سان آهي.
6.
ملامتي يا قصاري طريقو: ان جي نسبت، حضرت حمدون
رحه القصار سان آهي.
گذريل صفحن ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته علمِ شريعت ٻن
قسمن ۾ ورهايل آهي، هڪ علمِ ظاهر ٻيو علمِ باطن،
صوفي پاڻ کي اهلِ باطن سڏائين ٿا ۽ فقيهن کي اهلِ
ظاهر ۽ اربابِ رسوم جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
صوفين جي ان نقطئه نظر کي فقيهن پنهنجي توهين
سمجهيو، تنهنڪري هُو سدائين صوفين تي ڪاوڙيل رهيا.
فقيهن ڏٺو ته صوفي پنهنجي الهام ۽ وجدان ۽ ذوقِ
باطن جي نالي ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪي شريعت
جي ظاهري حڪمن جي خلاف آهن، تنهنڪري هنن صوفين جي
سخت مخالفت ڪئي ۽ مٿن ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون.
صوفين ۽ فقيهن وچ ۾ ڏينهون ڏينهن اختلاف وڌندا
رهيا، ڪن صوفين ان جهيڙي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
وقتي طور جهيڙو ڍرو ٿي ويندو هو، پر وري وڌي ويندو
هو. فقيهن ۽ صوفين جي جنگ جوسڀ کان نازڪ ۽ دل
دهلائيندڙ دور منصور حلاج رحه وارو دور آهي، ان
دور ۾ صوفين ۽ فقيهن جي جنگ انتها تي پهتي.
حسين رحه بن منصور حلاج جي ولادت 244هه ۾ بيضا ۾
ٿي، هن عمر جو ابتدائي زمانو واسط شهر ۾ گذاريو،
پوءِ هو اهواز جي هڪ ماڳ تستر ۾ صوفي بزرگ سهل رحه
بن عبدالله تستري وٽ رهيو، ان کان پوءِ بصري آيو،
جتي عمرو مڪي رحه جي صحبت ۾ رهي فيضياب ٿيو، 264هه
۾ بغداد آيو، اتي جنيد رحه بغدادي جي شاگردن جي
ٽولي ۾ شريڪ ٿيو، کيس سير سفر جو تمام گهڻو شوق
هو، تنهنڪري زندگيءَ جو وڏو عرصو هن سير سفر ۾
گذاريو، ٽي ڀيرا مڪي شريف وڃي حج جي سعادت حاصل
ڪيائين.
طبع ۾ غيور ۽ بيباڪ هو، سدائين حق سچ چوندو رهندو
هو، پنهنجي عقيدي ۽ مسلڪ ۾ تمام سخت هو، رواداري ۽
مصلحت جو قائل نه هو، جيڪا ڳالهه صحيح سمجهندو هو،
سا بي ڊپائي سان چوندو رهندو هو.
297هه ۾ ابن دائود الاصفهاني الظاهري جي فتويٰ سبب
گرفتار ٿيو، هڪ سال کان پوءِ يعني 298هه ۾ ڪنهن
طرح قيد مان ڀڄي ويو، ۽ اهواز جي هڪ بستي سُوس ۾
رهيو، 301هه ۾ وري گرفتار ٿيو، اٺ سال کيس بغداد
جي مختلف قيدخانن ۾ منتقل ڪندا رهيا. انڪري ته
متان اڳ وانگر قيد مان ڀڄي نه وڃي. آخر 18 ذيقعد
309هه ۾ سندس ڪيس جو آخري فيصلو ٿيو. فيصلو اهو
ٿيو ته سندس زندگي ختم ڪئي وڃي، کيس ڪوڙا هنيا
وڃن، ۽ سندس هٿ پير ڪپيا وڃن، سندس سِر بدن کان
ڌار ڪيو وڃي. سندس عضوا باهه ۾ ساڙيا وڃن. پوءِ
اها خاڪ دجله درياهه ۾ اُڇلائي وڃي.
حلاج رحه کي اها سزا انڪري ڏني وئي جو هن
”اناالحق“ جو نعرو هنيو، سندس ان نعري جو مطلب اهو
هو ته هو اتحادِ ذاتِ الاهي جو قائل هو، يعني
پنهنجي ذات کي ذاتِ الاهي ۾ گم ڪري، ذاتِ الاهي جو
هڪ جزو ۽ حصو بڻجي ويو هو.
منصور حلاج رحه وڏو صوفي بزرگ ۽ شاعر هو، هن 47
ڪتاب لکيا، هن پنهنجي نظم ۽ نثر وارن ڪتابن ۾ جيڪي
پنهنجا عقيدا ظاهر ڪيا آهن، سي هي آهن:
1.
ذاتِ الاهي جو ذاتِ بشري ۾ حُلول
2.
حقيقتِ محمدي جو قِدم (قديم، هميشه واري)
3.
توحيدِ اَديان (مذهبن جي هيڪڙائي)
حُلول جو مطلب اهو آهي ته الله انسان ۾، محبوب
مُحب ۾، رب عبد ۾، حُلول ڪري ٿو. جيئن پنهنجن
هيٺين شعرن ۾ فرمائي ٿو:
اسان ٻه روح آهيون
جن هڪ بدن جي صورت اختيار ڪئي آهي،
جڏهن هو مون کي ڏسي ٿو،
مان ان کي ڏسان ٿو،
جڏهن مان ان کي ڏسان ٿو،
هو مون کي ڏسي ٿو.
هڪ ٻئي هنڌ پنهنجي محبوب يعني خدا کي مخاطب ٿي چوي
ٿو:
تون منهنجي رڳ رڳ ۾ ۽ دل ۾ جاري ۽ ساري آهين
جهڙي ريت
ڳوڙها منهنجي اکين مان جاري آهن
ضمير، دل ۾ اهڙي ريت حل ٿي ويو آهي،
جهڙي ريت، روح بدن ۾ جذب ٿي وڃي ٿو
حلاج رحه روحِ محبوب ۽ روحِ نفس يعني انسان ۽ الله
جي روح جي ميلاپ جو قائل هو، ان جو ثبوت سندس هي
شعر آهن:
اي الله!
تنهنجو روح منهنجي روح ۾ اهڙي طرح سمائجي ويو آهي
جهڙي طرح،
شراب، آب زُلال (مٺي پاڻي) ۾
جڏهن ڪا شيءِ
توکي ڇُهي ٿي، ته مون کي به ڇُهي ٿي
ڇو ته
تون ۽ مان هر حال ۾ هڪ آهيون.
صوفي الله جا عاشق آهن، تنهنڪري صوفين جو چوڻ آهي
ته الله جي عبادت نه جهنم جي خوف کان ڪئي وڃي ۽ نه
جنت جي لالچ ۾ ڪئي وڃي. بلڪه صرف ديدارِ الاهي جي
تمنا هئڻ گهرجي، ۽ ان ئي جذبي تحت الله جي عبادت
ڪئي وڃي.
تصوّف جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته
شروعاتي ٻن صدين ۾ تصوّف عبادت ۽ رياضت جو هڪ اهڙو
طريقو هو، جنهن کي زُهد، فقر ۽ الله جي عبادت جي
نالي سان ياد ڪيو ويندو هو، ٽين ۽ چوٿين صدي هجري
۾ ان هڪ مستقل علم باطن جي صورت اختيار ڪئي. ان
کان پوءِ علم ظاهر ۽ علم باطن ۾ جهيڙو شروع ٿيو.
ڪڏهن ٿورو ته ڪڏهن گهڻو. اهو جهيڙو مُلن مولوين ۽
صوفين ۾ ٿيندو رهيو، پر پوءِ وڏي جنگاڻ لڳي، مُلن
مولوين فتوائون ڏيئي، منصور کي بيدرديءَ سان قتل
ڪرايو، جيڪو تاريخ جو وڏو سانحو هو.
پنجين صدي هجريءَ ۾ روح جي اوسر ۽ ذوق جي تربيت جي
هڪ نئين واٽ ۽ نئون طريقو وجود ۾ آيو، جنهن کي
معرفتِ الاهي جو ذريعو بڻايو ويو. اتان کان تصوّف
کي ٻن محاذن تي جنگ ڪرڻي پئي، پهريون محاذ فقيهن
جو هو، پوءِ وري ٻيو محاذ علم ڪلام وارن کڙو ڪيو.
پنجين صدي هجريءَ ۾ گهڻائي صوفي پيدا ٿيا. پر
ڊاڪٽر حِلمي پنجين صديءَ جي هڪ وڏي صوفي امام
غزالي رحه ۽ سندن روحاني زندگيءَ تي تفصيل سان بحث
ڪيو آهي، امام غزالي رحه جو جنم 450هه ۾ ٿيو ۽
سندن وفات 505هه ۾ ٿي، جيئن ته امام غزالي رحه هڪ
صوفي بزرگ هو، تنهنڪري ڪيترائي مذهبي عالم ۽ اصحاب
ظاهر نه صرف سندس مخالف هئا، پر کانئس نفرت ڪندا
هئا.
امام غزالي رحه جي خيال موجب شاگردن ۽ علمن جا فقط
چار قسم آهن:
(1)
متڪلمين، يعني علم ڪلام وارا
(2)
فلسفي، يعني عقل ۽ دليل وارا
(3)
باطني، يعني شيعه
(4)
صوفي، يعني دل ۽ روح وارا.
امام غزالي رحه مذڪوره چئني فرقن ۾ سڀ کان وڌيڪ
صوفين کي دل و جان سان چاهيندو هو، هو ان مسلڪ جي
تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ انهن کي ئي معرفت حاصل
ڪرڻ جو وڏو ذريعو سمجهندو هو، سندس خيال ۾ صوفين
جي سيرت بهترين سيرت آهي ۽ صوفين جو ڏسيل طريقوئي
سڀ کان بهتر ۽ افضل آهي ۽ صوفين جا اخلاق سڀني کان
بهتر ۽ بلند آهن، جن جي روشنيءَ ۾ سهڻي، سجائي ۽
ڪامياب زندگي گذاري سگهجي ٿي.
تصوّف ۽ فلسفئه الاهيات ۾ جيڪا دشمني رهي آهي، ان
متعلق هن کان اڳ ڪن پهلوئن تي گفتگو ٿي چڪي آهي،
پنجين صدي هجريءَ ۾ امام غزالي رحه متڪلمين جي
عقلي دليلن جو تجزيو ڪري، کين ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
فلسفين جي مذهبن تي غور ڪري دليلن سان سندن غلطيون
ظاهر ڪيون ۽ ثابت ڪيو ته عقل، حقيقت جي سڃاڻپ جي
سلسلي ۾ ناقص ۽ عاجز آهي، فقط ذوق ئي آهي، جيڪو
اها ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي چڱيءَ طرح سمجهي
سگهي ٿو.
هڪ طرف صورتحال اها هئي ته تصوّف ۽ فقه ۾ دشمني
هئي يعني مُلن مولوين ۽ صوفين جو پاڻ ۾ ٺاهه نه
هو، تصوّف ۽ ڪلام ۾ اختلاف هو، تصوّف ۽ فلسفي جي
هڪ ٻئي سان مخالفت هئي. ٻين مسلڪن ۽ تصوّف ۾ به
ڪافي دوري هئي، پر ان اختلاف، دشمني ۽ هڪ ٻئي کان
دوري جي باوجود تصوّف به انهيءَ زبان ۾ گفتگو شروع
ڪئي هئي، جيڪا فلسفين ۽ متڪلمين جي طرز گفتگو هئي.
انهيءَ صورتحال ڪجهه نيون صورتون پيدا ڪيون.
ڇهين ۽ ستين صدي هجريءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي
ٿو ته ان زماني ۾ تصوّف جا جيڪي موضوع ۽ مسلڪ رائج
هئا، سي هئا:
(1)
مجاهدا: يعني مريد لاءِ لازمي هو ته هو گهڻي کان
گهڻو مجاهدن طرف توجهه ڏئي، ۽ مختلف منزلون طئي
ڪري منزلِ مقصود تائين پهچي.
(2)
ڪشف: ڪشف جو مطلب آهي، مطلب کي پهچڻ واري حقيقت
حاصل ڪرڻ.
(3)
تصرفات: هن جومطلب آهي، ڪرامتن جي صورت ۾ هن دنيا
۽ سڄي ڪائنات تي اختيار. انهن ڪرامتن جو مصدر،
صوفي جو حجابِ حِس کان بي نياز ٿيڻ آهي، جيڪو ان
درجي تائين پهچي وڃي، سو موجودات جي حقيقت جو
مشاهدو ڪري سگهي ٿو
(4)
الشطحيات: هن جو مطلب آهي، اهي لفظ ۽ جملا جيڪي
وڏن صوفين چيا، جن جو ظاهري مطلب هڪ هو، ته باطني
ٻيو هو. بايزيد بسطامي رحه جو قول ’سبحاني ما اعظم
شاني‘ ۽ منصور حلاج رحه جو قول ’اناالحق‘ شطحيات ۾
شامل آهن.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر حِلمي ڇهين ۽ ستين صدي هجري جي
ڪن مشهور صوفين جو احوال ڏنو آهي، هن سڀ کان پهرين
حضرت شهاب الدين رحه ابوالفتح السهروردي المعروف
شيخ مقتول جو احوال ڏنو آهي.
شهاب الدين رحه جي ولادت 549هه ۾ سهرورد ۾ ٿي.
امام مجددالدين الجيلي رحه جو شاگرد بڻجي حڪمت ۽
اصولِ فقه جي تعليم حاصل ڪيائين. حلب جي ڪيترن ئي
عالمن سان مناظرا ڪيائين. انڪري ڪيترائي عالم سندس
مخالف ۽ دشمن بڻجي ويا. کيس ملحد ۽ ڪافر سڏڻ لڳا.
مخالفن سلطان صلاح الدين ايوبي سان شڪايت ڪئي، هن
پنهنجي پُٽ الظاهر کي لکيو ته سهروردي کي قتل ڪيو
وڃي. 587هه ۾ کيس قتل ڪيو ويو، ڪن جو چوڻ آهي ته
حلب جي مُلن جي شڪايتن تي سهروردي رحه کي قتل ڪرڻ
جو حڪم الظاهر ڏنو هو، جيڪو حلب جو حڪمران هو. هڪ
ٻي روايت آهي، ته جڏهن سهروردي کي معلوم ٿيو ته
حلب جي عالمن کيس قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني آهي ته هن
الظاهر کي عرض ڪيو ته کيس ڪنهن گهر ۾ نظربند ڪيو
وڃي. سلطان سندس عرض اگهايو ۽ کيس هڪ گهر ۾ نظربند
ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو.
ڊاڪٽر حِلمي جي راءِ آهي ته انهن ٻنهن واقعن مان
پهريون واقعو صحيح آهي، يعني شڪايت صلاح الدين
تائين پهتي، حلب جي عالمن سهروردي رحه جي قتل جي
فتويٰ ڏني ۽ الظاهر جي حڪم سان سهروردي کي قتل ڪيو
ويو.
سهروردي رحه پنهنجي تصنيفن ۾ شرح ۽ وضاحت بجاءِ
رمز ۽ اشاري کان ڪم ورتو، هن اهڙي وجداني زبان
استعمال ڪئي، جنهن ۾ سندس تعليم سمايل هئي، سندس
معاصرن مان ڪن سندس عقيدي ۽ ايمان تي جرح ڪئي ۽ شڪ
شبهو ظاهر ڪيو، اهڙي ريت هن ڄڻ حلب جي عالمن کي
پنهنجي قتل جي پاڻ ترغيب ڏني.
سهروردي رحه جا ڪيترائي آثار نظم ۽ نثر جي صورت ۾
موجود آهن. جيڪي سندس فلسفياڻي ثقافت ۽ ڏاهپ جا
ثبوت آهن، انهن مان هيٺيان خاص اهميت رکن ٿا:
1. حڪمت الاشراق، 2. هياڪل النور 3. غربت الغريبه.
انهن مان وڌيڪ اهم ڪتاب ’حڪمت الاشراق‘ آهي، جنهن
مسلمانن جي تاريخ، فڪر، ۽ روح تي گهرو اثر ڪيو.
درحقيقت ’حڪمت اشراق‘ هڪ روحاني فلسفو آهي، ان
مذهب جو سهارو ذوق ۽ وجدان آهي، اهوئي سهروردي رحه
واري جو مسلڪ آهي، مختصر لفظن ۾ اسان سهروردي رحه
جي ڪتاب حڪمت الاشراق لاءِ اهو چئي سگهون ٿا ته:
اهو نه خالص تصوّف آهي، ۽ نه وري رڳو فلسفو آهي،
بلڪ انهن ٻنهي جي وچ واري هڪ شيءِ آهي، محي الدين
ابن عربي رحه واري مذهب ۽ مسلڪ جو حضرت سهروردي
رحه جي مذهب ۽ مسلڪ سان ڪو تعلق نه هو، سندن ولادت
500هه ۾ اندلس جي هڪ ماڳ ’مرسيا‘ ۾ ٿي، پنهنجي دور
جو وڏو عالم هو، نظم ۽ نثر ۾ ٻه سؤ ڪتاب لکيائين،
جن مان هي ڪتاب گهڻو مشهور آهن:
1.
الفتوحات مڪيه: هن ڪتاب ۾ مختلف مذهبن ۽ مسلڪن تي
بحث ڪيو ويو آهي.
2.
فصوص الحڪم: هن ڪتاب جو موضوج تصوّف آهي، انهيءَ
موضوع تي هي هڪ تمام اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾
تصوّف ۽ فلسفي جا مسئلا سهڻي نموني سمجهايا ويا
آهن.
3.
ذخائر الاعلاق: هي سندس شاعريءَ جو ديوان آهي، هن
ڪتاب ۾ شاعر حُبِ الاهي جون ڪيفيتون بيان ڪيون
آهن، هن پنهنجي ڪلام ۾ فتوحات الاهي ۽ الهامات
روحي جون ڪيفيتون بيان ڪيون ويون آهن.
ابن عربي جو مسلڪ ۽ مذهب ’وحدت الوجود‘ هو، جنهن
جي فقيهن سخت مخالفت ڪئي. هنن ابن عربي جي مسلڪ ۽
سندس ڪتابن خلاف وڏو ممڻ مچايو. مٿس طرح طرح جا
الزام لڳايا. ڪفر ۽ گمراهي جون فتوائون جاري ڪيون.
۽ مصر ۾ کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. علامه ابن تيميه
(المتوفي 728هه) ابن خلدون (المتوفي 808هه) علامه
ابن حجر العسقلاني (المتوفي 852هه) ابراهيم
البقاعي (المتوفي 858هه). انهن کان سواءِ ٻيا به
عالم هئا، جن سندن مخالفت ڪئي پر انهن مڙني ۾ وڏو
مخالف بقاعي هو. مگر ڪيترائي وڏا عالم ابن عربي
رحه جا حامي هئا، جن مخالفن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو
۽ سندن ڪتابن کي رد ڪيو ۽ ابن عربي رحه جي مسلڪ
’وحدت الوجود‘ کي صحيح سمجهيو ۽ ان جي پيروي ڪندا
رهيا.
ابن عربي رحه جو چوڻ آهي ته وجود واحد (هڪ) آهي ۽
مخلوقات جو وجود عين وجودِ خالق آهي. تنهنڪري خالق
۽ مخلوق ۾ ڪو فرق نه آهي،
هُو پنهنجي ان نظريي جو دليل ’سبحان من خلق
الاشياء و هُو عينها‘ مان وٺي ٿو. پوءِ جڏهن وجودِ
حق، عين وجود خلق آهي ته پوءِ حقيقت به هڪ آهي، ته
پوءِ ان ۾ فرق ۽ امتياز ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟
’وحدت الوجود‘ جي سلسلي ۾ ابن عربي رحه جا ٻه
نظريا آهن:
1. حقيقت محمدي، 2. وحدت اديان
ڊاڪٽر حِلمي ٻڌايو آهي ته ڇهين ۽ ستين هجري جي
شاعري ۾ عمر ابن الفارض وڏي مرتبي تي فائز هو، هو
هڪ صوفي بزرگ هو، رياضت ۽ مجاهدو سندس زندگيءَ جو
شيوو هو. تمام وڏو شاعر هو، سندس شاعريءَ جو موضوع
حُبِ الاهي هو. پنهنجي محبوب يعني خدا کان سواءِ،
هُو هر ٻي شيءِ کان بي نياز ۽ بي پرواهه هو،. هي
به اتحادِ ذاتِ الاهي جو قائل هو.
صوفين ۾ وحدتِ مطلق (خودمختيار) نظريي جو باني
عبدالحق رحه بن سبعين هو. هو اندلسي هو. 613هه ۾
مرسيا ۾ پيدا ٿيو، ۽ 667هه ۾ مڪي پاڪ ۾ فوت ٿيو.
عبدالحق رحه هڪ وڏو صوفي ۽ فلسفي هو، وحدت الوجود
مطلق سندس مسلڪ هو، يعني هو فلسفي صوفي هو. ۽
ارسطو جي نظرين کان گهڻو متاثر هو. ابن سبعين بيبي
رابعه رحه وانگر حُبِ الاهي جي نشي ۾ سرشار هوندو
هو. ٽين صدي هجري جي پوئين اڌ کان صوفين ۽ مُلن
مولوين جو جهيڙو شروع ٿيو، مُلن مولوين صوفين کي
گمراهه ۽ ڪافر سڏيو. ان کان پوءِ امام غزالي رحه
ان جهيڙي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو ڪجهه ٿڌو ته
ٿيو، پر ختم ٿي نه سگهيو. اهو جهيڙو ڪڏهن گهٽ ته
ڪڏهن وڌ هلندو رهيو. ان اختلاف ۽ جهيڙي جو وڏو
سرچشمو ابن عربي رحه جو وحدت الوجود وارو نظريو
هو.
صوفين جي مذهب ۽ مسلڪ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت هڪ
حنبلي عالم تقي الدين بن تيميه (المتوفي 728هه)
ڪئي. هن صوفين جي تعليم ۽ تلقين تي لڳاتار سخت
حملا ڪيا ۽ صوفين جي خلاف ڪيترائي ننڍا وڏا ڪتاب
لکيائين، هن پنهنجي ڪتابن ۽ رسالن ۾ حلول، اتحاد ۽
وحدت الوجود جهڙن نظرين جي خاص طور سخت مخالفت
ڪئي.
سنه 726هه ۾ هن ضريح (تعزيه) وغيره جي زيارت کي
حرام سڏيندي فتويٰ جاري ڪئي، اولياءِ ڪرام جي
وسيلي کي به ناجائز ۽ شريعت جي خلاف سڏيو، ان ڪري
صوفين ۽ مُلن مولوين ۾ هڪ ٻئي خلاف نفرت ۽ دشمني
شدت اختيار ڪئي.
ڇهين ۽ ستين صدي هجري ۾ صوفين جا جيڪي مسلڪ رائج
هئا، تن مان ڪي خاص هي هئا:
1. قادري: هن مسلڪ جي نسبت ابوصالح عبدالقادر
الجيلي رحه (المتوفي 561هه) سان آهي، انهيءَ مسلڪ
جي سلوڪ جو محور اسم الله جو لڳاتار ذڪر آهي.
2. رفاعي: هن مسلڪ جي احمد رحه بن ابي الحسين
الرفاعي (المتوفي 570هه) سان آهي، هي علوم طريق جو
ماهر هو، هن منزلن جون مشڪلون کولي بيان ڪيون آهن،
سندن مريد باهه کائي ويندا هئا ۽ پاڻ کي نانگن کان
ڏنگرائيندا هئا، پر کين ڪو نقصان ڪونه ٿيندو هو.
3. سُهروردي: هن مسلڪ جي نسبت ابوحفص عمر
السهروردي رحه سان آهي، جنهن ’عوارف المعارف‘ ڪتاب
لکيو هو، سندس وفات 638هه ۾ ٿي.
4. شاذلي: هن مسلڪ جي نسبت ابوالحسن علي رحه
الشاذلي (المتوفي 566هه) سان آهي، شاذلي وڏو عالم
۽ عارف ۽ پنهنجي زماني جو قطب هو.
5. فارسي مسلڪ: هي اهوئي مسلڪ آهي، جو طريقه
مولويه جي نالي سان مشهور آهي، ان جي نسبت حضرت
جلال الدين رومي (صاحبِ مثنوي معنوي) المتوفي
672هه سان آهي. هن مسلڪ کي درويشي ۽ راقصي (رقص
ڪرڻ وارو) مسلڪ به چيو ويندو آهي. هن مسلڪ ۾
موسيقي ۽ رقص تمام ضروري هوندو آهي.
6. عربي مسلڪ: هن کي بدوي طريقو سڏيو ويندو آهي،
هي ابوالعباس احمد رحه البدوي ڏانهن منسوب آهي،
جنهن جي وفات 675هه ۾ ٿي.
ان زماني ۾ صوفين جا گهڻائي مسلڪ موجود هئا، هتي
ڪن ٿورن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر حِلمي لکيو آهي ته: ستين صدي هجريءَ کان
پوءِ واري تصوّف ۾ هڪ ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته
اڳيان صوفي جو ڪجهه چئي يا لکي ويا هئا، بعد جي
صوفين ان ۾ ڪو خاص واڌارو نه ڪيو. ان زماني جي
تصنيفن ۾ ڪو نئون نظريو نظر نه ٿو اچي. بلڪه اڳ ۾
لکيل صوفين جي ڪتابن جون شرحون ۽ خلاصا آهن.
اٺين صدي هجري ۾ عبدالرزاق قاشائي (المتوفي 739هه)
وڏو صوفي بزرگ هو، هُن ڪيترائي ڪتاب لکيا، پر سندس
ڪتابن ۾ ڪا نئين ڳالهه نظر نه ٿي اچي، اهي گهڻي
ڀاڱي ابن عربي رحه جي ڪتاب فصوص الحڪم ۽ ابن
الفارض جي قصيدي (التائته الڪبريٰ) جون شرحون آهن.
اٺين صدي جي آخر ۾ هڪ ٻيو صوفي بزرگ عبدالڪريم رحه
الجيلي نظر اچي ٿو، جنهن ’الانسان الڪامل‘ ڪتاب
لکيو. ان ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مصنف
وڏو عالم هو. هُو ابن عربي رحه جي مسلڪ کان متاثر
آهي. سندس ڪتاب ڄڻ فصوص الحڪم جي شرح ۽ خلاصو آهي.
ڏهين صدي هجري ۾ اسان کي عبدالوهاب الشعراني رحه
(المتوفي 973هه) گهڻو مٿاهون نظر اچي ٿو. هي به
ابن عربي رحه جو پوئلڳ هو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين،
جن ۾ روحاني ۽ قدرتي ذوق شوق ۽ عقلي مشاهدن جي
جهلڪ دلڪش نموني نظر اچي ٿي. پر هُو به شرح ۽
خلاصي واري حد کان اڳتي وڌي نه سگهيو آهي، هن به
ابن عربي رحه جي ڪتابن جي شرح ڪئي آهي. ڪٿي به ڪا
نواڻ نظر نه ٿي اچي.
يارهين ۽ ٻارهين صدي هجري ۾ عبدالغني نابلسي
(المتوفي 1143هه) نظر اچي ٿو. هُو به ابن عربي
رحه جو پوئلڳ هو. هن به رڳو ابن عربي جي ڪتابن جو
تفسير لکيو. پر پنهنجي پاران ڪو واڌارو نه ڪيو.
جيئن چوندا آهن ته هر ڪمال کي زوال آهي، تيئن
تصوّف به پنهنجي عروج تي پهچي زوال جو شڪار ٿيو،
جيڪا هڪ حقيقت آهي، جنهن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
جيڪڏهن تصوّف جي شروعات ۽ ان جي ڪمال تي نظر
ڊوڙايون، ته هيءَ ڳالهه واضح نظر ايندي، ته تصوّف
جي شروعات قرآن ۽ سنت سان ٿي، نبي سڳوري ﷺ جي
مثالي زندگيءَ جو ان تي اثر هو، پوءِ هڪ اهڙو دور
آيو جڏهن مسلمانن ڪي ملڪ فتح ڪيا ۽ ٻين قومن جي
ماڻهن سان سندن ميل ميلاپ ٿيو، ته منجهن ۾ ڪيتريون
ئي نيون شيون اچي ويون، نوان عقيدا آيا، نوان خيال
پيدا ٿيا، نوان نظريا ۽ نوان ويچار وجود ۾ آيا.
ان کان پوءِ ذهني زوال شروع ٿيو، معاملو صرف شرح ۽
تفسير تائين محدود ٿي ويو، ڪا نئين ڳالهه نروار نه
ٿي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته هي آخري دور ذهن ۽ دماغ
جي زوال جو دور آهي، جڏهن ذهن ۽ دماغ بيڪار ٿي
وڃي، ته پوءِ يقيناً زوال ايندو. واقعي ائين ٿيو،
تصوّف، جيڪو دل ۽ روح جي صفائي جو بهترين ذريعو ۽
وسيلو هو، سو هڪ ڪٽ لڳل ۽ ڪاراٽيل ادارو بڻجي ويو،
جيڪو صيقل (ڪٽ ۽ ڪارهن لاهڻ جو اوزار) کان محروم
ٿي ويو. انهيءَ زوال پذير دور تصوّف جي معيار کي
گهڻو هيٺ ڪيرائي ڇڏيو، مختصر طور ائين چئي سگهجي
ٿو ته تصوّف حال هو، پر زوال واري دور ۾ ان جو
برو حال ٿي ويو. اهو اڳ احتساب هو، پر پوءِ ان
اڪتساب واري صورت اختيار ڪئي، اهو اقتصار (پوري
ڪوشش ڪرڻ وارو) هو، پوءِ اشتهار بڻجي ويو. تصوّف
جي اڳ واري صورت بدلجي وئي، اهو خود سري ۽ بي عملي
جي صورت بڻجي ويو. اهو اڳ تقشف (سادي زندگي) بسر
ڪرڻ وارو هو، پر پوءِ ان تڪلف جو جُبو پهريو، اڳ
اهو تخلّق (سهڻي سلوڪ) وارو هو، پر پوءِ تملق
(چاپلوسي) بڻجي ويو. اڳ اهو قناعت هو، پر پوءِ ان
لوڀ لالچ وارو روپ اختيار ڪيو. اهڙي ريت تصوّف
پنهنجي اڳوڻي سهڻي صورت بدلائي، هڪ نئون روپ
اختيار ڪري زوال پذير ٿيو.
مٿي تصوّف بابت هڪ حقيقت بيان ڪئي وئي آهي، پر ان
جو اهومطلب هرگز نه آهي، ته سمورا صوفي انهيءَ رنگ
۾ رڱجي ويا هئا، انفرادي طور هر دور ۾ اهڙا صوفي
موجود هئا، جيڪي ذاتي طور وڏين خوبين جا مالڪ هئا،
پر زوال وارو دور شروع ٿيڻ کان پوءِ تصوّف جو گڏيل
نظام درهم برهم ٿي ويو.
ڊاڪٽر نواز علي شوق |