سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: مسلمان ۽ تعليم

باب: --

صفحو :8

انگريزي اسڪول ۽ بورڊنگ، ريزوليشن نمبر 17

هن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته جن سب ڊويزنن سنڌ ۾ انگريزي اسڪول نه آهن، اتي اسڪول قائم ڪن، ۽ هرهڪ سب ڊويزن ۾ ٻاهرين مسلمانن لاءِ ضرور بورڊنگ هائوس ٺاهڻ گهرجن.

 

تعليم مفت ريزوليشن نمبر 24

هن ڪانفرنس جي راءِ ۾ ابتدائي تعليم ماڻهو جي حياتي لاءِ ضرورائتي آهي، جا سنڌ جي ميونسپل ۽ لوڪل اسڪولن ۾ مفت ملڻ گهرجي.

 

لازمي تعليم ريزوليشن نمبر 26

جڏهن ته سرڪار ۽ قوم جي گهڻو ڪري، سنڌ جي مسلمانن لاءِ تعليم وڌائڻ ۾ ڪوشش آهي مگر ان ۾ اڄ تائين ناڪامي هلي ٿي اچي، تنهن ڪري هن ڪانفرنس جي راءِ آهي ته جي زميندار 500 کان زياده ڍل ڀريندڙ آهن، تن لاءِ لازمي تعليم مقرر ڪجي ته جهڙي طرح ميرن جا ٻار ڪراچي مدرسي ۾ پڙهن ٿا اهڙي طرح انهن جا به اتي وڃي پڙهن.

انهن سڀني ٺهرائن جو مت اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون ۽ هي ريزوليشن به اسان جي رپورٽ تي تيار ٿيا هئا، جو ڪانفرنس جي سيڪريٽريءَ سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم بابت رپورٽ گهري هئي ته مسلمانن لاءِ ڪهڙا اپاءَ گهرجن.

جڏهن ته هاڻي خود سرڪار جو خيال ٿيو آهي. تڏهن اسان مقامي آفيسرن جي ڌيان تي هي گهرجون ۽ رٿون پيش ڪريون ٿا جن مان کين چڱي مدد ملندي.

جيڪڏهن سچ پچ سرڪار کي مسلمانن جي تعليم کي ترقي ڏيارڻي آهي ته پوءِ مٿئين رٿن مان ضرور هوءَ ڪامياب ٿي سگهندي.

پڇاڙي ۾ جيئن اسان هر طرح سرڪار جو ڌيان ڇڪائي رهيا آهيون، تئين پنهنجي مسلمان قوم کي به وڏي زور سان اپيل ڪريون ٿا ته خدا جي نالي پاڻ تي ۽ پنهنجي اولاد تي رحم ڪريو ۽ انهن کي تعليم ڏياريو ته اوهان جي هستي، اوهان جي قوميت، اوهان جو مذهب، اوهان جو ملڪيتون، اوهان جي خانداني قائم رهي ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجي مدد پاڻ ڪريو ته سرڪار به اوهان سان همراهي ڪندي. پر جي اوهان رڳو ستا پيا هوندا ۽ ذرو به هٿ پير نه چوريندا ته پوءِ سرڪار ڇا ڪندي؟ وري به ان کي شابس آهي جو اسان جي هيتري غفلت ۽ بي پرواهي هوندي به اسان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پيئي ڪري. پر جي اسان کي همت ڀريو ۽ شوق وارو ڏسي ته وڏي خوشي سان هن کان وڌيڪ هوند مدد ڏئي. ”بلبل“

 

ضروري ضميمو ڌيان طلب

جو تعليم جي بنسبت بمبئي سرڪار جي انگريزي پمفلٽ شايع ٿيڻ کان پوءِ لکڻ ضرور ٿيو آهي. اميد ته اسان جي سنڌ جا آفيسر ان تي خاص طرح ڌيان ڏيڻ فرمائيندا.                                                        ــــ  ”بلبل“

 

                پڌرو هجي ته هن ڪتاب جي ڇپجي رهڻ کان پوءِ، بمبئي سرڪار جو هڪ انگريزي پمفلٽ ڇپيل پهتو جنهن ۾ بمبئي پريزيڊنسي جي مسلمانن لاءِ تعليم بابت جيڪي مٿين سرڪار ڪيو آهي يا جن جي رٿ درپيش آهي. سڀ احوال ڏيکاريو آهي. ان جي ڏسڻ مان معلوم ٿيو ته اسان جي استدعائن مان ٻن ڳالهين بابت ته اپاءُ ڪيو ويو آهي، يعني ته ملن جي مڪتبن کي سڌارڻ لاءِ هڪ خلاصو مسلمان ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، ٻه نائب (ڊپٽي) ۽ انهن جو ضروري عملو حيدرآباد ضلعي ۾ آزمائش طور مقرر ڪيو ويو آهي. اميد ته اهو صاحب ملن جي مڪتبن سڌارڻ لاءِ ڪي اهڙا اپاءَ جاچيندو جنهن ڪري جناب هيسڪيٿ صاحب بهادر ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، سنڌ جي خيال موجب اهي خانگي مڪتب مددي اسڪولن جي صورت وٺي بلڪه دهقاني اسڪولن جهڙو ڪم ڪندا ته پوءِ البت چڱو نتيجو نڪرندو. اهڙي ڪوشش ڪرڻ ان مسلمان ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جو مکيه فرض هئڻ گهرجي.

ان کان سواءِ اسين سرڪار ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جو خاص طرح ڌيان ڇڪايون ٿا ته جيڪڏهن ٿي سگهي ته ملن جي مڪتبن ۾ به نه ته لوڪول بورڊ يا ميونسپل ورنيڪيولر اسڪولن ۾ ته ضرور باالضرور پهرين کان چوٿين درجي تائين، هندو سنڌي اکر سکڻ ۽ انهن ۾ ليکي چوکي، حساب ڪتاب رکڻ جو ڪورس مقرر ڪجي جو هي تمام ضروري ڪم آهي. مسلمان گهڻو ڪري ڪهڙي به تعليم وٺن ٿا يا اڌوري پرائمري تعليم وٺي نڪرن ٿا وڃن ته انهن ۾ ايترو عقل به نه ٿو ٿئي، جو واڻين سان پنهنجو ليکو چوکو سمجهي ۽ لاهي سگهن يا انهن جون رقمون جاچين ته برابر آهن يا نه؟ ۽ جوڙ پورو آهي يا نه؟ اها ضرورت عام مسلمانن کي ٻي تعليم کان وڌيڪ ڏسجي ٿي، ڇو ته هندو وياج خور کي کنڌن کڻائڻ ۾ هر طرح سان ٺڳين ٿا ۽ هو سندن اکرن نه ڄاڻڻ ڪري سندن فريب ۾ اچيو وڃن ٿا. اسين ڀانيون ٿا ته انهن هندو سنڌي اکرن سکڻ ۽ ليکي چوکي جي واٽن رکن لاءِ هندو به اعتراض ڪين ڪندا، ڇو ته جيئن مسلمان قرآن پاڙهن لاءِ ملن وٽ پنهنجا ٻار ڇڏين ٿا تيئن عام هندو پنهنجي هندو سنڌي اکرن لاءِ خانگي اسڪول رکن ٿا. پر جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن ۾ کين اها سکيا ملندي ته هو خوشي سان اها ڳالهه قبول ڪندا تنهن ڪري جيڪڏهن هيٺين درجن مان ٻيا غير ضروري ڪم ڪڍي، انهن جي بجاءِ انهن اکرن سکڻ ۽ حساب ڪتاب رکڻ جو ڪمن رکبو ته ان ۾ ڪا حرڪت نه ٿيندي.

مذهبي تعليم جي برخلاف هن جي رائج ڪرڻ ۾ ذرو به تڪليف نه ٿيندي ۽ ٻئي قومون ان کي خوشي سان قبولينديون.

 

لوڪلبورڊ اسڪول

                انگريزي پمفلٽ سرڪاريءَ ۾، لوڪل بورڊ اسڪولن لاءِ قرآن پڙهائڻ جي رٿ خانگي وقت ۾ خلاصي طرح خاص مسلمانن لاءِ رٿي ويئي آهي، سان تمام پسنديءَ جي لائق آهي ۽ ان بابت اسان هن ڪتاب جي ص 69 کان 71 تائين ان بابت صلاح ڏني آهي ته قرآن يا مذهبي ڪتاب لوڪل بورڊ اسڪولن ۾ ڪيئن پاڙهجن يعني پرائمري تعليم صادق علي ٺهرايا هئا، سي پاڙهجن ۽ سيڪنڊري تعليم ۾ ديني ڪتاب ۽ قرآن جا ترجما پاڙهجن ۽ ڪهڙي طرح انهن لاءِ وقت مقرر ڪجي سو پڻ ڏيکاريو ويو آهي.

۽ هن پمفلٽ ۾ به ساڳي رٿ آهي مگر ان ۾ رڳو قرآن بابت ذڪر آهي. اسان جو مطلب آهي ته اسان سان گڏ ڪجهه درجيوار ننڍا ديني ڪتاب به پاڙهڻ ۾ اچن ته وڌيڪ فائدو ٿيندو. ان بابت مئل قوم مان ڪو آواز اٿڻ يا درخواست ڪرڻ جي اميد نه رکي، سرڪار ازخود بندوبست ڪندي.

 

اسڪالرشپون

سرڪاري پمفلٽ ۾ انگريزي تعليم همٿائڻ لاءِ جو اسڪالرشپن جي رٿ ڏيکاريل آهي، جا جناب نواب حضور ڪمشنر صاحب بهادر ممالڪ سنڌ، جي موڪلي آهي، سا نهايت مفيد ۽ شڪر گذاريءَ جي لائق آهي، ۽ مسلمانن جي تعليم جو راز سڀ ان ۾ ڇپيل آهي ۽ انهن جي مرضن جو علاج ئي اهو آهي.

جنهن ۾ ڏيکاريل آهي ته انهن رٿن موجب سال به سال 95 هزار روپيا ۽ فقط پهرين ٽن سالن لاءِ هڪ لک 80 هزار روپيا خرچ ٿيندا.

مٿئين سال به سال ٿيندڙ خرچ مان رٿ موجب 80 هزار روپيا اسڪالرشپن جي بلي خرچ ڪرڻ ۾ ايندا ۽ ڪل 133 اسڪالرشپون ڏيارڻ ۾ اينديون ۽ هر هڪ اسڪالرشپ ساڍين ٻارهن روپين جي هوندي ۽ انگريزي اسڪولن ۾ چئن سالن تائين هلندي. اهڙي طرح اسڪالر شپن ڏيارڻ کان پوءِ چئن سالن جي اندر سنڌ ۾ مسلمان شاگردن کي 532 اسڪالرشپون ملي وينديون. باقي سال سال ۾ جا 15 هزارن جي بچت ٿيندي سا هاڻوڪن مدرسن جي سڌاري تي خرچ ڪبي. اهڙي طرح ساليانه خرچ هڪ لک پندرنهن هزار اٺ سئو روپين جون ته رٿون ڪيل آهن. باقي چوهٺ هزار ٻه سو موجودات ۾ رکبا جو ضروري گهرجن پوري ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻبا.

مسلمانن کي تعليم جي همٿائڻ لاءِ هن کان وڌيڪ ڪو عمدو اپاءَ ڪونهي، جنهن لاءِ اسان اڳي به هن ڪتاب ۾ اسدعا ڪئي آهي ۽ شڪر آهي ته ان بابت سرڪار به خيال فرمايو آهي. باقي ان ۾ هي هڪ عرض رهيل آهي ته لوڪل يا ميونسپل اسڪولن ۾ مسلمانن شاگردن تان جي غريب هجن، في به معاف ٿيڻ گهرجي ته پوءِ عام تعليم وٺڻ لاءِ انهن کي تمام گهڻي همت ۽ ترغيب ٿيندي.

اسڪالرشپن جي به نسبت اسان جو هي عرض به ضروري ڌيان ڏيڻ جوڳو آهي ته جهڙو مسلمان پنهنجي خلاصن مدرسن يا اسڪولن ۾ خوشي ۽ چاهه سان سيڪنڊري تعليم وٺن ٿا، اهڙو سرڪاري هاءِ اسڪولن يا مدرسن ۾ نه ٿا وٺي سگهن ڇو ته انهن لاءِ نه اتي پوري همدردي آهي ۽ نه مذهبي تعليم جو ڪو جزو رکيل آهي يا نماز روزي جي پابندي آهي.

هيءَ ڳالهه تجربي مان ثابت ٿيل آهي ته جهڙو مسلمان طالب علم مدرسه ڪراچيءَ ۾ خوشي سان تعليم وٺن ٿا. اهڙو ڪنهن ٻئي هاءِ اسڪول ۾ چاهه سان نه ٿا وڃن. ڇو ته مسلمانن جي تعليم ۾ ترغيب جو مدار اهي ٻه خاص شيون آهن، هڪ پئسو ۽ ٻيو مذهبي تعليم جو هجڻ ۽ مذهبي تعليم ۾ نه رڳو انهن جا اخلاق سڌرندا. پر سرڪار جي به وفادار رعيت ثابت ٿيندا. سو خوشي جي ڳالهه آهي ته سرڪار انهن جي پئسي جي مشڪلات تي نوٽس ورتو آهي، باقي مذهبي تعليم بابت ان سان گڏ هن کان وڌيل ٻي ڪا صلاح بهتر نه آهي ته جناب مسٽر لارينس صاحب بهادر جي رٿ ميدان ۾ ڪجي. جنهن ۾ ٽن سون بورڊن جو تعداد رقم مان وڌائجي. ٻي جيڪا رقم مدرسه جي بچت مان ٿئي سان به ان ڪم ۾ لائجي ته مسلمانن کي تعليم ۾ وڏي مدد اچي.

اها رٿ اهڙي ضروري هئي، جو ان ۾ هيترا ڏينهن دير وجهڻ نه گهربي هئي. خبر نه آهي ته ڪهڙي سبب ڪري اها مفيد ۽ ضروري رٿ دير ۾ پئجي وئي آهي جنهن بابت وري ڪو آواز نه ٿو اٿي هن وقت فقط هڪ مدرسو ڪراچي جو سنڌ وارن جي پياس نه ٿو لاهي سگهي. سوين اميد وار محروم ويٺا آهن مگر فري بورڊري نه ملڻ ڪري ۽ اتي رهڻ جي گنجائش نه هجڻ ڪري نه  ٿا وٺجن نه ته ان ۾ جيتريون به جايون رکجن سي سڀ يڪدم ڀرجي وڃن. تنهن هوندي به ان جي مدد لاءِ لاڙڪاڻي جي مدرسه کي به ساڳئي پيماني تي آڻجي، جو ان ۾ عمارتون ٺهيل آهن فقط اسٽابلشمنٽ وڌائڻو ٿيندو.

سکر ۾ مسلمانن لاءِ بورڊنگ هائوس ته آهي، مگر مدرسو ڪونهي. اتي مدرسو ٺهرائي، تنهن ۾ به فري بورڊري جون جايون سو کن تائين وڌائجن، ته اهي ٻئي مدرسا، لاڙڪاڻي ۽ سکر جا اپر سنڌ وارن لاءِ ڏاڍا ڪمائتا ٿيندا، ۽ ڪراچي مدرسه تان به بار لهي پوندا، اپر سنڌ وارن کي دوري پنڌ جي ڪري به وڏو سهنج ٿيندو ۽ اهي ٻئي مدرسا چڪا چاڪ ڀرجي ويندا.

اهڙيءَ طرح نوشهره جي مدرسي کي زور وٺائجي. جيڪڏهن سنڌ ۾ خاص مسلمانن لاءِ اهي چارئي مدرسا ڪراچي مدرسي جي نموني ۽ پيماني تي ٿي وڃن ۽ انهن ۾ اسڪالرشپن جي رقم فري بورڊري طرح کين ڏيارجي ته پوءِ مسلمانن جو ٻيڙو پار آهي ۽ انهن کي تعليم پرائڻ ۾ ذرو به اٽڪاءُ يا ڪا مشڪلات نه رهندي ۽ پوءِ سرڪار جو به سڀ فرض ادا ٿي ويندو.

هاڻوڪي صورت ۾ هڪ مدرسو ڪراچيءَ جو بلڪل پورو نه ٿو پوي، ڪيترا اميدوار رهجي ٿا وڃن. فري بورڊري نه ملڻ ڪري يا ڪي سنڌي ڪاميٽي لاءِ تياري ٿا ڪن، ڪي ته اصل تعليم کي ڇڏي ٿا ڏين ڪراچي مدرسه جي به نسبت ٻين اسڪولن يا هاءِ اسڪولن ۾ انهن کي همت نه ٿي ٿئي جنهن لاءِ مٿيان ٻه سبب آهن، هڪ پيسي نه هجڻ جو، ٻيو مذهبي تعليم ۽ همدردي نه هجڻ جو. تنهن ڪري جيڪڏهن ٻيا مدرسا به ڪراچي جهڙا ڪبا ۽ انهن ۾ فري بورڊرن جو عدد چڱو رکبو ته سنڌ جي مسلمانن لاءِ هر طرح جي آساني ۽ سهوليت ٿيندي. عمدا ۽ آسان رستا تعليم لاءِ کلي پوندا، انهن مدرسن جي خاص طرح مقرر ٿيڻ ڪري مسلمانن ۾ گهڻو چاهه ۽ ترغيب تعليم جي ٿيندي ۽ اهو اڻ گس علاج ثابت ٿيندو، جتي مسلماني مدرسا نه هجن ۽ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول يا هاءِ اسڪول هجن ته اتي فقط مسلمانن جي رهائڻ لاءِ بورڊنگ هائوس هجن جن ۾ به گهڻو عدد فري بورڊرن جو هجي اهي اسڪالر شپون فري بورڊري ۾ ڪم آڻجن ته اها به هڪ وڏي سهولت ۽ ڪاميابي جو ذريعو آهي.

پمفليٽ سرڪاريءَ ۾ اسڪالرشپن جو دوماهو عدد فقط ساڍا ٻارنهن روپيا ڏيکاريل آهي، پر اعليٰ تعليم لاءِ ڪيتريون اسڪالرشپون ڪيتري دوماهي ڏين سان رکبيون. ڇو ته ڪاليج ۾ وڃڻ لاءِ غريب مسلمانن کي وڏين اسڪالرشپن جو به اهڙو ئي ضرور آهي. جهڙو سيڪنڊري تعليم لاءِ سيڪنڊري تعليم ۾ اڃا ٿوري گهڻي اميد آهي ته هو هوريان ڏاڍيان داخل ٿي سگهن ٿا، مگر اعليٰ تعليم لاءِ هنن بابت  ڪو بندوبست اسڪالرشپن جو ڪونهي ڪاليج جي اعليٰ تعليم لاءِ به معقول اسڪالرشپن جو مقرر ڪرڻ ضرور آهي.

اسان سان سيٺ حاجي عبدالله هارون صاحب، تاجر ڪراچيءَ جي ظاهر ڪيو هو ته ڪاليج جي تعليم وارن لاءِ پنهنجو بورڊنگ هائوس ٺهرائجي، جو ڪاليج جي بورڊنگ هائوس ۾ تمام گهڻو خرچ آهي ۽ مسلمان طالب علم ان جا متحمل ٿي نه ٿا سگهن. اگرچه اها صلاح چڱي آهي ۽ طالب علمن جي ان ۾ چڱي طرح نگراني رهندي ۽ خرچ به گهٽائيندو. روزي نماز جي پابندي رهندي، مگر ان جي عمارتن ۽ اسٽابلشمينٽ تي تمام گهڻو خرچ ٿيندو، جيڪڏهن اهو خرچ به ڪن طالب علمن کي وڏين اسڪالرشپن جي ڏيڻ ۾ ڪم آڻجي ته شايد هن کان چڱو ٿيندو. بهرحال اعليٰ تعليم واسطي به مسلمانن لاءِ فڪر ۽ بندوبست ڪرڻ ضروري آهي.

هيءَ ڳالهه به ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي ته ساري سنڌ لاءِ فقط هڪ ڪاليج بس نه آهي، گهٽ ۾ گهٽ ته ٻه ڪاليج ضرور هئڻ گهرجن.

پڇاڙيءَ ۾ اسين وري به سرڪار جو هن ڳالهه تي ڌيان ڇڪائڻ ضرور ٿا ڄاڻون ته هاڻوڪي تعليم ۾ جيڪا اهل راءِ ۽ مدبر ماڻهن جي شڪايت آهي، تنهن کي به وڃائڻ ضروري آهي. جيئن ته هڪڙي وڏي عالم جي راءِ آهي ته هڪ چڱو شاگرد جو ڪڏهن به ناڪامي جو منهن نه ٿو ڏسي ته اهو ڏهن يارهن سالن ۾ اسڪول جي منزل جهاڳي چڙهي ٿو مگر ڏسجي ٿو ته هو ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ اهڙي قابليت پيدا نه ٿو ڪري جهڙي گهرجي.

تجربه مان ثابت ٿيو آهي ته ڪن ٿورن شاگردن کان سواءِ ميٽرڪ وارا پوري طرح ليٽر به نه ٿا لکي سگهن، مگر نوڪري ۾ وڃڻ ۽ ڪيترن ڏينهن جي استعمال کان پوءِ مس هو لکڻ پڙهڻ جهڙا ٿا ٿين، هو ڪتابي حساب ۽ معلومات ته سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا، مگر ڪاروباري دنيا ۾ هو ڪجهه ڪري نه ٿا سگهن.

ان کان سواءِ طالب علميءَ جي ڏينهن ۾، جي زبانون عربي، فارسي، اردو وغيره پڙهن ٿا، تڏهن هڪ وڏو انبار ٿو نظر اچي، مگر ياد ته انهن کي خاڪ به نه ٿو رهي. مٿين زبانن ۾ هو ڪو اهڙو خط يا مضمون نه ٿا لکي سگهن، نه پڙهي ٿا سگهن. باقي جنٽلمين سو پورا شاگرد هوندا جي ڪجهه لياقت علمي پرائن ٿا. مگر اصل مطلب ۽ نتيجو تعليم جو جيڪو آهي تنهن کان هو بلڪل بيخبر آهن. يعني جيڪي علم مادي ترقي جو ذريعو آهن يا جن جي ڄاڻن کان سواءِ علم يا هنر بيڪار آهي، تنهن کان ته هو ڪوري جا ڪورا رهن ٿا، انهي ڪري اسان جي مٿي ڪتاب ۾ استدعا آهي ۽ ڪراچي ڪانفرنس به اهڙي عرض جو ريزوليشن پاس ڪيو هو ته پرائمري تعليم ۾ فارسي زبان کي چڱي طرح وري رائج ڪجي ته بنياد کان وٺي ان زبان جي لياقت ۽ اخلاق شاگردن ۾ اثر ڪن ۽ اعليٰ تعليم ۾ هنن کي ڪم اچي ۽ هميشه تائين ساڻن وفادار رهي، جڏهن ته اسان سيڪنڊري ۽ اعليٰ تعليم جو حال مٿي ڏيکاري آيا آهيون ته پرائمري انهن کان به ابتڙ ڄاڻڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ان جو دور سيڪنڊري تعليم ۾ به ڪن ٿا، مگر عملي حيثيت سان، اها تعليم به ڪنهن ڪم جي نه آهي بي فائدي ڪورس جي ڀرمار کان سندن دماغ پريشان ٿي ٿا وڃن. مگر مفيد ڪم جو ڪورس پرائمري تعليم ۾ بلڪل نه آهي جنهن لاءِ اسان پنهنجي ڪتاب ۾ ڏيکاريو آهي. هو عالم چوي ٿو ته جن مضمونن ۽ ڳالهين جو فقط ٻڌڻ ۽ معلوم ڪرڻ بس آهي تن جي ياد ڪرائڻ ۾ انهن جو وقت اجايو وڃائجي ٿو ۽ مفت سندن دماغ تي بار وجهجي ٿو. اهڙو مقرر ٿيل ڪورس سڀني ڪلاسن جي شاگردن کي پڙهڻو پوي ٿو جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪي اهڙا مضمون يا ڪتاب آهن جي بلڪل نڪما ۽ اجايا چئي سگهجن ٿا. تنهن ڪري شاگرد ڪارائتي تعليم کان وانجهيل ۽ بي نصيب ٿا رهن. جي ماڻهو هاڻوڪي تعليم جي نقصان ۽ اجائي هجڻ کان واقف آهن سي وري پنهنجي ٻارن کي گهر ۾ مفيد تعليم ڏيارڻ جو به بندوبست رکن ٿا ۽ جيترو ٿي سگهين ٿو اوترو پرائمري تعليم مان ڪڍي سيڪنڊري ۾ موڪلين ٿا.

بهرحال، ٻين اپائن سان گڏ تعليم جي نفعِ نقصان تي به خيال ڪجي. جيترو ممڪن هجي اوترو يورپ وانگي هتئون جو ڪورس رکجي، نه ته ان لاءِ وري نئين سر لٽريچر ڪاميٽي جي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ پرائمري تعليم بيشڪ اعتراض جوڳي آهي، جنهن جو ڪورس ڪمائتو نه آهي ان تي تعليم کاتي جو ضرور وڌيڪ ڌيان گهرجي.

اسين هن پمفلٽ سرڪاري ۾، هي دلاسو ٻڌي خوش ٿيا آهيون ۽ جنهن لاءِ اسين ڪيتري مدت کان انتظار ۾ آهيون ته سنڌ جي تعليم به نسبت بمبئي پريزنڊنسي  جي رپورٽ پهچڻ کان پوءِ اسان جي سنڌ جو والي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميمبرن سان صلاح ڪري رٿيندو ته سنڌ سان ان مان ڪهڙيون ڳالهيون لاڳو ٿي سگهن ٿيون ۽ اميد ڏيکاري وئي آهي ته سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليم تي چڱو ويچار ۽ بحث ٿيندو. اسان کي پڪو ڀروسو آهي ته سنڌ جو لائق ڪمشنر ۽ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب بهادر سنڌ جا، جڏهن اهو مسئلو کڻندا تڏهن نان آفيشل ميمبرن چونڊن ۾ احتياط ڪندا ۽ عام راءِ مسلمانن جي مان به واقف ٿيندا ۽ هن ڪتاب جي ناچيز عرض ۽ صلاحن ۽ استدعائن جو به ڪجهه لحاظ ڪرڻ فرمائيندا جو گهڻو ڪري هي عام راءِ جو آئينو آهي ۽ گهڻي محنت سان تيار ڪيو ويو آهي. فارسي ۾ هڪ مثال آهي ته ڪنهن به ڳالهه بابت ائين نه ڏسجي ته ڪنهن چئي آهي، مگر هي ڏسڻ گهرجي ته ڇا چيو ويو آهي. جيڪڏهن هن تي به ويچار ٿيندو ته شايد ان بحث تي ڪجهه چڱي روشني به پوي.

 

تعليم جي بنسبت، هند سرڪار جي گشتي چٺي، ان بابت اسان جي راءِ

 

3 اپريل 1912ع سملي مان، هند سرڪار جي هڪ گشتي چٺي، سڀني صوبن جي لوڪل سرڪارين ڏي، هن مضمون بابت رواني ٿي هئي ته مسلمانن جي تعليم حالت دلجاءِ جهڙي نه آهي، تنهن ڪري ارادو ڪيو ويو آهي ته جي ڳالهيون انهن جي تعليم ۾ روڪ ڪندڙ هجن سي دفع ڪجن ۽ جي رٿون مفيد آهن. انهن تي عمل ڪجي ان موجب لوڪل سرڪارين کي جي رٿون ويچار ڪرڻ لاءِ موڪليون ويون هيون سي پرائمري تعليم به نسبت هن طرح هيون.

(1) ديني تعليم جي ڪورس مقرر ڪرڻ لاءِ مڪتبن جي مدد ڪئي وڃي. ان بابت مسلمانن کي به اپيل ڪجي ۽ ضرورت موجب ڏيهي زبان ۽ قرآن جي تعليم ڏيارڻ ۾ بندش نه ڪجي.

 (2) جتي جتي اردوءَ جي ضرورت آهي، اتي اردوءَ جي لاءِ ڀلي سهولت پيدا ڪجي، پر جيئن مادري ٻوليءَ تي ڪو برو اثر نه پوي ۽ اها گهٽجي نه وڃي جنهن جو انديشو رهندو.

 (3) خانگي مڪتبن لاءِ خاص ڪورس جي ترتيب.

 (4) جن علائقن ۾ مسلمانن جو معقول تعداد آهي ۽ ڏيهي زبان جي ڪتابن ۾، هندن جون ڳالهيون آهن، ته پوءِ انهن کي ڪڍي انهن علائقن ۽ جاين تي اسلامي ڳالهين جو رواج جاري ڪجي.

 (5) جنهن جاءِ تي ضرور ٿئي، اتي خاص طرح مسلمان معلم رکيا وڃن.

 (6) مسلمان انپيسڪٽرن جي مقرري ۽ انهن جي تعداد ۾ ضرورت موجب واڌارو هئڻ گهرجي.

انهن مٿين تجويزن جي تحريڪ ڳچ وقت کان وٺي. ’محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس‘ ۽ ٻيون تعليمي ڪانفرنسون يا جماعتون يا اسلامي اخبارون ڪري رهيون آهن ۽ هينئر خود هند سرڪار ان ڳالهه لاءِ تيار ٿي آهي، ڪن صوبن ۾ ان تي عمل به ٿيو آهي ته اتي نتيجو به چڱو نڪتو آهي پر جتي ان بابت اڃا غور نه ٿيو آهي، اميد ته اتي به هينئر ويچار ٿيندو، جهڙي طرح اسان جي سنڌ آهي ته ان ۾ قلم 3 کان وٺي 6 تائين جي رٿون ڏيکاريل آهن سي لاڳو ٿيڻ ضرور آهن جنهن بابت اسان هن ڪتاب ۾ وسوارن جو هنڌ، هنڌ ڌيان ڇڪائي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ اهي ضرورتون آهن تنهن لاءِ اپاءَ ڪرڻ گهرجن. اميد ته اسان جي سنڌ جو والي ۽ تعليم کاتي جو وڏو آفيسر ضرور ڌيان ڏيندو.

ان کان پوءِ سيڪنڊري تعليم بابت، هند سرڪار جي هيءَ هدايت آهي ته مسلمان طالب علمن کي پورا وظيفا نه ٿا ملن تنهن جو اهو سبب آهي، مثلاً ڪنهن انعام يا وظيفي جي لاءِ چاليهه هندو اميدوار آهن ۽ پنج مسلمان ته جيڪڏهن تعداد جي لحاظ سان فقط هڪ هندو وٺبو ته مسلمان هڪ به نه ورتو ويندو. اهڙي چونڊ ۾ مسلمان هميشه وانجهيل رهندا. تنهن لاءِ ضرور آهي ته جڏهن زياده تعداد ۽ چونڊ جو موقعو اچي، تڏهن ان ۾ اهڙو شمار رکيو وڃي، جيئن مسلمانن جو گهٽ تعداد محروم نه ٿئي.

 (2) عربي ۽ فارسي زبانن ۾، اردو زبان جي بنسبت، خاص طرح تڪليف ٿي ٿئي، جو بحث بعد سرڪار نيٺ هيءَ تجويز ڪئي آهي ته شايد ان تي عمل ڪرڻ کان دلجاءِ جهڙو نتيجو نڪري.

 (الف) خاص مسلمانن جي تعليم گاهن جي حالت درست ڪئي وڃي.

 (ب) جدا تعليم گاهون کوليون وڃن، جتي خاص ضرورت هجي ته.

 (ج) جن جاين تي ائين نه ٿي سگهي، ته پوءِ اتي ويجهو اسڪولن ۾ معلمن جو تعداد وڌائجي ته اردوءَ جي وسيلي سان ڪلاسن کي انگريزي پڙهائين. يا جتي ڪنهن ورنيڪولر جو علم درڪار هجي اتي مسلمان ڇوڪرن کي انگريزي تعليم يا ٻين ڪمن جي لاءِ خاص مدد ڏني وڃي.

 (3) خاص مسلمانن لاءِ پرائيويٽ انتظام جي نگراني هيٺ مذهبي تعليم سان گڏ هاسٽل قائم ڪيا وڃن.

 (4) مسلمانن لاءِ معقول تعداد سرڪاري انسٽيٽيوشنس جي ڪاميٽين تي، جتي اهڙيون ڪاميٽيون هجن، يا امدادي تعليم گاهن جي وسوارين جماعتن تي مقرر ڪجي.

 (5) مسلمان ماستر ۽ انسپيڪٽر رکيا وڃن.

اهي رٿون آهن جي هند سرڪار سڀني لوڪل سرڪارين ڏي ويچار لاءِ موڪليون آهن، جنهن جو مسلمان جيترو شڪريو ادا ڪن اوترو گهٽ آهي. اميد ٿي رکجي ته گذريل سالن ۾ جو مسلمانن جي تعليم کي ڌڪو آيو آهي سو اهڙين رٿن سان ان جي تلافي ٿي ويندي ۽ هن ڳالهه جي به اميد آهي ته اهڙين رٿن جي تعميل ڪرڻ کان هن وقت جا جهالت ۽ وحشت ڳوٺاڻن مسلمانن ۾ آهي، سا گهڻو ڪري لهي ويندي.

هي ته خاص سرڪار پنهنجي مهربانيءَ سان اهي رٿون رٿيون آهن، جن جي خاص ضرورت آهي، ۽ اهل راءِ جا اهڙيون اسدعائون ڪندا ٿا اچن.

جيڪڏهن لوڪل سرڪاريون، ان راءِ ۽ رٿن سان شامل ٿيون ۽ ورغلائڻ ۾ نه آيون ته پوءِ مسلمانن جي تعليم ۾ حيرت جهڙي ترقي ٿيندي.

هاڻي رڳو هن ڳالهه جو ويچار رهيو آهي، جو ڪنهن به رٿ ۾ ڏٺو نه ٿو وڃي ته هتئون جي تعليم جو ڪورس فقط شاگردن کي دفترن ۽ عدالتن ۾ ڪم ڪرڻ جي ٿوري گهڻي لياقت پيدا ڪري ٿو. باقي تعليم جو جيڪو اصل نتيجو آهي ۽ جو مکيه مقصد آهي سو حاصل نه ٿو ٿئي جنهن مان ملڪ جو امن ۽ آسودگي انتظام جي خوبي حڪومت جي محڪمي جا وڌيڪ عمدا نتيجا نڪرن.

اسان جي ملڪ ۾ اڄ تائين جي نامور ۽ سرڪردار مشهور قابل فاضل دانا ۽ مدبر ٿيا آهن سي نه هن موجود تعليم ڪري پر پنهنجي مطالعي ۽ خداداد لياقت يا ذهن جي ڪري مگر اعليٰ تعليم جو عمدو ڪورس هند ۾ توڙي سنڌ ۾ موجود نه آهي.

اهڙي ضرورت کي محسوس ڪري، مسلمانن پنهنجي يونيورسٽي گهري ته انهن جي ريس تي، هندن به ٻک وڌو، تنهنڪري، سرڪار پوليٽيڪل مصلحت ڪري، اها ڳالهه قبول نه ڪندي مگر مناسب حد اندر ڪجهه سرڪار ڪورس کي سڌاري، ڪجهه قومون پنهنجي پرائيويٽ وسيلن سان، ان سڌارن ۽ وڌائن. جيڪڏهن مسلمان، سرڪار جي، هيڏيءَ مهرباني ۽ مدد هوندي، پنهنجي تعليم کي نه وڌائيندا ۽ زور محنت ۽ تعليم سان پنهنجي حالتن ۽ ضرورتن جو احساس نه ڪندا، تمدن ۽ سياست جي ترقيءَ ۽ تنزل، لاهي ۽ چاڙهيءَ، جو علم وقت کان اڳي معلوم نه ڪندا ته پوءِ ڪنهن به پنهنجي خواشهن ۽ حق رسين ۾ ڪامياب نه ٿيندا ۽ اهڙي ذليل حالت ۾ گذاري روز بروز زبون ٿيندا ويندا.

 

ضميمو نمبر 2

ديني علم ۽ عالم جي فضيلت

 

1.          قال رسول الله طَلبُ العِلمَ فَرِيضَةُ عَليٰ ڪُل مُسلِم (رواه ابن ماجة (مشڪواة)

                اَي اَهل الا سِلامِ مِنَ الِرجالِ والنِساءِ

                هن حديث مان معلوم ٿيو ته ديني علم پڙهڻ سڀني مردن توڙي زالن تي فرض آهي، ڇو ته ’لام‘ العلم تي عهد جو آهي.

2.          قال رسول الله : تَعَلَمُوا العِلمَ وَ عَلِمُوه الناس 0

الحديث، رواه الدارسي و الدار قطني (مشڪوات)

                هن حديث مان معلوم ٿيو ته، علم پڙهڻ گهرجي ۽ ٻين کي به پڙهائجي.

                عن ابن عباس، قال تَدارُس العِلمِ ساعَة مِنَ الليلِ خَير مِن اِحيائِها0

رواه الدارمي (مشڪوات)

                هن حديث مان معلوم ٿيو ته، رات ۾ هڪ گهڙي، علم پڙهڻ، ساري رات عبادت ڪرڻ کان وڌيڪ آهي.

                قال رسول الله : انِ فَضلَ العِالِم عَلَي العابد کَفَضلِ القَمَر لَيلَةَ اُلبدر عَليٰ سائِر الکَواَکِب وَ اَنِ العلَماءَ وَرَثَة الا نَبياءِ وَ اِن الاَنبياءَ لَم يُورَ ثُو دِينَارا ولا دَر همَا اِنما، وَرنو العِلمَ0

رواه احمد والترمذي و ابوداؤد (مشڪواة)

هن حديث مان معلوم ٿيو ته، عالم عابد کان اهڙو ڀلو آهي. جهڙو چوڏهينءَ جو چنڊ ڀلو آهي، تارن کان ۽ عالم نبين جا وارث آهن ۽ نبين جو ورثو علم آهي ۽ نه مال.

حديث شريف: قال رسول الله مَن جاعة

المَوتُ وَهُو يَطلُبُ العِلَمَ لِيُحيِي بِه الا سلامَ

فَبيَنَہ وَ بَين النَبِيين دَرَجَة واِحَدَة0

رواه الدارمي (مشڪواة)

هن حديث مان معلوم ٿيو ته جو ماڻهو علم ديني پڙهندو اسلام جي سڌاري واسطي، پوءِ پڙهڻ وقت، مري ويندو ته بهشت ۾ ان ماڻهوءَ ۽ نبين جي وچ ۾ هڪ درجي جو فرق هوندو.

حديث شريف: قال رسول الله ، مُنّ

خرَجَ في طَلبِ لعلم فَهُو فِي سَبِيُلِ الله حتي يَرُ جَع

رواه الترمذي و الدارمي (مشڪوات)

هن حديث مان معلوم ٿيو ته علم پڙهڻ ۾ جهاد جيترو اجر آهي.

 (شريعت جي حڪم موافق ڪافرن سان جنگ ڪرڻ کي جهاد چئبو آهي.

حديث شريف: قال رسول الله مَنّ غَدا اليٰ المَسجدِ لاَيُريدِ اِلا اَن يَتعَلم خَيراِ ويُعَلمہ‘ کَا جرِ تَاماً حَجتَة

(نزهته الناطرين ص 3)

هن حديث مان معلوم ٿيو ته جو ماڻهو مسجد ڏي ويندو. علم پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واسطي ته ان کي پوري حج جو اجر ملندو.

حديث شريف: قال رسول الله : مَن يرددالله بِہ خَيراً ايفَقهہ فِي الدِين0

متفق عليہ (مشڪواة)

هن حديث مان معلوم ٿيو ته، ديني علم پڙهڻ ۾ خير ۽ برڪت آهي.

حديث شريف: عَنّ اَبي ذرِ، قالَ، قال لِي رَسول الله ، يَا اَبَاذر لاَن تَغُدُو فَتَعلمَ آيةً مِن کِتابِ الله، خَير لَکَ مِن اُنّ تُصَلي مائَةَ رَکعَةِ وَ لاَن تَفدُ و فَتَعلمَ بابا مِن العلمِ عَمِلَ بِہ اَولم يُعمَل خَير مين اَن تُصَلي اَلف رَ ڪعَة0

راوه ابن ماجة ص 10

هن حديث مان معلوم ٿيو ته قرآن شريف جي هڪ آيت سکڻ ۾، سؤ رڪعتن پڙهڻ کان وڌيڪ ثواب آهي ۽ علم جي هڪ مسئلي سکڻ ۾ هزار رڪعتن پڙهڻ کان وڌيڪ اجر آهي پوءِ ان مسئلي تي عمل ڪجي يا نه ڪجي. ته به اهو اجر ملڻو آهي. (۽ عمل جو اجر ته هر حال ۾ جدا ملندو ديباچه فقہ حقي. از علامه الديروي رحه)

حديث شريف: فضل الحالم علي العابد کفضل القمر عليٰ سائر الکواکب (ترمذي)

ان حديث جي شرح صاحب نفع قوت المغتذي هن طرح ڪئي آهي، فرمائي ٿو:

قال البيضاري العابدة ڪمال و نور لازم لذات عابد فلايتخطاه فاشبہ نور کواکب والعلم کمال اوجب العالم شرفا في نفسہ وفضلا ويتعداه لغيره فيستضي نبوره ويکمل بوامطتہ لکنہ کمال ليس للعالم من ذاتہ بل نور يتلقاه عن النبي صلي الله عليہ وسلم، فلہ شبہ بالقمر.

قال الطيبي فلاتظن ان العالم الفضل عارعن عملہ ولا العابد عن علم بل ان علم ذالک غالب عليٰ عملہ و عمل ذالک غالب علي عملہ ولذا جعل العلماء ورثة الا النياء الذين فازو بالحسنتين العلم و العمل و حازرا فضلتين الکمال و التکميل فهذه طريقة العارفين بالله و سبيل السائرين الي الله.

بيضاوي جو چوڻ آهي ته عبادت، انسان جو اهڙو ڪمال ۽ نور آهي جو عابد جي ذات سان لازم رهي ٿو. ان کان تجاوز نه ٿو ڪري لهذا اهو ستارن جي نور وانگر آهي پر علم هڪ اهڙو ڪمال آهي جو خود عالم جي ذات ۽ نفس ۾ شرف ۽ فضل ٿو پيدا ڪري ۽ ٻين تائين به فيض ٿو پهچائي، چناچه اهو غير به عالم جي نور کان منور ۽ ان جي واسطي سان ڪمال ناهي، جو عالم جو ذاتي چئي سگهجي بلڪه هي اهو نور آهي جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کان حاصل ڪيو ويو آهي. يعني ان جي روشني مشڪوات ڏني ويئي. ڇو ته چنڊ جو نور به ذاتي ناهي بلڪل سج کان اڌارو ورتل ٿئي ٿو.

                علامه طيبي فرمائي ٿو ته هت جو عالم کي عابد تي ترجيح ڏني ويئي آهي ته پوءِ ان مان ائين نه سمجهڻ گهرجي ته جنهن عالم کي فضيلت ڏني ويئي آهي سو عمل کان بلڪل ڪورو ۽ خالي آهي ۽ اهو عابد جنهن تي فضيلت ڏني ويئي آهي، سو علم کان بلڪل خالي ۽ ڪورو آهي. اها ڳالهه ناهي بلڪه ان عالم جو علم ان جي عمل تي غالب آهي ۽ ان عابد جو عمل، ان جي علم تي غالب آهي. ان ڪري جي عالم ورثته الا نبياء مقرر ڪيا ويا آهن ته پوءِ ان مان مراد اهي عالم آهن جن علم ۽ عمل ٻنهين کي جمع ڪيو آهي ۽ ڪمال تڪميل ٻنهين فضيلتن جي حامل آهي. چناچه الله جا عارف ٻانها ۽ الله جا سالڪ بندا اهو ئي طريقو رکن ٿا اهي علم ۽ عمل ٻنهين جا جامع ٿين ٿا.

ٻيو ته اهي حضرات، جڏهن علم، جو لفظ استعمال ڪن ٿا. تڏهن ان مان مراد، علم حقيقي آهي. باقي رسمي ۽ زبامي علم جو انهن بزرگن وٽ ڪو به وزن ناهي، چنانچه ’فقه في الدين‘ جي شرح ۾ اهو ئي صاحب نفع قوت المغتذي لکي ٿو:

قال التور بشتي، حقيقتہ في الدين، ماوقع بالقب فظهر عليٰ لسانہ. فافاد علما و اورث خشية و تقو و اماما يتدارسہ الغرور فانہ بمنزل عن الرتبة العظميٰ لان محلہ لسانہ دون قبلہ (ق 92 فنع قوت المغتذي)

                علامه تور بشتي فرمائي ٿو ته: ’فقہ في الدين‘ جي حقيقت اها آهي، جا قلب ۾ واقع ٿئي. ۽ پوءِ زبان تي طاهر ٿئي، جنهن جو ثمر علم هجي: ۽ جو خدا جو خوف ۽ تقويٰ پيدا ڪري. باقي هي اهل غرور جو ڪجهه پاڻ پڙهن ٿا، يا ٻين کي پڙهائن ٿا، انهن کي ان مرتبه عظيم سان ته ڪو واسطو ئي ناهي! ڇو ته ان علم جو مقام ته فقط ’زبان‘ ئي آهي ۽ نه قلب.

از: توقير العلماء مولانا شاهه وصي الله،

فتح پوري ثم الله آبادي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org