سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: مسلمان ۽ تعليم

باب: --

صفحو :2

مسلمانن جي تعليمي زوال جا اسباب

                 اصل ۾ مسلمانن جي تعليمي زوال جو سبب، حڪومت برطانيه جي ظالمانه تشدد ۽ تسلط هو، جنهن پنهنجي اوائلي دور کان وٺي، بر صغير هند و پاڪ جو رت ۽ ست نپوڙي ڇڏيو هو.

برصغير هند و پاڪ جي بدبختي ۽ محڪوميت جي تاريخ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي اقتدار کان شروع ٿي آهي، جا ظاهري طرح سان، هت تاجرانه مقصد سان آئي، پر زرڪشيءَ ۽ نفع خوريءَ کان سواءِ، سندس ٻيو ڪو به تعميري ۽ اصلاحي مقصد ڪو نه هو. بقول جسٽس سيد محمود:

”ڪمپنيءَ جي مالڪن جو خيال هو ته تجارت ۽ ٻين ذريعن سان هئي زياده ۾ زياده ملڪيت هٿ ڪجي، ٻيو ته ڪمپني بهادر اهل هند کي تعليم ڏيڻ جي خلاف هئي.“

(تاريخ تعليم ص 2- جسٽس محمود)

ڪمپنيءَ جا اهلڪار اهو ڏسي چڪا هئا ته آمريڪا ۾ تعليم ڏيڻ سان، اتي انگريزن جي خلاف بغاوت پيدا ٿي. لهذا تعليم ڏيڻ جو نتيجو، هو آمريڪا ۾ ڏسي چڪا هئا. کين اهو خطرو هٿ به هر وقت دامنگير رهيو. کين اهو فڪر ۽ خوف هو ته ڪٿي، هتي جي ’سوني جهرڪي‘ هندوستان به هٿن مان نه نڪري وڃي. ان ڊپ ڊاءَ کي مد نظر رکي، وڌيڪ معقول ۽ مناسب ڏيڻ ته بجاءِ خود، ان وقت جا ٻيا ديسي تعليمي طريقا به ختم ڪرڻ شروع ڪيائون. قدامت پسند دور جو اهو سطحي ۽ تقليدي نصاب تعليم، جنهن مان حرف شناسي ۽ شُدبُد پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو هو، انگريزن اُن کي به هٿ وٺي ختم ڪرڻ شروع ڪيو.

بقول ايڪنس سمنڊي:

جڏهن ڪا قوم غلام بنائبي آهي، ته تڏهن سڀ کان اول، فاتح پنهنجي مفتوح قوم جي تعليم کي تباهه ڪرڻ ضروري سمجهندو آهي، ڇو ته ”علم ۽ غلامي“، ڪڏهن به گڏ هلي نه ٿا سگهن.“ (تعليم هند ص 7- 8)

اها هڪ تهذيبي ۽ عمراني حقيقت آهي ته تاريخي طرح سان جڏهن به ڪا قوم پنهنجي اعليٰ تمدن ۽ شاندار ڪارنامن کان واقف ٿيندي آهي، تڏهن اها قوم زندگي سان ٻيهر همڪنار ٿي ٿئي ۽ غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙي ٿي ڇڏي. بغاوت جو علم بلند ڪري جدوجهد ڪرڻ ان قوم جو فرض ۽ نصب العين ٿو بنجي جنهن کي دنيا جي ڪابه مستبد ۽ جابر حڪومت به روڪي نه ٿي سگهي، انگريزن پنهنجي دور ۾ اهڙو ته سازشي ۽ مڪارانه نظام پيدا ڪيو، جنهن سان بر صغير هند و پاڪ جي تهذيب تمدن تاريخ دين ۽ ڌرم کي بي روح بنائي ڇڏيائون.

ان سلسلي ۾ خود ساخته مذهبي ۽ نيم مذهبي اصلاحي تحريڪون پيدا ڪري، هندن ۽ مسلمانن کي مذهبي پاڳل بنائي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيائون. اهڙين تحريڪن ۾ آريه سماج ۽ شڌي تحريڪ، ديانند سرسوتي ۽ شرڌانند هٿان پيا ڪيائون جن جي رد عمل ۾ احمديت پيدا ٿي. چناچه آريه ۽ شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن جي ازالي لاءِ ان دور جي خلافت تحرڪ انگريزن جي خلاف آزادي جي جوٽيل جنگ وارو محاذ ۽ رخ بدلائي خانه ساز تحريڪن جي مقابلي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ان طرح انگريزن، آزادي واري جدوجهد جو رخ ڦيرائي پاڻ کي بچائي ورتو.

ان طرح سياسي طور خلافت ۽ مسلم ليگ جي مقابلي ۾ هندو مها سڀا ۽ ڪانگريس پاريون تحريڪون به انگريزن جي اشاري سان وجود ۾ آيون، جن جي پاڻ ۾ اختلافي ڪشمڪش آزاديءَ جي جدوجهد کي پنجاهه سال پوئتي هٽائي ڇڏيو. ظاهر آهي ته اهڙي سازش پسند ۽ آزادي وطن جي دشمن حاڪم قوم پنهنجي مفتوح رعيت کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري، سونا ممڪن آهي.

 

ايسٽ اينڊيا ڪمپنيءَ کان اڳ نظام تعليم

 انگريزن کان اڳ برصغير هند و پاڪ جو تعليمي نظام ڇا هو، ان لاءِ خود انگريزن به اعتراف ڪيو آهي. هڪ محقق لکي ٿو:

”هي ظاهر آهي ته جڏهن انگريزن هن ملڪ تي قبضو ڪيو، تڏهن قومي تعليم جو سلسلو ڪافي طرح سان موجود هو. “ (تعليم هند ص 1)

ان سلسلي ۾ مسٽر لڊلو (Mr Lldlo) پنهنجي تاريخ ۾ برطانوي هند(British India)  ۾ لکيو آهي ته:

”مون کي يقين آهي ته هن ملڪ جي هر ڳوٺ ۾، جو ڪڏهن پنهنجي قديم شان ۽ شوڪت جو مالڪ هو، عام طرح سان ٻار لکڻ ۽ پڙهڻ ڄاڻندا هئا. خاص ڪري حسابن ۾ کين مهارت حاصل هئي. ليڪن اسان بنگال وانگر، جيئن ديسي سسٽم (Home System) فنا ڪيو آهي، تيئن مدرسا به فان ٿي ويا آهن.“ (تعليم هند ص 2)

پروفيسر مئڪس ميلر سرڪاري ڪاغذات جي بنياد تي لکي ٿو:

”انگريزن کان اڳ بنگال ۾ اسي هزار مڪتب ۽ مدرسا هئا يعني ان جي ٻي معنيٰ ته آبادي جي هر چاليهن ماڻهن لاءِ جدا مدرسو هو (تعليم هند ص 3)

ويونٽ وارڊ 1821ع ۾ بيان ڪيو آهي؛

”هي ملڪ ڊسٽرڪٽ اسڪولن سان ڀريل آهي، اتي هر ايڪٽيهين ٻارن لاءِ هڪ اسڪول آهي.“ (تعليم هند 3)

ان طرح ڪپتان اليگزينڊر هيملٽن جو اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ هندوستان ۾ آيو هو، تنهن پنهنجي سفر نامي ۾ سنڌ جي تعليمي نظام متعلق بيان ڪندي فقط هڪ شهر ٺٽي لاءِ لکيو آهي:

”شهر ٺٽي (سنڌ) ۾ چار سئو ڪاليج (مدراس عاليه) مختلف علوم ۽ فنون جا هئا.“

ان قسم جي حوالن مان چڱي طرح سان، واضع ٿو ٿئي ته انگريزن کان اڳ، هي ملڪ رڳو اڻ گهڙيو ڪاٺ ۽ جاهل محض نه هو هر هنڌ ننڍا وڏا مڪتب ۽ مدرسا ۽ پاٺ شالا ۽ مندر قائم هئا، جن ۾ تعليم جو پراڻو درس مروج هو. سنڌ ان قسم جي تعليم کان خالي نه هئي.

اليگزينڊر هيملٽن رڳو هڪ شهر ٺٽي ۾ 4 سئو ڪاليج بيان ٿو ڪري ڪاليجن مان مطلب يقيناً مدارس عاليه آهي، جن ۾ اعليٰ تعليم جو درس هلندو هو.

ان طرح برٽن، سنڌ جي تعليمي مرڪزن ۾ انگريز جي اوائلي دور سان وابسته سيوهڻ، ٺٽو، پاٽ، نصرپور، بکر، چوٽاريون، ٽپٽا شمار ڪيا آهن، جن ۾ اعليٰ تعليم جو انتظام هوندو هو، اڳتي هلي انگريزن آهسته آهسته انهن جي قدر و منزلت کي ڌڪ هنيو، ننڍا ننڍا مڊل اسڪول کولي، ملا اسڪولن جو ڄار وڇائي حروف شناسي ۽ قرآن جي ناظران تعليم تائين وڃي دنگ ڪيو، ان طرح سان مدراس عاليه نظام صفا ختم ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ ڊيوڪ آف ڊيون شاعر صفائيءَ ۽ سچائيءَ سان بيان ٿو ڪري:

”هيءُ نهايت غير دانشمندانه عمل ٿيندو، جو هن ملڪ جا رهواسي علم جي زيور سان سينگاريا وڃن! جديد تهذيب، جديد علم ادب ۽ جديد ترقي کان کين سيراب ڪيو وڃي. ۽ پوءِ کين اهو به چيو وڃي ته ملڪي معاملات ۾ حصي وٺڻ لاءِ ضروري آهي ته اول يورپين حڪمرانن کان نجات حاصل ڪريو.“ (تعليم هند ص8)

 

خطرو ۽ خوف

نيٺ تشدد ۽ عناد جي مقابلي ۾، جهالت جي ننڊ مان عوام ڪجهه پاسو بدلايو. عوام جي وڌندڙ جوش خروش، طلب ۽ تقاضا کي ڪمپني بهادر ’خطرو‘ ڪري تصور ڪيو. ان کان متائر ٿي لارڊ منٽو 1811ع ۾ هڪ ياداشت لکي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي موڪلي، جنهن لکيائين ته:

”تعليم زوال پذير آهي، هندن ۾ مسلمانن کي مذهبي ۽ ڌرمي تعليم نه ملڻ ڪري دوزخ گوئي خونريزي ۽ جعلسازيءَ جا ڪيس وڌي رهيا آهن تنهن ڪري تعليم وڌائجي ۽ ڪجهه ڪاليج قائم ڪجن قائم ڪجن، ۽ بجيٽ ۾ تعليم تي زياده خرچ ڪرڻ جي گنجائش پيدا ڪجي.“ (تعليم هند ص 45)

رپورٽ

 ان سفارش پهچڻ سان هڪ تعليمي ڪميٽي مقرر ٿي. جنهن مختلف عالمن شاهديون ڏنيون انهن ڇا ڇا چيو؟ اهو نهايت عبرت انگيز داستان آهي.

 سرٿامپسن ٽرٽن (Thompson Tirton) جي راءِ

 هائوس آف ڪامنس  (House of Commons)۾ سرٿامپسن ٽرئن تقرير ڪندي چيو:

”اوهان هندوستانين کي ڪهڙو فائدو ڏيندا؟ اوهان انهن جي ملڪ کي خراب ڪيو آهي ۽ انسانن کي برباد ڪيو آهي، بيشڪ پنهنجي ذاتي حفاظت لاءِ، اوهان انهن ماڻهن کي دوکي، دغا ۽ جهالت ۾ مبتلا ڪيو آهي!“ (تعليم هند ص5)

 

قانون

آخرڪار، گهڻي ڇڪتاڻ کان پوءِ 1937 ۾، ڪميٽيءَ جي سفارش تي، پارليامينٽ ۾، هڪ قانون پاس ٿيو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هندوستانين کي تعليم ڏيڻ جو مسئلو پيش ٿيو. ۽ هندستان جهڙي ملڪ لاءِ جنهن جو هر صوبو يورپ جي بيلجم، هالنڊ، هنگاري ۽ پورچوگال جيڏو آهي، ساليانه تعليمي خرچ فقط هڪ لک روپيه منظور ٿيو!

ستم ظريقي ملاحظه فرمايو ته اها رقم 1813ع کان 1823ع تائين پورا ڏهه سال عملي طور استعمال نه ڪئي ويئي. جنهن تي 1823ع ۾ آنريبل ايم. الفنسٽن ۽ آنريبل ايف. وارڊن ٻنهي ڄڻن گڏجي هڪ ياداشت گورنمنٽ کي موڪلي ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڏهن سالن جي منظور ٿيل رقم استعمال ڪئي ويئي.

 

ذريعه ۽ تعليم

انگريزن هڪ لک ساليانه خرچ منظور ڪري، حاتم طائيءَ جي سخاوت کي شہ ڏني هئي، مگر ان وقت تعليمي ذريعو فارسي ۽ سنسڪرت زبانون هيون. ان وقت اها تحريڪ شروع ٿي ته انگريزي زبان کي ذريعه تعليم بنائجي.

1829ع ۾ ايلگزنڊر ڊف چاهيو ته هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪجي، جنهن ۾ ذريعه تعليم انگريزي زبان هجي، مگر حڪومت اجازت نه ڏني ان کان پوءِ 1815ع ۾ دوباره ڪوشش ٿي.

 

لارڊ ميڪاليءَ جي مڪاري

جديد تعليمي تحريڪ جو سنگ بنياد 1835 ۾ پيو لارڊ ميڪالي جي زير صدارت هڪ تعليمي مجلس ويٺي، جنهن کي هي مسئلو طيءِ ڪرڻو هو ته آيا هندوستانين کي تعليم انگريزي زبان ۾ ڏجي، يا فارسي ۽ سنسڪرت ۾ ڏجي؟ مجلس ۾ خوب بحث هليو راءِ شماريءَ ۾ مخالف ۾ موافق سڀ برابر سرابر رهيا، ۽ فيصلو ڪونه ٿيو پر لارڊ ميڪالي، پنهنجو ڪاسٽنگ واٽ- انگريزي جي حق ۾ استعمال ڪيو، ۽ هندوستان جي بدبختيءَ ۽ غلامي تي هيءَ نوٽ لکيو:

”اسان کي هڪ اهڙي جماعت بنائڻ گهرجي، جا اسان ۾ اسان جي ڪروڙها افراد رعيت ۾ ترجماني جا فرائض بجا آڻي سگهي ۽ اها جماعت اهڙي هئڻ گهرجي جا خون ۽ رنگ جا لحاظ سان ڀلي هندوستاني هجي پر مذاق ۽ راءِ ۽ الفاظ ۽ سمجهه جي اعتبار کان انگريزي هجي.“ (تاريخ تعليم، از ميجر باسو ص 77 ۽ 87)

اهي آهن اغراض ۽ مقاصد، جديد تعليم جي سنگ بنياد جا جن تي تعليمي نظام جي تعمير ڪئي وئي، جا اڄڪلهه عرض پيما آهي. ان جا اثرات اڄ به بر صغير هند و پاڪ ۾ موجود آهن.

 

عيسائيت جي تبليغ

ان دور ۾ عيسائي مبلغ پادري، جي ساري بر صغير هندو پاڪ کي عيسائي بنائڻ جا خواب لهي رهيا هئا سي استادن جي حيثيت سان، هاءِ اسڪولن، توڙي ڪاليجن ۾ داخل ٿيا، مسلمانن کي ان کان ٽهڻ ۽ جديد تعليم کان نفرت جو پهريون وڏو سبب اهو پيدا ٿيو. جڏهن ته هندو هڪ نسلي سوسائٽي آهي تنهن ڪري انهن ڌرم ڪرم جي سوال کي ڇڏي پوري طرح انگريزن سان تعاون ڪيو، پادري ان تي ڏاڍو خوش ٿيا سندن خوشي جو اندازو ان تعليمي ڪميٽي جي رپورٽ مان لڳائي ٿو سگهجي، جا 1831ع ۾ هشت ساله رپورٽ جي نالي شايع ڪئي ويئي هئي، ان ۾ لکيو ويو آهي ته:

”هندو ڪاليجن ڏي توجهه ۽ تعاون ڪرڻ اسان جو مکيه فرض آهي ان مان اميد افزا نتيجا نڪرندا جي نتيجا هينئر نڪرندا آهن، سي مفيد آهن.

انگريزي زبان جي واقفيت سان گڏ اخلاقي ترقي جا آثار به نمايان ٿيا آهن. وڏن خاندانن جي نوجوانن ۾ هندو مذهب جي بندش کان آزاد ٿيڻ لاءِ بيزاري ۽ بيقراري پيدا ٿي چڪي آهي هو پنهنجن رسمن کان بيزاريءَ جو اعلان، ظاهر ظهور ڪري رهيا آهن، غالباً ٻئي نسل ۾ ڪلڪتي جي هندن جي خيالت ۽ محسوسات ۾ وڏي مادي تبديلي ٿيندي.“

(تاريخ تعليم از سيد محمود ص 35)

ان طرح سر فريڊرڪ هيليڊيءَ 1853ع ۾ شاهدي طور ٻڌايو ته:

”مان سمجهان ٿو ته هندو ڪاليجن ۾ انجيل جي تعليم ايتري گهڻي آهي جو انگلنڊ جي ڪنهن پبلڪ اسڪول ۾ ڪانه هوندي!“ (روشن مستقبل از طفيل احمد بنگلوري ص 139)

مطلب ته ان دور ۾ انگريزي تعليم گاهون عيسائيت لاءِ تبليغي مرڪز بنجي چڪيون هيون. تنهن ڪري مسلمانن تعليمي مفاد کي پنهنجي ديني ۽ قومي مفاد تي ترجيح نه ڏني ۽ پاسيرو رهڻ شروع ڪيائون.

 

صوبائي زبانون

1831ع ۾ مرڪزي گورنمنٽ صوبائي حڪومتن کي حڪم موڪليو ته هو سرڪاري طور پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ اتي جي صوبائي زبانن کي اهميت ڏين ۽ فارسي زبان خارج ڪن. فارسي زبان انگريزن ۽ آخري مغل حڪومت جي معاهدي موجب اڃا تائين دفتري زبان هئي. چنانچه انگريزن عهد شڪني ڪري سڀني صوبائي زبانن کي اهميت ڏياري، ۽ فارسي خارج ٿي. ان طرح گويا ساري بر صغير کي، لساني بنيادن تي ورهائي ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. نتيجو اهو نڪتو جو بر صغير هند و پاڪ جي صوبن ۾ هڪ نئون مسئلو پيدا ٿي پيو جنهن تي هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪافي اختلاف پيدا ٿيا.

هن کان اڳ بر صغير هندو پاڪ جو سڀ تحريڪون، جي اجتماعي طور ٿينديون هيون، سي هاڻي صوبائي سطح تي بلند ٿيڻ لڳيون ۽ هر صوبي ۾ اڪثريت ۽ اقليت کي پاڻ ۾ ويڙهائي وڌائون.

 

ملازمت لاءِ لياقت

 10 آڪٽومبر 1844ع ۾، لارڊ هارڊنگ هڪ حڪمنامو ڪڍيو ته سرڪاري ملازمت لاءِ انگريزدان کي ترجيح ڏني وڃي. هي حڪم عين ان وقت ڏنو ويو جڏهن بر صغير هندو پاڪ جا مسلمان مفلوڪ الحال ۽ معاشي تنگي جو شڪار ٿي چڪا هئا. لاچار مسلمانن ملازمت ۽ پيڙ گذر لاءِ انگريزي تعليم وٺڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي پر جڏهن اسڪولن ۾ عيسائيت جي تبليغ ڏٺائون تڏهن ڪلڪتي جي مسلمانن ساري ملڪ جي مسلمانن پاران دانهون ڪيون سرڪار وٽ احتجاج ڪيائون ته سرڪار جا لکها روپيا عيسائيت جي تبليغ لاءِ خرچ ٿي رهيا آهن، جنهن تي پارليامينٽ حڪومت هند جي طرفداري ڪندي غير جانبداري جو اعلان ڪيو جو اعلان برائي نام هو.

 

سرچالس ٽريويلين (آءِ. سي. ايس) جو بيان

28 جون 1853ع تي سرچالس هائوس آف ڪامنس ۾ هڪ بيان پڙهيو، جنهن ۾ ٻڌايائين ته:

”1835ع جي ٺهراءُ موجب سرڪاري ادارن ۾ انگريزي ڪتب خانا ۾ قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ انجيل مقدس پڻ رکيل آهن. ڪاليجي ڪتابن ۾، انجيل جا حوالا به آهن ۽ ان کان علاوه ڪيترا مضمون، عيسائيت متعلق پڻ رکيل آهن، جنهن مان نتيجو اهو نڪتو آهي، جو تعليم يافته هندو ڪاليجي شاگرد، عيسائي مذهب قبول ڪيو آهي، تن جو تعداد عيسائي ڪاليجن جيترو آهي.“ (تاريخ تعليم، از سيد محمود ص 66- 67)

 

مدراس جو احتجاج

عيسائيت جي تبليغ جي خلاف دير سان هندن پڻ اکيون پٽيون. مدراس جي هندن سخت احتجاج ڪيو. 1852 ۾ هڪ عرضداشت، گورنر صاحب مدراس کي موڪلي وئي، جنهن ۾ هندن ۽ مسلمانن گڏجي حصو ورتو.

 

1857ع جي جنگ آزادي

 انهن حالتن هيٺ اهڙي ايذائيندڙ ماحول ۾، 1857ع ۾ آزاديءَ جي پهرين جنگ لاءِ هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪوشش ڪئي جنهن کي انگريزن، غدر، بغاوت ۽ بلوو تصور ڪيو تاريخن ۽ درسي ڪتابن ۾ به بغاوت ڪري لکايائون.

ان آزاديءَ جي پهرين جنگ جي ناڪاميءَ جا اسباب ڪهڙا هئا، اهو هڪ نئون تفصيل طلب بحث آهي، ان طرح ان جنگ ڪرڻ جا اسباب ڪهڙا سي تاريخن ۾ موجود آهن. نتيجو اهو نڪتو جو بالاآخر حڪومت برطانيه ۽ عيسائي مبلغن اهو رايو ڏنو ته:

”ان بغاوت جا باني فقط مسلمان آهن. هندو رڳو ڪن هنڌن تي، هنگامي حالتن هيٺ شريڪ ٿيا آهن.“

(تاريخ تعليم سيد محمود ص 75)

چنانچه هير نگٽن ٽامس لکيو آهي ته:

”مون بيان ڪيو آهي ته ’بغاوت ۽ غدر‘ (1857ع) جا باني هندو ناهن اها مسلمان خليفه اول (ترڪي) جي وقت کان اڄ تائين مغرور غير روادار ۽ ظالم رهندا آيا آهن.

سندن مقصد اسلامي حڪومت جو قيام (پاڪستان) آهي، کين عيسائيت لاءِ نفرت آهي. هو ڪنهن به غير مسلم حڪومت لاءِ وفادار رعايا ٿي نه ٿا سگهن ۽ قرآني احڪامات جي موجودگيءَ ۾ اهو قطعاً ناممڪن آهي.“

(حڪومت خوداختياري ص 55 56)

رد عمل: 1857ع جي ان جنگ آزاديءَ جو رد عمل ڇا ٿيو؟ پس مانده ۽ مفلوڪ الحال مسلمانن جي باقي رهيل وقار ۽ قوت کي ختم ڪيو ويو. سندن بچيل ملڪيتون ضبط ڪيون ويون ۽ سوين بي گناهه مشهور عالم (قريبا ست سئو) ڦاسي تي چاڙهيا ويا. مولانا فضل حق خير آباديءَ کي انڊمان ٻيٽن ڏانهن ڪاري پاڻي جي سزا لاءِ اماڻيو ويو، جنهن وڃي ان ٻيٽ کي سڀ کان اول آباد ڪيو، چنانچه سر آڪلنڊ، گورنر صوبه متحده (يو. پي) فرمايو آهي.

”غدر ناڪامياب ٿيڻ کان پوءِ، اسان مسلمانن کان سخت انتقام ورتو، تان جو مسلمانن ۽ انگريزن جي وچ ۾ مصالحت جي اميد هميشه لاءِ ختم ٿي ويئي.“ (روشن مستقبل از طفيل احمد بنگلوري ص 153)

نتيجو اهو نڪتو جو خاندان جا خاندان جيلن ۾ وڌايا ويا. مسجدون ۽ درسگاهون ناس ڪيون ويون، مسلمانن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون مسلمانن کي نوڪرين کان جواب ڏنو ويو، تاجر پيشه مسلمانن کي ڊوهه ۽ رشوت ۾ قابو ڪري سزا ياب ڪيو ويو، عالمن ۽ ليڊرن کي جيل ۾ نپوڙيو ويو، شاهي خاندان کي بلڪل تباهه ڪيو ويو، شهنشاهه هند ظفر کي قيد ڪري، سندس شهزادن کي سندس موجودگيءَ ۾ گوليون هڻي ماري، سندن خون وحشي انگريز ڪمانڊر پيتو! بهرحال، مسلمانن کي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ تباهه ۽ پائمال ڪيو ويو.

 

مسلمانن جو اعتراف

هندوستاني مسلمانن جي عملي، سياسي، انتظامي ۽ اخلاقي لياقتن جو اعتراف خود انگريزن کي به هو. ان سلسلي ۾ هينري هرنگٽن ٽامس لکيو آهي:

”بيشڪ، تعليمي ذوق ۽ ذهني صلاحيت جي اعتبار کان مسلمان هندن کان وڌيڪ لائق فائق آهن نسبتاً هندو، انهن جي اڳيان ’طفل مڪتب‘ آهن، منجهن ڪارگذاري جي اهليت زياده آهي تنهن ڪري سرڪاري ڪمن ۽ ملڪي معاملن جي تمام گهڻي واقفيت آهي ان ڪري انهن جي راءِ کي گهڻي اهميت ۽ واقفيت حاصل آهي.“ (تعليم هند باسو ص 59)

 

ٿامس آرنولڊ جي تعليمي رپورٽ

ٿامس آرنولڊ صوبه پنجاب جي تعليمي رپورٽ مرتب ڪئي هئي. ان به ان طرح مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ جو اعتراف ڪيو آهي، لکي ٿو ته:

”تعليم ۽ تدريس جي نقطهء نظر سان ميدان مسلمانن جي هٿ ۾ آهي. ۽ اسڪولن ۾ مسلمانن شاگرد گهڻائيءَ ۾ آهن.“ (تعليم هند ص 60)

 

انتقام جو نتيجو

انگريزن، مسلمانن کي تعليمي ۽ اقتصادي طرح سان اهڙو ته تباهه ڪيو، جو مسلمان هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. ڊاڪٽر هنٽر پنهنجي ڪتاب مسلمانان هند ۾ لکيو آهي:

”1879ع ۾ ڪلڪتي ۾ مشڪل سان ڪو سرڪاري دفتر پر جي ڪو نظر ايندو ته پوءِ اهو هوندو، چپڙاسي، پٽيوالو يا ٽپالي ۽ انهن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ملازمت ملڻ جي اميد مسلمانن کي ڪانه هئي.“

 

ملازمت کان جواب

انگريزن ملازمت لاءِ انگريزي تعليم کي لازمي بنايو ۽ اڳتي هلي ان کي ملازمت جو معيار قرار، مسلمانن نهايت تڪليف سان انگريزي ڏانهن رجوع ڪيو، ڏٺائون ته هاڻي رزق جو دروازو به بند ٿي چڪو آهي مگر انگريزي پڙهڻ کان پوءِ به کين ملازمت کان جواب ملندو رهيو.

سر ويلم هنٽر، ڪلڪتي جي هڪ فارسي اخبار مورخه 14 جولاءِ 1869 جي حوالي سان لکيو آهي.

”سندربن جي ڪمشنر، گورنمينٽ گزيٽ ۾ اعلان ڪيو هو ته: ”جي به ملازمتون خالي ٿين، انهن تي ’هندن‘ کان سواءِ ٻي ڪنهن به قوم جا ماڻهو مقرر نه ڪيا وڃن.“ (مسلمانان هند از هنٽر ص 72)

ان خبر جي ترديد گورنمينٽ هند ڪڏهن به نه ڪئي. ان کان پوءِ سر ويلم هنٽر لکي ٿو ته:

”مسلمان هاڻي ايترو ته هيٺ ڪري چڪا آهن، جو باوجود ملازمت جي لائق هجڻ جي به کين ملازمت ڪانه ٿي ملي! سرڪاري اعلانن موجب خاص احتياط سان مسلمانن لاءِ ملازمت جا دروازا بلڪل بند ڪيا ويا آهن: انهن جي بيڪسيءَ ڏانهن ڪو به توجهه ڪو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اعليٰ حڪام انهن جي وجود کي تسليم ڪرڻ پنهنجي شان گهٽتائي ٿا سمجهن!“ (مسلمانان هند، سر وليم هنٽر ص 158، روشن مستقبل 159)

  

مظلومانه درخواست

اها قوم، جنهن هڪ هزار سال برصغير هند و پاڪ تي بادشاهي ڪئي، تنهن لاءِ عرصه حيات تنگ ڪيو ويو. هنٽر اوڙيسا جي مسلمانن جي هڪ درخواست جو مضمون نقل ڪيو آهي جا مسلمانن نهايت مظلومانه انداز ۾ گورنر صاحب کي موڪلي هئي. ان جو خلاصو هن طرح آهي.

”بحيثيت وفادار رعايا به حضور ملڪہ معظمہ عرض ته اسان مسلمانن کي به سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ جو حق آهي اصل ۾ حقيقت هن ريت آهي ته هن ملڪ جا مسلمان ايتري قدر ته پيسجي چڪا آهن جو هاڻي انهن جي اڀرڻ ۽ اسرڻ جي ڪابه اميد باقي نه رهي آهي!

اسان مسلمان نسل جي اعتبار کان شريف آهيون ۽ پيشي جي اعتبار سان غريب آهيون.

حقن جي حيثيت سان اوهان جي جائز سرپرستيءَ کان محروم آهيون.

اسان جي حالت ان مڇي وانگر آهي، جا پاڻي کان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏجي!

هيءَ اسان جي اها بد حالت آهي، جا اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون... اسان کي اميد آهي ته رنگ ۽ ملت جي لحاظ کان سواءِ سڀني قومن سان هڪجهڙو برتاءُ ڪيو ويندو.

سرڪاري ملازمتن مان خارج ٿيڻ کان پوءِ اسان جي مفلسي ۽ مايوسي ان درجي تي پهتي آهي، جو اسان کي ويهه رپيه ماهوار به ڏنا وڃن، ته پوءِ ان لاءِ اسان دنيا جي سڀ کان دور دراز مقامات تائين روزگار لاءِ سفر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. حتيٰ ڪه هماليه جي برف بار چوٽين تي به چڙهڻ لاءِ تيار آهيون! سائيبريا جي ويران ۽ سنسان بيابانن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ تيار آهيون!“ (مسلمانان، وليم هنٽر ص 175-176) ۽ روشن مستقبل، از طفيل احمد بنگلوري ص 159- 170)

هيءَ دلگداز درخواست ان دور جي مسلمانن جي خسته حاليءَ جي هڪ تاريخي ۽ اهم حقيقت آهي اهو حال ساري برصغير هند و پاڪ جو هو. مسلمان هر هنڌ دربدر رکيا ويا. هرهنڌ مسلمان کي ڌڪاريو ويو، ۽ کانئن 1857ع جو دل کولي انتقام ورتو ويو.

 

ٻه ٽي رايا

حقيقت هيءَ آهي ته بقول آنريبل امبڪارچرن صاحب موزمدار.

”گورنمنٽ هند پنهنجي عملداريءَ جي ابتدائي زماني ۾، مسلمانن جي مقابلي ۾ هندن کي تمام گهڻو نوازيو ۽ وڌايو، ڇو ته حڪومت کي اهو خوف هوندو هو ته اسان حڪومت به ته مسلمانن کان کسي آهي! لهذا، حڪومت کسڻ جي طاقت به رڳو مسلمانن ۾ ئي آهي.“

اها واقعي حقيقت هئي ته هزار ساله حڪومت به مسلمانن جي هٿان وئي هئي. باوجود هندن جي مقابلي ۾، مسلمان اٽي ۾ لوڻ جي مثال هئا، ان ڪري لازمي طرح سان مسلمانن غيرت ۽ جدوجهد جي جنگ ۾، پاڻ کي اڇلائي وڌو، پر ڪن غدارن جي غداريءَ جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيا.

سندن اهو ’جرم عظيم‘ ڪڏهن به معاف ڪرڻ جهڙو نه رهيو ان ڪري مسلمانن جي اقتصادي ۽ معاشي زندگي قريب قريب ختم ڪئي ويئي، ته ٻئي طرف انهن کي تعليم ۽ تربيت کان محروم رکيو ويو تان جو جڏهن انگريزن کي خوف ٿيو ته مبادا، اسان جي ڪم توجهيءَ ۽ غفلت جي ڪري مسلمان وري بغاوت لاءِ آماده ٿين تنهن ڪري پنهنجي نسلي مڪارين کي مد نظر رکي، مسلمانن جي مٿي تي هٿ گهمائڻ شروع ڪيائون.

چنانچه، 13 جون 1873ع ۾ وائسراءِ هند هڪ طول طويل ٺهراءُ بحال ڪيو، جنهن ۾ خاص طرح سان بيان ڪيو ويو:

”مسلمان، گورنمنٽ جي نصاب ۽ مضمونن ۽ ڪتابن ۽ درسيات جا مخالف ناهن، پر هو نظام تعليم جي خلاف آهن، ۽ ’ذريعهء تعليم‘ سان اختلاف رکن ٿا!“ (تاريخ تعليم: سيد محمود ص 151)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org