سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تاريخ تصوف اسلام

باب:

صفحو:5 

پر انهن مڙني ڳالهين کي ڇڏي، هڪ ڳالهه خاص طور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته توڙي جو اسلام جي روحاني زندگي سڌي ريت نصرانيت کان ذرو به متاثر نه ٿي آهي، ان لاءِ ته اها خود مستقل بالذات شيءِ آهي. ۽ اها ڪنهن اثر قبولڻ بجاءِ سدائين ٻين تي اثر ڪندي رهي آهي. پر جي ڪڏهن ۽ ڪنهن درجي ۾ اسلام جو ڪو فرقو مسيح عليہ السلام جي زندگيءَ کان متاثر نظر اچي ٿو ته، ان ۾ ڪنهن تعجب يا حيرت جي ڳالهه نه آهي. ڇو ته قرآن نه صرف نصرانيت سان وير ۽ بغض جي تعليم نه ڏني آهي، بلڪه پيار ۽ محبت طرف مائل ڪيو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:

ترجمو:        (اي پيغمبر) يهودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻين ماڻهن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصاريٰ آهيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِهو هن سببان آهي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آهن ۽ بيشڪ اُهي وڏائي نه ڪندا آهن. ۽ جيڪي پيغمبر ڏانهن لاٿو ويو، سو جڏهن ٻڌندا آهن تڏهن سندين اکين کي انهيءَ سببان جو سچ کي سڃاتائون ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسندين، چوندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار ايمان آندوسين تنهنڪري اسان کي شاهدن ۾ لِک.

ڪن مستشرقن جو خيال آهي ته، فقر ۽ زهد جا جيڪي جُزا صوفين ۾ موجود آهن، سي نصرانيت تان ورتل آهن. اهو بلڪل بي بنياد ۽ غلط آهي. قرآن پاڪ جي آيتن ۽ نبي سڳوري ﷺ جي حديثن مان اها ڳالهه چٽي ريت ظاهر ٿئي ٿي ته، فقر ۽ زهد جو اصل مرڪز اسلام آهي، نه ڪه نصرانيت يا مجوسيت وغيره. قرآن صاف ۽ چٽن لفظن ۾ دنيا سان گهٽ لاڙو رکڻ جي تلقين ڪئي آهي. الله پاڪ جو ارشاد آهي:

ترجمو:        ۽ (اي پيغمبر) انهن کي دُنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر، جا انهي پاڻيءَ وانگر آهي. جنهن کي آسمان کان وسايوسون، پوءِ ان سان زمين جا اوڀڙ گهاٽا ڄميا پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا اُنهن کي وائن اُڏايو، ۽ الله سڀڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي.

ٻئي موقعي تي ارشاد آهي:

ترجمو:       ڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (هڪ ٻئي کان) گهڻائي طلبڻ آهي، (انهيءَ جو مثال) انهيءَ مينهن وانگر (آهي) جنهن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي، پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آهي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آهي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آهي.

قرآن ۾ هڪ ٻئي هنڌ آيو آهي:

 

ترجمو:        اي ماڻهؤ! بيشڪ الله جو اَنجام سچّو آهي تنهنڪري نڪي اوهان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي فريبيندڙ (شيطان) الله بابت اوهان کي فريبي.

قرآن کان پوءِ حديث تي هڪ نظر وجھون ته ان مان به اهو ئي ثابت ٿيندو. هڪ ڀيرو پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو:

ان مما اخاف عليکم من بعدي ما يفتح عليکم من زهرة الدنيا، و زينتها. (رواه البخاري و مسلم)

ترجمو:        پاڻ کان پوءِ مان توهان جي جنهن شيءِ بابت خائف آهيان، اها هيءَ ته دنيا جي زينت ۽ ڪاميابي جا دروازا توهان تي کُلي ويندا.

ساڳي ريت هڪ ٻئي موقعي تي ارشاد ٿيو ته: ”دنيا ۾ زُهد جي زندگي بسر ڪر، خدا توکي پيارو گهرندو ۽ جيڪڏهن تون، زهد ماڻهن لاءِ اختيار ڪندين ته ماڻهو توکي پيارو گهرندا.“

هڪ موقعي تي فرمايائون:

الدنيا سجن للمومن ۽ جنة اللکافر (رواه ابن ماجه وغيره حديث حسن)

ترجمو:        دنيا مومن لاءِ قيدخانو ۽ ڪافر لاءِ جنت آهي.

مٿي جيڪي آيتون ۽ حديثون پيش ڪيون ويون آهن، سي سڀ پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم جون پاڻ ئي بهترين سمجھاڻيون آهن. ۽ اسان جي دعويٰ جو سگهارو دليل آهن. ان مان اها ڳالهه يقيني بڻجي وڃي ٿي، ته زاهد ۽ صوفي جنهن ترڪ دنيا ۽ الله کان سواءِ ٻين کان بيزاري واري جنهن تصوّف تي عمل ڪن ٿا، سو خالص اسلامي آهي، ۽ ان جو اصل ڪتاب الله ۽ سنت رسول ﷺ ۾ موجود آهي.

اهڙيءَ ريت فقر کي وٺو. اسلام جي تعليمات جي مطالعي مان هي نتيجو نڪري ٿو ته الله جي نظر ۾ فقر جي خاص منزلت آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:

لِلْفُقَرَاۗءِ الَّذِيْنَ اُحْصِرُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ لَا يَسْتَطِيْعُوْنَ ضَرْبًا فِي الْاَرْضِ ۡ يَحْسَبُھُمُ الْجَاهِلُ اَغْنِيَاۗءَ مِنَ التَّعَفُّفِ  ۚ تَعْرِفُھُمْ بِسِيْمٰھُمْ ۚ لَا يَسْــَٔـلُوْنَ النَّاسَ اِلْحَافًا  ۭ وَمَا تُنْفِقُوْا مِنْ خَيْرٍ فَاِنَّ اللّٰهَ بِهٖ عَلِيْمٌ (سورة بقره:273)

ترجمو:        اهڙن فقيرن کي (خيرات ڏيڻ لازم آهي) جيڪي الله جي واٽ ۾ روڪيل آهن (واپار لاءِ) مُلڪ ۾ سفر ڪري نه سگهندا آهن، ناواقف (سندن) بي طمعي سببان کين آسودا ڀائيندا آهن، سندين پيشانين مان کين سڃاڻندو آهين، چنبڙي ماڻهن کان نه پنندا آهن، ۽ جيڪي ڪجھ مال خرچيندا آهيو سو الله ڄاڻندڙ آهي.

اهڙي ريت قرآن مجيد ۾ ٻئي هنڌ آيو آهي:

لِلْفُقَرَاۗءِ الْمُهٰجِرِيْنَ الَّذِيْنَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِيَارِهِمْ وَاَمْوَالِهِمْ يَبْتَغُوْنَ فَضْلًا مِّنَ اللّٰهِ وَرِضْوَانًا وَّيَنْصُرُوْنَ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ  ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمُ الصّٰدِقُوْنَ (سورة الحَشر:8)

ترجمو:        (۽ اُهو فَيءَ جو مال) انهن هجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آهي جن کي سندن گهرن مان ۽ مالن مان ٻاهر ڪڍيو ويو. جيڪي (پنهنجي) الله کان فضل  ۽ سندس رضامندي طلبيندا آهن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آهن، اُهي ئي سچا آهن.

انهن آيتن جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن رسول الله ﷺ جي پاڪ زندگيءَ تي نظر وڌي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته پاڻ سڳورن ﷺ جي اهڙي ئي زندگي هئي. پاڻ سڳورا ﷺ اميري کان ڏور هئا ۽ فقيري جي ويجھو هئا. حالانڪه پاڻ سڳورن ﷺ لاءِ اهو ممڪن هو، چاهين ها، ته غني بڻجي وڃن ها. پر پاڻ سڳورن ﷺ شاهوڪاري واري زندگيءَ کان فقر (غريبي) واري زندگيءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. حضور ﷺ جن ڪڏهن به پاڻ وٽ مال ۽ ملڪيت ميڙي نه رکي. جيڪي آيو، سو راههِ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيو. پاڻ دنيا جي ٺٺ ٺانگر ۽ ڏيکاءُ کان بيزار رهيا. هميشه پنهنجي پروردگار طرف متوجه رهيا. ان مثال کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو، جنهن جي پيروي ڪئي وڃي؟ اهو ئي مثال هو، جنهن جي صوفين ۽ مسلمانن پيروي ڪئي.

مٿين حقيقتن جي روشني ۾ گولڊ زيهر جو اهو قول ڪوڙو ثابت ٿئي ٿو ته، فقر ۽ ايثار جي مدح جا جيڪي نمونا اسلام ۾ موجود آهن، سي نصرانيت جي اثر جا نتيجا آهن. پر هيءَ ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي، ته پاڻ سڳورن ﷺ جي زندگي قرآن تان ورتل آهي. ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ ماڻهن کي ان طرف دعوت ڏني، جيڪو اسلام جو پيغام هو. پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي قول ۽ عمل سان ثابت ڪيو، ته اسلام جي تعليم ۽ قرآن پاڪ جا ارشاد رڳو تصوّف ۽ نظريا نه آهن، پر انهن جي بنياد تي زندگي سهڻي نموني سنواري سگهجي ٿي ۽ زندگيءَ جو نظام مرتب ڪري سگهجي ٿو. ۽ اهو نظام ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ ٿي نه ٿو سگهي، ته دنيا جي ٺٺ ٺانگر کان ڪنارو ڪيو وڃي. دنيا جي مال متاع کان بيزار ٿي وڃجي. پرهيزگاري واري زندگي گذاري وڃي ۽ صالح عمل زندگيءَ جو اصول بڻايا وڃن.

اسلام ذڪر ۽ فڪر طرف خاص متوجه ڪيو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي:

ترجمو:        ۽ پنهنجي پالڻهار کي پنهنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀؤ سان وڏي آواز ڌاران صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه هُج.

نصرانيت ۾ ذڪر کان وڌيڪ خاموشي کي ترجيح ڏني وئي آهي، پر اسلام ۾ تصوّف، ذڪر کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، هڪ ٻئي هنڌ ارشاد رباني آهي:

ترجمو:        تنهنڪري مون کي ياد ڪريو ته آءٌ اوهان کي ياد ڪريان ۽ منهن جو شڪر ڪريو ۽ منهن جي بي شڪري نه ڪريو.

قرآن پاڪ ۾ هڪ ٻئي هنڌ ارشاد آهي:

ترجمو:        اي ايمان وارؤ الله کي تمام گهڻو ياد ڪريو. ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو. هو اُهو آهي جو اوهان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به اوهان لاءِ رحمت جي دُعا گهرندا آهن، ته اوهان کي اونداهين مان سوجهري ڏانهن ڪڍي، ۽ الله مؤمنن تي مهربان آهي.

ان کان سواءِ هڪ حديث ۾ آيو آهي ته، رسول الله ﷺ فرمايو:

يقول الله تعاليٰ انا عندظن عبد ربي، وان معہ اذا ذکرني فان ذکرني في نفسہٖ ذکرتہ في نفسي. (رواء البخاري ۽ مسلم)

ترجمو:        الله چوي ٿو ته، مان پنهنجي ٻانهي جي گمان سان گڏ آهيان. هُو جڏهن مون کي ياد ڪري ٿو ته، مان ان وٽ هوندو آهيان. جيڪڏهن هُو مون کي دل ۾ ياد ڪري ٿو ته، مان پنهنجي دل ۾ ان جي ياد رکان ٿو.

انهن مڙني مثالن ۽ دليلن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، اسلام جو تصوّف، پنهنجو هڪ مستقل وجود رکي ٿو. هُو ڪنهن به شيءِ ۾ ٻئي ڪنهن کان متاثر نه آهي. اهو ضرور آهي ته، ڪن شين ۾ اسلامي تصوّف، نصراني تصوّف سان ڪنهن حدتائين مشابهت ۽ هڪجهڙائي رکي ٿو، پر اها مشابهت ڪا اهڙي شيءِ نه آهي، جنهن سان اها راءِ قائم ڪئي وڃي ته، اسلام نصرانيت کان متاثر ٿيو آهي. اصل ڳالهه فقط اها آهي ته، اسلام جي سڀني اصولن جو مرڪز صرف ڪتاب الله ۽ سنت رسول الله آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آهي.

 

حاشيا ۽ حوالا

1.       قوت القلوب.

2.      بنو صوفه نسبت آهي. هڪ جاهل شخص، صوف بن مر بن اوبن ڏانهن. ان تي اهو نالو ان ڪري پيو جو ان جي ماءُ جو ڪو به پُٽ زنده نه رهندو هو. هن باس باسي ته جيڪڏهن سندس پٽ زنده رهيو ته، ان جي ڳلي ۾ صوف لڙڪائي ڇڏيندي ۽ ان کي صرف ڪعبي جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيندي، پوءِ جڏهن کيس پُٽ ڄائو ته هن پنهنجي باس موجب ايئن ئي ڪيو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته، نسڪ جو اصل منسوب آهي، بنو صوفه ڏانهن. ڇاڪاڻ ته هي اهو ٽولو هو، جن پاڻ کي صرف بيتُ الحرام جي خدمت لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو ۽ دنيا جا ٻيا سمورا ڪم ڇڏي ڏنا هئا. ڏسو مفردات القرآن، الاصفهاني، (ماده ”صف“) ان کان علاوه محرن جي ”اساس البلاغت“ مان به ان جي تصديق ٿئي ٿي.

3.      ڏسو ’حيات محمد‘ از ڊاڪٽر محمد حسين هيڪل پاشا.

4.      احياء علوم الدين.

 

يوناني تصوّف

 

ڇا اسلام جو تصوّف يوناني علمن ۽ تصوّف کان ورتل آهي؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، يونان پنهنجي علم، ڏاهپ ۽ فلسفي جي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. ان حقيقت کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته، دنيا جي ذهن ۽ دماغ تي، علمن ۽ روايتن تي، خيالن ۽ افڪار تي يونان جي علمن ۽ فلسفي ۽ تصوّف تمام گهرو اثر ڪيو آهي. پر اهي سڀ ڳالهيون تسليم ڪرڻ کان پوءِ به، نه ان تي يقين ڪيو وڃي ٿو ۽ نه وري ان جو ڪو ثبوت ڏيئي سگهجي ٿو ته، اسلام پنهنجي نظام تصوّف ۽ روحانيت ۾ يونان جي پيروي ڪندڙ ۽ تابع آهي.

يوناني ثقافت، اها ثقافت هئي، جيڪا مشرق جي ماڻهن تي حاوي ٿي وئي هئي. ان جي تاريخ سڪندر جي فتوحات کان شروع ٿئي ٿي ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين جاري رهيو، جيستائين مسلمان پنهنجي ثقافت کڻي، اڃا ميدان ۾ ڪو نه آيا هئا ۽ اهي سڄي دنيا تي ڇائنجي ڪو نه ويا هئا.

مسلمانن توڙي جو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جا جھندا بلند ڪيا هئا، پر هُو ٻين جي سهڻي ۽ معقول ڳالهه قبول ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ڪندا هئا. هنن ضرورت مطابق فراخ دليءَ سان اثر قبوليا ۽ اڳوڻين اُمتن جون اهي شيون ڏٺيون، پرکيون ۽ قبول ڪيون، جيڪي سندن ڪم جون هيون. هنن نسطورين جي تهذيب، نصرانين جي شهريت، وثني (بُت پرستن) جي ثقافت، يهودين جي حضارت (شهري زندگي) زرتشين جي پيروي (تقليد) ۽ مقلدن جي ڪهانت (غيب جي ڳالهه ٻڌائيندڙ)، هر شيءِ ڏٺي، جاچي پرکي ۽ سمجهي. بنو اُميه جي آخري دور ۾ ۽ بنو عباس دور جي وڏي حصّي ۾ ديني فقهي، فلسفي مامرا، عقلي روحاني زندگيءَ جا مختلف نمونا۽ ٻين ڪيترن ئي اثرن سان دنيا ڀريل هئي.

تصوّف جو مقابلو فلسفي سان هو. تصوّف علم باطن ۽ فلسفو علمِ ظاهر آهي. اسلام جي صدر اول (شروعات) ۾ ٻين خيالن جي ملاوٽ نه هئي.  دين سادو هو. اڃا دنيا مختلف ۽ متضاد خيالن جو مرڪز نه  بڻي هئي. ان زماني جي ڪائنات زهد، فقر، تقويٰ ۽ خوفِ خدا تي مشتمل هئي ۽ اهو ئي سڀ ڪجھ هو، پر پوءِ حالتون بدليون ۽ ان بدلجندڙ حالتن ۾ تصوّف به هڪ مستقل علمي صورت اختيار ڪئي. فلسفي جو اثر صرف ظاهر تي نه رهيو، پر باطن تي به پوڻ لڳو. مڃيل ڳالهيون شڪ شبهي جي مقابلي ۾ اچڻ لڳيون. ان زماني ۾ ان جي به ضرورت محسوس ٿي ته، علمي طور رياضت ۽ مجاهدا، نفس جي سعادت ۽ روح جي ڇوٽڪاري وارا مسئلا حل ڪيا وڃن. انهن جو هڪ ئي نظام بڻايو وڃي ۽ ان جي باقاعدي تدوين ڪري، ان کي هڪ شڪل ڏني وڃي.

عربي تهذيب ۽ يوناني ثقافت جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟ ۽ انهن جو هڪ ٻئي سان ڪهڙو تعلق آهي؟

تاريخ اسان کي جو ڪجھ ٻڌائي ٿي، سو هي آهي ته، عرب ۾ نصارن جا ٻه فرقا آباد هئا.

1.     نسطوري

2.    يعقوبي

نسطوري حيره واري سرزمين ۾ آباد هئا ۽ يعقوبي غسان ۽ شام جي سڀني قبيلن ۾ آباد هئا. انهن نصارن تي، يوناني اثر طاري هئا. تنهن ڪري اهي چاهيندا هئا، ته سندن عقيدا بُت پرستن جي مقابلي ۾ محفوظ رهن ۽ هُو انهن جو چڱيءَ طرح بچاءُ ڪري سگهن. انهن ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي فلسفي سان شوق ۽ دلچسپي رکندا هئا. ظاهر آهي ته، اهو يوناني فلسفو هو. اهي منطقي دليل ۽ عقلي حُجت جي رهبري ۾ اڳتي وڌندا هئا.

نسطورين ۾ سڀ کان پهرين سريان، فلسفي جي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن يوناني فلسفي جو پنهنجي زبان ۾ ترجمو ڪيو، ان کان پوءِ ان جو عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو. اهڙيءَ ريت يوناني فلسفو سرياني ٻوليءَ کان عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو.

پر اهو فلسفو خالص عقلي ۽ نظري فلسفو نه هو، جهڙو ارسطو جو فلسفو هو. جنهن جي شرح ۽ تفسير ۾ مسلمان فلسفي ڪُندي، فارابي ۽ ابن سينا خاص طور قابلِ ذڪر آهن. بهرحال قديم عرب جنهن فلسفي کان واقف ٿيا، سو هڪ نئين قسم جو فلسفو هو. اهو نه ته خالص عقلي هو ۽ نه وري خالص ديني. بلڪه اهو هڪ خاص قسم جو مرڪب هو، جنهن ۾ عقل ۽ روح، الهام ۽ ذهن ٻنهن جو ميلاپ هو. جنهن بعد ۾ ترقي ڪري جديد افلاطوني صورت اختيار ڪئي. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته يوناني فلسفي عقلي ۽ ذوقي ٻنهي طرفن کان چڱو اثر وڌو. پر مسلمان جنهن فلسفي کان متاثر ٿيا آهن، سو گهڻي ڀاڱي افلاطوني فلسفو هو. بعد ۾ ان ڏانهن گهڻو توجهه ڪيو ويو، ۽ سڀني فرقن ان کي سمجھڻ ۽ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ ان موجب پنهنجا عقيدا ۽ خيال مرتب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هونئن ته يونان جا ڪيترائي فلسفي مذهبي هئا، پر ماڻهو گهڻي ڀاڱي افلاطون واري فلسفي کان متاثر ٿيا. ۽ مسلمان به ان جي فلسفي کي هڪ خاص نظر سان ڏسڻ ۽ مڃڻ تي مجبور ٿيا.

ارسطو پنهنجي ڪتاب ۾ افلاطوني مذهب جي صحيح تصوير پيش ڪئي آهي. هن ٻڌايو آهي ته، اعليٰ حقيقت تائين رسائي رڳو فڪر ۽ عقل جي ذريعي حاصل ٿي نه ٿي سگهي، ان لاءِ مشاهدو ۽ حضورِ نفس به لازمي آهي.

هي بلڪل اهو ئي نظريو آهي، جيڪو اسلامي صوفين جو آهي. مسلمان صوفين جو هي بنيادي عقيدو آهي ته، حقيقت جي معرفت حِس ۽ عقل سان ٿي نه ٿي سگهي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو نُور ضروري آهي، جيڪو الله تعاليٰ پنهنجي مرضي سان ٻانهي جي دل ۾ وجھي ٿو. پر نُور جي تجلي، ان کي اُن وقت حاصل ٿيندي، جڏهن هو نفس جي گندگين کان پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو. ۽ الله کان سواءِ، هن جي دل مان هر شيءِ هلي ويندي. هُو پنهنجي پروردگار کان سواءِ ٻي هر شيءِ وساري ڇڏيندو. هُو الاهي لذتن ۾ غرق ٿي ويندو. وڇوڙي جي منزل ختم ٿي ويندي پوءِ ميلاپ جي حد شروع ٿي ويندي.

ٻين لفظن ۾ اهو نُڪتو هيئن سمجھڻ گهرجي، ته صوفين وٽ معرفت جي راهه اها آهي، جيڪا افلاطوني مذهب ۾ مڃي وئي آهي. يعني ذوق ۽ وجد، ۽ اها شيءِ جيڪا ذوق ۽ وجد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هجي، جيڪا رياضتن، مجاهدن ۽ عبادتن جي عقده ڪشائي ڪندي هجي، بلڪل صاف ۽ سادي، چٽن لفظن ۾ ايئن سمجھو، ته اهو اصول تَتُ آهي، ’اعرف نَفسک بنفسک‘ جو يعني پنهنجي نفس کي پنهنجي نفس سان سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪيو.

اهو ئي سقراط جو مسلڪ هو. اهائي جديد افلاطونيت آهي، ۽ اهو ئي مسلمانن جو مسلڪ ۽ مذهب آهي. صوفين ان اصول تي سڀ کان وڌيڪ عمل ڪيو. هو ان رنگ ۾ رڱجي ويا. بلڪه انتها تائين پهچي ويا. هنن پنهنجي آڏو هيءَ حديث رکي ته، رسول الله ﷺ فرمايو:

مَن عَرف نفسہ فقد عرف ربہ.

ترجمو:        جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو.

ان حديث تي هنن پنهنجا تمام گهڻا خيال، عقيدا ۽ قياسي رنگ چاڙهيا. اها ڳالهه اتي ختم نه ٿي ٿئي، پر اڃا ڪجھ اڳتي وڌي ٿي. افلاطوني مذهب به موجودات ۾ جنهن هڪ هستي کي ڪارفرما مڃي ٿو، سو الله آهي. پر هو موجودات جي تسلسل جو به قائل آهي، جيڪي هڪ ٻئي سان جُڙيل ۽ ڳنڍيل آهن. تنهن ڪري صوفين جو نظريو يا وحدت الوجود وارو عقيدو درحقيقت هڪ فلسفياڻو مسئلو آهي. ۽ ان ۾ افلاطوني اثر ڪافي حد تائين نظر اچن ٿا. تنهن ڪري الله ۽ عقل اول ۽ نفس ڪليه ۽ ماده غير محدود ۽ نفوس جزئيه، اهي سڀ عبارت آهن، وجود جي مختلف مرتبن سان ۽ اهو خالص افلاطوني مسلڪ آهي.

ان عقيدي مطابق الله تعاليٰ جو پهريون فيض عقل (هي ڪنايو آهي حضرت جبرئيل عليه السلام ۽ نورِ رسول مقبول ﷺ ۽ عرش اعظم ڏانهن) اول آهي. انهيءَ تي سموري موجودات جو مرڪز ڪارفرما آهي. ان سان الله کان سواءِ سمورا فيض ظاهر ٿين ٿا. هي اهو نظريو آهي، جيڪو مُحي الدين عربي وٽ وحدت الوجود جي صورت ۾ اسان کي نظر اچي ٿو.

جيئن جيئن مسلمان فلسفي جي ويجھو ايندا رهيا ته، انهن جي تصوّف ۾ فلسفي جو رنگ وڌڻ لڳو. ايستائين جو پنهنجي مشاهدي، وجدان ۽ خيال ظاهر ڪرڻ ۽ ڏاهپ تائين هنن فلسفياڻا اصلطلاح استعمال به ڪيا ته ايجاد به ڪيا.

پوين صوفين پنهنجي مذهب ۾ فلسفي جا ڪيترائي اصطلاح داخل ڪيا.

هيٺ فلسفياڻا اصطلاح لکيا وڃن ٿا، جيڪي تصوّف جي مذهبن ۾ موجود آهن:

1. معاني ازليه         2. حقيقت

3. حقيقت الحقائق            4. ڪلمو

5. علت و معلول               6. فيض

7. وحدت ۽ ڪثرت   8. عقل اول

9. عقل ڪُلي.

اهي سڀ خالص فلسفياڻا اصطلاح آهن. انهن جي اها معنيٰ ۽ مطلب نه آهي، جيڪو ظاهري لفظن ۾ سمجھ ۾ اچي ٿو، پر انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم مخصوص آهي، جيڪي هڪ خاص مقصد خاطر مقرر ڪيا ويا آهن يا گهڙيا ويا آهن.

اهي سمورا اصطلاح افلاطون، ارسطو، زواقي (يوناني فلسفِيءَ جي زير اثر پيدا ٿيڻ وارو فلسفياڻو مڪتبئه فڪر) ۽ جديد افلاطوني مان ورتا ويا آهن. توڙي جو اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا ته، اسلامي تصوّف جي آخري دور تي يوناني فلسفي جو عام طور تي ۽ افلاطوني فلسفي جو خاص طور تي وڏو ۽ گهرو اثر پيو. پر اسان ان کي هرگز تسليم نه ٿا ڪري سگهون ته، صدر اول (شروعات) جو اسلامي تصوّف يوناني فلسفي کان متاثر هو. تصوّف جيستائين باقاعدي علمي صورت اختيار نه ڪئي هئي، ته بلڪل خالص هو. ان تي الله جي ڪتاب ۽ رسول الله ﷺ جي سنت کان علاوه ڪنهن جو به ڪو اثر ڪو نه هو. صدر اول کان پوءِ تصوّف تي جيڪڏهن يوناني فلسفي يا ڪنهن ٻئي مڪتبئه خيال جو ڪجھ اثر پيو. سو دليل ۽ حُجت طور پيش نه ٿو ڪري سگهجي. صدر اول وارا ماڻهو، يونان جي فلسفي کان واقف نه هئا ۽ کين ان جي ضرورت به نه هئي. هو هڪ سادي ۽ بلڪل فطري دين جا مبلغ ۽ داعي هئا ۽ انهن جو تصوّف به سندن دين وانگر سادو ۽ فطري هو، ان کي نه فلسفياڻي اصطلاحن جي ضرورت هئي ۽ نه وري ان جي آڌار جي ڪا ضرورت هئي.

هڪ ٻي ڳالهه، متاخرين صوفي مثلاً: مُحي الدين عربي وغيره وٽ توڙي جو فلسفياڻا اصطلاح ملن ٿا، پر انهن جي دعوت جو بنياد به خالص اسلام ئي آهي. اهو ئي اسلام، جيڪو محمد رسول الله ﷺ ٻڌايو ۽ پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو.

اسلام جو تصوّف ٻين مذهبن جي عقيدن ۽ خيالن ۽ تصوّف کان ڪيترو متاثر ٿيو؟ ان بابت اسان گذريل صفحن ۾ تفصيلي بحث ڪري چڪا آهيون، هينئرضروري آهي ته، ان بحث کي اجايو اينگهايو نه وڃي، اهو اتي ئي ختم ڪيو وڃي.

مٿي جيڪو مواد پيش ڪيو ويو آهي، سو ان ڳالهه جو دليل آهي ته اسلام جو تصوّف هڪ نظام ۾ مڪتبئه خيال آهي. اهو ضرور آهي ته، ان ۾ ڪٿي ڪٿي ٻين سان مشابهت ۽ هڪجهڙائي نظر اچي ٿي. پر مشابهت ۽ هڪجهڙائي متعلق اهو سمجھڻ ته اهو ورتل آهي، وڏي غلطي آهي. هن موقعي تي نامناسب نه ٿيندو، جيڪڏهن اسان ابو سعيد ابن ابوالخير، فارسي زبان جي صوفي شاعر ۽ مشهور فلسفي ابن سينا جي ملاقات جو ذڪر ڪريون

هڪ ڀيرو هُو پاڻ ۾ مليا ته مختلف مسئلن تي بحث ۽ گفتگو جو سلسلو شروع ٿيو. ان گفتگو جي پڄاڻي کان پوءِ هُو ٻئي جڏهن هڪ ٻئي کان موڪلائي روانا ٿيا ته ابو سعيد، ابن سينا جي باري ۾ چيو ته ” جو ڪجھ مان ڄاڻان ٿو، هي ان کان واقف آهي.“ ۽ ابن سينا وري ابو سعيد جي باري ۾ چيو ته، ”هن جو علم منهنجي علم تي حاوي آهي.“

ظاهر آهي ته، نه ابن سينا ابو سعيد کان ڪجھ سکيو ۽ نه وري ابو سعيد ابن سينا کان ڪجھ پرايو. پر ٻئي جڏهن هڪ ٻئي جي ويجھو آيا ته ٻنهيءَ ۾ ڪي ڳالهيون مشترڪ نڪتيون ۽ ان جو اعتراف هنن ٻنهن مختلف لفظن ۾ ڪيو. اهڙيءَ ريت اسلام جو تصوّف ٻين دينن جي عقيدن کان جيستائين پري رهيو ته پري رهيو. پر جڏهن ان کي ويجھڙائي ۽ ميلاپ جو موقعو مليو ته، ڪجھ شيون اهڙيون به نڪتيون، جن مان اندازو ٿيو، ته ڪي خيال انهن ۾ هڪ جهڙا آهن. اها هڪجهڙائي، ڪهڙي به قسم جي ڇو نه هجي، پر ان کي ٻين تان ورتل سمجھڻ سراسر غلط آهي. ايئن ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. پر جيڪا شيءِ پنهنجي جاءِ تي مستقل ۽ دائم آهي، ان کي ڪو به باطل سڏي نه ٿو سگهي، ۽ نه وري ان جي باري ۾ اهو ثابت ڪري سگهي ٿو ته، اهو اڌارو ورتل آهي.

مذاهب روحيه جو مقصد

رُوحي مذهبن جو مقصد ڇا آهي؟

غور سان ڏٺو وڃي ته روحي مذهبن جو مقصد صرف هڪ ئي هوندو آهي. اُهو اِهو آهي ته، حقيقتون پڌريون ڪيون وڃن ۽ واقعن جي ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي، وجود جو اصل مقصد سمجھيو وڃي ۽ نفس جي تربيت ڪري. ان کي بڇڙاين کان پاڪ ڪيو وڃي. رب جي معرفت حاصل ڪئي وڃي ۽ ان تائين پهچڻ ۽ ان جو قُرب حاصل ڪرڻ جا وسيلا ڳولهيا وڃن.

ان مقصد کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، پر جيڪو سوال رهجي ٿو وڃي، سو صرف هي آهي ته، مقصد حاصل ڪرڻ جي صورت، ڪيفيت ۽ طريقو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟! ان ۾ خيال جو اختلاف به ٿي سگهي ٿو، ته ميل به ٿي سگهي ٿو. پوءِ جيڪڏهن ڪٿي ميل نظر اچي، ته ان مان اهو غلط نتيجو ڪڍڻ ڪهڙي ريت جائز ٿي سگهي ٿو، ته ميل کائڻ نتيجو آهي، نقل ۽ اخذ ڪرڻ جو.

هر مذهب ۽ مسلڪ ۾ ٻه شيون خاص طور ويچار ڪرڻ جهڙيون هونديون آهن:

1. اصل

2. فروعات

اسلام جي تصوّف ۽ تعليمات جو جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته، ڪو به شخص ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته، اسلام جو اصل، هر ميل ملاوٽ کان پاڪ آهي. اسلام جي مختلف فرقن جي به عام طور ۽ خاص طور صوفي مسلڪ جي به اها ئي حالت آهي. اسلام جو تصوّف به پنهنجي انفراديت ۽ شخصيت جي اعتبار کان سڀني کان ڌار ۽ مٿانهون آهي.

باقي فروعات جو مسئلو رهجي ٿو وڃي، ته اهو ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي. ان ۾ جيڪڏهن ڪٿي معمولي ميل نظر اچي ٿو ته، اهو ڪا اعتراض جوڳي اهميت نه ٿو رکي. تصوّف جي ساري تاريخ چاهي اها صدرِ اول (شروعات) سان تعلق رکندي هجي يا آخري دور سان تعلق رکندي هجي، ان حقيقت جي شاهد آهي ته، ان جو اصل ڪٿي ۽ ڪڏهن به پنهنجي اصلي مرڪز کان ڏور ڪو نه ٿيو آهي. اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا اثر قبولڻ لاءِ نه آهي، اثر انداز ٿيڻ لاءِ فروعات ۾ ضرور ڪٿي هڪجهڙائي جي جھلڪ نظر اچي ٿي، پر اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هڪجهڙائي ۽ اڌارو وٺڻ ۾ تمام وڏو فرق آهي.

هڪجهڙائي نه ڪو عيب آهي ۽ نه وري ڪا اعتراض جوڳي شيءِ آهي. عيب ۽ اعتراض جوڳي جيڪڏهن ڪا شيءِ آهي، ته صرف هي ته، پراڻي شيءِ کي نئون ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ اسلام جو ڪو به فرقو، کڻي ڪيتري به ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، انهيءَ اعتبار کان مياري سڏي نه ٿو سگهجي. اسلام جي تصوّف جو صرف هڪ مرڪز ۽ هڪ محور آهي.

ڪتاب الله

سنت رسول الله!

اهو ئي سبب آهي جو صدر اول (شروعات) جا صوفي جيتريون سربلنديون حاصل ڪري سگهيا، بعد جي صوفين ۾ اها ڳالهه پيدا نه ٿي سگهي. ان  لاءِ ته اهي قرآن ۽ حديث سان خدا ۽ رسول الله ﷺ سان تمام ويجھو هئا. ان کان پوءِ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين وڇوٽي وڌندي رهي.

مسلمان زاهد ۽ عابد

گذريل صفحن ۾ اسان انتهائي تفصيل سان ان ڳالهه تي روشني وجھي چڪا آهيون ته، رسول ڪريم ﷺ ڪهڙي قسم جي روحاني زندگي گذاري ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي پيروي ۾ صحابي سڳورن ۽ سندن فرمانبرداري ڪندي تابعين ڪهڙي طرح روحي زندگي گذاري ۽ هي ته، رسول ڪريم ﷺ روحاني زندگيءَ جو جيڪو معيار پيش ڪيو، سو ايڏو بلند ۽ مٿاهون هو، جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ ڪو مثال ۽ نظير نه ٿو ملي.

اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي آهي ته، اسلام ۾ عبادت ۽ دنيا تياڳڻ، زهد ۽ تقويٰ، رياضت ۽ مجاهدي جو اصل ۽ حقيقي مفهوم ڇا آهي؟ ان کان علاوه اسلام جي دعوت ۽ اسلام جي تصوّف جو پيغام، ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي ته، هيءَ دنيا پيدا ڪرڻ واري سان گهڻي کان گهڻي محبت ڪئي وڃي ۽ دنيا جي ٺٺ ٺانگر تي گهٽ توجهه ڏنو وڃي.

اسان هي به تفصيل سان ٻڌائي چڪا آهيون ۽ هر وقت اها حقيقت معلوم ڪري سگهون ٿا، ته رسول الله ﷺ ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي زندگي هئي رياضت نفس، مجاهدا، ترڪِ هوا و هوس ۽ عملِ خالص. عملِ خالص جو مطلب ايمان ۽ تقويٰ آهي. ايئن سمجھو ته پاڻ سڳورن ﷺ ۽ صحابي سونهارن جي زندگي هڪ اُسوه حسنه (عمدو نمونو) آهي، جيڪو سڀني لاءِ پيروي ڪرڻ لائق آهي. اهو رهنمائي جو اهڙو معيار آهي، جنهن جي سڀني کي پيروي ڪرڻ گهرجي. اهو هدايت جي اهڙي منزل آهي، جنهن تي هلي، هر شخص منزلِ مقصود ماڻي سگهي ٿو.

رسول الله ﷺ، سندن صحابي ۽ انهن کان پوءِ تابعين مان جيڪي زهد ۽ عبادت ۽ رياضت ۽ مجاهدي جي اعتبار کان خاص طور نمايان ۽ مٿاهان نظر اچن ٿا، سي سڀ اهي هئا، جيڪي فرمانبرداري ۽ عبادت جي رمزن کان واقف هئا، ۽ دنيا جي عام رواجي شين ڏانهن مائل نه هئا. مثلاً:

1.      اويس بن عامر القرني.

2.     عامر بن عبدالله بن عبد قيس البصري.

3.     مسروق بن عبدالرحمان، ابو عائشه الڪوفي.

4.     ربيع بن خيثم

5.     حرم بن حيّان

6.     حسن بن ابي الحسن ابو سعيد البصري.

هي ڪجھ نالا آهن، پر جيڪڏهن طبقات جي ڪتابن جو معائنو ۽ مطالعو ڪيو وڃي ته، انهن ۽ انهن جي همعصرن تي اخبار و آثار، احوال و ڪوائف، اقوال و اعمال جو تمام گهڻو احوال ملندو. مطلب ته سندن زهد ۽ عبادتن جا احوال ڪتابن مان مڪمل طور ملي سگهن ٿا. ياد رهي ته، اهي سمورا تابعي هئا. ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار جو محور پاڻ سڳورن ﷺ جي زندگي مطابق ۽ صحابين جو نمونو هو.

تابعين جي طبقي تي نگاهه وڌي وڃي ته، معلوم ٿيندو ته انهن جا ڪي ٽولا نظر اچن ٿا.

1.               هڪ اهو ٽولو، جيڪو نساڪ (خدا پرستن) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

2.              ٻيو اهو ٽولو، جيڪو زاهدن جي نالي سان مشهور آهي.

3.              ٽيون اهو ٽولو، جيڪو عابدن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

4.              چوٿون اهو ٽولو آهي، جيڪو بڪائين جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

ظاهري طور هي سڀ نالا مختلف ۽ هڪ ٻئي جا مخالف آهن، پر حقيقت ۾ اهي سڀ هڪ ئي معنيٰ ڏانهن اشارو ڪن ٿا. يعني، دين جي معاملي ۾ گهڻي کان گهڻو توجهه ۽ دنيا جي معاملي ۾ گهڻي کان گهڻي بيپرواهي. ذڪرِ الاهي طرف تمام گهڻو توجهه. ان جي اصولِ حيات جو جيڪڏهن تتُ نروار ڪيو وڃي ته اهو هي ٿيندو:

1.      تمام گهڻو ذڪرِ الاهي.

2.     حُبِ دنيا کان بيزاري.

3.     ڪائنات جي مسئلن تي غور ۽ ويچار.

4.     دنيا وارن کان دُوري.

5.     الله تي مڪمل توڪل.

اِهي ئي هئا بنيادي عقيدا، جن تي ڪردار ۽ عمل جو دارومدار هو، ۽ ان روشنيءَ ۾ زهد ۽ تصوّف جو قافلو اڳتي وڌي رهيو هو.

پهرين ۽ ٻي صدي هجريءَ جي

 زاهدن ۽ عابدن جي ڪيفيت

تابعين ۽ تبع تابعين ۽ ٻين طبقن جي نظر ۾ روحي حيات جو مطلب ڇا هو؟

هي هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب اڳتي ڪجھ تفصيل سان ڏينداسون. في الحال اسان اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته، ان دؤر ۾ (يعني پهرين ٻن صدين ۾)، تصوّف جو ڪو خاص مربوط ۽ مرتب نظام موجود نه هو ۽ نه وري عبادت ۽ رياضت جو ڪو اهڙو علمي نظام هو، جنهن کي تصوّف جو هڪ ادارو سڏيو وڃي. ان زماني ۾ هر شيءِ صرف دين سان وابسته هئي ۽ ان ۾ سڀ هڪ جيترا شريڪ هئا. ذاتي ۽ شخصي طور جيڪو زهد ۽ عبادت طرف مائل ٿيندو هو، سو زاهدن ۽ عابدن ۾ ڳڻيو ويندو هو.

پر اها صورتحال صرف عبادت ۾ ظاهري ڪمن ڪارين تائين محدود هئي. روحانيت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ هڪ خاص نظام موجود هو ۽ اهو ان ڏينهن کان قائم ٿي چڪو هو، جڏهن رسول الله ﷺ غار حرا ۾ ڪائنات جي مسئلن تي غور ۽ ويچار شروع فرمايو هو. ٻين لفظن ۾ هيئن سمجھڻ گهرجي ته، اسلام جو روحاني نظام نهايت سادگي، جامعيت ۽ تڪميل سان پهرين ڏينهن کان قائم ٿي چڪو هو.

توڙي جو زاهدن ۽ عابدن جي طور طريقي ۾ ڪنهن حد تائين اختلاف هو، پر اهو اختلاف بنيادي ۽ اساسي نه هو. اصل مقصد سڀني جو هڪ هو. ۽ اهو صرف هي هو ته، روح کي وڌ کان وڌ خالص بڻايو وڃي ۽ ان کي انهن بلندين تائين پهچايو وڃي، جيڪي ان جي انتها هجن. ٻيو هي ته روحاني سرگرميون وڌ کان وڌ تيز ڪيون وڃن. دنيا ۽ ان جي بکيڙن کان دور ٿي، ان سان ڪو تعلق نه رکيو وڃي، جيڪي ماڻهو انهيءَ عقيدن وارا هئا ۽ جن جو عمل انهن عقيدن جو نتيجو هو، سي ئي زاهد عابد سڏيا ويندا هئا.

ان سلسلي ۾ ٻن مڪتبئه خيال جو ذڪر خاص طور ضروري آهي، جيڪي تصوّف جي متعلق هئا:

1.     ڪوفي جو مدرسو

2.    بصري جو مدرسو

انهن مدرسن ۾ فقه، حديث، علوم لغت، شعر ۽ علم الڪلام طرف گهٽ توجهه ڏنو ويندو هو. اتي جن شين تي خاص الخاص طريقي سان زور ڏنو ويندو هو، سي هي هيون: رياضتِ قلب، مجاهده نفس ۽ روح جي پاڪيزگي ۽ صفائي.

پروفيسر ماسينيون جي تحقيق موجب:

1. ڪُوفي جو مدرسو يمني مڪتبه خيال وارو هو. اتي نحو ۽ شعر طرف گهٽ توجهه ڏنو ويندو هو، پر ظاهر حديث تي گهڻو زور ڏنو ويندو هو. اهو مدرسو شيعه عالمن جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ان ۾ مُرجِيه(1) عقيدن جا عنصر به شامل هئا، جيڪي زاهد ۽ عابد هئا، تن مان هيٺيان خاص طور قابلِ ذڪر آهن. ربيع بن خيثم (المتوفي 67 هجري) جابر بن حيّان، ڪليب الصيدادي، منصور بن عمار ۽ ابو العتاهيه.

انهن مان منصور بن عمار وغيره پنهنجي زندگيءَ جو هڪ حصّو بغداد ۾ گذاريو، جيڪو ان وقت دولتِ اسلاميه جو واحد مرڪز هو.

2. بصري وارو مدرسو تميمي، مڪتبئه خيال وارو هو. اتي تحقيق طرف گهڻو توجهه ڏنو ويندو هو ۽ منطق تي به گهڻو زور ڏنو ويندو هو. ۽ نَحو جي مسئلن کان به هو صفا بيزار نه هئا. شعر جي تحقيق طرف به توجهه ڏنو ويندو هو. حديث جي پرک تي به بحث مباحثو ڪيو ويندو هو.

اهو مدرسو اهلِ سنت جي اصولن تي هو، پر اتي تعزلي(2) ۽ قدري(3) عناصر به موجود هوندا هئا. اتان جا هي شيخ زهد ۽ عبادت جي حوالي سان قابلِ ذڪر آهن.

1.      حسن بصري (المتوفي 110 هجري)

2.     مالڪ بن دينار (المتوفي 181 هجري)

3.     فضل الرقاشي (المتوفي 129هجري)

4.     رباح ابن عمرو القيسي

5.     صالح ابن بشر المري (المتوفي 172هجري)

6.     عبدالواحد بن زيد (المتوفي 177هجري)

۽ عين ان وقت، جڏهن ڪوفي ۽ بصري کي زهد ۽ نسڪ (عبادت) جي مرڪز واري حيثيت حاصل هئي. اسلامي مملڪت جي ٻين شهرن ۾ به زاهد شيخ پيدا ٿي رهيا هئا. مثلاً خراسان ۾:

1.      ابراهيم بن ادهم (المتوفي 161 هجري)

2.     شفيق البلخي (المتوفي 194 هجري)

شفيق البلخي ابراهيم بن ادهم جو شاگرد هو.

اهي سمورا عابد ۽ زاهد جيڪي پهرين ۽ ٻي صديءَ ۾ ظاهر ٿيا. انهن کان پوءِ جيڪي آيا، سي گهڻي ڀاڱي صوفي جي لقب سان مشهور ٿيا، پر اهي سڀ ان مبارڪ وڻ جون شاخون ۽ ٽاريون هئا، جن جون مضبوط پاڙون رسول الله ﷺ جي پاڪ زندگي جي نور واري چشمي کان سيراب ۽ مستحڪم ٿيون هيون. ان وڻ جون شاخون صحابي سونهارن جي حياتيءَ جي فيض واري چشمي مان سيراب ٿي وڌيون ويجھيون. اهي پاڪ نفس ۽ پاڪ دل هئا، جن رياضت ۽ مجاهدي سان پنهنجي وجود جي تڪميل ڪري ڇڏي هئي. پوءِ ان مبارڪ وڻ جون شاخون وڌيون، گونچ ڦُٽا، گل ۽ ميوا پيدا ٿيا، ۽ فتوحات الاهي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو.

انهن مڙني جو مسلڪ هڪ ئي هو ته، دنيا کان ڪنارو ڪيو وڃي. الله سان عشق ڪيو وڃي ۽ هي اهو اصول آهي، جيڪو صدر اوّل (شروع) کان يعني رسول الله ﷺ جي سهڻي دور کان مسلسل منتقل ٿيندو ٿي آيو. اهو اصول مسلمانن ۾ پيٺل ۽ پکڙيل هو. پوءِ جڏهن مسلمانن جي بدوي زندگي وارو دور ختم ٿيو، ترقي ٿي ۽ خوشحالي آئي ته، مسلمانن جي وچ ۾ زهد ۽ فقر جي بنياد تي امتياز پيدا ٿيڻ لڳو. مسلمان  عوام جو دنيا ڏانهن توجهه ٿيو ۽ هڪ فرقو رڳو ذڪر اذڪار لاءِ مخصوص ٿي ويو. اهي صرف نبي سونهاري ﷺ جي مبارڪ زندگيءَ کي سهڻو نمونو سمجھي پنهنجي آڏو رکندا هئا. ۽ ان راهه تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. انهن آڏو اها فضا هئي، جنهن ۾ صحابي سڳورن زندگي گذاري هئي.

پوءِ جڏهن اسلامي فتوحات جو دور شروع ٿيو، مسلمانن جو وڏو لشڪر اڳتي وڌيو ۽ اسلام جي جهنڊي هيٺ دنيا جو وڏو حصّو اچي ويو، ان وقت ڇا ٿيو؟

هينئر عربن آڏو تهذيب ۽ شهريت ۽ ثقافت جا رنگ برنگي، مختلف قسمن جا نمونا نروار ٿيا. هڪ اهڙي زندگي هئي جنهن ۾ خوشحالي، فارغ البالي ۽ سرور ۽ نشاط کان سواءِ ڪجھ به نه هو، ۽ اها زندگي ان زندگي کان مختلف هئي، جيڪا اسلام پيش ڪئي هئي. جيڪا مسلمانن جي نبي سڳوري ﷺ ۽ صحابي سونهارن گذاري هئي. اُن نئين زندگي ۾ عمدگي ۽ خوبي به هئي ته دلڪشي به هئي. جاذبيت به، ته سحر آفريني به، پر اُها زندگي آخرت جي فڪر کان خالي هئي. ياد الاهي کان بي پرواهه هئي. خوفِ خدا ۽ حشر جي ذڪر کان محروم هئي. ان ۾ جيڪي نعمتون هيون، سي صرف حال جون هيون، جيڪا مسرت هئي، سا سندن آڏو هئي، جيڪا ڪيفيت هئي، سا وقتي هئي ۽ ان زندگيءَ ۾ موج مزي ۽ وندر ورونهه جي ڀرپور صلاحيت به هئي.

نتيجو اهو نڪتو جو فاتح عربن جو وڏو حصّو ان دلڪشي ۽ سحر طرازي ۾ گم ٿي ويو. اهي به دنيا ۾ لڳي، ان ۾ گم ٿي ويا. نفس جي پوڄا ڪرڻ لڳا. ۽ خواهشن جي غلاميءَ جو ڳَٽُ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيائون. هو، جنهن زندگيءَ جا عادي بڻيا، اها ان زندگيءَ کان بلڪل الڳ ۽ مختلف هئي. جنهن زندگيءَ ۾ سندن مذهبيت ۽ تهذيب جي ترقي ٿي هئي، سا زندگي اهڙي هئي، جيڪا دنيا ۾ رهي، کين دنيا کان بي تعلق رهڻ جا گُرَ سيکاريندي هئي. ۽ هيءَ موجود زندگي صرف اهڙي هئي، جيڪا پنهنجي آسپاس کان سواءِ ڪجھ به نه ڄاڻندي هئي. ۽ نه وري ڪنهن ٻئي طرف راغب ٿيڻ ڏيندي هئي.

پر گڏوگڏ مسلمانن ۾ هڪ اهڙو ٽولو به هو، جيڪو ماديت کان بيزار هو. اهو دنيا ڏي پيار ڀري نظرن سان نه ڏسندو هو، بلڪه ان کان نفرت ڪندو هو. ان کان پري رهندو هو. ان کان بيزاري سندن مُول متو هو. جنهن کي ان ڳالهه جو فڪر نه هو، ته دنيا جو ٺاٺ باٺ حاصل ڪري، بلڪه جنهن جي سر ۾ اهائي سوداءِ سمايل هئي، ته آخرت جو فڪر ڪجي ۽ هن دنيا کي آخرت جي پوک کان وڌيڪ ڪجھ به نه سمجھڻ گهرجي.

درحقيقت اهو تمام نازڪ ۽ ڏکيو دور هو. ان زماني ۾ اسلام خطري ۾ هو. عربن جو مقابلو هڪ اهڙي پُرڪشش ۽ اثرائتي تهذيب سان ٿيو هو، جنهن کين پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، کين هر شيءِ کان بيگانو بنائڻ ٿي چاهيو. جن ان جي آڏو هٿيار ڦٽي ڪيا هئا. پر انهن جي دل، روح ۽ دماغ کسڻ ٿي گهريو. جنهن انهن جي زيردستي قبول ڪئي هئي. جنهن چاهيو ٿي ته، نشاط و سرور جو جام پياري کين خود فراموش ڪري ڇڏي. کين اهڙو ڪري ڇڏي، جو اهي وساري ويهن، ته هُو ڇا هئا؟ ڪنهن جي لاءِ آيا هئا ۽ ڇا ڪرڻ آيا هئا؟

شروع شروع ۾ مسلمان ان مقابلي ۾ ڪمزوري ڏيکارڻ لڳا، پر جنهن جو بنياد دنيا جي سڀ کان وڏي هستي، محمد ﷺ بن عبدالله رکيو هو. ۽ پنهنجي زندگيءَ جو مڪمل نمونو پيش ڪري ثابت ڪيو هو، ته هن دنيا ۾ رهي ڪهڙي ريت دنيا کان الڳ رهي سگهجي ٿو. دنيا جي پيڇي ڪرڻ باوجود ڪيئن ان کان بيزاري ۽ بيگانگي ڪئي وڃي. سو ڪيئن هن عالم آغوش جي ڦندي ۾ ڦاسِي، ڪهڙي نموني پنهنجو وجود پنهنجن هٿن سان ختم ڪري سگهيو ٿي.

فساد ۽ وڳوڙ جي ان دور ۾ جڏهن زندگيءَ جي نعمتن ۽ دنيا جي دلڪشين مسلمانن کي ريجھائڻ ۽ وندرائڻ شروع ڪيو هو، هڪدم هڪ جماعت پيدا ٿي، جنهن وري انهيءَ دين جو جهنڊو جھولائڻ شروع ڪيو. ۽ ان جو نعرو بلند ڪيو، جيڪو دنيا جي ڪايا پلٽڻ لاءِ آيو هو. پوءِ نيٺ اها جماعت پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي.

ڌارين قومن جي تهذيب ۽ ثقافت سان مقابلو ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن عام طور مسلمان دنيا ڏانهن جھُڪيا، ته هڪ اهڙي اثرائتي جماعت پيدا ٿي، جنهن شاهوڪاري ڇڏي مسڪيني کي پسند ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت هن زندگيءَ جو هڪ نئون معيار پيدا ڪيو. هي اهي ماڻهو هئا، جيڪي تمام ٿورو ڪمائيندا هئا. تمام سادو لباس پهريندا هئا. ۽ دنيا ڏانهن گهڻو لاڙو نه رکندا هئا. جيڪي پنهنجي پروردگار جي ياد ۾ مستغرق رهندا هئا، جيڪي دين کي هر شيءِ کان بهتر سمجھندا هئا، جيڪي مادي زندگيءَ کي ڪا اهميت نه ڏيندا هئا، جيڪي دين کي سڀ کان مٿاهون سمجھندا هئا، هُو فقط روح جي بلندين ۽ پاڪيزگي طرف توجھ ڏيندا هئا. جيڪي سڀني ظاهري حڪمن کان ديني حڪمن کي ممتاز ۽ مٿاهون سمجھندا هئا. ان ڪري اهڙن ماڻهن تي مستقل نالو زاهد ۽ عابد، پئجي ويو. ۽ فقرا جي مستقل اصطلاح جو زور به اتان کان شروع ٿيو. ڪجھ عرصي کان پوءِ اهي سمورا نالا هلڪا ۽ جھڪا ٿي ويا. ۽ جامع نالو رکيو ويو ”صوفي“

هينئر اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا تاريخ ۾ صوفين جو نالو مختلف مرحلا نه ٿو رکي؟

رکي ٿو!

پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو نالو پهرين ۽ ٻي صدي هجري جي پيداوار آهي؟ يا ان دور کان اڳ يا ان دور کان پوءِ؟

هي هڪ اهڙو مسئلو آهي، جنهن ۾ اختلاف آهي. ان بابت تاريخ نويسن جا بيان مختلف آهن. محدثن جي راين ۾ به اتفاق نه آهي، روايتون ۽ رايا به هڪ ٻئي جي مخالف آهن.

هن مسئلي تي اسان اڳتي هلي ڪجھ تفصيل سان گفتگو ڪنداسون.

 

حاشيا

1.       صوفين جو هڪ طبقو، جن جو هي عقيدو هوندو هو ته دنيا ۾ سڀ ڪجھ توڙي اهو نيڪ هجي يا بد، سڀ خدا جي مرضي سان ٿئي ٿو ۽ ايمان جو تعلق صرف ۽ صرف عقيدي جي حد تائين آهي، عمل جو ان سان ڪو واسطو نه آهي.

2.      هڪ فرقو جيڪو معتزله جو پوئلڳ هو. معتزله آزاد خيال مسلم مذهبي مفڪرن جو هڪ ٽولو هو. انهن اٺين کان ڏهين صدي تائين چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. ان جي ابتدا خواجا حسن بصري جي شاگرد واصل بن عطا کان ڳڻي وڃي ٿي، جنهن پنهنجي اُستاد کان ان مسئلي تي اختلاف ڪيوته، ڪبيرو گناهه ڪرڻ وارو ڪافر آهي.

3.       هڪ فرقو جيڪو قضا ۽ قدر جو قائل نه آهي. اهي انسان کي آزاد ۽ خودمختيار سمجھن ٿا.

روحاني حياتيءَ جون حقيقتون

1.      روحاني حياتيءَ جون حقيقتون ڪهڙيون آهن؟

2.     روحاني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟

3.     دنياوي زندگيءَ کان بيزاري مقصود ڇو آهي؟

4.     روح جي ارتقا جو ڇا مطلب آهي؟

5.     دنيا کان بيزاري، گوشي نشيني (ڪُنڊائتو ٿي رهڻ) ۽ ذڪر و شغل مان ڪهڙي مراد آهي؟

اهي ۽ ان قسم جا گهڻا ئي سوال ان وقت ذهن ۽ دماغ ۾ ٽڪرائجن ٿا، جڏهن اسان تصوّف جي مسئلي تي غور ڪريون ٿا ۽ صوفين جي زندگيءَ جو مطالعو ڪريون ٿا. ضروري آهي ته، اهي سوال حل ڪيا وڃن ۽ انهن جو تسلي بخش جواب ڏيڻ کان سواءِ، جيڪڏهن اسان اڳتي وڌنداسون، ته اونداهي ۾ ڪرڻ جو به احساس نه ٿيندو ۽ اصل حقيقت سمجھي نه سگهنداسون.

مٿي ذڪر ڪيل سوالن جو جواب، ان وقت تائين اسان کي ملي نه ٿو سگهي، جيستائين اسان اها ڳالهه چڱيءَ طرح نه سمجھي سگهون ته ڪُوفي، بصري، مديني ۽ خراسان ۾ جيڪي عابد ۽ زاهد هئا، تن ۾ دنيا کان بيزاريءَ جو لاڙو ڇو ۽ ڇالاءِ هو؟

ڇا ان جو بنياد خوف تي ٻڌل هو؟

ڇا انهن جي اساس آخرت جي اُميد تي هئي؟

ڇا ان جو بنياد خوف ۽ اميد، جنت ۽ جهنم کان بلڪل بي پرواهه ٿي صرف حُبِّ الاهي تي هو؟

انهن سوالن جا جواب ذهن ۽ تخيل جي مدد سان ڏيڻ کان بهتر آهي ته، ان سلسلي ۾ ڪن وڏن صوفين جا حالات ۽ اقوال آڏو رکي، انهن جي روشنيءَ ۾ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريون.

پر اڳتي وڌڻ کان اڳ هڪ ڳالهه اصولي طور طئي ٿيڻ گهرجي، اها هيءَ ته خوف ۽ دهشت يا اميد ۽ آرزو يا محبت مطلق، ٻين لفظن ۾ جنت جي لالچ، جهنم جي خوف خطري ۽ لالچ کان بي پرواهه ٿي صرف حُبِّ الاهي آڏو رکڻ گهرجي. اهي مختلف جذبا ۽ ڪيفيتون آهن. بلڪه جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ته اهي ٽيئي ڪيفيتون مختلف نظرين ۽ مڪتبئه خيال جون ترجمان آهن. تنهن ڪري انهن تي غور ڪرڻ مهل ذهني ڪيفيت کان وڌيڪ، اها ڳالهه آڏو رکڻ گهرجي، ته اسان علمي طور هڪ تصور تي گفتگو ڪري رهيا آهيون.

اسان اڳين صفحن ۾ انهن ٽِنهن ڪيفيتن تي گفتگو ڪنداسون.

زهد ۽ خوف جو ميلاپ

حضرت حسن بصريرح (21 هه کان 110 هه) جو احوال ۽ سوانح تي مختصر روشني وجھڻ کان اڳ ضروري آهي ته، هيءَ حقيقت آڏو رهي ته، پهرين صدي هجري ۽ ٻي صدي هجري جي شروعات تائين اسلام جو، جيڪو تصوّف هو ان جو قوام (شيرو) تحليل ۽ تجزيي کان پوءِ هي هو:

1.      دنياکي تياڳڻ، پر دنيا ۾ رهي.

2.     حُبِّ دنيا کان نفرت

3.     يادِ الاهي

4.     الله جو خوف

5.     ذاتِ حق ۽ ذاتِ خود جي وچ ۾ دائمي فڪر

6.     معرفتِ نفس لاءِ ڪامل سوچ ويچار

انهن ڳالهين کي جيڪڏهن آڏو رکي ۽ خاص طور ”زُهد و خوف سان گڏ“ واري ڪيفيت تي هڪ نظر وجھي، جيڪڏهن حسن بصريرح  واري واٽ تي غور ڪيو وڃي ته، معلوم ٿيندو ته هُو خدا جي خوف جي تصوير هو. حسن بصريرح جي سيرت جي جيڪا تصوير ابو نعيم احمد بن عبدالله الاصبهاني (المتوفي: 430هه) ڪڍي آهي، ان کان بهتر ٻي ڪا شيءِ ٿي نه ٿي سگهي. هو چوي ٿو:

”حضرت حسن بصريرح ڇا هو؟ هُو خوفِ الاهي جو مثالي نمونو هو. هُو ڏک ۽ غم کي دوست رکندو هو. هُو راتين جو جاڳي عبادت ڪندو رهندو هو ۽ ڏينهن رياضت ۽ مجاهدي ۾ گذاريندو هو. هُو فقيہ به هو ۽ زاهد به. هُو عابد به هو ۽ دنيا کان بيزار به. هو دنيا کي فضول سمجھندو هو. هُو دنيا جي زينت کي بيڪار ۽ ڪجھ به نه سمجھندو هو. هُو نفس جي خواهش کان بغاوت ڪرڻ جو عادي هو. هُو نفس جي تمنائن سان غرور سان پيش ايندو هو.“ (1)

حضرت حسن بصريرح جي هڪ خاصيت هيءَ به هئي ته هُو رڳو نفس کي ايذاءُ ڏيڻ تي اڪتفا نه ڪندو هو، پر گڏوگڏ دل جي صفائي ۽ ڪردار جي پاڪائي جو به خاص خيال رکندو هو. هُو دل جي صفائي ۽ ڪردار جي درستگي، رڳو مجاهدي ۽ رياضت سان نه ڪندو هو، بلڪه غور ۽ فڪر سان ڪندو هو. سندس غورو فڪر، سندس زهد ۽ مسڪيني حال تي هڪ اضافو هو. ۽ سندس روحاني زندگيءَ جو اهو ئي اصل ۽ اساس هو.

حسن بصريرح وڏو عابد ۽ زاهد هو.

ان جو زهد دائمي ڏک ۽ غم جو هڪ نمونو هو. سندس اکيون هميشه آليون هونديون هيون. سندن دل هر وقت اشڪبار رهندي هئي. سندن خيال هو ته، عمل صالح جي تربيت، نشو ونما ۽ تڪميل لاءِ ضروري آهي ته، ماڻهو کِلي گهٽ روئي گهڻو. دنيا جي بکيڙن کان پاڻ بچائي ۽ پنهنجن ڪمن جي انجام ۽ آخرت کان ڊڄندو رهي. سرور ۽ نشاط جي ڄار ۾ نه ڦاسي. ڏکن ۽ غمن کي فخر ڀري مُوڙي سمجهي ۽ ڄاڻي ته خوشي ۾ اها لذت نه آهي، جيڪا روئڻ ۾ آهي. سندس هي به خيال هو ته، تقويٰ جي ارتقا ۽ تڪميل ۾ سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءِ معين ۽ مددگار ٿئي ٿي، بلڪه بنيادي ۽ اساسي عنصر جي حيثيت رکي ٿي، سا آهي خوفِ خدا!

حضرت حسن بصريرح جي باري ۾ شعراني جو بيان آهي: ” حضرت حسن بصريرح تي خوفِ خدا جي ايتري  دهشت طاري هوندي هئي، ڄڻ ته جهنم جي باهه صرف ان لاءِ ئي پيدا ڪئي وئي آهي.“(2)

سوانح ۽ طبقات وارن ڪتابن جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي، خاص طور ابو اصبهاني جو ڪتاب ”حِلية الاوليا“ ۽ شعراني جو ڪتاب ”طبقات الڪبريٰ“ ۽ منادي جو ڪتاب ”الڪواڪب الدُريه“ جا صفحا جيڪڏهن نظرن آڏو هجن، ته خود حسن بصريرح جا اقوال، زهد ۽ تفڪر ۽ ڏک واري رنگ ۾ رڱيل نظر ايندا، اهي ٿورا نه پر گهڻا نظر ايندا. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته، سندن روحاني حياتي ڏکن ۽ غمن سان ڀريل هئي.

هڪ ڀيرو حسن بصريرح زهد جي باري ۾ فرمايو: ” دنيا عملن جو گهر آهي، جيڪو ان ۾ ان ريت رهيو، جو ان کان بغض ۽ نفرت ڪندو رهيو ته، اهو پاڻ به ڪامياب ٿيو ۽ هن دنيا کي به سعادت عطا ڪئي. جيڪو دنيا ۾ ان طرح رهيو جو ان جي محبت ۾ مست ۽ بيخود ٿي ويو ته، هن پاڻ کي به نقصان پهچايو ۽ دنيا جي به ڪم نه آيو.“

غور ۽ فڪر جي باري ۾ حضرت حسن بصريرح جا جيڪي قول مشهور آهن. انهن ۾ هي به آهي ته:

”غور ۽ فڪر ڇا آهي؟“

”غور ۽ فڪر اهي شيون آهن، جيڪي خير ۽ عمل جي دعوت ڏين ٿيون، اهي ان شر تي شرمسار ڪن ٿيون، جيڪو انهن کي ڇڏڻ سان پيدا ٿئي ٿو، اهو ڪڏهن فنا نه ٿو ٿئي، توڙي جو اهو کڻي ڪيڏو به وڌيڪ هجي، اهو ان شيءِ کي باقي رکي ٿو، جيڪا موزون ۽ مناسب هجي، تنهن ڪري انسان لاءِ لازم آهي ته، هو انهيءَ دوکيباز دنيا جي رنگينين کان پاڻ کي بچائيندو رهي، جيڪا صرف پنهنجي ظاهري ڏيک ويک سان ماڻهن کي وندرائيندي ۽ هرکائيندي رهي ٿي.“

ڏک ۽ خوف جي باري ۾ به حضرت حسن بصريرح جا ڪيترائي قول آهن: مثلاً

”مومن جو ڪهڙو شان آهي؟“

”هي ته ان جو صبح ان ريت ٿئي ٿو ته، هُو ملول ۽ غمگين ٿئي ٿو ۽ ان جي شام ان ريت ٿئي ٿي ته، هو غمگين ۽ ملول ٿئي ٿو. ڏک ۽ غم کان سواءِ ٻيو ان جو ڪو ڪم يا مشغلو نه آهي.“

ان ڪري جو مومن ٻن خوفن جي وچ ۾ بيٺو رهي ٿو. پهريون خوف هي ته، جيڪي بديون ٿي چڪيون، خبر ناهي، ته انهن گناهن جي باري ۾ خدا ڪهڙو ورتاءُ ڪندو!

ٻيو خوف ايندڙ زماني جو، اهو معلوم ناهي ته اهو دور ڪيئن گذرندو ۽ ان ۾ ڪهڙا گناهه سرزد ٿيندا ۽ انهن ڏوهن گناهن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟

هڪ ٻئي موقعي تي ڏک ۽ غم جي باري ۾ حضرت حسن بصريرح فرمايو، جيڪو شخص اهو ڄاڻي ٿو ته، موت ضرور ايندو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته، قيامت ٿيندي، جيڪو ماڻهو اهو عقيدو رکي ٿو ته، ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن خدا وٽ حاضر ٿيڻو آهي، سو ڪيئن خوش رهي سگهي ٿو؟ ان جي ڏک جي ڪيفيت ته ڏينهون ڏينهن وڌندي رهندي.“

هڪ ٻئي موقعي تي انهيءَ مسئلي تي گفتگو ٿي، حضرت حسن بصريرح فرمايو:

”هن دنيا ۾ ماڻهو جيتري زندگي ملول ۽ غمگين گذاريندو، انهيءَ مناسبت سان سندس نيڪ عملن جي آبياري ٿيندي.“(3)

حضرت حسن بصريرح، جيڪا روحاني زندگي بسر ڪئي، ان جي مطالعي مان ۽ سندن قولن مان معلوم ٿئي ٿو ته، صوفي بزرگ جي خيال موجب روحاني زندگيءَ جا ٿنڀا صرف ڏک ۽ غم، تفڪر ۽ زهد ۽ خوف آهن. حضرت حسن بصريرح جي خيال ۾ زهد بذات خود مقصود بالذات شيءِ نه آهي، جو ان کي پنهنجو مقصد ۽ مدعا بڻايو وڃي ۽ پنهنجو نصب العين سمجھيو وڃي. زهد جو مقصد صرف هڪ آهي. اهو هي آهي ته، ان کي وسيلي طور اختيار ڪيو وڃي.

پر وسيلو ڇا جو؟

”شر کان ڇوٽڪاري ۽ خير حاصل ڪرڻ جو.“

”۽ اهو خير ڇا آهي؟“

”ثوابِ جنت“

”۽ شر ڇا آهي؟“

”عذابِ جهنم!“

انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ماڻهو زهد واري زندگي اختيار ڪري ٿو، ان ڪري جو کيس خبر آهي ته، هر نعمت سواءِ جنت جي حقير آهي. هُو ملول ۽ غمگين ان ڪري رهي ٿو جو، هر مصيبت، جهنم جي عذاب جي ڀيٽ ۾ تمام آسان ۽ هلڪي آهي.

هڪ موقعي تي فرمايائون، ”اي ابن آدم! تنهنجو نفس، اهو ئي نفس آهي، جنهن جيڪڏهن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، ته ڄڻ توکي به ڇوٽڪارو حاصل ٿيو ۽ جيڪڏهن اهو برباد ٿي ويو ته، تون به برباديءَ کان بچي نه سگهندين. ۽ توکان سواءِ جنهن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو، اهو توکي ڪو به فائدو پهچائي نه سگهندو. ياد رک جنت جي ڀيٽ ۾ هر نعمت اها کڻي ڪيڏي وڏي هجي، تمام گهٽ آهي. ياد رک ته دوزخ جي ڀيٽ ۾ هر مصيبت اها کڻي ڪيڏي به وڏي ۽ ڀوائتي هجي، وڌيڪ آسان ۽ سهڻ جوڳي آهي.“

انهن قولن جي روشنيءَ ۾ اهو اندازو ٿئي ٿو ته، خارجين جي زاهدن واري طبقي ۽ حسن بصريرح واري زهد ۾ ڪنهن حد تائين هڪجهڙائي ۽ مشابهت آهي. اها هڪجهڙائي گهڻي ڀاڱي زهد ۽ خوف جي مسئلي ۾ آهي. توڙي جو حسن بصريرح ڪيترن ئي مسئلن ۽ عقيدن ۾ خارجين کان سخت اختلاف رکندڙ هو.

ابو حمزه خارجي جو هڪ واقعو مشهور آهي ته، جنت جي ذڪر ۾ هو هڪ قرآني آيت تي پهتو ته، جنت جي شوق ۾ روئڻ لڳو. پوءِ جڏهن دوزخ واري قرآني آيت تي پهتو ته مٿس ايڏو  خوف طاري ٿي ويو، جو ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ دوزخ جي باهه جو تؤ هن تائين پهچي رهيو آهي.

حسن بصريرح جي به اهڙي ئي ڪيفيت هوندي هئي. بلڪه جيڪڏهن ايئن چيو وڃي ته زهد ۽ رياضت ۾ ڏک ۽ الم جو باني هو ئي هو، ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ڇو ته حسن بصريءَ جو هي عقيدو هو، ته غور ۽ فڪر ايمان تائين پهچڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي. ڏک ڪرڻ ۽ رُئڻ دل جي صفائي جو سڀ کان بهترين ذريعو آهي ۽ اهي ئي ٻئي شيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ انسان، رضوان الله ۽ جنت جي نعمتن جو حقدار بڻجي سگهي ٿو.

حوالا ۽ حاشيا

1.       حِلية الاوليا.

2.      الطبقات الڪبريٰ.

3.      نفس المرجع ۽ ڏسو حِلية الاوليا جلد ٻيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org